سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1991ع

مضمون

صفحو :24

 

خيالن جي ڀيٽ ۾ گهاڙيٽي (Form) ۾ نواڻ پيدا ڪرڻ نسبتي طرح تمام سولو آهي. فن جيئن ته مناسب وقت جي وڇوٽين کان پوءِ پنهنجي ڪشش ۾ تازگي پيدا ڪرڻ کان سواءِ جيئرو نٿو رهي سگهي انهيءَ ڪري اسان وقتبوقت اظهار ۽ اسلوب ۾ انقلاب جا عادي ٿي انهن جي آسري ۾ رهون ٿا.

ڪوئي ڪزاميان (Arts of masn)

 

 

 

تبصرا

 

 

خيالن جي ڀيٽ ۾ گهاڙيٽي (Form) ۾ نواڻ پيدا ڪرڻ نسبتي طرح تمام سولو آهي. فن جيئن ته مناسب وقت جي وڇوٽين کان پوءِ پنهنجي ڪشش ۾ تازگي پيدا ڪرڻ کان سواءِ جيئرو نٿو رهي سگهي انهيءَ ڪري اسان وقتبوقت اظهار ۽ اسلوب ۾ انقلاب جا عادي ٿي انهن جي آسري ۾ رهون ٿا.

ڪوئي ڪزاميان (Arts of masn)

 

  

تبصرا


 

تبصرا

 رعيتي راڄ

هي ڪتاب اصل ۾ يونان جي وڏي ڏاهي شخص- افلاطون- لکيو هو. ايڏو ته اهم ۽ مکيه ڪتاب آهي، جو دنيا جي سڀني سڌريل ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. ان جي انگريزي ترجمي ”Republec“ تان سنڌي ٻوليءَ ترجمو ڪري، ان جو رعيتي ”راڄ“ نالو رکيو ويو آهي. اهو ترجمو پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسحاق ابڙي ڪيو آهي، جيڪو نهايت سليس، روان ۽ فصيح ٻوليءَ ۾ آهي، تنهنڪري هر ڪا ڳالهه پڙهڻ سان چٽيءَ ريت سمجهڻ ۾ اچي ٿي.

افلاطون جي وقت ۾ يونان ۾ ڪيتريون ئي ننڍيون ننڍيون حڪمرانيون هيون، جن کي ”شهري رياستون“ ڪري سڏيو ويو آهي. انهن رياستن ۾ ڇا پئي وهيو واپريو ۽ انهن  حڪمرانين جي بقاءَ لاءِ ڪهڙيون ضرورتون هيون تن بابت هن ويهي هي ڪتاب رچيو آهي. ان ۾ هن نه رڳو پنهنجا تجربا ۽ ڳوڙها خيال پيش ڪيا آهن، پر هن پنهنجي استاد ”اسقراط“ جي خيالن کي به ان ۾ سموهيو آهي. ائين چوڻ وڌيڪ مناسب ٿيندو ته حڪمراني بابت يونان جي ٻن وڏن ڏاهن جيڪي سوچيو سمجهيو، ڏٺو وائٺو ۽عملي طور تي جيڪي مٿن وهيو واپريو، تنهن جو پورو پورو عڪس هن ڪتاب ۾ اچي ويو آهي. اهو ئي سبب آهي، هن ڪتاب ۾ اهڙيون ته ڏاهپ ۽ دانائيءَ جون ڳالهيون اچي ويون آهن، جن مان اڄ تائين انسانذات لاڀ پرائيندي اچي. اهو ئي سبب آهي، جو هي ڪتاب نه رڳو يونان جي لاءِ پر سموري دنيا جي لائق ۽ فائق انسانن لاءِ هڪ ڪارائتو ڪتاب آهي، جنهنڪري اڄ تائين انهيءَ جا مختلف ٻولين ۾ ترجما ٿيندا اچن ٿا.

هن ڪتاب ۾ افسانن، ڪهاڻين ۽ شاعري، قانون، عدل ۽ انصاف، بزرگن، برهمڻن ۽ فيلسوفن: ٻارن، زالن ۽ مردن جي تعليم ۽ ترتيب روح، ٻئي جهان ۽ ڌڻي تعاليٰ اجائي نقالي، بيجا اعتماد ۽ مختلف جذبن- ڪوڙ، رشوت ۽ سورهيائي وغيره بابت بحث مباحثا ڪري ڪن نتيجن تي پهتو ويو آهي.

