سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1991ع

مضمون

صفحو :1

مهراڻ 1991ع

نفيس احمد ناشاد

 

مارڳ مٿاهون ٿيو، مارڳ چڙهي ڪير،1

سا پڇي ساٿ سوير، جائي مارڳ مري.

جي تون مارڳ تي مرين، وڏا طالع  تو،

سانول ساڳي سو، مٿان تو هٿ ڏئي،

مَلِهي مارڳ مَرُ، تان تون تنين جي ٿئين،

جبل هار نه جَرُ، ارتو اکڙين مون،

مارڳ جي مُئينءَ، تان هئينءَ هوتياڻين هنج ۾

وڃي ڪيچ سئينءَ، ويچاريءَ وس ڪيو.

مارڳ مَرن جي، ور تنين کي ويجهڙو،

هَي هَي هوتن کي، ٿئي ارمان انهن جو.

مارڳ مرڻ آهه، گهوريو جيڻ جيڏيون،

پير نه پويون پاءِ عاشق مَرُ اڳي ٿئين.

مارڳ آهي مرڻ، جيڏيون هن جيڻ کون،

وس ويچاريءَ ايترو ڪوڪان ڪانڌ ڪرڻ،

ٻاروچا ٻُرڻ، ٿيو ڪم ڪوهيار جو.

مارڳ مران شال، دعا ڪريجو جيڏيون،

هوت ههڙي حال، مانَ مٿان مون هٿ ڏئي.

سچل سرمست


 

مهراڻ جي ڪمپيوٽر تي ڪمپوزنگ جي يادگارموقعي تي

 

سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمن

 

عالي جناب مخدوم محمّد زمان طالب الموليٰ جو پيغام

سنڌي ادبي بورڊ جي ٽماهي رسالي ”مهراڻ“ جو سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۾ جيڪو ڪردار رهيو آهي اهو علمي دنيا کان لڪل ڪونهي بلاشبہ مهراڻ سنڌي زبان جي سڀني رسالن جو مهندار مخزن آهي. الحمد الله، هن رسالي کي سنڌ جي سمورن عالمن، اديبن، شاعرن، دانشورن ۽ ليکڪن جيءَ ۾ جايون ڏيئي پنهنجي ادبي تعاون سان پئي نوازيو آهي ۽ مهراڻ به ڪيترن ئي ليکڪن کي شهرت جي آسمان تي چمڪايو آهي ۽ لاتعداد نون لکندڙ جي حوصله افزائي ڪئي آهي. ادب جي ترقي لاءِ مهراڻ جو تاريخ ساز ڪردار هڪ حقيقت جي حثيت رکي ٿو. اللہ جي فضل سان هي رسالو پنهنجي روايتي ۽ تاريخي ڪردار کي ساڳي سگهه ۽ دستور سان نباهيندواچي پيو.

مهراڻ شروع کان وٺي ڇپائي جي مروَّج طريقي (ٽائيپ وسيلي هينڊ ڪپوزنگ) سان شايع ٿيندو پئي رهيو، ليڪن موجوده زماني جي تقاضائن کي مد نظر رکندي ان کي طباعت جي جديد طريقي سان هم آهنگ ڪرڻ مناسب هو. چنانچه موجوده بورڊ ان ڏس ۾ پيش رفت ڪئي آهي ۽ نئين سال جوهي پهريون شمارو ڪپيوٽر تي ڪمپوز ڪرايو ويو آهي.

آئون هن تاريخي موقعي تي دلي مسرت جو اظهار ڪريان ٿو ۽ دعاگو آهيان ته شال مهراڻ هن نئين نظام اشاعت هيٺ اڃا به وڌيڪ رنگيني ۽ جاذبيت ماڻي ۽ گڏوگڏ عالمن اديبن، شاعرن، دانشمندن کي درخواست ڪندس ته، مهراڻ جي هن نئين پر ڪشش پيشڪش جي حوالي سان ان سان ادبي سهڪار ۾ اڃا به وڌيڪ سرگرمي، سان حصو وٺن.

1- جنوري 1991ع

(مخدومحمد زمان طالب المولي)


 

 

 

حال احوال

ايڊيٽوريل

 

خوشگوار تبديلي

نئين زماني ۾، ڇپائيءَ جي جديد طريقن مان فائدو وٺندي، اسان مهراڻ ۾ هڪ نئين دلپذير تبديلي آندي آهي، ان جو مظهر هيءُ پرچو آهي.

