علامه امداد علي قاضي
غلام رباني آگرو
“Now Said She, `She know the cause,
or the chief cause, of your sickness
you have forgotten
what you are!”
- BOETHIUS
Gai Eaton: King of the Castle.
سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينٽرل لئبرريءَ وٽان هڪ سڙڪ،
ٽڪريءَ تان هيٺ لهي، ڪراچي کان حيدرآباد ويندڙ سپر
هاءِ وي ۾ داخل ٿئي ٿي.
ٻي سڙڪ وائيس چانسيلر جي گهر جي اڳيان نڪري ٿي، ۽ اڳتي
هلي، مٿي ذڪر ڪيل سڙڪ کي اورانگهي، ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ
۽ سنڌي ادبي بورڊ جي اڳيان لنگهي، سنڌ يونيورسٽي
ريلوائي اسٽيشن وٽ ساڳئي سپر هاءِ وي ۾ داخل ٿئي
ٿي.
ٻنهي سڙڪن جي چوراهي (ڪراسنگ) وٽ، سنڌ يونيورسٽيءَ جي
جامع مسجد آهي، جنهن جي پاسي ۾ هڪ قبي يا ڇٽيءَ
هيٺان سنگمرمر جون ٻه قبرون آهن، هڪ ۾ علامه امداد
علي قاضي ۽ ٻيءَ ۾ سندس جرمن گهرواري مئڊم ايلسا
قاضي ابدي آرام ۾ آهن.
ڏهاڪو سال اڳ جڏهن مان سنڌ يونيورسٽيءَ سان بطور پرو –
وائيس چانسلر وابسته هئس، تڏهن اڪثر ڪري، جمعي جي
نماز پڙهڻ لاءِ جامع مسجد ۾ ويندو هوس. نماز کان
پوءِ ڪن ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهن کي علامه صاحب جي مزار تي
دعا گهرندي ڏسندو هوس، ورنه روزمره مزار سان لاڳو
سڙڪ تان ايندڙ ويندڙ راهگيرن کي مون ڪڏهن به دعا
لاءِ هٿ کڻندي ڪونه ڏٺو. ان جو مکيه سبب شايد
اهوئي هو، ته اڪثر راهگير کي اها ڪل ئي ڪانه هئي
ته علامه صاحب ڪير هو ۽ سنڌ جي تاريخ ۾ سندس مانُ
مرتبو ڪهڙو آهي.
جلال الدين رومي مثنويءَ ۾ هڪ قصو بيان ڪيو ته هڪ
شينهن، مينهن ۽ طوفان کان ستائجي، رات جي وڳڙي ۾
هاريءَ جي گهر لنگهي آيو ۽ مال جي وٿاڻ ۾ وڃي ليٽي
پيو. هاري پنهنجي دستور موجب اڌ رات جو ننڊ مان
اٿيو، رات اونداهي هئي، پر مال جي سڌ سماءُ لهڻ
لاءِ وٿاڻ ۾ ويو. گاهه جو ڀاڪر ڀري ڍڳن جي اڳيان
اڇلايائين ۽ پوءِ پيار مان مٿن هٿڙا گهمائڻ لڳو.
ستل شينهن کي به ڍڳو سمجهي، سندس پٺيءَ تي هٿڙا
گهمائي، چوڻ لڳو ته، ”ڀٽارا، تون ته سڄوئي مينهن ۾
پسي پيو آهين.“
روميءَ چيو آهي ته هاريءَ جو اهو سڄو عمل سراسر
اڻڄاڻائيءَ ۾ هو. جي ڏينهن ڏٺي جو سندس نظر شينهن
تي پوي ها ته هوند دهشت ۾ ئي بيهوش ٿي وڃي ها.
