ايندي اگهورين جا، ڏوري پُڇج ڏس،
وٺج واڳ وصال جي، ٻئي پاسي ڪيم ترس،
اوڏو ئي اکڙين کان، نيڻ نهاري ڏس،
ته جوڳي ڀانئي جَس، ايندي آڌوتين کان.
مخدوم امين محمد ”امين“ رح
شاعري
لافاني ڪلام
مخدوم امين محمّد صديقي ”امينؒ “
جنين کي عشق جو آهي، نشو نروار اثباتي،
کيئون هٿ برهه جا ڀالا، رسيا عبديءَ ڪنا اعليٰ،
ڪنين بيراڳ جا والا، وڌائون فڪر کي ڦاهي،
سالائي ”لا“ سندي ڪاتي.
*
کٽي سا راند ٿيا راسا، پنئون ٻارهن ٻئي پاسا،
خفيءَ ۾ خان ٿيا خاصا، ڇڏيئون گهر ڊاوَ جا ڊاهي،
رکي هڪ رمز ڏينهن راتي.
*
اندر ۾ عشق جا کورا، مڃيائون محب جا ٿورا،
ڀڃي ڪيئي بت ڪيئون ڀورا، تنين جي شرف شڪ ناهي،
وڃي ٿيا ذات ۾ ذاتي.
*
”امين محّمد“ اُهي آندا، جي هُو ۾ هوءِ هيڪاندا،
نه هڪ دم وره کان واندا، ٿي ماريا موت مت ڇا هي،
مَ چوسي مرد ممَاتي.
مخدوم محمّد زمان ”طالب الموليٰ“
غزل
ٻڌو ٿا هم نشينو مان غمن ۾ خود ڪفيل آهيان
غمن ۾ خود ڪفيل آهيان محبّت جو دليل آهيان
اهو اعزاز منهنجي ڪاڻ ڪافي آه اي يارو،
ته مان محبوب پنهنجي وٽ جميلن کان جميل آهيان
ڊڄان ٿو آتشِ هجر و محبّت کان نه هرگز مان،
يقين ڪريو ته هن پنهنجي زماني جو خليل آهيان .
سندم عشق و محبّت جي ڪهاڻي کي نه ٻڌ هرگز،
پڇين ڇا ٿو فقيهِه شهر مان قصّو طويل آهيان.
ٻڌم اڄ پيرِ ميخانه کان ميخاني ۾ هي دعويٰ،
ٿيو اي ميڪشو مدهوش اهلِ سلسبيل آهيان.
متان تون مون کي سمجهين بيوقوف اي مولوي صاحب،
تغافل عارفانه ۾ عقيل آهيان عقيل آهيان.
حقيقت تي نظر آهي طريقت تي عمل آهي،
مبادا واعظو سمجهو ته محوِ قال و قيل آهيان.
جليل القدر! تو وٽ طالب الموليٰ حقير آهي،
مگر جاني! زماني ۾ يقيناً بي عديل آهيان.
(29 ڊسمبر 1988ع)
مخدوم محمّد امين ”فهيم“
محبوب من! هو تنهنجا اشارا ڪٿي رهيا،
منهنجي ضعيف دل جا سهارا ڪٿي رهيا.
جن روح کي ٿي روز نئين تازگي ڏني،
ڄاڻي خدا سمورا نظارا ڪٿي رهيا.
دستِ جنون ۽ منهنجا گريبان به ويا ٺهي،
ڪهڙي خبر انهن جا خسارا ڪٿي رهيا.
راهون تڪيندي رات سڄي ختم ٿي وئي،
مون تان کِليا ٿي جيڪي ستارا ڪٿي رهيا.
آخر به منهنجي ڀر ۾ هلي آئين، دلربا،
تو جي ڪيا ٿي مونکان ڪنارا ڪٿي رهيا.
سو راه رو ئي منزلِ مقصود تي رسيو،
رهبر ٿيو جنهن جو يار، اڌارا ڪٿي رهيا.
