”يادگيريون“ جي عنوان سان، تنوير پنهنجي پڙهائيءَ واري
دور ۾ ٿيل رنگين واقعن کي قلمبند ڪيو آهي. اهي
يادون ٻن عنوانن، ”سي ڏينهن هيا“ ۽ ”ڊبل خان ۽
ڊيزي“ ۾ ورهايل آهن. ليکڪ جون اهي يادون، سندس
زندگيءَ جو اهم سرمايو آهن، جيڪي پڙهندڙن کي
دلچسپيءَ سان گڏ ڪاليج لائيف جي معلومات ڏين ٿيون.
”اوٻارا عنبير جا“ جي عنوان سان ليکڪ جو پراڻو
انٽرويو ڏنل آهي، ،جنهن ۾ ليکڪ سان زندگي ۽ ادب تي
خيالن جي ڏي وٺ ٿيل آهي.
ڪتاب ”ترورا“ ۾ ليکڪ جو دبئيءَ جو لکيل سفرنامو به ڏنل
آهي، جيڪو اڻ ڇپيل آهي. ليکڪ دبئيءَ ۾ رهندڙ
پنهنجي پيارن سنگتين ۽ ساٿين سان ٿيل روح رهاڻين
سان گڏ دبئي شهر جي خوبصورتيءَ جو احوال هن
سفرنامي ۾ ڏنو آهي.
ڪتاب جي آخر ۾ ليکڪ جي ڇپيل نثر جو وچور ڏنل آهي. جنهن
ڪتاب کي ويتر جان ۽ اهميت بخشي آهي. ڪتاب جي اهميت
۽ افاديت اهم ڄاتي ويندي. خاص ڪري هي ڪتاب پڙهندڙن
لاءِ نهايت ڪارآمد ثابت ٿيندو. هي ڪتاب ”سهڻي
پبليڪيشن“ حيدرآباد وڏي اهتمام سان ڇپرايو آهي.
ڪتاب جو جاذب ٽائيٽل خدا بخش ابڙي جو ٺهيل آهي.
ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت ٽيهه رپيا مناسب
رکيل آهي، هن دلڪش ڪتاب سنڌي ادب ۾ هڪ بهترين
اضافو آهي.
امام راشدي
سنڌي
–
عربي ڊڪشنري
مرتب: پروفيسر غلام حسين جلباڻي، صفحا 787، قيمت ٽي سئو رپيا.
ناشر: انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي ڄامشورو، 1988ع.
الله تعاليٰ، انسان کي عظمت جو تاج پهرائي اشرف
المخلوقات بنايو. انسان جي هدايت ۽ رهنمائي واسطي
هر دور ۾ پاڪ ڪتاب ۽ نبي سڳورا ايندا رهيا. آخر ۾
ٻنهي جهانن جو سرواڻ، عرب و عجم جو اڳواڻ حضرت
محمد رسول الله صلي الله عليه وسلم ڪائنات لاءِ
رحمت ۽ رهبر بنجي آيو ۽ سندس پاڪ ڪتاب قرآن حڪيم
به حق ۽ هدايت جو سرچشمو آهي. جيئن ته دين دنيا جي
ڀلائي ۽ علم و حڪمت جو سرچشمو قرآن حڪيم به عربي
ٻوليءَ ۾ آهي. حضور صلي الله عليه وسلم جي پوري
زندگي حديث شريف ۾ سمايل آهي، ۽ حديث جا مشهور ڇهه
ڪتاب “صحاح ستڳ“ (صحيح بخاري، صحيح مسلم، جامع
قرمذي، سنن نسائي، سنن ابو دائود ۽ سنن ابن ماجه)
به عربيءَ ۾ آهن. ان کان سواءِ فقه ۽ قانون جا
بنيادي ڪتاب به عربي ۾ آهن. اسلامي تاريخ ۽ ادب جو
ذخيرو به عربي ٻوليءَ ۾ آهي. اڪثر مسلمان مڪلن سان
رابطي جي ٻولي به عربي آهي، ان ڪري اسان کي عربي
ٻولي جي ڄاڻ رکڻ تمام ضروري آهي. ڇو ته جيستائين
اصل ۽ بنيادي ماخذ ڏي رجوع نه ڪبو ۽ اصلي ماخذن جي
پروڙ نه هوندي ته اصل حقائق ۽ حالات معلوم نه
ٿيندا ۽ تحقيق به اڻ پوري رهجي ويندي. پياري نبي
صلي الله عليه وسم جو ارشاد آهي ته عربي ٻوليءَ
سان محبت رکو، جو آءٌ محمد صلي الله عليه وسلم
عربي آهيان. قرآن عربي ۾ آهي ۽ اهل جنت جي ٻولي به
عربي آهي.
