سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1988ع (3)

 

صفحو :8

”نور جهان“ ناول جو جائزو

عبدالقيوم ”صائب“

 

        جهڙيءَ طرح ڊاڪٽر گربخشاڻي سنڌي ادب جي هڪ اهم شخصيت ليکي وڃي ٿي، اهڙيءَ طرح هن جي هرهڪ تحرير کي وڏو مان ۽ بلند مرتبو ڏنو وڃي ٿو. ناول ”نورجهان“ هن جي پهرين تحرير آهي، جيڪا ڪتابي صورت ۾ پهريون ڀيرو 1915ع ۾ ڇاپجي پڌرو ٿي. جنهن لاءِ سنڌي جو ٻيو لائق ليکڪ منگهارام ملڪاڻي لکي ٿو؛ ”هن دور جو ٻيو اهم ناول هو ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻيءَ جو ”نورجهان“ (1915ع)، جو سنڌيءَ ۾ پهريون اصلوڪو لکيل تاريخي ناول هو. جيتوڻيڪ ڪن جو چوڻ آهي ته اهو سردار جوگيندر سنگهه جي اردو قصي جي آڌار تي کيل هو (1)“. ملڪاڻيءَ جي هن دعويٰ تي اڳتي هلي تنقيد ٿي آهي، جنهن جي جواب ۾ ٿيل تنقيد کي قبول ڪندي، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي لکي ٿو، ”پروفيسر ملڪاڻيءَ جي بيان مان لڳي ٿو ته کيس ’نورجهان‘ ناول جو پهريون ڇاپو نظر نه آيو آهي (2).“ ڊاڪٽر مرليڌر جو هي طرفداريءَ وارو بيان به ڪونه ٿي بيهي، ڇاڪاڻ جو ملڪاڻي پاڻ ٿو چوي ”سنڌي ناول به جڏهن کان ڇپجڻ شروع ٿياتڏهن کان پئي پڙهيا اٿم (3)“. هاڻي جيڪو ماڻهو شروع کان وٺي ناول پڙهندو رهيو آهي، تنهن جي نظر مان ’نورجهان‘ جو پهريون ڇاپو، جيڪو خود ملڪاڻيءَ جي ڏينهن ۾ ڇاپيو ويو، سو نه گذريو آهي، سا ڳالهه دل سان ئي نٿي لڳي. خاص طور تي ان صورت ۾ جو خود ملڪاڻي اها ڳالهه ڪري ئي ڪونه ٿو ته هي پهريون ڇاپو نه ڏٺو آهي. اصل ۾ ملڪاڻي پڻ طرفداريءَ کان ڪم ورتو آهي، پر زماني اڳتي هلي ان طرفداريءَ جي قلعي کولي ڇڏي جڏهن لالسنگهه اجواڻيءَ لکيو، ”گربخشاڻيءَ سنڌي ادب ۾ پنهنجي پهرين ڏيکائي 1915ع ۾ ’نورجهان‘ ناول لکڻ سان

 

