تبصرا
(نوان سنڌي ڪتاب)
جامع سنڌي لغات
مرتب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
شايع ڪندڙ: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو/حيدرآباد.
قيمت: هڪ سئو پنجاه رپيا.
سنڌي ادبي بورڊ جيڪي ڪتاب شايع ڪيا آهن، سي پنهنجي
پنهنجي جاءِ تي موضوعن جي لحاظ کان لک لهن، پر
”جامع سنڌي لغات“ جو ڇپجي تيار ٿيڻ، هڪ نيڪ فال
آهي. سنڌي زبان کي مڪمل ۽ معياري لغات جي گهني وقت
کان اشد ضرورت هئي، ليڪن اهڙو ڪو سنڌي زبان جو
ڄاڻو، هڏ ڏوکي، اورچ ۽ عالم نڪري نروار نه ٿيو، جو
مُهم کي منهن ڏيئي. سچ پچ ته هڪ جهوني ۽ شاهوڪار
ٻوليءَ کي جامع، مستند ۽ معياري لغات نه هجي، سا
ڳالهه مهڻي هاب هئي، پر جَس جڳائي محترم سائين
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي، جنهن پنهنجي قيمتي
حياتيءَ جو ڳپل حصو، ان سجائي ڪم ۾ صرف ڪري، اسان
جو ڳاٽ اوچو ڪيو ۽ سڀ مهڻا موکي ڇڏيا.
’جامع سنڌي لغات‘ جي سيهڙ ۽ سموهه ۾ ڊاڪٽر صاحب ڪهڙا
ڪشالا ڪڍيا هوندا يا ڏونگر ڏوريا هوندا يا جهر
جهنگ جهاڳيا هوندا، سو ته ڊاڪٽر صاحب ٻڌائي نه
ٻڌائي، پر سندس ڪيل ڪم ئي دلالت لاءِ ڪافي آهي.
اهڙي اٺڪاٺئي ڪم لاءِ محترم سائين مهاڳ ۾ ڏيکاريو
آهي ته ”جنوري 1952ع کان وٺي ڪم باقاعدي شروع ڪيو
ويو ۽ رات ڏينهن جي لڳاتار محنت سان ’الف‘ کان وٺي
’ي‘ تائين سڄي لغات ويهن وڏن هٿ لکيل جلدن ۾ ٽن
سالن جي مقرر مدي اندر ڊسمبر 1954ع ۾ جوڙي راس ڪئي
وئي.“
ٽن سالن جي مختصر مدي ۾ هيڏو سارو ڪم هر طرح مڪمل ٿي
وڃي، سا ڳالهه، ڪنهن به صورت ۾ معجزي کان گهٽ نه
آهي. جن عالمن، اديبن، محققن ۽ ماهرن، هن ڏس ۾،
پنهنجيءَ پَرِ ۾ ڪوشش پئي ڪئي آهي، سي ئي ان معجزي
جي تصديق ڪري سگهندا.
قبول ٿو ڪجي ته سنڌ مان ڪارڪنن به لغوي مواد موڪليو ۽
ڇاپي توڙي قلمي مواد مان به انيڪ الفاظ ڪڍيا ويا،
پر انهن سڀني لفظن جي صحت سالم رکڻ لاءِ تُز معنيٰ
۽ ڪن حالتن ۾ شاهد ڏيڻ لاءِ، ڊاڪٽر صاحب ڪيڏو نه
ذهني پورهيو ڪيو هوندو؛ ڇاڪاڻ ته هي ڪم پنهنجي
ليکي هڪ ٿڪائيندڙ ۽ بيزار ڪندڙ آهي. چوندا آهن ته
جنهن ڪم ۾ نيت صاف هوندي ته يقيناً مراد حاصل
ٿيندي. اهوئي سبب آهي، جو ڊاڪٽر صاحب اڪيلي سر،
لغوي ميدان کي سَر ڪري ويو ۽ اُتي وڃي پهتو، جتي
ٻئي ڪنهن جي پڄڻ جي جاءِ نه آهي. وڏي ڳالهه ته
ڊاڪٽر صاحب پنهنجي پورهئي جو معاوضو نه ورتو آهي؛
ڇاڪاڻ ته هي ڪم سندس سڪ جي سودي جو نيڪ نتيجو آهي.
ڊاڪٽر صاحب جي شخصيت ڪنهن به تعارف جي محتاج نه آهي. هو
مڃيل مورخ ۽ محقق آهي. هن دور جو وڏو پارکو آهي.
