سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1988ع (3)

 

صفحو :2

امداد حسيني

 

انڪار

 

جنهن جي هر موڙ تي جدائي آ

جنهن جو هر چاهه بي وفائي آ

جيڪڏهن زندگي اهائي آ

ته نه گهرجيم زندگي اهڙي.

 

هيءَ جيڪا اکين ۾ آئي آ

ڪنهن تتل سيخ ڄڻ چُڀائي آ

جيڪڏهن روشني اهائي آ

ته نه گهرجيم روشني اهڙي.

 

ڪوڙ ٺاهي اِهائي سچائي آ

تو اُها ڳالهه جا لڪائي آ

جيڪڏهن دوستي اهائي آ

ته نه گهرجيم دوستي اهڙي.

 

پهرين ۽ پوءِ

 

توسان جڏهين سُڃاڻ ڄاڻ نه هئي،

وقت ڪيڏو نه ٿي سُٺو گذريو!

 

لڙڪ پنهنجا ها ٽهڪ پنهنجا ها

لوڻ پنهنجو هو چهڪ پنهنجا ها

پاڻ ئي پاڻ ۾ اڪيلو هوس

پاڻ ئي پاڻ لاءِ ميلو هوس

هاڻ ساڻ آهيون ڌار ڌار آهيون

هڪڙي ئي وڻ جا ڄڻ ته ڏار آهيون

 

توسان جڏهين سُڃاڻ ڄاڻ نه هئي،

وقت ڪيڏو نه ٿي سُٺو گذريو!

 

باک جي ساک

 

ساکَ سان ٿو چوان، باکَ ڦُٽندي ضرور

رات کُٽندي ضرور.

 

ٿورڙي دير ليءِ آ انڌيرو ته ڇا

ميل اڌ ميل تي آ سوير ادا

بس رڳو ٿورڙو وِکَ کي تيز ڪر

جاڳندو رک اکين کي نه ٿي بي خبر

ختم ٿيندو اَوس ڏُکُ ۽ ڏوجهرو

سنڌ جي سينڌ مان صبح جو سوجهرو

ڇا به ٿي پئي کڻي آهه ڦُٽڻو ضرور

آ پِٿون پير جو پنڌ کُٽڻو ضرور

رات کُٽندي ضرور.

ساکَ سان ٿو چوان باکَ ڦُٽندي ضرور.

 

روشنيءَ جي اُجهايو متان پياس کي

اکڙين جي وِسايو متان آس کي

مسجدن ۾ اِجها ٻانگ آئي اِجها

گهنڊ گرجا منجهان بس اِجهو گونجندا

سنک مندر ۾ وڄندا اِجهو ڪي اِجهو

دوستو! ساٿيو! ڀينرو! ڀائرو!

پڪ پرهه جا پکي لات لنوندا ضرور

سوجهري کي ڀليڪار چوندا ضرور

رات کُٽندي ضرور.

ساکَ سان ٿو چوان باکَ ڦُٽندي ضرور.


 

عنايت بلوچ

 گيت

 

اچو ته گڏجي سڏجي يارو، گيت پريت جا ڳايون،

روح کي راحت جو پهچائي، سو سنگيت سڻايون.

 

ديسين پنهوارن ويڙهيچن جون ڳالهيون ورجايون،

پيار کي پنهنجو يار بنائي، ناتا نينهن نباهيون.

 

ذات قبيلن فرقن وارا، ويڇا سڀ وڃايون،

ٿوري ڳالهه رساما ڏاڍا رٺلن کي پرچايون.

 

وڻ وڻ جي ڪاٺيءَ جي بدران، گڏجي زور لڳايون،

راهه وڃايل رولاڪن کي منزل تي پهچايون.

 

سنڌوءَ مان ٿا اُڃ اُجهايون، سونا سنگ اپايون،

شال رهي سو ساٿ سلامت، جنهن سان زنده آهيون.

 

سنڌ جي سينڌ کي سندر لائي، لال ڪنوار بڻايون،

هاڻي هتڙي يارو هڪڙو عزم ڪرڻ ٿا چاهيون.

 

ديس جي دشمن کي ڌرتيءَ تان تڪڙي ڀاڄ ڀڄايون،

 

جيڪي ڌُريائين ڌاريا آهن، مِٽ انهن جا ناهيون،

پنهنجن رَت سڱيڻن جي لئه عين ”عنايت“ آهيون.