ڏني، جيڪو سردار جوگيندر سنگهه جي ساڳئي نالي واري انگريزي ۾ لکيل ناول جو نقل هو (4)“. ان ڏس ۾ گربخشاڻي ڳالهه کي صاف ڪندي ڇڏيو آهي. هو پنهنجي ناول جي ’منڍ‘ ۾ لکي ٿو، ”ٿورا ورهيه ٿيا ته مشهور سردار جوگيندر سنگهه پٽيالي رياست جي اڳوڻي وزير نورجهان جو قصو انگريزي ٻوليءَ ۾ آڻي ’ايسٽ ائنڊ ويسٽ‘ مخزن ۾ درج ڪيو هو. هي ڪتاب انهيءَ طرز تي ٻڌل آهي، مگر ان جو رڳو لفظي ترجمو نه آهي. اصل حوالا جهڙوڪ تاريخ فرشته، منتخب التواريخ، اقبالنامه، تزڪ جهانگيري، ٽاڊ صاحب راجستان وغيره نظر مان ڪڍيا ۽ ڀيٽيا ويا آهن، ۽ ضروري ڦيرڦار ڪري جيتريقدر ٿي سگهيو آهي اوتريقدر نورجهان ۽ جهانگير جي سچي تاريخ ڏني وئي آهي (5)“. ان مان ظاهر آهي ته ناول ’نورجهان‘ اصل ۾ جوگيندر سنگهه جي انگريزي ناول تان ورتل آهي، پر ان ۾ گربخشاڻيءَ پنهنجي پاران ضروري ڦيرڦار ۽ چٽسالي ڪئي آهي. مطلب ته اجواڻيءَ جيڪا نشاندهي ڪئي آهي سا پنهنجي جاءِ تي مناسب ۽ صحيح آهي.باقي رهي اها ڳالهه ته ان ناول ۾ سچي تاريخ ڏنل آهي سا ڳاله تاريخي روشنيءَ ۾ هروڀرو سڄي جا سڄي ڪانهي، ڇاڪاڻ جو شيرافگن جي موت، نورجهان جي ڪبوترن اڏائڻ ۽ ٻين ڪيترين ڳالهين تي سمي پئي ڪافي ڇنڊڇاڻ ٿي آهي، جنهن مان ظاهر آهي ته عام مشهور قصي کي ناول جي صورت ڏني ويئي آهي ۽ بس. بهرحال ڪتاب کي سچي تاريخ جي حيثيت سان نه، پر هڪ اهڙي ناول جي حيٿيت سان پرکبو، جنهن جي پس منظر ۾ عام تاريخ عوامل ۽ قصن جو هٿ آهي. ٻي ڳالهه هيءَ آهي ته ’نورجهان‘ کي ناول جي جديد فني ٽيڪنڪ جي ڪسوٽيءَ ۽ معيار تي به ڪونه پرکبو، ڇاڪاڻ جو ڪنهن وقت سنڌي ادب ۾ ناول ايتري ترقي ڪانه ڪئي هئي جيتري هن وقت ڪئي آهي. البت هڪ بلند پايه ادبي شخصيت جي انڌي عقيدت کي پاسيرو رکي ’نورجهان‘ ناول جو اڀياس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. ان سلسلي ۾ هيءَ ڳالهه به ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته گربخشاڻيءَ جي اها وائلي ڪوشش هئي، جنهن تي هن پهريائين ’جوت‘ جي مهتمم پرمانند کان اصلاح ورتي ۽ ٻئي ڇاپي. (1930ع) تي وري ڊاڪٽر عمر الدين دائودپوٽي ۽ شفيع محمد قريشيءَ کان اطلاغ ورتي. ان سلسلي ۾ گربخشاڻيءَ جو پنهنجو اعتراف پيش ڪجي ٿو ته جيئن وڌيڪ غلط فهميءَ جي گنجائش نه رهي. هن پهرئين ڇاپي جي منڍ ۾ لکيو آهي، ”آءٌ پنهنجي دوست مسٽر پرمانند ميوارام مهتمم صاحب ’جوت‘ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي سچي سڌارڪ جو دلي شڪرگذار آهيان جو هن صاحب مهرباني ڪري هن ڪتاب جو دستخط نسخو نظر مان ڪڍي ڪٿي ڪٿي اکري ۽ اصطلاحي ڦيريون ڦاريون ڪيون ۽ پڻ ڇاپي جون غلطيون درست ڪيون (6)“. وري ٻئي ڇاپي (1930) جي منڍ ۾ لکي ٿو، ”آءٌ پنهنجي مشفق دوستن ڊاڪٽر عمر الدين دائودپوٽي ۽ شفيع محمد قريشيءَ جو نهايت شڪرگذار آهيان، جو هنن صاحبن مهرباني فرمائي، هي ٻيو ڇاپو نظر مان ڪڍي، گهڻيئي لفظي ۽ اصطلاڻي ڦيرڦاريون ڪيون آهن ۽ پڻ ڇاپي جون غلطيون درست ڪيون آهن. (7)“. هن وري ٽئين ڇاپي (1940ع) جي منڍ ۾ لکيو، ”هن ٽئين ڇاپي ۾ ڪابه ڦير گهير نه ڪئي ويئي آهي.“ هو وڌيڪ لکي ٿو، ”هن ڪتاب کي هڪ تاريخي ناول يا فسانو ڪري سمجهڻ گهرجي، ۽ نه نورجهان ۽ جهانگير جي سچي سوانح عمري.“

 

        ”سرشٽيءَ جي نرمل نظارن جا داستان، قدرتي ۽ انساني حسن جي جلوي جون حڪايتون، مجلسن ۽ محفلن جي رونق جون روايتون، جي ڪتاب ۾ جاءِ بجاءِ نظر اينديون، سي اڪثر من گهڙت آهن. (8)“.

        هن ڪتاب ۾ جيڪو قصو کنيو ويو آهي تنهن تي تورهء چنگيزي‘ ۽ هندي دستور خاص طور تي راجپوت تهذيب جو اثر نمايان آهي، البت ايراني تهذيب پڻ ان ۾ وچڙيل نظر اچي ٿي.

        هن ناول جا مکيه ڪردار اڪبر اعظم، جهانگير، شير افگن ۽ نورجهان آهن، جن مان اڪبر ۽ جهانگير تي چنگيزي ۽ راجپوت تهذيب جو اثر نمايان آهي، مگر شير افگن ۽ نور جهان تي بنيادي اثر ايراني تهذيب جو آهي.