گذريل ڏهاڪو کن سالن ۾ ڪمپيوٽر وسيلي سنڌي زبان جي ڪمپوزنگ، سنڌي ڪتابي دنيا ۾ هڪ وڻندڙ تبديلي ۽ اضافو آندو آهي.

اڄ بيشتر ادارا پنهنجا ڪتاب ۽ رسالا ڪمپيوٽر جي وسيلي شايع ڪرڻ کي ترجيح ڏيئي رهيا آهن. روزنامه اخبارون ته تقريباً سڀئي اها جديد ٽيڪنالاجي اختيار ڪري چڪيون آهن. همعصر رسالا ڪمپيوٽر وسيلي پنهنجي خوبصورتي قائم ڪري چڪا آهن. بورڊ وٽ به الحمدلله پنهنجا ڪمپيوٽر آهن، جن وسيلي ڪافي ڪتاب منظر عام تي اچي چڪا آهن. ڪجهه عرصي کان وٺي مهراڻ جي قارئين به اهڙي گهُر پئي ڪئي ته سنڌي ٻوليءَ جو هيءُ اهم رسالو به ڪمپيوٽر وسيلي شايع ٿئي.

بورڊ جي چيئرمين جناب مخدوم محمّد زمان صاحب طالب الموليٰ جن جي ايماء تي بورد آف گورنرس به اهڙي منظوري اڳ ۾ ئي ڏيئي ڇڏي هئي.

بورڊ جي مانواري ميمبر ۽ اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جي چيئرمن جناب مخدوم جميل الزمان صاحب، جنهن جي خصوصي توجهه سان اها وڻندڙ تبديلي عمل ۾ آئي آهي، ان ڏس ۾ خاص تحرڪ ورتو. پاڻ مهراڻ کي معياري ۽ ممتاز بنائڻ ۽ ان جي ڇپائيءَ ۾ جاذبيت ۽ ڪشش پيدا ڪرڻ لاءِ نهايت سرگرميءَ سان رهبري ڪئي ۽ ان جي نتيجي ۾، هن سال 1991ع جو هيءُ پهريون شمارو، اسان ڪمپيوٽر وسيلي شايع ڪري رهيا آهيون. انهيءَ دلپذير نواڻ جي مبارڪن جو سهرو محترم جميل سائينءَ جي سر تي سونهي ٿو.

مهراڻ کي ڪمپيوٽر وسيلي آڻڻ لاءِ هيءَ اسان جي ابتدائي ڪوشش آهي ۽ ڪجهه وقت جي ڪميءَ جو مسئلو پڻ پيش نظر هو. ان ڪري ان ۾ ضرور ڪي ڪميون به رهجي ويون هونديون، جن کي اسان بتدريج ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. خاص ڪري هاڻي ان ۾ نوان دلڪش فوٽو ۽ اسڪيچ وغيره به ڏيڻ لاءِ توجهه ڪيو ويو آهي. توقع آهي ته ورندڙ شمارو بهتر کان بهتر مثل، وڌيڪ جاذبِ نظر هوندو. اڄ ڪلهه بوڪ پروڊڪشن جي سلسلي ۾ ڪتابن/رسالن جي اشآعتي سونهن-سوڀيا طرف خاص ڌيان ڏنو ويندو آهي ۽ ڪيترن ادارن طرفان ته بهترين بوڪ پراڊڪشن تي انعام پڻ مقرر ڪيا ويا آهن. اسان جي ملڪ ۾ نئشنل بوڪ ڪائونسل آف پاڪستان سالن کان وٺي، ڪتابن جي سونهن سوڀيا تي سالانه انعام ڏيندو آهي، جيڪو يونيسڪو جي مقصدن مان هڪ آهي.

مهراڻ شروع کان وٺي پنهنجي مخصوص پراڊڪشن وسيلي عام پسند ۽ قابل تحسين ڇپائيءَ جو حامل پئي رهندو آيو آهي- پر هاڻي ان ۾ ڪمپيوٽر وسيلي تبديلي يقيناً مهراڻ کي وڌيڪ مقبول بنائيندي. ان ڏس ۾ بورد جي مانواري چيئرمن جناب مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ صاحب خاص طرح پسندگيءَ جو اظهار فرمايو آهي، جو سندن پيغام هن پرچي جي مهڙ ۾ ڏنو ويو آهي.

