سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1988ع (3)

 

صفحو :15

ڪهاڻيون

 

چورڪير – ساڌ ڪير

حميد سنڌي

 

        حاجي شاهه محمد خار مان سونهاريءَ تي هٿ ڦيريو، پوءِ ٿڌو شوڪارو ڀري فرش تي ويٺل مائيءَ ڏانهن ڏٺائين. مائي بنهه اوڇنگارون ڏئي پئي رنو ۽ اهائي دانهن هيس:

        ”اڙي او حاجي! آخر ٻار آهي. اول ته هن چوري نه ڪئي آهي، پر جي غلطي ٿي اٿس ته معاف ڪرينس.“

        حاجيءَ آهستي ڳالهائڻ جو اشارو ڪيس.

        ”مائي بابا! معاف ڪرڻ واري مٿين ذات آهي، مان ڪير ٿيندو آهيان. مان پاڻ گنهگار عيبدار بندو اهيان. مون جيڪي ڏٺو، انهيءَ جي شاهدي ڏني. تنهنجو پٽ چور اهي. منهنجي دوڪان مان پئسا کڻي پئي ڀڳو. جي مان تڪڙو سلام نه ورايان هان ته هيءُ ته ڀينگ ڪري ڇڏي ها.“

        ”او حاجن سائين! تو جيڪي ڏٺو، اهو اکين تي، پر کڻي ته ڪجهه نه ويو. ڇورو منهنجي بيماريءَ ڪري بتال ٿيو هو. هاڻ توئي پوليس ۾ ڏنو اٿس ۽ تون ئي چوندين ته ڇٽندو نه ته ٽيپ کائي ويندو.“

        حاجيءَ جون اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون، ”ٽيپ! ٽيپ ٿي چئين، هاڻ ته قانون اهو آهي ته چور جو هٿ وڍي ڇڏجي. سندس هٿ وڍبو ڪرائيءَ وٽان. مائي تون ڇا ٿي سمجهين. حاجي شاهه محمد جي دوڪان تان چوري ٿي ڪيائين، ڪنهن ٽلو ٽوپڻ جي دوڪان تي ڪونه ويو هو. جي قانون کيس رڳي ٽيپ ڏني ته مان سندس هٿ وڍيندس.“

        حاجي شاهه محمد هاڻ ڏاڍو تپي ويو هو. سندس نظرون بار بار ڪاٺ جي پيتيءَ ڏانهن پئي ويون، جتان مائيءَ جي نينگر پئسا ڪڍي وٺي ڊڪ پاتي، پر حاجي شاهه محمد ڪوڻ سڏائي. سلام ائين ورايائين، جو نينگر کي خبر ئي نه پئي ۽ وڃي ڳٿڙ کان جهليائينس. ڇوڪر قابو ٿي ويو. غريب جو ٻار ڪير ڇڏائيس. سندس عزيزن ڪن ڏينهن کان زور لاتا. هاڻ جڏهن خبر پين ته سزا کائي ويندو ته سندس ماءُ آئي ايلاز منٿ ڪرڻ. پر حاجي ڪاٿي ٿو مُڙي.

 

        دوڪان ۾ هاڻ خاموش هئي. حاجي ڳالهائي ٿڪو هو. مائي روئي بس ڪئي هئي. ائين ڪندي مائي اٿي ۽ دوڪان کان ٻاهر وڃڻ لڳي. هوءَ دوڪان جي در تي وڃي بيهي رهي ۽ پوءِ منهن ورائي چيائين:

        ”حاجي! مان وڃان ٿي، پر اهو ياد رکجانءِ جي منهنجي پٽ کي ڪجهه ٿيو. ڪنهن سندس جسم کي هٿ به لاتو ته – پوءِ – ته پوءِ!“

        ”پوءِ ڇا؟ چئه پوءِ ڇا! تون ڇا ڪندينءَ. ڌمڪي ٿي ڏين. هڪ چوري ٻي سينازوري.“

        ”مان سڀني کي ٻڌائيندس ته تون ڪهڙو اشراف آهين. تو ننڍي هوندي ڇا نه ڪيو. اڄ سيٺ بڻيو آهين. اهي ڏينهن ياد ڪر جڏهن ماڻهن جي عزت....!“

        ”بس ڪر رَن! ڪيانءِ نه تاراج. گاريون ٿي ڏين – نڪر هتان، چوانءِ ٿو نڪر هتان.“

        جيئن شاهه محمد دخل تان اٿي دوڪان جي در وٽ پهتو ته ڏٺائين ته رڙين تي ماڻهو مڙڻ شروع ٿي ويا هئا. حاجي شاهه محمد اتي ڪجهه ٿڌو ٿيو.