الفت جي ڪشتي ڪافي پري نڪري وئي اي دوست،
دنيائي رنگ و بو جا ڪنارا ڪٿي رهيا.
درياءُ پائي پائي ڪٿان جو ڪٿي رسيو،
اي يار پاڻ وارا ڪنارا ڪٿي رهيا.
تنهائين جي وقت پڇيو دل ”فهيم“ کان،
ڀيرا ڪندا هئا جي ڀلارا ڪٿي رهيا.
14 آگسٽ 1958ع
تنوير عباسي
نه ڪا رياضت نه ڪا عبادت،
رڳو محبت رڳو محبت.
اسانجو مسلڪ اسان جو مذهب،
سڀن سان نوِڙت سڀن سان الفت.
اهي هوانا اچڻ جا تنهنجي،
گهُلن ٿيون هيرون ٽمي ٿي نگهت.
اچي سڀان شل اوهانجي صورت،
اکين تراوت دلين مسرت.
محبت آهي ته ڏاڍي ليڪن،
نه آهي هن ساڻ ايڏي حجت.
سيد احسن الهاشمي
قطعا
(1)
مون ته حُجّت جو اختصار ڪيو، بس کڻي هن تي اعتبار ڪيو؛
هن جي صدقي ۾ اي قضا تنهنجو، مون سڄي رات انتظار ڪيو!
(2)
ياد ٿم عهدِ وصل واري رات، مون ۽ قسمت ڪٽي جا ڪاري رات!
آءُ ته جاڳيس پئي يار تنهنجي لئه، ڀاڳ منهنجو ستل هو ساري رات!
(3)
پنهنجي وعدن سنا همڪنار نه ڪر، هي تقاضائون بار بار نه ڪر؛
تنهنجي مرضي جڏهن کپئي اچجئين، مون کي پابندِ اعتبار نه ڪر!
(4)
ڪير وعدن سان همڪنار ٿيو، ڪير ٿو چئي ته اعتبار ٿيو؛
نزع جي وقت ٿورو ياد آئين، بس انهيءَ مهل انتظار ٿيو!
(5)
علم ۾ دنگ، مفلسيءَ سان جنگ، دانشِ فن ڪمال، دل بي رنگ؛
ڪيئن رديفِ سخن ملي جو آهه، پيٽ جي شاعريءَ جو قافيو تنگ.
امداد حسيني
ٻه گيت
(1)
اُڀ تي بادل
بادل ۾ بوندون
بوندن ۾ پاڻي
پاڻي نديءَ ۾
نديءَ ۾ ٻيڙي
ٻيڙيءَ ۾ تون مان-اُڀ تي بادل ....
تارنديءَ ۾ پيار ئي تاري
پارنديءَ جي پيار اُڪاري
پارنديءَ جي
لونگن جو ٻُوٽو
لونگن ۾ خوشبو
خوشبو هوا ۾
هوا ۾ بادل-بادل ۾ بوندون....
لهر لهر مان پيار پُڪاري
نيڻن مان ٿو نينهن نهاري
پارنديءَ جي
مينديءَ جو ٻوٽو
مينديءَ ۾ خوشبو
خوشبو هوا ۾
هوا ۾ بادل- بادل ۾ بُوندون....
(2)
سپنا سپنا ٿيندا آهن
ننڊ اچڻ تي ايندا آهن
سپنا، ها، ساوڻ جا سپنا
ساوڻ من ڀاوڻ جا سپنا
- سپنا سپنا....
سونهري، ڪينجهر جا سپنا
سپنا ڪارونجهر جا سپنا
- سپنا سپنا ...
سپنا، ها، سُهڻي جا سپنا
سُهڻي مَن مُهڻي جا سپنا
- سپنا سپنا ....
شبيّر ”هاتف“
قطعو
خبر نه آهي ته ”هاتف“ ڪٿي وڃايوسين،
سندس ڪلام جي رنگينين کي ساريون ٿا،
هو جن جي حسنِ بهار آفرين جو عڪس غزل،
انهن حسين پري زادين کي ساريون ٿا.