عربي زبان تمام همه گير ۽ وسيع آهي. ان باري ۾ امام
شافعي رحه فرمايو آهي ته عربي زبان سڀني ٻولين مان
وسيع ٻولي آهي. هن ٻوليءَ جي پوري لغت جو احاطو
نبي کان سواءِ ڪوبه ڪري نٿو سگهي. خود عربي ٻولي
جي آسان معنيٰ لاءِ عربي ۾ ڪيترن جلدن ۾ لغت جا
مشهور ڪتاب لکيا ويا آهن. خليل بن احمد نحوي جو
’ڪتاب العين‘ هن سلسلي جي پهرين ڪڙي آهي. ان کان
علاوه الجمهره في اللته، قاموس، لسان العرب،
المنجد، ۽ ٻيا ڪيئي لغت جا ضخيم ۽ مشهور ڪتاب
موجود آهن.
هي حقيقت آهي ته مسلمانن جو عربي ٻولي سان رڳو هن ڪري
تعلق ڪونهي ته عربي ۾ عرب ملڪن سان خط و ڪتابت ۽
ڳالهه ٻولهه ڪري سگهجي، پر عربي ٻولي سان اسان جو
گَهرو ديني ۽ روحاني تعلق به آهي، ان ڪري علماءِ
امت جو هن ڳالهه تي اتفاق آهي ته عربي ٻولي جي
حفاظت ۽ ان جي سکڻ ۽ سيکارڻ جو سلسلو هميشه قائم
رکڻ، اسلام جي فرضن مان هڪ اهم فرض آهي.
جيئن ته عربي، فارسي ۽ اردو ۾ لغت جو وڏو ذخيرو آهي ۽
سنڌ جي حوالي سان به مشهور شاعر ۽ لغت نويس
عيدالرشيد بن عبدالغفور ٺٽوي جا ٻه ڪتاب (منتخب
اللغات عربي فارسي ۽ فرهنگ رشيدي فارسي) لغت جي
سلسلي ۾ مشهود آهن. هونئن به هر ٻولي سکڻ ۽ سيکارڻ
لاءِ ان ٻولي جو گرامر، لفظي ۽ اصطلاحي معنيٰ
سمجهڻ بيحد ضروري آهي، ان ڪري ضرورت هن ڳالهه جي
هئي ته عربي ٻولي سمجهڻ لاءِ عربي
–
سنڌي ڊڪشنري مرتب ڪئي وڃي.
عربي ٻوليءَ جي ماهر استاد پروفيسر غلام حسين جلباني
صاحب زير نظر ڪتاب ”عربي
– سنڌي ڊڪشنري“ تيار ڪري اها ضرورت ڪنهن حد تائين پوري ڪئي آهي. پروفيسر
جلباڻي صاحب هن کان اڳ ۾ شاهه ولي الله جي حوالي
سان مشهور ۽ وڏو ڪم ڪيو آهي، پر هينئر پاڻ عربي
سنڌي ڊڪشنري لکي، اهل سنڌ تي وڏو احسان ڪيو آهي.
هونئن به لغت نويسي جو ڪم ٿڪائيندڙ ۽ تحقيق طلب
آهي، جنهن ۾ وڏي محنت، مطالعي، جاکوڙ ۽ اکرن جي
اکيڙ جو اڻ ورڇ ۽ اڻ کٽ سلسلو هوندو آهي، پر
پروفيسر جلباڻي صاحب اهو ڪٺن، ٿڪائيندڙ ۽ وڏي محنت
وارو ڪم نهايت خوش اسلوبيءَ سان نباهيو آهي.