افلاطون هن ڪتاب ۾ اها راءِ ڏني ته ديس جا حڪمران اهڙا ماڻهو هجن جيڪي نه رڳو ڏاها، لياقت وارا ۽ ملڪ جي ڀلائيءَ جو اونو رکندڙ هجن پر هو حڪمرانيءَ جي سڀني گرن کان واقف هجن، اهڙا ماڻهو ڪيئن پيدا ڪجن تن جي لاءِ ”فيلسوف حاڪم“ جو تصور ڏنو ويو آهي. اهڙا حاڪم وري ننڍي هوندي کان وٺي مخصوص ماحول ۾، خاص تعليم ڏيئي تيار ڪرڻو پوندو، جيڪو جسماني، ذهني توڙي روحاني طرح سان سينگاريل هوندو. اهڙي حڪمرانيءَ ۾ ٻاراڻي وهيءَ کان ويندي وڏي وهيءَ تائين درجي بدرجي تعليم ڏيئي هر قسم جا هنر مند، ڪاريگر تعليمي ماهر، سياسي اڳواڻ وغيره پيدا ڪرڻ لاءِ رٿون ڏنيون ويون آهن. مطلب ته هڪ مثالي حڪمراني پيدا ڪئي وئي آهي ۽ ٻڌايو ويو آهي ته هيءُ آهي مثالي راڄ ۽ ان ۾ ههڙو کپي مثالي حاڪم. پنهنجي مثالي حڪمرانيءَ مان اهڙن شاعرن ۽ فنڪارن کي ڏيهه نيڪالي ڏيئي ڇڏي آهي، جيڪي ڏسيل واٽ تي نه هلن بلڪ پنهنجي سر محسوس ڪن سو شاعريءَ يا ٻئي ڪنهن فن جي ذريعي پيش ڪن، ورنه سندس مثالي حڪمرانيءَ ۾ خلل پيدا ٿي پوندا ۽ مطلب نه نڪرندو. هو هر ڳالهه کي پنهنجي نرالي وصف ڏئي ٿو؛ جيئن انصاف ۽ عدل بابت چوي ٿو. ”عام طور تي ماڻهن جو خيال آهي ته ظلم ڪرڻ ته سٺي ڳالهه آهي پر ظللم جو نشانو بنجڻ خراب ڳالهه آهي. جيئن ته ظلم ڪرڻ جي خرابي ظلم ڪرڻ جي خوبيءَ جي ڀيٽ ۾ بنهه شديد آهي، ان ڪري جڏهن ماڻهن کي بي انصافي ڪرڻ ۽ بي انصافي سهڻ جا نتيجا ڀوڳڻ جا ٻٽا تجربا ٿيا ۽ منجهن ظلم ڪرڻ جي سگهه ۽ ان کان بچڻ جي اميد خير ڪي نظر آئي، تڏهن انهن مجبور ٿي، اهو فيصلو مناسب سمجهيو، ته بي انصافي نه ڪجي ۽ نه سهجي. انهيءَ ڪيري ماڻهن قاعدا قانون جوڙڻ ۽ معاهدا طي ڪرڻ شروع ڪيا ۽ انهن تي عمل ڪرڻ جو نالو انصاف رکيو.“

حڪومت ڪير ٿو ڪري، تنهن بابت چيو اٿس ته ”هر رياست ۾ سگهاري ڌر حڪومت ڪندي آهي هر طاقتور شخص اهڙا قاعدا جوڙيندو آهي، جيڪي سندس مطلب پورا ڪري سگهن ..... ۽ پوءِ ظاهر ڪيو ويندو آهي ته اهي قانون رعيت جي ڀلائيءَ لاءِ جوڙيا ويا آهن..... انهيءَ ڪري سمورين رياستن ۾ عدل جو هڪڙو متو آهي، يعني حڪومت جي مقصد جي پٺ ڀرائي ڪرڻ.“

عام ماڻهن جي ذهنيت کي هن ريت نروار ڪيو ويو آهي، ”ڏٺو ويو آهي ته ماڻهو گهڻو ڪري بدڪار ظالم کي ڀاڳوند سڏين ٿا ۽ نجي گڏ جاڻيءَ ۾ توڙي ماڻهن جي سامهون انهن جي عزت ڪندي لڄي نٿا ٿين؛ پر انهيءَ لاءِ شرط آهي ان ظالم بدڪار وٽ دولت هجي ۽ طاقت جا سمورا وسيلا کيس حاصل هجن.“

ڪوڙ بابت چيو ويو آهي، جيڪڏهن ڪنهن کي ڪوڙ ڳالهائڻ جي اجازت ملي سگهي ٿي ته اها رڳو تخت- ڌڻيءَ کي ملي سگهي ٿي، جيڪو دشمن سان منهن ڏيڻ وقت يا رعيت سان سندن ڀلائي ۽ خير خواهيءَ خاطر ڪوڙ ڳالهائي سگهي، پر ٻئي ڪنهن کي ائين ڪرڻ نه جڳائي.“ هي ساڳيو دروغ مصلحت آميز وارو مثال آهي.

هن اها به ڳالهه ڪئي آهي ته فوجين کي عام ماڻهن کا الڳ ٿلڳ رکجي ۽ منجهن اهو ويساهه ويهارجي ته هو نج سون آهن، تنهن ڪري پاڻ کي هر قسم جي کوٽ کان پاڪ رکن، ورنه هو جي دنياداريءَ ۾ پيا ته پوءِ حڪومت صحيح طور تي هلي نه سگهندي، بلڪ مصلحتن جو شڪار ٿيندي رهندي.

حقيقت هي آهي ته ڪيترن ڏينهن کان پوءِ، سنڌي ادبي بورڊ، مان هڪ اهڙو ڪتاب ڇپجي آيو آهي، جيڪو نه رڳو سوچ ۽ سمجهه پيدا ڪري ٿو پر اهو به سيکاري ٿو ته هڪ ٻئي کي سانت ۽ صبر سان ٻڌجي، ان مان جيڪا به ڳالهه چڱي ۽ مدلل هجي سان قبول ڪجي ۽ ان تي عمل ڪري عوام کي مائدو پهچائجي.

