سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1988ع (3)

 

صفحو :4

 

مقالا

 

مخدوم عبدالله نري وارو

علامه غلام مصطفيٰ قاسمي

 

        مخدوم عبدالله ٻارهين صديءَ جو هڪ عالم آهي، جنهن سنڌيءَ ۾ سوين ڪتاب لکيا. پر افسوس جو ڪٿي به هن بزرگ عالم جي زندگيءَ بابت ڪو صحيح احوال نه آيل آهي، جنهن جو اصلي ڪارڻ اهو آهي ته ان غلطيءَ کان ميان ابوالحسن جو ڀاڻيجو مخدوم عبداالله عرف ميان موريو ڄاتو ويو آهي. پوءِ ان جي احوال م اهو ڪجهه لکيو ويو آهي، جيڪو تحفته الڪرام واري مخدوم عبدالله واعظ بابت لکيو آهي ته هو ميان عبدالقادر جو فرزند هو. ميان عبدالقادر سنڌ جي مشهور عالم ميان ابوالحسن جو ڀاڻيجو هو. هو ٺٽي ۾ ڄائو ۽ ساري ڄمار ٺٽي ۾ گذاريائين. هن سموري تعليم پنهنجي مامي ميان ابوالحسن وٽ حاصل ڪئي. اهو سمورو احوال سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ آندو ويو آهي.

        ساڳيءَ ريت هڪ ٻئي وڏي اسڪالر ۽ عالم ڪنزالعبرت ڪتاب جو مصنف ميان ابوالحسن جي ڀاڻيجي مخدوم عبدالله واعظ کي لکيو آهي. مگر سنڌ جي ادبي تاريخ کان رڳو ايترو اضافو فرمايو اٿن، جو ان جي ولادت جو سال 1150هه – 1737ع ٻڌايو آهي. هوڏانهن مقالات الشعرا ۾ مخدوم عبدالله واعظ جي وفات جو سال 1167هه لکيو ويو آهي ۽ ڪتاب ڪنزالعبرت جي مصنف جي لکڻ مطابق 1175ع ۾ جڙي راس ٿيو. تڏهن اهو ڪيئن ٿو اٺ سال اڳ فوت ٿيل عالم جو ڪتاب ٿي سگهي؟ وري جي ان جي ولادت جو سال 1150هه آهي ته اهو ڪيئن ٿو ميان ابوالحسن جو شاگرد ٿي سگهي، جنهن گهڻو عرصو اڳ وفات ڪئي. اهو سن ولادت ڪنز العبرت جي مصنف مخدوم عبدالله نري واري جو ته ٿي سگهي ٿو، باقي ان کي مخدوم عبدالله واعظ سمجهڻ غلط آهي.

        اسان جي نظر ۾ اهو سمورو اشتباهه ٻنهي بزرگن جي همنامي ڪري ٿيو آهي. هڪ ئي دور ۾ هڪ ئي نالي سان ٻه عالم هئا، جن مان ڪنز العبرت، قمر المنير ۽ ٻين اٿاهه سنڌي ڪتابن جو جوڙيندڙ مخدوم عبدالله مندور، جڏهن ته وڃي ڪڇ ۾ پنهنجو قيام ڪيو، تڏهن اسان جي تذڪره نگارن کي ان جو صحيح احوال معلوم نه ٿي سگهيو. ٻئي پاسي ميان ابوالحسن ٺٽوي مقدمتھ الصوات جو مونف ۽ سنڌي صورتخطيءَ جي موجد جي ڀاڻيجي جو نالو به مخدوم عبدالله هو، تنهن ڪري مخدوم عبدالله مندري جي سموري محنت، ادبي ۽ ديني خدمت ميان ابوالحسن جي ڀاڻيجي ڏانهن منسوب ڪئي ويئي. ڪن اديبن کي جڏهن اها کڙڪ پئي ته مخدوم عبدالله ڪڇ جو هو، تن وري مخدوم ميان ابوالحسن کي به ڪڇي بنائي ڇڏيو جو سراسر غلط آهي.

       

سنڌي ساهتيھ جي هن وڏي محسن مخدوم عبدالله متعلق اسان کي جيڪا معلومات ملي چڪي آهي سان هن طرح آهي ته، ”اهو بزرگ اصل ۾ بدين تعلقي جي ماندر ڳوٺ جو ويٺل هو ۽ ذات جو مندرو هو. ڊاڪٽر دائودپوٽي مرحوم به کيس مندرو لکيو آهي. هن تعليم ٺٽي ۾ حاصل ڪئي هئي. مخدوم محمد هاشم جي شاگردن مان هو. مقامي حالتن کان مجبور ٿي ماندر ڳوٺ مان لڏي ڪڇ هليو ويو ۽ اتي ”نري“ نالي ڳوٺ ۾ رهڻ لڳو. انهيءَ مناسبت ڪري کيس نرائي يا نري وارو سڏيو وڃي ٿو. اسان کي ڊاڪٽر دائودپوٽي مرحوم جي ڪتاب خاني ۾ ٻارهين صديءَ جي عالمن جي فقهي تحريرن جو هڪ مجموعو نظر مان گذريو، ان ۾ ڪن تحريرن تي هن مخدوم عبدالله جي تقريظ به آهي، جو سندس نالي پٺيان ”نرائي“ لکيو ويو آهي.