        ”چڱو، چڱو هاڻ تون هل.“

        مائيءَ ماڻهو ڏسي، کيس ٿڌو ٿيندي ڏٺو ته وٺي بتال کاڌو:

        ”مان ائين نه ويندس، جيستائين تون منهنجو پٽڙو نه ڇڏائي ڏيندين.“

        ”بابا! چيم ته هل هاڻي، گراهڪي نه کار. تنهنجي پٽ جو فيصلو ڪورٽ ڪندي. هل هاڻي چيم نه!“

        ”حاجي، مان چوانءِ ٿي ته ايڏو ظالم نه ٿي. ڇوڪر کان غلطي ٿي سا ٿي.“

 

        حاجي ماڻهن ڏي ڏٺو، پاڙيسري دوڪاندارن ڏانهن ڏٺو. هن نيٺ پاسي واري دوڪاندار کي چيو، ”ادا هاشم، هن مائيءَ کي ٻڌاءِ ته ڪيئن سندس پٽ پيتيءَ مان ڏوڪڙ کڻي وٺي ڀڳو. رڙين تي تون به آئين. تو سندس هٿ ۾ ڏوڪڙ ڏٺا، الله ڪارڻ تو به شاهدي ڏني. ڀيڻسان اسان جي چوري ٿئي ۽ فرياد به نه ڪيون!“

        ائين مائي هاشم ڏانهن گهوري نهاريو.

        ”سيٺ هاشم! ان مهل ته الله ڪارڻ ڪونه ڏني هيئه، جڏهن حاجي صاحب غلام علي مستريءَ جي گهران چوري ڪري نڪتو هو، سامان به ته تو کڻايو هيئه!“

        هاشم جو رنگ پيلو ٿي ويو.

        ”سيٺ ڊڄ نه، اها اڄ جي ڳالهه نه آهي، جڏهن تاجن جي ميڙا چونڊي چورائي اچي ميري جي گهر رکي هُيوَ.“

        حاجي شاهه محمد ته سُن ٿي ويو. سيٺ هاشم سيڌي وارو جيڪو پيلو هيڊو ٿي ويو هو، تنهن آهستي پاڻ سنڀالڻ شروع ڪيو. هن مجمعي ڏانهن ڏٺو ۽ پوءِ ٽپ ڏئي حاجيءَ جي دوڪان جي دِڪيءَ تي ٿي بيٺو.

        ”هلو بابا، هلو، دڳ ڇڏيو. هلو هتي ڪا مٺائي ٿي وراهائجي ڇا. هيءَ مائي آهي چري، پٽس پيو آ ڍڪ ۾ ته ٿي آ بتال. توهان هلو هتان!“

        مائيءَ هيڏو ميڙ ويندي ڏٺو ته وري بر ٿي ويئي، ”اڙي بابا ٻڌو، ائين نه وڃو. نه هاشم سيٺ آ نه حاجي وڏو ماڻهو آ. ٻئي نوپور جا مشهور چور ڳنڍيڇوڙ آهن. هي هن شهر ۾ اچي وڏا ماڻهو ٿيا آهن. هنن جو اصل نسل ته ٻڌو، بيهو!“

        پر انهيءَ وچ ۾ ماڻهن وٺي ٽاهه کاڌو. ڪٿان ڪو پوليس وارو اچي نڪتو، وٺي لٺ ڦيرايائين. گهڙيءَ ۾ اُت ڪير ڪونه هو. مائي دوڪان جي دڪيءَ تي اڪيلي بيٺي هئي.

        ”ڇا جو گوڙ لڳايو اٿئي مائي، ڇا ڳالهه آ حاجي صاحب؟“

        حاجي، جيڪو انهيءَ وچ ۾ ڊپ کان اندر وڃي دخل تي ويهي رهيو هو، تنهن اتان ئي وراڻيس، ”ڪجهه ناهي، بس چرڙي آهي. ٻوليون پئي ٻوليائين، سو ماڻهو اچي مڙيا!“ حاجيءَ وڏو ٽهڪ ڏنو. سپاهي به کلندو بزار ۾ اڳتي وڌي ويو.

