* هڪ تصوير جهڙي طرح منهنجي زندگيءَ جو حصو آهي،
اُن کي ڏسندڙ اهو ڪيئن محسوس ڪري سگهي ٿو. ڀلا ڪو
ڏسندڙ منهنجن سپنن، منهنجن جبلتن، منهنجن تمنائن ۽
منهنجن خيالن ۾ ڪيئن شريڪ ٿي سگهي ٿو؟ انهيءَ کان
سواءِ مون انهن تصويرن ۾ پنهنجي خواهشن جي خلاف
جيڪي ڪجهه ڀريو آهي، ڪو ڀلا ڇو انهن جي گهراين
تائين وڃي سگهي ٿو.
ـــ پئبلو پڪاسو
انٽرويو
ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي سان ڳالهه ٻولهه
(انٽرويو)
(سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن پاران ڪراچيءَ ۾ ڪوٺايل بين الاقوامي
سچل ڪانگريس (3- ڊسمبر 1989ع) جي ڪامياب پڄاڻي ۽
سچل قافلي جي خير سان وراڻِ کان پوءِ ڊاڪٽر جيٽلي
۽ آءٌ پياري دوست عبدالله خان ورياهه جي دعوت تي
ٽنڊي آدم ويا هئاسون. هيءَ ڳالهه ٻولهه ورياهه
صاحب جي اوطاق تي ٿي.
سائين ورياهه صاحب سٺو موقعو ميسر ڪيو ۽ محترم عابد مظهر ڳالهه
ٻولهه کي لکت ۾ آندو. مان انهن مهربانن جو ٿورائتو
آهيان- ڊاڪٽر نواز علي شوق)
سوال: سائين جيٽلي صاحب! اسان جي لاءِ نهايت خوشيءَ جي ڳالهه
آهي، جو توهان سنڌ ۾ آيا آهيو، هيءُ به توهانجو
پنهنجو وطن آهي. توهان جي موجودگي مان ڪجهه فائدو
وٺندي، توهان کي ٿوري تڪليف ڏيندس، توهان سان ٻه
چار ڳالهيون ڪرڻيون آهن. سمجهو ته اها هڪ روح رهاڻ
ٿيندي. مان ڪوشش ڪندس ته هيءَ ڳالهه ٻولهه
ڇپرائجي، جيئن اسان جا ٻيا پڙهندڙ به لاڀ حاصل ڪري
سگهن: ڇاڪاڻ ته هِندُ سِنڌ ۾ توهان کان وڌيڪ
لسانيات جو ڪو به ماهر ڪونهي، ڪوائليفڪيشن جي لحاظ
کان يا تحقيقي ڪم جي لحاظ کان، ان ڪري توهان کي
عرض ڪندس ته سنڌي ٻوليءَ جي بُڻ بڻياد بابت پنهجي
راءِ ٻڌايو.
محترم ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، ڊاڪٽر علي شوق صاحب کي انٽرويو ڏيئي
رهيو آهي.
جواب: حقيقت ۾ ڏسجي ته سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد ٻابت ودوانن يا
عالمن جيڪي ڳالهيون ڪيون آهن، انهن گهڻو مونجهاري
۾ وڌو آهي، يعني هنن انهن ڳالهين کي صحيح نه
سمجهيو آهي، جنهن ڪري هو هڪ جي ٻي ڳالهه ڪندا رهيا
آهن. اسان رايا کڻون جيڪي پاڪستان جي عالمن جا
مکيه رايا آهن:
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي راءِ آهي ته: ”سنڌي ٻوليءَ جو عرب ۾
سميٽڪ (سامي) ٻولين سان ڪونه ڪو واسطو آهي. جنهن
پهريون ڀيرو جڏهن لاڙڪاڻي ۾ مقالو پڙهيو هو ته
عربي ٻوليءَ سان سنڌي ٻوليءَ جو ڪو نه ڪو واسطو
ڏيکاريو هو، پوءِ جڏهن سندس ڪتاب جو نئون ڇاپو
تيار ٿيو ته هن ان کي سڌاري انهي نموني سان تيار
ڪيو ته سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بڻياد واقعي سنڌ جي ڪنهن
اوائلي پراڪرت سان آهي پر انهي تي سميٽڪ ٻولين جو
گهرو اثر ٿيو آهي يا سميٽڪ ٻولين جي سٿ جي زبان
آهي، تنهن ڪري هن تي ايترو اثر ٿيو آهي، اهو ئي
سبب آهي جو سنڌي ٻوليءَ جو اصلي روپ بدلجي عربي
سان گهڻو ملي ٿو.“
ڊاڪٽر غلام علي الانا پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد“ ۾
لکيو آهي ته ”جڏهن هن
Caldwell جو گرامر پڙهيو ته هن جون اکيون کُلي ويون. چوڻ لڳو ته
”سنڌي ٻولي ته دراوڙي ٻولين سان گهڻو ميل کائي
ٿي.“ حقيقت ۾ اهو رايو به صحيح ڪونهي، ڇاڪاڻ ته
دراوڙي ٻولين ۽ سنڌي ٻوليءَ جو بنيادي اسٽرڪچر
گهڻو مختلف آهي. اهو هڪ ٻئي سان ميل نٿو کائي.
تنهن ڪري سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بڻياد ان مان ليکجڻ ته
دراوڙي ڪنهن پروٽو ڊرئويڊين جيڪا الانا چئي آهي،
ان مان نڪتل آهي ۽ پوءِ ان تي آريائي ٻولين جو اثر
پيو آهي، سو صحيح ڪونهي.
ٽيون رايو وري سراج الحق جو آهي. ان وري قوميت جي لحاظ کان
ڳالهه ثابت ڪرڻ چاهي آهي ته ”سنڌ جي علائقي ۾ سنڌي
ٻولي مرڪزي آهي، جتان ڦهلاءِ مصر، يورپ ۽
ميسوپوٽيما ڏانهن ٿيو آهي“. سندس هاڻ اهو رايو
بدلجي ويو آهي. تازو سندس ويچار جيڪو مختلف رسالن
مان ظاهر پئي ٿيا آهن، هن پنهنجي ان ويچار کي وري
سڌاريو آهي، جيڪو هن پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ“ ۾
ظاهر ڪيو آهي. هاڻ وري سندس اهي ويچار بدليل آهن.
