(الف) فرائض الاسلام:
هي مخطوطو ورق 5 کان شروع ٿي ورق 172 تي ختم ٿئي ٿو.
محمد هاشم ول عبدالغفور هي ڪاب عربي زبان ۾، سن
1143هه (1730ع) ۾ تيار ڪيو. بعد ۾ مصنف پاڻ ۽ ڪجهه
ٻين بزرگن ان جو سنڌي زبان ۾ ترجمو ڪيو. بنيادي
طرح هي ڪتاب ٻن حصن (ڪتابن) ۾ مرتب ٿيو، جنهن ۾
1272 مذهبي فرضن جو ذڪر ڪيو ويو. برٽس ميوزم ۾
موجود ان جو قلمي نسخو، خود مصنف پاران پهرئين
ڪتاب جو ترجمو آهي، جنهن ۾ 332 فرضن جو بيان ٻن
ڀاڱن (i)
اعتقادي فرض (ii)
عملي فرض – سري سان ملي ٿو
(1)
هن نسخي جو ڪاتب ڀڄ نگر جو حافظ مٺو ولد علي محمد
سومرو آهي. ابتدائي سٽون هن ريت آهن:
سڀ ساراه تھ صاحب کي جوڙئا جھ جهان
عرض خلقاءِ ڪرسي ڀون ۽ آسمان
اڀ ڪئاءِ تارن سين رهمتا روشان
پيدا ڪئاءِ قدرت سين ڪوڙ:ن لکھ انسان
ڪي ڪافر ڪئاءِ تن منجهان ڪي پڻ مسلمان
ڪميڻن سين ڪرم ڪري اڙين سين احسان
هن ڪتاب جي ڪجهه وڌيڪ ترجمن جو ذڪر هيٺ اچي ٿو.
(ب) زادالفقير:
هي نسخو ورق 173 کان شروع ٿي ورق 242 تي ختم ٿئي ٿو.
مخدوم محمد هاشم عام ماڻهن جي ڀلي خاطر هي ڪتاب
سنڌي زبان ۾ تيار ڪيو. هن ۾ روزي بابت بحث ڪيو ويو
آهي. هي ڪتاب سن 1125هه (1713ع) ۾ تيار ٿيو. مٿئين
نسخي وانگر هن جي ڪتابت پڻ سن 1152هه ۾، حافظ ميان
مٺو ولد علي محمد سومري جي هٿان ٿي. مخدوم صاحب جي
هن ڪتاب کي ’زاد المسڪين‘ به سڏيو ويو آهي.
ڪيٽالاگر موجب هي ڪتاب مصنف جي ’راحت المومنين‘ ۽
عبدالخالق جي ’مطلوب المومنين‘ سان، سال 1873ع ۾
بمبئي مان ڇپيو هو. ابتدا هن ريت آهي:
ڪرهو حمد حڪيم کي ساراهئو سلطان
رحمتھ سين رحيم جنهن اپايو جهان
سيهي کان سون ڪري سٻاجهو سبحان
نازل ڪئاءِ نبي اتي سوهارو فرقان
جو سوهائي اسوهن کي ڄاڻائي اڄاڻ
(2)
فرائض الاسلام
هن نسخي جي ڪيفيت هن ريت آهي: داخلا نمبر 3330، 26
ADD؛
ورق 458؛ ڊيگهه ساڍا نَوَ انچ: ويڪر پوڻا پنج انچ؛
هر صفحي تي 12 سٽون، سٽن جي ڊيهه ساڍا ٽي انچ
خوشخط تحرير؛ ڪتابت آغاز اوڻهين صدي.
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي ڪتاب’فرائض الاسلام‘ جو هي
ڪتاب سنڌي شعري ترجمو آهي. ڪيٽالاگ موجب هي ترجمو
عبداللطيف ڪيو آهي، جيڪو پڪ سان شاهه عبداللطيف
ڀٽائي نه آهي (ص 32). پهرئين ڪتاب جو ترجمو ٻن
بابن ۾ آهي، ۽ مخدوم عبدالله جي ترجمي جي نزديڪ
آهي، جنهن کي جزوي ڦيرڦار بعد عبداللطيف پنهنجي
پاران ڪيل، فرائض اسلام جي ٻئين ڪتاب جي ترجمي سان
شامل ڪري مڪمل ڪيو آهي. هي ڪم سن 1181هه (68 –
1767) ۾ پورو ٿيو، جيئن هنن ٻن سٽن مان ظاهر ٿئي
ٿو.
