سنڌ جي آخري تاجدار جو
انگريزن جي قيد ۾ ڏنل بيان
حبيب الله صديقي پاٽائي
]مرحوم مير محمد نصير خان ولد مراد علي ٽالپر سابق واليءِ حيدرآباد سنڌ،
انگريزن جي قيد ۾ هڪ بيان فارسي زبان ۾ لکرايو،
جيڪو مسٽر جيمس ڪارڪورن (Lames
Corcoran)
سندس خواهش مطابق انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو. انگريزي
ترجمي جو سنڌي ترجمو هيٺ پيش ڪجي ٿو:
انگريزي متن مسٽر ايسٽ وڪ E.b. Eastwickجي
ڪتاب
A Glance at Sind Before Napier or Dry Leaves
from Young Egypt
جي ص 362 – 350 تان ورتل آهي. هن ڪتاب جو مڪمل
سنڌي ترجمو ”نئينءَ مصر جا پراڻا ورق“ جي نالي سان
سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو آهي.[
ڀاڱو پهريون
حسب نسب جي باري ۾
اسين سنڌ جا مير بلوچي آهيون، پر انهيءَ قبيلي مان نه
آهيون، جن کي ايران ۾ ڪيچ – بلوچي چوندا آهن. ڇو
ته اسان جو حسب نسب عربي آهي. اسين امير حمزه جو
اولاد سڏايون ٿا، جيڪو هاشم جو پٽ هو ۽ هاشم
عبدالمناف جو پٽ هو، توڻي کڻي ڪي ماڻهو چون ٿا ته
امير حمزه حضرت عليءَ جو پٽ هو.
جڏهن ابنِ يوسف (حجاج بن يوسف) دين اسلام ۽ فوجي قوت کي
فروغ ڏيڻ لاءِ حجازي لشڪر جا سنڌ طرف قدم وڌايا ۽
ان طرف وڌندي ڪيچ ۽ مڪران فتح ڪيو ويو ته اسان جا
وڏا انهن مفتوح علائقن ۾ آباد ٿيا ۽ باقي لشڪر سنڌ
طرف پيشقدمي جاري رکي اتي (ڪيچ مڪران ۾) کين گهڻو
اولاد ٿيو، جيڪي بلوچ سڏجڻ لڳا.
زماني گذرندي انهن مان ڪي بلوچي ديره اسماعيل خان ۽
ديره غازي خان طرف اچي آباد ٿيا ۽ ”چوٽي“ يا جبل
جي چوٽيءَ تي گهر اڏيائون. انهيءَ زماني ڌاري ميان
شاهل محمد ڪلهوڙو جيڪو (حضرت) عباس بن هاشم جي
اولاد مان هجڻ سبب عباسي سڏبو هو، تنهن سنڌ ۾
زمينداري ڪرت اختيار ڪئي.
سنڌ انهيءَ زماني ۾ دهليءَ جي چغتائي بادشاهن (مغلن) جي
هٿ هيٺ هئي. سندس اولاد (ميان شاهل محمد جا پٽ
پوٽا) آهستي آهستي انهيءَ ملڪ جا مالڪ بڻجي ويا،
جنهن ۾ اڳي هو فقط آبادگار هئا. اهي (ڪلهوڙا شيعه
هئا ۽ سيد ميران شاهه جونپوريءَ جا معتقد هئا.
اسان جي پڙ ڏاڏي مير شهداد خان ڪبير پنهنجي چاچي مير
صوبيدار خان ڪبير سان ڪنهن ڳالهه تي ڪاوڙجي اچي
ڪلهوڙن جي ملازمت اختيار ڪئي ۽ سندن مريد پڻ ٿيو.
جيئن ته هو (مير شهداد خان ڪبير) بلوچن جو سردار
هو، تنهن ڪري وڏي تعداد ۾ بلوچي سندس پويان سنڌ ۾
آيا ۽ سندس چاچو (مير صوبدار خان ڪبير) پڻ ٿوري
گهڻي ڏينهين باقي بچيل بلوچن سان گڏ اچي ساڻس
شريڪ ٿيو. اهو زمانو هو جڏهن هن ملڪ ۾ بلوچي
پهريون ڀيرو آباد ٿيا.
مير صوبدار خان خان ڪبير سوچيو ته الله تعاليٰ جي صحيح
اطاعت ۽ فرمانبرداري لاءِ ڇڙهو رهڻ بيحد ضروري
آهي، تنهن ڪري هن شادي نه ڪئي. هُو پرهيزگاري ۽
سخاوت ۾ حد ڪمال تي پهتل هو سندس وفات بعد سندس
ڀائٽيو مير شهداد خان، جنهن جو تازو ذڪر ڪيل آهي،
سندس جانشين ٿيو.
اڃان نادر شاهه (بادشاهه) سنڌ تي نه ڪاهيو هو ته اتي جي
حڪومت دهلي سرڪار جي هڪ امير جي هٿ هيٺ هئي، پر
جڏهن هو (نادر شاهه) قتل ٿي ويو ته ميان نور محمد
ڪلهوڙو صوبيدار ٿيو ۽ احمد شاهه افغان بادشاهه کي
خراج ڏياري موڪليائين.
هن نائب حڪمران (ميان نور محمد ڪلهوڙي) جي وفات بعد
سندس پٽ محمد مراد مسند تي ويٺو.
عين انهيءَ زماني ۾ مير شهدادڪو خان ڪبير وفات ڪئي. کيس
چار پٽ هئا: مير جميندو، مير چاڪر ۽ مير بهرام
پهرئين گهر مان ۽ مير خيرو پوئين گهر مان ٿيس.
پهريون پٽ مير نور محمد ڪلهوڙي جي پٽن سان گڏ،
نادر شاهه جو يرغمالي ٿيو ۽ مشهد ۾ وفات ڪيائين.
مير شهداد خان ڪبير جي پٽن ۾ مير بهرام خان سڀني
کان وڌيڪ سمجهه ڀريو ۽ سٺو هو ۽ پيءَ جي وفات بعد
اهو ئي بلوچن جو سردار ٿيو.