        ڳالهه ٿا ڪن ته ڪن شرعي ڳالهين تي اتي جي ماڻهن جي هن ڀلاري عالم سان اڻبڻت ٿي پئي، ان ڪري ”نري“ مان نڪري ڪڇ جي هڪ ٻئي ڳوٺ ”سسري“ تعلقي ابڙاسو ۾ وڃي رهيو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين. سندس قبر به ”سسري“ ۾ آهي. ڪڇ جو راجا به مخدوم صاحب جو ڏاڍو معتقد هو ۽ کيس ڪيترن ڳوٺن ڏيڻ جي به آڇ ڪيائين، پر هن انڪار ڪيو.

        مخدوم عبدالله جو اولاد اڃا تائين هليو وڃي، جن مان ڪي ته هاڻ به سسريءَ ۾ پيا رهن ۽ ڪي ڪراچي اندر موسيٰ لائين محلي ۾ اچي رهيا، جهڙوڪ ميان عبدالخالق، ميان عبدالشڪور ۽ ٻيا، جي وڏن جي پيرويءَ ۾ نهايت نيڪ آهن. هنن جي ٻين عزيزن وٽ ڪڇ ۾ اڃا تائين مخدوم عبدالله جي ڪتابن جو وڏو ذخيرو موجود آهي، جن مان اسان کي پنهنجي هڪ قديم دوست محمد حسن سوناري خزينتھ الاابرار نالي هڪ ڪتاب قلمي صورت ۾ ڪڇ مان گهرائي ڏنو آهي، جنهن کي ڪنزالعبرت ڪتاب کان پوءِ سن 1175هه ۾ مخدوم عبدالله جوڙي راس ڪيو ۽ ٻين اڻ ڇپيل ڪتابن جي ڪڇ مان هٿ ڪرڻ لاءِ ڪوشش جاري آهي. مخدوم عبدالله جيڪي ڪتاب جوڙيا آهن، انهن مان گهڻا ته ڇپجي چڪا آهن، جي هن وقت ناپيد آهن ۽ ڪي اڃا تائين قلمي صورت ۾ آهن، جيئن خزينتھ الاابرار وغيره. ڇاپي ۾ آيل ڪتابن مان هيٺيان مشهور آهن: ڪنز العبرت، قمر المنير، بدر المنير، نورالابصار، خزينتھ اعظم، تفسير يوسف ۽ ٻيا.

] ڪنزالعبرت، مطبوعه ڪراچي، سال 1376هه تان کنيل[

 

 

شاهه حبيب ۽ سندس ڪٽنب

 

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

]نوٽ: هي مضمون، شاهه جي رسالي جي جامع، معياري ۽ مستند متن جي مقدمي طور لکيل مواد جو هڪ حصو آهي، جيڪو رسالو، ڊاڪٽر صاحب جي ورهين جي تلاش ۽ تحقيق، جيستجو ۽ جاکوڙ جي نتيجي ۾، سنڌي ادبي بورڊ پريس ۾ وڏي اهتمام سان اشاعت هيٺ آهي. ڀٽ شاهه ڪلچرل سينٽر ڪميٽي ان رسالي کي شايع ڪرڻ لاءِ خصوصي اهتمام ڪيو آهي. - ادارو[

 