ان ۾ وري ڪجهه سڌارو ڪيو آهي.
چوٿون رايو عام آهي جيڪو ڀيرومل جو آهي ته ”سنڌي ٻولي سنسڪرت
مان نڪتل آهي“ سو به سؤ في صد صحيح نه آهي.
سوال: ته پوءِ توهان جو پنهنجو ڪهڙو رايو آهي؟
جواب: منهنجي ويچار ۾ ته هاڻوڪيون جيڪي آريائي ٻوليون آهن، سي
ان (سنسڪرت) مان نڪتل آهن. ائين چوڻ نه گهرجي پر
حقيقت اها آهي جيڪو مون اڀياس ڪيو آهي، يا ٻيا
جيڪي عالم، ڀاشا و گياني يا علم لسانيات جا ماهر
آهن. چڪرورتي، بابورام سڪسينا، سديشرورما، انهن جو
خيال آهي ته هاڻوڪيون آريائي ٻوليون هن (سنسڪرت)
مان نڪتل نه آهن، پر انهن ان جي سمجهاڻي هن طرح
ڏني آهي ته اسان جي ڀارت ۾ پراڻي ويدن واري زماني
۾ جيڪي جدا جدا آريائي ٻوليون ڳالهايون وينديون
هيون، جيڪي سنڌ، پنجاب ۽ يوپي واري علائقي مڌيه
پرديش ۾ هيون، بهار، بنگال، آسام ۾ هيون، اهي جدا
جدا آريائي ٻوليون ڳالهايون وينديون هيون. انهن
مان جيڪي سنڌ ۽ پنجاب واريون آريائي ٻوليون هيون،
انهن مان سمجهو ڪا به ٻولي جنهن جو وڪاس ٿيو،
ڊولپمنٽ ٿي، ان اسٽينڊرڊ لينگويج جو روپ اختيار
ڪيو. اها هئي ويدن جي سنسڪرت پوءِ انهي سنسڪرت ۾
اڳتي هلي ڦيرو آيو، جنهن کي ڪلاسيڪل سنسڪرت چئجي
ٿو، جيڪا رامائڻ ۽ مهاڀارت اتر ڀارت جي مکيه ٻولي
۽ لٽرري ٻولي هئي. هاڻ اسان ان حساب سان چئون ته
سنڌي ٻولي سنئون سڌو سنسڪرت مان نڪتل نه آهي پر
اها سنڌ علائقي ۾ جيڪا اوائلي پراڪرت ڳالهائي
ويندي هئي، جنهن مان ڪا ٻولي ڊولپ ٿي، جيڪا سنسڪرت
يا ويدڪ سنسڪرت ٻولي بڻي، ته اسان کي مڃڻو پوندو
ته هاڻوڪي سنڌي ٻولي ان مان نڪتل آهي. هاڻ اسان
اها ڳالهه هن طرح سمجهائي سگهون ٿا ته ڪي به هڪ اڌ
الانا يا ٻين جا جاري هئا، انهن ۾ ڪو به شڪ نه آهي
ته اها موجوده آريائي زبان آهي.
سوال:- يعني جديد تحقيق ثابت ڪيو آهي ته اها آريائي ٻولي آهي.
جواب:- ها، هاڻ ان ۾ ڪنهنجو به اختلاف ناهي، اهو الانا يا بلوچ
صاحب جو هجي. يعني موجوده سنڌي ٻولي جيڪا اسان
ڳالهايون ٿا سا ٻين آريائي ٻولين مان آهي. هاڻ
اسان ڀيٽيندا سين ته اسان سنڌي جي بيسڪ واڪو بلري
Vocabulary
کڻون، ان مان منهنجو مقصد بدنجي عضون جا نالا، ڳڻپ
جا نالا، هڪ ٻه ٽي چار، رشتن جا نالا، ٻيا فعل، ته
اهي هڪ بنيادي شبد آهن، الفاظ آهن، جيڪي هڪ ڪور
مراٺي، گجراتي، آسامي، پنجابي يا انهن سان ملي اچن
ٿا، جي فونوٽڪس چئجن ٿيون ته انهن کي سمجهائي سگهن
ٿيون. مثلاً سنسڪرت ۾ هنسته آهي سو هندي ۾ هاٿ ۽
سنڌي ۾ هٿ ٿي ويو ۽ پنجابيءَ ۾ به هاٿ ڪوٺجي ٿو.
ساڳيءَ طرح سنسڪرت ۾ آنکهه پنجابيءَ ۾ اک ۽سنڌي ۾
به اک آهي. اهڙي نموني سان اهي فارمولا سمجهائي
سگهون ٿا ته ڪهڙي نموني ٻوليءَ جي تبديلي ٿي آهي.
مثلاً هن وقت سنڌي ۾ عام چوڻي آهي ته ٻارهين ڪوهه،
ٻولي ٻي؛ هن وقت سنڌ ۾ جدا جدا ٻوليون ڳالهائجن
ٿيون. پنڌرهين ويهين ڪوهين تي لهجي ۾ فرق اچي وڃي
ٿو. انهن مان لاڙي، ڪڇي، لاسي، سرائڪي ۽ ڍاٽڪي.
ساهتي پرڳڻي ۽ حيدرآباد جي جيڪا ٻولي آهي سا آهستي
آهستي ڊيولپ ٿي هڪڙو اسٽينڊرڊ فارم اختيار ڪيو.
گذريل صديءَ ۾ انگريزن جيڪي درسي ڪتاب تيار ڪرايا،
انهن ۾ انهيءَ ٻوليءَ کي واهپي ۾ آندو ويو، ڇاڪاڻ
جو نندي رام سيوهاڻي، ڪوڙو مل اڌرام ٿانورداس،
جيڪي به درسي ڪتاب ٺاهيندا هئا سي گهڻو ڪري ساهتي
پرڳڻي جا هئا يا سنڌ ۾ جيڪي ٻوليون ڳالهايون وڃن
ٿيون، انهن مان وچولي ٻولي ادبي ٻولي ٿي اڀري آئي.