        هاڻ هاشم وري پنهنجي دوڪان مان نڪري سُري آيو. سڌو اندر حاجي وٽ وڃي بيٺو. ”واهه حاجي واهه! واهه جي پنهنجي ۽ ٻين جي عزت ڪرائي اٿئي. توکي سڃاتو به نه.“

        ”ڇڏ يار! ورهيه ٿيا، جوانيءَ جي ڳالهه هاڻ ٿي ياد پوي. پر يار هاشم، هيءَ جنان آئي ڪٿان!“ حاجيءَ سرٻاٽ ڪيو.

        هاشم مائي جنان کي ڏٺو، جيڪا اڃان دوڪان جي ٻاهر دڪيءَ تي بيٺي هئي. هو وڌي ويو. هُن ڏٺو ته جنان رنو پئي، هو کيس اندر وٺي آيو. کيس انهيءَ صندل تي وهاريائين جتي حاجي ويٺو هو. پوءِ هو پاڻي کڻي آيو.

        مائي جنان جو جهرل چهرو سڄو ڳوڙهن سان ڀرجي ويو هو. هن ڏڪندڙ هٿن سان پاڻي پيتو ۽ پوءِ حاجيءَ ڏانهن گهوري نهاريو. سڏڪندڙ لهجي ۾ چچريل آواز سان چيائين، ”سائين حاجي صاحب، مون کي سڃاتوَ!“

        حاجيءَ ڪنڌ سان هاڪار ڪئي. مائي يڪدم حاجيءَ جي پيرن تي کڻي هٿ رکيا. ”مون کي پٽڙو ڇڏائي ڏيو.“

        حاجيءَ ڪنڌ سان هاڪار ڪئي.

        مائي جنان اتان اٿي وڃي دوڪان جي ٻاهران دِڪيءَ تي ويهي رهي. هاڻ هوءَ روئي ڪانه پئي، آسروند ويٺي هئي. اندران حاجي شاهه محمد کيس ڏسندو رهيو. چاليهه ورهيه هن کيس نه ڏٺو هو. هُن اڄ کيس ڏٺو هو. هو ڏسندو رهيو ۽ ڏسندو رهيو.

        هوءَ سندس گهر کان ڀڳل زال هئي. هوءَ سندس چوريءَ جي عادتن کان ڀڳي ۽ ساڌ بڻجڻ لاءِ جبل جهاڳڻ نڪري پئي. اڄ هو ساڌ هئا، هيءَ چور هئي.

        دِڪيءَ تي ويٺل هڪ عورت، جا سماج جي چور هئي، سندس پٽ به چور هو. هوءَ خاموش هئي. شايد ايستائين جيستائين سندس پٽڙو جيل مان ڇڏائجي نه ٿي آيو.


 

پاڙي پئي پروڙ

نجم عباسي

 

        جنهن ڏينهن ڪورٽ، دادن کي پنج سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي، تنهن ڏينهن پاڙي جي ڪييترن رهاڪن، زبان سان اظهار ڪرڻ جي سگهه ته نه ساري هئي، البت اندر ئي اندر ۾ سامت جو ساهه ضرور کنيو؛ يا هڪٻئي جي اکين ۾ اطمينان جو پاڇو پهچايو. پر مهيني ڏيڍ اندر ئي، هنن جي اها سامت ۽ هنن جو اطمينان، سيلٽ تي چاڪ جي اکرن وانگر ميسارجڻ لڳو هو. هاڻي پاڙي ۾ جيڪي واقعا ٿيڻ لڳا هئا، تن جي پٺئين ڏيک ۾ پاڙي وارا دادن جي هلت چلت جي، گنڀرائيءَ سان ڇنڊڇاڻ ڪرڻ لڳا هئا. هنن کي احساس ٿيڻ لڳو هو ته دادن ڪڏهن به پاڙي جي ڪنهن ڇوڪري، ڪنهن نياڻي، ڪنهن عورت سان نه ڪڏهن ڇيڙڇاڙ ڪئي هئي ۽ نه بدتميزي ڪئي هئي. پاڻ انهن جي هڪ نموني رکپالي ڪئي هئائين. هو هن پاڙي ۾ ننڍو ٿي وڏو ٿيو هو. هن کي ٽي ڀينر هيون، جي هڙئي هن کان ننڍيون هيون.