        شاهه حبيب، جنهن ميين شاهه ڪريم جو پڙپوٽو هو. سندس ڏاڏو جلال شاهه يا جمال شاهه عالباً پنهنجي والد ميين شاهه ڪريم جي وقت ۾ مٽياري ۽ هالن طرف گهڻو گذارڻ لڳو. هو هالن طرف هو جو ڦورن ڪنهن مائي جو مال هنيو ۽ جڏهن شاهه پويان واهر ٿي ويو، تڏهن ڦورن کي شهيد ڪيو ۽ هو ’گولي پير جي مقام‘ ۾ مدفون ٿيو. هي مقام شهدادپور تعلقي جي ديهه ۽ تپي ’جَما‘ ۾، ڀٽ کان 7 ميل کن اتر طرف آهي، جتي جلال شاهه (جمال شاهه) جي تربت موجود آهي. سندس شهيد ٿيڻ بعد سندس ٻار ٻچا جيڪڏهن مٽياري ۾ هئا ته به موٽي وڃي پنهنجي ڏاڏي سان ’سيدپور‘ (بلڙي) ۾ رهيا. جلال شاهه يا جمال شاهه جو فرزند عبدالقدوس شاهه به عابد ۽ درويش ٿيو، جنهن اتي وفات ڪئي ۽ پنهنجي ڏاڏي ميين شاهه ڪريم جي مزار جي ويجهو ڏکڻ – اوڀر طرف دفن ٿيو. کيس ٻه پٽ ٿيا: حبيب الله شاهه (شاهه حبيب) ۽ عبدالرشيد شاهه، جن ٻنهي کي اولاد ٿيو. دينداري درويشي جي ورڇ حبيب الله شاهه کي ملي. ميين شاهه ڪريم بعد، جملي ڪريم – پوٽن ۾ شاهه حبيب ئي زهد ۽ عبادت، فقر ۽ فضيلت جو صاحب ٿيو، ۽ سندس اعليٰ اخلاق، فيض ۽ فقيري جو خاص طرح سندس فرزند شاهه عبداللطيف جي تربيت تي وڏو اثر پيو. ميين شاهه ڪريم بعد، ڪريم – پوٽن ۾ شاهه حبيب ئي شاعر ٿيو، جنهن بيت چيا جيڪي ’شاهه جي رسالي‘ ۾ شامل آهن. شاهه حبيب جي عارفانه شاعريءَ جو پڻ شاهه لطيف تي اثر پيو.

 

        شاهه حبيب پنهنجي والد جي وقت ۾، يا سندس وفات کان پوءِ ڪجهه وقت اچي مٽياري شهر ۾ رهيو. اها جاءِ جتي هو رهيو (1)، اتي ٿي سگهي ٿو ته سندس گهر هو ۽ ’مٽياري‘ ۾  سندس رهڻ انهيءَ ڪري ٿيو جو شايد اتي سندس شادي ٿي. پوءِ عزيزن جي ساڻس اڻبڻت ٿي، جو درويش هاشم شاهه جيڪو کيس گهڻو گهرندو هو، تنهن جي چوڻ تي مٽياري کي ڇڏيائين. ڪن روايتن موجب شاهه حبيب هڪ شادي عزيزن مان ڪئي ۽ ٻي ٻاهران ڪئي، جنهن مان شاهه عبداللطيف ڄائو. پر هڪ ته اهو پڪيءَ طرح معلوم ناهي ته سندس پهرين شادي ڪڏهن ٿي ۽ ٻيو اهو به معلوم ناهي ته پنهنجن مان جيڪا شادي ڪيائين، سا ڪهڙي پاڙي يا ڪهڙن عزيزن مان ڪيائين. مٽياروي سيدن جي پاڙن جا شجرا موجود آهن، پر ان ۾ شاهه حبيب جي ان شاديءَ جو ڪو حوالو موجود ڪونهي. روايتن موجب، ٻنهي گهرن مان کيس اولاد ٿيو: پر هڪ ته شاهه حبيب جي اولاد بابت جيڪي حوالا موجود آهن، سي سندس وفات کان سواءِ سئو سال کن پوءِ جا آهن ۽ ٻيو ته شاهه عبداللطيف جي وفات کان پوءِ ئي (خاص طرح گادي نشيني جي مسئلي تان) شاهه حبيب جي نرينه يا ٻئي اولاد بابت بيان پڌرا ٿيا، انهيءَ ڪري شاهه حبيب جي جملي ڪٽنب بابت ڪنهن پڪي نتيجي تي پهچڻ مشڪل آهي. البت اهو يقيني آهي ته هڪ ئي گهر مان شاهه حبيب کي ٽي فرزند ٿيا، جن مان فقط هڪ شاهه عبداللطيف باقي بچيو. ٻئي گهر مان، هڪڙن حوالن موجب جمال شاهه نالي فرزند ٿيو، ۽ ٻين موجب جمال شاهه ۽ مصري شاهه نالي ٻه فرزند ٿيا. ٽکڙ واري شجري موجب جمال شاهه جو پٽ ڪريمڏنو شاهه ٿيو، جنهن جو ڪوبه پٽ جمال شاهه نالي ڪونه هو؛ ٻين شجرن ۾ اهو جو پٽ جمال شاهه نالي هو، جيڪو شاهه عبداللطيف بعد گادي نشين ٿيو. پٽن کان سواءِ شاهه حبيب کي ’بيبي بتول‘ (1) ناڻي هڪ نياڻي هئي، جيڪا غالباً شاهه عبداللطيف جي سڳي ڀيڻ هئي. ان سميت يا ان کان سواءِ، شاهه حبيب جي ٻن نياڻين جو ذڪر ٿيل آهي، پر مير سانگي ڄاڻايو آهي ته اها پڪ ڪانهي ته اهي ڪهڙي گهر مان هيون، پر ٻنهي جي شادي شاهه حبيب جي وقت ۾ ٿي. سانگي کي غلام محمد شاهه گدا ٻڌايو ته انهن مان هڪ مٽياري سيدن جي ’موسى‘ پاڙي ۾ ڏنل هئي ته ٻي سمهباڻي پاڙي ۾ ڏنل هئي (2). شجرن جي تحقيقات مان اسان کي معلوم ٿيو ته شاهه حبيب جي هڪ نياڻي، سيد موسى جي ڀاءُ سيد عيسى جي اولاد ’عيسى – پوٽن‘ جي پاڙي مان محمد حافظ شاهه جي پٽ کي پرڻايل هئي (3)، مگر شجرن مان توڙي زباني روايتن مان اها تصديق نه ٿي سگهي ته ڪو شاهه حبيب جي ڪا نياڻي سمهباڻين ۾ ڏنل هئي (4).

