سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1988ع (3)

 

صفحو :12

        پوءِ رڪشا واري کي ونتري بندر ڏي هلڻ لاءِ چيائين. جڏهن اتي پهتو ته درياهه جي بند تي رڪشا مان لٿو ۽ پيرين پيادو اڳتي وڌيو. اهو غالباً اهڙوئي دردناڪ منظرهو، جهڙو گوتم ٻڌ جي محلات مان نڪرڻ مهل هوندو. گوتم ٻڌ رات جي وڳڙي ۾ رٿ تي سوار ٿي درياهه تي پهتو هو. رت کي پوئتي موٽائي، ٻيڙيءَ واري کي ”ٻئي پار“ وٺي هلڻ لاءِ چيو هئائين. آخر زندگيءَ جو سڀ کان اوکو مسئلو ٻئي پار هلڻ ئي ته آهي.

 

        سال ٻه اڳ مان بنگله ديش جي دوري تي ويس. ايشيا جي ملڪن مان منتخب اديب ۽ شاعر گڏ ٿيا هئا. هڪ شام جو اسان کي ڍاڪا ۾ ٽي. وي اسٽيشن تي وٺي ويا ۽ آواز ۽ روشنيءَ جي رنگن وسيلي موسيقيءَ جو پروگرام پيش ڪيائون. ان پروگرام جا ٻه گيت مون کان ڪڏهن به ڪونه وسرندا. هڪ گيت ڪوي ٽئگور جو هو، جنهن جا ٻول هئا:

”تون اهڙو ئي سندر ۽ سهڻو آهين، جهڙو منهنجي دل ۾ تنهنجو تصور، يا ايڏو حقيقي ۽ روشن آهين، جيڏو آسمان ۾ قطب تارو.“

        ٻيو گيت لالڻ شاهه نالي هڪ مسلمان صوفي شاعر جو هو. ڳائڻ واري بيحد حسين هئي ۽ سندس آلاپ جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. رنگبرنگي اولڙن جي اوٽ ۾ سحر بنگال اسان کي واقعي مسحور ڪري ڇڏيو. لالڻ شاهه جي گيت جا ٻول هئا:

”مون کي درياهه جي ٻئي پار وٺي هل“

(Take me to the other side ot the river)

        گيت جا آلاپ جيئن فضا ۾ بلند ٿيا، ته بت ۾ سيسراٽيون نڪري ويون. جڏهن پنهنجي ساڄي کاٻي نهاريم ته بي شمار اکين جي پنبڻين ۾ پاڻي وانگر ڳوڙهن جون جهالرون ڏٺم. ماڻهن جا هيانءَ ڦسي پيا هئا. سندن سڏڪن ۽ سيسراٽين جي وچ ۾ مغنيه جا آلاپ فضا ۾ گونجي رهيا هئا:

”مون کي درياهه جي ٻئي پار وٺي هل“

        گوتم ٻڌ درياهه جي ٻئي پار پهچي، لوئي ڪلهن تان لاهي، ٻيڙيءَ واري کي ڏني هئي ۽ پان بن ۾ الوپ ٿي ويو هو.

        علامه صاحب درياهه جي ڪپ تي پهچي پنهنجي ڪنڌ مان بٽر فلاءِ ڪالر ڪڍيا ۽ ٽوپلي سان گڏ هڪ ٻوڙي ۾ رکائين. پوءِ ڇٽي کڻي، ان جي ٽيڪ تي پير پير ۾ ڏيندو، بند تان هيٺ لهندو، درياهه ٿڌي ۽ مٺي پاڻيءَ ڏانهن وڌڻ لڳو. اوچتو پير ٿڙڪي ويس، ڪنڌ ڀر پوئتي ڪريو ۽ مٿو وڃي پٿر سان لڳس. ڇٽي ڇڏائجي ويس، نازڪ ۽ نفيس ته اڳيئي هو، گهبلو، گهرڪندو، هيٺ درياهه ۾ وڃي پيو. پر مهراڻ جي موجن سان همڪنار ٿيڻ کان اڳ عزرائيل کان اهو ڏکوئيندڙ منظر ڏٺو نه ٿيو. سڪ مان سڏ ڪيائينس:

اوڏڻ اوري آءُ، توکي لاکي ڪوٺئو،

لهي تو مٿاءُ، سندو مٽيءَ مامرو.

