سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1988ع (3)

 

صفحو :1

مهراڻ 1988ع (3)

چيف ايڊيٽر: علامه غلام مصطفيٰ قاسمي

انچارج ايڊيٽر:نفيس احمد شيخ

 

حال احوال

(ايڊيٽوريل)

جيئي لطيف!

 

        سنڌ جي سر زمين کي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي روح آفرين ۽ حيات بخش ڪلام ۽ پيغام تي بجا طور تي فخر ۽ ناز حاصل آهي. لطيف سائينءَ جو فڪر، سنڌ وارن لاءِ زندگيءَ جو امر نياپو آهي ۽ سنڌ واسي ان مان اتساهه حاصل ڪندا رهن ٿا. لطيف سائين سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي سڃاڻپ ۽ تابندگيءَ جي علامت طور جڳن تائين جاودان رهڻو آهي. عالمن ۽ محققن، شارحن ۽ فاضلن، لطيف سائينءَ جي درخشان پيغام کي سنڌ جي سونهن، سنڌ جو شان، سنڌ جي مستقبل جو يقين قرار ڏنو آهي. لطيف ۽ سنڌ، هڪ سڪي جا ٻه پاسا آهن، پاڻ ۾ لازم ملزوم آهن ۽ هڏ ۽ چم واري ڪيفيت ۽ حيثيت حاصل ڪري چڪا آهن.

        لطيف سائينءَ جي عظيم الشان آفاقي ڪلام ۽ پيغام جي اهميت جي پيش نظر پنهنجي فرض ادائي ڪندي، سنڌ سرڪار جو ثقافت ۽ سياحت کاتو گذريل چند سالن کان وٺي جنهن وڌيڪ سرجوشي ۽ جانفاشانيءَ، تندهي ۽ محبت سان رات ڏينهن، جيڪو ڪم ڪري رهيو آهي، اهو اصل سنڌ ۽ علمي حلقن کان قطعاً ڳجهو ناهي، هڪ طرف سنڌ جي فنڪارن ۽ راڳيندڙن جي حوصله افزائي ۽ سندن فلاح و بهبود طرف خاص جتن ڪيا پيا وڃن ته ٻئي طرف سنڌي اديبن ۽ محقنن جي حوصله افزائيءَ لاءِ هڪ نئون سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، جنهن مطابق لطيف سائينءَ تي بهترين تحقيقي ڪم ڪندڙن کي سنڌ گورنرس ايوارڊ خالي ڏهن هزارن رپين جي خطير رقم تي مشتمل هڪ آبرومندانه انعام مقرر ڏنو ويندو. هن سال 1988ع کان لطيفي عرس جي موقعي تي ان تي عمل ڪيو پيو وڃي. سنڌ جا اديب ۽ شاعر بخوبي ڄاڻن ٿا ته تازه خاص اپائن ۾ ميلي واري ادبي ڪانفرنس جو نئون رنگ ۽ اوج به شام آهي، جيڪو ٻن چئن سالن کان سنڌ جي علمي حلقن کي طمانيت بخشي رهيو آهي. ان ڏس ۾ ڪانفرنس جي ڪنوينر جناب حميد سنڌي جي مسلسل جاکوڙ کي به وساري نٿو سگهجي.

        هڪ طرف لطيفي عرس جي موقعن تي فنڪارن کي لطيف ايوارڊ ڏيڻ جي روح پرور روايت روز بروز وڌيڪ جاذبيت ۽ دلڪشي ماڻي رهي آهي ته ٻئي طرف لطيفي راڳ کي محفوظ ڪرڻ، ڪتب خاني ۽ تحقيقي مرڪز کي زور وٺائڻ، نون نون علمي ڪتابن جي اشاعت ۾ باقاعدگي ۽ مسافرخاني جو قيام، شاهه جي باغ جو قائم ٿيڻ – اهي سلسلي روز روشن جيان ٻڌائن ٿا ته ثقافت ۽ سياحت کاتو لطيفي خدمت ۾ وڏي چاهه ۽ اتساهه، عقيدت ۽ اڪير سان ڪمرڪشي بيٺو آهي.