جيتوڻيڪ زير نظر ڪتاب ’عربي
–
سنڌي ڊڪشنري‘، ”الفوائد الدريه“ جو سنڌي ۾ ترجمو
آهي، پر پروفيسر جلباڻي صاحب پنهنجي عربي داني ۽
وسيع مطالعي جي آڌار تي ۽ لغت جي ٻين مشهور ڪتابن
جيئن: المنجد، مصباح اللغات ۽ القاموس کان به مدد
وٺي، ڪتاب کي وڌيڪ جامع ۽ مائيدار بنايو آهي، تنهن
ڪري سچ پچ ته ڪتاب ترجمو نه پر اصل ٿو لڳي.
هي ڪتاب عربي
– سنڌي ڊڪشنري جو پهريون ڀاڱو آهي، جيڪو الف کان وٺي ظ تائين 17 اکرن سان
دلچسپي رکندڙن ۽ عربستان ويندڙ حاجين لاءِ بيحد
ڪارائتو ٿيندو. ان ان سواءِ مڊل ۽ هاءِ اسڪولن،
ڪاليج ۽ يونيورسٽي جي استادن ۽ شاگردن جون ضرورتون
به پوريون ڪندو. ان ڪري پروفيسر جلباڻي صاحب
مبارڪن جو مستحق آهي، جنهن لغت جهڙي ڪٺن ڪم کي
اڪيلي سر خوش اسلوبيءَ سان نباهيو آهي.
ٻئي طرف ڪتاب جي ضخامت ۽ اهميت جي پيش نظر ۽ موجوده دور
جي جديد تقاضائن موجب ڪتاب ۾ هيٺين ڳالهين جي ڪمي
محسوس ٿي رهي آهي، جن اهم ڳالهين جو ڪتاب ۾ هجڻ
ضروري هو، مثلاً مرتب طرفان ڪتاب جي منڍ ۾ هڪ جامع
مقدمو شامل هجي ها، جنهن ۾ عربي ٻوليءَ جي قدامت ۽
اهميت، عربي
–
سنڌي ٻوليءَ جو لاڳاپو، عربي لغت جي تاريخ ۽ عربي
گرامر (صرف نحو) جو مختصر نچوڙ ۽ سير حاصل احوال
يا تفصيل هجي ها. ان کان سواءِ عربي ٻوليءَ جا
مشهور محاورا، اصطلاح ۽ پهاڪا به شامل ڪرڻ گهرجن
ها. ممڪن آهي ته اصطلاح ۽ پهاڪا ٻئي جلد جي آخر ۾
شامل هجن. ان کان علاوه منڍ ۾ الف
– ب وار لفظن ڳولڻ لاءِ فهرست به هجي ها، ڇو ته الف
– ب وار فهرست کان سواءِ لفطن جي معنيٰ ٻولڻ لاءِ، سيکڙاٽ ۽ ٿوري ڄاڻ واري
ماڻهوءَ کي، گهڻي مٿاڪٽ ۽ وقت کپائڻو پوي ٿو.
ٻيو ته سڌي ترجمي ۾ نج لفظ سهڻا لڳن ها. جيئن لڪڙي جي
جاءِ تي ڪاٺي، باريڪ ٽنگون جي بجاءِ سنهيون ٽنگون،
ڇوٽي رڍ جي عيوض ننڍڙي رڍ، ڇلڪو لاهڻ جي بدران ڇلر
لاهڻ ۽ ناتمام ڦر جي بجاءِ ڪچو ڦر لکڻ بهتر ٿئي
ها. ڪتاب ۾ اهڙن لفظن جي گهڻائي آهي.
ٻي اهم ڳالهه ته اصل ڪتاب ”الفرائد الدريه“، جنهن کي
بنياد بنائي هيءُ ڪتاب مرتب ڪيو ويو آهي، ان اصل
ڪتاب جي تصنيف جو سال ۽ مصنف جو نالو ۽ احوال لکڻ
به لازمي هو، جيڪو نه لکيو ويو آهي. عربي
–
سنڌي ڊڪشنري ۾ اندر ڇپائي هجري سال 1406هه به غلط
لکيل آهي، جيڪو 1988ع مطابق 1408هه صحيح ٿيندو.
ڪتاب جي قيمت ٽي سئو رپيا به ڳري آهي. بهرحال انهن
جزوي ڳالهين هوندي به ڪتاب سراسر سون آهي. ديني
مدرسن، تعليمي ادارن ۽ لائبريرين جو سينگار آهي.