        جڏهن سندس لاش درياهه مان ڪڍيائون ته کيس پيٽ ۾ پاڻيءَ جو ڦڙو به ڪونه هو. ڊاڪٽر جو چوڻ آهي ته اهو ان ڪري جو درياهه ۾ سندس جسم جي داخل ٿيڻ کان اڳ ئي سندس دم پرواز ٿي چڪو هو. اها سومهاڻيءَ جي مهل هئي، پر بي.بي. سي، پاڪستان ريڊيو ۽ آل انڊيا ريڊيو تي سندس وفات جي خبر جا ڌڌڪا هئا. چنانچه صبح جو سوير ئي خلق جي ديدار لاءِ سندس جنازو سينگاري، بنگلي جي هڪ ڪمري ۾ رکيو ويو.

        ڪن ظاهر بين شخصن اعتراض اٿاريندي، سائين جي – ايم – سيد کي چيو ته ”حيرت آهي ته علامه صاحب جهڙي ڏاهي انسان خودڪشي ڪئي!“

        سائينءَ جواب ڏنن ته، ”ان ۾ حيرت جي ڪهڙي ڳالهه آهي. اسان سڀ جو روزانه خودڪشي ڪريون ٿا!“

        مون کي ياد آهي ته علامه صاحب جي وفات جو ٻڌي، مان صبح سان جيئن سندس بنگلي تي پهتو هئس ته ماڻهن جو چڱو هجوم گڏ ٿي چڪو هو. جڏهن ڪمري ۾ گهڙيس ته سندس سينگاريل جنازو برف جي ٻن نادين جي وچ ۾ ميز تي رکيو هو. ميز تان برف جو ٿڌو ۽ مٺو پاڻي، جيڪو سنڌو درياهه جوئي هو، ڦڙن جي صورت ۾ هيٺ پٽ تي ڪِري رهيو هو. مون جڏهن سندس چهري تي نگاهه ڪئي ته هو مون کي مٺيءَ ننڊ ۾ نظر آيو. پر انهيءَ ابدي آرام ۾ به هو مون سان هم ڪلام ٿيو. هن مون کي ڇا چيو، اهو عرض ڪريان، ان کان اڳ، هڪ واقعو بيان ڪرڻ گهران  ٿو.

        محي الدين ابن عربي جڏهن ويهن ورهين جي ڦوهه جوانيءَ ۾ هو، تڏهن هاڪاري مسلمان فيلسوف ابن رشد جي علم ۽ فصل جي هنڌين ماڳين هاڪ هئي. Creative Immagination in he Philosophy of Muhhiudin Ibn – e – Arabi جي مصنف لکيو آهي ته جڏهن ان عربي وڏو ٿيو، تڏهن سلطان جي ڪاتب سان گڏ قرطبه جي چوڪ ۾ بيٺو هو ته اوچتو هُل ٻڌائين ته ابن رشد وفات ڪري ويو آهي ۽ سندس جنازو کنيو ٿا اچن.

        ابن عربيءَ جو چوڻ آهي ته ”جڏهن ابن رشد جو جنازو کڻي آيا ته اهو باربرداريءَ جي هڪ جانور تي خرجين ۾ پيل هو. مون ڏٺو ته خرجين جي ٻئي پاسي، وزن کي پورو بيهارڻ لاءِ، اهي سڀ ڪتاب وڌا هئائون، جي بن رشد پنهنجيءَ حياتيءَ ۾ لکيا هئا.“

        سائين جي – ايم – سيد سان مون جڏهن اها ڳالهه ڪئي هئي، تڏهن مون کي چيو هئائين ته ”حقيقت ائين ڪانه هئي. اهو ابن عربيءَ جو پنهنجو تصور هو.“

        حقيقت ڪيئن به هجي، پر درياهه جي ٿڌي ۽ مٺي پاڻيءَ جي ٽپڪندڙ ڦڙن جي وچ ۾، گهريءَ ۽ مٺيءَ ننڊ ۾ هميشه کيس ٻاجهاري انداز ۾ پاڻ سان همڪلام ٿيندي ٻڌو. فرمايائين:

        ”ابا، رباني، تون ويهارو ورهيه اڳ مون وٽ هڪ سوال کڻي آيو هئين ته انساني زندگيءَ جو مقصد ڇا آهي؟“

        ”توکي انهيءَ سوال جو ڪو جواب مليو؟“


 

چنڊ موريو جو مقام

تحقيق ۽ حقيقتون

                     محمد هاشم حيدري

سنڌيڪار: پريتم ”پياسي“

 

        روزنامه جنگ مورخ 13 – جنوري 1988ع جي اشاعت ”مهراڻ رنگ“ ۾ ’چنڊ موريو‘ جي مقام تي هڪ تحقيقي مقالو محترمه ’پروين ٽالپر‘ جي نالي سان ڇپيو آهي، جنهن ۾ ’چنڊ موريو‘ ۽ ‘چندر گپت موريه‘ جي نالي جي مماثلت کي مفروضو بنائي تاريخ جي ٻن متضاد ڇيڙن جون ڪڙيون ملائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جنهن جي ڪري تاريخ جي مسخ ٿيڻ جوخطو پيدا ٿي ويو آهي. ان مضمون جو سنڌي ترجمو، مهراڻ جي 1 – 2ل 88ع پرچي ۾ پڻ شايع ٿيو آهي.

        آئون ٿرپارڪر جي باشندي هجڻ جي ناتي سان پنهنجو فرض سمجهان ٿو ته تاريخي رڪارڊ کي درست رکڻ جي لاءِ مذڪوره تحقيقي مقالي بابت حقيقتون لکي محققين جي خدمت ۾ پيش ڪريان.

        سڀ کان پهرين آئون نالي جي درستي ڪرڻ چاهيان ٿو، ڇو ته هڪڙي حرف جي مٽاسٽا سان وڏو فرق پيدا ٿئي ٿو ۽ لفظ جو مفهوم بدلجي وڃي ٿو. انهيءَ مقام جو اصل نالو ”چنڊ موريو“ آهي، ”چنڊ موريا“ ناهي. ’چند‘ سنڌي قوم جو هڪ قبيلو آهي ۽ ’موريو‘ ماڻهوءَ جو نالو آهي. ان ڳالهه جو ثبوت هي آهي ته چنڊ قوم جي ماڻهن جو هڪ ڳوٺ ”الهداد چنڊ“ حيدرآباد ۾ نهايت مشهور آهي ۽ ان قوم جو منهنجو هم ڪلاس مسٽر محمد عمر چنڊ، جو اڄڪلهه برونائي ۾ پروفيسر آهي، زنده ثبوت آهي. موريو نالي سان هن وقت به سنڌ ۾ ڪئين ماڻهو ملن ٿا ۽ اهو نالو اڄڪلهه پڻ رکيو وڃي ٿو. موريو ٺيٺ سنڌي زبان جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي دوباره ڦٽڻ يا مورجڻ. مثال خاطر جيڪڏهن ڪنهن وڻ جون ٽاريون وڍيون وڃن، يا ڪو فصل لُڻي ڇڏجي ۽ دوباره ڦُٽي يا ڄي ته ان کي ”موريو“ چوندا آهن. آءٌ انهيءَ نالي وارا ڪئين ماڻهو ذاتي طور سڃاڻان ٿو.

 

