پاٽ جو تاريخي پس منظر
نور محمد ڀٽي پاٽائي
مرتب: اَمير محمد جوڻيجو پاٽائي
سنڌ جا ڪيترا اهڙا ڳوٺ آهن، جن کي تاريخي حيٿيت آهي.
پاٽ جو ڳوٺ به انهن مان هڪ آهي جنهن جي ادبي ۽
ثقافتي تاريخ آهي.
پاٽ جو ڳوٺ دادو شهر جي اتر ۾ سورهن ميلن تي واقع آهي.
تعليم ۽ سرڪاري نوڪرين جا لحاظ کان سڄي سنڌ ۾
مشهور آهي. هن شهر ۾ اهڙين شخصيتن جنم ورتو جن جي
پاٽ سڄي ملڪ ۾ مشهور ٿي وئي، بلڪ ٻاهرين ملڪن ۾
پاٽ ڳوٺ جو ذڪر ٿئي پيو. انهن نالي وارين شخصيتن ۾
مرحوم جناب آءِ. آءِ. قاضي سرفهرست آهي، جيڪو نه
صرف اديب فاضل ۽ علامه هو، بلڪه اسلام جو وڏو
پرچار ڪندڙ هو.
پاٽ جي اهميت ان مان وڌيڪ عيان ٿئي ٿي ته ٻه امريڪنس نه
صرف پاٽ ڏسڻ بلڪ پاٽ ۾ رهڻ جو فيصلو ڪيو. انهن ۾
هڪڙو مسٽر ڊنڪن هو. منجهند جو گرمي تپائيندي هئس
ته دادو ڪئنال ۾ پيو تڙڳندو هو. هر هر پيو پڇندو
هو ته گرمي گهٽ ڪيڏيءَ مهل ٿيندي. ٻيو جان هاننگ
مئن هو، هو ائنٿراپولاجسٽ هو. پاڪستان جي ٻهراڙيءَ
جي زندگيءَ جو اڀياس ڪرڻو هئس ۽ سڄي پاڪستان مان
هن پاٽ جي ڳوٺ کي منتخب ڪيو ۽ چاليهه ڏينهن پاٽ ۾
رهيو.
جان هاننگ مئن جي مدد مرحوم رئيس ميان عصمت الله، جيڪو
پاڻ عليڳڙهه جو گريجوئيٽ هو ۽ سرڪاري ڪاموري جي
حيثيت ۾ رٽائر ڪيو هئائين ۽ ان وقت پنهنجون زمينون
سنڀاليندو هو ۽ محترم حبيب الله صديقي ڪئي، جيڪو
جيڪو هن وقت سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري آهي.
اها پاٽ جنهن جو مٿي ذڪر ڪيو ويو، حقيقت ۾ نئين پاٽ
آهي. پاٽ جو اصل ڳوٺ نئين پاٽ کان ميل کن جي فاصلي
تي آهي. هن وقت اتي صرف دڙا آهن، البت ان وقت جي
جامع مسجد جا نشان اڃان موجود آهن. عام طرح سمجهيو
ويندو آهي ته اهو پاٽ جو ڳوٺ درياهه ڦٽايو هوندو،
ڇاڪاڻ ته پاٽ درياء جو ڪنهن زماني ۾ مکيه بندر هو.
پر حقيقت ائين ناهي، اهو پاٽ جو شهر ڪيئن ڦٽو ۽
نئون شهر ڪيئن ٻڌو، ان جو احوال هن ريت آهي.
هن ڳوٺ بابت اهو به مشهور آهي ته محمد بن قاسم به هن
شهر ۾ لنگرانداز ٿيو هو. اها به حقيقت ناهي، هي
ڳوٺ حقيقت ۾ 430هه ۾ وجود ۾ آيو آهي، ڇاڪاڻ ته ان
وقت ۾ انجد علم عام هو. انهيءَ ڪري ئي هن ڳوٺ جو
نالو رکيان. پاتر جا پاٽ. پاٽ فارسي ٻوليءَ ۾ تخت
کي چئبو آهي. پ . ا . ٽ (اکرن) مان ابجد جي حساب
تي مٿيون سن ملي ٿو. ان دور ۾ سنڌ تي عربن جي
حڪومت هئي، جن کي خليفا ۽ عباسي ”المقتدر باالله“
سڏيندا هئا. پاٽ پراڻي اوچي دڙي تي ٺهيل هئي.
