- ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي
مولانا عبدالرسول قادري صاحب جو تاريخي، تحقيقي ۽ ادبي
ڪتاب جڳ مشهور مخدوم جهاني، شهباز لماڪاني، مجتهد
لاثاني، علامه مخدوم محمد هاشم بن عبدالغفور پنهور
جي سوانح حيات بابرڪات تي هڪ همدو شاهڪار آهي،
جيڪو (ڊيمي سائيز) هڪ سئو ٻاهتر صفحن، چوڏهن بابن
۽ چئن ضميمن تي مشتمل آهي. هن مبارڪ ۽ متبرڪ ڪتاب،
سنڌي صالح علم و ادب ۾ عظيم اضافو آندو آهي، جنهن
جي سٽ سٽ ۾ سچا موتي ۽ ورق ورق ۾ وحدت جون وايون ۽
اسلام جو اُهاء ۽ جمال جرڪي رهيو آهي؛ جنهن جي
مطالعي مان معرفت جا موتي، شريعت جي شهد ۽ حقيقت
جا هيرا حاصل ٿين ٿا.
علامه مخدوم محمد هاشم رحمت الله عليه جن جو شمار سنڌ
جي وڏن، جيّد اعليٰ علماء ڪرام ۽ محقق مفسرين ۾
ٿئي ٿو. ديني ۽ سنڌي علم و ادب تي سندس اپارا
احسان آهن. حقيقت ۾ سدا ملوڪ، شاهوڪار ۽ ٻوٽن
وانگر ٻهڪندڙ، سنڌي ٻوليءَ ۾ مخدوم صاحب جن جي
سوانح حيات بابرڪات تي هي پهريون ڪامل ڪتاب آهي،
جنهن ۾ مخدوم صاحب متعلق معمولاتي موتي ميڙي، ههڙي
خوبصورت ڪتاب جي صورت ۾ مهيا ڪيا ويا آهن، جنهن
لاءِ هن ڪتاب جو مصنف مولانا قادري صاحب جهانگيئڙن
طرفان کيڙون لهڻيون.
ڪتاب جي شروعات سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري جناب حبيب
الله صديقي طرفان ”ناشر“ جي عنوان سان ڪيل آهي. ان
جو ”مهاڳ“ مصنف طرفان لکيو ويو آهي. ”مهاڳ“ کان
پوءِ، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جن جو محققانه
مقالو، ”مخدوم محمد هاشم جي حب الوطني“ جي عنوان
سان شامل ڪيو ويو آهي. بهرحال ڪتا سمورو سون ۽
سرحان آهي. ڪتاب جي پهرين باب ۾ مخدوم صاحب جو
تاريخي پس منظر، ٻئي باب ۾ سندس ولادت، حسب، نسب ۽
ڄم، ٽئين باب ۾ تعليم، تربيت، استاد ۽ رهبر تي
روشني وڌي وئي آهي. چوٿين باب ۾ حجاز مقدس جو سفر،
پنجين باب ۾ طريقت، ڇهين باب ۾ درس تدريس، شاگردن،
مدرسي ۽ مسجد، ستين باب ۾ مخدوم صاحب جن جي اولاد
۽ پونيئرن بابت تفصيلي تحقيق ڪري ڪتاب کي چار چنڊ
لڳايا ويا آهن. حاصل هيءُ آهي ته هن ڪتاب جو هرهڪ
باب ڀلارو ۽ برڪت ڀريو آهي. هيءَ ڳالهه سنڌ لاءِ
نيڪ فال آهي ته مولانا قادري جن ڪتاب جي يارهين
باب ۾ مخدوم صاحب جن جي سنڌي ۽ فارسي شاعري شامل
ڪري ڪتاب جي سونهن ۾ ويتر واڌارو ڪيو آهي. ان کان
سواءِ مخدوم صاحب جي هٿ اکر جو عڪس، سندن مزار
مبارڪ جي منظر جو عڪس وغيره شامل ڪيا ويا آهن.
ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ هڪ مڪمل ”انڊيسڪ“ نهايت محنت
سان الف
–
ب وار ترتيب سان شامل ڪيل آهي، جنهن ۾ مشهور
ماڻهن، قبيلن ۽ قومن جا نالا شامل ڪيا ويا آهن.
ڪتاب ۾ علامه مخدوم محمد هاشم رحمت الله عليه جن جي
جامع ۽ تفصيلي سوانح حيات بابرڪات بابت سوانحي
خاڪو ڏيئي، سنڌ ي هڪ ديرينه اهم ۽ سخت ضرورت کي
پورو ڪيو ويو آهي. ان لاءِ ڪتاب جو مصنف ۽ ناشر
مبارڪباد جا مستحق آهن. ڪتاب ۾ مخدوم صاحب جي
عروضي شاعريءَ سان گڏ، سندس املهه ابيات به شامل
ڪيا وڃن ها. حقيقت ۾ مخدم صاحب جا بيت ڀلارا، بهتر
۽ املهه آهن، جن ۾ ڀٽائي گهوٽ رحمت الله عليه جن
جي ڪلام واري سڳنڌ ۽ سرهاڻ، رس ۽ رهاڻ اچي ٿي، جن
۾ شاعرانه سموريون خوبيون موجود آهن. ان کان سواءِ
ڪتاب ۾ پروف جون غلطيون بهرحال کٽڪن ٿيون.
بهرحال قادري صاحب جنهن جاکوڙ ۽ جذبي هيٺ هي ڪتاب لکيو
آهي، اهو تلقيد ۽ جس جوڳو آهي. ڪتاب جو ملهه 30
رپيا موزون آهي. ڪتاب جو ٽائيٽل به وڻندڙ ۽ جاذب
آهي. سنڌي ادبي بورڊ جي بوڪ اسٽال، تلڪ چاڙهي،
حيدرآباد وٽان ملي سگهي ٿو.
- رحيم بخش ”قمر“
پير حسام الدين راشدي اور ان کي کارنامي
ننڍي کنڊ تي برٽس راڄ جو قبضو مستحڪم ۽ مڪمل ٿيندي ئي هتان جي
علمي ۽ ادبي فضا پڻ مڪمل طور تي تبديل ٿي وئي.
قديم ۽ فارسي طرز جي تاريخ نويسي پوري ٿي. درٻاري
قيصده گوئي ۽ تذڪره نويسي تڪميل تي پهتي. ان سان
گڏ لکڻ پڙهڻ ۽ سوچڻ جو انداز پڻ بدلجي ويو. مطلب
ته جهڙيءَ ريت هتي جي سياسي فضا يڪسر ٻي ٿي وئي،
ان ريت ساهتڪ ۽ اتهاسڪ چرچو پڻ اچانڪ مٽجي ويو. ان
بدلجندڙ علمي تقاضائن ۽ گهرجن موجب، نئون علمي ڪم
شروع ٿيو ۽ نوان تحقيقي رجحان واضح ٿيندا ويا.
ويهين صديءَ جي پهرئين اڌ تائين هڪ طرف هندستان ۾
متعدد علمي ادارن جو بنياد پئجي چڪو هو ته، ٻئي
طرف ڪجهه ناليرن عالمن نئين رنگ ۽ ڍنگ سان کوجنا ۽
ريسرچ جي ڪم جو پختو بنياد وجهي ڇڏيو هو.
دارالمصنفين اعظم ڳڙهه ۽ شبلي نعماني توڙي سيد
سليمان ندوي جا نالا ان ڏس ۾ عالم آشڪار آهن. سيد
صباح الدين عبدالرحمان جو نالو اعظم ڳڙهه سان
لاڳاپيل عالمن جي سلسلي جو آخري وڏو نالو آهي. هن
صاحب مسلم هندستان جي حوالي ڪتابن جو وڏو ذخيرو
تيار ڪيو. بزم مملوڪيه، بزم تيموريه ۽ بزم صوفياء
–
سندس عالم آشڪار تصنيفون آهن.