(سنڌ جي) جي نائب حڪمران (ميان) محمد مراد (ڪلهوڙي) جي
ظلمن ۽ زيادتين کيس ڪلهوڙن اميرن اڳيان قابلِ سزا
بنايو ۽ انهن بهرام خان سان سندس معزولي لاءِ
اتحاد قائم ڪيو. انهن کيس قيد ڪري سندس ڀاءُ عطر
خان کي تخت تي ويهاريو. جڏهن سندن پسند کي ڌوڪو
ڏنو ته انهن کيس به تخت تان لاهي قيد ڪيو ۽ ڪلهوڙي
(ميان نور محمد) جي ٽئين پٽ ميان غلام شاهه کي تخت
تاج جو مالڪ بنايو. هن سندن اميدون پوريون ڪيون جو
سڄو ملڪ پنهنجي مڪمل تابعداريءَ هيٺ آندائين ۽
حيدرآباد جو قلعو ٺهرايائين، سندس وفات بعد سندس
وڏو پٽ مير محمد سرفراز سندس جانشين ٿيو.
بلوچي قبيلي جي سردار مير بهرام خان کي ٻه پٽ هئا: هڪ
مير بجار خان ۽ ٻيو مير صوبدار خان (ثاني). پهرئين
مير خان بجار خان جي غيرحاضريءَ ۾ جيڪو ڪنهن
خانداني تڪرار سبب حج تي ويل هو، (ميان) محمد
سرفراز سندس پيءُ ۽ ڀاءُ کي مارائي ڇڏيو، ڇاڪاڻ جو
بهرام خان هڪ نڊر مهم جُو انسان هو ۽ (ميان محمد)
سرفراز سندس اثر رسوخ ۽ غلبي کان خائف هو.
ڪلهوڙن اميرن کي جڏهن هن واقعي جي خبر ملي ته هنن مير
فتح خان سان شامل ٿي قاتل (ميان محمد سرفراز) کي
قيد ڪيو ۽ (ميان) غلام شاهه (ڪلهوڙي) جي ٻئي نمبر
پٽ (ميان) محمد خان کي تخت تي ويهاريو، پر هڪ ٻئي
مقتدر ڪلهوڙي سردار راڄو ليکي کيس (ميان محمد خان
ڪلهوڙي کي) تخت تان لاهي قيد ڪيو ۽ سندس جاءِ تي
معزول محمد خان جي چوٿين پٽ (ميان) غلام نبي کي
بادشاهه بنايو.
ٺيڪ انهن گڙ ٻڙ وارين حالتن دوران مير بجار خان حج تان
موٽيو. هو مسقط، گوادر، ڪيچ ۽ مڪران کان ٿيندو
قلات ۾ نصير خان بروهي (واليءَ قلات) وٽ ويو ۽
کانئس پنهنجي پيءُ ۽ ڀاءُ جي ناحق قتل جي پلاند
وٺڻ لاءِ فوجي مدد گهريائين. جنهن جڏهن انڪار ڪيو
ته هو سڌو سنڌ ۾ آيو ۽ سندس آمد تي ڪيترائي بلوچ،
جن ۾ (ميان) غلام نبي غير مقبول هو جو راڄو ليکي
سندس تخت تي ويهاريو هو، سي ساڻس شامل ٿي ويا.
آخرڪار لڙائي لڳي، جنهن ۾ (ميان) غلام نبي مارجي
ويو.
جيتوڻيڪ (ميان) محمد سرفراز (ڪلهوڙي) فاتح مير بجار جي
پيءُ ۽ ڀاءُ کي بيڏوهي مارايو هو، تاهم سندس نظر ۾
ميان محمد سرفراز کان سواءِ ٻيو ڪوبه ڪلهوڙو
حڪمراني جي لائق نه هو. وير جو ننڍائپ ۾ هو (ميان
محمد سرفراز ۽ مير بجار خان) گڏ کيڏيا هئا ۽ ڇتڙن
جا يار هئا، تنهن ڪري اوائلي دوستيءَ جي يادين ۽
ملڪ سان محبت جي جذبي هيٺ ميرب جار خان خاص اميرن
کي موڪليو ته ميان محمد سرفراز کي قيدخاني مان ڪڍي
شاهانه تجمل سان هاٿيءَ تي چاڙهي وٺي اچو ته جيئن
تخت و تاج سندس حوالي ڪيو وڃي.
پرڪشاده دلي جي اهڙن ارادن جي عملي صورت اختيار ڪرڻ جو
وقت نڪري چڪو هو. ڇوته (ميان) غلام نبي جي ڀاءُ
(ميان) عبدالنبي ڪلهوڙي (ميان نور محمد خان) جي
پنجين نمبر پٽ مير بجار خان جي ارادن کان واقف
ٿيندي ئي سڀني شاهي قيدين کي ميان محمد مراد، ميان
عطر خان ۽ ميان محمد سرفراز ۽ سندس پٽ ميان نور
محمد سميت قيدخاني ۾ قتل ڪرائي ڇڏيو. اهڙي ڪٺور
ويڌن بعد، مير بجار خان، بادل ناخواسته، ڀڳل دل
سان عبدالنبي کي نالي ماتر تخت و تاج حوالي ڪيو،
پر حڪومت جون واڳون پنهنجي هٿ ۾ رکيون.
انهن واقعن کان سست پوءِ، عبدالنبي، جيڪو پنهنجي عزيزن جي خون
سان اڳ ئي وهنتل هو، تنهن پنهنجي ڪٺورتا ۾ هڪ وڌيڪ
مظلوم جي اضافي ڪرڻ جو پَهه ڪيو. هُن ڳجهه ڳوهه ۾
هڪ ذاتي قاصد جوڌپور جي راجا ڏانهن روانو ڪيو،
جنهن اتي وڃي راجا سان معاهدو ڪيو ته جيڪڏهن هو
مير بجار خان کي پُورو ڪرڻ ۾ عملي طور مدد ڪندو ته
عمرڪوٽ جو قلعو سندس حوالي ڪيو ويندو.