اڳئين جڳ ۾ جنگيون جهيڙا ۽ ڀاڄون جام ٿينديون
هيون. پاٽ محفوظ جڳهه تي هئي، انهيءَ ڪري هن ڳوٺ
جي آدم شماري وڌي وئي هئي؛ انهيءَ ڪري گهر سوڙها ۽
ڳنڍيل هئا جيڪو حصو سڀني کان وڏي دڙي تي آهي ان کي
ڪوٽ وترو چوندا هئا. ان کان اوڀر طرف الڳ ڪوٽ هو
جنهن کي ٻاهريون ڪوٽ چوندا هئا. ان ۾ ڪاسبي ماڻهو
رهندا هئا. ڪنڀر تمام گهڻا هوندا هئا، جو ڪنڀرن جي
آوين جا نشان ۽ ٽڪراٺو گهڻو پيل آهي. انهن ٻنهين
ڪوٽن جي وچ ۾ دڙا هئا جن جا پاسا پلوڪٽي زميندارن
آباديءَ ۾ آڻي ڇڏيو آهي. ان مان هڪ دڙي تي ڀنگين
جا گهر هئا. ٻين دڙن تي به گهرن ۽ مسجدن جا نشان
ملن ٿا.
ميان يا محمد ڪلهوڙي جي دور حڪومت ۾ پاٽ جو مضبوط قلعو
هو. اتي مغل بادشاهه حڪومت هلائيندو هو. مغلن پاٽ
جي اربابن ۽ وڏن زميندارن سان ظلم جهڙي روش رکي
هئي. جڏهن ميان يار محمد ڪلهوڙو بادشاهه ٿيو ته
کيس پاٽ فتح ڪرڻ جو خيال آيو. هن پنهنجي مريد فتح
علي عرف ڦتو فقير جوڻيجي جي هٿ هيٺ پنهنجون فوجون
روانيون ڪيون. ڦتو فقير جوڻيجو لشڪر جو ڪٽڪ وٺي
اچي پاٽ جي ڀرسان چِڪڻ ڍنڍ جي ڀرسان لنگر انداز
ٿيو. پاٽ جا زميندار وڃي ڦتو فقير سان مليا ۽
پنهنجو احوال بيان ڪيائون ته اسان سان مغلن ڏاڍا
ظلم ڪيا آهن، پر جيڪڏهن پاٽ ۾ جنگ لڳندي ته اسين
لتاڙجي وينداسين. بهتر ائين ٿيندو ته ڪنهن فريب
سان شهر هٿ هيٺ آڻيو. نيٺ صالح مصلحت سان فيصلو
ڪيائون ته اسان اندر شهر ۾ پاڻيءَ جا مٽ
جوڙائينداسين ۽ مغلن کي چونداسين ته رات جو اسان
وٽ ٻاهريون گهوٽ پرڻجڻ ايندو سو ڪوٽ جا دروازا
کليل رکو. هنن کي دعوت ڏئي کاڄ کارائينداسين ۽
شراب پياري کيل ڪنداسين. توهان ڪٽڪ سان دهل
شرنايون وڄائيندا اچي اندر ڪوٽ ۾ گهڙجو. ڦتو فقير
اها ڳالهه ڪئي، انهن اربابن ائين ڪيو. مقرر تاريخ
تي لشڪر جو ڪٽڪ اچي چڪڻ ڍنڍ جي ڪپ تي لٿو ۽ پوءِ
اتان دهل شرنايون وڄائيندو وڃي پاٽ جي ڳوٺ ۾
گهڙيو. مغلن کي بند ڪيائون، بعد ۾ انهن کي اتان
تڙي ڪڍيائون. پنهنجي مرشد کي هڪدم خبر خبر
موڪليائين، جنهن حڪم ڪيس ته پاٽ جو توکي صوبيدار
مقرر ٿو ڪجي، جو ويهي حڪم هلائج. پوءِ ڦتو فقير
جوڻيجي ويهي حڪومت هلائڻ لڳو ۽ پاٽ جي اربابن تي
چڱيون مهربانيون ڪيائين.