        انشاءَ الله اهل سنڌ ڏسندا ته اهو ڏينهن گهڻو پري ناهي جڏهن لطيفي مرڪز پنهنجو اهو مقام ماڻيندو، جنهن جو هو بجا طور مستحق آهي.

        اسان جي سنڌ جي عالمن ۽ اديبن، شاعرن ۽ صحافين، سگهڙن ۽ فنڪارن، غرض ته هر سنڌيءَ کي اپيل آهي ته لطيف سائينءَ جي خدمت وارين مٿين ڪوششن ۾ پنهنجي طرفان هر ممڪن هٿ ونڊائي پنهنجي قومي فرض ادائي ڪن، جو اسان تي حق آهي؛ ڇو ته لطيف اسان سڀني جو آهي ۽ اسان جي سڃاڻپ ۽ سونهن آهي، اسان جي ماضيءَ جي عظمت سان گڏ آئيندي جي آس آهي، اسان جو روشن مستقبل آهي ۽ اسان جو جياپو آهي.

 

جيئي لطيف!

 

مهراڻ ايوارڊ

 

        سنڌي ادبي بورڊ جي فيصلي مطابق، مهراڻ ۾ ڇپيل بهترين مواد جي چونڊ تي هڪ انعامي اسڪيم شروع ڪئي ويئي آهي. اهي ايوارڊ، مقالن، افسانن، شعرن ۽ متفرقه مواد تي ڏنا ويندا. هر صنف تي ٽي ٽي انعام رکيل آهن، جي ٽي هزار، ٻه هزار ۽ هڪ هزار رپين جي نقد صورت ۾ سنڌي لکندڙن کي ڏبا. گذريل سال 1987ع جي ڇپيل مواد جي چونڊ سان ان ڪم جي ابتدا ڪئي ويئي آهي ۽ انشاءَ الله جلد بورڊ طرفان هڪ بروقار ادبي تقريب ۾ اهي انعام ڏنا ويندا.

        مهراڻ سان سنڌي اديبن جا اڳي ئي پيچ پختا پيل آهن. تنهن هوندي به اسان کي خاطري آهي ته سنڌي اديب اڃا به وڌيڪ تعاون ۽ محبت سان اسان کي نوازيندا رهندا.

 

سنڌي اديبن جي ڊئريڪٽري

        سنڌي  ادبي بورڊ، سنڌ جي اديبن جي هڪ ڊئريڪٽري شايع ڪرڻ جو پراجيڪٽ شروع ڪيو آهي، اهڙي ضروري ڪتاب جي کوٽ هڪ عرصي کان وٺي مختلف حلقن طرفان پئي محسوس ڪئي ويئي.

        سنڌي زبان جي سمورن لکندڙن کي استدعا آهي ته پنهنجو مختصر سوانحي خاڪو، ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪتابن ۽ مواد جي ڄاڻ سان گڏ، پاسپورٽ سائيز فوٽو ۽ ائڊريس فون نمبر سميت، سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽريءَ کي موڪلي ڏين.             

 – ن. ا. ش

 

شاعري

 

سر ڏهر مان بيت

 

متو آهين مڇ، ٿلهو ٿيو ٿونا هڻين،

جا تو ڏٺي اڇ، تنهن پاڻيءَ پنا ڏينهڙا.

 

ڏوران پسي ڏور، وهين جي وهرون ڪري،

هوند نه وڌئي هور، ماڻڱرياڻي مڇڙا.

 

ڪُنڍي ڪلين وچ ۾، جڏهن هنئي جن،

موٽي مون پرين، ڪڍڻ جي ڪانه ڪئي.

 

ڪُنڍي ڪلين وچ ۾، جڏهن هنيائون،

موت نه ماريائون، ڏور وجهي ويا ڏک جي.