        پاڙي وارن کي ياد آيو ته ڪيئي سال اڳ، دادن جو پيءُ ڏونگر روزگار جي ڳولا ۾ ڳوٺ ڇڏي، حيدرآباد جي هن پاڙي ۾ اچي ويٺو هو. منڍ ۾ هو اوزارن جي ٿيلهي، پُٺيءَ تي لڙڪائي، گهٽين ۾ وڃي گهر گهر مان پڇندو هو ته ڪنهن کي ڪاٺ جو ڪو ٽپڙ ته ٺهرائڻو ڪونهي يا کٽ، ڪرسي، ميز، در، دريءَ جي مرمت ته ڪرائڻي ڪانهي. پوءِ آهستي آهستي، هو مسواڙ تي پنهنجو دڪان وٺڻ جي لائق ٿي ويو هو ۽ اتي ويهي پنهنجو ڊکاڻڪو ڌنڌو ڪرڻ لڳو.

        جڏهن ڏونگر شهر ۾ آيو هو، تڏهن هڪ ته دادن اسڪولي عمر کان چڙهي چڪو هو ۽ ٻيو ته پئسي جي کوٽ به هئي، ان ڪري دادن پڙهي ڪونه سگهيو ۽ پيءُ سان ڌنڌي ۾ گڏ رهندو هو. پر جڏهن ڇوڪريون پڙهڻ جي ڄمار کي پهچنديون ويون ته ڏونگر هنن کي اسڪول ۾ موڪلڻ لڳو. هڪ ته اسڪول پاڙي ۾ ئي هو ۽ ٻيو ڀر وارن گهرن جون ڇوڪريون به ان ۾ پڙهڻ وينديون هيون. شهر جو وايو منڊل ڏسي، هن کي ڇوڪرين کي مٿي پڙهائڻ جو شوق ٿيو ۽ هنن کي هاءِ اسڪول ۾ به پڙهائيندو رهيو، جيتوڻيڪ ان لاءِ هن کي وڌيڪ محنت ڪرڻي پئي هئي ۽ گهرو خرچ ۾ تڪليف کان ڪم وٺڻو پيو هو. دادن به پيءُ سان ساٿ ڏيندو رهيو هو. هن پنهنجي تعليم جي ڪمي، پنهنجي ڀينرن جي تعليم ۾ پوري ڪرڻ ٿي چاهي.

        پاڙي وارن کي ياد اچي ٿو ته دادن جي هلت چلت عام رواجي ڇوڪرن جهڙي پئي رهندي آئي. پاڻ ڳوٺاڻو هجڻ ڪري، ڪجهه هيسيل ۽ ڊنل رهندو هو. پاڙي ۾ هن جي ڪابه شڪايت ٻڌڻ ۾ ڪانه آئي هئي. هن جون ڀينر به هاڻي سامائجي چڪيون هيون....... پوءِ پهرين پهرين خبر، هن جي باري ۾ ٻڌڻ ۾ آئي، سا هيءَ هئي ته هو پاڙي جي هڪ شهري ڇوڪري سان وڙهيو آهي ۽ ٿڦا ٿوڦي ڪئي اٿائينس. ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ ٻڌڻ ۾ آيو ته مار کاڌل شهري ڇوڪري پنهنجن ٻن ساٿين سميت دادن تي اوچتو آمريڪي فلمن جي غنڊن جي اسٽائيل ۾ حملو ڪيو آهي. دادن پورهيت هو ۽ جسماني ڪندڙ. هن جو جسم جانٺو ۽ مشڪون مضبوط هيون. ڌڪ هن کي به ڏاڍا هنيائون، پر هو ٽنهي لاءِ ٽارزن ثابت ٿيو ۽ هو رتورت ٿي، ائين ڀڄي ويا جيئن آمريڪي سپاهي ويٽنام مان. پوءِ مهيني ماسي دادن جي وڙهڻ جون خبرون پيون ٻڌبيون هيون. ڪڏهن هن پاڙي جي ڇوڪرن کي ڦيهه ڪڍندو هو، ڪڏهن ٻين پاڙن جي ڇوڪرن کي، ڪڏهن هن پاڙي اندر، ڪڏهن ٻئي پاڙي ۾، پاڙي جي ماڻهن جي ذهنن ۾ هو غنڊو ٿي اڀريو هو.