 

(د) شاهه عبداللطيف جي ولادت (1102هه). عام روايتن موجب شاهه حبيب کي اولاد ڪونه ٿيندو هو ۽ ڪنهن درويش کان دعا گهريائين، جنهن چيس ته: توکي پٽ ٿيندو، پر سندس نالو عبداللطيف رکجانءِ (1). سن 1350هه ۾ اتاريل هڪ بياض ۾ اها آڳاٽي روايت جيئن نقل ٿيل آهي، تنهن موجب اها دعا شاهه حبيب کي مٽياري شهر جي مست درويش هاشم شاهه ڪئي هئي، جيڪو پاڻ جراڙ – پوٽو هو ۽ شاهه حبيب جو عزيز هو. شجري مان پڻ اهڙي تصديق ٿئي ٿي ته ٻئي همعصر هئا. شاهه حبيب دل ۾ ارادو رکي هاشم شاهه وٽ ويو، جنهن کيس ڏسي چيو ته ”حبيب مان لطيف جي بوءِ ٿي اچي.“ (2) شاهه حبيب کي ڄن وڌائي ملي ته کيس عبداللطيف نالي پٽ ٿيندو، جنهن جي خوشبوءِ ملڪ واسيندي. پوءِ پُٽ ڄائو، جنهن جو نالو عبداللطيف رکيائين، پر ٻارڙو گذاري ويو. ساڳئي گهر مان وري ٻيو پٽ ڄائس، تنهن جو نالو به عبداللطيف رکيائين، پر اهو به گذري ويو. وري به ساڳئي گهر مان ٽيون پٽ ڄائس، جنهن نالو وري به عبداللطيف رکيائين، جيڪو بچيو ۽ اهو ئي شاهه عبداللطيف ٿيو. اهي ٽيئي ٻارڙا جنهن بيبيءَ مان ٿيا، سان عرس فقير ڏيري جي نياڻي هئي، جيڪو ملتان جي والي غوث بهاو الدين زڪريا جي خليفي قندر فقير ڏيري جي اولاد مان، ”ڌنونريات“ لقب وارن ڏيرن فقيرن جي ”ثابت“ يا ”ثابت پوٽا“ نُک مان هو. هنن ڏيرن فقيرن جا ٻه سلسلا هئا: هڪڙا ’سايات‘ يا سبزپوش (سائو ويس ڪندڙ) ۽ ٻيا ’ڌئونريات‘ يا سفيد پوش. هي وڏا پهتل درويش هئا. ’گنباٽ ڌڻي‘ (گنباٽ واري ايراضي جا رکوال ولي) ڪري سڏبا هئا. ثابت فقير پاڻ وڏو درويش ٿي گذريو، جو چيائون ته:

 

سوالي سچيءَ سڪ مان جي ’ثابت‘ کي سارين،

تن نڪا تنگي توڻ جي، نڪي اُڌارين (1)

 

عرس فقير کي ٻه نياڻيون هيون: وڏي ڏنائين رب رکيي فقير ڏيري کي، ۽ ننڍي نياڻي ڏنائين شاهه حبيب کي. شادي بعد، شاهه حبيب به سُهريجن جي پاڙي ۾ ٿي ويٺو جتي سندس گهر ’سُئي قندر‘ واري تاريخي مقام کي بلڪل ويجهو اولهه طرف هو. اها گهر واري جاءِ روينيو رڪارڊ موجب سروي نمبر 134 ديهه ”سئي قندر جاگير“ تعلقي شهدادپور ۾ آهي ۽ مقامي طور ٽيهه سال کن اڳ تائين مقامي ماڻهن سڀني کي ان جي خبر هئي، ’سئي قندر مقام‘ کان نمبر جي لام تي اتر – اولهه طرف ۽ موجوده شاخ جي اوڀر، شاهه صاحب جي گهر لڳ هڪ کڏ هئي جنهن کي ”ساياتن جي کڙ“ ڪري چوندا هئا. انهيءَ جي ڀرسان 1930ع تائين ڪنڊي جا وڻ بيٺل هئا، جيڪي ’شاهه حبيب جا ڪنڊا‘ سڏبا هئا. اتي سندس حويلي هئي، جنهن جي ڀتين جون بِنائون به ان وقت ماڻهن ڏٺيون. انهيءَ حويليءَ ۾ ئي شاهه حبيب جا پهريان ٻه پٽ ڄاوا جيڪي گذاري ويا ۽ ’سئي قندر مقام‘ ۾ ڏيرن فقيرن جي پاڙي ۾ دفنايا ويا. ٻنهي جون قبرون اڃا ائين اتي موجود آهن (2).