سوال:- ان جو سبب اهو ته ڪونه هئو جو اهي ليکڪ وچولي جا هئا
درسي ڪتابن ۾ اها ٻولي اچي وئي، ان ڪري معياري
ٻولي بڻجي پئي يعني ٻولي معياري ٿي وئي، جڏهن ته
شڪارپور جي ٻولي به ڏاڍي مٺي ٻولي آهي. ان بابت
توهان جو ڇا خيال آهي؟
جواب: درسي ڪتاب ٺاهيندڙ وچولي جا هئا، ان ڪري ان کي اهو فارم
مليو، پر اسان وچولي وارا چوندا آهيون. ”مون خط
لکيو“ ۽ شڪارپور وارا چوندا آهن ”مان خط لکيو“
گرامر مطابق اهو صحيح نه ليکيو ويندو. پر اڳتي هلي
وچولي جي ٻوليءَ کي مڃيو ويو ۽ ان کي ”اسٽينڊرڊ
ٻولي“ چيو ويو. اها نثر ۽ نظم ۾ ڪم اچڻ لڳي.
سوال: هڪ عرض ڪندس ته منهنجو تعلق ڪنڌڪوٽ/جيڪب آباد ضلعي سان
آهي. اسان جڏهن ٽي جو اچار ڪڍنداسين مثلاً ’پٽ‘ ته
ان ۾ ”ر“ اچي ويندي آهي، پر جڏهن کٽ ته ان ۾ ”ر“
نه آڻينداسين پر جڏهن کٽي چونداسين ته ان ۾ ”ر“ جو
اچار آڻينداسين ته ڇا اهو اُچار غلط آهي يا صحيح
آهي؟ لوئر سنڌ وارا بلڪل ”ٽ“ جو اُچار ڪڍندا آهن.
توهان جي خيال ۾ ڪهڙو معياري آهي؟
جواب: هسٽاريڪل طرح، وڪاس جي لحاظ کان ڏسنداسين ته اتر سنڌ وارا
اُچار صحيح آهن: ڇاڪاڻ جو سنسڪرت ۾ آهي ”پتر“ اهو
سنڌيءَ ۾ ٿي ويو ”پٽ“ يا ”سوتر“ اهو ٿي ويو ”سُٽ“
يا اسان جي وچولي وارا ”ٽَ“ ڪو نه ٿا چئون پر
”ٽري“ ٿا چئون يا ”ڊَ“ ۽ ”ڊ“ انهن جي معنيٰ ڪونه
ٿي بدلجي، پر اهو فقط لهجي جو فرق آهي.
سوال: ڀلا اها ”ر“ لکڻ به کپي؟
جواب: منهنجي خيال ۾ اها ”ر“ لکڻ نه گهرجي، ڇاڪاڻ ته اها
ويرئيشن ڪري سمجهڻ گهرجي. ان ڪري لکڻ نه گهرجي،
ڇاڪاڻ ته ايئن ڪرڻ سان ڪا معنيٰ ڪو نه ٿي بدلجي،
اهي نشانيون ڪنهن ٻوليءَ جي صورت خطي ۾ ٺاهڻ ۾
آوازن کڻڻ مهل ڪم اينديون آهن جيڪي اسان کي
سگنيفڪنٽ آهن. يا اهي آواز اهميت ڀريا آهن. ڪنهن
ٻوليءَ جي سرشتي ۾ اهي اهميت ڀريا آهن، جيڪي اسان
صحيح لفظ نه کڻون ته ان جي معنيٰ بدلجي وڃي ٿي،
جيئن مثال بلو يا ٻلو اتي ٻه يا به اسان کي
سگنيفڪنٽ
Significant
ڪن ٿا.
سوال: انهيءَ سلسلي ۾ هڪ عرض ڪيان ته ڀٽ شاهه ڪلچر سينٽر هاڻ
تازو شاه لطيف جي رسالي جو قديم نسخو جيڪو گنج کان
به آڳاٽو آهي، اهو ڇپرايو آهي. پراڻي صورتخطي ۽
نئين صورتخطي ۾ به. نئين صورتخطيءَ ۾ اسان جي دوست
ممتاز مرزا آندو آهي. انهي ۾ ”ر“ جو اکر لکيو آهي.
جو 1205هه جو آهي يا اهو ڪاتب شايد اتر جو هوندو،
جنهن ڪري ائين لکيو اٿائين يا اهو انهي زماني ۾
رسم الخط رائج هو.
جواب: اهو ڪاتب جنهن لکيو آهي اهو شايد انهي لهجي وارو هوندو،
ان ڪري هن ائين لکيو آهي.
سوال: يعني ”ر“ نه لکڻ گهرجي؟
جواب: جيئن ته ان جي معنيٰ ڪو نه ٿي بدلجي، ان ڪري ضروري ناهي
ته اسان انهيءَ صورتخطي جي هجي ۾ لکون، جيڪا اچار
۾ آندي وڃي ٿي. ائين ته صورتخطيءَ ۾ ڪيترا باريڪ
فرق ملندا جيڪي اسان صورتخطيءَ ۾، انهي هجي ۾ لکون
ته اهو ضروري ناهي ۽ علم لسانيات جي اصولن موجب
مون جيڪا ڳالهه ٿي ڪئي ته جيئن موجوده دؤر ۾ اها
سنڌي گذريل صديءَ ۾ هڪڙي وچولي واري سنڌي يا سا
هتي يا حيدرآباد پرڳڻي واري اڀري لٽرري لينگويج جي
فارم ۾ آئي، اها ساڳي حالت پراڻي زماني ۾ به هئي.
عيسوي سن کان اڍائي هزار سال اڳ سنڌ ۽ پنجاب ۾
جيڪا ٻولي ڳالهائي ٿي وئي، ان جا لهجا الڳ الڳ
هئا. ان ۾ اتر اولهه لهجي واري لاهور، سيالڪوٽ ان
وقت سنڌ جي ملتان واري علائقي واري ٻولي سنسڪرت
وارو لهجو تسليم ڪيو ويو. انهي ۾ ويد لکت ۾ درج
ڪيا ويا.