        اڪبر هڪ ڪامياب ۽ ڏاهو بادشاهه ٿي گذريو آهي، تنهن کي جڏهن جهانگير ۽ مهر النساءِ جي قرب جي خبر پئي، تڏهن هنن جي شادي ڪرائڻ لاءِ تيار ٿيو، پر غياث بيگ جي مرضيءَ ۽ منشا سان. ان ڳالهه کي گربخشاڻي اجهو هن ريت ٿو پيش ڪري: اهو ابو الفضل سان ڳالهائيندي چوي ٿو، ”اڃا رات راڻيءَ مون سان هن ڳالهه جو ذڪر ڪيو آهي. بيشڪ! مهر النساءِ سونهن جي کاڻ آهي. شڪ نه آهي ته ان جي الفت سليم کي ڪپر جي ڪن مان ڪڍي، سنئين مارڳ تي آڻي. پر خبر نه آهي ته مرزا عياث بيگ جي ڪهڙي مرضي آهي. زبردستي آءٌ هن کان ڪجهه به نه ڪرائيندس، مگر جي پنهنجي رضا ۽ خوشيءَ سان مهرالنساءِ کي سليم سان پرڻائي ڏيندو ته آءٌ نهايت خوش ٿيندس.“ ان بعد غياث بيگ کي گهرايو وڃي ٿو، جيڪو انڪار ٿو ڪري ۽ ٻڌائي ٿو ته هن اڳ ۾ ئي سڱ علي قليءَ سان ڪيو آهي سو جي راضي ٿيو ته شهزادي کي سڱ ڏيندس، پر علي قلي ان تي راضي نٿو ٿئي، تنهن تي اڪبر ٿو چويس، ”منهنجي مرضي ٻي هئي، پر ٺهيو. وڃ، وڃي هڪدم شادي ڪري ڇڏ.“

 

        اڪبر هڪ پاسي اهو حڪم ڏنو ۽ ٻئي پاسي ابوالفضل جي صلاح سان، شهزادي سليم کي اڌيپور جي راڻي جيڪو فساد کڙو ڪيو هو، تنهن کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ جنگ ۾ رنڀائي ڇڏيو ته جيئن جيسين لڙائي پوري ٿئي، تيسين مهر النساءِ جي شادي به ٿي وڃي ۽ شاديءَ جو ٻڌي شهزادو انهيءَ ڪردار کي گربخشاڻي سادن مگر سهڻن لفظن ۾ چٽيو آهي، جن مان اڪبر جي شخصيت نه رڳو شفيق پيءُ جي حيثيت ۾ اڀري ٿي، پر هڪ باتدبير بادشاهه پڻ نظر اچي ٿو. ان مان ظاهر آهي ته گربخشاڻيءَ اڪبر جو ڪردار جو سٺي نموني ۾ چٽيو ۽ اڀاريو آهي.

       

ٻيو مکيه ڪردار آهي جهانگير جو. اهو هڪ عام رايو آهي ته گربخشاڻيءَ جهانگير جي ڪردار سان انصاف ڪونه ڪيو آهي. ان بابت ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي لکي ٿو، ”جهانگير جو ڪردار به جيتوڻيڪ چڱيءَ طرح اڀاريل آهي، تڏهن به ساڻس پورو انصاف نه ڪيو ويو آهي. کيس عياش ۽ عاشق جيئڙو ڏيکارڻ ۾ ته ڪين گهٽايو اٿس، پر سندس خوبين کي ايڏو نروار نه ڪيو اٿس، جو هو هڪ انصاف پسند، بهادر سپهه سالار ۽ قابل حڪمران ٿي اسان جي آڏو اچي، جنهن کان هو مشهور هو.“ انهيءَ ڪردار جي باري ۾ پرم ابيچنداڻي لکي ٿو، ”’نورجهان‘ ناول جا ڪردار اهڙو ته سڀاويڪ نموني ۾ پيش ٿا اچن، ڄڻ چاٻين وارا رانديڪا آهن يا گڏا گڏيون آهن، جي ڳالهائي نٿا سگهن پر لکيڪ ئي هنن طرفان ڳالهائيندو ٿو رهي، نه ته ليکڪ جيڪر هندستان جي بادشاهه کان اسٽريٽ روميو جا ڊائيلاگ ڪيئن چوائي سگهي ها يا درٻار جي آدابت کي پاسيرو ڪيئن رکي سگهي ها! عجب کان وڌيڪ کل جي ڳالهه ته اها آهي جو لکيڪ جڏهن شهنشاهه جهانگير کي سياهه جذبن ۾ لپيٽي، هن کان ڪي مجنونءَ وارا ڊائلاگ ٿو چوائي، تڏهن هن جي ڪردار کي ڀڃي ڊاهي ٿو ڇڏي. ڪردار کي سياهه جذبن ۾ لپيٽڻ جي به ڪا ٽيڪنڪ ٿيندي آهي، ان ۾ انٽيسٽي ٿيندي آهي جا اڪثر اسان کي  رومانوي ناول ۾ ملي ٿي ۽ اها ٽيڪنڪ گربخشاڻيءَ وٽ نه آهي، جيڪا جذبي کي گرم ڪندي چرم سيما تي پهچائي.“