خاموش مبصر جي حيثيت ۾، هُن سڀني کي ڏٺو آهي،
جيڪڏهن ڪنهن ۾ ڪي ڪڻا ڏسي ٿو ته بي ڌڙڪ ان کي خط
ذريعي همٿائي ٿو، ته جيئن ادبي ميدان ۾ سندس قدم
رڪجي نه بيهي. ههڙي فياضي ۽ سخا اڄ جي دور ۾، اسان
تمام گهٽ ٻڌي. خدا شل کيس عمر دراز بخشي.
سنڌي زبان جي هيءَ پهرين ’جامع لغات‘ آهي، جنهن ۾ لفظن
جا ڌاتو ۽ اشتقاق نظر ايندا. جيتوڻيڪ ڊاڪٽر سنديلي
جي ”تحقيق لغات سنڌي“ به ان ئي اصول تي تيار ڪيل
آهي، پر ڊاڪٽر بلوچ جي لغات جو ادبي رتبو البته
مٿاهون آهي. ٻين به ڪافي عالمن دماغ ڊوڙايا، پر
ههڙي جامع شيءِ جوڙي نه سگهيا.
لغات ۾، لفظن کي چٽيءَ طرح کوليو ويو آهي. مثلاً نارَ
جي عضون جا نالا، ٻڪرين جي مختلف قسمن جا نالا،
شڪاري پکين جا نالا، طلب ته ڪابه اهڙي چيز نه ڇڏي
وئي آهي، جنهن کي ڊاڪٽر صاحب ياد نه ڪيو هجي. ائين
کڻي چئجي ته لغات ڊاڪٽر صاحب جي ’لوڪ ادب‘ جي وسيع
معلومات ۽ لغوي ڄاڻ جو نچوڙ آهي، ته ڪو مبالغو نه
آهي.
’جامع سنڌي لغات‘ سنڌي لفظن جو هڪ اٿاهه ساگر آهي، جنهن
جي تَرَ تائين ڊاڪٽر صاحب ويو آهي، ۽ لفظن جي باري
۾ ڪيتريون ئي نيون حقيقتون آنديون اٿس، جن جي اڳ ۾
ڪيترن کي خير ڪا خبر هئي. جيئن ته انهيءَ قسم جي
هيءَ پهرين ڪوشش آهي، تنهنڪري ٿي سگهي ٿو ته ڪن اڻ
ٽر سببن ڪري محترم سائينءَ کان، لفظن ۽ اصطلاحن جي
باري ۾، ڪي حقيقتون رهجي ويون هجن. ان سلسلي ۾
اسان پنهنجا ويچار هيٺ پيش ڪيون ٿا:
پروفن جون غلطيون
نار خدا (ص: 2772) ’نار خدا‘ بدران ’ناو خدا‘ ٿيڻ کپي.
ناهر (ص 2787) چانور جو هڪ قسم – هتي ٿيڻ کپي ’جانور‘.
پنڌرهن (ص: 2877) ٿيڻ کپي پندرهن‘.
رائيگان (ص: 2910) ٿيڻ کپي ‘رائگان‘.
لنهائين (ص 2837) ٿيڻ کپي ’نهائين‘.
مُگ (ص 2708) ٿيڻ کپي ’مڱ‘.
وانڱڻ (ص: 2897) ٿيڻ کپي ’واڱڻ‘.
ڀائرن (ص: 2844) ٿيڻ کپي ’پائرن‘.
اصطلاحن تي ڌيان
کَٿو کَڙيو کڻي پٺيان پوڻ
=
سچي دل سان ڪم ڪرڻ (ص؛ 310)، کَڙيو
=
خرزين، ٻورو، ٻوري، ڳوڻ، ڳوٿري، جهولي (ص 2232)،
اهو کڙيو لفظ ’سير ڪوهستان‘ (ص: 82) تي به نظر اچي
ٿو: اڌ لوئيءَ جو انگ تي، اڌ ۾ خان کڙيو (سانوڻ).
لغات جون معنائون به ٺيڪ آهن، پر پنهنجي طرفان
ڪجهه وضاحت ڪجي ٿي. ’مارو‘ غربت سبب، لوئيءَ جي اڌ
سان بدن ڍڪين ۽ باقي اڌ ۾ گاهه پٺو ٻڌي پٺاڙن،
ڪلهي يا سر تي رکندا آهن، انهيءَ گاهه پٺي جي ٻڌل
هَڙ کي ’کڙيو‘ چوندا آهن. اصطلاح ۾ کٿو (کٿي، ڳوڻ
جي ٽپڙي) ۽ کڙيو (خرزين، ڳوڻ وغيره) قريب قريب هڪ
ئي معنيٰ ۾ ڏيکاريل آهن، تنهن ڪري کٿو ۽ کڙيو مان
اصطلاحي ۽ لغوي مقصد پورو نٿو ٿئي. اسان جي ناقص
راءِ موجب، هيئن بيهڻ کپي، کٿو ۽ کُريو کڻي پٺيان
پوڻ.