هن کان اڳ ۾ ته هن ڪتاب مان رڳو حوالن طورپيش ڪيل ٽڪرا اسان جي سامهون ايندا هئا پر هاڻ اصل شيءِ سامهون اچي وئي آهي. تنهن ڪري رڳو حوالن وارا ٽڪرا پڙهي جيئن وارن لاءِ هڪ سٺو وجهه پيدا ٿي پيو آهي. هي ڪتاب سنڌ جي عام توڙي خاص کي پڙهڻ گهرجي ۽ ان جي روشنيءَ ۾ سنڌ جي موجوده حالتن کي پرکڻ گهرجي. ادبي بورڊ کي ههڙي وقتائتي شيءِ پيش ڪرڻ تي آفرين چوڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي. هي ڪتاب ڊيمي سائيز جي 543 صفحن تي پکڙيل آهي ۽ قيمت اٿس ستر روپيه

عبدالقيوم صائب

 

”لهر لهر ريا“

تازو سنڌي زبان جي مقبول ۽ مشهور شاعر ادستاد بخاريءَ جي شعرن جو مجموعو ”لهر لهر دريا“ نالي سان ”سنڌڙي ڪتابي سلسلو رتوديرو“ طرفان شايع ٿيو آهي، ڪتاب ڊيمي سائيز جي 142 صحفن تي مشتمل آهي، ان ۾ استاد بخاريءَ صاحب جا چؤسٽا ۽ رباعيون آيل آهن. پهرين ڀاڱي ۾ مختلف عنوانن هيٺ چؤسٽا آهن. شروع ۾ جيڪي چؤسٽا آهن. انهن مان هر هڪ  چؤسٽي تي جدا جدا عنوان آهي، ان کان پوءِ مختلف عنوانن تي سلسليوا چوسٽا آهن. ”هڪ شخص“ جي عنوان هيٺ نَو چؤسٽا ۽لال لطيف جي عنوان هيٺ ٻارنهن چؤسٽا آيل آهن. اهڙي طرح سلسليوار ٻيا چؤسٽا به آيل آهن.

ٻئي ڀاڱي ۾ مختلف عنوانن هيٺ رباعيون آهن. ڪتاب جي منڍ ۾ ڪتابي سلسلي جي بانيڪارن طرفان ”مقصود گل“ جو شاعر ۽ ڪتاب جو مختصر تعارف ڏنل آهي. ان کان پوءِ مشهور شاعر ” سرڪش سنڌيءَ“ جو مزرا جي عنوان هيٺ مهاڳ ڏنل آهي.

فن، فڪر ۽ مقصديت جي لحاظ کان استاد بخاريءَ جا هي چؤسٽا ۽ رباعيون سنڌي ادب ۾ وڏي اهميت رکن ٿيون، هن مختصر ۽ جامع انداز ۾ پنهنجي امنگن ۽ تمنائن جو اظهار ڪيو آهي. هڪ درد دل رکندڙ انسان جي حيثيت سان هن وقت جي حالتن جي ترجماني ڪئي آهي؛ ۽ انسان سان جيڪي ڪيس ڪلور ٿين پيا، انهن کي حقيقت پسندا نه نوع ۾ بيان ڪيو آهي. هن کي وطن سان پيار آهي، ۽ پنهنجي ساڻيهه جا سور سمجهي ٿو، هن پنهنجن جذبن جو اظهار ڏاڍي ڏک ڀري لهجي ۾ ۽ اثرائتي نموني بيان ڪيو آهي.

استاد بخاريءَ جي هنن چؤسٽن جي هڪ خوبي اها به آهي، ته هن ماحول ۽سماج جي عڪاسيءَ سان گڏ انسان جي انفرادي جذبن، نفسياتي ڪيفيتن، محرومين، مايوسين، امنگن ۽اميدن جي ترجمائي به ڪئي آهي، فڪر جي بلنديءَ جي لحاظ کان به هي چؤسٽا جديد سنڌي شاعريءَ ۾ انفرادي حيثيت ۽ منفرد مقام رکن ٿا،

انساني جذبن ۾ جمال جو جلوو به وڏي اهميت رکي ٿو. اهو ئي سبب آهي، جو سونهن جي ساراهه، شاعريءَ جو مک ۽ بنيادي مضمون رهيو آهي. استاد بخاريءَ جو شعر به جمال جي جلوي کان وانجهيل نه آهي. ڪيترن چؤسٽن ۾ حسن ۽ جمال جو ذڪر ڏاڍي دلڪش ۽پر اثر نوع ۾ ملي ٿو.

استاد بخاريءَ جي هن مجموعي جي وڏي اهميت اها آهي، جو هن ۾ ”هڪ شخص“ جي عنوان هيٺ نعتيه چؤسٽا ڏنا ويا آهن. استاد ڏاڍي اثرائتي نموني ۾ عقيدت ۽ محبت مان ٻنهي جهانن جي سردار جي ثنا ۽ صفت بيان ڪئي آهي؛ ۽ پاڻ ڪريمن جي سيرت ۽ ڪردار جون خوبيون ۽ خصوصيتون بيان ڪيون آهن. استاد جا هي چؤسٽا پڙهي، منهنجي دل ۾ استاد لاءِ عقيدت جو جذبو پيدا ٿيو آهي. هي پهريون جديد ۽ ترقي پسند، انسان دوست ۽ ساڻيهه سان سڪ رکندڙ شاعر آهي، جنهن جي مجموعي ۾ نعيته اشعار نظر آيا آهن. حقيقت اها آهي ته انسانيت جو صحيح تصور ۽ ان جو عملي نمونو نبي ڪريم صلي اللہ عليه وسلم جي ذات اقدس جي عنايت آهي. انهيءَ ڪري انسان دوست شاعر لاءِ ضروري آهي ته هو پاڻ سڳورنؑ جي انهيءَ ڪارنامي جو اعتراف ڪري ۽ بخاريءَ هي چؤسٽا لکي انهيءَ اهم ضرورت ڏانهن ڌيان ڇڪايو آهي.