اهي شرط شروط راجا قبول ڪيا ۽ ٻارهن راجپوتن کي هن خوني
ڪارروائيءَ لاءِ روانو ڪيائين. مير بجار خان جي
درٻار ۾ پهچي هنن سفيرن جو روپ اختيار ڪيو ۽
(دربان ذريعي اطلاع ڪيو ته هو پنهنجي آقا (جوڌپور
جي راجا) وٽان ڪي خوشخبريون کڻي آيا آهن، جيڪي هو
چاهين ٿا ته کيس ذاتي طور ۽ پنهنجي منهن ٻڌائين.
مير بجار خان کي جيتوڻيڪ جيسلمير جي واليءَ ۽ ٻين
راجپوتن جي خوني ارادي کان اڳ ئي آگاهه ڪيو ويو
هو، تاهم هن سوچيو ته جيڪڏهن کين اندر اچڻ نه
ڏيندس ته مُنهنجي سورهيائيءَ جي ساک تي حرف اچي
ويندو. تنهن ڪري هُن کين (ٻارهن راجپوتن کي) پاڻ
وٽ اندر گهرايو. اهڙي اُٻهرائي سزا کان بچي نه
سگهي، ڇو ته دائمي دوستيءَ جي پيغامن ڏيندي قاتلن
کيس ماري وڌو.
عبدالنبي، هن خون بعد مير بجار خان جي پٽ مير عبدالله ۽
مير صوبيدار جي پٽ مير فتح خان وٽ ويو ۽ مٿن هن
معاملي ۾ پنهنجي معصوميت جو اهڙو ته اثر وهارڻ ۾
ڪامياب ٿيو جو هو شاهي محل ۾ سندس مهمان ٿي هلڻ
لاءِ تيار ٿي ويا. هن دغاباز جو ارادو ته وجهه
ملندي ئي پهرين فرصت ۾ کين قتل ڪرڻ جو هو. مير
چاڪر خان جي پٽن مير فتح علي خان ۽ مير سهراب خان،
بدمعاش جي چال کي تاڙي ورتو ۽ ٻين کي پڻ ايندڙ
خطري کان خبردار ڪيائون، پر سندن مهلائتي خيرخواهي
جو چتاءُ جڏهن بُرو لڳو ته مير فتح علي خان ۽ مير
سهراب تتيءَ منجهند جو گهوڙن تي چڙهي هليا ويا ۽
مير عبدالله، مير فتح خان ۽ مرزا (؟) کي سندن قسمت
تي ڇڏي ڏنائون. ٿوري عرصي ۾ سندن اڳڪٿي سچي ثابت
ٿي، جو ٽئي قتل ڪيا ويا. انهيءَ خبر ملڻ تي، مير
فتح علي خان ۽ مير (مير) سهراب خان لشڪر ڪٺو ڪيو ۽
ڪيترين سخت ويڙهين بعد آخرڪار راڪاس عبدالنبي کي
ملڪ مان ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿيا.
اهڙيءَ ريت سنڌ جي ڪلهوڙن حڪمرانن جي خاندان جو خاتمو ٿيو. ان
کان پوءِ مير فتح علي خان ۽ سهراب خان بادشاهي
اقتدار حاصل ڪيو ۽ دهلي (اصل ۾ ڪابل جي) جي
بادشاهه تيمور کي نذرانه ۽ خراج روانو ڪيائون،
جنهن موٽ ۾ پهرئين (مير فتح علي خان) کي بادشاهي
خطاب ڏنو. هن ارڙهن سال حڪومت هلائي ۽ مرڻ وقت فقط
نَوَن ڏينهن جو ڄاول پٽ مير صوبدار خان پويان
ڇڏيو.
مير فتح علي خان کي ٽي ڀائر هئا: مير غلام علي خان، مير
ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان، جيڪي پنهنجي
حڪمران ڀاءُ جي حياتيءَ ۾ سندس خاص معتمد ۽
صلاحڪار هئا.
سندس (مير فتح علي خان جي) وفات بعد (1810ع) ڀاڻس مير
غلام علي خان تخت نشين ٿيو.
(ان بعد ائين ٿيو جو)، محمد صادق دائودپوٽي مير سهراب
خان سان غلط روش اختيار ڪئي. مير سهراب خان مير
غلام علي خان کي دادرسيءَ لاءِ دانهن ڏني، جنهن
سندس طرفداري ڪندي اڳرائي ڪندڙ کي ديراور جي قلعي
۾ پناهه وٺن تي مجبور ڪيو. پوءِ سندس پيش پوڻ تي
فاتح (مير غلام علي خان) ورائي کيس پنهنجي ملڪ
(بهاولپور) جو بادشاهه ڪيو ۽ مٿس پندرهن هزار رپيا
ساليانه خراج مقرر ڪئي ۽ سبزل ڪوٽ جو قلعو پنهنجي
هٿ هيٺ رکيائين. دائودپوٽي (محمد صادق) کان قرآن
شريف تي معاهدا لکرائي وٺڻ بعد سندس پٽ بهاول خان
کي يرغمال بنائي پاڻ سان وٺي ويو، جنهن کي هن
واقعي کان هڪ سال بعد مناسب سوکڙين پاکڙين سان
سندس پيءُ ڏانهن موٽائي موڪليائين.
هن (مير غلام علي خان) ڏهه سال حڪومت ڪئي ۽ وفات وقت
(1811ع) ارڙهن سالن جو هڪ پٽ مير محمد خان پويان
ڇڏيائين.
مير مُراد علي خان ڀاءُ جي وفات بعد تخت تي ويٺو.