اها خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته سنڌي ادبي بورڊ کان پوءِ
سنڌ الاجي طرفان علمي ۽ تحقيقي ڪتاب شايع ٿيندا ٿا
رهن. هن کان اڳ ۾ به پرمانند ميوارام جي انگلش
–
سنڌي ۽ سنڌي
– انگلش ڊڪشنري، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان جي مرتب ڪيل
اردو
–
سنڌي ۽ سنڌي
– اردو ڊڪشنري سنڌ الاجي طرفان شايع ٿيل آهن. هيءَ عربي
– سنڌي ڊڪشنري به ان سلسلي جو هڪ اڳتي قدم آهي. اميد ٿي ڪجي ته سنڌ الاجي
طرفان ”عربي
–
سنڌي ڊڪشنريءَ“ جو ٻيو جلد به جلد شايع ڪيو ويندو.
ان سلسلي کي وڌائي ”سنڌي
–
عربي ڊڪشنري“ به شايع ڪرڻ گهرجي.
- عبدالرسول قادري بلوچ
مطبوعات اڪيڊمي ادبيات پاڪستان
گذريل ڪجهه ورهين کان اڪيڊمي ادبيات پاڪستان، ملڪ جي
ساهت ۽ ساهتڪارن جي خدمت ۾ نهايت ئي سرگرميءَ سان
ڪم ڪري رهي آهي. تاهم ان جي جي ڪم ۾ وڌيڪ وسعت ۽
تيزي تڏهن آئي، جڏهن ملڪ جي ٻن ممتاز اديبن ۽
عالمن: محترم غلام رباني آگري ۽ پروفيسر پريشان
خٽڪ، اڪيڊميءَ جي منتظمين جي حيثيت ۾ شموليت
اختيار ڪئي. اڪيڊمي ادبيات پاڪستان اسلام آباد،
ملڪ جي ادب ۽ ساهت کي ترقي ڏيارڻ، سال بسال ملڪ
گير سطح تي اديبن جا ميڙ ڪوٺائڻ، معياري ڪتابن تي
انعام ڏيڻ ۽ ليکڪن جي بين الصوبائي دورن جو اهتمام
باقاعدگيءَ سان ڪندي رهي ٿي. تازو ان ڏس ۾ هڪ وڌيڪ
مگر اهم پيش رفت ڪئي وئي آهي.
سنڌي، بلوچ، پشتو ۽ پنجابي زبان جي ڪلاسيڪي شاعرن جي
ڪلام کي اردو زبان ۾ نثري ترجمي ۾ آڻڻ جي مثالي
رٿا هٿ ۾ کنئي وئي آهي. هي اسڪيم اميد آهي ته ملڪ
جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ تحسين جي نگاهه سان ڏٺي ويندي ۽ ان
جي تڪميل سان پاڪستاني ٻولين جي نمائنده شاعرن جي
فن ۽ فڪر بابت عام پڙهندڙن جي ڄاڻ ۽ معلومات ۾
مناسب واڌارو ايندو. بلاشبه سنڌي، بلوچي، سرائڪي،
پشتو ۽ پنجابي ٻوليون
–
پاڪستان جي تهذيب ۽ تمدن جو هڪ وڏو اثاثو آهن،
ليڪن افسوس آيه ته انهن کي گذريل چاليهن سالن ۾
ايتري وقعت نه ڏني وئي هئي.
اڪيڊمي ادبيات پاڪستان اسلام آباد، مذڪوره رٿا هيٺ تازو
ڪجهه ڪتاب منظر تي آندا آهن. خوشحال خان خٽڪ پشتو
زبان جو هاڪارو شاعر ٿي گذريو آهي. خوشحال خان خٽڪ
مغل شهنشاهه اورنگزيب جو همعصر ۽ سندس سخت مخالف
ٿي گذريو آهي. سرحد ۾ پکڙيل بغاوت کي ختم ڪرڻ
لاءِ، جڏهن اورنگزيب پنهنجي سر حسن ابدال (1674
–
1675ع) پهتو، تڏهن هن خوشحال خان سان صلح ڪرڻ لاءِ
ڀرپور ڪوشش ڪئي، تاهم پشتو جو هي ممتاز شاعر آخر
تائين سندس خلاف برسر پيڪار رهيو.