فقير عبداللطيف ڪئي سنڌي تصنيفا
منجهه وره ايڪساي ڪاره ساپُوا
(ڪيٽالاگ، ص 36)
هن نسخي جي ابتدا هن ريت ٿئي ٿي:
سڀ ساراه ساءِ کي جوڙئا جھ جهان
عرش اپاياءِ ڪرسي ۽ ڀون ۽ آسمان
ڏيئي ڏات حضرت رسول کي مڪاءِ فرقان
ڪئاءِ سج ۽ چنڊ سين عالم کي روشان
ڏناءِ مورا تن کي منزل مڪان
پيدا ڪياءِ پاتشاه زمين زمان.
ياد رهي ته ’فرائض الاسلام‘ مخدوم ابوالحسن جي ڪيل
غلطين جي اصلاح واسطي تيار ڪيو ويو هو. هن نسخي جو
ترجمو ڪندڙ (عبداللطيف)، مخدوم محمد هاشم جو ٻيو
نمبر پٽ هو.
(3) شاهه جو رسالو
سنڌي شعر جي ڪلاسڪس جي هن نسخي جي ڪيفيت هن ريت آهي.
داخلا نمبر 2987
OR؛
ورق 284؛ 6 انچ ويڪر؛ هر صفحي تي 11 سٽون، تختيءَ
جي ڊيگهه اڍائي انچ؛ سهڻي صروتخطي؛ اوڻهين صديءَ
جو نسخو. ابتدائي ٽي بيت هن ريت ملن ٿا.
پرتوو پنهونءَ جو جهڙ جئن جهالا ڏي
آءٌ تنهن آريءَ کي وٺيو راه رئان گهڻو.
پرتوو پنهونءَ جو ڪي ڇانئين ڪي اس
قرباڻي ڪُس آهي ڪر ٻڪر ڙي.
---
پر توو پنهونءَ جو رڳيائي راحت
ڀانيان ڏينهن ڀوراءِ ساڄن لاءِ صحت
مٺي مصيبت آهي آري ڄام جي.
ڊاڪٽر گربخشاڻي رسالي جي ٽئين جلد (مطبع، سال 1931ع) ۾،
سڀ کان اول هن نسخي کي استعمال هيٺ آندو. سنڌ جي
سڄاڻ عالم محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب، سال
1969ع ۾ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز پاران ان کي ڇاپي
پڌرو ڪيو آهي.
(4) چئن مذهبي رسالن جو مجموعو
هي چار مذهبي رسالا (ڪتاب) شعر ۾ آهن. هن جلد جي ڪيفيت
هن ريت آهي. داخلا نمبر 2988.
OR؛
ورق 289؛ ڊيگهه 8 انچ؛ ويڪر پوڻا ڇهه انچ؛ هر صفحي
تي 13 سٽون تختي پوڻا چار انچ؛ خوشخط تحرير: ڪتابت
ارڙهين صدي. هن جلد ۾ مواد جي ڪيفيت هن ريت آهي.
(الف) آيته الڪرسي:
هي مختصر ڪتابچو ورق 1 کان شروع ٿي ورق 9 تي پورو ٿئي
ٿو. هي آيتھ الڪرسي (سوره البقر: آيت 252) جو
منظوم شرح آهي. مذهبي عالمن موجب اسم اعظم به ان ۾
شامل آهي. جيڪو گهڻو ڪري ”الله“ جو ذاتي نالو آهي.
ابتدا:
وڏائي تھ واحد کي وڏي جھ وصفا
ڪندو ڪير تهجي واتا واکاڻا
پڻ هوءِ صلوات سچي رسول اتي دائم مداما
جي سي اُلهي اُڀري ڪرسي شمس شعاعُ.