انهي ٻولي کي هڪ اسٽينڊرڊ فارم مڃي انهيءَ حساب سان سنسڪرت جو
فارم لکيو ويو، جنهن کي پوءِ سنسڪرت ۾ ايتري
تبديلي ۽ ڦير گهير ٿيڻ بند ٿي وئي. گرامر هڪ ٻنڌڻ
آهي رڪاوٽ آهي ٻولي جي تبديل ٿيڻ ۾، جيڪي لهجا
ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ تبديل ٿين ٿا سا لکڻ واري
ٻوليءَ ۾ نه ايندي. اسان جا جيڪي موجوده آريائي
ٻوليون ڳالهائڻ وارا لهجا آهن، سي انهن مان ڊولپ
ٿيل آهن. انهي حساب سان اڍائي هزار سال اڳ عيسوي
سن کان سنڌ ۽ اتر سنڌ يا ملتان واري حصي ۾ موجوده
سنڌ واري حصي ۾ جيڪو آريائي لهجو ڳالهايو ويندو
هو، ان ٻول چال جي لهجي مان موجوده سنڌي اڀري آهي
يا ارتقا ٿي آهي، اهو نظريو صحيح سمجهڻ گهرجي.
سوال: هڪ اهو به نظريو آهي ته انڊس ويلي جي هڪڙي ئي زبان آهي،
يعني اها سنڌي زبان آهي. ان جا مختلف ڊائليڪٽس
آهن. ڪٿي ان کي هندڪو سڏيو وڃي ٿو ته ڪٿي سرائڪي،
ڪٿي پوٺواري سڏيو وڃي ٿو، اوهان جي راءِ ڇا آهي؟
جواب: اهو صحيح آهي. اهي فقط سپوڪن
Spoken
(ڳالهايل) فارم ۾ الڳ الڳ آهن پر ڏسجي ته ٻولي هڪ
آهي، جيئن ملتاني ۽ سنڌي صفا هڪ آهي. جنهن ۾ ٿورو
لهجي جو ۽ گرامر جو فرق آهسي. حقيقت ۾ ڏسنداسين ته
سنڌ واري علائقي جي ٻولي کي مرڪزي ٻولي ڪري کڻون
ته ان مان ٻيون ٻوليون اسريون آهن، جيئن ملتاني
ٻولي سنڌي ۽ پنجابي جي ميل مان ٺهيل آهي، ڪٿي ان
جا فارم سنڌي سان ته ڪٿي پنجابي سان ملن ٿا ۽
پنجابي وري هندي ۽ سنڌي جي ميل مان ٺهيل آهي يعني
پنجابي ان جي وچ جي ٻولي آهي. وري ڏکڻ طرف ڏسون ته
سنڌي ۽ گجراتي جي وچ جي ٻولي ٿي ڪڇي، اها ٿوري
تبديل ٿي سنڌي ٻولي اها گجراتي ۽ سوراشٽي جي اثر
ڪري ڪڇي ٻولي ۾ ظاهر ٿئي ٿي. وري اوڀر طرف سنڌي
ٻولي راجستاني جي اثر ڪري ڍاٽڪي، جيسلميري ٿري
وغيره ٿي، ائين اسان ڏسنداسين ته مرڪزي ٻولي سنڌ
واري ٻولي ٿي ڏسجي. ائين ٻين ٻولين جا اثر کڻي ٻيا
لهجا ان اختيار ڪيا. ائين ڀر واريون ٻوليون ان مان
ٺهيون.
سوال: ڪن جو خيال آهي ته جيستائين اسان موهن جي دڙي جي ٻولي نٿا
پڙهي سگهون، تيستائين سنڌي ٻوليءَ جي باري ۾ ڪا
آخري راءِ قائم ڪرڻ ڏکي ڳالهه آهي. انهيءَ جي پڙهڻ
جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. ڊاڪٽر پارپولا وغيره ان باري
۾ ڪم ڪيو آهي. ان تي ڪا روشني وجهو ته اهو مهرن
پڙهڻ وارو معاملو ڪيستائين پهتو آهي.
جواب: مون اڳ ۾ ئي عرض ڪيو ته اها حقيقت آهي ته موجوده سنڌي
ٻولي آريائي زبان آهي، ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي، موجوده
سڀ عالم ان راءِ ۾ شامل آهن.
سوال: معاف ڪجو، ڇا اسان جا سنڌ وارا عالم به ان ڳالهه کي مڃن
ٿا؟!
جواب: ها مڃن ٿا ته اها آريائي ٻولي آهي. ڊاڪٽر بلوچ، سراج
الحق، علي نواز جتوئي، الانا، سڀني اها ڳالهه قبول
ڪئي آهي ته موجوده سنڌي جو روپ آريائي آهي.
(کِلندي)
سوال: اها به سٺي ڳالهه آهي ته پنهنجن نظرين تان هٿ کڻي ويا پر
مان عرض ڪيان ته موجوده سنڌ جا عالم انهي درواڙي
زبان جا
DIALECTS
تامل، تيلگو ڪنڙي وغيره ڄاڻن به ڪونه ٿا، ان جو
پاڻ اظهار به ڪيو اٿن، پر پوءِ به اهو نظريو رکن
ٿا ته اها دراوڙي آهي. پر اها سٺي ڳالهه آهي جو
هاڻي هٿ کڻي ويا آهن، اها ڳالهه مڃي اٿن.