جيتوڻيڪ مير ڪرم علي خان مير مراد علي کان عمر ۾
وڏو هو تاهم هن حڪومت پنهنجي ننڍي ڀاءُ جي حوالي
ڪئي، جيڪو سندس لاءِ دل ۾ بيحد عزت ۽ محبت رکندو
هو. مير ڪرم علي خان پوءِ به اڻٽيهه سال جيئرو
رهيو ۽ مرڻ وقت پنهنجي ڀاءُ 0مير مراد علي خان) کي
تخت و تاج جو اڪيلو وارث ڇڏي ويو ۽ اهو منهنجو
والد صاحب هو، جنهن خودمختياريءَ جو اعلان ڪيو ۽
ڪڏهن به ڪنهن (ٻاهرين حاڪم) کي خراج ادا نه
ڪيائين. هي سبزل (ڪوٽ) ۽ شڪارپور سميت سموري سنڌ
پنهنجي حڪومت هيٺ آندي. هو سدائين پنهنجي ڀاءُ مير
ڪرم علي خان جي غم ۾ رهندو هو ۽ دل وٽ جيڪو سور هن
کي هميشه رهندو هو، سو انهيءَ غم جي سبب کان
سمجهيو ويندو هو. وڌيڪ ست سال خوشحاليءَ جو دور
هلائي پنهنجي پٽن يعني مون ۽ منهنجي ڀاءُ مير نور
محمد خان کي سنڌ جي بادشاهه ۾ ڀائيوار ڪري ويو.
ڀاڱو ٻيو
سنڌ ۾ ان وقت رونما ٿيل واقعات جي باري ۾
اسان جي تخت نشيني کان جلدي پوءِ ڪرنل هينري پاٽنجر
Col: Henry Pottinger
اهو معاهدو جيڪو اسان جي محترم مرحوم والد صاحب
(مير) مراد علي خان ۽ لارڊ وليم بينٽنڪ (William
Bentinck) گورنر جنرل جي وچ ۾ ٿيو هو سو اسان جي تصديق لاءِ پيش ڪيو،
ڇاڪاڻ ته فوتي جي پٽن جي حيثيت ۾ اسان مذڪور
معاهدي جي شرطن ۾ شامل ڪيا ويا هئاسين. هتي اهو
ڄاڻائڻ ضروري آهي ته مذڪور معاهدي هيٺ اسان جي
والد صاحب تجارتي مقصدن لاءِ ڪمپني (برٽش ايسٽ
انڊيا ڪمپني) جي حڪومت جي حدن اندر رهندڙ انگريز
واپارين ۽ سوداگرن کي سنڌو نديءَ مان بغير محصول
گذرڻ جو پرانو جاري ڪيو هو ۽ سڀني کي انهيءَ حقيقت
جي ڄاڻ آهي ته خاص منهنجي زور ڀرڻ تي منهنجي والد
صاحب اهو پروانو جاري ڪيو هو. گورنر جنرل جي طرفان
ڪرنل هينري پاٽنجر جي حيدرآباد اچڻ ۽ منهنجي والد
صاحب کان انهيءَ تجويز جي منظوري حاصل ڪرڻ تي والد
صاحب بلڪل تيار نه هو ۽ منهنجي مداخلت کان سواءِ
هو اهڙي منظوري مورڳوئي نه ڏئي ها. سمجهڻ گهرجي ته
اهو اڪيلو مثال نه هو، جنهن ۾ مون انگريز سرڪار جي
پاران پنهنجي والد صاحب تي پنهنجو اثر استعمال ڪيو
هو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ معاهدي جي بحال ٿيڻ کان اڳ
جڏهن سر اليگزينڊر بَرلس، (Sir Alexander Burnes)
لاهور ويندي، ڪراچيءَ مان منهجي والد کي بار بار
سنڌ جي درياهه (سنڌو ندي) مان بغير محصول، گذرڻ جي
اجازت لاءِ خطن ذريعي عرض پئي ڪيو ته اها فقط
منهنجي ئي ڪوشش ۽ دلچسپي هئي، جنهن سندس مرادون
پوريون ڪرايون. فسوس، جو جنهن وقت مان انگريز
سرڪار جي مفاد خاطر پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪرڻ ۽
دلچسپي وٺڻ ۾ اهڙو پيش پيش هئس، تنهن وقت مون اهو
ڪونه سوچيو ته اها سرڪار مون کي اهڙيءَ ريت انعام
ڏيندي، جهڙيءَ ريت ان هينئر تائين ڪيو آهي، پر خير
موٽي مقصد طرف اچجي.
ڪرنل هينري پاٽنجر مٿي ڄاڻايل معاهدو اسان جي تصديق
ڪرڻ لاءِ موڪلڻ کان ڪجهه ڏينهن پوءِ اسان جي والد
صاحب جي تعزيت (عذر خواهي ڪرڻ) لاءِ آيو. ان بعد
هو ڪڇ روانو ٿي ويو ۽ (اتان) اسان ڏانهن لارڊ
آڪلنڊ (Lord
Auckland)
جي مهر سان هڪ خط موڪليائين.
خط ۾ لکيل هو ته گورنر جنرل جيئن ته اسان کي دوست سمجهي
ٿو ته ڄاڻي ٿو ته اسان انگريز سرڪار تي مهربان
آهيون تنهنڪري لارڊ صاحب ڪڏهن به ۽ ڪنهن به بنياد
يا بهاني تي، چاهي اهو ڪهڙو به هجي، اسان جي ملڪ
يا حڪومت ۾ بري نظر نه وجهندو. انهيءَ خط ملڻ جي
اسان يقيناً بيحد خوشي حاصل ٿي. اسان جي ذهنن ۾
پنهنجي ملڪ جي آئنده سلامتي جي ياري ۾ ذرو به شڪ
شبهو باقي نه رهيو هو ۽ ان وقت نٿي ڄاتوسين ته فضا
جي قلم اسان جي قسمت جي پيشانيءَ تي ڇا لکي ڇڏيو
آهي!