ڪيٽالاگر هن شرح جو وڌيڪ تفصيل نه ڏنو آهي. ڊاڪٽر شمل
هن نسخي جي مطالعي بعد راءِ ڏني آهي، ته هي تفسير
مخدوم ابوالحسن جي ڀاڻيجي ميان عبدالله واعظ جو
ڪيل ڏسجي ٿو. شارح ان ۾ سيد عبدالقادر جيلاني لاءِ
چيل قصيدو به شامل آهي. جنهن مان پڪ ٿئي ٿي، ته هو
قادري سلسلي جو بزرگ هو
(1)
(ب) مقدمتھ الصوات:
مخدوم ابوالحسن جي هي تحرير ورق 10 کان شروع ٿي ورق 64
تي ختم ٿئي ٿي. هن ۾ نماز بابت بحث ٿيل آهي. نسخي
جي ابتدا هن ريت ٿئي ٿي:
ساراهجي سو ڌڻي سندو جھ فرمان
مڃئو مڙن مومنن آنداءُ ايمان
تھ ساراهي سڀڪو منجهه پٽاندر پاڻ
ماڙهو مرون پکڻ پري مَلڪ مت سڃاڻ.
مخدوم صاحب جي هيءَ ڪاوش متعدد ڀيرا ڇپجي چڪي آهي.
(ت) فرائض الاسلام:
مخدوم صاحب جي ’فرائض الاسلام‘ جي هيءَ هڪ وڌيڪ ڪاپي
آهي، جيڪا ورق 65 کان شروع ٿي ورق 241 تي ختم ٿئي
ٿي. تفصيل نه ڏنو ويو آهي.
(ث) شهادت امام حسن ۽ حسين:
امامن سڳورن جي شهادت جو هي مذڪور ورق 242 کان شروع ٿي،
ورق 288 تي ختم ٿئي ٿو. بلم هارڊٽ هي تصنيف مخدوم
محمد هاشم ڏي منسوب ڪئي آهي. هن ۾ شهادت امام حسين
۽ امام حسن جي واقعات کي منظوم بيان هيٺ آندو ويو
آهي. مخدوم محمد هاشم جا سوانح نگار، هن تصنيف
بابت خاموش ڏسجن ٿا. ابتدا –
اغثني يا رسول الله حانفت ندامتي
اغثني يا حبيب الله قامت قيامتي
رسهم رسول رب جا اجها عاجزن
سٻاجها سڀ ....... مرڪن مرسلن
سونهارا سڀ ....... سندا سونھ سڀن
سڳورا سڀ خلق جا منجھ ٻن جهانن
(5) روضه الشهداءِ
ڪيٽالاگ ۾ نسخي جو نالو ’روضتھ الشهيد‘ لکيو ويو آهي،
جو درست ڪونهي. هن مخطوطي جي صورتحال هن ريت آهي:
داخلا نمبر 6535
OR، ورق 235، ڊيگهه ساڍا 7 انچ، ويڪر ٽي سڄا ٽي ڀاڱي چار انچ، هر
صفحي تي 11 سٽون، پٽي 3 انچ. ڪتابت ارڙهين صدي، خط
اڻ وڻندڙ. هن ۾ پڻ امامن سڳورن جو بيان شعر ۾ ڏنل
آهي. ابتدا –
ساراهيان سو ڌڻي جو خالق خلق خدا
۽ پڻ صلوات سائين جون مٿي محمد شا
ساري سڻو مومنا هاڻي هن اتا
ته چوٿون خلفاء الراشدين منجا حضرت
علي المرتضيٰ
جو سوٽ سچي سيد المرسلين جو ۽ پڻ دامادا
صاحب ساراهيو جنهن کي منجهه سور
”هل اتي!)