انگريزن جي اچڻ بعد سنڌ ۾ پڻ نون ۽ تازه دم خيالن ۽ فڪر
سان ادبي ڪم جي شروعات ٿي، تاهم ان دور ۾ هتي ٿيل
تحقيقي ۽ کوجنيڪ ڪم، باقي هندستان جي ڀيٽ ۾ تمام
گهٽ معيار ۽ مقدار وارو ڏسجي ٿو. ان جا ٻه اهم سبب
هئا، هڪ ته سنڌ جو پرڳڻو بمبئي سان لاڳاپيل هجڻ
ڪري ڪوبه اعليٰ درسگاهه پيدا نه ڪري سگهيو ۽ ٻيو
ته ڪنهن به پير، مير يا صاحب ثروت دارالمصنفين يا
جامعه عثمانيه جهڙا ادارا پيدا ڪرڻ ۾ نه ته دلچسپي
ورتي ۽ نه وري ڪا مالي مدد مهيا ڪئي. ان دور ۾ جن
به ماڻهن ٺوس علمي ۽ تحقيقي ڪم ڪيو، انهن اهو ڪجهه
ذاتي خرچ ۽ ڪوشش سان ڪيو. اسان وٽ صحيح معنيٰ ۾
ٺوس علمي مطالعو ۽ تحقيقي ڪم پاڪستان ٺهڻ بعد شروع
ٿيو، جڏهن سنڌي ادبي بورڊ هڪ فعال داري جي حيثيت ۾
ڪم جي ابتدا ڪئي. هن اداري سان لاڳاپيل عالمن ۾
سيد حسام الدين راشدي مرحوم جو نالو صدين تائين
وڏي احترام ۽ ادب سان ورتو ويندو.
تبصري هيٺ آيل ڪتاب ”پير حسام الدين راشدي اور ان کي
علمي کارنامي“ سندس هڪ دوست ۽ همعصر هندي عالم
مرحوم صباح الدين عبدالرحمان جي تصنيف آهي. هو
صاحب سڄي ڄمار اعظم ڳڙهه سان لاڳاپيل رهيو. سيد
حسام الدين راشدي ۽ صباح الدين مرحوم جو ادبي
لاڳاپو توڙي ذاتي تعلق لڳ ڀڳ ٽيهن ورهين تي پکڙيل
آهي. ان ريت ٻئي عالم ۽ اديب، هڪٻئي جي ادبي
خدمتن، علمي ڪارنامن توڙي ساهتڪ رجحانن کان چڱيءَ
طرح واقف هئا. جهڙيءَ ريت راشدي صاحب هن دنيا ۾
ڪيئي ڪتابن جو اثاثو ڇڏيو آهي، ان ريت پاڻ علمي
دنيا ۾ دوستن احبابن جو وڏو حلقو پٺيان ڇڏيائون.
سندن دوستي ياريءَ جو اهو دائرو لنڊن کان اعظم
ڳڙهه تائين پکڙيل آهي. سيد صباح الدين عبدالرحمان
جو تبصي هيٺ آيل هي مختصر ڪتاب، بنيادي طرح هڪ
ليڪچر تي مبني آهي. هي ليڪچر سينٽرل اينڊ ويسٽ
ايشين اسٽڊيز انسٽيٽيوٽ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي
سهاري سان 7
–
ڊسمبر 1983ع تي اردو ڊڪشنري بورڊ جي عمارت ۾ منعقد
ڪيو ويو. ان کان اڳ پير حسام الدين راشدي يادگار
ليڪچر ڊاڪٽر انيمري شمل 25
–
آڪٽوبر 1982ع تي ”مڪلي هلز“ جي عنوان سان ڏنو. هي
ليڪچر پڻ 1983ع ۾ ساڳئي اداري ڇاپي پڌرو ڪيو آهي.
تبصري هيٺ آيل ڪتاب جي آغاز ۾ ڪراچيءَ ۾ پير صاحب سان
لاڳاپيل اديبن جا تاثرات ۽ مضمون شامل ڪيل آهن. ان
بعد مصنف جي پيش لفظ سان اصل ڪتاب جو آغاز ٿئي ٿو.