جواب: هاڻي انهن جي غلطي خالي اها آهي ته جيئن ”الانا“ مڃي ٿو
ته موجوده سنڌي ٻولي آريائي زبان آهي پر اها
آريائي زبان ڇو ٿي؟ هو چوي ٿو ته، سنسڪرت ۽ ٻين
ٻولين جي اثر ڪري ٿي، پر ان جو بڻ بڻياد دراوڙي
زبان آهي، جيڪا موهن جي دڙي ۾ ڳالهائي ويندي هئي.“
اهو نظريو بلڪل غلط آهي، علم لسانيات جي اصولن
مطابق، ڇو جو اسان ڏسنداسين ته ٻي ٻوليءَ جي اثر
هيٺ ته سڄي دنيا ۾ جيڪي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون،
انهن ۾ هڪ به اهڙي ٻولي جو اسان کي مثال نٿو ملي،
جيڪا پنهنجي ارتقا جي دور ۾ ڪنهن ٻي ٻولي جو اثر
هيٺ اچي هن جو بنيادي ڍانچو بلڪل بدلجي وڃي يا
بنيادي گراميٽڪل اسٽريڪچر بدلجي وڃي، اهڙو ڪو به
مثال دنيا جي ڪنهن به ٻولي جو نه مليو آهي، اهو
بلڪل پڪو رايو آهي ته ان جو گهڻو اثر ٿئي ٿو
ٻوليءَ جي واڪيوبلري تي، باقي بنيادي ڍانچو
گراميٽڪل اسٽرڪچر، لفظن جا ڦيرا، اسمن جا ڦيرا يا
فعلن جا گردان وغيره اهي هميشه ساڳيا رهندا آهن:
جهڙي طرح ضمير آهن، انهن ۾ گهڻي ڦيرگهير نه ايندي
آهي. اهي ٻين ٻولين جي اثر هيٺ نه ايندا آهن. اها
ڳالهه اسان ڌيان ۾ رکون ته هڪدم اسان کي اهو اصول
غلط مڃڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن دراوڙي مان سنڌي
پيدا ٿي ته اها ايتري قدر بدلجي نه سگهندي، هاڻ
موجوده دور ۾ مڃيو اٿن ته اها آريائي ٻولي آهي ته
ڪڏهن اها اريائي اثر ڪري اها آريائي ٿي اها اسان
چئي نه سگهنداسين. ڇاڪاڻ ته ان جو بنياد به اسان
کي ڪنهن آريائي ٻولي مان مڃڻو پوندو- علم لسانيات
جو اهو هڪ تسليم شده اصول آهي، ٻيا مثال کڻون جيڪي
تازا آهن ۽ اسان انهن مان چڱيءَ طرح واقف آهيون،
جيئن پرشن آهي. پرشن تي عربي جو گهڻو اثر پيو.
فارسي انڊويورپين فيملي جي آهي يا سمجهو ته اها
سنسڪرت خاندان جي ٻولي آهي. گراميٽڪل اسٽريڪچر
موجب پڻ. ته به ان جو بنيادي ڍانچو ساڳيو قائم
آهي. اهو سميٽڪ ناهي، اردو ٻوليءَ جو کڻي مثال
کڻو، ان عربي فارسي جا لفظ جذب ڪري ڇڏيا، پر ان
هوندي به اردو جو بنيادي ڍانچو ڪو نه بدليو آهي.
اهو ساڳيو آهي. اهو ساڳيو هندي ۽ آريائي ٻولين
وارو آهي. هاڻ اها ڳالهه اسان کي مڃڻي پوندي ته ڪا
به ٻولي ٻي ڪنهن ٻوليءَ جي اثر ڪري اهو بنيادي
ڍانچو ڪڏهن به نه لائيندي، وڌ ۾ وڌ اهي لفظ پاڻ ۾
جذب ڪندي آهي پوءِ چاهي اهي سٺ سيڪڙو هجن يا ستر
سيڪڙو يا چاهي پنجاسي سيڪڙو هجن. اهي لفظ اسان
برابر کڻي سگهون ٿا. جيئن اڄ جي سنڌي ۾ ڪيترا
انگريزي لفظ ڪم پيا اچن پر سنڌي ٻوليءَ جو اسٽرڪچر
ڪو نه ٿو بدلجي.
هاڻ ڊاڪٽر بلوچ يا الانا صاحب جيڪا غلطي ڪئي هئي، اها هي آهي ته
بلوچ چيو ته هن تي عربيءَ جو اثر آهي، مون چيومانس
ته ڏيکار ته هي عربي لهجي جي اثر جي آهي. ”الانا“
موهن جي دڙي جي ٻولي جيڪا ڪنهن سامي سٿ جي هئي،
جنهن تي پوءِ آريائي زبانن جو اثر پيو، جنهن ڪري
هاڻي اها بدلجي آريائي زبان ٿي آهي. اهو بلڪل غلط
نظريو آهي، مون اها ڳالهه الانا صاحب کي به چئي.
سندس دراوڙي زبانن جو گهڻو اڀياس نه آهي، نڪو هو
هن مان واقف آهي.
سوال: معاف ڪجو، اسان وٽ ته سنڌي عالم ڪو دراوڙي زبانون ڄاڻي ئي
ڪو نه ٿو.
جواب: الانا جڏهن هسٽري جا ڪتاب پڙهيا يا ڪالڊويل جو گرامر
پڙهيو يا سرجان مارشل جو پڙهيو، تڏهن موهن جي دڙي
۾ ڪا دراوڙي سڀيتا هئي. انهيءَ جي آڌار تي چيائين
ته انهي جي ٻولي به دراوڙي هوندي. هن ان ڳالهه تي
جيڪا ڳنڍ ٻڌي چيو ته هاڻ اهو ڪيئن ثابت ڪري ته
موجوده آريائي ٻولي سنڌي آريائي ٻولي آهي پوءِ
سمجهايائين اها اصل موهن جي دڙي جي آريائي زبان
مان هن جو بڻ بڻياد آهي جيڪا پوءِ آريائي ۽ سنسڪرت
پاليءَ جي اثر ڪري بدلجي آريائي زبان ٿي ويئي آهي.
انهن ڳالهين کي ڪو به مڃڻ لاءِ تيار ڪونهي انهن جو
ڪو هسٽاريڪل لينگويج جو ڪو اڀياس ڪونهي، انڪري
اُهي غلط ڳالهيون پيش ڪن ٿا، جيڪڏهن انهن جو اڀياس
ڪن ها ته اهڙا غلط نظريا هو پيش نه ڪن ها. تازو،
ڊرئويڊين ٿيئوري به رد ڪئي ويئي آهي. هينئر جيڪي
آرڪيالوجيسٽ آهن يا هسٽري جا ماهر انٿراپالاجي جا،
انهن سرجان مارشل جي ٿيئوري رد ڪئي آهي ته ڪو
دراوڙلوڪ موهن جي دڙي ۾ رهندا هئا. جن تي آرين
لوڪن حملو ڪري ڏکڻ هندوستان ڀڄائي ڇڏيو، جنهن تي
پوءِ آرين اتر هندوستان ۾ اچي پنهنجو راڄ قائم
ڪيو. اهو نظريو هاڻ بلڪل غلط ثابت ٿي چڪو آهي،
ڇاڪاڻ جو هاڻ جيڪي کوجنائون ٿيون ته سرجان مارشل
کي ڪي لاشن جو کوپڙيون هٿ لڳيون هيون جيڪي هن لنڊن
موڪليون هيون، ڇند ڇاڻ ڪرڻ لاءِ تيستائين هو مري
ويو ان جي رپورٽ ڪو نه پهتي.