 

        ماڻهو هن جي پيءُ ڏونگر کي چوندا هئا ته هو پٽ کي سمجهائي، پر ڏونگر بي پرواهيءَ سان وراڻيندو هو ته نياڻين سياڻين وارا آهيون، ڪو ڇيڙڇاڙ ڪري ٿو ته نوجوان رت هجڻ ڪري دادن جوش ۾ اچي وڃي ٿو. کوڙ ڀيرا مامرو پوليس تائين پهتو ۽ دادن کي ٿاڻي ۾ بند ڪيو ويو. پيءُ، پئسا ڏئي وڃي هن کي ڇڏائي آيو. دادن جي به پنهنجي سنگت بنجي وئي هئي. اهي سنگتي هن سان ٻِٽُ ۽ ٻانهن ٻيلي هوندا هئا.... هن جي ڀينرن مان مئٽرڪ ته ٽنهي پاس ڪئي هئي ۽ هڪڙيءَ ته بي.اي ڪئي هئي. هاڻي هڙئي نوڪريءَ ۾ هيون. ٻه ماسترياڻيون هيون ۽ ٽين بئنڪ ۾ ڪلارڪياڻي.

        پاڙي وارن کي ياد اچي ٿو ته پوءِ دادن جي جهڳڙن جون خبرون اچڻ گهڻو گهٽجي ويون هيون، پر وري به ڇٺي چماهيءَ اهڙي خبر ٻڌبي ضرور هئي. انهن جهڳڙن دوران ڪڏهن ڪڏهن هن جا هڏ گڏ ڀڄي پوندا هئا ۽ هن کي ڪيترو وقت علاج ڪرائڻو پوندو هو. هن کي پاڻ وٽ ڪپڙن ۾ ڪو لڪل هٿيار به هروقت رکڻو هوندو هو. دادن ڪيترائي جهڳڙا لڙيو، پر مامرو ڪورٽ تائين ڪڏهن نه ويو. شايد غنڊن جو پنهنجو ڪو اخلاقي اصول آي ته پاڻ ئي بدلو وٺندا آهن ۽ ڪورٽن جا ڌڪا نه کائيندا آهن. البت پوليس لاڪپ ۾ واڙجندا رهندا آهن.

        پر هن ڀيري جهيڙي ۾ هڪ گبر شهري سيٺ جو پٽ سخت ڦٽجي پيو هو ۽ ڪيس ڪورٽ تائين پهچي وويو.

        هاڻي پاڙي وارن کي احساس ٿئي ٿو ته دادن ڪڏهن به شودپائي يا بدمعاشي نه ڪئي. هن جي ڪري ئي پاڙي ۾ چڱي سلامتي پئي رهي. پاڙي جي توڙي ٻاهرين لچن لوفرن کي هن پاڙي ۾ لوفرپائي ڪرڻ جي همت نه ٿيندي هئي. چوري چڪاريءَ کي ڳچ حد تائين ٻنجو آيل هو.

 

        پاڙي وارا اهو به محسوس ڪن ٿا ته هاڻي پاڙي ۾ ٻين سان لوفرپاين جون وارداتون ته ٿين ٿيون، پر دادن جي ڀينرن جو نالو وٺڻ جي هينئر به ڪنهن کي همت نه آهي. هو اهو به محسوس ڪن ٿا ته ان جو ڪارڻ دادن جي ويٺل ڏهڪاءَ سان گڏ، هن جي ڀينرن ۾ پيدا ٿيل نئين خوداعتمادي به آهي. شهري شودا، جي هنن کي ڳوٺاڻي خاندان، غريب گهر ۽ ڪاسبي پيءُ جون ڌيئر ڏسي، سستيون ۽ دام ۾ ڦاسائڻ سولو سمجهن ٿا، تن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ واسطي، هو پوريءَ طرح تيار ڏسجن ٿيون.

        پاڙي وارا ان جواب تي به سوچين ٿا، جو هن ڪورٽ ۾ جج کي ڏنو هو. جڏهن جج هن کان پڇيو:

        ”توکي پنهنجي مخالف کان شڪايت جو بنياد کڻي حقيقي مڃجي، تڏهن به تو هن تي حملو ڪري، قانون پنهنجي هٿ ۾ ڇو کنيو؟“

        تڏهن، دادن ڏاڍي بي ڊپائيءَ مان وراڻيو:

        ”جج سائين، جي مان قانون پنهنجي هٿ ۾ کڻندو رهان ها، ته نه منهنجيون ڀينر پڙهي سگهن ها ۽ نه هو نوڪري ڪري سگهن ها!“


 

فيروزه

انيس انصاري

 

        سندس نيڻ نهار ئي ٻڌايو ته سندس نالو مس غزاله هوندو. ناياگرا آبشار جو پاڻي جي منهنجي مٿي تي ٽٽي ها ته مون کي ايڏو تعجب نه ٿئي ها جيڏو اهو معلوم ڪري ٿيو، ته هوءَ مسز فيروزه عامر هئي. نه رڳو ايترو پر هڪ عدد ٻچي جي ماءُ به هئي، جو سندس سوٽ وٽ ٻاهر موجود هو. مان سندس معصوم چهري ۽ غزالي اکين کي تڪيندو رهيس.