        جيستائين ’چنڊ موريي‘ جي مقام متعلق مقامي روايتن جو تعلق آهي، اُهي اسان به ٻڌيون آهن. جيئن هي ٻئي پيءُ ۽ پٽ بزرگ ۽ صاحبِ ڪمال شخص هئا ۽ انتقال کان پوءِ اتي اتي دفن ڪيا ويا. ليڪن جڏهن مقام ۾ هڪڙي قبر سامهون اچي ٿي ته سواليه نشان بنجي پوي ٿي. ماڻهو ان جو جواز پيش ڪندي چوندا آهن ته التقال کان پوءِ پيءُ ڪنهن ڳالهه تي ڪاوڙجي پٽ جي قبر کي اهڙي زوردار لت هنئي جو هو خدا ڄاڻي ڪيڏانهن گم ٿي وئي. اسان کي بزرگن ۽ ولين جي ڪرامتن کان انڪار ڪونهي، پر ڪي اهڙيون من گهڙت روايتون ساده لوح انسانن کي ٻڌايون وڃن ٿيون، جنهن کي عقل سليم تسليم نٿو ڪري. قبرستان ۾ هڪ قبر هن ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته هتي صرف هڪ بزرگ دفن آهي. هن مزار تي لڳندڙ ساليانو ميلو سنڌ جي ٻين بزرگن جي مزارن تي لڳندڙ ميلن کان مختلف ڪونهي، جيڪو سنڌ جي ثقافت جو هڪ حصو آهي. سنڌ ۾ عام طرح هڪ بزرگ جي مزار تي عقيدتمند وڃن ٿا، پنهنجون مرادون پوريون ٿيڻ جون دعاون گهرندا آهن، مڃتائون ڪندا آهن، مٺائي ورهائيندا آهن، ٻارن جا وار پڻ ڪٽايا وڃن ٿا، پڙبه وجهن ٿا، سنڌي ملاکڙو به ٿيندو آهي، گهوڙن جي ڊوڙ جا مقابلا پڻ ٿيندا آهن ۽ جانورن جي خريد و فروخت به ٿيندي آهي ۽ ان کان سواءِ ناچ، ڳائڻ ۽ کيل تماشا پڻ ٿيندا آهن. دراصل سنڌ جي ميلن جي هي خصوصيت آهي ۽ انهن ڳالهين کان سواءِ ڪوبه ميلو نامڪمل هوندو آهي، ليڪن فاضل مضمون نگاره انهن رسمن کي پڻ چندر گپت موريه سان ملائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪا سراسر حقيقت کان دوري آهي.

        هڪ ٻي دلچسپ ڳالهه ۽ تحقيق جو منفرد انداز هن مقالي ۾ هي به نظر آيو ته ”ويرا واهه جي ويجهو جين ڌرم جي پراڻن ۽ قديم مندرن مان گورچه نامي بُت دريافت ٿيو آهي، وڌيڪ هتي ٿرپارڪر ۾ گورچاڻي نالي هڪ قبيلو موجود آهي، جيڪو گورچه بت سان گهڻي حد تائين مشابهه آهي.“ مٿين سٽن لکڻ سان مقالا نگاره جو مقصد هي آهي ته سنڌ جو گورچاڻي قبيلو ماضيءَ ۾ جين ڌرم جي گورچه مورتي جو پوڄاري رهيو آهي. دراصل گورچاڻي ته بلوچ قبيلي جي هڪ قوم آهي، جنهن جي مادري زبان سرائڪي آهي ته ٽالپرن جي به مادري زبان سرائڪي آهي. اگر فاضل مضمون نگاره (جيڪي پاڻ بلوچ قبيلي جي سابق حڪمران خاندان ”ٽالپر“ سان تعلق رکن ٿيون) بلوچ جي شجره نسب کان واقف هجن ها ته هي ڳالهه هرگز نه لکن ها. بهرحال اسان جو محترمه کي هي مشورو آهي ته آئينده تاريخي تحقيق جي دوران ڪنهن به قبيلي جي نالي جي مشابهت کي مفروضو ٺاهي خيال آرائي کان پرهيز ڪن ته جيئن ڪنهن قوم يا قبيلي جي دل آزاري نه ٿئي.