1930ع جي اها ڳالهه آهي جيڪا هاڻ وڃي رپورٽ ظاهر ٿي آهي، جنهن
ڪري هندوستان ۾ جيڪي آرڪيالاجسٽ آهن، انهيءَ ڳالهه
کي سمجهايو آهي ته ۽ انهيءَ رپورٽ جي آڌار تي انهن
ٻڌايو ته جت، جاٽ قوم جيڪي پنجاب يا بلوچستان ڪڇ
واري علائقي ۾ آهن تن جي کوپڙيوين سان هي ملن
ٿيون. هاڻي اهي آهن سڀئي جاٽ جيڪي آريائي نسل جا
آهن، تنهنڪري هاڻي اها ٿيئوري رد ٿي چڪي ته ڪو
موهن جي دڙي ۾ ڊرئويڊين يعني داروڙ نسل رهندا هئا.
سوال: مون عرض ٿي ڪيو ته موهن جي دڙي واري ٻولي جي مهرن کي پڙهڻ
جي جيڪا ڪوشش ڪئي ويئي آهي سا ڪهڙي مرحلي ۾ آهي؟
جواب: انهيءِ باري ۾ به چڱي ريسرچ ٿي آهي. هت ڀارت ۾ ايس- آر
راءِ بنگلور جو وڏو آرڪيالاجسٽ آهي، جنهن تحقيق
ڪئي آهي، انهيءَ ڪيترائي ليڪچر ڪيا آهن، ان جو هڪ
تازو ڪتاب 1985ع ۾ ڇپيو ”ڊسائفرمنٽ (Decipherment)
آف انڊس اسڪرپٽ،“ اهو 500صحفن جو وڏي سائيز جو
آهي. ان ۾ نقشا چارٽ ڏيئي هر هڪ سيل مهر جيڪا موهن
جي دڙي مان لڌي انهيءَ جي پڙهڻين کي ان سمجهايو
آهي. ساڳي طرح ٻين ڀارت جي عالمن به سمجهاڻيون
ڏنيون آهن. هڪ مزي جي ڳالهه آهي ته منهنجي پتا لڳ
ڀڳ چاليهه سال اڳ ورهاڱي کان اڳ، موهن جي دڙي جي
اسڪرپٽ پڙهڻ ۾ نور نچوئيو آهي. هن دنيا جي ٻولين
جا اسڪرپٽ گڏ ڪيا، اهي چارٽ ڀيٽيائين ۽ سنڌي
هٽواڻين جا اکر، جنهن جا جدا جدا نمونا آهن،
لوهاڻڪو، ميمئڪو ۽ ان کان سواءِ ان جا اٺ ڏهه
نمونا آهن، انهن سان هن موهن جي دڙي جي اسڪرپٽ جي
ڀيٽ ڪئي آهي. هن کان علاه سميٽڪ ٻولين ۾ جيڪي
اسڪرپٽ ملن ٿا انهن سان ڀيٽي جن نتيجن تي نڪتا،
اهو ساڳيو طريقو ايس. آر راءِ به اپنايو هو. اهڙي
طرح اهي ٻئي عالم هڪٻئي جي ميٿاڊالاجي سان واقف
ڪونه آهن. منهن جي پتا کي انگريزي ايتري ڪونه اچي،
هو پنهنجي ليکي اڀياس ڪندا رهيا ايس- آر راءِ ته
ان ۾ ايڪسپرٽ آرڪيالاجست هو. انهن ٻنهي اهي ساڳيا
ميٿڊ وٺي جدا جدا ٻولين جا اسڪرپٽ ڀيٽي ان بيسس
(Basis)
تي هي نتيجا ڪڍيا ته موهن جي
دڙي جي ٻوليءَ ۾ هن طرح جي اسڪرپٽ ڪم آيل آهي.
منهنجي پتا جو به اهو ساڳيو طريقو هو، هو ٻئي هڪ
ٻئي جا واقف ڪو نه هئا. پوءِ به انهن جا نتيجا هڪ
جهڙا نڪتا، ڪٿي ٻن ٽن نشانين جي اچار ۾ اختلاف
آهي.
سوال: توهان انهن نتيجن تي متفق آهيو. انهن تي توهان روشني وجهو
ته ڪهڙا هنن نتيجا ڪڍيا؟
جواب: مان پنهنجي ليکي پنهنجي پتا ۽ ايس راءِ جي نتيجن جو اڀياس
ڪيان پيو ۽ ٻين جا رايا به پڙهان پيو. انهن سڀني
راين کي پڙهي مان ان نتيجي تي پهتو آهيان جيڪا
موهن جي دڙي جي ٻولي هئي، تنهن کي پروٽو انڊي، اهي
يورپين جي نسل جي ٻولي مڃڻي پوندي ۽ انهيءَ مان
موجود سنڌي جي وڪاس يا ارتقا مڃڻي پوندي، اهي
ويچار ايم- ايڇ پنهور به ساڳيا هڪ تازي آرٽيڪل ۾
ڇپايا آهن، جيڪا سنڌ الاجيڪل سٽڊيز ۾ ڇپي آهي. اهو
به انهن ساڳين نتيجن کي پهتو آهي، اتي اسان کي
مڃڻو پوندو ته اتي اهڙي هڪ قوم هئي جيڪا پروٽو
انڊو يور پين يا آرين کان اڳ هن جو نسل هو. هنن جي
ٻولي ويدن جي سنسڪرت کان اڳ واري لهجن مان هڪ
پراڻو لهجو هو، جيڪو هو ڳالهائيندا هئا. اهڙيءَ
طرح ڏسنداسين ته موهن جي دڙي جي سڀيتا هڪ اربن
سولائيزيشن آهي، يعني هڪ شهري سولائيزيشن آهي.
