سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1991ع

مضمون

صفحو :7

 

سفر نامو/ مثنوي مير محمد نصير خان ٽالپر ’جعفري‘

 

ضمير حسن مرزا

مير محمد نصير خان ٽالپر بن مير مراد علي خان ٽالپر محرم سن1219هه ۾ حيدرآباد واري پڪي قلعي ۾ تولد ٿيو. مير مراد علي خان ٽالپر جيئن ته پاڻ هڪ صاحبِ علم، علم پرور ۽پابندي شريعت هو، تنهن پنهنجي فرزند جي اعليٰ تعليم وتربيت تي تمام گهڻو ڌيان ڏنو. مير صاحب شهزادي جي تعليم لاءِ ايران جي هڪ جيد عالم ۽ سنڌ جي وڏي عالم آخوند محمد بچل ”انور“ کي مقرر ڪيو، ٻنهي اتاليقن شب وروز محنت ڪري، هن ذهين شهزادي جي تعليم تربيت اَهڙي نموني ڪئي، جيڪا هڪ شهزادي لاءِ ضروري، موزون ۽ ان زماني مطابق شايان شان هوندي هُئي.

مير محمد نصير خان ٽالپر سن. 1840ع بمطابق سن1255هه تي مسند اقتدار تي جلوه افروز ٿيو، سندس لقب سرڪار فيض آثار ۽ سجع هن ريت هو:

علي حسن حسين دستگير خدايارباوز محمد نصير

سزد گرنهد برثر يا سرير کسه راکه باشد محمد نصير (1)

علم وادب جي ناتي سان مير محمد نصير خان ٽالپر جو دور نهايت درخشان ۽ روشن شمار ٿئي ٿو. هو پاڻ هڪ وڏو عالم، شاعر، علم پرور، ادب نواز ۽ شعر سخن جي بزم جو وڏو قدردان ۽ مداح هوندو هو. سندس علم پروري ۽ سخن سنجيءَ جي هٻڪار ڏورانهان ڏيهه واسي ڇڏيا هئا. ۽ ڪيترائي عالم، شاعر ۽ معروف اَديب وڏا وڏا ڪشالا ڪڍي اَچي هن جي درٻار علم و فن جي بزم ۾ ضوفشانيءَ ۾ واڌارو ۽ اضافو ڪيو.

مير محمد نصير خان ٽالپر پاڻ به هڪ وڏو ۽ اعليٰ پايي جو شاعر هو. سندس تخلص ”جعفري“ هو. کيس فارسي، اڙدو، ۽ سنڌي زبانن تي ڪمال عبور حاصل هوندو هو. ۽ انهي ڪري پاڻ ٽنهين زبانن ۾ شعرو شاعريءَ تي طبع آزمائي ڪئي هيائون. سندن مشهور تصنيفات مان چند ڪتابن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا:

ديوانِ فارسي سن 1233هه، مثنوي مرزا صاحبان منظوم منقش، نقاش  مير حسن شيرازي سن1260هه، ديوانِ جعفري اڙدو سن 1261هه، خطوطه جعفري (فارسي) ازانسواءِ، سنڌي زبان ۾ هڪ مرثيو، ٻه غزل ۽ سرائڪي زبان ۾ به ڪجهه شعر شامل آهن (2)

 مير نصير خان ٽالپر جي علم ۽ فن شاعري جي خوبين ۽ ڪمال متعلق هڪ انگريز مؤرخ هيٺيئن ريت رقم طراز آهي:

مير محمد نصير خان ٽالپر مير علي خان ٽالپر جو ننڍو پٽ آهي. هي شهزادو ميرن جي ٻين شهزادن جي برعڪس تمام رلڻو ملڻو ۽ خوش اخلاق آهي. هن جي عمر پنجويهه سال: شڪل شبيهه جو خوبصورت پر قدري فربهي مائل، پر نهايت با فضيلت ۽ با ادب آهي. خوش قسمتيءَ سان مير محمد نصير خان ٽالپر وصفن، عادتن ۽ طور طريقن ۾ ٻين ميرن کان نهايت مختلف هو. مثال طور هو ٻين ميرن جي نسبت تمام سخي ۽ رحمدليءَ ڏانهن مائل هو، هو پنهنجي دولت نهايت فراخدليءَ سان ضرورت مندن ۽ اَهل علم وفن مٿان خرچ ڪندو رهندو هو. اهڙي فراخدلي گڻ يا اوگڻ هجي، پر سخاوت جي هميشه، خصوصاً مشرقي ملڪن ۾ واکاڻ ڪئي ويندي آهي.