     - ڀٽائي رحه


 

مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“

 

محبوب جون ٻئي مَشاق اکيون،

هو دلبر، هي عُشاق اکيون.

 

هو حق جو حُسن پائن ٿيون،

هو عرشان پار پڄائن ٿيون،

معراج ڪمال ڪرائن ٿيون،

مون لاءِ ٿيون بُراق اکيون.

 

هو زهريلا ٿيون تير هڻن،

سي تير وهاٽيو خوب وجهن،

جي ڪين جِينَ ۽ ڪين مَرن،

پهرين چنبڙن جئن چقماق اکيون.

 

نازڪ ٿيون ڪين نحيف ٿيون،

سي هرگز ڪونه ڪسيف ٿيون،

جي اصلون لال لطيف ٿيون،

اکين ۾ ڪن اوطاق اکيون.

 

درشن جي لئه دلال ٿين،

پيغام وصال جا خوب ڏين،

پو ”طالب مولا“ محب ملن،

جڏهن ڪن ٿيون اچي الحاق اکيون.


 

نياز همايوني

 

غزل

 

مون کي زندگيءَ جي خاطر، توسان پيار ڪرڻو آهي،

اهو پيار موت ٿي پيو، ته به ماتِ ٿيڻو آهي.

 

تون ڪڪر ۾ چنڊ وانگر يا گلن ۾ بوءِ وانگي،

تون لڪين ڪٿي به جاني! توکي ڳولي لهڻو آهي.

 

مون کي دل جو درد بخشي، تو تونگري عطا ڪئي،

ته به تنهنجي در جو سائين! ٿي فقير هلڻو آهي.

 

مون اداس رات ڀي ڪئي، تنهنجي ياد ساڻ سَرهي،

تنهنجو غم رهي سلامت، مون کي ڪئن به جئڻو آهي.

 

تون سوال زندگيءَ جو، تون جواب هر خوشيءَ جو،

تنهنجي مِهر جهن جي قسمت، اهو ڪين مرڻو آهي.

 

تون بهار بڻجي آئين، ته خزان به راس ايندي،

مان قدم قدم تان صدقي، توکي ائين جي اچڻو آهي.

 

تنهنجي مُرڪ سان مُکڙيون، ٿيون ٽِڙن چمن چمن ۾،

تنهنجي قرب سان ئي قائم، سڄو رنگ رهڻو آهي.

 

مون کي جَنّتن برابر، تنهنجي سام تنهنجو سايو،

هيءَ هيکلائي دوزخ، مون کي توڏي ورڻو آهي.

 

مون کي زخم زندگيءَ جا، مان روئان ٿو رت جا ڳوڙها،

اڃا گهاوَ ڏي زمانا، اڃا اهنج سهڻو آهي.

 

تون جي مهربان مون تي، نيازمند مان ڀي،

هي ’نياز‘ نيٺ تنهنجو، توکي ننگ رکڻو آهي.


 

تنوير عباسي

 

گيت منهنجا

 

ڄڻ ڪَنڍيون رابيل جون،

چيٽ جي سانجهي ۾ جي،

تنهنجي ڪراين کي وڪوڙي ويون،

تنهنجي وارن جي ونگوڙن ۾ وڪڙ ڏيئي آڙيون،

جن جي سڳنڌ تو ساهه سان اندر کنئي،

مات ٿيو تنهنجو غرور.

 

نئينءَ ٽهي ڏانهن

(سرمد جي وطن ورڻ جي خبر تي)

 

منهنجي ميرانجهي من تي ڪو سورج جهلڪا ڏيندو،

ايندو ساجن ايندو.

 

منهنجي جيون جي مقصد کي مون کان اڳتي نيندو،

ايندو ساجن ايندو.

 

مون جا مڌ مچائي آهي، ان جا مَٽٽ کوليندو،

ايندو ساجن ايندو.