علامه صاحب جي عظيم شخصيت سان به ساڳي حالت آهي. ڪن
داڻن ڪڻن کان سواءِ نه يونيورسٽيءَ جي رهاڪن کي ۽
نه وري ڪم ڪار سانگي ڪيمپس تي ايندڙ اجنبين کي
سندس عظمت جو احساس آهي(1)
محترم علي احمد بروهيءَ هڪ دفعي علامه صاحب جي شخصيت متعلق چيو
هو ته ”سنڌ ڀٽائيءَ کان پوءِ جيڪو وڏي ۾ وڏو ماڻهو
پيدا ڪيو، سو شايد علامه قاضي هو.“
ٻئي دفعي محترم محمد ابراهيم جويي، علامه صاحب جي شخصيت تي
تصبرو ڪندي مون کي چيو ته، ”اڻويهين صديءَ جي سنڌ،
جيڪو وڏي ۾ وڏو ذهن پيدا ڪيو، سو غالباً علامه
قاضي هو.“
حقيقت ائين ي هجي يا ڪجهه مختلف، ان ڳالهه ۾ بهرحال ڪوبه شڪ
ڪونهي ته سونهاريءَ سنڌ جي ڪُکِ ڪڏهن به خالي ڪانه
رهي آهي. ڪيئي هيرا لعل ايندا ويندا رهيا آهن.
علامه قاضي پنهنجيءَ جاءِ تي هڪ املهه ماڻڪ هو.
مون کي سنڌي ادي بورڊ، سنڌ يونيورسٽي ۽ اڪادمي
ادبيات پاڪستان جي ملازمت دوران گهڻن ئي مکيه
ماڻهن، مدبرن، مفڪرن، عالمن ۽ اديبن سان ملڻ جو
موقعو مليو آهي، پر اڄ تائين مون کي علامه صاحب
کان وڌيڪ قدآور شخصيت نظر ڪانه آئي آهي. جيڪڏهن
مون کان اهو سوال ڪيو وڃي ته، ”تو پنهنجيءَ
حياتيءَ ۾ ڪو عظيم انسان به ڏٺو؟“ ته مان بنا هٻڪ
جي جواب ڏيندس ته ”هاو، مون علامه آءِ. آءِ.
قاضيءَ کي ڏٺو.“ جيتوڻيڪ، مون کي اهو به احساس آهي
ته قدرت مون کي ڊاڪٽر حميد الله جي زيارت نصيب
ڪئي.
علامه صاحب جي عظمت فقط سنڌ تائين محدود ڪانه هوندي هئي. سنڌ
کان ٻاهر، پاڪستان توڙي هندستان ۾، ڪييترائي معتبر
ماڻهو سندس معترف هوندا هئا.
مون علامه صاحب وٽ هندستان جي صدر ڊاڪٽر ذاڪر حسين جو هڪ خط ڏٺو
هو، جنهن ۾ ۾ لکيو هئائينس ته ”زندگيءَ جون جيڪي
گهڙيون اوهان جي صحبت ۾ گذريو، سي منهنجو عزيز
ترين سريامهء حيات آهن.“
ڊاڪٽرذاڪرحسين جيڪڏهن هندستان جو صدر نه به هجي ها، تڏهن به
اوڏوئي وڏو ماڻهو ليکجي ها. جڏهن عالمه صاحب هي
جهان ڇڏيو، تڏهن پاڪستان جي صدر کان اڳ سندس تعزيت
جو پيغام آل انڊيا ريڊيو نشر ڪيو هو.
مولانا ابوالڪلام آزاد هنستان جي ورهاڱي کان اڳ، جڏهن ڪراچيءَ
آيو هو، تڏهن جناح ڪورٽس واري مسجد ۾ جمعي جي نماز
پڙهڻ ويو هو. علامه قاضي اتي ليڪچر ڏيندو هو. امام
الهند ابوالڪلام آزاد صاحب جي ليڪچر ٻڌڻ کان پوءِ
سندس پٺيان جمعي جي نماز پڙهي هئي.
سائين غلام مصطفيٰ قاسميءَ مون سان ڳالهه ڪئي ته امام انقلاب
مولانا عبيدالله سنڌي پنهنجي رفيق ۽ سنڌ جي جليل
القدر عالم مولانا محمد صادق کڏي واري کي ساڻ ڪري،
علامه قاضيءَ سان ملائڻ وٺي ويو. تعارف دوران
مولانا محمد صادق چيو ته ”سائين، مان علامه صاحب
کي سڃاڻان ٿو.“ اهو ٻڌي مولانا سنڌي گرم ٿي ويو ۽
فرمايائين ته، ”تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين، جيڪڏهن تون
علامه صاحب کي سڃاڻندو هجين ها ته مون کي ساڻس
ملائڻ وٺي اچين ها.“
سنڌ جي سياستدانن ۾ علامه صاحب جو وڏي ۾ وڏو عقيدتمند غالباً
سائين جي – ايم – سيد کي ئي قرار ڏيئي سگهجي ٿو.