ان بعد اسان پاڻ ۾ گڏجي صلاح ڪئي ته پنهنجي درٻار ۾ هڪ
انگريز وڪيل (سفير) کي رهائڻ لاءِ دعوت ڏجي. ان
مطابق اسان ڪرنل هينري پاٽنجر کي انهيءَ بابت هڪ
خط لکيو. هن جواب ۾ لکيو ته جيتوڻيڪ سندس نظر ۾
سفير کي اسان جي درٻار ۾ رهائڻ جي ڪابه ضرورت نه
هئي، تاهم جيئن ته اسان اهڙي استدعا ڪئي هئي،
تنهنڪري هو اسان جي مرضيءَ کان لارڊ صاحب کي
آگاهه ڪندو ۽ اسان هڪدم پنهنجا ڪجهه امير روانا
ڪيا ته کيس پنهنجي حفاظت ۾ حيدرآباد وٺي اچن، جتي
اسان جي ملاقات ٿي. انهيءَ ملاقات ۾ ڪرنل انهيءَ
ضرورت تي زور ڏنو ته اسان جي علائقي مان انگريز
فوجن کي خشڪي ۽ آبي رستن مان گذرڻ ڏنو وڃي، جيئن
هو ڪابل طرف پيشقدمي ڪري سگهن. جڏهن انگريز سرڪار
جي هيءَ استدعا عام ٿي ته سڀ امير ۽ بلوچي هڪ آواز
ٿي ان جي مخالفت ڪرڻ لڳا. سندن چوڻ هو ته اهڙين
ڇوٽين موٽين استدعائن کي پورو ڪندي، اسان ڪٿي پاڻ
کي ڪنهن اهڙيءَ مصيبت ۾ نه وجهي ڇڏيون جو پوءِ پاڻ
کي ڇڏائڻ مشڪل ٿي پوي. پر اسان پاڻ جيئن ته ٻالي
ڀوليءَ مت وارا هئاسين ۽ ٻين جي باري ۾ به اهڙو
گمان ٿي ڪيوسين، تنهن ڪري مون ۽ منهنجي ڀاءُ بي
ڌڙڪ ڪرنل هينري پاٽنجر جو عرض قبول ڪرڻ جو پڪو پهه
ڪيو ۽ پنهنجي اڻٿڪ ڪوششن ۽ سمجهائڻ پرجهائڻ جي
ذريعي اهڙي تجويز قبول ڪرڻ تي بلوچن کي راضي
ڪيوسين.
اهڙيءَ طرح گهربل اجازت ڏني وئي، پر اسان ڪرنل پاٽنجر
کي ان مشڪلات کان آگاهه ڪري ڇڏيو، جن کي مُنهن ڏئي
اسان سندس خواهش کي پورو ڪيو هو. ان بعد ڪرنل
پاٽنجر حيدرآباد مان روانو ٿي ويو ۽ درياهه جي وٽ
سان ڪئمپ هڻي ويٺو، جتان بمبئي بندر کان انگريز
لشڪر کي سنڌ مان لنگهي ڪابل تي چڙهائي ڪرڻ جو حڪم
ڏنائين.
اسان جي ڏنل منظوري تي اسان سندس خواهش کي پورو ڪيو
هو. ان بعد ڪرنل پاٽنجر حيدرآباد مان روانو ٿي ويو
۽ درياهه جي وٽ سان ڪئمپ هڻي ويٺو، جتان بمبئي
بندر کان انگريز لشڪر کي سنڌ مان لنگهي ڪابل تي
چڙهائي ڪرڻ جو حڪم ڏنائين.
اسان جي ڏنل منظوري تي اسان کي جيڏانهن ڪيڏانهن ميارن
کي منهن ڏيڻو پيو. اها منظوري اسان جي ديس وارن جي
منظوريءَ جي سخت خلاف هئي، پر اسان انهيءَ اميد تي
ائين ڪيو ته ڪنهن دشمن طرفان اسان جي ملڪ تي حملي
ڪرڻ جي صورت ۾ اسان کي انگريزن جي مدد حاصل رهندي.
پر اسان جيڪو خيال ڪيو هو، تجربي اسان کي ان جي ابتڙ
ڪري ڏيکاريو. جڏهن انگريزي لشڪر ٻاڙي گهوڙا پهتو
ته اسان کي چيو ويو ته لشڪر لاءِ سيڌو سامان ۽ اُٺ
پهچايا وڃن ۽ آگبوٽن لاءِ ٻارڻ مهيار ڪيو وڃي. مون
ڪهڙي طرح ان تقاضا جي تعميل ڪئي ان ۾ تفصيل ۾ وڃڻ
جي مون کي ضرورت نه آهي، جنهن نموني مون اهڙين
مشڪل گهڙين ۾ انگريزن جي خدمت ڪئي، هندستان ۾ اڄ
تائين ٻئي ڪنهن به حڪمران نه ڪئي آهي.
جڏهن انگريزي لشڪر حيدرآباد کان چوڏهن ڪوهه پري جهرڪن
وٽ اچي پڙاءُ ڪيو ته تمام موجوده معاهدن جي برخلاف
اسان کان لشڪر جي خرچ پکي لاءِ ايڪويهه لک روپيه
جنس جي صورت ۾ ۽ وڌيڪ ٽي لک روپيه ساليانه ادا ڪرڻ
جي گُهر ڪئي ويئي. اسان انهيءَ تقاضا کي به پورو
ڪيو. هندستاني حڪمرانن سان ڪيل معاهدن ۾ انگريز
سرڪار جو هيءُ دستور رهيو آهي ته هو هڪڙو فقرو
شامل ڪندا آهن ته ”پشت بپشت“ يا ”پيڙهي بپيڙهي“،
پر حقيقت اها آهي ته هو معاهده جي مدت پنهنجي
آسانيءَ مطابق مقرر ڪندا اهن، جنهن جو تلخ تجربو
مون کي ٿي چڪو آهي.
اُن بعد هڪ نئون معاهدو دستخط ڪرڻ لاءِ مون کي موڪليو
ويو، جنهن ۾ چوويهه فقرا هئا ۽ مون اهي به منظور
ڪيا، پر منهنجي دستخط جي مس به اڃا نه سُڪي هئي جو
ميجر جنرل سر چارلس نيپئر پنهنجي فوج سان سنڌ ۾
داخل ٿيو ۽ هڪ ٻيو معاهدو منهنجي دستخط ڪرڻ لاءِ
مون ڏانهن روانو ڪيائين.