خوشحال خان خٽڪ جو ڪلام پشتو زبان جي ناليري اديب ۽
عالم پروفيسر پريشان خٽڪ، اردو نثري ترجمي ۾ آندو
آهي ۽ جناب غلام رباني آگري صاحب جي ڪوشش سان اٺن
جلدن ۾ ڇپجي نروار ٿيو آهي. ابتدائي چار جلد
”غزلن“ جا آهن، پنجون جلد ”قصيدن“ جو آهي، ڇهون ۽
ستون جلد ”رباعيات“ تي مشتمل آهي، جڏهن ته اٺون
آخري حصو ”قطعات ۽ متفرقات“ سان ڀريل آهي. پهرئين
جلد جي مهڙ ۾ ترجمي نگار پنهنجي شاعر جي سوانح ۽
فن توڙي فڪر بابت 70 صفحن تي مشتمل، مفصل مقدمو پڻ
شامل ڪيو آهي. هي مقدمو ۽ آسان ۽ عام فهم ترجمو هر
وجه قابل تعريف آهي. ان علمي ڪم جي تڪميل واسطي
پروفيسر پريشان خٽڪ صاحب مبارڪباد جو مستحق آهي.
اٺ جلد سفيد ۽ اڇي پني تي ڇپيل آهن ۽ هر هڪ جلد جي
قيمت 75 رپيا (۽ مجلد 100 رپيا) نهايت موزون رکي
وئي آهي.
پشتو شاعريءَ جي حوالي سان اڪيڊمي ادبيات پاڪستان هڪ
وڌيڪ ڪتاب ”پشتو شاعري جي تاريخ“ (اردو) شايع ڪيو
آهي. هي خالص تحقيقي ۽ علمي ڪتاب پڻ پروفيسر
پريشان خٽڪ جي محنت جو ڦل آهي. مصنف پنهنجي ڪتاب
کي ڪل ستن حص ۾ ورڇي ڪم جو پورائو ڪيو آهي. ان ريت
هن صاحب پشتو شاعريءَ جا مختلف دور پڻ نروار ڪيا
آهن. ستون ۽ آخري حصو خوشحال خان خٽڪ بابت آهي. هن
ڪتاب جي قيمت 45 رپيا نهايت ئي مناسب آهي.
ساڳئي سلسلي جي هڪ وڌيڪ ڪڙي ”پشتو شاعري؛ قديم اور جديد
شعراء کا کلام“ نالي سان شايع ڪئي وئي آهي: هي پڻ
پشتو شاعريءَ جو نثري اردو ترجمو آهي، جو پروفيسر
پردل خٽڪ جي ڪوشش جو ثمر آهي. هن ڪتاب ۾ پشتو جي
قديم توڙي جديد شاعري متعارف ڪرائي وئي آهي، جنهن
۾ اٽڪل 250 شاعرن جو چونڊ ڪلام اچي وڃي ٿو. ڪتاب
جي ابتدا ۾ پشتو شعر بابت پروفيسر پريشان خٽڪ هڪ
مفصل مقدمو لکيو آهي، جو نهايت ئي پرمغز ۽
معلوماتي آهي. پروفيسر پردل خٽڪ جو انتخاب نهايت
سهڻو ۽ موزون آهي. سندس ترجمو پڻ روان ۽ سليس آهي.
عبدالقيوم مروت جو هڪ غزل هن ريت ترجمو ڪيو ويو
آهي:
گلابي شڪل، گلابي هونٽ، سب گلاب هي گلاب
کتابي چهره، کتابي قد، سب کتاب هي کتاب
جيسي ميکده خرامان خرامان حرکت مين هو
شرابي آنکهين، شرابي قدم، سب شراب هي شراب
پشتو شعر جي هن چونڊ انتخاب جي جلد جي قيمت 120 رپيا آهي. ڪتاب
سفيد ۽ اڇي پني تي سهڻي گيٽ اپ ۽ ٽائيٽل ڊزائين
سان شايع ڪيو ويو آهي.