پنهنجي يادگيرين جي ڪتاب ”جنب گذاريم جن سين“ ۾ هڪ
هنڌ لکيو اٿس ته، ”ڪتابن پڙهڻ ۽ غور فڪر ڪرڻ بعد
مون کي مذهب جي عام بيان ڪيل عقيدن بابت ڪيئي شڪ
شبها پيدا ٿيا هئا. انهن جي حل ڪرڻ لاءِ ڪيئي در
ڏسڻا پيا هئم. ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ ۾ قاضي صاحب جي
ملاقات ٿيڻ بعد وٽس وڃي مختلف سوالن تي تفتيش ڪندو
رهيس. کيس پنهنجي ذهني استادن ۾ شمار ڪريان ته
بيجا نه ٿيندو.“
”3 – مارچ 1943ع تي اسيمبليءَ ۾ پاڪستان لاءِ ٺهراءَ پيش ڪرڻ
وقت ڪيل تقرير، توڙي ڊسمبر 1943ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ٿيل
آل انڊيا مسلم ليگ اجلاس ۾ صدر استقباليه طور جو
خطبو پڙهيو هوم، اهي ٻيئي سندس صلاح ۽ رهبريءَ سان
تيار ڪيا هئم.
”1945ع ۾ پهريون دفعو جڏهن جناح صاحب سان مسلم ليگ پاليسيءَ جي
سوالن تي اختلاف پيدا ٿيا هئم ۽ اوچتو جناح صاحب
اڳيان بنا شرط جي سر تسليم خم ڪيو هئم، اهو به
سندس هدايت ڪري ئي هو.“
(1)
مرحوم محمد ايوب کهڙو به علامه صاحب جو وڏو عقيدتمند هوندو هو.
علامه صاحب جڏهن وائيس چانسيلر جي عهدي تان
استعيفا ڏيئي ڇڏي، تڏهن کهڙي صاحب کيس سڪ سان سنڌي
ادبي بورڊ ۾ ”عالم“ جو عهدو آڇيو ۽ عرض ڪيو ته
اوهان انگريزي زبان ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ تي
تعارفي ڪتاب لکي ڏنو.
جڏهن علامه صاحب کهڙي صاحب جي آڇ قبول ڪئي، تڏهن هن وڏي فخر سان
اهو ڪتاب پاڪستان ۾ رهندڙ دنيا جي سفيرن ڏانهن
پنهنجي خط سان گڏ تحفي طور موڪليو. کهڙو صاحب انهن
ڏينهن ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو صدر هوندو هو.
سنڌ جو ٻيو هڪ اڳواڻ مرحوم ميران محمد شاهه سنڌي ادبي بورڊ جو
اعزازي سيڪريٽري هوندو هو. مان نائب سيڪريٽري
هوندو هئس. هڪ دفعي سائين ميران محمد شاهه مون کي
ساڻ ڪري، علامه صاحب سان ملڻ هليو. اهو سوچي ته
مبادا مان اتي اٻهرائيءَ سان ڪا ڳالهه ڪريان، هو
مون کي رستي تي سمجهائيندو هليو، ”ميان، علامه
صاحب سان ڳالهائڻ ۽ کيس ڪا ڳالهه مڃائڻ آهي مکڻ جي
سيخ پچائڻي، سو تون، خاموش رهجانءِ ۽ مان پاڻيهي
راز رمز سان ساڻس ڳالهه ڪڍندس.“
سنڌ جو ممتاز مورخ پير حسام الدين راشدي جڏهن حيدرآباد ايندو
هو، تڏهن وڏيءَ سڪ سان علامه صاحب سان ملڻ هلندو
هو. پاڻ ادب ڪري علامه صاحب سان نوڙي ملندو هو، پر
علامه صاحب کيس ڇڪي ڀاڪر پائيندو هو.
هڪ دفعي پير صاحب حيدرآباد آ:و ۽ اسان ٻئي گڏجي علامه صاحب سان
ملڻ وياسين. موٽي شيخ علي محمد صاحب وٽ عبرت اخبار
۾ آياسين، جتي رات جي ماني ساڻس گڏجي کاڌيسون. هو
تڏهن عبرت جو ايڊيٽر هوندو هو. انهن ڏينهن ۾ پير
صاحب شاهه ايران سان ملاقات ڪري آيو هو. مون ان
ملاقات جي خبر ”عبرت“ ۾ ڏيئي ڇڏي.