 

        اسين سڀ کان پهرين لفظ گوريچه جي تصحيح ڪنداسين. دراصل هي لفظ گوريچه ڪونهي. بلڪه گوريچو آهي. پارسناٿ جي پتلي جي هيءَ مورتي هڪ فٽ ويڪري ۽ اڇي سنگمرمر جي ٺهيل هئي. پارسناٿ يا گوڙيچو چين ڌرم وارن جو سڀ کان وڏو ديوتا آهي. جين ڌرم وارا پارسناٿ جا پوڄاري هئا، جيڪو گرو گور کناٿ جو چيلو هو ۽ ان کي ”گوڙيچو“ پڻ چيو ويندو هو. ننگرپارڪر تعلقي ۾ ننگر پارڪر کان 28 – ميل پري گوڙي نالي هڪ ڳوٺ آهي، جتي جين ڌرم وارن جا مندر آهن. ڪيپٽن ريڪس ”حالات ٿرپارڪر“ نالي پنهنجي ڪتاب ۾ ان تي ڪافي روشني وڌي آهي ۽ ان جو هڪ نقشو پڻ ڏنو آهي. گوڙي ڳوٺ تي هي نالو پڻ  گوڙيچو جي نسبت سان پيل آهي. هن قديم مندرتي 52 – گنبذ ٺهيل آهن ۽ تعمير ۾ سنگمرمر جي نموني جو پٿر استعمال ڪيل آهي، جيڪو جوڌپور کان آندل معلوم ٿئي ٿو. ”پراڻو پارڪر“ ڪتاب ۾ منگهارام اوجها رقم طراز آهي ته ڪيپٽن ولسن هن مندر ۾ هڪ جڳهه جي کوٽائيءَ جو ڪم شروع ڪرايو هو، ليڪن مزدورن کي ڪنهن غيبي آواز کوٽائي ڪرڻ کان منع ڪئي. ان ڪري کوٽائي بند ڪرڻي پئجي وئي. ان کان پوءِ ولسن صاحب جو انتقال ٿي ويو، جنهن سان مقامي ماڻهو توهم جو شڪار ٿي ويا. پر پوءِ به هي مندر برٽش گورنمينٽ پنهنجي تحويل ۾ رکيو. هن مندر جي ڪجهه حصو بارود سان اڏائي ڇڏيو، ڇو ته انهيءَ کي شڪ هو ته فسادي راجپوت سوڍا هتي لڪي سازش ڪندا آهن. چون ٿا ته هن مندر جو بنياد 1302ع ۾ رکيو ويو هو. پارسناٿ يا گوڙيچي جو هي پتلو هميشه سوڍن راجپوتن جي قبضي ۾ رهيو ۽ تمام وڏي رقم وٺي ان جو درشن ڪرايو ويندو هو. ويرا واهه ۾ ساليانو ميلو به لڳايو ويندو هو ۽ آخري ميلو 1824ع ۾ لڳو هو، جنهن ۾ گوڙيچي جو درشن ڪرايو ويو هو. 1832ع ۾ پونجو سوڍو ٽالپرن سان وڙهندي مارجي ويو ۽ مرڻ کان پوءِ پونجي سوڍي گوڙيچي کي ڪنهن خفيه جڳهه ۾ پوري غائب ڪري ڇڏيو هو، جنهن جي اڄ تائين ڪابه خبر ڪونهي.

        هن علائقي ۾ پاري ننگر نالي قديم بندرگاهه، ننگرپارڪر کان 14 – ميلن جي مفاصلي تي آهي، جيڪو اڄڪلهه ويران کنڊر نظر اچي ٿو. چون ٿا ته ان جو بنياد پهرين صدي عيسوي ۾ رکيو ويو هو. وڌيڪ هي ته مهاتما گانڌي جا وڏا پاريننگر ۾ رهندا هئا، جنهن دور ۾ پاريننگر آباد هو. تڏهن رڻ ڪڇ ۾ سمنڊ جو ڪافي پاڻي هو ۽ پاريننگر سامونڊي بندر هو. اچ به لوهه جا ٽڪرا ۽ ٻيون نشانيون اتان جي بندرگاهه جي ثابتي ڏين ٿيون. يوناني سياح پيريپلس، جنهن جو ڇهين صدي عيسويءَ ۾ هن بندرگاهه تان گذر ٿيو هو، تنهن پنهنجي ڪتاب ۾ هن جو ذڪر ڪيو آهي.