علم وادب هجي يا شاعري، دنيا جي هر ملڪ جي اديب ۽ شاعر کي هڪ جهڙيون مشڪلاتون ۽ ڪمزوريون پيش اينديون رهنديون آهن. ديوان جعفريءَ جي واکاڻ ۽ ساراهه مون اڳ ئي ٻُڌي هُئي، تنهن ڪري مير صاحب کان هڪ موقعي تي سندس ديوان گهريم ۽ پڻ اهو به عرض ڪيومانس ته سندن تصنيف جي شهرت ساري هندستان ۾ پکڙجي وئي آهي. ٿورن ئي ڏينهن کان پوءِ مون کي ”ديوان جعفري“ نمبر-3 جو هڪ تمام سُهڻو مُنقش نسخو عطا ڪيائون، جنهن جي پهرين صفحي تي سندن هٿن سان خوبصورت عبارت تحرير ٿيل هئي“‌… ”اهو ڪلام جيڪڏهن واقعي مير صاحب جن جو آهي ته پوءِ  هو پنهنجي دور ۽ وقت جو هڪ وڏو با ڪمال شاعر آهي (3)

مگر جلد اها درخشا علم واَدب جي بزم هميشه هميشه لاءِ ويران ٿي وئي ۽ اُهي شاعر ۽ سخن پرورجي پرواني جيان بزم شمع جعفريءَ جي چوگرد اَچي جمع ٿيا هئا، سي سڀ پرواز ڪري ويا ۽ ساري رونق ختم ٿي وئي. مياڻيءَ جي جنگ کان پوءِ جلدي انگريزن ميرن کي گرفتار ڪيو، جن ۾ مير محمد نصير خان ٽالپر نه هو جنهن کي تاريخ 17 فيبروري سنه 1843ع ڌاري تخت تان لاهي انگريزن پهريائين ڪئمپ ۾ نظر بند ڪيو پوءِ ستت ي ٻين ميرن سان گڏ جلا وطن ڪري، بمبئي، پوني، ساسور ۽ پوءِ ڪلڪتي ۾ نظر بند ڪيو.

مير محمد نصير خان ٽالپر دوران قيد بند انگريزن کي اُهي واعدا ۽ عهد ناما ياد ڏياريا جن ۾ هنن باربار اهو اقرار پي ڪيو تَه هو ڪنهن صورت ۾ سنڌ تي قبضو نه ڪندا ۽ نه ئي هو ڪو اَهڙو ارادو رکن ٿا؛ ڇاڪاڻ ته سنڌ جي اميرن ۽ برطانيه سرڪار جا دوستيءَ وارا تعلقات سد سڪندريءَ کان به وڌيڪ پڪا ۽ پُختا آهن. مير نصير خان ٽالپر پنهنجي هڪ مراسلي ۾ جيڪو هن بورڊ آف ڊائريڪٽر جي ڪورٽ ۾ تاريخ 22 سيپٽمبر سنه 1743ع موڪليو هو، تنهن ۾ هن انگريزن کي ياد ڏياريو هو ته:

منهنجي والد جي وفات تي جيڪو خط گورنر جنرل هندستان طرفان موصول ٿيو هو، ان ۾ صاف ۽ واشگاف لفظن ۾ اقرار ڪيو ويو هو ته برطانيه سرڪار اسان جي ملڪ تي تسلط قائم ڪرڻ جو ڪربه ارادو نه ٿي رکي‌‌…… ۽ انجيل مقدس جي مطالعي دوران مون پڙهيو هو ته عيسائي مذهب پنهنجي پيروڪارن کي دوستن سان دوستي پڪي ڪرڻ جي تلقين ڪري ٿو .... ڇاڪاڻ ته دوستي ئي اَهڙو درخت آهي، جنهن جو ڦل مٺو ۽ دائمي ٿئي ٿو.(4) 
     مگر انگريزن مذڪوره وعدن ۽ عهد نامن کي نظر انداز ڪري سنڌ تي قبضو ڪيو ۽ اُن وقت  جي گورنر جنرل لارڊ ايلنبرو جي احڪامن تحت تاريخ 13 مارچ سن 1843ع تي مير محمد نصير خان ٽالپر، مير محمد خان ٽالپر، مير صوبدار خان ۽ مير شهداد خان ٽالپر کي گرفتار ڪري، سنڌ مان جلا وطن ڪري؛ هڪ آگبوٽ ۾ سوار ڪري ساموندي رستي بمبيءَ روانو ڪيو. ان کان پوءِ جلدي ٻين ميرن کي سر چارلس نيپئر جي حڪمن تحت بمبيءَ روانو ڪيو، جن ۾ مير حسن علي ٽالپر، مير محمد خان ٽالپر ۽ مير مراد علي خان ٽالپر شامل هئا.

اَهڙي ريت سنڌ جي حڪمرانن کي گرفتار ڪري پهرين بمبيءَ ۾ پُهچايو ويو، جتي هنن کي، هڪ مهيني لاءِ ترسايو ويو. ان کان پوءِ اُتان منزلون ڪندا اُهي اسير پوني پهتا، جتي ٻن ڏينهن جي قيام کان پوءِ ساسور روانا ٿي ويا. شهر ساسور پوني کان اٽڪل 24ميل پري واقع آهي. اُتي ميرن کي تقريباً هڪ سال تائين نظر بندي کان پوءِ ميرن کي ڪلڪتي مُنتقل ڪيو ويو، جتي هو آخر تائين نظر بندر رهيا.(5)

تعجب ۽ اَچرج جي ڳالهه اِها هُئي ته انهيءَ ساري عرصي دوران، سواءِ بمبيءَ جي گورنر کان ٻيو ڪو به برطانيه سرڪار جو ڪارندو اَسير ميرن سان نه ئي ملڻ ويو نه ئي هنن کان پُڇيائون ته سندن آخر اَهڙو ڪهڙو گناهه، جنهن ڪري هو اها سزا ڀوڳي رهيا هئا. (6)

دوران قيد وبند مير محمد نصير ٽالپر جو ذوق شعرو شاعري، تصنيف وتاليف برقرار رهيو، ۽ اُتي ڪلڪتي ۾ پڻ ڪيترائي شعرن جا مجموعا لکي تيار ڪيائين_ اُنهن مان هڪ مثنوي جعفري آهي. هيءَ مثنوي فارسي زبان ۾ ۽ ٻن حصن تي مشتمل آهي. مير صاحب هي مثنوي هڪ وقت تاليف نه ڪئي هئي، پر لڳي ٿوک ته هي ،مثنوي هڪ روز نامچي جيان مير صاحب لکي تيار ڪئي، جنهن ۾ دوران قيد وبند جيڪو ڪجهه مٿن وهيو واپريو،اُن کي نهايت ئي پُرسوز دِل آويز اَنداز ۾ بيان ڪيوآهي.