        وري جڏهن جهانگير، اڪبر اعظم کي خط لکي ٿو ته نڪي پيءُ ۽ نڪي بادشاهه وانگر خطاب ٿو ڪريس. ڇا جهانگير کي ڪا ترتيب ئي ڪانه مليل هئي؟ ظاهر آهي ته ائين ڪونه هو. هڪ رواجي انسان به جڏهن پنهنجي والد کي خط لکندو آهي، تڏهن ”والد بزرگوار“ وغيره جهڙا تخاطبي الفاظ ضرور لکندو آهي. هتي ته جهانگير کي رواجي ماڻهوءَ کان به گهٽ ڪري ڏيکاريو ويو آهي، جا ڳالهه هڪ طرف گربخشاڻيءَ جي ڪچي ذهنيت جي نشاندهي ڪري ٿي ۽ ٻئي طرف ڏيکاري ٿي ته هن جو مسلم بادشاهه ۽ تاريخ ڏانهن ڪهڙو نه هلڪو رويو هو. هتي خط جي عبارت جي شروعات ڏجي ٿي تاڪ ڳالهه وڌيڪ صاف ٿي بيهي:

       

”شهزادي کي هيءَ صلاح بلڪل پسند آئي ۽ کڻندي ئي ڪاغذ ۽ قلم هن ريت خط لکيائين:

        مهرالنساء، مرزا غياث بيگ جي ڌيءَ، جنهن جهڙي خوبصورت ۽ شيرين شمايل ڪنيزڪ خدا نه جوڙي آهي ۽ نه جوڙي سگهندو، تنهن جي محبت ۾ دل گرفتار ٿي ويئي اٿم........“

        اهڙيءَ صورت ۾ اهو رايو صحيح آهي ته گربخشاڻيءَ جهانگير جي ڪردار سان انصاف ڪونه ڪيو آهي ۽ محترم ڊاڪٽر غلام علي الانا جي انهيءَ چوڻ ته’نورجهان‘ ۾ ”ڪردار نگاري نهايت ئي دلڪش ۽ وڻندڙ انداز ۾ پيش ڪيل آهي“، سان متفق ٿو ٿي سگهجي.

        ٽيون ڪردار آهي خود نورجهان جو. هوءَ جڏهن شهزادي سليم جي قرب ۾ قابو ٿي وڃي ٿي ۽ ان سان گڏ ڏسجي ٿي پوي، تڏهن راڻي جوڌا ٻائيءَ جي پيرن تي ڪري چوي ٿي، ”رحمدل راڻي! منهنجي وينتي ٻڌ. يقين اٿم ته تنهنجي دل منهنجي مائٽن جهڙي سخت نه آهي. سليم مون کي دل و جان سان پيار ٿو ڪري ۽ آءٌ به کيس ائين ئي پيار ٿي ڪريان. خدا گواه آهي ته مون سان ڪابه بيجاءِ هلت نه ڪئي اٿس. معاف ڪجانءِ جو هئن لڄ لاهي، پنهنجي محبت جو اظهار ڪيو اٿم، پر لاچاريءَ ۾ ڪي به روا آهي، آءٌ وري وري ٿي چوان ته شهزادي کي آءٌ سچيءَ دل سان پيار ٿي ڪريان.“ هن قسم جو بيان ڏيکاري ٿو ته نورجهان پنهنجي عشق جي اظهار ڪرڻ ۾ ڪيڏي نه بيباڪ هئي.

       

جڏهن اهائي بيباڪ عورت علي قليءَ سان پڻجي وڃي ٿي ته پهريائين پنهنجي مڙس کي رخ ڪانه ٿي ڏئي، پر پوءِ جڏهن ڏسي ٿي ته شهزادي سليم سندس پوئواري ڪانه ڪئي ته علي قليءَ سان ٺهي ٿي وڃي، ايتري قدر جو جڏهن علي قليءَ جي قتل کان پوءِ هوءَ موٽي مغل محل ۾ اچي ٿي رهي ته ڪافي وقت تائين پنهنجي مڙس جي ياد ۾ شهزادي سليم کي منهن ڪانه ٿي ڏئي، پر پوءِ کيس حالتن آهر مڙڻو پيو. پر پهريائين جڏهن محل ۾ جهانگير جي اڳيان آندائونس ته هن جي ان وقت جي حالت گربخشاڻيءَ اجهو هئين چٽي آهي:

        ”مهر النساء جي منهن تي برقعو پيل هو ۽ پيرن کان وٺي چوٽيءَ تائين ڪارا ڪپڙا پهريل هئس. پالڪيءَ جي پردي کڄڻ شرط ٻاهر نڪري آئي ۽ برقعو پري ڪري، منهن ۾ شور پائي، جهانگير ڏي نهايت نفرت سان نهارڻ لڳي.“ هي نورجهان جي ڪردار جو ٻيو رخ آهي. پر جڏهن هوءَ جهانگير سان شادي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ٿئي، تڏهن چويس ٿي، ”آءٌ اوهان جي بڌي ٻانهي آهيان. جنهن ڳالهه ۾ اوهان کي خوشي ۽ راضپو ٿئي، سا آءٌ هردم ڪرڻ لاءِ تيار آهيان ۽ اهائي منهنجي لاءِ سهڻي صلاح آهي.“ هي آهي نورجهان جي ڪردار جو ٽيون رخ. ڏسجي ٿو ته گربخشاڻيءَ نورجهان جي ڪردار کي ٻين مڙئي چڱو نباهيو آهي.