استاد بخاريءَ جي هن مجموعي جو ن جيڪي خوبيون ۽ خصوصيتون بيان ڪيون ويون آهن، انهن جي وضاحت ۾ ڪجهه چؤسٽا نموني طور هيٺ ڏجن ٿا.

خدمت خلق ۽ پورهئي سان پيار جو اظهار هن طرح ڪيو اٿس.

محبت سان ڀرپور محنت ڪنداسين،

۽ محنت جي هر ريت عزّت ڪنداسين،

۽ عزّت اسان جي انهيءَ ۾ ئي آهي،

ته پيارن پنهوارن جي خدمت ڪنداسين،

سنڌ جي غريب ۽ مظلوم جي عزم ۽ طاقت جو بيان ڪندي چوي ٿو؛

ڏسڻ ۾ گوڏي جو ڄڻ گاهه آهن،

حقيقت ۾ گجگاهه ڪنداهه آهن،

متان تون سُڪو واهه سمجهين وڏيرا،

وَهي پيا ته مظلوم درياهه آهن.

دنيا جي حقيقت جو اظهار هن طرح ڪيو اٿس.

وڏو ڄار دنيا وڇائي ڇڏيو آ،

بکئي پيٽ رهندو وڄائي ڇڏيو آ،

پيئڻ لاءِ پاڻي، چڳڻ لاءِ چوڳو،

قفس جي ڪُپن ۾ رکائي ڇڏيو آ،

دنيا جي حقيقتن تي سوچيندي ۽ ويچاريندي، استاد کي اها حقيقت معلوم ٿي آهي، ته دنيا جي قوّت ڪنهن نه ڪنهن گهيري ۾ بند آهي؛ پوءِ اهي سمنڊ هجن، يا پهاڙ. هن کي محسوس ٿيو آهي ته هيءَ دنيا ڄڻ هڪ پڃري مثل آهي، هن ۾ انسان سوڌو هر شيءِ بند آهي. انهيءِ حقيقت جو اظهار ڏاڍي اثرائتي نموني هن طرح ڪيو اٿس:

سمونڊن جي قبضي ۾ صحرا اَٿَو،

اُڏامون ٿا ڪيڏو به آفاق آڏو،

وڏو ڄڻ ته پڃرو هي دنيا اَٿَوَ.

دنيا ۾ هرڪو غرض جو غلام آهي، هر رشتي ۽ تعلق تي غرض جا پردا پيل آهن، هت مطلب کان سواءِ ڪوبه ڪنهن جو يار، مدد گار ۽ سڄڻ ساٿي ڪونهي، هر ڳالهه ۾ ماڻهوءَ کي پاڻ ئي منهن ڏيڻو پوي ٿو. شاهه ڪريم بلڙي واري چيو آهي:

جي اتر جي لاهه، سڄڻ سڀ پرکئا،

ري پا جي کٽيءَ سڀر ٻري نه باهه

استاد بخاريءَ اها حقيقت هن طرح بيان ڪئي آهي.

مٽيون مائٽيون آزمائي ڏٺيون سين،

سڳيون ڀائپيون آزمائي ڏٺيون سين،

مصيبت ۾ ڪو يار همدرد ڪونهي

پڪيون دوستيون آزمائي ڏٺيون سين.

موجوده دور جي شاعر ۽ ليڊر جي قول ۽ فعل، دعوائن ۽ دعائن بابت لکيو اٿس:

ڪلامن ۾ منصور شاعر اسان جا،

بيانن ۾ مشهور ليڊر اسان جا،

پڙهي دور ويو آهه اندر اسان جا،

سنڌ ڌرتيءَ سان پنهنجي پيار جو اظهار هن طرح ڪيو اٿس:

ڏينهن جو ڪم آ، رات جو غم آسنڌو تنهنجو،

منهنجو هڪڙو هڪڙو دم آ، سنڌو تنهنجو،

گيت لکان پيو، جنگ لڙان پيو ڏيهه ڏسي پيو،

ڪن تي قلم آ، هٿ ۾ علم آ، سنڌو تنهنجو.

معاشري ۾ جيڪي ڪيس ڪلور ٿين پيا، انهن تي هو ڏکارو ضرور آهي، پر مايوس نه آهي ۽ قنوطيت جي ڪن ۾ ڦاٿل نه آهي. هو پر اميد آهي، ته آخر ماتامن جي جهڙ مان خوشين جو سج اڀرندو ۽ عيدون اينديون چوي ٿو:

مايوسين جي ڪُنَ مان نڪري،

جنگ- جهاز اميديون اينديون،

ماتامن جي جهڙ مان نڪري ،

عزم عظيم جو عيدون اينديون.

هو سنڌ جي مسئلن کان بي خبر نه آهي، هو جڏهن ٻڌي ٿو، ته هڪ مخصوص طبقو سنڌ کي ورهائڻ لاءِ حرڪتون پيو ڪري، تڏهن تڙپي اٿي ٿو. هو چوي ٿو، ته سنڌ ڪا آڌيري ٻڪري يا ڍور ڍڳو نه آهي، جو ان کي ورهائي کڻجي، هن ڌرتيءَ لاءِ ڌڙ اڌ ٿي ويندا، پر ديس اڌ نه ٿيندو.