(1)
ڪيٽالاگ هن ڪتاب جي مصنف يا مترجم باب خاموش آهي (ص
38). کوجنا ڪندڙن البته ”روضتھ الشهداءِ“ جي منظوم
سنڌي ترجمي جو ڏس ڏنو آهي، جيڪو مولوي احمد مرحوم
هڪ پارسي ڪتاب تان سن 1172هه/ 1758ع ۾ تيار ڪيو هو
(2)
(6) هڪ مذهبي رسالو
هن جو ڪو چٽو نالو نه لکيو ويو آهي ۽ نه وري مصنف بابت
ڪجهه ٻڌايو ويو آهي. حافظ عبدالرحيم ان کي اوڻيهين
صديءَ جي ابتدا ۾ نقل ڪيو آهي. نسخي جي ڪيفيت هن
ريت آهي: داخلا نمبر 333، 26
ADD؛
ورق 123، ڊيهه 9 انچ، ويڪر پوڻا 6 انچ، هر صفحي تي
13 سٽون، تختي پونا 4 انچ، اوڻيهين صديءَ جو نسخو.
ابتدا –
ڪريا ثناء سائي کي مٿي تھ رضاءَ
چئو صلوات سلامن سي مٿي مير محمدا مرتضا
۽ پڻ اتي آل اصحاب انجي تاسي ڏيھ جزاءَ
(7) ٻه اسلامي ڪتاب نظم ۾
هن جلد ۾ ٻه مذهبي رسالا درج آهن. هي نسخو برٽش ميوزم ۾
332، 26
ADD
تي داخل آهي. مخطوطي جي ڪيفيت هن ريت ملي ٿي؛ ورق
181، ڊيگهه ساڍا 9 انچ، ويڪر ساڍا 4 انچ، هر صفحي
تي 15 سٽون، تختي ساڍا 3 انچ، غالباً اوڻيهين
صديءَ جي تحرير. هن جلد ۾ موجود مواد هن ريت آهي:
(الف) بدر المنير:
هي نسخو ورق 3 کان شروع ٿي ورق 156 تي ختم ٿئي ٿو. هن
سالي ۾ موت ۽ وري زنده ٿيڻ بابت بيان آهي. ابتدا –
آهي حمد الله کي جل جلالھ سڀڪا ساراها
قدرت سين قدير جنهن عالم اپايا
عدم ڪنا وجود ۾ سڀ آندا اشياء
خلقت ڪئاءِ خاڪ منجها سندي انساناءِ
جي عطا ڪئاءِ تن کي عقل ۽ عِلما
سبب جنهن جي سڀڪا پوين پروڙا
هي تصنيف سن 1185هه/1770ع ۾ مڪمل ٿي ۽ مخدوم عبدالله ڏي
منسوب آهي. هن کان علاوه مصنف، غزوات، فرائض
الاسلام، ڪنز العبرت، نورالابصار، ۽ صفت بهشت
تحرير ڪيا، وري ترجمو ڪيا (ڪيٽالاگ، ص 37 ۽ 39).
ارڙهين صدي عيسويءَ ۾ مخدوم عبدالله جي نالي سان
ٻه بزرگ ٿي گذريا آهن. هڪ ٺٽي جو بزرگ هو جيڪو
مخدوم عبدالله واعظ سڏجي ٿو ۽ ٻيو بزرگ ذات جو
منڌرو هو ۽ سنڌ مان لڏي وڃي ڪڇ ۾ تڪيو. مٿي ذڪر
ڪيل تصنيف وتاليف مخدوم عبدالله منڌي ڏي منسوب آهي
(1).
(ب) نماز بابت رسالو:
هي نخسو ورق 157 کان شروع ٿي ورق 181 تي ختم ٿئي ٿو،
جنهن ۾ مختلف ڪيفيات ۾ نماز جي ادائگيءَ واسطي
هدايتون ڏنل آهن. مصنف يا مترجم بابت وضاحت نه ڪئي
وئي آهي. ابتدائي ڪلمات هن ريت ملن ٿا.
ساراهيان سو ڌڻي جو قادر ڪريما
جنهن جا جهان ۾ چلن چتر چاراه
جن ڏٺي تماشو ٿئي ملڪ ۾ مولا
سُڻو سڀيئي مومناه هي ڪَنَنِئا
توکي پاڻ پيدا ڪيو ڪارڻ نبي ڪريما
لولاڪ ما اظهر ته ربوبيتي سندو جھ ثناءِ.