 

مظفر حسين جوش

 

غزل

زندگي شعله و شبنم آهي،

هي جهان ديده پُرنم آهي.

منهنجي اشڪن کي حقارت سان نه ڏس،

ڇا خبر توکي وسارڻ وارا،

تون ته فردوس بدامان آهين،

منهنجي برباد نگاهن ۾ اڃان،

اشڪ منهنجو گل و انجم آهي.

ڪير محرومِ تبسّم آهي.

منهنجي دامن ۾ جهنّم آهي.

تنهنجو ئي حسنِ تبسّم آهي.

 

مخدوم امين ”فهيم“

ڪي

ڪهڙي سبب مون کي ويٺين وساري،

ساهه ٿو سُهڻل، توکي ساري.

 

هيڏي ڪڏهن تو دير نه لاتي،     مولا ڪري هجئي وڏڙي حياتي،

قرب ڪري وڃ منهڙو ڏيکاري.

پيارا، وڃي پرديس وسايئه،     ياد وطن جي نيٺ نه آيئه،

توکان سوا ڏک ڏيل ٿو ڏاري.

تنهنجي ”فهيم“ کي تات ۽ تري،   هجر ۾ ڳڻتين دلڙي ڳاري،

تنهنجي پيارا پيس پناري.

 

احسن الهاشمي

 

آرزو سڀڪا ته ناڪام وڃي پئي ٿيندي،

زندگي ڪهڙي نه پُرآلام وڃي پئي ٿيندي.

ٿي حياتيءَ جي پڇاڙي ته فنا کي سمجهيم،

زندگي واقفِ انجام وڃي پئي ٿيندي.

تون کلي مرڪي جي گهٽ وڌ به چوين سو به چڱو،

ڳالهه انداز سان دشنام وڃي پئي ٿيندي.

مون ڏي محفل ۾ نه ڏس مرڪي سڄڻ جو تنهنجي.

پارسائي به ته بدنام وڃي پئي ٿيندي.

مون غمِ عشق لڪايو نه لڪيا اشڪر فراق،

منهنجي تنهائي لبِ بام وڃي پئي ٿيندي.

عمرِ رفته کي ڪريو ياد اکيون ڀرجو اچن،

پختگي عقل جي ڇو خام وڃي پئي ٿيندي.

منهنجا اشعار ٻڌي اهلِ سخن فرمايو،

شاعري داخلِ الهام وڃي پئي ٿيندي.

هم سفر منهنجا ڪٿي پهتا الائجي ”احسن“

دور منزل ۽ هتي شام وڃي پئي ٿيندي.

 

محبوب سروري

غزل

 

عشق مون کي اهڙي سهڻي ساڻ يارو ٿي ويو،

اوج تي آ منهنجي قسمت جو سارو ٿي ويو.

جنهن ڏٺو هن کي اهو الله وارو ٿي ويو،

ڏوهه هن جا ڌوپجي ويا صاف سارو ٿي ويو.

 

جنهن هنيو پارس کي پاسو سون سارو ٿي ويو،

جيڪو هن جي ڀر ۾ بيٺو سو ڀلارو ٿي ويو.

 

پيار هن جي سان گهڻيئي ملڪ ۾ مشهور ٿيا،

هن جو نالو ورتو جنهن سو ناميارو ٿي ويو.

 

پيار هن جو آهه بي پهچن جي لئي پردو پناهه،

عشق ان جو بي سهارن لئي سهارو ٿي ويو.

 

تن جي قدمن کي چمن ٿا قيصر وڪسرى جا تاج،

جنهن کي حاصل آ سندس نوري نظارو ٿي ويو.

 

هن کي ٿي هر ڪنهن کري کوٽي جي دل جي پئي خبر،

ڇو ته اڄ منصور آهي ملڪ سارو ٿي ويو.

 

ماهه ڪامل موج ۽ مستي ۾ هو چوڏهينءَ جي رات،

هو جڏهن آيو اڱڻ تي چنڊ ڪارو ٿي ويو.

 

مون کي دوزخ ۾ ڌڪڻ وارا ٿا جنت ڏي ڇڪين!

جُنبشِ ابروئي جانان جو اشارو ٿي ويو.

 

منهنجي سڪ سنڌو ندي جي سير ۾ ٿي سرخرو،

موج ۾ ميهر مليو هر ڪُن ڪنارو ٿي ويو.

 

اهلِ دل، اهلِ نظر، اهلِ وفا،

سروري صاحب خدا کي آ پيارو ٿي ويو.

