سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1991ع

مضمون

صفحو :9

 

”قاسم ڪيسر رنگ.......“

(خليفي نبي بخش لغاري جي مزاحمتي شاعريءَ جو هڪ جائزو)

محمد حسين ”ڪاشف“

 ادب جي سماجي عمل ۽ ڪردار جي صورت تاريخ ۾ ڪڏهين به هڪجهڙي نه رهي آهي. بلڪه هر دور ۾ هن جو پنهنجو خاص مزاج رهيو آهي، جيڪو ان دور جي اپٽار يا نمائندگي ڪندو نظر اچي ٿو. ان سان گڏوگڏ هر دور جي سماجي ساخت ۽ سماجي عمل به پنهنجو رهيو آهي. جيڪو داخلي توڙي خارجي طور اثر انداز ٿي ان کي اڳئين دور کان مختلف شڪل ڏئي ٿو، جنهن کي ان دؤر جي فڪري ۽ ادبي مزاج سان تعبير ڪجي ٿو. ڪنهن به دؤر جي فن کي ان دؤر جي تاريخي حالتن، واقعن، سماجي لاهين چاڙهين کان الڳ ڪري، ان لاءِ ڪا راءِ قائم ڪري نٿي سگهجي. پوءِ اهو دؤر قاضي قادن کان اڳ جو هجي يا ميين لطف الله قادري ۽ شاهه عنايت جو هجي، يا شاهه لطيف ۽ سچل جو هجي، سامي يا خليفي نبي بخش جو هجي. هر دؤر جي فن جو پنهنجو پنهنجو فڪري رنگ ۽ اظهار جو انداز آهي. ليڪن ان ۾ روايت ۽ تقليد جا عنصر اسان کي مختلف حيثيتن سان ڪٿي ساڳي صورت ۾ ته ڪٿي لفظن ۽ فڪر جي نئين پيرهن ۾ نظر ايندا. جن ۾ روايت جو عمل نئين فڪري نواڻ سان ان دؤر جي تخليقي مواد کي اڳتي وڌائيندو نظر ايندو. جنهن ۾ هڪ طرف فڪر جي پختگي نظر اچي ٿي ته ٻئي طرف فن جون مختلف صورتون پنهنجي مخصوص محاسن ۽ شعري امتزاج سان زندگي جي مختلف روپن جي نمائندگي ڪنديون نظر اچن ٿيون، جنهن کي روح عصر چئجي ته بجاءِ آهي.

خليفي نبي بخش جي شاعري به اهڙي قسم جي شاعري آهي، جيڪا پنهنجي اڳين جي پهيل پيچري تي هلندي هڪ اهڙي موڙ تي پنهنجي انفرادي حيثيت اختيار ڪري ٿي، جنهن ۾ هن جو وجود ۽ شاعري، ادب جي تاريخ ۾ هڪ الڳ ماڳ وٺي بيهن ٿا، جيڪو سندن شاعري کي سنڌي ادب جي تاريخ ۽ شاعري ۾ فن ۽ فڪر جي لحاظ کان انفرادي حيثيت وارو مقام ڏئي ٿو.

خليفي صاحب جنهن وقت پنهنجي شاعري شروع ڪئي، ان وقت سنڌي سماج تي شاهه لطيف رحه ۽ سچل رحه جي شاعري جو گهرو اثر هو، سماع ۽ سرود جي محفلن يا ٿيندڙ ڪچهرين يا مختلف اوليائن جي ٿيندڙ ڏينهن ۽ ڏهاڙن تي انهن جو ئي ڪلام ڳايو ۽ چيو ويندو هو، جيڪو عام ماڻهوءَ جي نه صرف روحاني خوراڪ پر ان جي اخلاقي ۽ فڪري تربيت ۾ ان جو وڏو حصو هو. اهو ئي سبب اهي جو خليفو صاحب شاعري جي اظهاري ڪيفيت ۾ جتي لطيفي فڪر کان متاثر نظر اچي ٿو، اتي ڪافي جي شاعري ۾ مٿس سچل بادشاهه جو رنگ غالب آهي. باوجود انهي فڪري اثر پذيري جي، خليفي صاحب جي شاعري ۾ پنهنجي انفراديت آهي:

مثلاً لطيف رحه جي ڪلام جي شروعات هن بيت سان آهي.

اول الله عليم اعليٰ عالم جو ڌڻي،

قادر پنهنجي قدرت سان قائم آه قديم،

والي واحد وحده رازق رب رحيم،

سو ساراه سچو ڌڻي چئي حمد حڪيم،

ڪري پاڻ ڪريم جوڙون جوڙ جهان جي.

ڪن محققن جو چوڻ آهي ته سندن رسالو سُر سسئي جي هن بيت سان شروع ٿيل آهي:

پر تو پنهونءَ جو جهڙ جيئن جهالا ڏي،

آئون تنهن آريءَ کي وٺيو راهه رئان گهڻو.