        ڌنڌي جي دوران پنهنجن اصيلن بابت منهنجا مفروضا اڪثر سچا ثابت ٿيندا هئا، پر هن دفعي منهنجي اندازي مون کي دوکو ڏنو. سندس شادي ٽي سال اڳ عامر (جنهن کي هوءِ آمر سڏيندي هئي) سان ٿي هئي. عامر هڪ ڪامياب واپاري هو، نوجوان ۽ شڪل شبيهه ۾ ڏسڻ پسڻ جهڙو. سندن منهن مقابلو هنري نمائش ۾ ٿيو هو، جنهن ۾ ”واهه جو آ“ جا لفظ ٻڌي ماءُ سان آيل فيروزه پٺتي نهايو. عامر سان نظرون ملڻ سان ئي سندس بدن مان بجليءَ جي لهر ڊوڙي ويئي. عامر پنهنجي دوست کي هڪ ٽيبل لئمپ ڏانهن اشارو ڏيندي چيو، ”ڪيڏي نه سهڻي، ڪيڏي نه خوبصورت“. هٿ جو اشارو لئمپ ڏانهن هو پر اکيون فيروزه ۾ کتل هيس. الائي ڇو فيروزه جي رنگت پاپڙيءَ کان پاپڙيءَ تائين تبديل ٿي ويئي، پهريائين گلابي ۽ پوءِ پيلي جهڙي هئڊ. اها هي سندن پهرين ملاقات، ٻي ملاقات به پنجن منٽن بعد چوڙين جي دڪان تي ٿي، جتي دڪاندار فيروزه کي رنگ برنگي چوڙيون پارائي رهيو هو. ”واهه جو آ“ اکر گولي وانگر ٻيو دفعو فيروزه جي ذهن ۾ وڃي کتا. فيروزه جي ماءُ هنن لفظن کي، جو ڌيءَ تي گفتا ڪسيندي ٻڌا، ته فيروزه جو هٿ پڪڙيو ۽ کيس نمائش کان ٻاهر وٺي آئي. رڪشا هلي ته عامر جي ڪار سندن ڪڍ لڳي. ٻنهي گاڏين وڃي شمس ٽائون ۾ دنگ ڪيو. عامر فيروزه جو گهر ڏسي واپس وريو.

 

        فيروزه جو پيءُ هيٺين طبقي سان تعلق رکندو هو. شمس ٽائون جو گهر سندس خريد ڪيل ڪين هو، پر اهو گهر سيٺ شڪور ڀائي کان پنج سئو رپئين مسواڙ تي ورتو هو. شڪور ڀائي شمس ٽائون جي جدا جدا بلاڪن ۾ چار گهر ٻين ٻين نالن سان پُکن جي ذريعي حاصل ڪيا هئا. اهي گهر پنهنجي ۽ پنهنجي پٽن جي نالن تي قسم نامي داخل ڪرڻ سان ورتا هئائين، جنهن ۾ لکيل هو ته سيٺ شڪور ڀائي يا سندس پٽن کي ڪراچي يا سنڌ جي اندرين حصن ۾ ڪابه رهائشي جاءِ يا پلاٽ ڪونه هو. هن چارئي سگهر مسواڙ تي ڏئي ڇڏيا هئا.

        فيروزه ان زماني ۾ انٽر سائنس جي شاگرد هئي. هوءَ آهستي آهستي نعيمه جي معرفت، جا سندس ڪلاس فيلو ۽ عامر جي عزيز هئي، عامر جون موڪليل سوکڙيون قبول ڪرڻ لڳي ۽ ڪجهه وقت بعد ان ئي ذريعي سان سندن وچ ۾ خط و ڪتابت شروع ٿي ويئي. ڇهن مهينن جي اندر ٻنهي جي شادي ٿي وئي. شاديءَ کان پوءِ هڪ سال جي اندر اندر شاديءَ جي ٽئين سال ٻنهي جي علحدگي ٿي ويئي. ڪارڻ ٻنهي جي هڪ ٻئي تي نااعتمادي هئي. عامر پنهنجي عادت هر حسين ڇوڪريءَ جي پيڇي ڪرڻ جي نه ڇڏي ۽ فيروزه اڪيلائپ کان تنگ اچي ڪلاڪن جا ڪلاڪ گهر ڇڏي پنهنجي ماسيءَ وٽ وڃي رهڻ لڳي، جا سندس مڙس جي بنگلي کان ٻن فرلانگن تي هڪ جهڳيءَ ۾ رهندي هئي.