 

انور هالائي

 

غزل

 

يا خدا ڪهڙي ماجرا آهي،

سارو عالم خفا خفا آهي.

 

تون مقدر کي ڇا ڪري ٿو سگهين،

هر ستم تنهنجو بي وفا سهبو،

توکي ڪهري خبر ته فرقت ۾،

دل جو ماحول پرسڪون ٿو ٿئي،

صبح دم ٿو وڃڻ جي ڳالهه ڪرين،

ڳالهه ڪهڙي هئي رُسي ويٺين،

منهنجي گهر کي ڇڏين ٿو تون ٽاري،

تون به تون پر خدا خدا آهي.

ڇو ته مون ۾ رڳو وفا آهي.

لذتن جي انتها آهي.

شاعري روح جي غذا آهي.

منهنجي لئه يومِ ڪربلا آهي.

مون کان شايد ٿي ڪا خطا آهي.

ٿيو گذر تنهنجو بارها آهي.

 

هڪ ثناگر نه آه ڪو انور“،

تنهنجو ئي ذڪر جابجا آهي.

 

 

احمد خان آصف مصراڻي

 

تنهنجو چوايان يار، مناسب نٿو لڳي،

بڻجان مان دعويدار، مناسب نٿو لڳي.

 

تون هل ته توکي دل، ٿو هلي تنهنجي گهر ڏيان،

توکي کڻايان بار، مناسب نٿو لڳي.

بلڪل خوشيءَ سان تنهنجي اڳيان  دل رکان، مگر،

تحفو هي داغدار، مناسب نٿو لڳي.

ڀل چُڪ ۾ ئي ڪڏهن ته ڏي هاڪار ۾ جواب،

انڪار بار بار، مناسب نٿو لڳي،

تو ۾ اميد، آر ۽ آهي پيار جي،

مون ساڻ هاءِ عار، مناسب نٿو لڳي.

جيئري نه جنهن جو قدر موت بعد ان جي لاءِ،

ماتام برمزار، مناسب نٿو لڳي.

هڪ ڳالهه مان بنائي وڃي ڳالهيون هزار،

اهڙي تي اعتبار، مناسب نٿو لڳي.

گل ڏي اچڻ کان بلبلن تي بندشون هجن،

سو باغ سو بهار، مناسب نٿو لڳي.

”آصف!“ چڱن چيو ته ٿجي ڪين چلولو،

هِن هُن سان دل جو پيار،مناسب نٿو لڳي.

 

معمور يوسفاڻي

 

سارنگ لڌي سار

 

اول الله عليم آهه، سائين سڀن ساڻ

پاڻ وڻنديون ٿو ڪري،ڪڍي نه ڪنهن جي ڪاڻ

تنهن مالڪ مينهن موڪليو، باريءَ ڪري ڀلاڻ

’ڪنٺو‘، ’پائر،‘، ’پارڪر‘، وٺا ’پٽ – پراڻ‘

 

’ناري‘، ’ساري‘، ’ٿر‘ تي، وڄن جي واڄاڻ

’کائڙ‘ کير، کيرڻيون، ڍَوَ ڪيا ’ڍاٽاڻِ‘

’مهراڻي‘ ملار ٿيا، ’روهيءَ‘ روح – رهاڻ

’ولگي‘، ’ولاسي‘ ’وَٽَ‘ تي، ڪئي وس وراڻ

 

مڙئي ’ملڪ‘ ملير ٿيو، ساوڪ ۽ سرهاڻ

سڀين پرين سڪار ٿيو، ساوڪ ۽ سرحاڻ

’برن‘ ۾ بهار ٿي، گاهن جيءَ گهراڻ

’گهارون‘ گلن گهيريون، ’ڇنن‘ جيءَ ڇاڄاڻ

 