غزل
تعلّقات جا معيار بدليا آهن،
هئا جي وار کان ويجها، سي پرڀرا آهن.
جي سون کان به سچا قول فعل جا آهن،
اڄوڪي دور ۾ ٽامي جا ليکبا آهن.
اڃا ته عشق جي منزل پري پري آهي،
اڃا ته ڪنڌ ۽ ڪاتيءَ ۾ فاصلا آهن.
پين ٿا جيڪي ڀري جام خونِ ناحق جا،
فقيهِه شهر جي فتويٰ ته پارسا آهن.
هٿن ۾ جن جي هو قرآن ۽ بغل ۾ ڇُري،
انهن سان يار ڪبا ڪي معاهدا آهن.
رقيب هاڻي ٿو ٻولي پيار جي ٻولي،
الائي ڪهڙا نوان ناٽ هُن رٿيا آهن.
انهن سان آهه نه گوڏو گڏي وهڻ واجب،
اسان جي لاءِ جي ڌُريان ئي ڌاريا آهن.
هٿن سان جن پئي ڪنارن تي ٻوڙيون ٻيڙيون،
اُهي بضد ته اڃا تائين ناخدا اهن.
پرائي مار ڪا ماري سگهي ٿي مردن کي،
هي بدنصيب، نصيبن ئي ماريا آهن.
قدم سنڀالي کڻو، اي سَهي جي کل وارا،
رڍن جي روپ ۾ هت ڪئين بگهڙ پيا آهن.
خدا جو نالو فرشتن ۾ ڪو وٺي ته وٺي،
خدا جي خلق گهڙيا پنهنجا ڪئين خدا آهن
الائي ڪنهن جي نظر کائي وئي ”هاتف“ کي،
سندس ڪلام ڪتابن ۾ ڳولبا آهن.
عنايت بلوچ
نظم
دل ۾ هڪ تصوير رهي ٿي،
چنڊ جيان جَرڪي، چمڪي ٿي!
گُلڙن جهڙي نازڪ نِينگر،
مون سان بيحد پيار ڪري ٿي!
پيار جو ڳالهائڻ جي بدران،
نظرن سان اظهار ڪري ٿي.
اوسيئڙي ۾ هر گهنٽيءَ تي،
ڊوڙي ٽيليفون کڻي ٿي.
ٽيليفون تي جيئن ڳالهايان،
مٺڙا گُفتا ورجائي ٿي.
گهرَ، آفيس، سفر ۾ هرجا،
مون سان هردم گڏ رهي ٿي.
روز سندس پيو راهه نهاريان،
هوءَ به واٽون واجهائي ٿي.
روُحن جو ڪو رشتو آهي،
جنهن بن ساعت ڀي نه سَري ٿي.
ويجهي هوندي، دُور رهان ٿو،
دُوري ۾ هوءَ گڏ رهي ٿي.
کامڻ، پڄرڻ، اُڌما، جذبا،
اندر ۾ ڄڻ باهه ٻري ٿي.
عين ’عنايت‘ ٿورا هُن جا،
ترسي ترسي، ياد ڪري ٿي.
انور هالائي
جنونِ عشق ۾ وحشت کي اختيار ڪريون،
اچو ته پاڻ کي دنيا تي آشڪار ڪريون.
فغان و آه تي هر دم ڇو انحصار ڪيون،
نجومِ شب کي سڏي پنهنو رازدار ڪريون.
جهانَ جي هر صورت ۾ دل فگار ڪريون،
خلوص پنهنجي سان پٿر کي بيقرار ڪيون.
ثوابِ عشق جي خاطر حضور يار اڳيان،
نگاهِ شوق کي ڪنهن پر گناه گار ڪريون.
خدا ملڻ جا طريقا هزارها آهن،
عبادتن تي فقط ڇو ٿا اعتبار ڪريون.
طلوعِ صبح ۾ ڪو انقلابِ نو آڻيون،
شبِ سياهه جي دامن کي تار تار ڪريون.