جيئن ته اُن معاهدي جي سخت ذلت آميز شرطن تي عمل درآمد
ڪرڻ سان اسان جي زواليت جو مڪمل سامان مهيا ٿئي
ها، تنهنڪري اسان هڪ وڪيل سکر روانو ڪيو ته ميجر
جنرل سان ملي معاملي جي صحيح صورتحال پيش ڪري، پر
هن وڪيل کي صاف چئي ڏنو ته هو هتي ڳالهين ڪرڻ لاءِ
نه آيو هو ۽ کيس ٻڌايائين ته هو قفط لارڊ ايلن برو
(Lord
Ellenbrough)
جي حڪمن جي تعميل ڪري رهيو هو ۽ جيڪڏهن اسان هڪدم
معاهدي کي منظور نه ڪيو ته هو بنا دير اسان جي
بربادي جي باهه ٻاري ڇڏيندو. ان بعد هن درياهه پار
ڪري وڃي لهوڙي (روهڙي) وٽ ڪئمپ قائم ڪئي ۽ خيرپور
جي رئيس مير رستم خان کي چيائين ته هو هڪدم اهو
هنڌ سندس حوالي ڪري، نه ته ٻيءَ صورت ۾ هو ٻئي
ڏينهن صبح جو اُتي حملو ڪندو ۽ جيڪڏهن سپاهي امير
(مير رستم) جي ذاتي گهر ۾ گهڙي پون ته هو ان لاءِ
جوابدار نه ٿيندو. هو غريب بيوس ۽ معذور اهو نه
سوچي سگهيو ته ان جو نتيجو ڇا نڪرندو ۽ دڙڪي جي
خوف وچان خيرپور مان ڀڄي نڪتو ۽ باجيءَ مان ٿيندو
ناري پهتو ۽ اتان ڪوٽڙي ويو. هن تي صرف هن ڏوهه جو
الزام لڳايو ويو ته انگريزي فوج جي ڪنهن آفيسر جو
خط ٽپال مان چورايو ويو هو ۽ شڪ هو ته خيرپور جي
ڪنهن بدمعاش اهو خط چورايو هو. (اڳتي هلي اهو ثابت
ٿيو ته مير علي مراد اهو ڪم ڪيو هو ته جيئن مير
رستم برباد ٿئي) ان تي سر چارلس مير رستم کي چيو
ته چور کي پڪڙي سندس حوالي ڪري. پر مير رستم جيئن
ته غيب جو علم نه ڄاڻندو هو، تنهنڪري نامعلوم
ڏوهيءَ کي هٿ ڪري نه سگهيو، جنهن تي ميجر جنرل کيس
نااهل حڪمران قرار ڏنو ۽ حڪومت تان بيدخل ڪري
ڇڏيو.
مير رستم خان جون ميڙيون منٿون ڪارگر نه ٿيون. ميجر
جنرل کيس ٻڌڻ لاءِ به تيار نه هو. هڪ واحد آٿت طور
کيس حيدرآباد وڃڻ لاءِ چيائين، جتي هو پاڻ اچي
سندس معاملي جو فيصلو ڪري ها.
جيئن ته اسان ڏٺو ته جنرل دشمني تي سندرو ٻڌيو بيٺو
آهي، تنهنڪري اسان ميجر آئوٽرام (Major
Outram)
کي صورتحال کان آگاهه ڪيو. ميجر هڪدم خيرپور کان
حيدرآباد هليو آيو ۽ اسان کي خط ذريعي اطلاع
ڏنائين ته سر چارلس نيپئر جي صلاح تي عمل ڪيو.
تاريخ 9 – فيبروري 1843ع تي هو اسان سان ملاقات
ڪرڻ آيو ۽ اسان جي طرفان تفصيلات جي وضاحت تي
مطئمن ٿيڻ بعد چيائين ته انهيءَ رات هو اسان ڏانهن
هڪ گورو (يورپي) موڪليندو، جنهن کي اسان هڪدم تيز
رفتار اُٺ ذريعي سرچارلس نيپئئر ڏانهن (پيغام ڏئي)
موڪليون ته جيئن وڌندڙ لشڪر جي يورش کي روڪي
سگهجي. اسان کي جيئن چيو ويو تيئن اسان ڪيو، پر جن
شتر سوارن کي يورپيءَ سان روانو ڪيو هئوسين، سي 11
– فيبروريءَ تي موٽي آيا ۽ اچي ٻڌايائون ته
سرچارلس نيپئر ايندي ئي تنبو پٽرايا ۽ حيدرآباد
طرف پيشقدمي شروع ڪيائين. اسان اها خبر ميجر
آئوٽرام کي موڪلي، جيڪو هڪدم اسان وٽ قلعي ۾ آيو ۽
هن قسم کڻي اسان کي خاطري ڏياري ته سرچارلس جا
اسان ڏانهن ڪي به دشمنيءَ وارا ارادا نه هئا. بس
اسان فقط ان معاهدي تي مهر ثبت ڪريون ۽ مون ان تي
مهر هڻي جڏهن سندس حوالي ڪيو ته چيائين ته هاڻي
اوهان دلجاءِ ڪريو، مان هڪدم اهو معاهدو پنهنجي خط
سان شامل ڪري چارلس ڏانهن روانو ڪريان ٿو ۽ مون کي
يقين آهي ته معاهدي ملڻ بعد هو هڪدم فوج کي هٽائي
ويندو. ان بعد ميجر مون کي خط ڏنو، جيڪو مون
معاهدي سان گڏ هڪدم هڪ شتر سوار جي ذريعي سر چارلس
ڏانهن موڪلي ڏنو. 14 – تاريخ شتر سوار موٽي اچي
ٻڌايو ته انهيءَ خط جو به ڪو اثر ڪونه ٿيو. مون
وقت وڃائڻ کان سواءِ اها خبر آئوٽرام کي پهچرائي،
پر هن وڌيڪ ڪوبه توجهه نه ڏنو. ان تي سمورا بلوچ
بغاوت تي آماده ٿي ويا. منهنجي خاطر هُنن پهريائين
انگريزي فوج کي ڪابل تي چڙهائي ڪرڻ لاءِ ملڪ مان
رستو ڏيڻ جي اجازت ڏني، منهنجي خاطر هنن ايڪويهه
لک روپين جي بروقت امداد ۽ ٽي لک روپيه ساليانه
ڏيڻ قبول ڪيا ۽ آخر ۾ جڏهن انگريزن هڪ معاهدي مٿان
ٻيو ٽيون معاهدو ٽوڙيندا رهيا ته اهو منهنجي خاطر
ئي هو جو هنن پرجوش هوندي به پرامن رهڻ قبول ڪيو
پر جڏهن هنن ڏٺو ته باوجود اسان جي رعايتن ۽ لحاظن
جي انگريز دشمنيءَ تي چڙهي بيٺا آهن ته سندن احساس
ذلت جهلڻ جو نه رهيو ۽ فيصلي جي قوت تي غالب پئجي
ويو سو هو هاڻي وڌيڪ وقت لاءِ منهنجي حڪمن کي مڃڻ
لاءِ تيار نه هئا.