’ڍونڍون‘، ’ڍورا‘،’ڍوريون‘،سونهن سائي ساڻ

’وِڄُن‘ مڙئي واسيا، اچي کان اُتراڻ

’ديهون‘، ’پٽ‘ ۽ ’پها‘، ’ڳوٺن‘ وڏِي ڳاڻ

’اڍيجاڻي‘، اَٺَ ڊَهو، ’اَٿيلا‘، ’اوسِراڻ‘،

’اَونهَرَ‘، ’آڌيگام‘ تان، اڏي وئي اونگهاڻ

اچي ’اسلام ڪوٽ‘ تان، ٿي ’آ ٻهاري‘ اُٿلاڻ

’اهر اڀرندو‘، ’اَهوري‘، ڏس ’اِنڍالي‘ اوڍاڻ

’اَٻنڌِ‘، اصحابو‘، ’آراڙو‘، ’آروئو‘ ’آڪڙاڻ‘

’آڙٻهليار‘، ’اوڪِراڙو‘، ’اهڙا مار‘ آلاڻ

’اَڪوتو‘ ۽ ’آڪِڙي‘، ’ابڙينگن‘ اونهاڻ

’بلالاڻي‘، ’بنڀرا‘ ’بَصران!، ’بَروُئاڻ‘

’ٻَگَل‘، ’ٻِلِهياري‘، ’ٻانڀڻاءِ‘، ’ٻيلي‘ ٿي ٻيلاڻ

’ٻيلو ڪرنا‘، ’ٻَپُوهار‘، ’ٻُولهاڙيءَ‘ جي ٻاڻ

 