اچڻ جي ڳالهه ڪيو ٿا، پري ڪيو پردو،
گهڙي پلڪ ئي سهي، بي حجاب پيار ڪريون.
شڪايتن کي ڇڏي پوءِ اي سڄڻ سائين،
محبتن سان سڄي رات يادگار ڪريون.
ڪرم نواز اچو هاڻ فيض ياب ڪيو،
زبان تي ذڪر اوهان جو ٿا بار بار ڪريون.
سڪون بخش جئڻ ڄڻ ته بي حصول ٿيو،
جلائي خونِ جگر دل کي داغدار ڪريون.
اوهان جو وعدو ڪري حوصلا ٿو ختم صنم،
تمام رات اوهان جو ٿا انتظار ڪريون،
اچو اي دوستو ديوانگي جو تاج ڍڪي،
جنون جي ملڪ جو ”انور“ کي تاجدار ڪريون.
عبدالقيوم صائب
غزل
بارها ڦرندي رهي ٿي چشمِ گردون بي سبب،
ٿي ڏئي تڪليف دل کي روز افزون بي سبب.
لمحه لمحه منهنجي دل تي ڪيئن نه گذري اڄ گران،
جنهن ۾ چڀندو ٿو رهي خود تيرِ شبخون بي سبب.
تشنه لب تڙڦي اٿيا ۽ بيوسي ڏسندي رهي،
پٽ تي هاريو جو ويو پئي جامِ گلگون بي سبب.
ناقئه ليليٰ تي خالي آهه محمل جو فسون،
صحرا صحرا اڄ ٿو ڀٽڪي يار مجنون بي سبب.
گلرخن جي تابشن تي ڪيئن نه ڪڇندو ڪو ميان!
گلستان ۾ ڪير ٻڌندو گل جو مضمون بي سبب.
ڪوڪ دل مان ٿي تڏهن نڪري جڏهن ڏک ٿو رسي،
ڪين ٿيندو آهه مٺڙا شعر موزون بي سبب.
ابرِ نيسان فيض جو آهي نشانِ لازوال،
سپ ۾ سپبو ڪين آهي دُرّ مڪنون بي سبب.
گهرج آهر ڪائنات رنگ و بو جو هو وجود،
آهه ٺهندي ڪنهن ڏٺي؟ اي يار، معجون بي سبب.
ڪنهن نه ڪنهن سهڻي ادا آهي چريو هن کي ڪيو،
ڪين ٿيندو آهه ڪوئي ڪنهن تي مفتون بي سبب.
ڪجهه ته آهي جو وري منّت ڪشي هن ٿي ڪئي،
ناهه ’صائب‘ خود ٿيو اڄ ڪنهن جو ممنون بي سبب.
محبوب سروري
غزل
پرواهه ناهه ڪجهه به پراوا چوڻ لڳا،
مونکي الائي دوست به ڇا ڇا چوڻ لڳا!
سبتا هئا جي ٻول سي ابتا چوڻ لڳا،
دريا کي موج، موج کي دريا چوڻ لڳا!
چرين جي اسپتال ۾ آءٌ گهمڻ ويس،
مونکي چريو! چريو! اتي چريا چوڻ لڳا.
ڦيرو عجيب گردشِ ايّام جو ڏٺم،
ليليٰ کي مجنون، مجنون کي ليليٰ چوڻ لڳا.
حاوي ٿيا بزارِ محبّت ۾ جعل ساز،
منهن جا سچا سِڪا به سي کوٽا چوڻ لڳا.
جنهن وقت آيو محفلِ رندان ۾ محتسب،
مڪّي جي شهر ۾ خرِ عيسيٰ چوڻ لڳا.
ذوقِ جمال تي به سياست جو آ اثر!
محدود منهن جي قرب جي ڪوٽا چوڻ لڳا.
هو حزب اختلاف ته پڇندا به ڪونه ها،
مليو جو اقتدار ته آقا چوڻ لڳا!
جيڪي هزار بار گلائون ڪندا هئا،
ڪم تن جو پيو، حضور ۽ قبلا چوڻ لڳا.