کٿو
= جنهن ۾ گاهه پٺو ٻڌجي.
کُريو
= کرپي، رنبي، رنبو.
جڏهن گاهي (گاهه ڪندڙ) يا ڇٻر ڪرڻ ويندو آهي، ته کٿي
(گاهه پٺي لاءِ) ۽ رنبو (گاهه يا ڇٻر ڪٽڻ يا کرڙڻ
لاءِ) کڻندو، تنهن، اصطلاح جا لفظ يڻ کپن:
کٿو ۽ کَڙيو نه، پر کَٿو ۽ کُريو.
هندڪي اچار وارا الفاظ
ڪيترا اهڙا به الفاظ نظر چڙهن ٿا، جن مان هندڪي اُچار
جو آواز پيو اچي. لغت ۾ درست اُچار سان لفظ اچڻ
کپن، پوءِ کڻي ڪهڙي به قوم يا طبقي جا ڇو نه
اُچاريل هجن. جامع لغات سنڌي جي صفحي 2802 تي هن
ريت لکيل آهي:
الف
– نِران =
گهوٽ جي ڀيڻ.
اسان جي خيال موجب نران بدران ’نڙان‘ يا ’نِڻان‘ ٿيڻ
کپي. ’نِران‘ پڪ ئي پڪ هندڪو اُچار آهي، جيئن ڪي
هندو ماڻهو ’گهوڙو‘ کي ’گهورو‘ ۽ ’ٻوڙ‘ کي ’ٻور‘
چون. نظر ائين ٿو اچي ته اهو لفظ ڪنهن ڪاڪي جي
’ڪوش‘ مان ڪڍيو ويو آهي ۽ جيئن جو تيئن داخل ڪري
ڇڏيو آهي. ’نڻان‘ ۽ ’نڙان‘ ٻئي درست آهن. ڇاڪاڻ ته
’ڻ‘ ۽ ’ڙ‘ ڪن حالتن ۾ پاڻ ۾ مٽبا آهن، جيئن:
توڙي
= توڻي
سَڙڪ
= سَڻڪ
کُڙڪ
= کُڻڪ
ماڙهو
=
ماڻهو
ب
–
نڙگهٽ
= نڙي جي اندران هوا لاءِ هڪ ڇَلانئين نلي (ص: 2804).
نرگهٽ
=
نريءَ جو گهٽ، اهو اچار غلط آهي.
ٿيڻ کپي: نڙگهٽ
=
نڙيءَ جو گهٽ.
لفظن جا شاهد
لفظن کي پڪي پايه تي بيهارڻ لاءِ، ’سنڌي لغات‘ ۾ ڪن
انوکن لفظن جا شاهد ڏنل آهن، جي لغوي خيال کان
بلڪل موزون آهن، پر انهن مان ڪي اڌورا آهن، جي
لغات جي ريسرچ ۾ مونجهارو پيدا ڪن ٿا. مثلاً:
1
– لوڪ جي بهتان ۽ خواري سندي،
سِرَ مٿي کاري کڻي ڪي مڙس ڌڱ. (گل)
بيت جي ڇاڙيءَ ۾ ’گ‘ ڏنل آهي، اتي ”گل“ اچڻ کپي.
2
– ”وائي“ جو لفظ جو شاهد. ص 2907
”رئان راتو ڏينهن، جيئن ان جي وائيءَ ۾ ور گهڻا. (ڪلياڻ
– شاهه).
اها مصرع ته سر مارئيءَ ۾ آهي، نه ’ڪلياڻ‘ ۾!
ساڳين لفظن جو ورجاءَ
گرجِ گِرون
= چاڪري، ٽهل، گوٿناٿ.
گِر ڪرڻ
= گَهه ڪرڻ، ضد ڪرڻ. ص: 2302.
اهي ساڳيا لفظ 2303 تي به نظر اچن ٿا.
لفظن جا بنياد هڪ اصول تي رکيل نه آهن
گهڙي (پراڪرت، گهٽيا. سنسڪرست گهٽڪا)، ڏينهن رات جو سَتون حصو،
ص: 2431.