ٻانڀڻلائي، ٻهارڙِي، ٻانڌي، ٿي ٻانڌاڻ،

ٻيرڇن ۽ پوکلي، ٻرڙائي، ٻهراڻ،

ڀيماويري، ڀُوڄڙو، ڀڪوئو، ڀوريلاڻ،

ڀَڏيلي ۽ ڀوڏيسر، ڀوري ۽ ڀاناڻ

ڀِٽاري، ڀوڏار، سان ڀالوا جي ڀاڻ،

تُرڪياري ۽ ترهو، ٿي تڳوسر تڳاڻ

تَل، تڏوگل، تُرڪڻي، تَلي ۾ تازاڻ،

تَپش تُرڪيارَ ٿي، ٿاڌاتِ، ٿَهرڻ،

ٻٽو ڪوٽ ۽ ٻيلهاڙو، ٻَرڙي جي ٻٽياڻ،

ٻانڌي، ٻَريجي، ٻورجي، ٻانهياريءَ جي ٻاڻ،

ٽَنڊو، ٽٻونهي، ٽيڀري، ٽالهي، ٽمونهاڻ،

ٽُري، ٽوڀا، ٽانگري، ٽانگور ۽ ٽهڪاڻ،

ٺانٺرائيءَ ٺار ٿي، ٺڪراسي، ٺهراڻ،

پاتا، پٿورو، پڙهياريو، پنجوئي، پوراڻ،

پلي، پٿورو، پڙهيارو، پوٺو، پٽ – پچاڻ،

پاري ننگر، پاڙ ڌرو، پيٿاپور، پهراڻ

پروڙ، پٻڻ، پڃاتلي، پڌرئي، پڌراڻ

پاٻو ويرو، پوسرڪو، پاٻوهر، پکڙاڻ

پپٽ، پيلو، پارڻو، ٿي پٻڻيءَ تي پهچاڻ

پاراڏيءَ، پدمات کان، ٿي پانيليءَ پگهراڻ

پَون، پاٽويون، پينگهارو، پرچيءَ ٿي پرچاڻ

پسيو پٽ پاتار جو، پنهورڪي، پوراڻ،

ڦٽا گاهه ڦانٽ جا، وئي ڦاڏري ڦڏاڻ،

جهجو مينهن جاگير تي، جانهيري جلواڻ

جاڙو، جهنجهي، جوڙوئو، جوارياسر جيداڻ

جوڳڙيائي، جکراڏي، جيمس جواڻ جماڻ

جڳو، جاڙيلو جي پيا، جيتراڙ، جنهاڻ

ڄانڀي ڪنڊي، ڄنگهه ۾، ٿي ڄاريلي ڄماڻ

جهُن، جهلوري، جهامري، جهڏو ۽ جهڪاڻ

جهالو چونرو، جهانگرو، جهڙڪياري جهلڪاڻ

جهڙڦڙ جهونجهارن تي، جهرمريئي جهولاڻ،

چوٽل، چونڊا، چوڙيو، چراليءَ چانڊاڻ،

چاهو، چونرو، چٽوڙي، چنگل، چوٽاڻ،

چيلاڙي ۽ چاڙهيار، چڀڙاڏي، چرواڻ،

چر، چرون، چيلهار تان، چنڊ مورئي چانڊاڻ

ڇوڙ، ڇيلاڙو، ڇاڇرو، ڇن، ڇهيءَ ڇمراڻ

ڇَڇ، ڇنڊڻ ۽ ڇڄڙو، وئي ڇڇيءَ مان ڇڪتاڻ

ڇاهي ڇپڙو، ڇاڙ ٻيٽ، ڇپڻهار، ڇماڻ

حسناڻي، حڪيم شاهه، حسن باغباڻ

خداداد، خانواه، خاڪي، خانوراڻ

ديول ڪوٽ، دٻڪو، دريڙو، دوساڻ

دليري، دودات سان، دل ۽ دولتاڻ

دڙيلو، دينور ۽ دونهائو، دونهاڻ،

ڌينگاڻو، ڌارينڊڙو، ڌوڙڪيون، ڌڙڪاڻ

ڏگو، ڏنڀرلو، ڏونگري، ڏيات ٻه، ڏهراڻ

ڏوڏهار، ڏگهڪي، ڏيپلو، ڏاهلي، ڏوماڻ

ڏاجهيري، ڏيپبار تان، وئي ڏگوءَ مان ڏکياڻ

ڊيٻو، ڊاڀو، ڊنڍورو، ڊهيٽي، ڊينگاڻ،

ڊٻ، ڊاهينرو، ڊاڀڙو، ڊاڀيءَ پاسي ڍاڻ،

ڍورو سيريين، ڍڍرو، ڍوڍاري ڍاراڻ،

ڍٽ، ڊيٻوڙي، ڍاڪلو، ڍنڍي ۽ ڍنگهراڻ،

ڍنڍو، ڍوري، ڍنگهرالو، ڍينگاريو، ڍوراڻ،

 

رام جاڳو، روهلڙي، راڄاري راڄاڻ

راڻا واءِ، راهمور، رندڪيءَ، رنداڻ،

 