اُميد آهي ته مهراڻ جا ڪرمفرما ليکڪ ۽ عام قارئين، هن نواڻ کي پسند ڪندا.

 

لاهوتي لڏي ويا .......

 

جناب شيخ علي محمد

21 جنوري 1991ع تي سنڌ جي قابل صد احترام بزرگ صحافي جناب شيخ علي محمد جي وفات جي خبر پوري ملڪ ۾ ڏاڍي افسوس سان ٻُڌي ويئي.

جناب شيخ علي محمد سنڌي صحافت جي آسمان جو روشن ستارو هو. شيخ صاحب هڪ دور ۽ هڪ اداري جو نالو هو. جنهن جي پُڄاڻيءَ سان سنڌ جي صحافت ۾ اهڙو خال پيدا ٿيو آهي، جيڪو هڪ وڏي عرصي تائين ڀرجي نه سگهندو. شيخ صاحب پنهنجي ساري زندگي صحافت وسيلي سنڌي ماڻهن جي خدمت ۾ گذاري. پاڻ 1946ع ۾ صحافت جي ميدان ۾ قدم رکيو ۽آخر تائين وڏي جذبي ۽ لگن سان سنڌ جي خدمت ڪندو رهيو.

اوائل ۾ پاڻ ورزنامہ هلال پاڪستان ۾ نيوز ايڊيٽر طور ڪم ڪيائين ۽ 1952ع ۾ روزنامہ ڪاروان جو مئنيجنگ ايڊيٽر ٿيو. 1958ع ۾ قاضي برادران روزنامہ عبرت جاري ڪئي ته شيخ صاحب ان جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. 1969ع ۾ جڏهن هلال پاڪستان جاري ٿي ته شيخ صاحب کي ان جو ايڊيٽرمقرر ڪيائون.

1976ع ۾ هن پنهنجي ذاتي اخبار ”آفتاب“ جاري ڪئي ۽ آخر وقت تائين هن جو ايڊيٽر رهيو. صحافتي ميدان ۾ شيخ صاحب جون خدمتون تاريخ جو هڪ يادگار باب آهن. هن سنڌي صحافت کي مضبوط پيرن تي بيهارڻ لاءِ گهڻو پاڻ پتوڙيو ۽ ان ۾ نيون روايتون ۽ لاڙا قائم ڪيائين.

جناب شيخ علي محمد سنڌ جي حقن جي حصول لاءِگهڻو  لکيو. مرحوم ون يونٽ خلاف مهم ۾ دليريءِ سان قلم کي ڪاهيو سنڌ جي هر مسئلي تي نهايت بي باڪيءَ سان لکندو رهيو.

شيخ صاحب کي 1983ع ۾ مجلس شوريٰ ۾ ميمبر ڪري مقرر ڪيو ويو هو ۽ 1985ع ۾ ٽيڪنوڪريٽ جي سيٽ تي سينيٽر چونڊيو ويو.

انهن ٻنهي عهدن تي رهي هن سنڌ ۽ سنڌين جي وڏي خدمت ڪئي.هن جي بيمثال خدمتن جو اعتراف ڪيترن ئي سينيٽرن، سينيٽ جي تعزيتي اجلاس ۾ ڪيو. صدر مملڪت، وزيراعظم وزيراعليٰ سنڌ ۽ ٻين ماڻهن سندس ڪردار کي ساراهيو آهي.

مرحوم شيخ صاحب کي سنڌي ادب سان خاص دلچسپي هئي. اخبار وسيلي هن سنڌي ادب جي وڏي خدمت ڪئي ۽هُو سنڌي ادبي بورڊ جو ميمبر به رهيو.

شيخ صاحب ذاتي طرح سان هڪ هر دلعزيز، مرنجان مرنج، شگفته ۽پُربهار شخصيت جو مالڪ هو. سندس دوستن جو دائرو نهايت وسيع آهي، جنهن ۾ کيس احترام جي نظرسان ڏٺو ويندوهو.

جناب شيخ علي محمد جي انتقال پُر ملال تي اسان سندس فرزندن شيخ محمد اعجاز ۽ شيخ اياز۽ٻين سان تعزيت ڪندي سندس مففرت لاءِ دعاگو آهيون.