 

ماڻهوءَ موهه جو منهنجي من ۾ سو جڳ کي آڇيندو،

ايندو ساجن ايندو.

 

آءٌ ته ماضي آهيان سائين، هو مستقبل ٿيندو،

ايندو ساجن ايندو.

 

لهندو مان هو پاڻ مٽيءَ جو مون کي مٽيءَ گڏيندو،

ايندو ساجن ايندو.


 

تاج بلوچ

 

آخري منظر

منهنجا ڪجهه خط ۽ تصويرون، تو ڦاڙي اماڻيا آهن

جي پوئين سرنامي تان ٿيندي، مون تائين پهتا آهن.

پر منهنجو ٻيون به شيون ڪي آهن

جيڪي تو وٽ هونديون!

مون ڏانهن اماڻي ڏي.

 

تو سان گڏ رهندي

ڪجهه ڪوتائون ۽ اڻپورا سپنا سرجي پيا ها

جيڪي تو سيرانديءَ کان پنهنجي وهاڻي جي ڇَوَ ۾ ڇُپايا ها

سي اڻپوريون ڪوتائون، اڌورا سپنا واندا جي هجن!

مون ڏانهن اماڻي ڏي.

 

سانوڻ جي پهرين، ڪومل ۽ ڪنواري وسڪاري ۾

تنهنجي بدن جي چانڊوڪي

جسم جي پورَ پورَ جي هر کڙڪي ٽوڙي

منهنجي اکين جي آڳر ۾ جرڪي پيئي هئي

سانوڻ جي ان ڪومل ۽ ڪنواري وسڪاري وارو سو لمحو

تنهنجي جسم جي پورَ پورَ جي کڙڪين مان

منهنجي اکين جي آڳر ۾ آيل

سار رم جهم رم جهم چانڊوڪي

تو وٽ منهنجي امانت آهي

مون ڏانهن اماڻي ڏي.

 

تنهنجي گهر جي ڏاڪڻ جي مٿاهين ڪمري ۾

پن – ڇڻ رُت جو نوحو ساڻ کڻي پوههُ جو آيو هو

هڪ بلئنڪيٽ ۾ گڏ هوندي ڀي ڌار هئاسين

۽ ڏڪندي ڏڪندي رات جا گذري هئي

رات اها پڪ تو وٽ هوندي!

مون ڏانهن اماڻي ڏي.

مون کي نياءَ انياءَ جي جهيڙي ۾

سيني ۽ پيشانيءَ تي جيڪي گهاءَ رسيا ها

تن زخمن کي تو پنهنجي پوتيءَ سان صاف ڪيو هو

تنهنجي سا رَت هاڻي ڦاٽل پوتي

تنهنجي ڪمري جي ڪنهن ڪنڊ ۾ هوندي!

مون ڏانهن اماڻي ڏي.

 

 

ننڊ ۽ جاڳ جي حالت ۾

مون پنهنجي ٻرندڙ نيڻن ۾

تنهنجي مهتاب صفت جلون کي جاءِ ڏني هئي

هن پاسي ايندي

سي اوجاڳيل ۽ ٻرندڙ اکيون

ايڏانهن ڇڏي آيو آهيان!

مون ڏانهن اماڻي ڏي.

 

تنهنجي شاديءَ کان اڳ ۾

تو ۽ مون ’مولا جي قدمن‘ ۾ ويهي، نير وهائي

گڏجي مرڻ – جيئڻ جو عهد ڪيو هو

مرڻ ته پاڻ اسڻ مون آندو هو

جيئڻ وارو عهد جي تو وٽ سانڍيل آهي!!

مون ڏانهن اماڻي ڏي.

 

 

منهنجا ڪجهه خط ۽ تصويرون

ڦاٽل ڦاٽل مون تائين پهتا آهن

پر منهنجون ٻيون به شيون ڪي هونديون

جيڪي تو وٽ آهن، ها آهن

مون ڏانهن اماڻي ڏي

سڀ مون ڏانهن اماڻي ڏي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com