جهڙي طرح غزل سنڌي اَدب ۾ ايران کان پُهتو، ساڳي طرح مثنوي به اَصل فارسي اَدب خصوصاً شاعري جي هڪ نهايت خوبصورت صنف آهي. مثنوي ٻن هم قافيه مصراعن جي هڪ هڪ بند واري طويل نظم کي چيو وڃي ٿو. اُن ۾ خاص ۽ مخصوص وزن به ٿين ٿا. سنڌي اَدب ۾ مثنوي شاعري جي هڪ اَهڙي سنف آهي، جنهن تي ڪيترن ئي سنڌي شاعرن طبع آزمائي ڪئي آهي. سنڌي زبان ۾ طبعزاد مثنويون به لکيون ويون ۽ ۽ فارسي مثنوي جا ترجما به ڪيا ويا آهن. ازانسواءِ سنڌ جي شاعرن سنڌي زبان کان علاوه فارسي زبان ۾ طبعزاد مثنويون تصنيف ڪيون. انهي لاءِ خاص ڪري ٽالپر جو دور تمام مشهور آهي، جنهن ۾ خصوصاً مير محمد نصير خان ٽالپر قابلِ ذڪر آهي، جنهن فارسي زبان ۾، مثنوي مرزا صاحبان مُنقش، نقاش مير حسن شيرازي سنه 1235هه ۾ لکي ۽ ٻي جيڪا مثنوي جعفري جي نالي سان مشهور آهي، اها به فارسي زبان ۾ مير صاحب سنه 1260هه ۾ لکي تيار ڪئي.

فارسي زبان ۽ اَدب ۾ فردوسي، مولانا جلال الدين رومي، شيخ سعدي مثنويءَ جا موجد ۽ ابا تسليم ڪيا وڃن ٿا_ ۽ حقيقت ۾ انهن جي ئي مثنوين ڪري فارسي اَدب ۾ شاعري جو ڳاٽ ٻين زبانن جي شاعريءَ کان اوچو نظر اچي ٿو. حالانڪ انگريزي شاعريءَ ۾ (Heroic couplet) يعني ته پُراڻي رزميه شاعريءَ جي قسم جا ڊگها نظم موجود آهن، پر اُنهن کي مثنوي سان ڪابه نسبت نه ٿي ڏئي سگهجي عربي اَدب ۾ شاعري جي صنف ۾ ”رجز“ جي هيئت عين مثنوي جهڙي آهي. پر عربي ”رجز“ فارسي مثنوي جو مٽ نه ٿو ٿي سگهي.(7)

مثنوي جعفريءَ جي حصه اول جي ابتدا حمد ثنا باري تعاليٰ سان ٿئي ٿي، جيڪو هن دنيا جو خالق ۽ ڪل موجودات جو پالڻهار آهي. ان بعد خاتم النبين حضرت محمد صلي اللہ عليه وآله وسلم ۽ سندن آل تي هزارين دوردن سلامن کان پوءِ پنهنجي سرگذشت بيان ڪري ٿو. جيڪا بقول خود ”که جزمن نداند اور اکسي.“ مثنوي جي هن حصي ۾ مير چرخ گردون بخت جي ناياوري، دنيا جي بي ثباتي جي شڪايت ڪري ٿو اَهڙي طرح انهن دشمن نما دوستن جا به وکا پڌرا ڪري ٿو، جيڪي مارِ آستين جيان هئا ۽ جنهن جي ئي زهر جو شڪار هو ٿيو هو. هن جون اُهي اُميدون آسون جيڪي مير صاحب تمثيلي اَنداز ۾ هيئن بيان ڪري ٿو ته ”اهو سڀ ڪجهه اَهڙوٿي لڳو ڄڻ ته ماکيءَ کائَڻ بدران ڪو شخص تُرش سرڪيءَ جا ڍڪ ڀري رهيو هجي.“ اُن کان پوءِ حصن ۾ انهن جاين جوئن، ۽ شهرن جو ذڪر ملي ٿو، جتي ميرن کي، انگريزن قيد ڪري وٺي ويا هئا. اُن کان پوءِ قيد وبند جون صعوبتون، ڏکُ، ڏاکڙا ۽ مشڪلاتن، علاوه وطن کان دور پنهنجي عزيزن اقارب جي جُدائي جو احول اَهڙي ته پُر سوز ۽ دلڪش انداز ۾ چٽيو اٿن، جو پڙهندڙ کي ائين ٿو محسوس ٿئي ته ڄڻ اُها ساري روداد هن جي  خود پنهنجي   هُجي ۽ اها ئي هڪ اَهڙي خوبي آهي جيڪا هڪ شاعر جي فن تي ڪمال ۽ عبور جي نشاندهي ڪري ٿي.