اخبارن ۾ جو تون روز نبيرين ٿو،

سنڌو ڌرتي آڌيري ڪا ٻڪري ناهي،

ڌڙ اڌ ٿيندا، ڀيٽو، ديس نه اڌ ٿيندو،

ديس ونڊايون، هن ڪا هٽ جي وکري ناهي.

هن ڪتاب ۾ ”شخص“ جي عنوان هيٺ جيڪي نعتيه چؤسٽا ملن ٿا، انهن ۾ استاد بخاري پاڻ سڳورن جي شخصيت ۽ ڪردار جي ثنا ۽ صفت نهايت مؤثر، منفرد ۽جديد انداز ۾ بيان ڪئي آهي. اُن سلسلي مان ڪجهه چؤسٽا نمنوني طور هيٺ ڏجن ٿا:

هڪ شخص يتيم آهي، يتيم آهي اهڙو

دنيا جي يتيمن جو نگهمان لڳي ٿو،

هڪ شخص عظيم آهي، عظيم آهي اهڙو،

منان کان پوءِ، سڀ کان مها مان لُڳي ٿو.

هڪ اسم اکر چارڪو ٽبڪو به ته ناهي،

پر چئن ڪتابن جو آ عرفان انهيءَ ۾،

ادراڪ ۽ وجدان آ حيران انهيءِ ۾،

هڪ جسم چون جنهن جو ڪو پاڇو به ته ناهي،

سنسار جي سينگار لئه آزار سهي پيو،

هڪ شخص ڪڏهن نرڙ مٿان گهنڊ نه آندو،

انصاف جي آواز تي تلوار کڻي پيو.

هر ريت ڪڻي نعت، ستارا نعتون

برسات، ننديون، نهر جا ڌارا نعتون

استاد جا اشعار ته ڇا او شاعر!

قرآن جا ٽيهه ئي پارا نعتون

لال لطيف جي عنوان هيٺ آيل چؤسٽن ۾ شاهه جي شاعري جي تعريف ڪئي ويئي آهي. هڪ چؤسٽو نموني طور ڏجي ٿو:

شاعريءَ جي آسمان جا آفتاب،

تنهنجا روشن شعر ذهني انقلاب،

ذات توڙي ڏات، توڙي لات ۾،

شاه شاهنشاهه آهين لاجواب

چؤسٽن جي هڪ سلسلي ۾ سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن طرفان سال (1989ع) ۾ ڪراچيءَ ۾ ڪيل ”سچل ڪانگريس“ جي امن قافلي بابت پنهنجا تاثرات بيان ڪيا اٿس.

چؤسٽن جي هڪ بنا عنوان سلسلي ۾ حسن ۽ جمال جو ذڪر ڏاڍي سهڻي نموني ۾ ڪيو اٿس. هن چؤسٽي ۾ ”سروقد“ جي بدارن هاٺيءَ لاءِ ڪانگڙو ڪانو جي تشبيهه آندي اٿس، ان کان سواءِ ٻيون تشبيهون به سنڌ جي شين مان کنيو اٿس، جهڙوڪ: سيني (ارهه) لاءِ سنگ- ٻٽا، محبوب جي پيارين ۽ وڻندڙ ڳالهين کي، ڪچڙن آڀن ڳلن کي مکڻ چاڻن سان تشبيهه ڏني اٿس.

تنهنجي هاٺي ڪانگڙ ڪانو،

تنهنجو سينو، سنگ- ٻٽآ.

تنهنجون ڳالهيون ڪچڙا آڀون،

مکڻ چاڻا، گول ڳٽا.

سونهن نئين ساماڻي آهي.

جيڏا ڪيڏا جهار وڌي وئي،

اک هُن جي کانڀاڻي آهي.

مطلب ته هر چؤسٽي ۾ پنهنجي معنيٰ ۽ مقصد آهي ۽ مقصد ۽ تاثر کي چئن سٽن ۾ نهايت مختصر مگر جامع نموني، پرڪشش ۽پر اثر انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي، اسلوب بيان ۾ جدّت ۽ انفراديت آهي، جيتوڻيڪ مقصديت واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. پر فن جو لحاذ به رکيو ويو آهي. مقصد فن تي غالب نه آهي، پر شعر جو حسن ۽ خوبصورتي به برقرار رکي وئي آهي. مطلب ته هن ڪتاب جي چؤسٽن ۾ فن ۽ فڪر جو حسين امتزاج ملي ٿو. آءُ ته ائين چوندس ته هي ڪتاب سنڌي شاعريءَ جي هڪ وڏي وٿ آهي، ۽ صدين تائين سانڍڻ لائق آهي. هي ڪتاب ڏسي مڃڻو پوي ٿو، استاد بخاريبلاشبهه باڪمال شاعر آهي، جنهن شاعريءَ جي هر صنف ۾ پاڻ موکيو آهي. سنڌڙي ڪتابي سلسلي رتوديرو جي ڪارپردازن به کيرون لهڻيون، جن نهايت سهڻي ۽ شانائتي نموني ڪتاب ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي.