ٻئي ڏينهن صبح سان علامه صاحب جي مون کي فون آئي. چيائين ته
”ابا هاڻي حسام الدين ڀلا بادشاهن سان ملاقاتون ٿو
ڪري، سو اسان سان سندس سڪ ۾ مڙئي ڪمي آئي آهي.“
مون جڏهن پير صاحب سان اها ڳالهه ڪئي، تڏهن مُرڪي
چيائين ته ”بابا ڪالهه عالمه صاحب سان مليس ته
واقعي ڀاڪر پائڻ ۾ ٿورڙو فرق پيو، پر اهو ارادتا
ڪونه هو. بس، مان ڪنهن خيال ۾ هئس.“
انهيءَ ڏينهن شام جو اسان ان ڪوتاهيءَ جي تلافيءَ لاءِ دوبارهه
علامه صاحب سان ملڻ وياسين ۽ پير صاحب نهايت
عقلمنديءَ سان علامه صاحب سان پنهنجيءَ سڪ جو
اظهار ڪيو. ان موقعي تي يا ڪنهن ٻئي موقعي تي سندس
تصويرون ڪڍيون، جن مان هڪ ۾ مان به شريڪ ٿيس.
پير صاحب جي وڏي ڀاءُ علي محمد راشديءَ کي مون ڪڏهن به علامه
صاحب وٽ ايندي ويندي ڪونه ڏٺو، ليڪن علامه صاحب جي
وفات تي مٿس جيڪو جنگ اخبار ۾ مضمون لکيائين، تنهن
جو ترجمو محترم محمد ابراهيم جويي سنڌي زبان ۾ ڪيو
۽ ان تي نوٽ هنيو ته، ”هن مضمون مون کي بار بار
رئاريو.“
اڪثر ماڻهو مرحوم اي. ڪي. بروهيءَ کي علامه صاحب جو حقيقي وارث
قرار ڏيندا آهن. مرحوم اي. ڪي. بروهي علامه صاحب
کي روحاني پيءُ ڪوٺيندو هو. علامه صاحب به کيس
اوتروئي ڀائيندو هو. هڪ دفعي مون کي پاڻ چيو
هئاسين ته ”جيڪڏهن بروهي اسان جو پيٽ ڄائو پٽ هجي
ها، تڏهن به اسين کي اوترو ئي پيار ڪريون ها،
جيترو هاڻي ڪريون ٿا.“ سنڌ يونيورسٽيءَ جا ٻه
استاد ۽ سنڌ جا ممتاز عالم محترم ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ ۽ ڊاڪٽر عبدالواحد هاليپوٽو علامه صاحب
جا خاص مقرب شمار ڪيا ويندا هئا ۽ حقيقت به اها
آهي ته علامه صاحب جو مٿن تمام گهڻو راز هوندو هو.
هالن جو مخدوم محترم محمد زمان طالب الموليٰ صاحب علامه صاحب جو
تمام گهڻو احترام ڪندو هو ۽ کيس ۽ سندس گهرواريءَ
کي ”هنسن جي جوڙي“ سان تشبيهه ڏيندو هو. علامه
صاحب به مخدوم صاحب کي گهڻو ڀائيندو هو ۽ کيس
”اسان جو محمد زمان“ ڪري ياد ڪندو هو.
سيد غلام مصطفيٰ شاهه جو نالو ته خير علامه صاحب جي شيداين ۾
سرفهرست آهي. علامه صاحب جي مزار ۽ قبي جي تعمير
جو ڪم، بروهي صاحب جي مدد سان شاهه صاحب ئي ڪرايو.
جي اڃا ڪجهه وقت يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسيلر هجي
ها ته ”علامه قاضي سينٽر“ قائم ڪري وڃي ها.
علامه صاحب جي عاشقن ۾ محترم محمد ابراهيم جويي جو نالو به تمام
گهڻو نمايان آهي. سنڌي ادبي بورڊ علامه صاحب جا
جيڪي به ڪتاب شايع ڪيا، تن جي پٺيان روحِ روان
جويو صاحب ئي هوندو هو. جيڪڏهن جويو صاحب وڌيڪ
عرصو بورڊ جو سيڪريٽري رهي ها ته علامه صاحب جي
مضمونن جا سمورا ڪتاب ڪڏهوڪو ڇپجي وڃن ها.