        ٽيون پٽ شاهه عبداللطيف به انهيءَ ساڳئي گهر ۾ ڄائو ۽ اتي ئي نپنو ۽ وڏو ٿيو. هجري سن مطابق اهو سال 1102هه هو، جنهن جي تصديق انهيءَ روايت مان ٿي ٿئي ته وفات وقت (1165) شاهه صاحب جي عمر 63 سال هئي. اڄ کان هڪ سئو ورهيه اڳ به باخبر ۽ ڄاڻو ماڻهو وٽ سال 1102هجري شاهه صاحب جي ولادت جو مڃيل  سال هو، جو ان وقت جا عالم فاضل شاعر سيد غلام محمد ’گدا‘ اهوئي سال پنهنجي هيٺين تاريخي مادي واري شعر مان ڪڍيو (3).

گدا، سال توليدِ سلطانِ ’ڀٽ‘،

شنيدم ز هاتف ’عنايت شعار‘.


 

حضرت قلندر شهباز

 

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

نالو ۽ لقب

       

عام طرح کين قلندر لعل شهباز سڏيو ويندو آهي. سندس اصلي نالو سيد عثمان آهي، ٻيا سمورا سندن لقب آهن، جي هن طرح بيان ڪيا ويا آهن:- لعل، شهباز، قلندر، سيف اللسان، شمس الدين، مهدي ۽ مخدوم.

نسب

        سندن نسب جو سلسلو امام جعفر صادق تائين پهچي ٿو. ماثر الڪرام جي صاحب سيد غلام علي آزاد بلگرامي ڏيکاريو آهي، ته سندن نسب شريف تيرهن واسطن سان امام جعفر صادق تائين پهچي ٿو. لب تاريخ سنڌ جي صاحب جيڪو شجرو ڏنو آهي، اهو به تيرهين پيڙهيءَ ۾ امام جعفر صادق سان وڃي ٿو. تحفته الڪرام جي دستخط نسخي تي جيڪو سندن شجرو ڏنل آهي، اهو به تيرهن واسطن سان امام عالي مقام تائين پهچي ٿو، پر ڪيترن نالن جي هنڌان اڏيهي کائي وئي آهي. لب تاريخ سنڌ ۾ شجرو هن طرح آيل آهي.

        (1)حضرت عثمان مروندي (ميمندي) عرف لعل شهباز بن (2) سيد ڪبيرين (3) سيد شمس الدين بن (4) سيد نور شاهه بن (5) سيد محمود شاهه بن (6) سيد احمد شاهه بن (7) سيد هادي بن (8) سيد مهدي بن (9) سيد متنخب بن (10) سيد غالب بن (11) سيد منصور بن (12) سيد اسماعيل بن (13) امام جعفر صادق رضي الله.

 

        قلندر نامه سنڌي (2) جي مصنف ”سيد غالب“ جي ڪن شجرن ۾ سيد ڪبير جي بدران سيد ابراهيم آيو آهي. ڪتاب تعارف هنديءَ واري شجري ۾ ”ابراهيم ڪبير الدين“ آيل آهي. قلندر نامه سنڌيءَ (ص 6) جي مصنف جو رايو آهي ته ”اهو انهيءَ ڪري اهي، جو ڪبير الدين سندن لقب ۽ ابراهيم سندن نالو مبارڪ هو.“ قلندر نامه جي مصنف وڌيڪ لکيو آهي ته سندن والد کي سيد ابراهيم جوابي به ڪري چوندا هئا.

        حضرت قلندر شهباز جي والد بزرگوار جي ولادت جمادي الثاني 501هه ۾ ٿي ۽ 520هه ۾ وفات ڪيائون. سندن حرم محترمه يعني حضرت قلندر شهباز جي والده سندس حياتيءَ ۾ ڪجهه سال اڳ وفات ڪئي. قلندر نامه سنڌي (ص 5) جي صاحب ۽ بستان العارفين (ص 33) جي صاحب لکيو آهي، ته حضرت سيد ابراهيم جوابيءَ جو روضو مروند ۾ آهي. الشهباز (ص 28) جي صاحب لکيو آهي ته سندن مزار امام حسين جي روضي اطهر ۾ آهي.