 

پير غلام رسول شاهه جيلاني

سنڌ جي هڪ ممتاز ۽ بزرگ سياسي رهنما جناب پير غلام رسول شاهه جيلاني ‏‏<- فيبروري 1991ع تي حيدرآباد ۾ رحلت ڪئي!

پير غلام رسول شاهه جيلاني سنڌ جي هڪ مشهور درگاهه حضرت تاج ڌڻي رح ميرپورخاص جو سجاد نشين هو. جنهن جا سڄيءِ سنڌ ۾ لکين مريد آهن سندس ولادت 1919ع ۾ ٿاڻي بولا خان ۾ ٿي، جيڪو هن جيلاني خاندان جومکيه مرڪز آهي سندس والد پير جهان شاهه رح سنڌ جو هڪ مثالي بزرگ هو.

پير صاحب جو ننڍپڻ زماني جي نشيب وفراز سان ڀريل هو، هن وڏي صبر ۽ حوصلي جفاڪشي ۽ همت سان مشڪلاتن جو مقابلو ڪيو ۽ زندگيءَ جا وڏا منصب ماڻيا.

پير صاحب 1937ع کان سنڌ جي سياست ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو ۽ عام ماڻهن جي خدمتن ۽ سنگتين سان سچائي جي ڪري سياست جي ميدان  ۾ به وڏيون ڪاميابيون ماڻيون. 1953ع ۾ ٿرپارڪر ضلعي مان سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ 1937ع تڏهوڪي اولهه پاڪستان اسيمبليءَ جو ميمبر منتخب ٿيو. 1925ع کان 1977ع تائين پاڪستان جي قومي اسيمبليءَ جي ميمبر شپ ماڻيائين. چونڊيل ايوانن ۾ سنڌ جي مئسلن بابت وڏي جدوجهد ڪيائون. پنهنجي اورچائيءَ سان پيرصاحب پنهنجي سياسي اثر جو دائرو ٿرپارڪر، حيدرآباد، داد، ٺٽي ۽ بدين ضلعن تائين وڌاويو ۽انهن ضلعن ۾ سندس خاص اثر هو. ٿر جي پوئتي پيل علائقي جي خاص طرح سان خدمت ڪيائين جتي سندس عقيدت ۽ احترام جا اڻ مٽ نقش موجود آهن.

پير صاحب جو زراعت سان وڏو شوق هو، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ضلعن ۾ پنهنجي ٺوٺ زمينن کي ڏاڍي محنت سان گلزار بنايائين. سندن اها دلچسپي آخر تائين قائم رهي.

پير صاحب موسيقيءَ جو وڏو ڄاڻو ۽ فنڪارن جو قدردان هو. سنڌي موسيقيءَ جي خاص طرح سان سرپرستي ڪيائين. وقت جا وڏا وڏا گويا ۽ فنڪار سندن فن پروريءَ مان مستفيض ٿيندا رهيا. ”ادب ۽ صحافت سان سرپرستيءَ ۾ به پير صاحب هميشه اڳرو رهيو. پير صاحب جي وڏي وصف زندگيءَ ۾ نظم ۽ ضبط پيدا ڪرڻ هو. پاڻ مختلف هنڌن تي عام ماڻهن ۽ راڄ ڀاڳ وارن جي خدمت لاءِ پنهنجو وقت هڪ خاص ٽائيم ٽيبل مطابق ورهايو هئائين، ۽ اهو سلسلو آخر وقت تائين قائم رهيو. پير صاحب هڪ سنجيده ۽ متين، وضعدار ۽ خانداني فضيلت جو بزرگ هو. سندس بزرگانه ۽ ٻاجهه ڀري شخصيت، دوستن احبابن ۽ مريدن لاءِ هڪ سڪون جو سبب هئي. غريبن مسڪينن جي سڄي عمر دل کولي مدد ڪيائين. شرافت ۽ خدمت خلق سندس شيوو رهيو.

مهمان نوازي ۽ دوستن سان وفاداري، پير صاحب مرحوم جون خاص خوبيون هيون. پير غلام رسول شاهه جيلاني جي رحلت تي ادارو سندس فرزندن- پير آفتاب جيلاني، پير شفقت جيلاني، پير امجد جيلاني ۽ سندس نياڻي حُسين شاهه راشديءَ سان همدرديءَ جو اظهار ڪري ٿو: دعا آهي ته رب ڪريم کين جنت ۾ جايون عطا فرمائي.