لاڳ (سنسڪرت لگ. پراڪرت لگا) محنتاڻو، لاپو ص:2463.
پهرين لفظ (گهڙي) جي اصل لفظ لاءِ پراڪرت لفظ ڏيکاريل آهي ته
ٻئي لفظ (لاڳ) جي اصل لفظ لاءِ سنسڪرت لفظ ڏيکاريل
آهي. ترتيب هڪ ٿيڻ کپي، جا ٻوليءَ جي قدامت سان
ٺهڪي اچي. ٻيو ته پراڪرت ۽ سنسڪرت لفظن تي اعرابون
اچڻ کپن ته جيئن اچار جي صحيح خبر پوي.
هن جلد ۾ ڪيترن لفظن جي پوري ٿيڻ تي ڪي نشانيون قائم ڪيون ويون
آهن، جن بابت ’مهاڳ‘ ۾ ڪوبه اشارو ڪونهي. جيئن: 1
–
ف
– ج. 2
–
ش
–
ش. 3
– ن
–
ب. 4
–
هيم وغيره. اهڙيءَ طرح لغات جي مواد ۾ موسوي،
سنديلو، پرمانند، حامي وغيره جا نالا ملن ٿا، خبر
نه آهي ته ڪهڙي خيال کان آندل آهن.
بهرحال، جامع سنڌي غات، سنڌي لفظن جو هڪ بيش بها خزانو آهي،
جنهن مان هرهڪ محقق ۽ اديب پنهنجي من موافق مدد
وٺي سگهي ٿو.
پڇاڙيءَ ۾ وس وارن کي مخلصانه گذارش آهي ته لغات جي سڀني جلدن
کي هڪ ڀيرو وري به باريڪ نظر سان ڏٺو وڃي، ته جيئن
اهي اڻ لکا عيب دور ٿي وڃن. بورڊ کي گهرجي ته هن
ڪم کي اوليت ڏئي جيترو جلد ٿي سگهي، پورو ڪري ڇڏي،
جنهن ۾ سندس ئي ڪاميابيءَ وارو راز مضمر آهي.
آفتاب ابڙو
تاريخ طاهري
ترجمو: نياز همايوني؛ سائيز ڊيمي؛ صفحا 442؛ قيمت 80 رپيا؛ ناشر
سنڌي ادبي بورڊ، سال 1988ع.
ارغونن جي قبضي (927) بعد سنڌ جي تاريخ ۽ سماج جو نئين
سري سان مطالعو شروع ٿيو. نون حاڪمن هتان جي عوام،
حاڪمن، ساهت ۽ اتهاس بابت معلومات حاصل ڪرڻ گهري.
ان ريت قنڌار ۽ هرات توڙي ايران کان آيل اديبن،
عالمن ۽ محققن سنڌ بابت قلم کنيو ۽ ڏسندي ڏسندي
انهن ڪيئي ڪتاب تيار ڪري ورتا. شاعرن جا تذڪرا
تيار ٿيا. تاريخ بابت ڪتاب لکيا ويا. ان سان گڏ
سنڌ جي نيم تاريخي قصن ۽ رومانوي داستانن کي فارسي
نثر توڙي نظم ۾ منتقل ڪيو ويو. اهڙيءَ ريت سورهين
۽ سترهين صدي عيسويءَ ۾ سنڌ متعلق، بلاشبه متعدد
بنيادي دستاويز تيار ڪيا ويا. جيتوڻيڪ اهي دستاويز
هڪ طرفه، سطحي ۽ سنڌي عوام دشمنيءَ تي مبني آهن،
تاهم اڄ انهن جي اڀياس کان سواءِ ان دور جو مطالعو
ممڪن ڪونهي. سترهين صدي عيوسيءَ جي ابتدائي حصي ۾
جيڪي فارسي تاريخون سنڌ بابت لکيون ويون، انهن ۾
”تاريخ طاهري“ به هڪ آهي. هي ڪتاب سيد طاهر محمد
سن 1030هه/ 1621ع ڌاري ”بيگلارنامه“ کان پوءِ ۽
”مظهر شاهجهاني“ کان اڳ تيار ڪيو. بنيادي طرح هي
ڪتاب ٺٽي جي تاريخ جي حيثيت ۾ تيار ٿيو، تاهم جيئن
ته ٺٽو صدين تائين سنڌ جو تختگاهه رهيو هو، ان ڪري
هيءُ ڪتاب اڄ سنڌ جي تاريخ جي بنيادي ماخذ طور وڏي
اهميت رکي ٿو.