ان جي برعڪس خليفو صاحب پنهنجي رسالي جي شروعات هن بيت سان ڪري ٿو:

هڪ هٿ ۾ وٽڙي، ٻئي هٿ ۾ ڪات،

وجهن ڪرٽ ڪپار ۾، هُت ناه ريت رکات،

سودو هاٿون هاٿ، قاسم ڪج ڪلال سين.

سسئي جي سُر ۾ خليفي صاحب جو هي بيت آهي:

ڪيچي يار ڪيوم، اپر ڀُونءِ ساڪن سپرين،

اڳ نه واقف ان جي نه سوڏيهه ڏٺوم،

سو تان هت سرٿوم، جو هُت لکئو لوح ۾.

هت منهنجو مقصد لطيف رحه ۽ خليفي صاحب جي شاعري جو تقابلي مطالع نه آه، پر مقصد هي آهي ته فڪر جو اهو عنصر جيڪو ان وقت سنڌي سماج تي غالب هو، جنهن کي اسان صوفي فڪر چئون ته بجاءِ آهي. ان جي اظهار جي صورت خليفي وٽ پنهنجي نوعيت جي آهي. انهي فڪر کي جنهن جو اظهار لطيف رحه نهايت سنجيدگي ۽ لطيف پيرايه ۾ ڪندو نظر اچي ٿو. خليفو صاحب ان کي انهي سنجيدگي جي عالم مان ڪڍندو نظر اچي ٿو، جيڪا اصل ۾ سندن فڪري اوسر جي علامت آهي، جنهن اڳتي هلي ڪيڏاري ۾ سڌو سنئون وطنيت ۽ مزاحمتي شاعري جو رنگ اختيار ڪيو. تصوف جي وجودي فڪر جو اثر سنڌ جي صوفين ۽ انهن جي شاعري تي نهايت گهرو رهيو آهي. لطيف رحه ان کي جنهن عروج تي پهچايو ان جي ڪا ڪَٿ ئي ڪَٿي نٿي سگهجي. سچل ان کي جيڪا وسعت ڏني ۽ وڏي واڪي منصوري مام جو جيڪو نعرو هنيو، ان کيس منصور ثاني بنائي ڇڏيو. خليفي صاحب ان ۾ نه ترميم ڪئي ۽ نه وري ساڳي صورت اختيار ڪئي، بجاءِ ان جي سماجي حالات ۽ فڪري ارتقا جي بنياد تي:

”وجهن ڪرٽ ڪپار ۾، هت ناه ريت رکات“

جو قائل آهي ۽ ڪنهن به رسم ۽ ريت جو پابند نٿو سمجهي، پر هٿوهٿ سودي جو سبق ڏيئي ٿو ۽ فرد کي محتاج علامات تصور نٿو ڪري. بلڪ ڪائنات ۾ هن جو عمل سڌو هئڻ گهرجي جو سڏ ڏيندڙ آهي. هو جتي فطرت جي لوازمات سان ان جو ڳانڍاپو ان صورت سان ڏيکاري ٿو. اتي سماجي جدوجهد ۾ هن کي ساڀيا وان ڪري سگهي ٿو. ۽ تصوف جي انهي خيال يا ڪيفيت جيڪو ”المجاز قنطرة الحقيقت“ يا مرشد جي ذات جو غماز آهي، ان جي نفي ڪندو نظر اچي ٿو. اهو اثر سندن فڪر تي غالباً سچل رحه جو آهي؛ ڇاڪاڻ ته سچل سائين جن جي وفات وقت سندن عمر (52) سال هئي ۽ سچل جي فڪر ۽ شاعري جو سِڪو ان وقت سنڌ جي شاعري تي پوري ريت ڄميل هو. خليفي صاحب جي عمر به ڪا ننڍي ڪانه هئي بلڪه پاڻ حياتي جي انهي پختگي واري حصي ۾ هئا، جنهن کي فڪري طور سندن فڪر جو مستحڪم دؤر چئي سگهجي ٿو. سندن رهائش جيتوڻيڪ سنڌ جي هيٺيئن حصي ٽنڊوباگو لڳ هئي. باوجود ان جي پنهنجي مرشد سائين روضي ڌڻي پيرپاڳاري جن ڏانهن ايندي ويندي سچل رحه جي انهي سرمستي کان يقيناً متاثر ٿيا هوندا، جنهن جي منصوري مام جو پڙاڏو ساڳئي تر ۽ سنڌ ۾ عروج تي هو. ان سان گڏ تلقين ۽ تبليغ، عبادت ۽ رياضت جي جُهد جي مسلسل عمل سندن فڪر ۽ ڪردار ۾ جيڪو حوصلو ۽ نواڻ پيدا ڪئي، انهي کيس ٻين کان الڳ ڪري بيهاريو. بقول ڊاڪٽر بلوچ:

”سندن شخصيت جو اهو مخصوص رنگ سندن ڪلام تي پڻ چڙهيل آهي. هيڻائي ۽ بي حالي بدران همت ۽ مردانگي ۽ نيستي بدران هوش ۽ بيداري، آءٌ ۽ مين واري خودي بدران خوداعتمادي ۽ خودداري، نااُميدي ۽ قنوطيت بدران، اميد ۽ ڪاميابي خليفي صاحب جي ڪلام جون خاص خصوصيتون آهن.“

خليفي صاحب جي شاعري جي دور کي سچل بادشاهه جي شاعري واري دور کان الڳ ڪري نٿو سگهجي؛ ڇاڪاڻ ته ملڪي حالتون ٻنهين شاعرن جي دور ۾ ساڳيون رهيون آهن. سچل بادشاهه ڪلهوڙا دؤر جي زوال ۽ ميرن جي شروع واري دؤر کي ڏٺو ۽ خليفي ميرن واري دؤر ۽ انهن جي زوال کي ڏٺو ۽ فرنگي دور شروع ٿيڻ کان پوءِ به ويهه سال زنده رهيو ۽ 1863ع ۾ وفات ڪيائين. سنڌ جي انهن حالتن جنهن ۾ مختلف دورن جا اهڃاڻ هجن ۽ شاعر انهن مان ڪن کي اکين سان ڏٺو هجي ۽ انهن مان گذريو هجي ۽ ڪن جي تاريخي طور کيس پروڙ هجي. ان جي فڪر ۾ قنوطيت جي عنصر جو هئڻ ناممڪن آهي. اهو ئي سبب آهي جو خليفي جي شاعري ۾ اسان کي تصوف جو فڪر ۽ ان جي عملي ڪيفيت جا اهڃاڻ حرڪي صورت ۾ نظر اچن ٿا. ڪيڏاري جو سُر ۽ ان جي شاعري اصل ۾ جنگي جوڌن جي انهي سٻر ۽ سورهيائي، سچائي ۽ سرويچي جو بيان آهي، جنهن ۾ هنن ميدان ڪارزار کي رت جو ريج ڏيئي ملهايو هجي: ڪيڏاري جي سُر بنيادي طور تي ڪربلا جي قضئي جي سلسلي ۾ وجود ورتو، جنهن ۾ امامن سڳورن جي بهادري ۽ انهن جي انهي جنگ جي بيان سان هن سُر کي مخصوص ڪيو ويو. لطيف رحه ڪيڏاري ۾ امامن سڳورن جي بيان سان گڏ رڪ وهندي راند جي سلسلي ۾ جيڪي بيت چيا آهن، انهن کي انهي هڪ ئي فارم لاءِ مخصوص ڪري نٿو سگهجي، پر اهي اڳتي وڌي انساني بهادري جي عام معرڪي ۽ جدوجهد جي پڻ نمائندگي ڪن ٿا. لطيف جا اهي بيت جنگ ڪيڏاري جي انهي سڄي ڪيفيت کي بيان ڪن ٿا. جتي اڳيان اڏين وٽ، پوين سر سنباهيان، جو سمان آهي. ۽ ”هڻ ڀلا وڙه ڀاڪرين آڏي ڍال مَ ڍار“ جي پچار ۽ پڪار آهي. ان منظر کي بيان ڪندا نظر اچن ٿا جن کي هر قومي ۽ سماجي ويڙهاند جي عمل سان لاڳو ڪري سگهجي ٿو. لطيف پنهنجي انهي مقصد کي، امامن جي تذڪري سان گڏي بيان ڪندو نظر اچي ٿو ۽ انهي نسبت ۽ نيهي کي اوريندي اڳتي وڌي انهي زمين ”رڻ گجيو راڙو ٿيو“ جي اورڪ ڏي ٿو ۽ بهادري ۽ ويڙهاند جي پکي جا پر بعد ۾ کولي ٿو. ليڪن خليفو اهو واحد شاعر آهي، جنهن هن سُر کي خالص سنڌ ۽ وطنيت جي سلسلي ۾ بيان ڪيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو خليفي جو ”سُر ڪيڏارو“ سنڌي ڪيڏاري واري شاعري ۾ سڀني کان اُتم ۽ مٿاهون نظر اچي ٿو. جنهن ۾ هن نهايت ئي کلي طور تي وطنيت جي جذبي سان ڀرپور شاعري ڪئي آهي. سندن شاعري جو اهو گڻ اسان کي افقي صورت جي بجاءِ سماج جي اندر عمودي صورت ۾ نظر اچي ٿو، جنهن ۾ خليفي صاحب جي مزاحمتي ۽ مدافعا نه شاعري جا قدر چنڊ جيان چمڪندا ۽ سج تي سونهري ڪرڻن جيان سنڌي سماج ۽ ميدان ڪارزار کي گرمائيندا نظر اچن ٿا.