علامه صاحب جي وفات کانپوءِ، اهي مضمون (مواد) مون وٽان بروهي
صاحب کڻي ويو ته مان لنڊن مان هڪ ئي جلد ۾
ڇپائيندس. افسوس آهي ته اهو خواب شرمنده تعبير نه
ٿيو. ٻڌم ته وچ تي سندس ڀاءُ ۽ پنهنجي پياري دوست،
علي محمد بروهيءَ مخلصانه ڪوشش ڪئي ته هو اهي
ضمونن جا ڪتاب انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري
ڇپائي. پر سندس من جي مراد به پوري ٿي نه سگهي
*.
غرض ته علامه صاحب جي عقيدتمندن جي فهرست تمام طويل آهي. ٻيا
جيڪي خاص خاص نالا مون کي فوري طور ياد اچن ٿا، تن
۾ پاڪستان جي متعدد علمي ادارن جو سربراهه ۽ وفاقي
سيڪريٽري ماليات مرحوم ممتاز حسن، محترم رضا محمد
ڀٽو، پورفيسر قاضي نبي بخش، مرحوم امداد جوڻيجو،
پروفيسر علي نواز جتوئي، مسٽر در محمد ناريجو ۽
شعبه اردوءَ جو صدر ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان شامل
آهن، جنهن علامه صاحب ۽ سندس اهليه جي مزارن جا
ڪتبا لکيا آهن.
مون کي علامه صاحب جي حضور ۾ باريابيءَ جو شرف پهريون ڀيرو سن
1954ع ڌاران نصيب ٿيو. مئٽرم جو امتحان ڏيئي،
حيدرآباد آيو هئس ۽ ڦليليءَ واري گورنمينٽ ڪاليج ۾
داخلا ورتي هئم. ڪاليج سان گڏ هاسٽل هوندي هئي،
جنهن ۾ رهائش هوندي هئي. اهو ڦوهه جوانيءَ جو
زمانو هو، عمر غالباً ويهارو ورهيه مس هئي، پر
جيتري شوق سان سئنيما ڏسڻ ويندو هئس، ان کان وڌيڪ
چاهه سان اولڊ ڪئمپس ۾، جمعي جمعي ڏينهن علامه
صاحب جا ليڪچر ٻڌڻ ويندو هئس. انگريزي پوري ساري
ايندي هئم، ان ڪري علامه صاحب جا ليڪچر سراسر ته
سمجهي ڪونه سگهندو هوس، پر لطف ڏاڍو ايندو هو. شهر
جا اڪثر پڙهيل لکيل ماڻهو ليڪچر ٻڌڻ ايندا هئا.
اصل ميلو لڳي ويندو هو.
تن ڏينهن جي ڳالهه آهي ته هڪ دفعي شام جو هاسٽل مان نڪتس ۽
ڪاليج جي دروازي تي ڪئنٽين ۾ اچي چانهه پيتم. اتان
اٿي، شعبه سائنس ۽ پرنسيپال جي گهر جي وچ ۾ جيڪو
ننڍو پارڪ آهي، ان ۾ وڃي ويٺس. سج لهڻ ٻڏڻ وارو
هو. آسمان ۾ شفق جي لالاڻ پکڙجي رهي هئي. منهنجي
اوسي پاسي ڪوبه بني بشر ڪونه هو. وڻن ۾ سو جهرڪين
جي ”چين – چين“ ٻڌڻ ۾ ٿي آئي، نه ته چوطرف چپ چاپ
هئي. اوچتو ئي اوچو، بظاهر بنا ڪنهن سبب جي،
منهنجي ذهن ۾ ڪي سوال اٿيا:
”مان ڪير آهيان؟“
”هن دنيا ۾ ڪٿان ۽ ڇو آيو آهيان؟“
”منهنجي زندگيءَ جو مقصد ڇا آهي؟“
اهي سوال منهنجي ذهن ۾ طوفان ۽ وڄ وانگر ايڏي ته زور
سان اٿيا، جو انهن جي دٻاءُ ڪري مٿو ڳرو ٿي ويو،
نرڙ تي پگهر اچي ويو ۽ دل جو ڌڙڪو تيز ٿي ويو. اها
ذهني ڪيفيت فقط ڪن لمحن لاءِ جاري رهي، پر منهنجي
سڄي وجود کي ڇولي ڇڏيائين. ان ڳالهه کي هاڻي ٽيهه
– پنجٽيهه ورهيه گذري ويا آهن، ان وچ ۾ مون زماني
جون گهڻيون ئي گرميون ۽ سرديون ڏٺيون آهن، پر چند
لحظن واري اها ذهني ڪيفيت مون کان اڃا نه وسري
آهي. مان سالن جا سال انهن سوالن جي جوابن لاءِ
پريشان ۽ سرگردان رهيس (پاڪستان، هندستان ۽ آمريڪا
جي ڪن عالمن کي خط لکيم) خاص ڪري پهريان ڏينهن ته
سخت ذهني بي قراريءَ ۾ گذريم، پر ڪٿان به تسليءَ
وارو جواب ڪونه مليو. آخر هڪ ڏينهن همت ڪري، علامه
قاضي صاحب وٽ هليو ويس. شام جي مهل هئي، پاڻ
پنهنجي گهرواريءَ سان گڏ، گهر جي صحن ۾ ويٺو هو.