پاٽ پراڻي جو شهر ڪيئن ڦٽو
ڦتو فقير کان پوءِ سندس پٽ ڪريم داد صوبيدار ٿيو، جنهن
جي بعد ۾ بدلي ٿي وئي. 1190هه سن ۾ هوت چانڊيو
صوبيدار مقرر ٿيو. ان کان پوءِ عبدالرحيم سبزل ۽
آخر محمد حسين شهر جا صوبيدار ٿيا. مٿيان ٻئي
چانڊيا دولت وارا هئا. ان طرح جو ميان نور محمد
ڪلهوڙي کي گلان نالي ڳائڻي4 مان پٽ غلام شاهه
ڄائو. تڏهن رٿ ڪيائون ته ڇوڪري کي ٻروچاڻيءَ جي ٿڃ
پيارجي ته دل جو ڏاڍو ٿئي. آخرڪار گهرام چانڊيي جي
زال مائي خميريءَ ماءُ مٿئين ميان بسزل جي کان ٿڃ
پياريائونس جو سبزل سان گڏ ڌائيندو هو. مٿئين
چانڊيي تي انهيءَ ڪري ميان نور محمد جو گهڻو پيار
هو. تنهن ڪري انهن جي گهرن ۾ سون رپو گهڻو هوندو
هو. هي چانڊيا اصل سيوهڻ جا ويٺل هئا، پوءِ اچي
سيد رڪڻ ۾ ويٺا. تن کي اچي اها خواهش ٿي ته اهو
پاٽ جو شهر چڱو آباديءَ ۽ باغن وارو آهي، سو هٿ
ڪيون. آخر ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ اچي هاڻي جيڪا
عيدگاهه آهي اتي ويٺا. ميان عبدالنبي ڪلهوڙي جي
حڪومت سست ۽ ڪمزور هئي. چانڊين تر ۾ ظلم کڙا ڪيا.
شهر ۾ چوريون، ڦريون شروع ٿي ويون. ٻيا به ڏاڍا
ظلم ڪيائون. اهڙا جو ٻڌي سيءُ وٺيو وڃي. اوسي پاسي
وارن کي تنگ ڪري وڌائون. آخر جڏهن مخدوم سيد ميان
عبدالواحد شاهه مٺياڻيءَ وارو جيڪو خدائي وارو ۽
ڀلارو ۽ امير ماڻهو هو، تنهن پاٽ پراڻيءَ کي
پاراتو ڏنو. سيد زبان جو قهاري هوندو هو. جڏهن تپي
پاراتو ڏيندو هو ته وات مان چڻنگون نڪرنديون هئس.
جڏهن چانڊين جي ظلم جو شڪار هن جا مريد ۽ ٻيا
ماڻهو ٿيا، تڏهن پاٽ شهر کي پِٽيو ته پاٽ ڀڄي پرزا
پرزا ٿئي. موصوف جو چوڻ ۽ پاٽ جي باغن کي باهه لڳي
جا ڪنهن جي وسائڻ جي نه هئي. ان ريت 1198هه ۾ پاٽ
جو شهر ڦٽو. قاضي، ڀٽي ۽ ميمڻ وڃي مرکپور ويٺا.
چانڊين خالي گهرن کي باهيون ڏئي پٽ ڪري ڇڏيا.
آباديءَ واريون زمينون پنهنجي قبضي ۾ ڪيائون. اهو
حال هو ميان عبادلنبي جي دور جو.