غور ڪبو ته تاريخي تناظر ۾ سماجي تناظر جيڪو وقت جو هڪ اظهار آهي، اهو نهايت اهم آهي. تاريخي تناظر سماجي زندگي جي سڀني لاهين چاڙهين، وقت جي سياسي حالتن، معاشي تحريڪن، پيداواري وسيلن ۽ ثقافتي روين کي پنهنجو موضوع بنائي ٿو. ادب يا شاعري انهن عنصرن کي تاريخي قدرن سان لاڳو ڪري بيان ڪري ٿي، جيڪي ان وقت جي سماج جي مڙنئي روين جا علمبردار هوندا آهن: تاريخي تناظر ۾ سماجي تناظر جي عمودي شڪل ئي روح عصر جي حيثيت رکي ٿي يا چئجي ته اها ئي ان جي جان آهي، جيڪا سڌو سنئون حالتن کي اجاري بيان ڪري ٿي. جنهن جي تاريخ کي فوري ضرورت هوندي آهي. ان لاءِ ته جيئن سماج يا سماجوادي نظام ۽ ان جي بقاءُ ۽ بچاءُ جي عنصرن ۾ عمل جي قوت جيڪا ٻاهرئين يا اندرئين دٻاءُ سبب پوري ريت نسري ۽ اُسري نه سگهي آهي. اها حرڪت ۾ اچي عملي صورت اختيار ڪري. خليفي صاحب جي ڪيڏاري ۽ ڪلياڻ جي ڪِن بيتن ۾ انهي ڪيفيت جي نه صرف غمازي پر هڪ قسم جو سڏ ۽ للڪار آهي. ڪيڏاري جي ڪيرت جي ڪوٺ آهي. اهو مزاحمتي قوت جو عمل آهي، جيڪو سندن شخصيت توڙي شاعري ۾ نمايان طور تي بکندو ۽ گجندو نظر اچي ٿو. جيڪو سماج جي سڦلائي ۽ ان جي وجود جي بقاءُ لاءِ تڙپي اٿيل ٿو ڏسجي: جنهن ۾ سِر جو سهاءُ ۽ ويريءَ سان ويڙهاند جو سبق آهي، ته جيئن سماج مان مايوسي کي دور ڪري عام ماڻهوءَ ۾ جدوجهد جو جذبو پيدا ڪري سگهجي ۽ زندگي پنهنجي مقصد جي حصول ۾ ڪاميابي ماڻي ادب ۽ تاريخ جو اهو وڏو هٿيار آهي، جيڪو تلوار ۽ تير کان، ڪلاشنڪوف ۽ اسٽينگر ميزائيل کان نهايت مٿاهون آهي. جيڪو پيڙهيل سماج ۽ ان ڌرتي جي ڌنوانن ۾ مدافعت ۽ مزاحمت جي جذبي کي جياري پرورش ڪري اوتون ڏيئي اڀاري عمل جي ميدان ۾ آڻي ٿو. بقول ڊاڪٽر بلوچ:

”گذريل تاريخي دؤر۾ وطن جي حب اهل سنڌ جي اخلاق ۽ ڪردار جي نمايان خصوصيت هئي ۽ سورهيه جي سنڌ خاطر سر ڏيئي سرها ٿيا، تن کي سنڌ جي سڄاڻ سگهڙن ۽ شاعرن دل کولي ڳايو.....خالص وطنيت جي جذبي هيٺ جن شعر چيو تن مڙنئي ۾ خليفي صاحب جو مقام ”بلند“ آهي ڇاڪاڻ ته هن سر ڪيڏارو محض سنڌ جي سورهيه سپوتن کي  جس ڏيڻ خاطر ئي جوڙيو.“

اهو نهايت واضح آهي ته خليفي صاحب جي سُر ڪيڏاري جو محرڪ سنڌ تي شجاع جي ڪاهه هئي. هن کان اڳ ”نادر“ ۽ ”مدد خان“ جي ڪاهن ۽ ڦرلٽ ۽ انهن جي ظالم ۽ ڏاڍائي هتان جي ماڻهوءَ سان جو ڪجهه ڪيو، ان جو منظر خليفي صاحب کي پوري ريت ذهن نشين ٿو ڏسجي. ”شجاع جي ڪاهه مان به کين اها پروڻ پئي ته سنڌ سان وري به اهڙو ڃو ٿيڻ وارو آهي. ان ڪري سيتل سنڌ جي سڀيتا کي سيني سان سانڀندي هتان جي ماڻهوءَ کي ڪيڏارتي جي ڪوٺ ڏني ته جيئن هتان جو مانجهي ۽ مٿير ڪوپو ۽ ڪنڌار جُنگ جوان انهي حملي جي مزاحمت ۽ مدافعت ڪري نه صرف سنڌي قوم جو ڳاٽ اوچو ڪري پر شجاع بي حيا کي اهڙو سبق سيکاري جو آئنده اُتران ڪنهن کي به سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ جي ڪا همت ئي نه ٿئي“. اهو ئي سبب آهي جو خليفو صاحب سنڌي ماڻهوءَ کي ويڙهاند جو سڌو سنئون سڏ ڏيندو نظر اچي ٿو ته:

هلو هلو مانجهيا ويرين وٺون وير،

جيئڻ ٿورا ڏينهڙا پوءِ ڳڻبا پير،

ٿيندو سڏ سوير، صبح شهيدن کي.