 

وطن

        سندن وطن بابت مختلف روايتون آهن. حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ، قلندر نامه سنڌيءَ (ص5) ۾ لکيو آهي، ته سندن اصل وطن مروندو هو، جو آذربائيجان ۽ تبريز ڏانهن اقليم پنجينءَ ۾ آهي. لب تاريخ سنڌ (ص 6) جي صاحب ڄاڻايو آهي، ته ”سندن اصل وطن ميمند هو، جو افغانستان جي هرات پرڳڻي جي قريب آهي“. ماثر الڪرام جو صاحب ”تذڪره مشائخ سنڌ“ جي حوالي سان لکي ٿو، ته سندن وطن مرند (ميم تي زبر، ري خالي، نون تي جزم ۽ دال خالي) هو، جو تبريز جي ڳوٺن مان هڪ ڳوٺ آهي.

        ”مرند“ جو شهر درياه خدي جي اوڀر ۾، درياه جي هڪ شاخ جي ڪناري تي آباد هو، جيڪا خدي ۾ اچي ملي ٿي. هي شهر آذربائيجان جي گاديءَ جو هنڌ آهي ۽ تبريز کان اتر اولهه ۾ چاليهن ميلن جي مفاصلي تي آهي. مقدسيءَ چوٿينءَ صديءَ هجري ۾ ان متعلق لکيو آهي ته ان ۾ هڪ ننڍو قلعو ۽ مسجد هئي. شهر جي ٻاهران واري آباديءَ ۾، جيڪا باغن سان ڀريل هئي، هڪ بزار هئي. ياقوب لکيو آهي، ته شهر کي ڪردن برباد ڪيو، ۽ ان کي لٽڻ کان پوءِ هتي جي رهاڪن کي قيد ڪري پاڻ سان وٺي ويا. مستوفيءَ لکيو آهي، ته جنهن درياه تي مرند واقع هو، ان جو نالو زولو يا زڪوير هو – بيان ڪيو وڃي ٿو، ته هي درياه چئن فرسخن تائين لڪل زمين جي اندر وهندو هو. مستوفيءَ لکيو آهي، ته ان جي زماني ۾ مرند جي اڳين وسعت گهٽجي اڌ ٿي وئي هئي. پر اڃا تائين قرمز جي ڪينئن جي، جن مان ڳاڙهو رنگ تيار ٿيندو هو، پرورش ڪئي ويندي هئي ۽ هن شهر جو اهو ڪم مشهور هو. شهر جي چوڌاري سٺ ڳوٺ هئا، جي ان سان شامل هئا - (1) مذڪور حقيقتن جي روشنيءَ ۾ چئي سگهجي ٿو ته صحيح نالو ”مرند“ آهي.

 

ولادت

        سندس والد بزرگوار عبادت ۾ ايڏو ته مشغول هوندو هو، جو وڏيءَ عمر تائين شادي نه ڪيائين. لب تاريخ سنڌ جي روايت آهي، ته آخر هڪ رات خواب ۾ سيد عثمان جي روح مبارڪ پنهنجي والد بزرگوار کي چيو، بابا، مون کي ٻاهر آڻيو. سندن والد جواب ڏنو ”بهشت مان ٻاهر اچڻ افضل آهي ڇا؟“ ان تي وري پنهنجي والد کي عرض ڪيائين ”دنيا ۾ ظهور ٿيڻ پڻ احسن آهي“. هيءَ روايت قلندر نامه سنڌيءَ (ص 3) ۽ بستان العارفين (ص 33) ۾ نقل ٿيل آهي. ان کان پوءِ سيد ڪبير نڪاح ڪرڻ جو خيال ڪيو. مرند جي حاڪم سلطان شاهه باطني اشاري موجب کين پنهنجي نياڻي ڏني، جنهن مان سنڌ جو روحاني رهبر قلندر لعل سيوهاڻي تولد ٿيو.

        قلندر نامه سنڌيءَ (ص 3) جي صحب جي هڪ شاعر جا هي شعر ڏنا آهن، جن مان لعل سائينءَ جي ولادت جو سن، عمر ۽ وفات جو سن نڪرن ٿا:

چو تاريخ شمس الدين عثمان، بدر کن انج، از لکت کرامت

538هه

سن عمرش ولي الله، وفاتش سروش غيب مي گويد ”برحمت“

112

        ان مطابق ولادت جو سن 538هه ڏنو اٿس. بستان العارفين (ص 33) واري به اهو ئي سن ڏنو آهي. لب تاريخ سنڌ (ص 6) واري 573 هه مطابق 1177ع به ڏيکاريو آهي. تذڪره صوفيائي سنڌ اردو (ص 199) جي صاحب ولادت جي تاريخ لب تاريخ سنڌ تان ورتي آهي.

        الله تعالى کين ظاهري حسن ۽ جمال ايڏو ته عطا ڪيو هو، جو سندن پيشاني پاڪ چنڊ کي شرمندو ڪندي هئي.