پڇيائين ته ”ابا ڪير آهين، ڪيئن اچڻ ٿيو؟“
مون عرض ڪيو ته، ”سائين، اهو ته مان اوهان کان پڇڻ آيو
آهيان، ته ڪير آهيان ۽ هن دنيا ۾ ڪيئن آيو آهيان؟“
علامه صاحب اهو ٻڌي خاموش ٿي ويو. ڪجهه دير بعد چيائين
ته ”ابا، ڇا پڙهندو آهين؟“
مون جواب ڏنو ته، ”بائلاجي.“
چيائين ته، ”تڏهن ته تون اڳئي اهو پڙهي رهيو آهين ته
حياتي ڇا آهي؟“
مون چيو ته، ”سائين، اسان کي ته ٻيون ڳالهيون پڙهائين
ٿا، اهو ته سمجهائين ئي ڪونه ٿا ته اسان جي
حياتيءَ جو مقصد ڪهڙو آهي؟“
ايتري ۾ ڊاڪٽر بلوچ، مسٽر در محمد ناريجو ۽ ٻيا صاحب
بنگلي ۾ داخل ٿيا. علامه صاحب کين هٿ ڏيندي، چيو
ته، ”ابا بلوچ، هي نوجوان شاگرد اهو معلوم ڪرڻ آيو
آهي ته انساني زندگيءَ جو مقصد ڇا آهي؟“
(1)
ڊاڪٽر صاحب جواب ڏنو ته ”قبلا سائين، اسان جو درسي نصاب
واقعي ايترو ناقص آهي جو ذهين شاگردن کي دل جي
تسلي نٿي ٿئي.“
علامه صاحب اهو ٻڌي، مون کي وري اچڻ لاءِ چيو. ٻئي
ڏينهن ڪن ڪتابن جا نالا لکيائين، ته ”اهي وڃي
پڙهه.“ سڀ ڪتاب انگريزيءَ ۾ هئا ۽ مون کي پڪ هئي
ته حيدرآباد مان ڪونه ملندا. پر جي ملن ته خريد
ڪري ڪونه سگهان ها ۽ جي خريد ڪريان به ها ته سمجهي
ڪونه سگهان ها. ان ڪري ڪتابن وٺڻ جو خيال لاهي
ڇڏيم.
علامه صاحب جي حضور ۾ حاضريءَ جو ٻيهر شرف مون کي تڏهن
نصيب ٿيو، جڏهن ايوب خاني ”مارشل لا“ جي آمرانه
رويي کان احتجاج ڪري، پاڻ يونيورسٽيءَ جي وائيس
چانسيلر جي عهدي تان مستعفي ٿيو ۽ سنڌي ادبي بورڊ
جو عالم مقرر ٿيو. مان بورڊ جو نائب سيڪريٽري هوس.
سن 1962ع ۾ جڏهن سنڌي ادبي بورڊ جون آفيسون
ڪراچيءَ مان حيدرآباد کڄي آيون، تڏهن ته مون کي
جلد جلد سندس خدمت ۾ حاضر ٿيڻ جو موقعو ملڻ لڳو.
مان جيئن جيئن کيس ويجهو ٿيندو ويس، تيئن تيئن
سندس عظمت جو احساس ۽ قرب وڌندو ويو. هڪ ڏينهن مون
کي چيائين ته ”رباني، جيڪڏهن اسان توکي پيار نٿا
ڪريون ته پوءِ ائين سمجهه ته اسان زندگيءَ ۾ ڪنهن
کي ڪڏهن پيار ڪيوئي ڪونهي.“ اهو ڏينهن مون لاءِ
عيد جو ڏينهن هو.