نئين پاٽ جي ٻڌجڻ جو احوال
هي علائقو جڏهن مير باگي خان کي مليو ته پوءِ قاضي ميان
محمد سعيد، وڏيرو ميان يض محمد، ميان خوش محمد
جوڻيجو گڏجي ويا. مير صاحب ڏي ۽ مير صاحب کي
چانڊين بنسبت سڀ دانهون ٻڌايائون. هنن چيو ته شهر
پاٽ جا اصل حقدار اسين آهيون، مٿين چانڊين ظلم
ڪري، چوريون ۽ ڦريون ڪري اسان جو شهر ڦٽايو آهي.
اسان جون زمينون هضم ڪري ويهي رهيا آهن. جڏهن کان
توهان جي حڪومت ٿي آهي ته اسان هڪ نار آبادي ووڻن
جي لاءِ چاڙهيو ٿا ته رات جو ڀڃي ٿا وڃن. مال
وغيره چورائي ٿا وڃن. سو اسان جو انصاف ٿئي ته
اسان وري اچي پنهنجو شهر ٻڌون. مير صاحب سندن
استدعا چڱيءَ طرح ٻڌي. ميان نوتڪاڻي پنهنجي لشڪر
جو هڪ حصو وٺي پاٽ جي آسپاس آيو جو ميرن جو چوڻ
هئس ته سڌ لهي اچ ته خرابي ڪنهن جي آهي. اوسي پاسي
جي زميندارن کي گهرائي جاچ ڪيائين. سڀني چيو ته
اصل بنيادي زميندار پاٽ جا اهي مٿيان فريادي آهن،
چانڊين ظلم ڪري سندن ڳوٺ ڦٽايو آهي. تڏهن ميان
غلام علي چانڊين کي لڏي وڃڻ لاءِ چيو ۽ ايترو زور
ڀريو جو چانڊين جون زالون قرآن کڻي اهڙن حقدار
زميندارن وٽ ويون ته اسان کي مهلت ڏيو ته ٻئي هنڌ
لڏي وڃون. اها خبر جڏهن ميان غلام علي کي پئي، ته
هن چانڊين کان رضانامون ورتو ۽ چانڊين لڏڻ جا
سانباها ڪيا ۽ وڃي پاٽ جي اولهه طرف ڏاتاڻڪي واهڻ
۾ رهيا.
1202هجريءَ ۾ پاٽ جو نئون شهر وهندڙيءَ جي ڪپ تي ٻڌو.
ورڇ هن ريت ڪيائون. شهر جو اوڀر طرف سيدن، سومرن ۽
ڊکڻن کي مليو. ڏکڻ طرف جت ۽ حجم وغيره رهيا.
وهندڙيءَ جي ڪپ تي اتر طرف جوڻيجن پنهنجا گهر
اڏيا. انصارين ۽ قاضين جا محلا وچ ۾ هئا. باقي
ماڻهو ڪاسبي هوندا هئا، جهڙوڪ لوهار، واڍا، موچي،
ڪنڀر، کٽي ۽ ميربحر. سيدن پنهنجي محلي ۾ مسجد
جوڙائي. صديقين ۽ قاضين جي مسجد الڳ هئي ۽ جوڻيجن
۽ انصارين جي مسجد الڳ هئي.
نئين ڳوٺ پاٽ ۾ فيض محمد بيٺلائي ڪري ويو. ڪيترن فرار
ٿيل زميندارن جي زمين تي قبضو ڪري ورتائين.
جوڻيجن، انصارين ۽ قاضين کي ان ۾ دعويٰ ڪرڻ نه
ڏيندو هو. هن کان اڳ ج چانڊين جو غلبو هو، سي هن
جا ويري ٿي پيا. ڪلهوڙن جو دور ختم ٿي چڪو هو.