 

ظاهري تعليم:-

        کين ننڍپڻ کان ئي تعليم پرائڻ جو شوق هو. ستن سالن جي عمر ۾ قرآن ڪريم جو حفظ ڪيائون. ان کان علاوه ٿوري ئي عرصي ۾ عربيءَ ۽ پارسيءَ ۾ مهارت حاصل ڪيائون. سندن عربيءَ ۾ مهارت جو ثبوت هن واقع مان ملي ٿو. (1)

        حضرت قلندر شهباز جن جڏهن ملتان ۾ آيا، تڏهن غياث الدين بلبن جي پٽ سلطان محمد، (2) جو ان وقت ملتان جو حاڪم هو ۽ عالمن ۽ عارفن جو معتقد هو، سندن خدمت ۾ حاضر ٿي، تعظيم بجا آڻي ۽ تحفا پيش ڪري کين ملتان ۾ رهڻ جو عرض ڪيو، جو لعل سائينءَ قبول نه ڪيو. ڪجهه ڏينهن اتي رهيا. هڪ ڏينهن سلطان محمد هڪ مجلس تيار ڪرائي، جنهن ۾ عربي سرود ٿيو. ان مجلس ۾ حضرت غوث بهاو الدين زڪريا ملتانيءَ جو فرزند حضرت شيخ صدر الدين عارف ملتاني به موجود هو. ٻئي عالم وجد جي حالت ۾ اچي رقص ڪرڻ لڳا. سلطان محمد هٿ ٻڌيون، پيرن ڀر بيٺو هو ۽ زار زار پئي رنائين.

        هن واقعي مان معلوم ٿيندو، ته پاڻ عربيءَ ۾ ماهر هئا. پارسيءَ ۾ سندن دسترس جو ثبوت سان شعر مان ملي ٿو، جو اڳتي هلي لسانيات ۽ گرامر جا وڏا ماهر هئا. ان سلسلي ۾ سندن ڪي ڪتاب تصنيف ٿيل هئا، جي مڪتبن ۾ پڙهايا ويندا هئا. لکي ٿو (2).


(1)  چون ٿا ته اها جاءِ پوئين ويجهي وقت ۾ مرحوم ’ماڪن شاهه‘ جي حوالي هئي. 1940ع ڌاري اتي نم جا ڪي وڻ هئا، ۽ پڻ چوديواري سان هڪ ننڍڙي ڪوٺي بيٺل هئي. پُراڻين ڀتين سان ۽ هيٺاهين ڇت سان جنهن تي پٽيون تڏا هئا ۽ هيٺ زمين تي به ڪي تڏا پيل هئا. اهي شاهه حبيب جا ڪک سڏبا هئا. ماڻهو ادب ڪندا هئا ۽ اتي ختما چلا ڪڍندا هئا.

(1)  لطائف لطيفي، فارسي متن، ص 180 – 181. روايت مشهور آهي ته انهيءَ ڪري ئي کيس ادب وچان بيبي بتول، بيبي راڻي يا بيبي سردار سڏيندا هئا.

(2)  لطائف لطيفي، فارسي متن، ص 173.

(3)  ٽکڙ واري شجري ۾ صاف ائين ڄاڻايل. محمد حافظ شاهه بن گهريو شاهه پاڳارو هو.

(4)  سمهباڻي، يعني سيد سمبهه (بن عبدالولي بن دين محمد بن شاهه ڪريم) جو اولاد. کيس چار پٽ هئا: عبدالرحمان، عبدالحڪيم، بهارو ۽ ابوالفتح. جيڪڏهن شاهه حبيب جي نياڻي سمهباڻين ۾ ڏنل هئي ته (پيڙهين ۽ وقت جي اندازي مطابق) اها خود سمهبه شاهه جي ڪنهن پٽ کي ڏنل هوندي.

(1)  مرزا قليچ بيگ لکيو آهي ته شاهه صاحب کي اولاد ڪونه ٿيندو هو، پوءِ ڪنهن اولياءَ کا دعا گهريائين، جنهن کيس يقين ڏياريو ته: ”توکي پٽ ڄمندو، جو زماني جو غوث ٿيندو، تنهن جو نالو عبداللطيف رکجانءِ“ (احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي، ص 13). البت اهو ڪونه ڄاڻائين ته کيس اها ڳالهه ڪٿان معلوم ٿي يا اهو ولي ڪهڙو هو، جنهن دعا ڪئي. هيءَ روايت مٽياروي ساداتن جي خانداني روايت آهي، جيڪا مسلسل طور هلندي آئي آهي ۽ اعتبار جوڳي آهي. ڪافي ڳولا بعد آخرڪار هيءَ روايت راقم کي تحريري صورت ۾ ملي. اها تحرير جيتوڻيڪ پوءِ جي آهي، پر يقيني طور ڪنهن آڳاٽي ذخيري تان نقل ٿي. جن لفظن ۾ اها نقل ٿيل آهي، تنهن کي ٽکڙ جي ’منعماڻي‘ پاڙي وارن سيدن جي زباني بيان ٿيل روايت چوڻ مناسب ٿيندو، ڇاڪاڻ ته اها لکيت انهن ئي وٽ محفوظ رهي آهي. اڄ کان هڪ صدي اڳ سن 1300هه ۾ جنهن اها نقل ڪري لکي، تنهن کي وري ”ڇنڇر ڏينهن ڏهين تاريخ ربيع الاول سن 1361هه“ ۾ حافظ بسمل ٽکڙائي اتاريو. اهو بياض محترم قمر الزمان شاهه جي مهربانيءَ سان راقم جي مطالعي هيٺ آيو.