قدرت سنڌ تي سدائين مهربان رهي آهي. سنڌ پٽڙا ڄڻيندي ۽
انهن تي ناز به ڪندي، پر جيئن ٻيو شاهه ڀٽائي نه
ايندو، تيئن ٻيو علامه قاضي به پيدا نه ٿيندو.
علامه صاحب کي قدرت عجب سڀاءُ ڏنو هو. بيحد
خوددار، بيحد حساس، بيحد شفيق ۽ بيحد قربدار. سڀ
کان وڏي ڳالهه اها ته مون سندس قول ۽ فعل ۾ ڪڏهن
به ڪو تضاد نه ڏٺو. ائين لڳندو هو ته هن زماني ۾
جو ماڻهو ئي نه آهي. مون ڪڏهن به سندس واتان هلڪي
سلڪي ڳالهه نه ٻڌي ۽ نه زماني جي قصن ۾ دلچسپي
ڏٺي.
علامه صاحب سياست جي موضوع تي گفتگو ڪرڻ کان دانسته
گريز ڪندو هو. ون يونٽ وارن ڏينهن ۾، سنڌيت جي
تحريڪ زور تي هئي ۽ مان ان جو سرگرم ڪارڪن هئس.
ڪڏهن ڪڏهن علامه صاحب سان ڪنهن نه ڪنهن واقعي جو
ذڪر ڪندو هئس، تڏهن به هو ڪنهن به قسم جي تبصره
آرائي ڪانه ڪندو هو.
(1).
ڊاڪٽر سورلي، پنهنجي ڪتاب ”شاهه عبداللطيف آف ڀٽ“ ۾
لکيو آهي ته، ”شاهه پنهنجي آسپاس ۽ پنهنجي دور جي
واقعن جو ڪوبه نوٽيس نه ورتو. ان معاملي ۾ هو دنيا
جي عظيم مفڪرن ڪانٽ ۽ هيگل جي يادگيري ڏياري ٿو،
جن تي سندن دور جا واقعا اثرانداز نه ٿيا. شاهه
عبداللطيف ڪلهوڙن ۽ مغلن جي منصوبن ۽ سازشن بدران،
زندگيءَ جي انهن ڳنڀير سوالن کي سمجهڻ ۾ مستغرق
رهندو هو، جيڪي لافاني شعر جو موضوع بنجڻ جي وڌيڪ
لائق آهن“.
علامه صاحب جو مثال به ائين ئي هو. مذهب، فلسفو ۽ سائنس
سندس گفتگو جا مکيه موضوع هوندا هئا، پر انهن بابت
به هو نهايت مٿاهينءَ ليول تان گفتگو ڪندو هو.
ائين لڳندو هو ته حيدرآباد اٿينس جو شهر آهي، جنهن
جا اهل انسان، سقراط جي سامهون، ادب سان ڪنڌ
نمائي، سچ جو سبق وٺي رهيا آهن. اٿينس جي روايت
وانگر، سنڌ جي هن سقراط کي به پنهنجو انت پاڻ آڻڻو
پوندو، اها ڳالهه تڏهن ڪنهن کي خواب خيال ۾ به
ڪانه هئي. علامه صاحب عالم وڏو هو يا مفڪر، مقرر
وڏو هو يا مصنف، اهو فيصلو ڪرڻ ڏاڍو مشڪل آهي، ڇو
ته قدرت کيس انهن مڙني صفتن سان سينگاريو هو. سندس
شخصيت همه گير هئي. سندس دور ۾ ٻيا به وڏا وڏا
عالم ۽ دانشور هئا، پر پاڻ ڄڻ ته تارن ڀرئي آسمان
۾ چوڏهينءَ جو چنڊ هو.
سنڌي ادبي بورڊ سندس هڪ انگريزي ڪتاب
Casual Peeps at Sophia
*
نالي سان شايع ڪيو آهي، ان ڪتاب کي مون ۽ محترم
محمد حسن ڀٽي گڏجي ترتيب ڏني هئي. ڪتاب ۾ هڪ مضمون
جو عنوان آهي ”ڪردار بابت.“ اسان حساب ڪيو ته
علامه صاحب جڏهن اهو مضمون لکيو هوندو، تڏهن سندس
عمر اٺٽيهه ورهيه هوندي. اهو مضمون پڙهڻ سان احساس
ٿيندو ته علامه صاحب ڄمندي ئي ڄام هو.