جيئن اڄڪلهه ڏسنداسين ته ڪراچي ۾ مختلف نسلن جا
ماڻهو رهن ٿا. انهن ۾ سنڌي، پارسي، يورپين آهن،
جنهن ۾ گهڻائي انڊو يورپين ماڻهن جي هئي. انهن جي
ٻوليءَ مان موجوده آريائي ٻوليون ڊيولپ ٿيون آهن،
اها ڳالهه مڃڻي پوندي.
سوال: ٻيو هڪ عرض آهي ته سائنسي ۽ هنري ترقي ٿي آهي ته اهڙيءَ
طرح اسان کي به انهن لاءِ اهڙا ڪيترا لفظ گهڙڻا
پوندا، انهن کي سنڌيءَ ۾ آڻڻو پوندو مثلاً اردو
وارن
Logy”“ کي ”يات“ ڪري ڪم آندو آهي. مثال طور انهن سوشيالا جي کي
سماجيات يا عمرانيات سڏيو آهي. ٺيٺ سنڌي زبان ۾
اهڙي ڪا ڪوشش ٿي رهي آهي؟
ڪهڙن اصولن تي ٿيڻ گهرجي. انهن کي انگريزي ۾ رهڻ گهرجي يا سنڌي
۾ آڻڻ گهرجي. ان جا ڪهڙا اصول هئڻ گهرجن؟
جواب: جيڪڏهن اسان سنڌيءَ ۾ درسي ڪتاب لکون ٿا ته سوشالا جي،
انٿروپالا جي، اڪنامڪس تي اهي ساڳيا انگريزي وارا
ٽرمس (اصطلاح) سنڌي ۾ استعمال ڪرڻ غلط آهن. انهن
لاءِ اسان کي ٻيا ٽرمس ڳولڻا پوندا يا ٺاهڻا
پوندا. اهڙي ڪوشش ڀارت ۾ ڪئي وئي آهي. اتي هندي
ٻولي لاءِ ڊڪشنريون ٺاهيون ويون آهن. انهن لاءِ
مرڪزي تعليمي سرڪار جي طرفان هڪ وڏي ٽيڪنيڪل
ٽرمنالا جي جي ڊڪشنري ٺاهي وئي آهي، جنهن ۾ ايم اي
يا پي ايڇ ڊي جي ليول تائين جدا جدا جيڪي فيلڊس
آهن، هندي سوشلا جي پوليٽڪل سائنس اهڙي طرح هيو
ميٽيز ۾ جيڪي ٽرمس
terms
ڪتب اچن ٿا ته انهن جا هنن هندي ۾ ٽرمس ٺاهيا آهن
انهن جو طريقو اهو هو ته پهرين ته جيڪي هندي يا
فارسي زبان ۾ نالا نه ٿا ملن پهرين اُهي قبول ڪرڻا
پوندا يا اهڙا نالا نٿا ملن ته انهن لاءِ سنسڪرت
جو سهارو ورتو، ڇاڪاڻ ته هندي تي هنن جو گهڻو اثر
آهي، جنهن ڪري هنن پريفڪسز، سفيڪسز لڳائي هنن نوان
لفظ جوڙيا.
سوال: اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟
جواب: سنڌيءَ ۾ به اها ساڳي واٽ وٺڻي پوندي، جتي
لفظ ملن ٿا اهي کڻڻا پوندا، جي نٿا ملن ته نوان
لفظ ٺاهڻا پوندا يا ڪي ٻيا لفظ ٻين ٻولين جا جيڪي
سنڌي ٻوليءَ جي واهپي ۾ ڪم اچن ٿا جيڪي سنڌي ٻولي
جذب ڪري ڇڏيا آهن، جيڪڏهن هندي، انگريزي هندي
انگريزي ۽ فارسي جا کڻون ته جڪو هرج ڪونهي، اهو
طريقو وٺڻو پوندو.
سوال: موجوده سرڪار ”سنڌي لينگويج اٿارٽي“ قائم ڪئي آهي.
مهرباني ڪري توهان ڪا راءِ ڏيو فرض ڪريو ته توهان
سنڌي لينگويج اٿارٽي جا ڊائريڪٽر مقرر ٿيو ته
توهان ڪهڙن ڪمن کي اوليت ۽ اهميت ڏيندا؟
جواب بنيادي ڊڪشنريون ميسر ڪرڻ گهرجن پرمانند ميوا رام جي
ڊڪشنري 1933ع جي ٺهيل آهي، جيڪا ايئن آهي ۽ سنڌي-
انگريزيءَ جي 1910ع جي ڇپيل آهي. اها ساڳي پريشاني
اسان کي ڀارت ۾ به ٿيندي آهي. هن وقت اها ڊڪشنري
ڪارآمد ڪونه ٿيندي، جيڪڏهن اسان نيوز وغيره ريڊيو
تي ترجمو ڪندا آهيون يا ٽيڪنيڪل ڪتابن جو ترجمو
سنڌيءَ ۾ ڪندا آهيون ته اتي اها ڊڪشنري ڪارگر نه
ٿيندي آهي. ان ڪري اسان جو مکيه ڪم اهو هئڻ گهرجي
ته جديد زماني ۾ جيڪي نوان سائنسي ٽرمزڪتب اچن ٿا
ان لحاظ کان سنڌي، انگريزيءَ ۾ ڊڪشنري تيار ڪرڻ
گهرجن جنهن ۾ ترجمي ڪندڙ کي آساني ٿئي ۽ معياري
فارمز استعمال ٿين، اڄ ڪلهه جا ترجما ڪندڙ ڪنهن
لفظ جي معنيٰ ڪو هڪ ٿو ڪم آڻي ته ٻيو ٻي. اسان کي
رفرنس بڪ تيار ڪرڻ گهرجن، تنهن کان سوءِ
انسائيڪلوپيڊيا تيار ڪرڻ گهرجن، جنهن ۾ ٻارن يا
شاگردن کي ناليج ڏجي سنڌ جي هنرن ذاتين ويس وڳا
وغيره انهيءَ جي معلومات لاءِ هڪ سٺي انسائيڪلو
پيڊيا تيارڪرڻ گهرجي ڪو سٺو گرامر ڪو نه تيار ٿيو
آهي. گرامر، ڊڪشنريون ۽ انسائيڪلو پيڊيا ۽ سنڌي
ڪلچر بابت ڪتاب تيار ٿيڻ گهرجن. هي بنيادي ڪم آهن،
جي اسان جي ٻوليءَ کي دائمي وڌئيندا ۽ ترقي ۾ مدد
ڪندا رهندا.