جڏهن هُنن ته سر چارلس نيپئر بنان سبب حيات خان کي قيد
ڪيو آهي ته هنن ميجر آئوٽرام کان ان جو بدلو وٺڻ
جو فيصلو ڪيو. جنهن گهڙيءَ مون کي اها خبر پئي،
مون جهان خان ۽ حاجي غلام محمد کي حڪم ڪيو ته
ٻارهن چونڊ هٿياربند ماڻهو ساڻ ڪري ميجر آئوٽرام
کي سلامتيءَ سان سندس جاءِ تي پهچائي اچن ۽ مڇريل
بلوچين جي ڪنهن به حملي کان سندس جان جي حفاظت ڪن.
اهڙيءَ طرح هن کي سلامتيءَ سان پنهنجي جاءِ تي
پهچايو ويو، جيتوڻيڪ جتي ڪٿي بلوچن جا ميڙ ڏٺا
ويا، جيڪي پلاند ڪرڻ جي پوري ارادي سان ڦري رهيا
هئا، پر جن ماڻهن کي مون ميجر جي حفاظت لاءِ
چونڊيو هو، سي اهڙا هئا، جن کان هو ڊپ ڪندا هئا.
آخرڪار جڏهن بلوچن ريزيڊنسي تي حملي ڪرڻ جو فيصلو
ڪيو ته مون ميجر کي بروقت اطلاع ڏنو ۽ مون کي يقين
آهي ته هن چڱي مڙس جي سلامتي سان نڪري وڃڻ جو پورو
دارومدار منهنجي اهڙي ريت ورتل حفاظتي اپائن تي
هو. فقط اهو هڪڙو مثال ئي انگريزن ڏانهن منهنجي
نيڪ خواهشات ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي.
جڏهن 14 تاريخ شتر سوار اچي اطلاع ڪيو ته ميجر جنرل
ڪنهن ڳالهه جي پرواهه ڪرڻ کان سواءِ حيدرآباد
ڏانهن پوريءَ ريت پيشقدمي ڪري رهيو آهي ۽ دشمنيءَ
جو ارادو رکي ٿو ته اٽڪل پنج يا ڇهه هزار بلوچ
مقابلي ڪرڻ لاءِ حيدرآباد کان روانا ٿيا.
اها خبر ٻڌندي ئي سندن پويان ويس ۽ کين سمجهايم ته هنن
هروڀرو کڻي پاڻ کي دشمنيءَ ۾ وڌو آهي، ڇو جو مون
کي يقين ڏياريو ويو آهي ته ميجر جنرل پنهنجي حليف
تي پهريائين وار نه ڪندو. مان پاڻ به لڙائي جي
ارادي سان ڪونه ويو هوس. جيڪڏهن منهنجو اهڙو ڪو
ارادو هجي ها ته مان اٿندي ئي ظاهر ڪريان ها،
بجاءِ انهيءَ جي جو ائين ڪرڻ لاءِ آخري گهڙيءَ
تائين انتظار ڪندو رهان.
اها صورتحال بذات خود منهنجي معصوميت ثابت ڪرڻ لاءِ
ڪافي آهي، جو مون ٻه ڏينهن ۽ هڪ رات جي منٿ ميڙ
کان پوءِ بلوچن کي انهيءَ ڳالهه تي راضي ڪيو ته
دشمنيءَ جي تمام علامتن کان باز هجي. هنن چيو ته
هنن کي منهنجي هر ڳالهه منظور آهي، پر جيستائين
انگريزي لشڪر جي پيشقدمي جاري آهي، تيستائين ميدان
نه ڇڏيندا.
آخرڪار هنن منهنجي اها ڳالهه به منظور ڪئي ته جنرل
ڏانهن وڪيل موڪلي کيس هيءُ ٻڌايو وڃي ته اسان اڃان
به انگريزن جا دوست آهيون.
ٽئين ڏينهن پرهه ڦٽي ويل جنرل جي لشڪر اسان تي توبون
ڇوڙيون ۽ بلوچن به مايوسيءَ جي عالم ۾ جوابي
ڪارروائي ڪئي. اسان جي طرف کان هزارين ماڻهو مارجي
ويا ۽ باقي ڇڙوڇڙ ٿي ويا. فقط آءٌ اڪيلو ارڙهن
ماڻهن سان ميدان ۾ رهجي ويس، پر جڏهن مون ڏٺو ته
سڀئي ڀڄي ويا ۽ انگريز ظلم تي سندرو ٻڌيو بيٺا آهن
ته مان حيدرآباد موٽي ويس.
حالات جيڪو رخ اختيار ڪيو هو، تنهن کي مون بيحد رنجايو.