سيد طاهر محمد جو هي ڪتاب، سنڌي ادبي بورڊ پنهنجي فارسي
ماخذن جي اشاعت واري اسڪيم ۾ شآمل ڪري، سڀ کان اول
1964ع ۾ شايع ڪري پڌرو ڪيو. ان کان اڳ مير علي شير
قانع، ايليٽ ۽ محمد صديق ميمڻ ”تاريخ طاهري“ کي
ڪتب آڻي چڪا هئا، يا وري ان جا ڪجهه اقتباس
انگريزي ۽ سنڌي ٻولين ۾ منتقل ڪري ڇاپي چڪا هئا.
بهرحال ان جي مڪمل ۽ اصل متن جي اشاعت علمي دنيا
کي درڪار هئي ۽ ان اسڪيم تحت سنڌي ادبي بورڊ ان جو
معياري ۽ تحقيقي ايڊيشن منظر تي آندو. هي ايڊيشن
سنڌ جي هاڪاري عالم محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
جي محنت سان تيار ٿيو. ڊاڪٽر صاحب متن جي آخر ۾
فارسي زبان ۾ حاشيه ۽ تعليقات شامل ڪري، سيد طاهر
محمد جي غلطين جي درستي ڪئي ۽ منجهيل مامرن جي
اپٽار ڪئي. ان کان علاوه مصنف جي سوانح ۽ ”تاريخ
طاهري“ جي افاديت بابت، ڊاڪٽر صاحب مفصل انگريزي
نوٽ پڻ ڪتاب جي آخر ۾ شايع ڪيو.
تبصري هيٺ آيل ڪتاب ”تاريخ طاهري“ جو سنڌي ايڊيشن آهي،
جو محترم نياز همايوني جي ڪوشش سان، سنڌي ادبي
بورڊ تازو پڌرو ڪيو آهي. بورڊ ان کان اڳ ”چمچ
نامه“ ”تاريخ معصومي“، ”مظهر شاهجهاني“ ۽ ”تحفته
الڪرام“ جهڙن بنيادي دستاويزي ڪتابن جا سنڌي ڇاپا
شايع ڪري چڪو آهي. جيئن مٿي ذڪر ٿيو ته ”تاريخ
طاهري“ سيد طاهر محمد 1030هه/ 1621ع ڌاري تيار ڪيو
هو. فاضل ايڊيٽر موجب سيد صاحب پنهنجي ڪتاب کي ڏهن
طبقن (ڀاڱن) ۾ تيار ڪرڻ گهريو ٿي، تاهم مليل نسخن
۾ يا ته چار طبقا ملن ٿا يا وري پنج طبقا ڏسجن ٿا.
اهي طبقا هن ريت آهن:
طبقو (ڀاڱوھ پهريون سومرا
طبقو (ڀاڱو) ٻيون سمان
طبقو (ڀاڱو) ٽيون مرزا شاهه حسن
طبقو (ڀاڱو) چوٿون مرزا عيسيٰ ترخان
طبقو (ڀاڱو) پنجون مرزا غازي بيگ
مصنف پهرين ٻن طبقن ۾ جيڪا ڄاڻ ڏني آهي، اها سالن جي حد
تائين به غلط آهي، ان ڪري جڏهن ناقدين مٿس سطحي ۽
غلط معلومات ڏيڻ ۽ هڪ رخي، هڪ طرفي ۽ تعصب ڀري
تحرير ڏيڻ جو الزام هڻن ٿا، ته ان ۾ هو بلڪل درست
آهن. سمن ۽ سومرن بابت سندس غفلت ۽ ڪم علمي ته
سمجهه ۾ اچي ٿي، تاهم همعصر دور بابت ڏنل سندس
ناقص معلومات جو سبب سمجهڻ ۾ ڏاڍي دقت ٿئي ٿي.
مثال طور ارغون دور بابت يا شاهه حسن جي حڪومت
متعلق، هن انتهائي غفلت ۽ لاپرواهي ڏيکاري آهي. ان
هوندي به ڪجهه معاملن بابت، سيد طاهر محمد جيڪو
مواد قلمبند ڪيو آهي، اهو ٻئي ڪنهن به ذخيري مان
ڪونه ٿو ملي. مثال طور عيسيٰ ترخان جي حڪمراني،
غازي بيگ جو دور، قنڌار ۾ سندس مقرري، اتي جون
علمي محفلون، بيگلارن جون بغاوتون، جاني بيگ ۽
اڪبري لشڪر جون لڙايون وغيره بابت مصنف جو ڪجهه
لکيو آهي، اهو بيحد قيمتي مواد آهي. مرزا باقيءَ
جي خودڪشي مصنف جي والد سيد حسن پاڻ اکين سان ڏٺي.