سنڌي سپوتن جي آرڻ ۾ اورڪ کي بيان ڪندي فرمائي ٿو ته:

مٿي آرڻ اڄ ڪونڌ ڪڏندي آيا

پڙ ۾ پهلوانن کي لڏڻ ڏي نه لڄ،

ڀيٽو وڃن ڀڄ، سائون ٿين سامهان.

کرڙي جو ميدان سنڌي سورهين جي ريٽي ريت سان رتول ٿيندو رهي ٿو ۽ کرڙي سنڌ جي بقاءُ ۽ بچاءُ جي علامت بنجي پوي ٿي.

کرڙي کائي رت، ڀت نه وجهي وات ۾،

پڙ ۾ پهلوانن جي، ويٺي پرکي پت،

جنهين نيڻ نست، نيهه نه لائي تن سين.

سوڀون هميشه سر گهرن ٿيون. پوءِ اهو تاريخ جو ڪهڙو به دؤر هجي، اهو شجاع جي حملي جو هجي يا اڄ جي دهشت گردي جو دؤر هجي. تاريخ ۾ سوڀ سواءِ سر ڏني جي ميسر نه ٿي آهي. سهساءُ سان ئي سڀيتا جو سپورن سڦل ٿيو آهي.

سوڀون سر گهرن، سر رِيءَ سوڀ نه سپجي،

سوڀ برابر سسيون توريان تان نه تُرن،

جي هينئڙي منجهه هُرن، سي ملهه مهانگا سپرين.

سر ڏيڻ  سر وٺڻ ميدان ڪارزار جو مرڪ رهيو آهي. ميدان جي مرڪائڻ ۽ ملهائڻ لاءِ هڪ وک جي واڌ ۾ سَوَ سسين ۽ سهساءُ ڪا ڳالهه نه هوندي آهي. جنگ جي انهي بنيادي نڪتي کي جيڪو فتح جو پيش خيمو آهي، ان جو اظهار ڪندي ۽ انهي وڏاندڙي ور کي ورجائيندي خليفو صاحب فرمائي ٿو ته:

سَو سسين ڏيئي، وک وٺجي هيڪڙي،

جنهن نيزي سر نيئي، مرڪايو ميدان کي.

خليفو صاحب ويري جي وجود کي پنهنجي ڌرتي لاءِ هڪ عذاب ۽ ڏمر تصور ڪري ٿو.

ڪٽارو مَ ڪڍ ويري جي وجود مان،

وڍيو ويٺو وڍ، اُنڊو وجهي اگُرا.

سورهين، سرويچن، مانجهين ۽ مٿيرن لاءِ قومي بقاءُ جي ويڙهاند ۾ سر بار هوندو آهي، جنهن جي ڏيڻ سان ئي حق ادا ٿئي ٿو.

سورهيه سندي سر تي، سسي سندو بار

جي تُري تن ترار ته حق ادا ٿؤ ان تان.

اهو حق جنهن جي ادائيگي ۽ پوئواري جي پچار خليفي ڪئي آهي، اهو قومي جدوجهد جي تاريخ جو مثبت پهلو آهي. جڏهين ان کان پاسو ڪيو ويو آهي تڏهين قوم لاءِ هاڃو پيدا ٿيو آهي. خليفي صاحب جي سُر ڪيڏاري جي انهي ڏس ۾ دائمي حيثيت آهي. مزاحمتي شاعري ۽ ادب جو هي اهو زنده ۽ سگهارو حصو آهي. جيڪو هر دؤر ۾ سبق آموز ۽ عمل تي آماده ڪندڙ آهي. هي سنڌي قوم جي وجود جي بقاءُ ان جي ثقافت ۽ ڪلچر، سماجي نظام ۽ روين جي دائميت ڏانهن وٺي ويندڙ راهه آهي. ڪالهه به خليفي صاحب جا لفظ تاريخ جوڙيندڙ هئا ته اڄ به سندن لفظ تاريخي عمل جو اهم حصو آهن.