        سڪندر اعظم جڏهن سنڌ ۾ آيو، ان وقت پڻ رڻ ڪڇ ۾ سمنڊ جو ڪافي پاڻي هو. سنڌ جي تاريخي ڪتابن مان هيءَ پڻ خبر پوي ٿي ته سنڌو درياهه جي هڪ شاخ ’هاڪڙو‘ پنجاب کان نڪري عمرڪوٽ ۽ ننگرپارڪر جي ويجهو وهندي وڃي پاريننگر وٽ رڻ ڪڇ جي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. رامائڻ جي دور ۾ پڻ هاڪڙو ندي موجود هئي. ابوالفضل جي آئين اڪبريءَ ۾ ٽاڊ صاحب جي تاريخ راجسٿان ۾ هاڪڙو درياء جي باري ۾ اشارا ڏنل آهن. ليڪن هاڪڙو ڇو ۽ ڪڏهن بند ٿيو، انهيءَ سلسلي ۾ تاريخ خاموش آهي.

 

        هاڻي ٿوري چندر گپت موريه جي متعلق ڳالهه ٿي وڃي، جنهن جي آخري آرام گاهه جي تلاش ڪندي فاضل مقاله نگاره ”چنڊ موريو“ جي مقام تي پهچي وئي آهي. انگريز محققين لوئس رائس ۽ جي. اين فليٽ جي چندر گپت جي متعلق تحقيق ۽ ترديد جي قطع نظر اسين هي ڳالهه ته بلڪل نٿا مڃي سگهون ته ان جي آخري آرام گاهه ’چنڊ موريو‘ جو مقام آهي، ڇو ته بنواس وٺڻ جي لاءِ پهاڙي علائقو ضروري هوندو آهي، جنهن جي غارن ۾ بنواسي دنيا جي شور ۽ هُل کان پري نويڪلائيءَ سان عبادت ڪن ٿا، ليڪن ‘چنڊ موريو‘ جو علائقو ميداني آهي ۽ ننگرپارڪر جو پهاڙي علائقو جتي جين ڌرم جا مندر آهن، سو هتان ڪوهڻن ڏور آهي.

        چندر گپت جو تعلق ننده خاندان سان هو. هن جي ماءُ مور پاليندي هئي، ان ڪري ان جي اولاد کي موريو چيو ويو. چندر گپت ٽيڪسيلا ۾ تعليم ورتي ۽ سڪندر اعظم جي جنگي فنن جي واقفيت حاصل ڪئي هئي. هن ننده خاندان جي آخري حڪمران مها پدما کان 322 ق . م مگدره فتح ڪيو هو. هن وٽ پنج لک فوج يوناني طرز جي تيار هئي ۽ لَوَ هزار جنگي هاٿي هئا. سڪندر اعظم جي وفات کان پوءِ ان جي جرنيل سيلڪوس چندر گپت کي ڏنو ۽ ميگسٿينز کي پنهنجي طرفان پاٽنا ۾ سفير مقرر ڪيائين. سنڌ، بلوچستان ۽ افغانستان موريه سلطنت جي قبضي ۾ اچي ويا.

        چندر گپت جو برهمڻ وزير چانڪيه بيحد ذهين عالم هو. هن جي ڪتاب ”ارٿ شاستر“ مان ان زماني جي سياسي ۽ اقتصادي حالات معلوم ٿين ٿا.

        چندر گپت کان پوءِ ان جي پٽ بندوسار 298 کان 237 ق . م تائين حڪومت ڪئي. اشوڪا موريه خاندان جو آخري حڪمران هو، جنهن کي ان جي فوجي سالار قتل ڪرائي هندستان تي سنگا خاندان جي حڪومت جو بنياد وڌو. اسوڪا سنڌ، بلوچستان، سوات، ڪشمير، افغانستان، نيپال، يونان ۽ مصر ۾ ٻڌمت جا ڪتبا کڙا ڪيا، جن مان ڪئين ماضي قريب ۾ پڻ موجود هئا. آءٌ سنڌ خصوصا ٿرپارڪر جي ٻين محققن کي ان موضوع تي لکڻ جي گذارش ڪريان ٿو، جيئن ته فاضل مقالا نگاره کي چندر گپت موريه جي آخري آرام گاهه تلاش ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي.