 

SIDH UDER THE MUGULS

سن 513هه ۾ ”چچ نام“ جي تاليف کانپوءِ سنڌ ۾ تاريخي ماخذن جي تياريءَ جو سلسلو منطع ڏسجي ٿو. مير معصوم 1009هه ۾ ”تاريخ معصومي“ لکي ان لسلسي کي وري بحال ڪيو. 1017هه۾ بيگلار نامه“ ۽ 1030هه ۾ ”تاريخ طاهري“ لکيا ويا ۽ ان طرح سنڌ بابت ڪتابن لکڻ جو نه کٽندڙ سلسلو شروع ٿي ويو. 1044هه ۾ سنڌ جي تاريخ تي هڪ وڌيڪ ۽ ڇرڪائيندڙ ڪتاب لکيو ويو؛ جنهن بابت ٽن صدين تائين علمي دنيا کي ڪا به خبر پئجي نه سگهي. هن ڪتاب جي باري ۾ انڪشاف تڏهن ٿيو جڏهن سيد حسان الدين راشدي مرحوم، امير خاني ساداتن بابت پنهنجي تصنيف معروف محقق ڊاڪٽر محمد ناظم کي، نظر ثاني ۽ تنقيدي راءِ لاءِ پيش ڪئي. ان بعد راشدي صاحب اهو ڪتاب حاصل ڪيو ۽ ان تي تحقيقي ڪم ڪيو. هي ڪتاب امير خاني سيد ميرڪ يوسف ”تاريخ مظهر شاهجهاني“ جي نالي سان لکيو. ان جا ٻه حصا هئا ۽ ٻيو حصو ئي سنڌ بابت هو. پير صاحب مرحوم صرف تاريخ سنڌ وارو حصو ايڊت ڪيو ۽ ادبي بورڊ جي ذريعي انکي 1962ع ۾ شايع ڪيو. هن ڪتاب جي ڇپڻ سان اهي سڀ مفروضا ختم ٿي ويا، ته ڪو مغل دور ۾ سنڌ اندر کير ماکيءَ جو نديون وهي رهيون هيون، امن هو ۽ ماڻهن سک جي ننڊ ڪئي ٿي. عوام مطمئن ٿي مغل بادشاهن جي ڊگهي عمر لاءِ دعائون ٿي گهريون. شهر ۽ واهڻ آباد وسندڙ هئا. آبپاشي نظام درست ۽ ٻنيون ٻار آباد هئا. حقيقت ۾ سنڌ اندر سڀڪجهه ان جي ابتڙ ٿي رهيو هو ۽ عوام دريا خان جي شهادت (1520ع) کان وٺي مغل زوال تائين ڏاڍا ڏکيا ڏينهن ڏٺا. اهڙي ڪتاب جي اڀياس کانپوءَ سنڌ ۾ مغل دور جي پرستارن کي پريشانبي ٿي ۽ انهن ان جي درست ۽ صحيح هجڻ تي سوال ڪرڻ شروع ڪيا. ٻئي طرف علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ جي عرفان حبيب پنهنجي ڪتاب ”مغل طريقئه زراعت“ ۾، مظهر شاهجهاني کي ڪتب آندو ۽ نتيجا اخذ ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. اصل ۾ ڪتاب اندر ڏنل مواد جي تصديق، ان دور ۾ ڪمپنيءَ جي رڪارڊ ذريعي به ٿئي ٿي، جن کي ويجهڙائيءَ ۾ سنڌالاجيءَ شايع ڪيو آهي. تاريخ مظهر شاهجهانيءَ جي اهميت جي پيش نظر سنڌي ادبي بورڊ ان جو سنڌي ترجمو پڻ 1979ع ۾ شايع ڪرايو. هي ترجمو محترم نياز همايوني ڪيو هو ۽ جاگرافيائي ماڳن بابت حاشيا ايم-ايڇ  پنهور صاحب لکيا هئا.

بهرحال ”تاريخ مظهر شاهجهاني“ جي فارسي اشاعت ذريعي، دنيا جي اهم علمي مرڪزن ۽ اعليٰ قيادت درسگاهن ۾ مڃتا ٿي ۽ مغل دور جي مطالعي ۾ انکي اهم حيثيت حاصل ٿي وئي. ملڪ جي نامياري اسڪالر ڊاڪٽر سليم اختر صاحب آسٽريلين نيشنل يونيورسٽيءَ ۾ رهندي، پنهنجي علمي پراجيڪٽ (شايد ڊاڪٽوريٽ جي مقالي لاءِ)، آخرڪار ”تاريخ مظهر شهجهاني“ جي انگريزي ايڊيشن طرف توجه ڏنو. هونئن ته پاڻ ڪم جي پورائي لاءِ بورڊ جي مذڪوره ٻن ڇاپن کي آڏو رکيائون، ليڪن گڏوگڏ پنجاب يونيورسٽيءَ ۾ موجود قلمي نسخي کي ئي اساس بنائي ڪم جو پورائو ڪيو ويو. سڄي رٿا کي ٽن اهم حصن: تعارف، ڪتاب جو ترجمو ۽ تبصرو ۾ تقسيم ڪري نباهيو ويو آهي. تعارف واري حصي ۾ ٽي ننڍا عنوان ڏسجن ٿا (1) سنڌ ۾ ارغونن کان ڪري مرزا غازي بيگ جي وفات تائين واري تاريخ (2) مصنف ۽ سندس خاندان (3) ڪتاب. ٻيو اهم حصو مظهر شاهجهانيءَ جي انگريزي ترجمي تي مدار رکي ٿو. ٽيون ۽ آخري مکيه شخصيتن ۽ ڪن انتظامي عهدن، جي ان وقت رائج هئا؛ بابت نهايت قيمتي نوٽس ڏنا ويا آهن. ان طرح ڊاڪٽر سليم اختر صاحب پنهنجي پوري ڪم کي رائج ۽ قبول ڪيل نالي جي بدران ”سنڌ انڊر دي مغلز“ جو نالو ڏنو آهي. هي ڪتاب جيئن اڳ ڄاڻايو ويو اهي ته، نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل ريسرچ اسلام آباد ۽ سنڌ گورنمينٽ جي ڪلچر ڊپارٽمينٽ گڏجي 1990ع ۾ شايع ڪيو آهي. هي ڪتاب محققن: سيد حسام الدين راشدي مرحوم، پروفيسر رياض الاسلام ۽ ايم. ايڇ صديقيءَ جي نالي منسوب ڪيو ويو آهي. ڪتاب جي تياريءَ لاءِ راشدي صاحب مرحوم جي علمي تعاون جو پڻ ڀرپور اعتراف ڪيو ويو آهي. هيٺ اسين ڪتاب جو مختصر تنقيدي جائزو پيش ڪيون ٿا.