�
پاڪستاني ٻولين جي ممتاز
ڪلاسيڪي شاعرن کي ملڪ گير سطح تي متعارف ڪرائڻ
واري رٿا هيٺ، اڪيڊمي ادبيات پاڪستان بلوچي زبان
جي وڏي شاعر ڄام درّڪ جي ڪلام جو اردو نثري ترجمو
پڻ شايع ڪيو آهي. هي ڪتاب ”در چين“ جي نالي سان
ڇپيو آهي ۽ ترجمه نگار مير مٺا خان مري آهي. مير
مٺا خان پڻ بلوچي زبان جو ڄاتل سڃاتل قلم نگار
آهي. ”در چين“ ۾ شامل شعر گهڻي ڀاڱي حسن ۽ عشق
توڙي محبوب جي اردگرد گهمي ٿو.
رات مين ني اُس دلربا محبوب کو ديکها
جو حسينون کا سرتاج هي
مين دبي زبان سي کها
جانِ من يون بي محابه نه گهوما کرو
ابتدا ۾ هڪ تحقيقي مقدمو ۽ آخر ۾ انڊيڪس شامل ڪرڻ سان
”در چين“ جي ملهه ۽ معيار ۾ واڌارو ڪيو آهي. بلوچي
شعر جي هن جلد جي قيمت 60 ۽ 90 رپيا آهي.
�
اڪيڊمي ادبيات پاڪستان ان سان گڏ پنجابي زبان جي
ٻن ناليرن شاعرن: بلي شاهه ۽ سلطان باهو جي شاعري
پڻ اردو نثري ترجمي ۾ ڇاپي اهي. هيءُ ڪم محترم
ظمير اظهر سرانجام ڏنو آهي. بلاشبه بلي شاهه توڙي
سلطان باهو جو ڪلام سنڌ توڙي پنجاب ۾ نهايت ئي
مقبول ۽ مڃيل آهي، جيئن جناب غلام رباني آگري صاحب
پنهنجي پيش لفظ ۾ فرمايو آهي. سلطان باهو جي وفات
1691ع ڌاري ٿي، جڏهن ته بلي شاهه لڳ ڀڳ شاهه
عبداللطيف ڀٽائي جو همعصر آهي. ٻنهي شاعرن جي ڪلام
۾ حسن ۽ عشق کان ڪري تصوف ۽ عرفان جي ڳوڙهن رمزن
بابت خيال آرائي ملي ٿي. اڪيڊمي جي اهلڪارن ”پيام
باهو“ ۽ ”ارشادات بلي شاهه“ کي سهڻي نموني شايع
ڪرڻ ۾ وڏي دلچسپي ورتي آهي، تاهم هنن شاعرن جي
حياتي توڙي فلسفي ۽ فن بابت ٻنهي ڪتابن ۾ مقدمي يا
مهاڳ جي کوٽ شدت سان محسوس ٿي ٿئي. ان قسم جي علمي
ڪم ۾ مفصل مهاڳ جو هجڻ ازحد ضروري آهي. ٻنهي ڪتابن
جي قيمت 45 رپيا مناسب آهي. بلي شاهه جي ڪلام جي
ترجمي جي هڪ جهلڪ ڏسو:
مين آزاد هون، مين آزاد، نه مريض هون نه طبيب
نه مين مومن هون، نه مين کافر، نه سيد هون نه سيد
چودوهين طبق پر هماري سير گاه هي کاش هم کهين
بهي قيد نه هون.
�
اڪيڊمي ادبيات پاڪستان جي مطبوعات ۾ اردو زبان کي
وڏي اهميت آهي. ان ڏس ۾ جناب غلام رباني آگري جو
مرتب ڪيل ”بهارت مين اردو
– ايک جائزه“ وڏي وقعت رکي ٿو. 1986ع جي مهڙ ۾ ڀارتي اردو اديبن پاڪستان جو
دورو ڪيو ۽ مختلف شهرن ۾ اردو ادب ۽ زبان بابت
ليڪچر ڏنا ۽ تقريرون ڪيون. اهي پيپرز ۽ ليڪچرز هن
ڪتاب جي زينت بنيا آن. هن ڪتاب ۾ ست تقريرون يا
مضمون شامل آهن، جن جي پڙهڻ سان ڀارت ۾ اردو زبان
جي افاديت ۽ اهميت جو اندازو ٿئي ٿو. ان ڏس ۾
”هندستان مين اردو کا فروغ“ ۽ ”هندستان مين اردو
تحقيق و تدوين“ نهايت ذڪر جوڳا آهن. هي ڪتاب پڙهڻ
سان انهن مفروضن جي ترديد ٿئي ٿي، جيڪي ڀارت ۾
اردو زبان بابت، پاڪستان جون اردو اخبارون شايع
ڪنديون رهن ٿيون. جناب غلام رباني آگري صاحب جي هي
قابل قدر ترتيب هر علمي ڪتبخاني ۾ هجڻ ضروري آهي.