        پهريائين هڪ ٻئي سان زباني شڪوه شڪايت ڪرڻ لڳا. پوءِ ٻنهي ۾ ڌڪن بجن تائين نوبت اچي پهتي. فيروزه طلاق جي گهر ڪئي. عامر جو خيال هو ته هو طلاق ان صورت ۾ ڏيندو، جڏهن سندس پٽ کيس ڏنو ويندو.

        فيروزه ڪافي آفيسون رلي هئي. هر هنڌ کيس واسطيدار آفيسر جي گهر اچي حقيقت بيان ڪرڻ لاءِ چيو پئي ويو. انهن آفيسرن مان گهڻا اڪيلا رهندا هئا. اها ڳالهه فيروزه کي قبول ڪانه هئي.

 

        سمورو حال ٻڌي مون کيس في ۽ ٻئي خرچ جو تخمينو ٻڌايو. سندس اکين ۾ پاڻي اچي ويو. غزالي اکين مان لڙڪ ڏسي نه سگهندو آهيان. منهنجو اندر وارو شاعر منهنجي وڪالت جي ڌنڌي تي غالب پئجي ويو. مون فيروزه کي دلاسو ڏنو ۽ ڪلارڪ جي معرفت هڪ نوٽيس ڊرافٽ ڪرائي ورتو، جنهن ۾ عامر کي چار هزار ماهوار جي حساب سان هڪ سال جو نان نفقي جو خرچ ۽ آئينده هر مهيني ساڳي شرح سان فيروزه کي خرچ پهچڻ لاءِ لکيو ويو. نوٽيس تيار ڪرائي پنهنجي هڙان لفافي تي ٽڪليون هڻي فيروزه جي هٿ ۾ ڏنم ته هو ان کي رجسٽر ذريعي موڪلي ڏي.

        هلڻ وقت فيروزه پرس مان ويهه رپيا مون کي ڏيڻ لڳي. مون اهي رپيا واپس سندس پرس ۾ وڌا. البت چيومانس ته جي مان توکي فيروزه جي بدران مس غزالي سڏيان ته ان تي اعتراض ته ڪين ٿيندو. هن ڪنڌ لوڏي انڪار ڪيو.

        وڃڻ وقت هوءَ مون کي تعجب سان ڏسڻ لڳي، شايد ان ڪري جو مون کيس اچڻ لاءِ گهر جي ائڊريس ڪانه ڏني هئي.

        ساري رات فيروزه لاءِ سوچيندو رهيس. ڇا اهڙا به ماڻهو زماني ۾ موجود هئا، جي فيروزه جهڙا املهه ماڻڪ ڇڏي ڪچ ڪوڏين جي ڪڍ وتن پيا ڦيريون پائيندا.

        ڪجهه ڏينهن فيروزه مون وٽ آئي. ان وقت تائين نوٽيس جو جواب ڪونه آيو هو. مون ٻيو نوٽيس تيار ڪري  عامر جي پتي تي موڪلي ڏنو ۽ فيروزه کي ٻن هفتن بعد اچڻ لاءِ چيم.

        اٺن ڏينهن بعد فيروزه مون وٽ آفيس ۾ آئي. ساڻس گڏ سندس سوٽ ۽ پٽ پڻ هئا. چانئٺ کان گهڙڻ سان ئي فيروزه کي هڪ ٿيڙ آيو، مون ڏٺُ ته سندس چهري جو رنگ هاريل هو. هن قدم اڳتي وڌايو ته لڏڻ لي. ڪرڻ کان اول مون کيس جهليو ۽ وٺي وڃي ڪرسيءَ تي ويهاريو. مان پاڻيءَ جو گلاس واٽر ڪولر مان ڀري کيس ڏنو. وٺڻ وقت مون ڏٺهو ته سندس سندس هٿ ڏڪي رهيا هئا ۽ اکيون پاڻيءَ سان ڀريل هيون.

        ”ڪجهه کائيندينءَ؟“ مون الائي ڇو کانئس پڇيو.

        ”ٽن ڏينهن کان ڪجهه نه کاڌو اٿم.“ هن جواب ڏنو.