مثنوي جي حصه دوئم جي شروعات به انهيِءَ ذات پاڪ جي حمد ثنا سان ڪري ٿو، جنهن اِنسان کي علم جي زيور سان مزين ڪري ڪائنات جي هر مو جودات ۽ تخليق  کان اِنسان کي اعليٰ ۽ اَشرف المخلوقات جي لقب سان ملقب ڪيائين بعد درودو سلام بر خاتم النبين۽ ان جي آل اطهار کان پوءِ وري پنهنجي داستان پُر سوز کي حصه اَول سان جوڙيندي، انهيءَ ظلم جبر ۽ استبداد ۽ بي جرم و خطا قيد وبند جو ذڪر ڪري ٿو. مثنوي جي هن حصي جي اهميت دراَصل حصه اَول کان وڌيڪ انهيءَ ڪري آهي، جوهن حصي ۾ مير صاحب دوران قيد جيڪا قانوني جنگ انگريزن سان جوٽي هُئي، ان جو سر بستو احوال ملي ٿو، جيڪو تاريخ جو هڪ گم شده ورق آهي. انهيءَ ناتي سان هن حصي جي وڏي اهميت آهي؛ ڇاڪاڻ جو اهو حصو هڪ بنيادي ماخذ جيان مؤرخن، عالمن ۽ محققن لاءِ تمام اهم ۽ قيمتي مواد آهي.

ساڳي طرح مير مثنويءَ جي هن حصي ۾ تمام بي باڪي سان جارج اَرٿر، جيڪو اُن وقت بمبيءَ جو گورنر هو تمام گهڻي تعريف ڪري ٿو ۽ لکي ٿو ته هو تمام مشفق ۽ مهربان هوندو هو. (8) سندس گفتگو نهايت مشفق مدبرانه هوندي هُئي، جنهن سان ڏورانهين ڏيهه ۾، عزيزو اقارب کان جُدا هوندي به اسين سڀ محظوظ ٿيندا هئا سين. ان کان پوءِ وري ان تڪليف ده سفر جيڪو سنڌ کان ڏيهه نيڪالي کان وٺي ڪلڪتي تائين پيش آيو. اُن جو ذڪر نهايت مفصل طور تي ڪري پڙهندڙ اڳيان هڪ عجيب وغريب منظر پيش ڪري ٿو.

مذڪوره مثنويءِ ۾ اهو پڻ ٻُڌائي ٿو ته ڪلڪتي جيل ۾ ڪيپٽن ايم_ ايف گارڊن جيڪو ان جيل جو نگران ۽ آفيسر اعليٰ هوندو هو، سوکين ڪنهن رعايت ۽ سهولت مهيا ڪري ڏيڻ جو مجاز نه هوندو هو. مثنوي جي هن حصي ۾ مير صاحب ڪجهه سهولتن جو پڻ ذڪر ڪيو آهي، جيڪي ان وقت جي گورنر جنرل جي حڪمن تحت کين مليون هيون. انهن سهولتن مان هڪ اِها به هُئي ته مير صاحب دوران قيد سير وتفريح ڪرڻ لاءِ آزاد هُئا ۽ برطانيه سرڪار طرفان کين گهوڙي گاڏيون به مهيا ڪيون ويون هيون، جيڪي سنڌ جي حا ڪمن جي شايانِ شان نَه هيون ۽ مير صاحب مثنويءَ ۾ طنزيه طور چوي ٿو.

برائي من آن گاڙي واسپه ها

به بي اطلاعي نموده رها

ڪلڪتي ۾ دوران قيد مير صوبدار خان، مير محمد نصير خان ٽالپر پنهنجي مُهرن سان هڪ عرضداشت مٿن نگران ڪيپٽن ايم_ايف گارڊن جي معرفت اُن وقت جي نئين مقرر ٿي آيل گورنر جنرل هندستان لارڊ ها رڊنج ڏانهن رواني ڪئي هُئي، جنهن ۾ هنن پنهنجي بي جرم خطا، مسلسل نظر بندي ۽ قيد جي معاملن ۾ مُداخلت ڪرڻ لاءِ عرض ڪيو هُئائون _اُن عرضداشت جو متن هن ريت هو:

”اسان کي اَوهان جي تقرري بحيثيت گورنر جنرل هندستان ٿي اَچڻ تي دل خوشيءَ ۽ نهايت مسرت ۽ قلبي سڪون ميسر ٿيو آهي. اُن سان گڏ دِل ۾ هڪ موهوم اُميد پيدا ٿي آهي ته توهان اَسان کي پنهنجي حضور ۾ شرف باريابيِءَ جو موقعو ضرور فراهم ڪرڻ فرمائيندا ته جيئن اَسان خود پنهنجي زباني انهيءَ ظلم ستم ۽ زيادتين جو برملا اِظهار ڪري سگهون، جيڪي اَسان تي آڳوڻي گورنر جنرل لارڊ ايلنبرو ۽ سندس گماشتي چارلس نيپئر بي جرم خطا روا رکيون آهن. جنهن جي نتيجي ۾ تاحال اَسين سڀ هِتي نظر بند آهيون، پر ڪافي وقت گذرڻ کانپوءِ به اَوهان ياد ڪرڻ جي تڪليف گوارا نَه ڪئي، تنهنڪري اَسان جي گذارش آهي ته پنهنجي حضور ۾ شرف يابيءَ جو موقعو فراهم ڪرڻ جي عنايت فرمائيندا، جيڪا اَسان جي نهايت خوشيءَ ۽ مسرت جو باعث ٿيندي. جيتوڻيڪ اَسين برطانيه سرڪار جا حامي ۽ مددگار هُئاسين، مگر جيڪي ظلم ۽ ستم لارڊ ايلنبرو ۽ سندس گماشتي چارلس نيپئر ڪيا. اُهي اَوهان کان مخفي نه هوندا. مذڪوره ظلمن ۽ ذهني تڪليفن جي باوجود اَسان کي قوي اُميد آهي ته برطانيه سرڪار اَسان سان مهرباني ۽ انصاف جو سلوڪ ڪندي. (9)

مهر                   مهر                     مهر

مير صوبدار ٽالپر   مير محمد خان ٽالپر       نصيرخان ٽالپر

مگر مذ ڪوره عضداشت جو جواب ايف_ ڪيوري سيڪريٽري، گورنر جنرل هندستان، ڪيپٽن ايم_ ايف گورڊن وسيلي ميرن کي موڪليو هو. اُن جو متن هن ريت هو:

”تنهنجي خط جي جواب ۾ مون کي حڪم ٿيو آهي ته تو کي مطلع ڪريان ته گورنر جنرل صاحب اَسير ميرن سان بار ڪپور ۾ شرف باريابي بخشڻ کان پنهنجي معذوري ڏيکاري آهي؛ ڇاڪاڻ ته گورنر جنرل صاحب حڪم احڪام صادر نه ٿو ڪري سگهي. جنهن سان انهن اسيرن جي حالت ۾ ڪنهن قسم جي تبديلي جي توقع هجي، بهري حال جيڪڏهن هو ملاقات لاءِ بضد آهن ته پوءِ گورنر جنرل صاحب سهولت کي مدنظر رکي ڏينهن ۽ وقت مقرر ڪندو.(10)

مٿين جواب کان پوءِ وري جلد اسير ميرن هڪٻي عرضداشت بتاريخ 2 رمضان سن 1260هه بمطابق 11 آڪٽوبر 1844ع ڌاري گورنر جنرل هندستان لارڊ هارڊنج ڏانهن ڪيپٽن ايم_ايف گورڊن جي معرفت موڪلي، جنهن جو متن هيٺين ريت هو:

”اسان جي پهرين خط جي حوالي مطابق جيڪو اسان حضور جن کي ڪيپٽن ايم_ايف گورڊن معرفت موڪليو هو، اُن جو جواب اسان کي مذڪوره آفيسر معرفت مليو. خط جي متن جو ترجمو ڪيپٽن جي منشيءَ اسان کي ٻڌايو. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته حضور جن کي، اسان جي معاملن ۾ ڪو به حڪم احڪام صادر فرمائڻ جو ڪُلي اختيار نه آهي، جنهن سان اَسان کي ڪو فائدو پهچي ۽ موجوده صورتحال ۾ ڪا تبديل واقع ٿئي. اَسان جو اهو خيال هو ته حضور جن کي اَسان جي برطانيه سرڪار کي امداد ۽ دوستي جي بدلي ۾ جيڪو ظلم، ستم ۽ نا انصافي پلئه پئي اُن جي حضور کي ڀليءَ ڀت پروڙ هوندي، پر جيئن ته حضور جن کي اَسان جي معاملن ۾ ڪنهن به قسم جي حڪم احڪام جاري ڪرڻ جو ڪو به اختيار نه آهي. ته پوءِ اَسان به حضور جن کي اَهڙي قسم جي تڪليف نه ٿا ڏيڻ چاهيون. ان کان پوءِ اَسان لاءِ فقطه هڪ راه باقي کليل رهي ٿي يعنيٰ ته اسان مان ٻن يا ٽن فردن کي حضور جن فقطه ايتري اجازت مرحمت فرمائين ته اسان انصاف ۽ داد رسيءَ لاءِ لنڊن روانا ٿيون _ ۽ اُتي ملڪه معظمهٰ مهاراڻيءَ، وزيرن ۽ عوام جي نمائيندن اَڳيان پنهنجو ڪيس پيش ڪريون ته جيئن اسان کي جلد از جلد انصاف پلئه پئي،“ (11)

مهر                 مهر                      مهر

 مير صوبدار ٽالپر   مير محمد خان ٽالپر        نصيرخان ٽالپر

مگر مذڪوره عرضداشت جو به ڪو خاطر خواه نتيجو نه نڪتو ۽ گورنر جنرل هندستان لارڊ هارڊنج جي سيڪريٽري طرفان ڪيپٽن ايم_ ايف گورڊن جي معرفت جيڪو جواب مليو، اُن جو متن هن ريت هو:

”اوهانجو خط مورخه 15 آڪٽوبر ٻين دستاويزن سميت اميرانِ سنڌ طرفان عرضداشت بنام گورنر جنرل هندستان موصول ٿيو.

ان خط ۾ جيڪا استدعا ڪئي وئي آهي ته ٻن يا ٽن ميرن کي اجازت مرحمت فرمائي وڃي، ته هو پنهنجو سارو ڪيس وڃي ملڪه عاليه اڳيان پيش ڪن، پُهتو جواب ۾ توهان کي اطلاع ٿو ڏجي ته گورنر جنرل آن ڪائونسل اَهڙي درخواست جي منظوري ڏيڻ جو مجاز نه آهي.“ (12)

اُن جواب موصول ٿيڻ کان پوءِ معلوم ٿو ٿئي ته مير صاحب بلڪل مايوس ۽ نااُميد ٿي چڪو هو. ۽ پوءِ سارو معاملو هو خدا جي درگاه ۾ پيش ڪري ٿو ۽ مثنويءَ جو اختتام مندرج ذيل دعائيه الفاظن ۾ ڪري ٿو:

نهاديم ماڪار خود برقضا چه سازس خدا ؤنبي خدا

دهم شاه مشڪلڪشا مرتضا به اولد امجاد خيرالوريٰ

به کن جعفري شڪر هردم مدام به آلِ محمد هزارن سلام

مگر مير محمد نصير خان ٽالپر جي عمر وفا نه ڪئي ۽ مير صاحب ڪلڪتي جي دوران قيد وبند بتاريخ 7 ربيع الثاني اڱاري ڏينهن سنه 1261هه وفات ڪئي. مير محمد نصير خان جي تاريخ وفات سندس بزم سخن جي هڪ شاعري ميرزا عباس هن ريت چئي:

عدد هشت وچان رکن تو مزيد ”قصر جنت نصيب وي کرديد“[1]