 

نورل سائين

ريڊئي ۽ ٽي. وي جي مشهور فنڪار مرحوم فقير يار محمد جي وڏي فرزند نورل سائين تازو ڳوٺ کاهي ضلعي سانگهڙ ۾ وفات ڪئي. نورل سائين هڪ اهلِ دل بزرگ هو ۽ پنهنجي نيڪنام پيءُ فقير يار محمد جي ثقافتي ورثي جو امين هو. پاڻ شاعريءَ جو سٺو ذوق رکندڙ هو ۽ ڪيترائي ڪافي- ڪلام جوڙيائين. نورل سائين بزم طالب الموليٰ جو ميمبر به هو ۽ کاهي ۾ ادبي چهچٽو برپا ڪيو هئائين. نورل سائين جي وفات تي اداره مهراڻ سندس پوين سان تعزيت ۽ دلي همدرديءَ جو اظهار ڪري ٿو. شال رب ڪريم کين مرهي ۽ پسماندگان کي صبر جي توفيق عطا فرمائي.

 

 

جانب ڪريو جيئري!

سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن جي ناداري ۽ بيماريءَ جون دلخراش خبرون وقتاً فوقتاً اخبارن ۾ اينديون رهن ٿيون. غريب ۽ تهي دست ليکڪ، بيماريءَ جي حالت ۾ مناسب علاج معالج کان محرومين جي ڪري ڏاڍي ڏکيائي ۾ اچي ٿا وڃن ۽ انهن مان ڪيترا ته انتهائي ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ هي جهان ڇڏي چڪا آهن! سنڌ جي ادبي حلقن اهڙن اديبن لاءِ مسلسل پئي پُڪاريو آهي، مگر ان ڏس ۾ خاطر خواه موٽ نه پئي ملي آهي. بعض اوقات ائين به ٿيو آهي جو اختياري وارن طرفان گهربل توجهه ڏيڻ جي باوجود به متعلقه حلقن طرفان بي ڌياني جي ڪري نقصان پئي ٿيندو رهيو آهي.

ڪافي عرصي کان مقبول عوامي شاعر محمد خان مجيدي جي علالت جون خبرون اچي رهيون آهن، جو ناداري جي ڪري پنهنجو مناسب علاج ڪرائڻ کان قاصر آهي. ساڳيءَ طرح ڪهنه مشق ۽ سينئر شاعر زيب عاقلي به بيمارين جو شڪار آهي. لاڙڪاڻي جا اديب واجد ۽ لقمان حڪيم به هڪ عرصي کان بيمار گذارين ٿا ۽ خاطر خواه علاج معالج کان محروم آهن. مشهور ليکڪ دادا گرداس واڌواڻي، سالن جي طويل عرصي کان وٺي، ڪراچي جي پريس ڪلب جي هڪ ڪوٺڙيءَ ۾ تنهائي ۽ محرومي جي زندگي ڪاٽي رهيو آهي، جتي سندس ڪو به پُرسان حال ناهي. هن پيرسن اديب جي صحت، مناسب علاج کان محروميءَ جو شڪار ٿي چُڪي آهي. مسهور ڪهاڻي ڪار نجم عباسي، فالج کان پوءِ پنهنجي توانائي وڃائي ويٺو آهي ۽ گذريل سال حيدرآباد جي پُرتشدد هنگامن ۾ پنهنجي لطيف آباد واري گهر مان ڪتب خانو ۽ سڀ ڪجهه لُٽائي هاڻي وڃي سکر ۾ گمناميءَ ۽ ڪسمپرسيءَ جي زندگي گهارڻ تي مجبور ٿيو آهي!

تازو اخبارن ۾ اها ڏکوئيندڙ خبر آئي آهي ته قادر الڪلام شاعر حضرت فيض بخشاپوري، سخت بيمار آهي ۽ جيڪب آباد ضلعي جي پنهنجي ڳوٺ ۾ مناسب علاج کان محروم آهي.