(2)  درويش هاشم شاهه جڏهانڪر مستي ۽ مجذوبي ۾ آيو ته هندوستاني ڳالهائڻ لڳو. غالباً قلندر شهباز تي ڪن ٻاهرين عقيدتمندن سان ڳالهائيندي اها ٻولي اختيار ڪيائين. اسان هت سندس قول سنڌيءَ ۾ ڪري لکيا آهن.

(1)  ثابت فقير ايڏي وڏي درجي وارو هو جو کيس ”ميان ثابت“ ڪري سڏيو ويو. سندس قبر ’سُئي قندر واري قبرستان‘ ۾ ڏيرن فقيرن جي خاص مقام ۾ هڪ اوچي ٿلهي تي آهي، جنهن تي ست قبرون آهن، جن مان اولهه طرف کان پهرين قبر ثابت فقير جي آهي ۽ سِر تي پڻ نالو ’ميان ثابت‘ لکيل آهي.

(2)  سن 1959ع  ۾ جڏهن شاهه حبيب جي گهر واري جاءِ، ۽ اندر مقام ۾ شاهه عبداللطيف جي انهن سڳن ڀائرن جون قبرون وڃي ڏٺيون ته اهي تازو ڪجهه وقت اڳ نئين سر ٻَڌايون ويون هيون. هڪ تي ’عبداللطيف‘ جي نالي جي سِر لڳل هئي، پر ٻيءَ تي جيڪا سر هنئي ويئي هئي، تنهن تي ’عبدالرشيد‘ نالو لکايو ويو هو، حالانڪه اڳ ٻنهي تربتن تي ’عبداللطيف‘ نالا لڳل هئا. ٽکڙ واري شجري ۾، شاهه عبداللطيف جي ٻين ٻن ڀائرن جا نالا ساڳيا ’عبداللطيف‘ ڄاڻايل آهن.

(3)  لطائف لطيفي، صفحو 204.

(1)  لب تاريخ سنڌ، خدا داد خان، ص 6

(2)  قلندر نامه سنڌي – حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، ص 5

(1)  اصطخري، ص 181؛ ابن حوقل ص 239، مقدمسي، ص 377، قزويني ج1، ص 180، ج 2، ص 354، ياقوب ج 1، ص 218، ج 2 ص 502 ج 3، ص 120، ج 4، ص 503، مستوفي، ص 156 – 159، 218،.

(1) تاريخ فيروز شاهي، رني، سيد احمد خان جي ايڊيشن، ص 67 – 68 تاريخ معصومي ص 40. لب تاريخ سنڌ ص 35، ماثر الڪرام، ج 1، ص 258 – 257.

The Life and Works of Amir Khusru مصنف ڊاڪٽر محمد وحيد مرزا ص 46 – 47؛ تحتفه الڪرام ج 3، ص 136 ۾ مٿيون واقعو آيل نه آهي، پر ملتان ۾ سلطان جي ساڻن ملاقات ڏيکاري اٿس.

(2)  سلطان محمد دهليءَ جي بادشاهه غياث الدين بلبن جو پيارو فرزند هو ۽ سندس پاران ملتان جو حاڪم هو. عالمن ۽ عارفن جو نهايت معتقد هوندو هو. حضرت غوث بهاو الدين ملتانيءَ ۽ حضرت شيخ فريد شڪر گنج جو نهايت ادب ۽ احترام ڪندو هو. امير خسرو ۽ امير حسن دهلوي هميشھ سندس درٻار ۾ گذاريندا هئا. حضرت مصلح الدين سعدي شيرازيءَ ڏانهن به لکيو هئائين ته هو اچي وٽس رهي، پر شيخ پيريءَ ۾ ضعف ڪري اچي نه سگهيو. معذرت جي خط سان گڏ هڪ ڪتاب موڪليائينس جنهن ۾ سندس شعر سندس هٿ سان لکيل هئا. حڪومت جي مجلس ۾ سڄو ڏينهن رات ويٺو هوندو هو، ته گوڏو به مٿي نه کڻندو هو. ”حقا“ لفظ کان سواءِ ٻيو قسم نه کڻندو هو. سن 683هه (1285ع) ۾ مغلن سان لڙندي شهيد ٿيو. امير خسرو سندس شهادت تي پر درد مرثيو لکيو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com