هن ڪيتريون ڳالهيون پنهنجي پيءُ کان پڇي تحرير
ڪيون آهن، جيڪو ترخانن جي حڪومت جو هڪ زميوار
اهلڪار هو. اهوئي سبب آهي جو اڄ ”تاريخ طاهري“ سنڌ
جي ترخاني دور جو هڪ اهم ۽ مستند دستاويز بنجي چڪو
آهي.
اڄ جڏهن روز بروز اسان وٽ فارسي ڄاڻندڙن ۽ پڙهندڙن جي
ڪمي ٿي رهي آهي، اتي اهڙن ماخذن ۽ قيمتي ڪتابن جو
سنڌي زبان ۾ منتقل ٿيڻ ازحد ضروري آهي. محترم نياز
همايوني ”تاريخ طاهري“ جو سنڌي ترجمو ڪيو آهي. هن
کان پهرين هن صاحب ”مظهر شاهجهاني“ پڻ سنڌيءَ ۾
منتقل ڪئي آهي. ڪنهن به زبان مان ڪتاب جو ترجمو
ڪرڻ هڪ اوکو عمل آهي، تاهم نياز صاحب هڪ سٺي لکندڙ
هجڻ سان گڏ هڪ سٺي مترجم جي بلاشبه وڏي شهرت رکي
ٿو. سندس سنڌي نثر روان، عام فهم ۽ آسان آهي.
شاعر ٻولين جا ٺاهيندڙ ٿين ٿا، ان ڪري شاعريءَ ۾ زبان ۽
لغت جا تجربا ٿيڻ عام رواجي دستور آهي، تاهم نثر ۾
مروجه ٻولي ڪتب آڻڻ بيحد لازمي آهي. محترم نياز
همايوني هن ترجمي کي بيحد وڻندڙ بنايو آهي، تاهم
ڪٿي ڪٿي اهڙا لفظ ڪتب آندا آهن، جن کي آسان ۽ عام
فهم بنائجي ها ته بهتر ٿئي ها. اهڙا ڪجهه اکر هت
ڏجن ٿا:
”رهت (ص 35)، ڳِتَ (ص 47)، آگهاتي (ص 55)، هيکل (ص 72)،
ڪونتل (ص 83)، جوال (ص 93)، مقرب (ص 102)، ڪُرمش
(ص 106) کاوان (ص 109) ۽ ڊنب ڊنباڙو (ص 259).
فاضل ايڊيٽر جي حاشين ۽ تعليقات کان پوءِ مترجم حوالا ۽
متعلقات ڏيندي، هن تاريخي ڪتاب جي جديد ڇاپي کي
مڪمل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. ان ڏس ۾ سيد حسام
الدين راشدي مرحوم جي ڪم مان گهڻي مدد ورتي وئي
آهي. خيال آهي ته ترجمي جو هي ڪم اڄ کان اٺ سال کن
اڳ پورو ڪيو ٿو ڏسجي. ان بعد سنڌ جي تحقيقي دنيا ۾
گهڻي کوجنا ٿي چڪي آهي. سمن سلطانن جي زماني بابت
”تاريخ طاهري“ جي ڀيٽ ۾ پنهور صاحب جي راءِ وڌيڪ
درست ڏسجي ٿي (ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ، ص 295).
آخري سومري بادشاهه بابت نئون مواد سامهون اچي چڪو
آهي، (مهراڻ، 1981/3). خود سمن بادشاهه ۽ سندن دور
بابت راقم الحروف ”سمن جي سلطنت“ شايع ڪري ڇڏيو
آهي. نياز صاحب ملاقاطعي جو ”مجمع الشعراي
جهانگيرشاهي“ هڪ مخزن جي مدد سان، حوالن ۽ متعلقات
۾ ڪتب آندو آهي، جڏهن ته ساڳيو تذڪرو هاڻي ڊاڪٽر
سليم اختر جي ڪوشش سان، ڪراچي يونيورسٽي ڇاپي ڇڏيو
آهي (1979ع). ميرڪ يوسف جو ”مظهر شاهجهاني“ اسلام
آباد مان، انگريزي ترجمي جي روپ ۾ قريب اشاعت آهي.