        هاڻي علي قليءَ جي ڪردار تي اچجي ٿو. علي قلي هڪ معمولي سپاهي مان ترقي ڪري اڪبر جي درٻار ۾ چڱي عهدي تي اچي ٿو. هو ايراني آهي. غياث بيگ ۽ سندس زال کي پسند آهي، جنهن ڪري هو پنهنجي ڌيءَ مهر النساء کي هن سان مڱائي ٿا ڇڏين. پر اهو مڱڻو راهه ريجهه ۾ ٽوڙائڻ لاءِ جڏهن هو غياث بيگ سان گڏجي، اڪبر جي اڳيان اچي ٿو ۽ خبر ٿي پويس ته بادشاهه هن جي مڱ جو سڱ شهزادي سليم لاءِ وٺڻ گهري ٿو ته علي قلي چوي ٿو، ”مڱ کي ڌارئي سان شادي ڪرڻ جي منظوري ڏيان، تنهن کان پاڻ کي خنجر هڻي نه پورو ڪريان.“ هن جي انهيءَ روش تي اڪبر پاڻ مڙي ٿو وڃي ۽ علي قليءَ جي شادي مهر النساء سان ٿي ٿي وڃي. شاديءَ بعد هن پنهنجي زال جي دل جنهن پيار ۽ پاٻوهه سان جيتي، تنهن جو ذڪر جاهو هيئن ڪيل آهي، خود نورجهان ٿي چوي، ”پر منهنجي لائقن ڀرئي مڙس پنهنجي نجي ۽ لاطمع پيار سان منهنجي دل وٺي سوگهي ڪئي. آءٌ سچيءَ نيت سان سندس گولي ٿي پيس ۽ اميد ته هميشھ هن جي ئي حق ۾ رهندس، ڇو ٿا مون کي اجايو عذاب ڏيو.“ هن مان سڌ پوي ٿي ته علي قلي نه رڳو هڪ بهادر سردار آهي، پر کيس زال ذات کي پنهنجو ڪرڻ جو ڍنگ به ايندو هو. مطلب ته علي قليءَ جي ڪردار جا مختلف رخ چڱي نموني ۾ چٽيل آهن، جي هن جي ڪردار تي چڱي روشني ٿا وجهن. ائين ضرور چئبو ته گربخشاڻي ڪردار نگاريءَ جا مختلف نقش چٽڻ ۽ اڀارڻ ۾ پنهنجي وسان ڪين گهٽايو آهي، پر سڀني ڪردارن سان انصاف ڪري نه سگهيو آهي، جنهن جو هڪڙو مثال خود جهانگير جو ڪردار آهي ۽ ٻيو مثال، مهرالنساء جي ماءُ جو ڪردار آهي. مهرالنسا جڏهن پنهنجي عشق جو کليو کلايو اظهار ڪري ٿي ته ماڻس جي روش هن طرح ڏيکاري وڃي ٿي:

        ”هي حرف ٻڌي ماڻس جا ڏند چپن سان لڳي ويا. ڌيءَ کي ڀونڊو ڏيئي چيائين ته ”ڇوري ندوري! انهيءَ کان ته هوند بيابان ۾ مري وڃي ها ته چڱو.“

 

        شاهي محل جي تربيت يافته ۽ رمز شناس عورت، راڻيءَ جي اڳيان هڪ رواجي ۽ عام عورت جيان پنهنجي ڌيءَ کي ڀونڊو ڏئي، سان ڳالهه شاهي آداب جي بلڪل خلاف آهي. اهڙو منظر چٽڻ، ناول نويس جي علم ذهنيت جي چغلي ٿو کائي. گربخشاڻيءَ ۾ اها گهٽتائي، ادبي لحاظ سان هن جي ڪچي ذهن جي نشاندهي ٿي ڪريي. آءٌ هتي پرم ابيچنڊاڻي سان حرف به حرف متفق ڪونه ٿيندس جو هو چوي ٿو ته ”نورجهان ناول جا ڪردار اهڙو ته اسڀاويڪ نموني ۾ پيش ٿا اچن، ڄڻ چاٻين وارا رانديڪا آهن يا گڏا گڏيون آهن.“ البت ائين ضرور آهي ته ڪن ڪردار سان گربخشاڻيءَ زيادتي ڪئي آهي، جيئن نورجهان جي ماءُ واري مٿي ڏنل مثال مان ڏسجي پيو ته هي ڪردار چڱي نموني پيش ڪيا اٿس ته هن کي چڱو خاصو اڀاري ويو آهي. انهن مثالن جي روشنيءَ ۾ چئبو ته گربخشاڻيءَ ’نورجهان‘ ناول ۾ وچٿري ڪردار نگاري ڪئي آهي.