انهيءَ ساڳئي ڪتاب ۾ ٻيو مضمون ”شري ڪرشن جي شخصيت جو
تاريخي پهلو“ عنوان هيٺ آهي ۽ هڪ مضمون زرتشت بابت
آهي. اهي مضمون علامه صاحب جي فڪر جي وسعت ۽ مذهبي
رواداريءَ جا روشن ثبوت آهن.
جن ڏينهن ۾ پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسيلر هو،
تن ڏينهن ۾ ڪنهن مذهبي جنونيءَ اولڊ ڪيمپس (نو
ودياليه اسڪول) جي بانيءَ هندو نيڪ مرد جي سماڌيءَ
کي نقصان رسايو. علامه صاحب ان حادثي تي جنهن غم ۽
غصي جو اظهار ڪيو، اهو انهن ماڻهن کي ئي معلوم آهي
جي تڏهن يونيورسٽيءَ سان وابسته هئا. کيس تيسين
قرار ڪونه آيو، جيسين ان سماڌيءَ جي مڪمل مرامت نه
ڪرايائين.
هڪ دفعي جويي صاحب ۽ ڊاڪٽر بلوچ جي وچ ۾ لوڪ ادب جي
ڪتابن تي ڪجهه اختلاف ٿي پيو، جويي صاحب پنهنجي
نقطهء نگاهه جي وضاحت لاءِ ڊاڪٽر بلوچ صاحب ڏانهن
خط لکي موڪليو، جنهن ۾ هڪ هنڌ لکيائينس ته ”لکيل
لفظ“ ”ڳالهايل لفظ“ کان وڌيڪ آهي، ان ڪري ڳالهه جي
چٽائيءَ لاءِ هي خط لکي رهيو آهيان.
اهو نڪتو منهنجيءَ دل تي نقش ٿي ويو. ورهيه گذري ويا.
ڪنهن ڪم سان لاهور وڃڻ ٿيو. اتي هٽلر جو اڻلڀ ڪتاب
”مين ڪئمف“ (منهنجي جدوجهد) نظر آيم، جو فوراً
خريد ڪيم. واپسيءَ تي ريل ۾ ڪتاب پڙهندو ويس. ڪتاب
جي ديباپي ۾ هٽلر لکيو آهي ته ”ڳالهايل“ لفظ
”لکيل“ لفظ کان وڌيڪ آهي ۽ مون کي احساس آهي ته
تاريخ جا اهم انقلاب مصنفن نه پر مقررن آندا آهن.
اهو پڙهي، جويي صاحب وارو خط ياد آيو. جڏهن
حيدرآباد پهتس ته علامه صاحب سان ان ”مسئلي“ جو
ذڪر ڪڍيم. پاڻ بنا ڪنهن سوچ ويچار جي فوراً
ٻڌايائين ته ”ڳالهايل لفظ“ ”لکيل لفظ“ کان وڌيڪ
طاقتور آهي. گهڻا گهڻا سال پوءِ ٻئي هنڌ پڙهيم ته
”قرآن ڳالهايل لفظ جو معجزو آهي“.
حيدرآباد ۾ رهائش دوران مون کي جڏهن به هيانءَ تي
مونجهه ٿيندي هئي، تڏهن سندس خدمت ۾ وڃي حاضر
ٿيندو هوس. اهي منهنجي خوشنصيبيءَ جا ڏينهن هئا.
جڏهن وٽانئس ڪچهري ڪري موٽندو هوس ته غم جا سڀ ڪڪر
ٽڙي پکڙي ويندا هئا ۽ زندگيءَ ۾ ايمان تازو ٿي
ويندو هو. سندس گفتگوءَ جو انداز ئي عجيب هوندو
هو. ڇا سندس لفظن جو انتخاب ۽ ڇا سندس خيالن جي
پرواز، ڄڻ ته هماليه جي بلنديءَ تان علم ۽ عرفان
جو آبشار وهي رهيو آهي. ڪڏهن ڪڏهن هيٺ به لهي
ايندو هو ۽ مزي جهڙيون ڳالهيون ڪندو هو.
|