ابتدا ۾ سيد صاحب پنهنجي ذاتي يادگيرين کي سهيڙي،
راشدي مرحوم جي شخصيت بابت گفتگو ڪئي آهي، جيڪا
بيحد دلچسپ ۽ ڄاڻ ڀري آهي. بعد ۾ سنڌ جي هن ناليري
عالم جي ڪتابن جي لسٽ ڏني وئي آهي (ص 2
–
3). ورهاڱي کان اڳ راشدي صاحب جي تصنيف ۽ تاليف
بابت، هي بزرگ عالم اڻ ڄاڻ ڏسجي ٿو. راشدي مرحوم
جي مختلف ٻولين تي ڪيترو عبور هو، ان متعلق پاڻ
لکي ٿو ته: پاڻ سنڌي، اردو ۽ فارسي ٻولين ۾ ڪتاب
ايڊٽ ڪيائين يا وري لکيائين. هنن ٽن ٻولين تي کيس
وڏي مهارت حاصل هئي. اردو زبان ڳالهائيندو ته سندس
گفتگو ۾، اهي ئي روزمره وارا محاورا ۽ اصطلاحات،
رواني ۽ بي تڪلفي هوندي، جا ڪنهن اهل زبان ۾ هجي
ٿي. اردو لکندو ته ان جي اسلوب ۽ انداز بيان ۾
شبلي اسڪول جي جهلڪ هوندي، مگر ڪڏهن ڪڏهن سندس
اردو تحرير ۾ سندس پنهنجي رنگ جو سهڻو ذائقو به
ملي ٿو. پير صاحب بابت وڌيڪ لکي ٿو: سندس تصنيف
ڏسي هي سوچڻو پوي ٿو ته کيس ڪهڙي فن سان وڌيڪ
دلچسپي هئي. تذڪراتي ادب، تاريخ يا قديم آثارن سان
يا ري سندس ذوق انهن سڀني جي خوشبوءَ جو مجموعو
هو. ۽ واقعي هو مجموعه عطر هو، ڇو ته هنن سڀني
علمن ۾ هن پوري دلچسپي ورتي. پير صاحب جي ابتدائي
علمي سرگرمين جو سرسري ذڪر ڪرڻ بعد، مصنف اسان جي
هن عالم جي ڪتابن جو مفصل جائزو پيش ڪيو آهن. اهڙو
اڀياس سٺ صفحن تي پکڙيل آهي. سيد صباح الدين مرحوم
هر هڪ ڪتاب بابت لکندي، ان جي علمي افاديت سان گڏ
پير صاحب جي انداز تحقيق، تنقيدي نگاهه، مقدمه
نگاري ۽ جاکوڙ جي جتن جو نهايت گهرائي ۽ فڪري
انداز سان تجزيو پيش ڪيو آهي. هي مطالعو بلاشبه
وڏي تحقيق ۽ جاکوڙ سان تيار ڪيل آهي. هيل تائين
پير صاحب بابت جيڪو ڇپيل مواد منهنجي نظر مان
گذريو آهي، ان ۾ مرحوم جي سوانح جي ذاتي متعلقات
تي وڌيڪ روشني وڌي وئي آهي. سندس ادبي خدمتن ۽
علمي ڪارنامن بابت، اردو زبان ۾ هي پهرين سنجيده
ڪوشش قابل تعريف آهي. مرحوم راشدي صاحب جي علمي
اثاثي بابت، سنڌي زبان ۾ راقم الحروف پڻ هڪ پير
تيار ڪري چڪو آهي (مهراڻ، پير حسام الدين راشدي
نمبر).
سيد صباح الدين مرحوم جي هن مختصر مگر اهم تنصيف ۾
اشاعت، جون اوڻايون ڏسي تعجب ٿئي ٿو، ان کان علاوه
مصنف سنڌي زبان کان پڻ ناآشنا هو، ان ڪري ڪجهه وٽ
پڻ محسوس ٿئي ٿي. هي ڪتاب ڊاڪٽر رياض الاسلام ۽
ڊاڪٽر نواز علي شوق صاحب جي نظر هيٺ ترتيب ۽ اشاعت
هيٺ آيو، ان ڪري ٿوري به دلچسپي وٺڻ سان غلطين کان
به بچي سگهجي ها ۽ ان کي وڌيڪ مڪمل پڻ ڪري سگهجي
ها. ڪتاب جي آخر ۾ پير صاحب جي ادبي ورثي توڙي
مختلف علمي ۽ ادبي ادارن سان سندن تعلق بابت، هڪ
سرسري فهرست پڻ ڏنل آهي، جا پڻ اصلاح طلب آهي. هن
ڪتاب کان اڳ پير حسام الدين مرحوم بابت، هي مواد
نظر تي اچي چڪو آهي.