قومي جدوجهد اجتماعي عمل آهي، اها ڪنهن هڪ فرد، طبقي يا ڌر جي جنگ نه آهي، پر اها سڄي قوم جي عملي جدوجهد جو رخ مقرر ڪري ٿي. قومن ۾ انقلاب جو جذبو ان وقت موثر ٿي اڀري ٿو، جڏهين اهو طيءَ ڪيو وڃي ته زندگي هڪ معنيٰ ۽ مقصد رکي ٿي ۽ اهو محسوس ڪيو وڃي ته ان کي زندگي جي هر رويه ۾ نڀايو پيو وڃي. اڳتي وڌڻ کان ان لاءِ ڪهڙيون رڪاوٽون ۽ رنڊڪون پيدا ڪيون وڃن ٿيون، ان کي دٻائڻ ۽ هيسائڻ لاءِ مختلف سطحن تي ڪهڙا حيلا هلايا وڃن ٿا، ان جي مزاحمت ۽ مدافعت ضروري آهي. جيڪڏهين اسان ان کي نظر انداز ڪيو ته اهو وڏو قومي وڻاهه ٿيندو. جنهن جي تلافي تاريخ ۾ ڪڏهين نه ٿي سگهندي. اسان کي سنڌي سماج ۽ ان جي قومي وجود تي نظر رکڻ گهرجي ته هن کي مختلف صورتن سان غلامي جا ڪيترا ڳهڻا پيل آهن. هو وطن هوندي پاڻ کي بي وطن محسوس ڪري ٿو ڇو؟ قتل غارت جي بازار گرم آهي. ”شجاع“ اڄ ٻئي روپ ۾ سنڌ اندر جائگير آهي. اڳ هن جا خيما کرڙي تي هئا. پر اڄ وک، وک تي هن جو ديرو دميل آهي. خليفي جو روح رڙي رهيو آهي. هو انهن ساٿين ۽ سانڀيئڙن کي ساري انهن جي ڪوڪ ٻورائڻ لاءِ آتو آهي:

ميها موگر تلهيين، پپون پاساڙن،

ڪانبا ڪوڍيرن جا پوتا پنهوارن،

ڪوڪ ٻورايان تن جي قاسم ڏيئي ڪن،

ساريو پنهنجا سن، ويٺي ڳوڙها ڳاڙيان.

خليفي صاحب جو نه صرف ڪيڏارو بي بها ۽ اتم آهي، پر سندن سڄي شاعري بي مثال ۽ فڪر واري آهي. جنهن ۾ زندگي مڙنئي طرفن کان تصوير چٽيل آهي ۽ ان جي مختلف صورتن ۾ جيڪو وکر ونڌيل آهي، اهو انفرادي حيثيت رکي ٿو. لفظن جي پوڄ فڪر جو ربطه ٻوليءَ جو ميٺاڄ، حسن، نزاڪت ۽ زندگي جي سونهن جي جيڪا پالوٽ نظر اچي ٿي، اها پنهنجو مٽ پاڻ آهي. وڇوڙي ۽ ورونهه، ڦڙائي ميڙائي جي جيڪا چتر ڪاري ڪيل آهي، اها بيان کان ٻاهر آهي. سارنگ کي ساريندي مينهن وساڙي جي منظر کي جنهن انداز سان بيان ڪيو اٿن، اهو واکاڻ وٽان آهي.

مور وسندي مينهن، چڙهيا ڏونگر چوٽيئن،

اٿي سارنگ سامهان، ڪن نالون منجهان نينهن،

وريو وصل ڏينهن، مينهن ميڙيا سپريان.

خليفي صاحب جي هن بيت کي ورجائيندي هڪ ٿري بيت ياد ٿو اچيم: جنهن ۾ جڏهين ڪارونجهر تي مور آواز ٿو ڪري ته سڄي فضا ان جي مٺي لات جي مڻيا سان گونجي اٿي ٿي ۽ ان جو پڙلاءُ ڏونگر سان ٽڪري ڏهرن ۾ ڇڻڪاٽ ۽ جان ۾ سيڙاٽ وجهي ڇڏي ٿو. مور جي ڪوڪ ڪارونجهر کي پنهنجي آواز سان ڄڻ روشن ڪري ڇڏي ٿي:

ڪارونجهر ري ڪور مرين توءِ نه ميليسين،

ماٿي ٽهو ڪي مور، ڏونگر لاڳي ڏيپتو.

ساڳئي سُر جي وائي نهايت عجيب نظارو پيش ڪندڙ آهي. جيڪو انساني حسن ان جي البيلائي واري هلچل نيهه جي ناوڪ ۽ ڇم، ڇم برسن بادل واري مند ۾ اندر جي اتساه اڌمن واري ڪيفيت جو ڀرپور اظهار پيش ڪري ٿي، جنهن کي انساني جذبن جو عظيم شاهڪار چئجي، ته بجاءِ آهي:

مانگ ڀڄايس مينهن رات رسندي ڍول سين،

1- مينهن ڀڄايس مانگڙي، نيڻ ٽمايس نيهن.