- ڪتاب ۾ انٽروڊڪشن جو پهريون حصو، سنڌ ۾ ارغونن کان ڪري مرزا غازي بيگ جي پڄاڻيءَ تائين، پيش آيل اهم واقعن، سياسي تبديلن ۽ فوجي مهمن تي لکيو ويو آهي. هن ۾ سٺ مکيه ڳالهيون آيون آهن ۽ اهو جائزو 8 صفحن تي مشتمل آهي. حقيقت ۾ سنڌ جي هڪ صديءَ جي تاريخ ته ان طرح يڪجاءِ ٿي آهي، ليڪن ان جي ڪا خاص ضرورت به نه هئي. جڏهن ته انگريزي زبان ۾ ئي ٻه ڪتاب بِنهه ويجهڙائيءَ ۾ ڇپيل ۽ دستياب ملن ٿا، جي مذڪوره دور جي مطالعي ۾ مدد ڪن ٿا. هڪ آهي ايم. ايڇ صديقيءَ جي ٿيسز ”هسٽري آف دي ارغونس اينڊ ترخانس آف سنڌ“ ۽ ٻيو آهي انصار زاهد خان جو ”هسٽري اينڊ ڪلچر آف سنڌ“ .

- انٽروڊڪشن جي ٻئي حصي ۾ ميرڪ يوسف ۽ سندس خاندان بابت لکيو ويو آهي. هي حصو ان لحاظ کان ڪارائتو آهي جو سنڌ جي هن ممتاز علمي ۽ سياسي خاندان بابت، سنڌ کان ٻاهر جي عالمن لاءِ مواد ڪٺو ڪري ڏنو ويو آهي. البته سنڌي پڙهندڙن جي لاءِ ”تذڪرة امير خاني“ جي صورت ۾، اڳ ۾ ئي بهترين جائزو راشدي صاحب 1961ع ۾ پيش ڪري چڪو هو. ڊاڪٽر سليم اختر هن ڏس ۾ ڪا نئين ڳالهه نه ڪئي آهي.

- ڪتاب جي انٽروڊڪشن جو ٽيون حصو ”مظهر شاهجهاني“ بابت آهي، جو بِنهه مختصر، اڌورو ۽ نامڪمل آهي. ڏهين صديءَ ۾ سنڌ جي تاريخ نويسيءَ ۾ سنڌ بابت، نهايت ننڍو نوٽ لکيو ويو آهي ۽ ”تاريخ طاهري“ جي لکجڻ جو سال به غلط ڏنو ويو آهي. ان دور ۾ ڪن مکيه ڪتابن: ترخان نامه ۽ ذخيرة الخوانين جو نالو به نه کنيو ويو آهي. ٻئي طرف شاه حسن جي درٻار ۾ ٻن تذڪرن جي تياريءَ بابت به خاموشي اختيار ڪئي وئي آهي، جي فخري هرويءَ لکيا ۽ انهن جي تاريخي حقيقت تسليم شده آهي. حقيقت ۾ تعارف جو هي حصو بِنهه مايوس ڪن آهي. ڪهڙو نه بهتر ٿئي ها جو هن حصي تي جامع نموني ۾ لکجي ها ۽ اهو جائزو به وٺجي ها ته، ڇا ان نوعيت جو ڪو تاريخي دستاويز مغل انڊيا جي ڪنهن ٻئي حصي ۾ به لکيو ويو يا نه؟

- فاضل مرتب ۽ مترجم کي ”تاريخ مظهر شاهجهاني“ جي سنڌي ايڊيشن لاءِ اختيار ڪيل ننڍي عنوان:

An account of Mughul Rule in Sindh under Nawab Ahmed

Beg Khan (1038-1039 A.H.)

تي به اعتراض آهي. ان طرح اسان کي به ڪتاب جي انگريزي ايڊيشن لاءِ اختار ڪيل نالي:

SINDH UNDER THE MUGHULS

تي به ڪا گهڻي خوشي نه ٿي آهي. حقيقت ۾ ڪتاب جو اصل نالو ئي هن انگريزي ايڊيشن لاءِ به رهڻ ڏنو وڃي ها. اصل مصنف يعني ميرڪ يوسف جو نالو ٽائيٽل ۽ اندرئين ٽائيٽل تان ان طرح گم ڪيو ويو آهي، جهڙي طرح ڪتاب سڄي جو سڄو خود، ڊاڪٽر ايم. سليم اختر صاحب جو لکيل هجي. حد ته هي آهي جو راشدي صاحب جي ايڊٽ ڪيل فارسي ايڊيشن جو نه ته ڪٿي ذڪر ڪيو ويو آهي ۽ نه وري ان جي ضرورت سمجهي وئي آهي. هي صورتحال تسليم شده علمي معيار جي بلڪل ابتڙ آهي.