        هاڻي ڪردار نگاريءَ بابت پرم ابيچنداڻيءَ جيڪا تنقيد ڪئي آهي، سا سڄي ڏجي ٿي، تاڪ تصوير جا مختلف پهلو اجاگر ٿي بيهن. هو لکي ٿو:

 

        ”ڪنهن به ناول ۾ ڪردار جو ضروري گڻ آهي سڀاويڪ نموني پيش اچڻ. ناول جي ڪنهن به حصي ۾ جيڪڏهن ڪوبه ڪردار اسڀاويڪ نموني ۾ پيش اچي ٿو ته سڄو ناول ڊهي اچيو پٽ پوي. ناول جي ڪاميابيءَ جو گهڻو مدار ڪردار نگاريءَ تي آهي. پاٺڪ جي من ۾ سوال اٿندو ته ڪردار جو رويو، ڪردار جو ورتوڻ، ڳالهائڻ، چرڻ پرڻ ڇا سڀاويڪ آهي؟ جيڪڏهن ڪردار پاٺڪ جي من کي لوي نٿو ته پوءِ اها ليکڪ جي هيڻي يا ناڪاره ڪردار نگاري آهي. هاڻي ’نورجهان‘ ناول جا ڪردار اهڙو ته اسڀاويڪ نموني ۾ پيش ٿا اچن، ڄڻ چاٻين وارا رانديڪا هن يا گڏ گڏيون آهن، جي ڳالهائي نٿا سگهن، پر ليکڪ ئي هنن طرفان ڳالهائيندو ٿو رهي، نه ته ليکڪ جيڪر هندستان جي بادشاهه کان اسٽريٽ روميو جا ڊائلاگ ڪيئن چوائي سگهي ها يا درٻار جي آداب کي ڪيئن پاسيرو رکي سگهي ها! عجب کان وڌيڪ کل جي ڳالهه ته اها آهي جو ليکڪ جڏهن شهنشاهه جهانگير کي سياه جذبن ۾ لپيٽي، هن کان ڪي مجنونءَ وارا ڊائلاگ ئو چوائي، تڏهن هن جي ڪردار کي ڀڃي ڊاهي ٿو ڇڏي. ڪردار کي سياه جذبن ۾ لپٽڻ جي به ڪا ٽيڪنڪ ٿيندي آهي، ان ۾ انٽيسٽي ٿيندي آهي جا اڪثر اسان کي رومانوي ناول ۾ ملي ٿي ۽ اها ٽيڪنڪ گربخشاڻي وٽ نه آهي جيڪا جذبي کي گهرو ڪندي چرم سيما ٿي پهچائي. دراصل ڏٺو وڃي ته شروع کان وٺي ’نورجهان‘ جا ڪردار ليکڪ کان ڊگها ٿي ٿا وڃن ۽ سندس پڪڙ ۾ نٿا رهن. اها هن ڪتاب جي بلڪ هڪ ناول جي وڏي اوڻائي آهي. ساهتڪار لاءِ لازم آهي ته هو پهريائين جذبي جو انڀو ڪري، ان کي سڃاڻي، ان کان خود واقف ٿئي ۽ جڏهن هن کي ان جذبي جو مڪمل احساس ٿئي، تڏهن ان جو اظهار ڪري. باقي ڄاتل سڃاتل، گٺل، پيٺل، ڪتابن تان پڙهي رٽيل ڊائلاگ مارڻ مان ڇا ورندو؟ ڪا پائيدار چيز به تخليق نه ٿي سگهندي.“

        هن ناول ۾ گفتگو جو انداز به هروڀرو هر هنڌ تي اڻسهائيندڙ ڪونهي. جهلا جو سردار، راڻي پرتاب کي جنگ جي ميدان مان في الحال نڪري وڃڻ لاءِ صلاح ڏيندي، هيئن ٿو مخاطب ٿئي.

 

        ”جهلا جي سردار چيو ته پنهنجي لشڪر ڏي ته نهاريو. ڏسو ته صبوح جو جيڪي ويهه هزار سورما ساڻ آندا هئوَ، تن مان باقي گهڻا وڃي رهيا آهن؛ ۽ هيءُ پربت جيڏو لشڪر جو چرگرد ورائي ويو اٿوَ تنهن ڏي به نگاهه ڪريو. ڀلا، اسان شهزادي سليم کي ڪين لڙائيءَ جي ميدان مان ڀڄائي ڪڍيو؟ پانڊوَ ڪين پهريائين رڻ ڀوميءَ مان ڀڄي ويا. پوءِ وري جڏهن موٽي آيا، تڏهن سندن جئه ٿي! مهرباني ڪري، راجستان تي رحم آڻيو. پنهنجيءَ رعيت جي صدقي، پنهنجي زالن جي عزت بچائڻ لاءِ پنهنجيءَ قوم جي پالنا خاطر پنهنجيءَ حياتيءَ جو خير گهرو. ڀڄي وڃڻ ۾ ڪهڙو اهم آهي؟ خود شري ڪرشن ڪرڪشيتر مان ڀڄي ويو هو، پر پوءِ موٽي آيو؟“

        هن گفتگو جو انداز دل ڀڄائيندڙ، ٻولي سهڻي ۽ صلاح سهائيندڙ ۽ وقتائتي آهي. هتي گربخشاڻي ڏاڍو جذباتي ٿي ويو آهي. هن کي هندن ۽ هندو ڌرم جي رکيا جو خيال آهي ۽ رکڻ به گهرجيس. اهائي ڳالهه هن کي پنهنجي قوم ۾ وڻائي ٿي.