ماهنامه قومي زبان ڪراچي، ”پير حسام الدين راشدي نمبر“ ڊسمبر
1982ع.
سه ماهي مهراڻ ڄامشورو، ”پير حسام الدين راشدي نمبر“. 1/1983ع.
ايڊٽ: نفيس احمد شيخ.
مرتبه مهتاب اڪبر راشدي، ”سووينئر“ سنڌ الاجي 1948ع.
سيد صباح الدين عبدالرحمان جو هي ڪتاب، ان سلسلي جي چوٿين ڪڙي
آهي. ذڪر ڪيل اوڻاين جي باوجود، هي ڪتاب اميد ته
علمي حلقن ۾ مقبول ٿيندو ۽ راشدي صاحب مرحوم جي
مطالعي ۾ مددگار ثابت ٿيندو. قيمت 60/70 رپيا
مناسب آهي.
- غلام محمد لاکو
ادبي خبر نامو
مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد طرفان سنڌ جي مايه ناز اديب ۽
ڊرامه نگار جناب عبدالقادر جوڻيجي کي حڪومت
پاڪستان طرفان صدارتي ايوارڊ براءِ حسن ڪارڪردگي (Pride
of Performance) ملڻ جي خوشيءَ ۾ هڪ آجياڻو تاريخ 15- آڪٽوبر 1988ع شام
جو ستين بجي ڏنو ويو. هن تقريب جو خاص مهمان،
نامور عالمِ دين علامه غلام مصطفيٰ قاسمي هو. هن
موقعي تي حميد سنڌي، عبدالحميد آخوند، شوڪت شورو،
مهتاب اڪبر راشدي، الياس عشقي ۽ شفيق الزمان پراچا
ڊي . سي حيدرآباد پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو.
جناب آخوند صاحب پنهنجي تقرير ۾ سڀني سنڌي اديبن،
شاعرن، صحافين ۽ فنڪارن کي گذارش ڪئي ته پنهنجا سڀ
ويڇا وساري پنهنجي قلم ۽ فن کي ملڪي خوشحالي، محبت
۽ ڀائيچاري لاءِ ڪم آڻين. پاڻ اديبن کي دعوت
ڏنائون ته جيڪي اديب ۽ شاعر پنهنجون لکڻيون ڇپائي
نٿا سگهن، اهي پنهنجون لکڻيون مون کي موڪلي ڏين يا
مون سان رابطو ڪن، ته جيئن انهن جا ڪتاب ڇپرائي
سگهجن. وڌيڪ چيائون ته حيدرآباد جي اديبن کي گهرجي
ته هڪ رائيٽرس ڪلب جو قيام عمل ۾ آندو وڃي، جنهن ۾
پنهنجي ادبي ۽ ثقافتي لکڻين جي پروگرامن تي بحث
مباحثو ڪيو وڃي.
آخر ۾ جناب عبدالقادر جوڻيجي پنهنجي تقرير ۾ هن شاندار تقريب
منعقد ڪرڻ تي مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد جو ٿورو
مڃيو، ۽ ناول ۽ ٽي. وي. پلي جي فرق کي اجاگر ڪندي
ڪيترن ئي فني نقطن جي اپٽار ڪئي. انهيءَ کان اڳ ۾
آجيان واري تقرير ڪندي عبدالرزاق چانڊئي سيڪريٽري
مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد، سڀني عالمن، اديبن،
فنڪارن، شاعرن ۽ صحافين جو هن تقريب ۾ اچڻ تي ٿورو
مڃيو.
- ع . ر. چانڊيو |