ڪتاب جي قيمت 50 رپيا آهي.
اڪيڊمي ادبيات پاڪستان اسلام آباد، پاڙيسري ملڪ ڀارت جي
ساهتيه اڪاڊمي جي طرز تي قائم ٿيل آهي. جيتوڻيڪ
اڪيڊمي ادبيات پاڪستان هڪ نئون ادارو آهي، تاهم ان
کي فعال بنائڻ لاءِ ساهتيه اڪاڊميءَ جي ڪم کي پڻ
آڏو رکڻ سودمند ٿيندو. ساهتيه اڪاڊمي هڪ طرف ملڪي
ٻولين جي ساهت کي دنيا سان متعارف ڪرائڻ لاءِ ڪيئي
انگريزي سيريز ڪڍيا آهن، ته ٻئي طرف هن اداري
مختلف ٻولين ۾ ادبي شاهڪارن جا ترجما پڻ ڇپيا آهن.
ان ڪري اسان جي گذارش آهي ته اڪيڊمي ادبيات
پاڪستان کي پنهنجي ڪم ۾ وسعت ان ڪري اسان جي گذارش
آهي ته اڪيڊمي ادبيات پاڪستان کي پنهنجي ڪم ۾ وسعت
پيدا ڪري، ان جو دائرو ملڪ جي سڀني ٻولين جي خدمت
۽ واڌاري تائين پکيڙڻ گهرجي.
- غلام محمد لاکو
مديني جو مير
”سير مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم“ ، محبوبِ خدا رحمت
اللعالمين، سيد المرسلين ۽ شفيع المذنبين جي حياتِ
طيبه، سيرت مبارڪ ۽ رشد و هدايت جو اُهو روشن
مينار آهي؛ جنهن مان زندگيءَ جي هر قدم تي اسان کي
رهبري ۽ رهنمائي حاصل ٿئي ٿي. ڇاڪاڻ ته الله
تعاليٰ سندن ذات والاصفات کي هر لحاظ کان جامع ۽
ڪامل بنائي موڪليو آهي. اصحاب سڳورن، سندن حيات
مقدس جي هر عمل کي نهايت احترام ۽ عزت سان محفوظ
ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح هر دور ۾ عُشاقانِ رسول وري
معلومات جي بنياد تي پنهنجي ايمان افروز ۽ عقيدت
ڀرين لفظن ۾ ڪائنات جي ڪارڻي ۽ سڀ کان وڏيءَ
هستيءَ جو ذڪر، سعادت جي لحاظ کان پڻ عام ڪيو آهي.
اڄ، دنيا جي هر زبان اها سعادت حاصل ڪري چڪي آهي. سنڌي
زبان به انهيءَ سلسلي ۾ پٺتي نه رهي اهي. سنڌ جي
عالمن جنهن پيار، عقيدت ۽ محبت جو لفظن جي لڙهين
۾، والهانه طور تي هي حسين امتزاج پيش ڪيو آهي، ان
جو مثال دنيا ۾ ملڻ مشڪل آهي. هن ڏس ۾ ”حيات
النبي“ (حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، 1941ع)، ”اخلاق
محمدي“ (حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، 1916ع)، ”سيرت
مصطفيٰ“ (مولوي محمد عظيم ”شيدا“، 1976ع)، ”جمالِ
حبيب“ (فقير محمد اسماعيل ڪنڀار، 1976ع) ۽ ”محمد
رسول الله“ (ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي، 1980ع) جا
نالا فخر سان وٺي سگهجن ٿا.