 

 

 

 

 

 

 

 

 

------------------------

 

”سڀ کان وڌيڪ بي وقوف اهو شخصي آهي، جو ستل فتني کي جاڳائي، ۽ جيڪو ڪم آسانيءَ سان ٿي سگهي، ان جي نوعيت لڙائي جهڳڙي تائين پهچائي؛ پنهنجي گهڻيءَ قوت تي اعتماد ڪري، دشمن سان هروڀرو وڙهڻ جو اپاءُ ڪري؛ ڇو ته کڻي ’ترياق‘ موجود هجي، پر انهيءَ جي اميد تي رئو ڪري ’زهر‘ نه کائڻ گهرجي.“ – سقراط

 

------------------------
 

 

 

سنڌ جي تاريخ جو حصو

 

 

 

 

 

سنڌ جي آخري تاجدار مير محمد نصير خان ٽالپر

جو انگريزن جي قيد ۾ ڏنل بيان

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

       

مترجم

حبيب الله صديقي پاٽائي

 

 

----------------------

 

]نوٽ: اُن اهميت جي پيش نظر، جيڪا سنڌي ادبي بورڊ ۽ هي اداره پنهنجي روزِ اول کان ”سنڌ جي تاريخ“ کي ڏيندو آيو آهي، اداره ”مهراڻ“ فيصلو ڪيو آهي ته آئينده هر پرچي ۾ هڪ حصو سنڌ جي تاريخ جي عنوان لاءِ مخصوص ڪيو ويندو.

        ”سنڌ جي تاريخ جي حصي“ ۾ تحقيق، تدوين، ترجمه، تڪميلات ۽ حواشه ڏنا ويندا ۽ اهڙا مقالا پيش ڪيا ويندا، جيڪي جديد دور جي سائنسي ۽ تحقيقاتي معيارن مطابق تيار ڪيل هوندا. جديد دور جي تقاضائن کي پوري ڪرڻ کان علاوه مهراڻ جي هن حصي جي خاص مقصد ۾ هيٺان عزائم شامل ڪيل آهن:

(الف) ”سنڌ جي تاريخ“ تي تحقيق کي تيز ڪرڻ.

        (ب) مقررشده معيارن تي ڪم ڪندڙ محققن ۽ ناقدن جي صلاحيت مان ڪماحقه فائدو حاصل ڪرن ۽ سندن تصنيفات کي اشاعت جو موقعو فراهم ڪرڻ.

        (ج) تعليمي خواه علمي ۽ ادبي حلقن ۾ مثبت طريقه ڪار سان ”سنڌ جي تاريخ“ بابت دلچسپي ۽ ڄاڻ ۾ اضافو ڪرڻ.

        (د) موضوعات تي بحث خالص علمي مقصد جي دائري اندر مرڪوز ڪرڻ، ڪيئن ’رب زدني علما‘ جي دعائي تقاضا مطابق پڙهندڙن جي علم ۾ اضافو ٿيندو رهي.

        انهيءَ سلسلي جي پهرين ڪڙيءَ طور اسان محترم حبيب الله صديقي جو ڪيل هڪ سنڌي ترجمو پيش ڪري رهيا آهيون، جيڪو سنڌ جي آخري تاجدار مرحوم مير محمد نصير خان جي ان بيان تي مشتمل آهي، جيڪو هن انگريزن جي قيد ۾ اصل فارسي زبان ۾ قلمبند ڪرايو هو. هن ترجمي ۾ صديقي صاحب جيڪا سليس، عام فهم ۽ روان سنڌي ٻولي استعمال ڪئي آهي، اها قابل ستائش آهي ۽ يقين آهي ته پڙهندڙن کي اهو مواد پسند ايندو.

        سنڌ جي عالمن، اديبن ۽ تاريخ سان دلچسپي رکندڙ فاضلن کي استدعا آهي، ته سنڌ جي تاريخ تي مواد اسان کي موڪلي، علمي سهڪار ڪن، جيئن هن نئين موضوع کي اڃا به وڌيڪ لاڀ حاصل طريقي سان پيش ڪري سگهجي. توقع آهي ته علمي ۽ ادبي حلقن طرفان اسان کي مانائتي موٽ ملندي.         – ادارو.[

---------------------

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com