        هڪ ڳالهه جنهن ڏانهن پڻ ڌيان ڇڪائڻ ضروري آهي سا هيءَ آهي ته تاريخي ناول کي کنيل تاريخي شخصيتن جي مرتبي آهر پيش ڪجي ۽ ان وقت جي تهذيب ۽ ماحول کي اهڙيءَ طرح آڻجي جو پڙهندڙ جي اکين اڳيان اها ئي تهذيب، اهو ئي ماحول ۽ اهائي شخصيت هوپهو اڀري اچي. اهڙين ڳالهين جي ’نورجهان‘ ناول ۾ ڪافي کوٽ نظر اچي ٿي. جيڪڏهن اها نه هجي ها ته جيڪر هن ناول تي ايتري تنقيد ڪين ٿئي ها. حقيقت ۾ اهڙي قسم جا ناول لکي، غلط واقعن کي مشهوري ڏيئي، پڙهندڙن کي گهرجي ته هو صحيح ڳالهين کي پنهنجي تحرير جو موضوع بڻائين.

        ناول ۾ منظر نگاريءَ کي وڏو دخل ٿيندو آهي. جڏهن غياث بيگ پهريون ڀيرو لاهور شهر ۾ پهچي ٿو ته ان وقت جي شهر جو نظارو گربخشاڻيءَ هن ريت چٽيو آهي:

 

        ”شهر جي گهٽين ۽ محلن مان لنگهندي، غياث بيگ کي ماڻهن جي منهن مان سرهائي پئي معلوم ٿي. ڳڀرو جوان برف جهڙا سفيد ڪپڙا پهري، مجموعا ڪيو، مينديءَ رتن هٿڙن سان گلاب اُڏائيندا، گلن ڦلن جون ورکائون ڪندا، سُرهي پاڻيءَ جون پچڪاريون هڻندا، پان جا ٻيڙا چٻاڙيندا، ٺينگ ٽپا ڏيندا، ٽهه ٽهه ڪري کلندا ڪڏندا پئي آيا ويا. گهر گهر مان مٺا من موهيندڙ آلاپ پئي آيا. شاهي خاندان جا جنگي جواب ۽ غلمان زربفت جا لباس ڍڪيو، تزرو وانگي ناز نخرا ڪندا، پير پير ۾ کڻندا، ٽپ ٽپ تي بيهندا، رونشا ڪندا پئي ويا. اميرن ۽ نوابن جي گاڏين، گهوڙن ۽ پالڪين جي ڌم لڳي پئي هئي. هر هنڌ هل ۽ هلاچو، کل ۽ چرچو، شان ۽ شوڪت، تجمل ۽ توانائي پئي نظر آئي.“

        هن مان ائين پيو ڀاسي ته ان وقت هڪ سرهو ۽ سکيو بادشاهي شهر هو، جنهن جا رهاڪو خوشحال، خوشخو ۽ خوش معاملا پئي نظر آيا.

        گربخشاڻيءَ سانوڻ جو نظارو هن ريت چٽيو آهي:

        ”سانوڻ جو مهنو هو، هنڌ هنڌ مينهن جا وسڪارا پئجي ويا هئا، رڻ پٽ ملڪ رجائجي ويا هئا. جيڏانهن نهار تيڏانهن زمرد رنگ جا غاليچا وڇائجي ويا هئا. بلبل گلاب جي گل کي ڏسي، مٺي من موهيندڙ للڪار سان ڳائي، گد گد پئي ٿي. ڪٿي پپيهي انب جي وڻ تي پياڪهان! پياڪهان!، ڪري پئي پڪاريو. ڪٿي مور ڊيل ساڻ ڀري، سارنگ جي سهج منجهان سونهري کنڀ ٽيڙي، پئي جهمريون پاتيون. جتان ڪٿان هٻڪار پئي آئي، جنهن جان کي فرحت ۽ مغز کي تراوت ٿي ڏني. اهڙو خوش نما ۽ سهڻو نظارو لڳو پيو هو، جو هرڪنهن جي دل خوشيءَ وچان ٽپا پئي ڏنا. غريب غربا، جي تنوڻ جي تنگيءَ کان اڪثر تنگدل هوندا آهن، سي به اڄ موج ۾ اچي ويا آهن.“

 