مٿين ڪتابن کان علاوه سنڌيءَ ۾ سوين ڪتاب ترجمن جي صورت
۾ پڻ ملن ٿا. زير تبصره ڪتاب، ”مديني جو ميرُ“،
اصل ۾ ٻارن لاءِ، محترمه بنت الاسلام جو اردوءَ ۾
لکيل آهي؛ جنهن کي لاڙڪاڻي جي ليکڪ محترم غلام
مصطفيٰ ”مشتاق“ ميمڻ سنڌي ويسُ پهرايو آهي.
ڪتاب، جيتوڻيڪ مختصر آهي، مگر ٻارن لاءِ بنيادي ۽ مفيد
معلومات ميسر ڪري ٿو. ٻن حصن ۾ ورهايل هي ڪتابچو
جملي ٻٽيهه عنوانن ۾ سينگاريل آهي؛ ۽ ”تنظيم فڪر و
نظر پبليڪيشنز سکر“ طرفان، ’شاهه لطيف ڪانفرنس
1987ع‘ جي موقعي تي پڌرو ٿيو آهي.
جيتوڻيڪ مترجم پاڻ کي پابند رکيو آهي، تنهن هوندي به
ڪوشش ڪارائتي آهي. ٻولي سپڪُ، سلوڻي ۽ سوادي آهي،
جنهن مان هر مسلمان بالخصوص ٻار، آقاي نامدار حضرت
محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جن جي حياتِ طيبه
مان بنيادي ڄاڻ چڱيءَ طرح حاصل ڪري سگهن ٿا.
مشتاق صاحب، ٻوليءَ جي سِٽا ۽ صورتخطيءَ طرف گهٽ توجه
ڏنو آهي. جملن جي ترتيب ۾ ڪو خاص ڌيان ڏنل نٿو نظر
اچي. بلڪ هو ’لَڪير جو فقير‘ بڻجي ويو آهي، جنهن
کان البت پڙهڻ ۾ رواني متاثر ٿئي ٿي. اهڙيءَ طرح
اِملا جي غلطين کان به منهن موڙي نٿو سگهجي.
مثلاً: ”سانئڻ“ (ص 16، دراصل لفظ ’سائڻ‘ صحيح
آهي)، ”نڀائڻ‘ (ص 17، درست لفظ ’نباهڻ‘ آهي)
”واعدو“ (ص 17، هي لفظ ’وعدو‘ درست آهي) وغيره.
ڪيترن جملن ۾ اردو زبان جا لفظ واهپي هيٺ آندل آهن،
جهڙوڪ: ”پهاڙيون“ (ص 19)، حالاڪنه سنڌيءَ ۾ ٽڪريون
يا جبل زياده عام فهم آهن. ڪجهه لفظ عوامي ۽ غير
ذميدارانه انداز ۾ ڪتب آندل آهن. مثلاً: ”تَپيل“
(ص 27، هن لاءِ ’تتَل‘ وڌيڪ مناسب لڳندو)، ”ٽِيڪر“
(ص 29)، ”ڪاڏي“ (ص 23) ۽ ”وتندا“ (ص 28) وغيره.
دقيق لفظن جي ڀرمار نظر اچي ٿي؛ جهڙوڪ ”علي
الاعلان“ (ص 26) وغيره.
مطلب ته ’سيرت پاڪ‘ جي موضوع تي، سنڌيءَ ۾ ڪتابچو هڪ
اهم اضافو آهي، ’ڪمرشل پرنٽنگ پريس سکر‘ مان، ڊيمي
سائيز ۾ 52 صفحن جي ضخامت رکي ٿو. ڇپائيءَ لاءِ
سفيد ڪاغذ استعمال ٿيل آهي. ڪور سادو ۽ صاف لڳي
ٿو. البت پروفن طرف خاص توجه نه ڏيڻ پنهجي جاءِ تي
سَمو موجود آهي. محبوب سان محبت رکندڙن لا3 هي
ڪتاب بالڪل رعايتي ۽ معمولي قيمت تي ’تنظيم آفيس
سکر‘ مان دستياب ٿي سگهي ٿو.
آخر ۾، ’مشتاق‘ صاحب کي، ”سيرت پاڪ“ جي ڪتابن واري صف ۾
شامل ٿيندي، پنهنجي طرفان ’مبارڪباد‘ ڏيان ٿو.
اميد ته ڪتاب جو نئون ڇاپو، سڌاري سان آڻيندو. |