اديبن ۽ شاعرن جي پرگهور لهڻ لاءِ اسان جي ملڪ ۾ ڪو باضابطه سرڪاري ادارو ڪونه آهي، جنهن وسيلي سندن مڪمل سار لڌي وڃي.وري به شاباس آهي اڪيڊمي ادبيات پاڪستان اسلام اباد کي، جو هن اداري هن سلسلي ۾ پنهنجي محدود دائره ڪار ۾ رهندي به، سنڌ جي ادبين ۽ شاعرن جي شروع کان وٺي خاص خبرگيري پئي ڪئي آهي ۽ مالي امداد وسيلي سندن ناداريءَ ۾ افاقو پئي ڪيو آهي، وڏي ضرورت آهي ته صوبائي سطح تي ”رائيٽرس ويلفيئر فنڊ“ يا ان قسم جو ڪو ادارو قائم ڪيو وڃي، جنهن جي وسيلي اديبن ۽ شاعرن کي نادارين مان مڪمل نجات حاصل ٿئي ۽ بيمارين جي حالت ۾ سندن ضروري گهربل علاج جو بندوبست ٿئي.

 

سنڌي ادبي بورڊ جو نئون سيڪريٽري

سنڌ جي ممتاز تعليمي ماهر ۽ برک اهل قلم جناب عبدالغفار صديقي کي سنڌ سرڪار 1- فيبروري 1991ع تي سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري مقرر ڪيو آهي. هو صاحب تعليم کاتي ۾ ڊپٽي سيڪريٽريءَ جي عهدي تي فائز هو. جناب عبدالغفار صديقي جو تعلق سنڌ جي علمي ۽ ادبي شهر پاٽ سان آهي، جيڪو آڳاٽي سنڌ جي مشهور علمي مرڪزن مان هڪ آهي. هن پنهنجي عملي زندگيءَ جو آغاز 1958ع ۾ تعليم کاتي سان ڪيو؛ جتي اوائل ۾ درس و تدريس ۽ بعد ۾ انتظامي عهدن تي 1973ع تائين سنڌ جي تعليم جي خدمت ڪيائين.

1974ع ۾ کين ترقي ڏيئي بيورو آف ڪريڪيولم ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ مقرر ڪيو ويو، جتي 73ع تائين وڏيءَ محنت ۽ اورچائيءَ سان خدمتون سرانجام ڏنائين.

بعد ۾ کين سنڌ جي مسجد اسڪولن واري کاتي ۾ چيف ڪوآرڊينيٽر مقرر ڪيو ويو. ان نئين اهم اداري ۾ صديقي صاحب صوبي جي سربراه جي حيثيت ۾ 1988ع تائين وڏي جاکوڙ ڪئي ۽ سنڌ ۾ سوين نوان اسڪول قائم ڪري تعليم کي فروغ ڏنائين ۽ هن اسڪيم کي ڪامياب بنايائين. اُتان بدلي ٿي تعليم کاتي جي سيڪريٽريٽ ۾ ويو، جتان سندس خدمتون سنڌي ادبي بورڊ جي حوالي ڪيون ويون.

جناب عبدالغفار صديقي تعليم و تعلم جي معزز پيشي سان گڏ علم ادب سان به پنهنجو شغف جاري پئي رکيو آهي. سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين ۾ ڪيترائي وڻندڙ علمي مضمون مختلف رسالن/اخبارن ۾ شايع ٿيل آهن ۽ سوَن جي تعداد ۾ تقريرون ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ تان نشر ڪيائين. تاريخ، اسلاميات، تعليم، قرآن ۽ حديث ۽ لطيفيات سندن خاص موضوع پئي رهيا آهن، جن جو قابل ستائش مطالع سندس عالمانه شخصيت جو آئينه دار آهي.

جناب عبدالغفار صديقي کي شروع کان وٺي سنڌي ادبي بورڊ ۽ اداره، مهراڻ سان هڪ خاص دلچسپي رهي آهي. هاڻي بورڊ سان سندس وابستگي سنڌي ادب جي ترقيءَ جي حوالي سان، بلاشبه نيڪ فال آهي. اداره مهراڻ جناب عبدالغفار صديقي جي آمد تي کيس خوش آمديد چوي ٿو ۽ دعاگو آهي ته سنڌ جي هن قومي اداري جي خدمت لاءِ خدا کيس وڏي توفيق عطا فرمائي. (آمين)

جناب عبدالغفار صديقي جي تقرر تي سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن، عالمن ۽ دانشورن خوشيءَ جو اظهار ڪري، بورڊ جي چيئرمن جناب مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ۽ ٻين ميمبر صاحبن کي مبارڪون ڏنيون آهن. اميد آهي ته جناب صديقي صاحب، توقعات کان گهڻو وڌيڪ اداري جي خدمت ڪندو، انشاءَ الله!!

نفيس احمد شيخ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com