(8) مخدوم عبدالله جو ڪتاب
مخطوطي جو نالو نه ڄاڻايو ويو آهي. گمان غالب آهي ته هي
تصنيف پڻ ’بدر المنير‘ جي صاحب مخدوم عبدالله جي
آهي، جنهن ۾ ڪجهه مذهبي مسئلن جي اپٽار ڪيل آهي.
هن نسخي جي ڪيفيت هن ريت آهي. داخلا نمبر 334، 26
ADD.؛
ڪل ورق 90؛ ڊيگهه ساڍا 8 انچ، ويڪر ساڍا 4 انچ؛ هر
صفحي تي 13 سٽون، تختي سوا 3 انچ؛ غالباً اوڻهينءَ
صديءَ جي ابتدا ۾ لکيل.
ابتدا:
الف الله تالا جي ڪر پرت سان پچار
ظاهر باطن ذڪر سو سوير منجهه سنڀار
خالي ڪر مَ خيال کي... ڪر انڪار
مولي جي محبت سين ڪر ورنھ وير وتار
ڪڍي ڇڏ قلب کان غير جي گفتار.
(9) پنجن سنڌي نظمن جو مجموعو
هن ڪيلڪشن ۾ مختلف عنوانن تي پنج نظم گڏ ڪيل آهن. داخلا
نمبر 6533
OR؛
ڪل ورق 127؛ ڊيگهه پوڻا 8 انچ، ويڪر سوا 4 انچ؛ هر
صفحي تي 11 سٽون؛ تختي 3 انچ؛ ارڙهين صديءَ جي
پهرئين اڌ ۾ لکيل. هن جلد ۾ مواد جي جدا جدا ڪيفيت
هن ريت آهي.
(الف) شان رسول ڪريم صلعم:
هي مختصر نظم ورق 1 کان شروع ٿي ورق 10 تي ختم ٿئي ٿو.
ابتدا:
سراهجي سو ڌڻي جھ اپايا اڀءَ
سوهاري سلطان جي خلق سوهاري سڀ.
(ب) پيغمبر اسلام جي پيدائش:
هي نظم ورق 13 کان ورق 46 تائين آهي. ابتدا هن ريت آهي.
ساراهجي سو ڌڻي جو قادر ۽ قديم
خالق رازق سڀن رحمان ۽ رحيم
رحمت تهجي دائما اپر ات ڪثير
وسي واسي ميھ جيئن مٿي محمد مير.
(ت) رسول ڪريم ۽ بيبي خديجھ جي شادي:
هن مختصر ڪتابڙي ۾ ورق 47 کان ورق 102 تائين، حضرت محمد
صلعم ۽ بيبي خديجھ سڳوريءَ جي شاديءَ جي واقعي کي،
منظوم بيان هيٺ آندو ويو آهي. ابتدا هن ريت ملي
ٿي.
................ پاتشاهه وڏي ڌي هئي.
صفت سونهن حسين سين خلق ذات ڌي
پئي پڻ هئس پاتشاهه سدر سلطنت
ڪي پڻ چون غني ۽ جهجهي مال کرت.
(ث) جمجمھ بادشاهه جو قصو:
هي قصو مخطوطي جي ورق 103 کان شروع ٿي ورق 110 تي پورو
ٿئي ٿو. قصي جي ابتدا هن ريت ٿئي ٿي.
ساراهجي سو ڌڻي جو سڀن ساراه
اپائي ۽ کپائي لهي سڀن پاءُ
صفت جي سبحان جي آهين ڌي ڌراء
ڪار ساز و صانع و ارض و سماء.
(ج) شهادت علي اڪبر:
ورق 111 کان ورق 127 تائين، شهزادي علي اڪبر پٽ امام
حسين جي شهادت جو ذڪر ڪيو ويو آهي.
واکر ورائي موٽيو تهان پوءِ سالار
آب ارتي ڪاڏهون اوتياءُ اپار
امير علي اڪبر نڱو تهن هن منجهان
پيرين پئو امام حسين کي موڪل گهرياءِ مُها.
هن مخطوطي جي ورق 120 تي، ڪاتب جو نالو عبدالواسع ملي
ٿو.