راوڙ، رٻاريو، رتڻاڏي، روحل واءِ ريلاڻ،

روهڙ، ريکڻ، راڄواه، راهومڪيءَ رهاڻ،

ريڌڙ، رپ، روپاهڙي، راڻپور، رمداڻ،

روهي، راٺي، رامسر، روهيراڙو، راڻ،

روڏو ۽ اڻپاريو، روڏهار ۽ روهلاڻ،

ساکو، سرهل، ساجناه، ساهماڻيءَ ساڻ،

سرو، سارڻ، سوڍي ٻهه، سهڻيءَ ٿي سهڻاڻ،

سومرا سر، سومريٽ کان سرهيءُ، سميراڻ،

ساڍر، سڻا ڏي، سڀڙي، سينهوئيءَ سونهاڻ،

سينهڙو، سونٺي، سونپور، سوڍاٻوڙ سرهاڻ،

ستي ڏهر، سعيدڪي، سونهري، سوناڻ،

سانگهه، سلور، ساڱرو، سوهاڳيءَ سيراڻ،

ساڏورس، سينگاريو، سوراچند، سکراڻ،

سامي ويري، سانگيار، ساڏ وريءَ، سڀراڻ،

سيڙهي ۽ سينگاريو، سونل، سڪرياڻ،

سونهي ساريٽي، سانوري، سڌوئيءَ سوڌاڻ،

سيار، سجائي، سانگرسر، سيڏيو، سينهاراڻ،

ساڀو، سوڀيارو، سيداڻو، سڄن پار، سڄاڻ،

شادي پلي، شيخڙو، شولي ٿي شعلاڻ،

صويف، صابوسن،صاحب تڙ،صندوق سان سوڀاڻ،

عظمت، عمر ڪوٽ سان علي بندر اڪراڻ،

اُٺيو علياڻين تي، علي بحر اٿلاڻ،

فتح ڍنڍ، فصل ڀنڀرو، فرش، فقيراڻ،

ڪرنا، ڪارو، ڪانگڻي، ڪانهياري، ڪاٺاڻ،

ڪائٿ،ڪنڀاريو، ڪيرٽي، ڪارونجهر، ڪاراڻ،

ڪانگ ڪاموهي، ڪاٺڙي، ڪاڇيلي، ڪپراڻ،

ڪيلهڻ، ڪنري، ڪانٽيو، ڪلري ۽ ڪڙماڻ،

ڪلات،ڪلوئي، ڪيهڙي، ڪلواري، ڪاڪياڻ،

ڪاهو، ڪروڙو، ڪاسبو، ڪانجي ڪوٽاڻ،

ڪرن،۽ ڪونجيلي،ڪاڙڪي،ڪنڀ ۽ ڪپوراڻ،

ڪانترائي، ڪاريهر، وئي ڪمڙهار ڪناڻ،

ڪينجهه،ڪنگورو، ڪلپور، ڪچولي، ڪنڊياڻ،

ڪنر، ڪولاچي، ڪامارو، وئي ڪيسراڙ ڪاڻ،

ڪوراڙ، ڪرو، ڪيرٽو، ڪنڊياري، ڪونڀاڻ،

کٿ، کنڊر، کهنبڙي، کاراڙو، کيراڻ،

کاڻي، کيراهو، کاريو، کريڙيون، کوراڻ،

کيرل، کيروهي، کنڀرو، کن ۽ کاڙڪاڻ،

کيجڙياري، کيتلاڻي، کرڙو، کرڇيلاڻ،

کاڄاري ۽ کلڙائي، کوسن واءِ وراڻ،

کارئي ڄار، کڻهار سان، کارو، کوکراڻ،

گنج گوندي، گورابند، گولاڙڪي، گوئينداڻ،

گوڙي ڏهرا، گور سر، گوگا سر، گوجهڙاڻ،

گڙنگ، گڍڙو، گيهل پور، گڙڪي، گورچياڻ،

گاجي ويرو، گريانڇو، گابرلوءِ، گولاڻ،

ڳنڌ، ڳوراهو، ڳونيرو، ڳموري ڳاڙهاڻ،

گهڙا ڪاڙينگا، گهوڙاڏي، گهرٽيءَ تي گهمراڻ،

لڙهه، لياري، لنگڻي، لاڻيرو، لالاڻ،

لنڊو، ليلان، لاکاڪي، ٿي لوڻيهار لماڻ،

لوڻيو، لانڍي، لپلو، لالا ٻھ، لورياڻ،

لاکي ٽوڀو، لکميار، لولان، ليهوراڻ،

لاکو ڇن، لطيف شاهه، لاکڻي لانگاهڻ،

لالان، لڪورو، لعل ڇتو، لاڏو ۽ لقماڻ،

مونڌر، مڃري، مير واهه، ماروهر، مانڊان“

مارو مانڌل،مور جهنگو، وئي موهر مان ميراڻ،

 

مٺي، مهپارو، موندرو مڙهيو ۽ ملڪاڻ،

ملڻهار ۽ مالڻڪور، مٺڙيو مٺاڻ،

مونڌا واءِ، ملهڻ سر، ماڃٺيءَ ماٺاڻ،

مامچيرو، مونيري، موکل ٻهـ، ميگهاڻ،

موتي سرو مهڪيو، ماکياري ماکياڻ،

مارو واءَ، موراسو، ميهاري، موکاڻ،

مومل ماڙي، مهميدو، مانجهاڪر، مانجهاڻ،

موجن، مهاڙي، ميهارڪي، مٺڙائو، موجاڻ،

محمد عالم، مصري شاهه، مبارڪ، مٿاڻ،

نوهيون، نبي سر، ناڙاڏي، نيلوفر، نوهٽاڻ،

لنگر، نصير چانڊيو، نيازي، ناصراڻ،

نئون ڪوٽ، نيبلو، لنگناه تي نيراڻ،

وهرو، ونگار، وتوڙائي، ويراسر وسراڻ،

وهائو، ويجهيار، واگهريجي، وليداد، وڏاڻ،

وليءَ ويري، ويڙهيار، ولهارين ويجهاڻ،

واڻياٺ ۽ وارياسو، وچولو، واگهاڻ،

وڪاڏي ولهيٽ تي، ولين جي وڇاڻ،

ونگي، وڄوٽو، ويڙهيجهپ، واهر ٿي وراڻ،

وريو، وڄاسر، ويسري، واصل ٻهه وٿاڻ،

ويرا واءِ ۽ وائڙي، وڪڙيو واکاڻ،

هيرل، هيرار، هاسيسر، هوڙينگي هونگاڻ،

هاڙهي، هميرهور کان ڏس هنڍاڪرهاڻ،

هاڙهه، هوندو، هنڱورو، هيدو هميراڻ،

”پلي“ پنهوارن ۾، سڀن پرين سرهاڻ،

دعائون ڪن ڌڻار ٿا، ڳئن ڪريو ڳاڻ،

چئن طرفن چاهه مان، پهن ڪئي پهراڻ،

دڙين، مڙهين، ڍاڻيين، ڍاٽين جي ڍاراڻ،

مارو مرڪن موهر ۾، جو سمر اٿن ساڻ،

لٿي ڪل جي ڪاڻ، ڪلمي ساڻ ڪريم جي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com