2- سوچُني ڳل ڪنجرو پيس پاندن سينءِ

3- ڪانڌ نپوڙيس ڪپڙا، حاضر ويهي هيئن،

4- قاسم ڪانڌ سهاڳڻيون رمن راتو ڏينهن .

انهيءَ ساڳئي خيال کي وري سُر جهنگلو ۾ نهايت پياري انداز ۾ پيش ڪيو اٿس:

برسن مينهن ڀڳولي ڪپڙي دوست دودن پهه آيا،

انگي لاه سٽيم پٽ انگ تون، انگ سر انگ لڳايا،

ڏيوا ٻال ڪيتم گهر روشن سجده روح سڪايا،

آيا وقت مبارڪ شادي قسم نو شهه پايا.

سندن اهو اظهار ڪنهن به بيان ۽ ٽيڪا جو محتاج نه آهي، جنهن جي پڙهڻ سان جيڪو منظر ذهن ۾ اڀري اکين آڏو اچي ٿو ان کي مصور جونرم نازڪ برش به پنهنجي چترڪاري ۾ آڻڻ کان قاصر آهي. اهڙي ريت سُر ”ڍول مارو“ زبان ۽ بيان توڙي شاعرانه مصوري جو عجيب شاهه ڪار آهي، جنهن ۾ نج ڍاٽڪي ٻوليءَ ۾ چيل شعر مواد توڙي هيئت جي لحاظ کان اهم تجربو آهي. جيڪو سندن سماجي مطالعي ۽ ٻوليءَ جي وسعت نظري جو دليل آهي. جيئن سنڌي شاعري ۾ سچل رحه جو هندي ڪلام اهميت رکي ٿو تيئن خليفي صاحب جي هن ڪلام جي به هڪ تاريخي ۽ ادبي حيثيت آهي؛ ڇاڪاڻ ته ان ۾ جيڪا شعري نزاڪت، ٻوليءَ جي شيريني نغمگي، مزاج جو حسن، جذبن جي اظهار جي ڪيفيت، پاٻوهه ۽ سونهن سمايل آهي، اهو لک لهي سڄو سُر موتين سر کي مالها ۽ ميند آهي:

ڍولو نرور سيرين مارو پاس ٿرين،

قاسم ٿر ٻاٻڙا، آرهڙ پياس مرين،

گوري جا ٽي باٽڙي، تون ڍولا آو گهرين.

هي سُر ٿر جي مشهور عشقيه داستان ’ڍولا مارو‘ جي سلسلي ۾ رچيل آهي. خليفي صاحب هن تاريخي داستان کي نهايت بهتر انداز ۾ بيان ڪيو آهي. هن عشقيه داستان کي هندي عشقيه شاعري ۾ وڏي اهميت آهي. لطيف رحه جي ڪن آڳاٽن رسالن ۾ هي سُر موجود هو، ليڪن محققن جي تحقيق ان کي اهو چئي رد ڪري ڇڏيو ته زبان ۽ بيان جي خيال کان هي سُر يا هن جا بيت لطيف جا چيل نه آهي. هت ان بحث جو ڪو ضرور نه آهي ته ”ڍول مارو“ لطيف چيو يا نه؟ ليڪن خليفي صاحب ڍٽ جي پٽ جي هن عشقيه داستان کي بيان ڪري انهي زبان ۾ جيڪو بيان ڪيو آهي اهو لائق تحسين اهي. مٿيون بيت جيڪو ڍاٽڪي ۽ سنڌي جو مرقع آهي، ان جو مطلب آهي ته:

ڍولو جيڪو راجستان جي نرور شهر ۾ آهي ۽ مارو ٿر جي پاسي ڀٽن ڀر سندس اوسيئڙي ۾ پئي اوجهري. ان جي انتظار ۽ لوڇ پوڇ واري ڪيفيت لاءِ قاسم شاعر چوي ٿو ته جيئن ٿر ٻاٻڙا جيڪو ڳيري جي قسم جو هڪ پکي آهي. آرهڙ جي اڃ سبب مري پوي ٿو. تيئن آئون تو لاءِ اهڙي پياسي آهيان. گوري يعني مارو واٽون ۽ ور پيچرا ۽ پنڌ، گس ۽ گهٽ پيئي نهاري ته ڍولا تون مان گهرين اچين.

ماروءَ جي حسن ۽ ان جي اندر جي اِڇا کي بيان ڪندي ٻڌائي ٿو ته:

پانا جيسي پاتلي قاسم ڪنول رنگ،

اوڀي آنگڻ تڙ ٿري، جيم جو ئي نانگ ڀونگ.

شاعر چوي ٿو ته هو پان جي پتي جهڙي سپِڪ، سنهڙي ۽ هلڪڙي آهي. سندس رنگ ڪنول جهڙو آهي. جيئن ڪنول جي سفيدي تي وچ ۾ پيلاڻ جو حسن ڪيسر رنگ جيان هڳاءُ ڪيو بيٺو آهي. هن جي سونهن به ايئن ئي آهي. اها ڪنول جهڙي ڪامڻي اڱڻ تي بيٺي تڙپي ۽ انتظار ڪري. هو اوٽي تي ايئن ڪر کنيو اڀي آهي. جيئن ڪر ڪاريهر ڦڻ ڪڍيو بيٺو هجي.