پيري ۾ پيار جن به حسينن سان مون ڪيو،
مونکي وڏي سي چاهه مان ”چاچا“ چوڻ لڳا!
جنهن وقت سالڪن ڪيو لفظن تي غور و فڪر،
”الله“ جي ئي عڪس کي ”هالا“ چوڻ لڳا.
دنيا کان دُور جو ٿيو، عقبيٰ کان بي نياز،
ماڻهو انهي کي طالبِ موليٰ چوڻ لڳا.
ڏسندي جمالِ يار ڪيون دانهون عاشقن،
الله! هاءِ هاءِ! ڙي گهوڙا! چوڻ لڳا.
بزمِ سخن ۾ اهلِ سخن ٻيا به ها گهڻا،
سڀ ”سروري“ جي شعر تي وهوا چوڻ لڳا.
مخدوم سعيد الزّمان ”عاطف“
غزل
اي جانِ غزل اي جانِ وفا، تون مون کان ٿجان هرگز نه خفا،
او منهنجا پرين او منهنجا مٺا، آئون تو سان ڪندس پيو سدائين وفا.
منهن جو دين ايمان آهين ير تون، منهن جو ساهه ۽ مان اهين ير تون،
منهن جي جند ۽ جان به تون ئي آهين، جي سگهندس ڪو نه مان توکان سوا.
منهنجي دل ۾ تون هر وقت آهين، منهن جي اکڙين ۾ ٿو تون ئي وسين،
منهن جي ذهن تي ڇانيل آهين تون، مون کي آهي رڳو تنهنجي سار سدا.
کڻي صبح هجي يا شام هجي، هر وقت پيو توکي ياد ڪريان،
۽ خوابن ۾ توکي ٿو ڏسان، تو لاءِ سندم دل آهي صفا.
منهن جي سيج رڳو آهي تنهن جي لئه، تنهنجو گهونگهٽ فقط آهي مون لئه،
سڀ واعدا ڪندس مان پنهنجا وفا، توکي ڪونه ڪندس آئون يار خفا.
دنيا وارا مونکي ٿا چون، تنهنجو يار دغا ڏيندو توکي،
اڻ ڄاڻ آهن هو ڇا ڄاڻن، الفت ۾ ٿيندي ناهي دغا.
منهنجو واعدو ڪيل آهي تو سان، جيئندس توسان مرندس توسان،
مون کي تنهن جو قسم جنّت نه ملي، جي تو سان ڪريان مان يار جفا.
منهنجي قسمت ۾ رڳو تون آهين، ٻيو ڪونهي ير توکان سوا،
اچ ’عاطف‘ ڏي تون قرب ڪري، هر ڌڙڪن جي هيءَ آهي صدا.
(29 جنوري 1981ع هالا)
محمّد علي جوهر
غزل
ڌيان ڪر ڪجهه دلربا مون کان رُسي ايئين نه وَڃُ،
بي سبب ۽ بي خطا مون کان رُسي ايئين نه وَڃُ.
پنهنجي دل تي هٿ رکي انصاف ڪر مون کي نه ڏي
بي گناهي جي سزا مون کان رُسي ايئين نه وَڃُ.
ساهُه سر ۽ جان دل توتان ڪَيم صدقي سدا
دوست دلبر دادلا مون کان رُسي ايئين نه وَڃُ.
رنجُ ڪاوڙ تلخي تُرشي تنهنجي منهن تي ڪا نه پئي
ماکي مصري کان مِٺا مون کان رُسي ايئين نه وڃ.
بدگماني يا غلط فهمي ڇڏي ڏي يار تون
ڳالهه ٻُڌُ ٿوري ڀلا مون کان رُسي ايئين نه وڃ.
هَٿَ ٻڌان پيرين پوان مِنٿون ڪيان ڊوهيون و جهان
توکي تُنهنجا واسطا مون کان رُسي ايئين نه وڃ.
تون جياپو آهين ’جوهر‘ جو، سَهارو ساههَ جو،
زندگي جا آسِرا مون کان رُسي ايئين نه وڃ.