ڪتاب جو ٻيو حصو ”تاريخ مظهر شاهجهاني“ جي ترجمي تي مشتمل آهي. مظهر شاهجهانيءَ جو سنڌ جي تاريخ وارو حصو ئي ترجمو ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر سليم اختر صاحب جي فارسي ۽ انگريزي ٻولين تي پوري مهارت ۽ رواني هن ترجمي ذريعي چٽي ٿي بيهي ٿي. ترجمو نهايت احتياط، مڪمل خبرداري ۽ پوري ذميداريءَ سان ڪيو ويو آهي. جاگرافيائي ماڳن جا نالا، ماڻهن جا نالا، سنڌي قبيلن ۽ ذاتين بابت ڪم ذميداري سان ڪيو ويو آهي. البته هڪ ڳالهه چوڻ درست ٿيندي ته، خالص سنڌي اچارن لاءِ فارسي تحرير کي ئي ترجمي وقت ترجيح ڏني وئي آهي. جڏهن ته انگريزي زبان ۾ ايتري صلاحيت آهي جو، ڪنهن حد تائين سنڌي نالن کي درست شڪل ڏئي سگهجي ٿي. ڊاڪٽر صاحب ان وقت جي انتظامي عهدن، عملدارن ۽ يونٽن کي به ترجمي ذريعي صحيح شڪل ڏيڻ ۾ ڪامياب ويو آهي، جيئن سرڪار، ملڪ، پرڳڻه، صوبو وغيره. متن ۾ جتي جتي وضاحت جي ضرورت محسوس ڪئي وئي آهي اتي ننڍڙن ستارن ذريعي نشاندهي ڪيل آهي.

ڪتاب جو آخري حصو تبصري يا ڪمينٽريءَ تي مشتمل آهي. هي تبصرو نه ته ڪتاب جي اندر آيل واقعن بابت آهي ۽ نه وري ڪو فوجي مهمن تي، يا خود مصنف جي کوجنا، راءِ ۽ سنڌي قبيلن لاءِ اختيار ڪيل گارگند تي آهي. ليڪن مرتب يا مترجم خاص توجه جاگرافيائي ماڳن جي نشاندهي، ڪتاب ۾ ذڪر هيٺ آيل ماڻهن ۽ ان دور جي انتظامي ٻوليءَ جي تشريح تي ڏنو آهي. ان هوندي به ڪتاب جا هي ٻه پويان حصا، سڄي ڪم تي حاوي آهن ۽ مغل دور جي حوالي سان، سنڌ جي اڀياس ۾ خاص ڪري ٻاهرين دنيا ۾ ڪارائتا ثابت ٿيندا.

اسان جو خيال آهي ته اڳ موجود مواد يا ڪيل کوجنا کي مقدمي ۾ دهرائڻ جي ضرورت نه هئي. ان جي بجاءِ ڊاڪٽر ايم. سليم اختر صاحب ان ڳالهه تي توجه ڏئي ها ته، آخر سنڌ ۾ مغل دور ۾ ايتري بيچيني ڇو هئي، سنڌي قبيلن انفرادي يا اجتماعي ويڙهه ڇو ٿي ڪئي، ان جو آخرڪار اڳتي حل ڇو نڪتو، مغل منصبدارن ۽ شهنشاهن ڇو سنڌ سان ايترو لاتعلقيءَ وارو رخ اختيار ڪيو ۽ مصنف ڪيئن ايتري اهم تصنيف تيار ڪئي؟ ان کان علاوه ”مظهر شاهجهاني“ جيئن ته خاص ”سيوهڻ“ جي مطالعي تي مدار رکيو ٿي، تنهن صورت ۾ تعليقات ۽ حاشين ذريعي، مغل دور جي باقي اڌ صديءَ بابت مواد مهيا ڪري، وڌيڪ اڀياس لاءِ راهون پيدا ڪجن ها. جهڙيءَ طرح راشدي صاحب مرحوم ”تحفته الڪرام“ تي ڪم ڪندي، ٺٽي جي صوبيدارن بابت وڌيڪ ڄاڻ ڏني ۽ مواد جمع ڪري شايع ڪيو، ان ريت ٺٽي جي گورنرن بابت هڪ مڪمل ۽ معتبر باب تيار ٿي پيو، جنهن لاءِ محققن کي وڌيڪ پريشاني نه ٿيندي. انهن سڀني ڳالهين جي باوجود به سچ ته، ڊاڪٽر ايم. سليم اختر صاحب، هي ڪتاب انگريزيءَ ۾ شايع ڪري، سنڌالاجيڪل اسٽڊيز ۾ هڪ اهم واڌارو ڪيو آهي، جنهن کي گهڻي وقت تائين ساراهيو ۽ ياد رکيو ويندو. هن تاريخي ڪم لاءِ ڊاڪٽر صاحب مبارڪ جو مستحق آهي. هي تبصرو خو مصنف ميرڪ يوسف جي لفظن ۾ ختم ڪجي ٿو، جنهن پس منظر ۾ ئي هن انگريزي ايڊيشن جو اڀياس سودمند ٿيندو:

”چون آدم لاملک گرديد! هزار گونه فساد

در دين و دنيا پيدا ميشود. چراکه: مدار عالم،

وابستهء معاش است“!

غلام محمد لاکو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com