حڪمران ٽالپر هئا، جن فيض محمد کي ضبط ڪچائڻ جو
داروغو مقرر ڪيو. سعيد رڪڻ جو پاٽ کان ٻن ميلن جي
فاصلي تي آهي، اتي ضبط ڪڇڻ لاءِ ميمبرن جي ڪورٽ ۾
ضابطن سوڌو ٽڪيل هو. اتي چانڊين 1230هه ۾ هن کي
شهيد ڪري وڌو. فيض محمد جا پٽ ميان دوست محمد،
ميان عبدالنبي ۽ ميان غلام نبي پيءُ جهڙا
بيٺلائيءَ ۾ نه ٿيا. پيءُ جي مارجڻ تي ٽالپرن ۾
فرياد ڪيائون. گهڻي دريافت هلي، پر خون ڪرڻ وارن
خلاف ثابتي ڪانه ملي، مير صاحبن سڀني ذات چانڊين
کي هن ملڪ مان ڪڍي ڇڏيو.
ٽالپرن جي ڏينهن ۾ پاٽ جو احوال
ٽالپرن جي ڏينهن ۾ آباد زمين تي ڍل روڪ پئسن ۾ ڪانه
ورتي ويندي هئي، بلڪ جنس مقرر ڪاسا في جريب وصول
ڪيا ويندا هئا. مختلف ديهن جا مختلف اگهه مقرر ڪيا
ويا هئا. ڪا ديهه پنج ڪاسا، ڪا ديهه ڇهه ڪاسا، ڏهن
ڪاسن تائين اگهه ويندو هو.
محرر اَن تي مهرون هڻندا هئا. هيءَ هلت به هوندي هئي ته
مثال ڪا ديهه پنج ڪاسڪ هئي ۽ ٻي زمين غير آباد پئي
هوندي هئي ته زميندار ان زمين تي ٻيو ديهه جو نالو
وجهي ڪامورن کي ٻڌائيندا هئا ته فلاڻي ديهه ڦٽي
پئي آهي، جيڪا سڪي گهٽ رڪب ٿئي ته اسين خرچ ڪري
زمين آباديءَ لائق بنايون ته ان جو رڪبو في جريب
ٻٽو لکي ڇڏيندا هئا ته پوءِ اٺ ڪا سڪي زمين به
چوڪاسي بحال ڪري ڏيندا هئا. پاٽ جي هڪ ديهه مان
اهڙي نموني هيٺيون ديهون بڻجي ويون.
1 – ديهه پاٽ، 2 – ديهه ڄامپور، 3 – سامهين، 4 – ديهه
دٻي، 5 – ديهه ٻيٽ خام، 6 – ديهه ڪيٽي، 7 – ديهه
واهر، 8 - ديهه ويئي، 9 – ديهه درب راهو.
ڪوٽوال امين مقرر ٿيندا هئا، سائي زمين کي پَلَوَ تورڻ
لاءِ، پوءِ زميندار پاڻ ۾ ملي انهن سان سادو لکي
انهي پلو ڏيندا هئا. جيئن 15 – جريب زمين هوندي
هئي، ڇهه جريب سالم ۽ چار معاف، تنهن کان پوءِ
ضابطو مقرر ٿي ايندو هو. اصل ۾ ڪوٽار يا عام
مختيار زمين ڪڇائيندڙ هئا. ان وقت هندو جيڪي سنڌي
لکي ڄاڻندا هئا، سي ضبط جا ڪاغذ يڪدم سنڌيءَ ۾ لکي
وٺندا هئا، جن کي ڌڙوائي سڏبو هو. اهي به پٽيوالن
سان گڏ مقرر ٿيندا هئا. تن جي مٿان نگاهه رکندڙ
تحصيلدار هوندو هو. تحصيلدار اڻ پڙهيل ڄٽ هوندا
هئا.
تحصيلدار هڪڙو پرزو پنهنجي نالي واري مهر سان زميندار
ڏانهن ڪنهن سنڌي لکيري کان لکرائي موڪليندو هو.