آثم ناٿن شاهي
غزل
پَل، اَڌ پَل جو ويلو آهين،
سمجهه گهڙيءَ جو ميلو آهين.
او چوڏس جا چنڊ! گگن ۾
تارن ريءَ اڪيلو آهين.
سُونهن کڻي ڪيڏي به هجيئي، پر،
پيارَ بِنا پٿريلو آهين.
توکي ڪيئن کڻي ڪو ڪَڇ تي،
تون ته گهڙوئي ڀيلو آهين.
ڳالهين مان ته ايئن ٿو ڀاسي،
ڪوڙو ڄڻ ته ڪريلو آهين.
واسينگن تي ويسهه تنهنجو،
ڪيڏو يار! ڳهيلو آهين!
آثم! ڪجهه اُداس ٿو ڏسجين،
ماڻهو هونءَ اربيلو آهين.
فقير منٺار (مارانوي)
ڪافي
آهيان تنهنجي آسري،
ٻيو تڪيو مون ڪو نه تَڪيو.
ڏينهن ڏکيو ڏاڍو سڄي، حال پنهنجي هرڪو ڊڄي،
اڄ ڪير ڪونه ٿو ڪنهن سان پڄي، منهنجو نظر تو ۾ پيو.
گذريل ڏينهڙا ياد پون ٿا، ڪوجها ڪمڙا اڳيان اچن ٿا،
رويو رويو نيڻ ٽمن ٿا، اچي ڏکيءَ کي ڪو ڏَڍُ ڏيو.
اها آس اندر ۾ آهي مون، مون کي ڪين ڇڏيندين تون،
جان جسو هيءُ گهوريوسون، ’منٺار‘ تي ڪا مهر ڪريو.
مخدوم جميل الزّمان
غزل
اي جذبئه وصال خبردار ٿي ڀلا،
ڪر جستجو تيار ٿي هشيار ٿي ڀلا.
اي سنگدل! حبيب ٿي سرڪار ٿي ڀلا،
يا ماڳهين ”جميل“ جو دلدار ٿي ڀلا.
عاشق جي آهين حضرت عاشق ته پوءِ هاڻ،
پرده نشيني ڇڏ اُٿي نروار ٿي ڀلا.
هجرِ ضم اڃا به تون مشڪل پسند ٿيءُ،
جي ٿي نٿو سگهين ته پوءِ هموار ٿي ڀلا.
تنهنجي جفا ۽ منهنجي وفا ۾ نه فرق پيو،
جانِ بهار! هاڻ کڻي يار ٿي ڀلا.
اڄ اچ ته ميڪدي جا مٽائي ڇڏيون اُصولَ،
آئون ٿيان ٿو ساقي تون مئخوار ٿي ڀلا.
ديوانگيءَ جو لطف ته حاصل ڪري ڏٺئي،
ڏکڙا ڏسڻ جي لاءِ سمجهدار ٿي ڀلا.
من مانُين ۾ عمر گذاري ڇڏي اٿئي،
اي محتسب تون صاحبِ ڪردار ٿي ڀلا.
مطلوب ٿي رهڻ جي وڻيئي نٿو ’جميل.‘
واڌائيون قبول، طلبگار ٿي ڀلا.
14 جنوري 1991ع ــ سپر هاءِ وي
(ڪراچي کان سنڌي ادبي بورڊ)
عبدالله ورياهه ”آزاد“
مٺا منهنجا مولا سڄي جڳ جا سائين،
وٺان واٽ حق جي سڌي رستي لائين.
هلي حڪم تنهنجو زمين آسمان تي،
سڀن کي تون هر هنڌ ٿو روزي رسائين.
گنهگار آهن، سڀئي تنهنجا ٻانها،
مڙئي بخش تن جون مدايون ڪجائين.
چڱن سان چڱايون ته هرڪو ڪري ٿو،
ڀلا ڀال پنهنجا برن سان ڀلائين.