        مون ڪلارڪ کي ڀڄايو جو ڀرواري رسٽوران مان ٻه بريانيون، ڇهه نان ۽ گوشت وٺي آيو. مان کيس پنهنجي آرام واري ڪمري ۾ ويهاريو. جنهن وقت وڃڻ لڳا ته مون برقعي جي هيٺان اڀار مان محسوس ڪيو ته بچيل نان هوءَ پنهنجي رئي جي پلاند ۾ رکي وڃي رهي هئي. وڃڻ وقت مان فيروزه کي ڏهه رپيا ڏنا جي هن ڏڪندڙ هٿن سان ورتا.

 

        ان کان هفتو پوءِ هوءَ مون وٽ آئي. سندس هٿن ۾ طلاق نامو هو، جو مڙس ڏياري موڪليو هئس. هوءَ ڏاڍي خوش پئي نظر آئي. آئينده بابت پڇيومانس ته هن سئوٽ ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ”شڪور منهنجو مائٽ نه آهي، هو منهنجي ماسيءَ جي پاڙي ۾ رهندو آهي. درزڪو ڌنڌو ڪندو آهي. هڪ مشين اٿس، جنهن تي غريبن ۽ مزورن جا ڪپڙا سبي گذر سفر ڪندو آهي. منهنجي ماسيءَ جو خيال آهي ته مان ساڻس شادي ڪريان، پر مان اڳي ئي ڏَڌل آهيان، چاهيان ٿي ته ان بابت ڪجهه ويچار ڪريان.“

        وڃڻ وقت فيروزه چادريءَ مان مٺائي جو دٻو ڪڍي ميز تي رکيو. مان گهڻوئي انڪار ڪيو پر ان جي چوڻ تي، ”ڇا هڪ غريب جو هي حقير تحفو به قبول نه ڪندا؟ مان اوهان جو احسان قيامت تائين لاهي نه سگهنديس.“ مان مٺائيءَ جو دٻو کولي ان مان هڪ بالوشاهي ڪڍي باقي کيس واپس ڪيو.

        سندس وڃڻ وقت منهنجي واتان نڪري ويو، ”خدا حافظ غزالي.“ اهو پڙلاءُ سندس ڪن تي به پيو. هن هٿ لوڏي ان جو جواب ڏنو.

        ٻن سالن بعد مون کي هڪ دعوت نامو عبدالشڪور جي فيروزه سان شادي ٿيڻ بابت مليو، جنهن سان گڏ فيروزه جو خط به شامل هو. مون کي شاديءَ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ تاڪيد ڪيو هئائين. اهو پڻ لکيو هئائين ته عبدالشڪور هاڻي هڪ ٽيلرنگ ڪمپنيءَ جو مالڪ هو ۽ صحيح ڪرڻ وقت پنهنجو نالو فيروزه غزالي لکيو هئائين.

        مان شاديءَ ۾ شريڪ ٿي ڪونه سگهيس.

        ڏهه ورهيه گذري ويا. هڪ ڏينهن ڪارو برقعو پاتل هڪ عورت منهنجي ڪمري ۾ گهڙي ائي. مان کيس ويهڻ جو اشارو ڪيو. مان کيس سڃاڻڻ ڪاڻ ور ور ڪري پئي کيس ڏٺو. سارو نقشو ڊهي ويو هو، پر اڃا اکيون ساڳيون هيون. رڙ ڪري چيم ،”غزالي.“

        ”بدنصيب فيروزه“ هن جواب ۾ چيو.

        ”هي حال ڇو؟“

        چيائين، ”پنهنجي ۽ ٻَچي جي پيٽ پالڻ لاءِ ٽن گهرن جو ڪم ڪندي آهيان.“ ائين چوندي هن مون ڏانهن هٿ وڌايا، جن ۾ برتنن ماڃڻ ڪري گٽا پئجي ويا هئا.

 

        ”پر هيءُ ڪيئن ٿيو؟“ مون پڇيو.

        ”وڏو داستان آهي سائين، ڪنهن وقت ٻڌائيندس. هاڻي هڪ عرض وٺي آئي آهيان. مون کي جهڳيءَ مان ٿا بي دخل ڪن، جا پئسو پئسو گڏ ڪري ٺهرائي اٿم. مون لاءِ ڪجهه ڪيو.

        ”پر شڪور؟“ مون پڇيو.

        ”نالو نه کڻو بي غيرت جو. دلال ڪٿان جو!“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com