انتظار ۽ اوسيئڙي جو گهڙيون ورهين جو وڇوڙو جڏهين ختم ٿئي ٿو ۽ جاني جوءِ ۾ اچي اوٽو اورانگهي آت ڀيڙا ٿين ٿا ته سڪ وندين جي سڪ ۽ وڇوڙي جو وررنهه ور ڏيئي پانهون وري وڃي ٿو ۽ من جي مکڙي کلي پوي ٿي ۽ جسم جو انگ، انگ ٺري پوي ٿو. ان لاءِ فرمائي ٿو ته:

روم، روم سيتل ڀئي، اتر گئي سڀ پاپ،

ووهي ڍولو گهر آيو جو امني ڏيڌو باپ.

ڪنول جهڙي ڪامڻي چوي ٿي ته منهن جو انگ، انگ ٺري پيو ۽ سڀ ڏک ۽ ڏولاها، وڇوڙو ۽ ورونهه لهي ويا ڇو ته ”ڍولو“ منهنجي گهر اچي ويو.

جيڪو منهنجي ماءُ پيءُ مونکي مڙس ڪري ڏنو جنهن لاءِ مون هيڏو انتظار ۽ اوسيئڙو ڪيو.

خليفي صاحب جو هر شعر پنهنجي جاءِ تي نهايت شسته، حسين ۽ رومانيت سان نهايت ڀرپور آهي. حسن ۽ نزاڪت جي سلسلي ۾ سندن سر مومل راڻو به هڪ اعليٰ سُر آهي. جنهن ۾ فڪر جي گهرائي ۽ حسن جي سروائي جي نزاڪت جي جيڪا پلٽ آهي، اها شايد ڪنهن ورلي شاعر وٽ هجي. فرمائي ٿو ته:

وڄ ورنيوُن ڪامڻيون نڱيون نادولا،

سَر چيرا، ڳل پپنيون، چڪن سين چولا،

پاجاما پيرن ۾، وجهن واڍولا،

امل اتولا، پوتائون پازيب ۾.

يا

گجر سندي گام ۾ نت گهڙجي نينهن،

آتڻ مٿان عشق جي موگهون لايون مينهن،

قاسم راتو ڏينهن، سڀڪو ڀيڙو سڄڻين.

خليفي صاحب جي ڪلام جي چيل سُرن ۾ بيتن جو تعداد جيتوڻيڪ لطيف رحه ۽ سچل جي رسالن جي مقابلي ۾ نهايت مختصر آهي. ليڪن باوجود ان جي هر سُر مختصر هوندي به صوري توڙي معنوي لحاظ کان فڪري طور جامع آهي، جنهن ۾ زبان ۽ بيان جي چاشني هڪ طرف آهي ته فڪر جي گهرائي ۽ گيرائي ڪيفيت ۽ ڪميت جي خيال کان عروج تي نظر اچي ٿي. سنڌ جي جديد شاعري ۾ قومي رنگ جو جيڪو عنصر آهي ان ۾ اسان جي شاعرن جو خاصو طبقو خليفي صاحب جي انهي چاڙهيل چروءَ جي رنگ ۾ رنڱيل نظر اچي ٿو، ڇاڪاڻ ته وطني فڪر جنهن کي قومي بقاءُ وارو فڪري عنصر چئجي، جنهنجو پايو لطيف رحه وڌو ۽

اڳيان اڏين وٽ، پوين سر سنباهيان،

يا

هڻڻ، هڪلڻ ٻيلي چاڙهڻ مانجهين اي مَرڪُ

يا

هڻ ڀالا وڙه ڀاڪرين آڏي ڍال مَ ڍار

سان ڪيو خليفي صاحب ان کي سڌو سنئون وطنيت جي ورجاءُ ۾ آڻي بيان ڪيو آهي. مزاحمتي ۽ مدافعتي شعري قدرن ۽ قومي بقاءُ جي جنگ ۾ نسنگ ٿي بيان ڪيو آهي. اهو فڪر لطيف جي دؤر جي ضرورت هو. خليفي جي دور جي ضرورت هو. اهو فڪر اڄ جي دؤر جي ضرورت آهي. جيئن مون پهريئن عرض ڪيو ته خليفي جو روح ڪوڪ ٻورائڻ لاءِ آتو ۽ اڪنڊيل آهي. مون کي يقين آهي ته رڃ مان جيڪا رڙ اچي پيئي، ان جي اتر ۾ اسان مان هر ڪو ايئن چئي اٿندو ته: متان ٿئين ملور ڪين آڳاهون آهيان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com