سوال: هڪ مسئلو آهي ٻٽن لفظن وارو. ڪي اديب ٻٽا لفظ گڏي لکن ۽
ڪي الڳ لکن ٿا مثلاً اڄ ڪلهه لکڻو آهي ته ”ڄ“ سان
”ڪ“ ملائي لکن ٿا. توهان جي راءِ ڇا آهي؟ ۽ خاص
طرح درسي ڪتاب ۾ ٻارَ هڪ صفحي تي گڏ ته ٻئي تي ڌار
پڙهي ۽ پوءِ هو منجهي پوي ٿو. توهان جي راءِ ڇا
آهي ته اهو ڪئين لکڻ گهرجي؟
جواب: 1843ع ۾ انگريزن سنڌ فتح ڪئي ۽ انهن مڃيو سنڌي ٻولي کي
ڪاروباري طور ڪتب آندو وڃي. سرڪار لکپڙهه ۾ تعليم
جي دائري ۾ انهن سنڌيءَ جي واڌاريءَ لاءِ درسي
ڪتاب ٺهرايا، انهن اهو لازمي ڪيو ته انگريز
عملدارن کي سنڌي سکڻ گهرجي، جيئن هو عوام جا ڏک
سور سمجهي سگهن. انهن جڏهن اهو قدم کنيو ته انهن
جو ڪو معياري لکت جو سسٽم ڪو نه هو، عربي،
ديوناگري، گرمکي جدا جدا اسڪرپٽ ۾ لکي پئي ويئي،
هڪ اسٽينڊرڊ فارم ڪو نه هو. مثال عربي سنڌيءَ جو
کڻو ته شاه جي رسالي جا پراڻا نسخا ڏسندا سين ته
هر ڪاتب پنهنجي پنهنجي نموني لکيو آهي. عربي ۾ 28ا
کر فارسيءَ ۾ 32 انهن مان هن پنهنجي ضرورت آهر
پنهنجا اکر ڪتب آندا- مثال کڻو. ”ڱ“ لکڻو آهي جيڪو
اچار عربي. فارسي ۾ ڪون آهي تنهن ڪري ڪي ڪاتب گ ۽
ن جو اچار ظاهر ڪندا هئا، ساڳئي طرح ”ج“ جي لاءِ ن
۽ ج ڪري لکندا هئا. اهو اڻ سڌريل طريقو ڏسي انهن
1853ع ۾ اسٽينڊرڊ فارم ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پر اتي ڪا
ڳالهه ختم ٿي، ائين ڪونهي. اهو اڄ تائين ڏسنداسين
ته اسنڌي سرشتي کي يا صحيح ساڳيو فارم نه مليو آهي
پر باريڪيءَ سان ڏسبو ته انهن ۾ ڪيترا لفظ جدا جدا
نموني سان ملن ٿا. انهن جي هجي جدا جدا نموني سان
لکن ٿا مثلاً ”پئسو“ کي ڪي ”همزي“ سان لکن ٿا ته
ڪي ”ي“ سان لکن ٿا.
سوال: يا ڪي سير کي همزو ڏين ٿا ڪي نٿا ڏين.
جواب: اهڙيءَ طرح سان ڪا ڪاميٽي ويهي فيصلو ڪري ۽ هڪڙي نموني جو
فيصلو ڪرڻ گهرجي.
سوال: ها، مثلاً ”اڃا“ يا وڃان“ ۾ ڪي ’ن‘ ڏين ٿا ڪي نه ٿا ڏين
اهڙن مثالن لاءِ هڪڙي ڪاميٽي ويهي انهن ۾ هڪجهڙائي
پيدا ڪري.
جواب: ها مثلاً ڪو ”جيوڻ لعل“ يا ”موتي لعل“ انهي ”لعل“ ۾ ڪي
”ع“ ٿا وجهن، يا موتي لعل پنهنجو نالو لکندو آهي
ته ان ۾ ’ل ع ل‘ لکندو آهي ٻئي طرف جيوڻ لعل
پنهنجو نالو لکي ٿو ته ان ۾ ع ڪو نه ٿو وجهي، پر
ان ۾ الف ٿو وجهي. ساڳئي طرح ”لعل چندامر ڏنو مل
جڳتياڻي“ پنهنجو نالو الف سان لکندو هو پر ڪي ل ع
ل وجهي لکن ٿا، انهن مئسلن کي اسان کي حل ڪرڻ
گهرجي، جي اڃا حل نه ٿيا آهن. سنڌي لئنگويج اٿارٽي
کي انهيءَ بنيادي اسٽنڊرڊ رائٽنگ آف سنڌي تي ڪم
ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ جو اسان جڏهن درسي ڪتابن جي جانچ
ڪنداسين ته هڪ لفظ اسان کي جدا جدا نموني ۾ لکيل
ملندو. اهڙي ڪوشش ٻين ٻولين وارن به ڪئي آهي. جيئن
گجراتي، مرهٽي ۾ اها حالت هئي. انهن به ڪاميٽيو
ويهاري فيصلا ڪيا. ڊڪشنريون تيار ڪيون ۽ هجئون
تيار ڪيون، ۽ سڀني اسڪول ماستر ۽ ليکڪن تي زور
ڪيائون ته ائين لکڻ گهرجي.
سائين مون توهان جو قيمتي وقت ورتو، اوهان جي وڏي مهرباني جو
اوهان نهايت قيمتي ڳالهيون ٻڌايون، اميد ته اسان
جا اديب ۽ عالم سنڌي ٻولي جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ
ڪي اپاءَ وٺندا. |