منهنجا پنهنجا مون کي مهڻا ڏئي رهيا هئا. هو چئي
رهيا هئا ته جيڪڏهن شروع ۾ ئي آءٌ انگريزن کي ملڪ
۾ گهڙڻ نه ڏيان ها ته هو اڄ هن طرح ظلم جو شڪار نه
ٿين ها.
جيڪڏهن منهنجي وڙهڻ جي مرضي هجي ها ته ظاهر آهي ته مان
حيدرآباد ڇڏي وڃان ها، ۽ وڃي جبلن ۾ پناهگاه
ٺاهيان ها، جتان آءٌ مخالفانه ڪارروايون شروع ڪري
ڏيان ها. پر جيئن ته منهنجو اهڙو ڪوئي ارادو نه
هو، تنهنڪري ٻئي ڏينهن آءٌ رضاڪارانه طور تي
انگريزن جي ڪئمپ ۾ ويس ۽ پنهنجي تلوار ميجر جنرل
جي حوالي ڪندي چيم ته: ”اوهان لڙائيءَ جو شروع ڪئي
جڏهن ته آءٌ اوهان جي هر مرضي پوري ڪرڻ لاءِ تيار
هوس.“ جنرل منهنجي تلوار مون کي واپس ڪندي ۽
مسڪرائيندي چيو، ”گهٻرايو نه. آءٌ پنجويهن ڏينهن
اندر اوهان جو معاملو طي ڪندس.“ ۽ مزيد چيائين ته
”اوهان جو جيڪو لشڪر آسپاس موجود آهي، انهن کي به
برخواست ڪري ڇڏيو ۽ مير رستم خان کي گهرايو جو آءٌ
ساڻس ملڻ چاهيان ٿو.“
جڏهن مون لشڪر کي برخواست ڪري ڇڏيو ۽ مير رستم خان اچي
ويو ته هن کي، مون کي ۽ مير شهداد خان، جيڪو مون
سان گڏ هو، اسان سڀني کي قيد ڪيو ويو. ان بعد سر
چارلس، ميجر ريڊ (Major
Reed)
۽ ٻين انگريز صاحبن کي قلعي ڏسڻ جي بهاني سان اندر
قلعي ۾ موڪلي ڏنو.
عقل وارو هي ڳالهه ٻڌندو ته وائڙو ٿي ويندو ۽ غم جي
ڏندن سان پشيمانيءَ جي آڱر ۾ چڪ وجهندو. اسان جي
اسيريءَ وقت اهڙي ئي صورتحال هئي. ڏسڻ جي بهاني
هنن قلعي تي قبضو ڪيو ۽ تباهي ۽ ڦرلٽ کي انهيءَ حد
تي پهچائي ڇڏيو جو سپاهين جي بغلن مان هيرا ۽
جواهر ائين ڪِري رهيا هئا، جيئن واريءَ جا ڪڻا!
انگريزن جي قلعي ۾ داخل ٿيڻ جي ٽئين ڏينهن مير محمد خان
کي قيد ڪيو ويو ۽ انهيءَ جي ٻئي ڏينهن مير صوبدار
خان کي قلعي مان ٻاهر آندو ويو ۽ ساڳي طرح قيد ڪيو
ويو. انهيءَ کان پوءِ مير فتح علي خان ۽ مير محمد
علي (مير صوبدار خان جا پٽ) ۽ مير حسن علي خان ۽
مير عباس علي خان (منهنجا پنهنجا پٽ) به قلعي کان
ٻاهر ڪڍي آندا ويا جتي آءٌ هوس. خاص طور تي منهنجي
پٽن کي ته اهڙي ڏتڙيل حالت ۾ آندو ويو جو انهن کي
نه پٽا ٻڌل هئا، نه تلوارون لٽڪي رهيون هيون ۽
سونن سنجن سان گهوڙا جن تي هو چڙهي آيا هئا سي به
کسيا ويا ۽ جيتوڻيڪ نوجوانن اهي واپس وٺڻ لاءِ
گهڻي ڳڻتي ڏيکاري، تڏهن به اهي واپس نه ڪيا ويا.
سمورو سون ۽ قيمتي سامان پيتين ۾ بند ڪري بمبئيءَ
موڪليا ويا. هي ڌاڙو قريباً ارڙهن ڪروڙ رپين جي
ماليت جو هو.
مصيبتن جي انتها جا تفصيل بيان ڪرڻ بيڪار آهن. اسان جا
گلم غاليچا چادرون ۽ پائڻ جا ڪپڙا سڀ کڻي ويا.
انگريز صاحبلوڪن اسان کي انهن ڪتابن کان به محروم
ڪري ڇڏيو، جيڪي اسان وندر لاءِ پاڻ وٽ رکيا هئا.
جيڪي اسان جي مقدر ۾ لکيل هو سو ئي ٿيو آهي. آءٌ
لارڊ ايلنبرو جي شڪايت نٿو ڪريان، نه وري چارلس
نيپئر يا ٻئي ڪنهن انگريز حاڪم کان مون کي ڪا
شڪايت آهي، ڇاڪاڻ ته منهنجي قسمت ئي اهڙي هئي. اهو
منهنجي مقدر ۾ لکيل هو ته جن کي مون دوست بڻايو سي
ساڳيا منهنجا ويري ٿيا. سائينءَ کي ساراهه جڳائي
آءٌ هي بيان اجايو اينگهائيندو رهان، تنهن کان
ائين چوڻ ڪافي آهي ته پهريائين اسان کي قيديءَ جي
حيثيت ۾ بمبئيءَ موڪليو ويو، تان سار (Sasur)
جتان فقط مير شهداد خان اڪيلو سورت موڪليو ويو. هڪ
سال گذرڻ بعد اسان کي ڪلڪتي آندو ويو.
حيرت جي ڳالهه آهي جو بمبئي جي گورنر کان سواءِ ٻئي
ڪنهن سرڪاري ماڻهو اهو نه پڇيو آهي ته اسين ڪير
آهيون ۽ اسان ڪهڙو قصور ڪيو آهي، جو هن انجام جا
مستحق ٿيا آهيون!!
|