سرڪاري ڍڪ جي اَن جا انبار هوندا هئا. زميندار
سرڪاري اَن جا ٻورا ڀرائي انبار ڏانهن موڪليندا
هئا، جتي ڌڙوائي انهن مان ڪوبه هڪڙو ٻورو توريندو
هو ۽ باقي ٻورا انهيءَ حساب سان انبار ۾ لهرائيندو
هو. ڌڙوائي وري ٽُنگر ۽ کُٿل ٻورو جاچيندو هو ۽
تور لاءِ رکائيندو هو. انهيءَ ڪري ته انهيءَ ٻوري
مان جيڪو سو ان هاريو هوندو ته ماپ سبب گهٽ ٿيندو،
۽ انبار واري کي ڪفايت پوندي. زميندار وري اهڙي
تجويز ڪندا هئا جو اهڙي خراب ٻوري ۾ ٽويو ٽويو ان
جو وڌيڪ وجهندا هئا. جيڪڏهن اهو ٻورو ڀريائون ته
سڀني ٻورن ۾ ٽوئي ٽوئي جو فائدو پوندو نه ته به هڪ
ٽويو ويو. جيستائين زميندار ڌڙوائي کي منهن نه
ڏيندو هو، تيستائين ڌڙوائي پيو بهانا ڪندو هو. چئه
ترسو ته اشنان ڪيان، روٽي کان، ڪاڳر سنڀاليان.
جڏهن کيس ڪجهه ملندو هو، تڏهن هو ۽ انبار وارو
پٽواري ان جي رسيد ڏيندا هئا. ان کان پوءِ زميندار
وڃي پٽيوالي سان ڪارداريءَ ۾ حساب سمجهندا هئا ۽
رسيدون پياريندا هئا.
ٽالپرن جي بيگر به زميندارن تي هوندي هئي. شڪار جي
مهاڙن لاءِ ڪلا گهڙبا هئا، جو پرڳڻي جي مختيارڪار
تي هزارين رکندا هئا. زميندار جهنگ مان ڪپائي آڻي
درياهه تي رکندا هئا، جي ٻيڙين ۾ چاڙهي حيدرآباد
روانا ڪندا هئا، تن جو سو ڪو نالو ڪونه وٺندو هو،
باقي جيئن راهوجا، ڏنگر، ڏوگر، اڙول وغيره ۽ ٻيا
زميندار تن تي ڪوٽارن، ڪاردارن جي گهڻي بڇ هوندي
هئي. اهڙا زميندار پاڻ کي زميندار سڏائي ساءُ ڪونه
ڪندا هئا. بيحد تڪليف هوندي هئن، ويچارا بيٺلن جي
پاسن ۾ وتندا هئا لڪندا. پنهنجي ٻنين جون بٽئيون
بيٺلن زميندارن کي ڏئي گارين ۽ موچڙن کان بچندا
هئا. رڳو امين ۽ ضابط ئي هنن کي منجهائي ماريندا
هئا. سيد ۽ بلوچ، جي ميرن جا نوڪر هئا، اڪثر ماڻهو
انهن کي پنهنجون زمينون ڏئي ڇڏيون، جيڪي آباديءَ
جي بٽئي ڪندا هئا. هي ويچارا پنهنجي ئي زمين تي
هاري ٿي پورهيو ڪندا هئا. اڳ ڪلهوڙن ۽ ميرن جي دور
۾ به اهڙا ظلم هئا.
انگريز سرڪار جي دور ۾ ريلون، تارون، ٽپال
آفيسون، ٿاڻا، اسڪول، ڪورٽون ۽ انصاف ڪرڻ وارا جج
رائج هئا.
سر ڏهر مان بيت
ٻٽيهل تو ۾ پُور، اڳيون اهه نه آب جو،
سڪئين ڪهڙي سور، پيئي واري وچ ۾.
ڍور نه اَڳينءَ ڍار، مهند ملاحن لکيو،
موڙي چوڙيا مڪڙا، پسي پاڻيءَ پار،
جودن جيها يار، پيڙا وير وماس ۾.
جان واهڙ ۾ وهه، تان تون مڇ نه موٽيو،
ڪائي ۾ ڪوهه ڪرئين، پوءِ موٽڻ جو پهه،
سَر مٿي تون سهه، مهميزون ملاحن جون.
جان جو هئڙو جال، تان تون مڇ نه موٽئين،
بوندئي اڄ ڪ ڪالهه، سانڀويون سانگن جون.
- ڀٽائي رحه |