        هي نظارو ظاهري طرح ته سهڻو پيو لڳي پر ان ۾ ڪيتريون ئي معنوي غلطيون آهن جيڪي سڄاڻ پڙهندڙ جي ذهن کي ڌچڪو ٿيون رسائين. مٿي ڏيکاريو ويوآهي ته بلبل للڪار سان پئي ڳايو، هتي لڪار نه بلڪ آلاپ جو لفظ اچڻ گهرجي. وري چيو ويو آهي پپيهي ’پياڪهان! پياڪهان!‘ پئي پڪاريو. عام محاوه ’پياڪهان‘ ڪونهي بلڪ ’پي ڪهان‘ آهي. مور لاءِ چيل آهي ته ان جهمريون پئي پاتيون؛ مور جهمريون ڪونه پائيندو آهي بلڪ نچندو آهي. هڪڙي ننڍڙي ٽڪري ۾ ايتريون غلطيون ڏيکارين ٿيون ته ان وقت گربخشاڻيءَ جي ادبي ڄاڻ اڃا ايترو بلند ۽ گهري ڪانه ٿي هئي. حقيقت اهيءَ آهي ته سانوڻ جو نظارو ۽ اهڙا ٻيا نظارا جن جو چٽ ناول نگار پاڻ ويهي چٽيو آهي سي جيڪر ڪنهن ڪردار جي جذبات اڀرڻ سان، انهيءَ جي پاران ۽ واتان چٽجن ها ته هڪ طرف اهي ڏاڍا اثرائتا لڳن ۽ ادبي سونهن پيدا ڪن ها ته ٻئي طرف ناول جو جز محسوس ٿين ٿا، پر هن ناول ۾ ان قسم جي منظر ڪشي گربخشاڻيءَ سڌو سنئون پاڻ ويهي ڪئي آهي، جنهنڪري اهي نظارا ناول کان الڳ ۽ اوپرا پيا لڳن ۽ ان جو جز محسوس ڪونه ٿا ٿين.

”تاريخي ناولن جو جائزو“ مضمون ۾ ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ لکيو آهي، ”ڊاڪٽر گربخشاڻي تاريخ جي واقعن، حالتن ۽ رسم رواج ۽ واقعن جي ماحول کي حقيقي رنگ نه ڏئي سگهيو آهي. هن ناول ۾ هندن کي مسلمانن کان مٿي ڏيکاريندي راجپوتن کي برک، بهادر ۽ عقلمند ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي ۽ مغل بادشاهه ۽ اميرن کي راجپوتن جو محتاب ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي.... گربخشاڻي ناول نورجهان ۾ مسلمانن ۽ هندن جي ڀيٽ هن ريت ڪئي آهي:

 

        ”کاٻي طرف درٻارين جون صفون لڳيون پيون هيون، جن اڪبر جي گفتي گفتي تي وڏي ڪنڌ ڌوڻ ۽ ان سان گڏ ڏاڙهيءَ لوڏ به پئي ڪئي. ساڄي طرف هٺيلا راجپوت راجا کڙا هئا، جن هڪڙي هٿ سان مڇون پئي مروڙيون ۽ ٻيو هٿ ترارين جي هٿئي تي رکيل هوَن، شڪل ۾ شوخ جهڙا شينهن ۽ ائين پئي ڏيکاري ڏنائون ڄڻ ته شڪار جي شوق ۾ منتظر آهن. ”انهيءَ کان سواءِ ناول نورجهان جو باب اٺون سڄوئي راجپوتن جي ساراهه سان ڀريل آهي، جنهن ۾ هن پرتاب سنگهه کي هڪ لوهه جو انسان ڏيکاريو آهي ۽ جنگ ۾ ائين وڙهندي ڏيکاريو ويو آهي، جيئن انگريزي فلمن ۾ رومن پهلوان جنگين ۾ وڙهندي نظر ايندا آهن. اهڙي واکاڻ ۽ بهادري ۽ جنگين ۾ وڙهڻ جو طريقو قديم قصن ۽ ڪهاڻين ۾ ئي پيش ٿيل هوندو آهي نه جديد ناول ۾. ناول ۾ گربخشاڻي صاحب راجپوتن جي واکاڻ کان سواءِ مسلمانن جي مذهبي عقيدتمنديءَ تي به طنز ڪئي آهي. باب ڏهين ۾ راڻي پرتاب سنگهه جي ڀڄي وڃڻ کان پوءِ جڏهن ڳالهيون ٿيون، تڏهن جو منظر ۽ گفتگو هن طرح پيش ڪئي ويئي آهي:

        ”هڪ مولوي، جو اتي حاضر هو، تنهن چيو آمين! خدا صاحب هن کي دوزخ جي باهه ۾ جلائيندو!

        ”انهيءَ منظر ۾ هڪ طرف ته گفتگو ڪندڙ کي شراب پيئندي ڏيکاريو ويو آهي، ٻئي طرف مولوي کي انهيءَ محفل ۾ شامل ڏيکاريو ويو آهي، انهيءَ کان سواءِ گربخشاڻي صاحب هرهنڌ اڪبر بادشاهه کي مسلمان نه پر هندو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جيئن لکي ٿو ته، اڪبر بادشاهه، جاهه جلال واري هندستان جي شهنشاهه جو جڏهن موت ٿئي ٿو، تڏهن فقط ٻن ٽن مولوين قرآن شريف جو دور پئي ڪيو.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com