ان کان علاوه جنهن زماني ۾ تبصري هيٺ آيل ڪتاب
لکيو ويو، ان دور جي وڌيڪ ٻن ماخذن جو ويجهڙائي
واري وقت ۾ پتو پيو آهي. انهن مان هڪ آهي. ”نصرت
نامه ترخان“ (ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون، ص 781ع، ۽ ٻيو
آهي ”انتخاب منتخب“ (مهراڻ 1986/1). ان هوهدي به
نياز صاحب جا وضاحتي متعلقات نهايت معلومات آهن.
سنڌي ادبي بورڊ حسب دستور ”تاريخ طاهري“ جو هيءُ سنڌي
ڇاپو وڏي آب و تاب سان نروار ڪيو آهي. ان لاءِ
بورڊ جا اهلڪار خاص ڪري سائين حبيب الله صديقي
صاحب ۽ ميان الهه بچايو يوسف زئي مبارڪباد جا
مستحق آهن. علمي ڪتابن ۽ دستاويزي ماخذن جي ڇپائڻ
وقت، غير ضروري پيش لفظ، نوٽ ۽ مهاڳ لکڻ کان
احتراز ڪرڻ گهرجي. حاشيه آرائي ۽ تعليقات، شامل
ڪرڻ ۾ ڪو عيب ڪونهي، ليڪ شرط آهي ته انهن سان اصل
چيز اثرانداز نه ٿئي. اميد ته بورڊ جا اهلڪار ۽
ذميدار ڪارڪن، آئنده ان ڏس ۾ احتياط کان ڪم وٺندا.
تاريخ طاهريءَ جي هن ڇاپي ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو
انگريزي نوٽ ۽ ان جو ترجمو شامل ڪري، ڪتاب جي
اهميت ۾ واڌارو ڪيو ويو آهي. 442 صفحن تي مشتمل هن
ڪتاب ۾ متن، حاشيه، متعلقات، انڊيڪس ۽ ڀلنامو اچي
وڃن ٿا. خاطري آهي ته هن ڪتاب جي اشاعت سان سنڌ
جي تاريخ جي اڀياس ۾ وڌيڪ آساني پيدا ٿيندي. ڪتاب
جي قيمت 80 رپيا مناسب آهي.
- غلام محمد لاکو
ترورا
جديد سنڌي ادب ۾ تنوير عباسيءَ جو نالو مٿاهين حيثيت
رکي ٿو. تنوير عباسي نه رڳو ڀلوڙ شاعر آهي، پر کيس
نثر ۾ به سٺو مقام حاصل آهي. يعني هو نظم ۽ نثر ۾
پاڻ مڃرائي چڪو آهي. هن جديد سنڌي شاعريءَ کي نوان
موڙ ۽ راهون ڏنيون آهن. سندس ڇپيل ڪتاب، ان ڳالهه
جو چٽو ثبوت آهن. تنوير عباسيءَ جا هيل تائين،
(نظم کان علاوه) اڻ ڳڻيا مضمون ۽ مقالا به شايع ٿي
چڪا آهن.
تنوير عباسيءَ شاهه رحه جي علام جو نئين سوچ ۽ نئين رنگ
سان اڀياس ڪيو آهي. ۽ اهوئي سبب آهي جو هن شاهه
لطيف رحه جي ڪلام جو اڀياس ڪري ڪتاب ”شاهه لطيف جي
شاعري“ ڇپرايو آهي.
تنوير عباسيءَ جا هيل تائين 13 ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن.
تازو تنوير عباسيءَ جو، مضمونن ۽ خاڪن تي مشتمل
ڪتاب ”ترورا“ ڇپجي آيو آهي. ڪتاب جي اهميت ۽
افاديت نهايت اهم آهي. جيتوڻيڪ مضمون اڳ مختلف
رسالن ۾ شآيع ٿيل آهن، پر هڪ خاص ڳالهه جيڪا هن
ڪتاب ۾ نين آهي، سا آهي سفرنالي جي ۽ اهو سفر آهي
دبئيءَ جو، جيڪو تنوير ڪيو.
هن ڪتاب ۾ مضمون، تبصرا، خاڪا، انٽرويو ۽ سفرنامو شامل
آهن. مصنف جي لکڻيءَ کان ڪوبه انڪار نٿو ڪري سگهي.
