هاڻي اسان کي اهو ڏسڻو آهي ته خانقاهه جو بنياد ڪيئن
پيو، ان جي شروعات ڪهڙي دور ۾ ٿي ۽ ان جي اصليت ڇا
آهي؟ تاريخي لحاظ کان خانقاهه جي بنياد ۽ ان جي
وجود ۾ اچڻ جي باري ۾ ايترو معلوم ٿئي ٿو ته ان جي
شروعات اصل ۾ ”شام“ ملڪ کان ٿي. انهيءَ خانقاهه جي
تعمير جو سبب ڄاڻائيندي تاريخ ۾ اچي ٿو.
”هڪ ڏينهن ڪنهن عيسائي امير جهنگ ۾ شڪار پئي ڪيو، ته
هُن اتي ٻن درويشن کي ويٺل ڏٺو. هُو هڪٻئي سان
نهايت پيار ۽ پاٻوهه مان ڳالهيون ڪري رهيا هئا ۽
وٽن جيڪي ڪجهه به هو، سو ڪڍي گڏجي کائڻ ويٺا. ان
بعد انهن مان هڪ درويش اُٿيو ۽ ٻئي سان پيار ۽ حُب
سان موڪلائي، ڪنهن نامعلوم طرف ڏانهن هليو ويو.
درويشن جي انهيءَ هلت کي ڏسي، اهو عيسائي امير
ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ ويٺل درويش کان پڇيائين، ته هُو
ٻيو درويش ڪير هو، هُن سان تنهنجو ڪهڙو رشتو هو ۽
هاڻي هو ڪيڏانهن ويو؟ اُن تي هن درويش ورندي ڏني
ته وِيَلَ درويش سان منهنجو ڪوبه قريبي تعلق ڪونهي
۽ هن جي باري ۾ مون کي ڪوبه علم نه آهي، ته هو ڪير
هو ۽ ڪاڏي روانو ٿي ويو! اهيءَ تي عيسائي امير
کانئس پڇيو ته پوءِ هُن سان ايتري محبت ۽ شفقت جو
ڪهڙو ڪارڻ هو؟ درويش ورندي ڏني ته اهو اسان جو
درويشانه طريقو آهي. عيسائي امير وري ان درويش کان
دريافت ڪيو، ته ڇا اوهانکي گڏجي رهڻ لاءِ ڪا جاءِ
نه آهي، جتي اوهان سڀ درويش اچي پاڻ ۾ هڪ هنڌ رهو؟
ان تي درويش جواب ڏنو، ته اسان کي رهڻ لاءِ اهڙو
ڪوبه گهر نه آهي. چوڻ ۾ اچي ٿو ته مٿئين واقعي کان
متاثر ٿي، انهيءَ عيسائي امير شام ملڪ ۾ ”رملھ“
نالي هڪ خانقاهه تعمير ڪرائي، جتي اهڙي قسم جا
درويش ۽ بزرگ پاڻ ۾ اچي گڏ رهندا هئا. اهڙيءَ طرح
خانقاهه جي تعمير جي شروعات ٿي“ (4)
ممڪن آهي ته انهيءَ ئي نسبت سان مسلمانن ۾ به خانقاهه جو بنياد
پيو هجي. عجمي دنيا ۾ ”خان“ مسلمان کي چوندا آهن ۽
”قاهه“ گاهه جو معرب آهي، يعني اها جاءِ جتي
مسلمان درويش گڏجي رهندا هجن. تاريخي فقطه نگاهه
کان خانقاهه جي مرڪزي ڪردار تي باريڪ پينيءَ سان
غور ۽ فڪر ڪبو ته اهو واضح ٿيندو ته اسلامي تاريخ
۾ ”مسجد نبوي“ سڀ کان پهرين اسلامي خانقاهه هئي،
جتي خود حضرت نبي ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن
پنهنجن اصحابن کي ديني ۽ دنيوي تربيت ڏيندا هئا ۽
تزڪيه نفس جي پڻ تلقين ڪندا هئا. عهد رسالت ۾ مسجد
نبويءَ جي ڀرسان ”اهل صفه“ پاڻ ۾ گڏجي قرب ۽ محبت
سان رهندا هئا. گويا ”سفه“ به هڪ خانقاهه جو درجو
رکندو هو. خلفاءِ راشدين جي زماني ۾ پوري مدينه
منوره هڪ خانقاهه مثل هو، جتي عام مسلمانن کي
م JFIF Exif MM * b j( 1 r2 i Adobe Photoshop 7.0 2007:11:23 21:41:14 9 ( & H H JFIF H H Adobe_CM Adobe d
u" ?
3 !1AQa"q2B#$Rb34rC%Scs5&DTdE£t6UeuF'Vfv7GWgw 5 !1AQaq"2B#R3$brCScs4%&5DTdEU6teuFVfv'7GWgw ? CC ?DQmQ3S3Q5LEΟ!@4=ӈSdkS朠:GO& |