(10) چئن مذهبي نظمن جو مجموعو
هن قلمي نسخي جي ڪيفيت هن ريت آهي. داخلا نمبر 335، 26
ADD.؛
ڪل ورق 189؛ ڊيگهه 7 ۽ 8 انچ؛ ويڪر 4 انچ؛ هر صفحي
تي 11 کان 12 سٽون؛ تختي پوڻا 3 انچ؛ ڪتابت ارڙهين
صديءَ جي ابتدا جي. هن جلد ۾ جدا جدا مواد جا
مندرجات هن ريت ملن ٿا.
(الف) صفت بهشت:
مخدوم عبدالله جو هي رسالو ورق 1 کان ورق 49 تائين آهي،
جنهن ۾ بهشت جو ذڪر مختلف عربي ڪتابن تان اخذ ڪري،
روايتي انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي. مخدوم صاحب هن
تصنيف جي ابتدا هن ريت ڪري ٿو.
چوونجاه بابت ڪتابجو سڻو سٻوجا
ڪريان صفت بهشت جي ڪا تنهن ۾ بيانا
لکن ڪتابن ۾ ان پر ٿا علما
تا ڪيئن بهشت اپائيو آهي مٿي اڀن ڪنا.
هن مختصر ڪتابچي جو ڪاتب حافظ عبدالرحيم آهي، جو ڀڄ نگر
جو ويٺل هو.
(ب) بيبي خديجھ جو خواب:
غلام محمد نالي هڪ بزرگ عربي ذريعن تان، ترجمو ڪري هن
رسالي ۾ بيبي خديجھ جي هڪ خواب کي بيان ڪيو آهي.
هن مخطوطو ورق 50 کان ورق 120 تائين اچي ٿو. ضميمي
طور شاهه عبداللطيف جا ست بيت پڻ شامل ڪيا ويا
آهن. ابتدا هن ريت ٿئي ٿي.
صفت ساراه سڀڪا سائي ثناء
واجد واحد وحده هادي هميشا
رازق رب اللعالمين مولو معبودا
ڄاڻي قديم ٿو پيدا ۽ پنها.
(ت) مقدمه الصلوات:
مخدوم ابوالحسن جي مقدمھ الصلوات جي هڪ وڌيڪ ڪاپي آهي،
جيڪا ورق 121 کان شروع ٿي ورق173 تي، ختم ٿئي ٿو،
جنهن ۾ روايتي تعارفي ڪلمات شامل نه آهن.
(ث) چو علمي:
هي چو علمي ورق 164 کان ورق 189 تائين تحرير ٿيل آهي ۽
ان م اسلامي عقيدن ۽ عبادتن بابت بيان ملي ٿو.
هيءَ تحرير پڻ مخدوم ابوالحسن جي ”مقدمھ الصلوات“
۽ ٽن متفرقھ رسالن سان گڏ هي چو علمي پڻ سال 1869ع
۾ بمبئي ۽ سال 1870ع ۾ ڪراچي مان ڇپي آهي. هن جي
شروعات هن ريت ٿئي ٿي.
ساراهجي سو ڌڻي جو خالق خلق
تھ سندي فرمان ۾ مَارو مِرو مَلڪَ
ان.... ڪيترا ڪوڙين پدم لک
ات اپايا پاتشاهه عالم گهڻا الک.
(11) متفرق مذهبي نظم
هن نسخي جي ڪيفيت هن ريت آهي. داخلا نمبر
1238
OR؛ ڪل ورق 477؛
ڊيگهه 10 انچ، ويڪر ساڍا 7 انچ، هر صفحي تي 11 کان
18 سٽون؛ تختي ساڍا 5 انچ. هيءُ قلمي نسخو خواجڪي
خط ۾ سنبت 1909 ۽ 1910 ۾ (سال 1852 ۽ 1853ع)، ڪڇ
ڀڄ ۾ تيار ٿيو، جنهن ۾ متفرقه مذهبي نظم شامل آهن.
مخطوطي ۾ ڪل اٺ ننڍا ننڍا رسالا آهن، جنهن بابت
ابتدا ۾ هڪ انڊيڪس شامل ڪيل آهي. ڪيٽالاگر وضاحتي
ذڪر گجراتي رسم الخط ۾ ڪيو آهي. (ص 40، داخلا نمبر
11).
|