سندس ٻولي سهڻي ۽ سولي استعمال ٿيل آهي. ڪٿي ڪٿي
انگريزي لفظن جو استعمال ٻوليءَ ۾ مزيداري ۽ سمجهڻ
۾ سولائي پيدا ڪري ٿو. جنهن دلچسپيءَ سبب، هيڪر
ڪتاب پڙهڻ لاءِ کڻبو ته ڇڏڻ تي دل نه چاهيندي.
ڪتاب جي شروعات ”آزاد نظم“ جي اڀياس سان ڪئي وئي آهي،
جنهن ۾ آزاد نظم جي سنڌي شاعريءَ ۾ مروج ٿيڻ ۽ ان
کي هتان جي شاعرن ڪهڙي نموني استعمال ڪيو آهي، ان
جو تفصيل سان ذڪر ڪيل آهي
– هن مضمون ۾ تنوير، سنڌيءَ ۾ آزاد نظم جي اوسر تي تفصيلي بحث ڪيو آهي.
ٻيو مضمون آهي ”جپاني هائيڪو،“ جيڪو جديد سنڌي شاعريءَ
۾ مروج ٿي ويو آهي ۽ هتان جي شاعرن ان ۾ نئون روح
ڦوڪي، سنڌي شاعريءَ کي ترقي وٺرائي آهي. هن صنف کي
وڏن سان گڏ نوجوان ليکڪن به لکيو آهي. ”هائيڪو“ جي
فني سکيا ۽ لکڻ لاءِ هي مضمون نهايت اهميت جوڳو
آهي.
ڪتاب جو ٽيون مضمون ”جديد سنڌي شاعري“ جي عنوان سان
آهي. جديد سنڌي شاعريءَ جي اوسر تي، مختصر پر سٺي
نموني روشني وڌل آهي.
”ادب ۽ سائنس“ جي عنوان سان، مضمون ۾ ليکڪ ڄاڻايو آهي
ته اڳي شاعري فارسيءَ جي اثر سان لکي ويندي هئي،
پر آهستي آهستي، بدلجندڙ تقاضائن موجب سنڌي ادب ۾
نوان تجربا، نوان مشاهدا ۽ نوان خيال جنم وٺندا
رهيا ۽ اهوئي سبب آهي جو وقت جي رفتار سان ادب ۾
جدت پيدا ٿيندي وئي، تان جو ادب سائنسي اصولن تحت
تخليق ٿيڻ لڳو ۽ ٿئي پيو.
اڳتي هلي مضمون ”نالا“ ۾ لکيڪ انساني نالن جي اپٽار ڪئي
آهي. جنهن ۾ هن ڄاڻايو آهي ته ٻاهريان نالا اسان
وٽ ڪيئن آيا ۽ مروج ٿي ويا. اهي ساڳيا نالا
عيسائين ۽ يهودين جا آهن، جيڪي اسان وٽ اهي ساڳيا
نالا صورت بگاڙي مروج ٿي ويا. ليکڪ ڄاڻائي ٿو ته
هينئر اهي نالا گهڻو ميسارجي ويا آهن ۽ اسان جو
نئون نسل هينئر انهن نالن جي جڳهه تي پنهنجا
تاريخي ۽ ثقافتي نالا اختيار ڪرڻ لڳو آهي، جيئن
دودو، دولهه، سسئي، سهڻي، مومل، مارئي ۽ پنهل جهڙا
پنهنجا ثقافتي نالا رکيا ٿا وڃن. جيڪي پنهنجي
تاريخ ۽ ثقافت کي زنده رکڻ جو چٽو ثبوت آهن. هن
مختصر عنوان واري مضمون ۾ ليکڪ نهايت ئي ڏاهپ سان
نالن جي اهميت سمجهائي آهي.
”خاڪا“، هن حصي ۾ ليکڪ مولانا گرامي، نسيم کرل، ڏاڏو
شاهه ۽ عابده پروين تي ڀرپور خاڪا تحرير ڪيا آهن.
اهي خاڪا اڳ به ڇپيل آهن، مگر هتي هڪ هنڌ، گڏ شايع
ٿيڻ ڪري ڄڻ انهن خاڪن جي اهميت وڌي وئي آهي، ان
سان گڏ ليکڪ جن ڪتابن تي تبصرو ڪيو آهي، تن ۾: ”هو
ڏوٿي هو ڏينهن“؛ ”قاضي قادن جو ڪلام“ (مرتب هيرو
ٺڪر ڀارت)، ”ڳاڙها هٿ پيلا چهرا“ ۽ ”نوان پلٽيل
سڪا“ شامل آهن. اهي تبصرا به پنهنجي افاديت سبب
وڏي اهميت رکن ٿا. |