جهڪيو ڪنڌ جيڪو سدا تنهنجي در تي،
نه تنهن کي ٻئي ڪنهن جي آڏو جهڪائين.
ڪجان ڪين ڪنهنجي وٿاڻ کي وانجهو،
ڏيئي کير پٽڙا مرادون پڄائين.
ٿيان ڪين محتاج دنيا ۾ ڪنهنجو.
ڏجان چڱڀلائي ۽ هلنديءَ هلائين.
پروڙڻ ۽ پرکڻ جي طاقت آ توکي،
سدا منهنجي واتان تون سچ کي سلائين.
سڀئي علم الله توکي جڳائن،
نه ڪو ڪوڙ منهنجي قلم کان لکائين.
مٺي مير مرسل محمّد صه جي صدقي،
ڀلو بيت پنهنجو مدينو گهمائين.
اُٿان روز محشر هجن هيٺ نظرون،
نه اهڙو ڪڌو ڪم ڪو مون کان ڪرائين،
گهري عبد، الله توکان دعا ٿو،
مدد منهنجي مولا ڪجان تون سدائين.
نثار بزمي
ساري جهانَ جا غَم جنهنجي پٺيان لڳن ٿا،
مشڪل جا مينهن جنهنجي سر تي وسن ٿا،
جنهنجي اکين ۾ ڳوڙها هَر هَر لڙِي اچن ٿا،
جنهن کي ڏسي سِتارا ٻُوساٽجي وڃن ٿا،
ها مان اُهوئي آهيان،
ها مان اُهوئي آهيان.
*
جنهنجي صداقتن کي سڀڪو خطا ٿو سمجهي،
جنهن جي حقيقتن کي هڪڙو خدا ٿو سمجهي،
هر آشنا کي جيڪو نا آشنا ٿو سمجهي،
جو پاڻ کي سدائين بي دست و پا ٿو سمجهي،
ها مان اُهوئي آهيان،
ها مان اُهوئي آهيان.
*
جنهن جي خوشين ۾ ويڙهيل غم جا غبار آهن،
داخل ٿيا جنهن جي دل ۾ ارمان هزار آهن،
جنهن کي ڇڏي سمورا ٿيا يارَ ڌار آهن.
جنهن جي اکين مان جاري هر وقت نار آهن.
ها مان اُهوئي آهيان،
ها مان اُهوئي آهيان.
*
شاعر چَوَن ٿا جنهن کي، جو شعر ٿو بڻائي،
آئي وئي کي پنهنجا جو سورَ ٿو سڻائي،
پَلڪُن تي نسوئن جي محفل ٿو جو سَجائي،
موتي ٿو ماڻِڪيُن جا جو مفت ۾ لُٽائي،
ها مان اُهوئي آهيان،
ها مان اُهوئي آهيان.
*
هي رنگ و بُو جي دنيا جنهن کي نه راسِ آئي،
جنهنجي قبول پيئي ڪنهن وَٽِ نه ڪا ڪمائي،
بدنام ٿي وئي جنهنجي آهي وفائي،
جذبات ۾ جنهن پنهنجي آ جان ئي جلائي،
ها مان اُهوئي آهيان،
ها مان اُهوئي آهيان.
*
جنهنکي سدائين ڳڻتي پنهنجي وطن جي آهي،
لوري لڳل ڪا جنهن کي پنهنجي چمن جي آهي،
جنهن کي نه زَر جي آهي، جنهن کي نه ڌنَ جي آهي،
جنهن جي نظر ۾ دولت مَرُ ڪا هٿن جي آهي،
ها مان اُهوئي آهيان،
ها مان اُهوئي آهيان.
*
جنهن کي سڏن ٿا ”بزمي“ جو بزم ٿو سَجائي،
جو ڪاغذن تي مَسُ جا واهُڙ پيو وهائي،
الفت جي راههَ ۾ جو پنهنجا قدم وڌائي،
جو پاڻ وٽ نه باقي ڪا چيز ٿو بچائي،
ها مان اُهوئي آهيان،
ها مان اُهوئي آهيان. |