                              سنه 1261هه = 12+1249

سفرنامه مان انتخاب

زڪرديد پي چرخ ناپائدار  به ديدم بسي سختئي روزگار

(چرخ جي بقا جي ڪاگردش بڻي  هٿم جنهن کان آئي ساسختي گهڻي)[1]

ڪه باشد پيش بديها سپر  به باشيم ماشاد هم بي خطر

(ته دشمن کان بنجن اسان لاءِ سپر  رهون شال ئي ساڻ سُک بي خطر)

به برعڪس شد آنچه اُميد بود   زيان سد پديد اَزبر جائي سود

(مگر سڀ اُميدن جي بر عڪس ٿيو  بجاءِ فائدي جي ئي ڇيهو رسيو)

درخت وفاراکه ڪا شيتم چون جان  همئه بار اونقص آمد زيان

(رکيو وڻ وفا جو هو مون جان سان  مليو ڦل ڇيهي جو ان مان سدا)

زبعد جفا ۽ ستم بيڪران زملڪم ڪشيدانداين سوروان[2]

(پڄاڻان جفا ۽ ستم بيڪران  وطن کان ڪيئون مون کي ٻاهر روان)

نه بد ڪشتي بلڪ جاي عذاب  ن بد خوري دني نه بد جاي خواب

(بتيلو نه هو پر هو هڪڙو عذاب  نه کاڌي مزو هو نه اکين کي خواب)

همان شب ڪه مي بود چون اهرمن[3]_ چنين گفت مير محمد[4] به من

(اُها رات هُئي ڄڻ مثل اهرمن  چيو محمد اُتي مُنهنجي ڪن)

پس ازيڪ دوساعت به خشڪي زآب  رسيديم بارنج پاؤ عذاب

(ڇڏيو سين پوءِ ٿورن ساعتن لاءِ آب  سڪيءَ تي رهياسوم سهي سڀ عذاب)

ازاد جامي منزل روان  به پونه رسيد يم باسوز جان

(اتان منزلون منزلن جي پٺيان ڪري  پوني پُهتاسون ڏکُ سوز سان)

بديد ڪوه تا قلعه ڪوهسار[5] ڪس ازما پياده ڪس از ماسوار

(جبل تي چڙهي پوءِ قلعه جي پار   اَسان مان ڪي پيادا هليا ڪي سوار)

به ڪشتيم زان جائگه رهگرائي  سوئي شهر ساسور[6] محنت سرائيءِ

(ٿياسون اُتان پوءِ سڀ ره گراءِ  طرف شهر ساسور محنت سراءِ)

به ساسور بوديم سال تمام  گرفتار در رنج هر صبح و شام

(رهياسون ساسور ۾ سارو سال سٺاسون صبح شام رنج وملال)

زساسور اول به پوند شديم  دور وزد وشب نيز آنجابديم

(اول پوني آياسون ساسور کان  ٻه راتيون ٻه ڏينهن اُت ڪيو سون تمام)

پئي آنڪ هم پيش ازين هم چنان به بوده زما مير شهداد خان

(انهيءَ کان ئي پوءِ پڻ اَسان جي وچان  وئي ٿيا روان مير شهداد خان)[7]

به سورت درون است آن نيڪ نام به بينم مرا اوبه روزي ڪدام

(مقيد آه سورت ۾ سونيڪا نام ڏسي ان کي ٿيندس ڪڏهن شاد ڪام)

رمن ار جمندان[8] دران ماه هم   به بردند ڪرندبس ازستم

(انهي ماه ۾ مون کان پيارو پئم  ڪياؤن جدا صد به جورو ستم)

جدائي بوند سخت اندار جهان   به پيش ڪهان به پيش ممان

(جدائي ڏُکي ٿي لڳي منجهه جهان  ننڍن کي وڏن کي لڳي مثل ڪان)

 

 

حوالا

1- ميرزا گل حسن ’احسن‘ ڪربلائي علامه. ”ٽالپر حڪمرانن جا علمي ڪارناما“ مهراڻ جون موجون، پاڪستان پبليڪيشن ڪراچي 1964 ص-47

2- ميرزا گل حسن ’احسن‘ ڪربلائي علامه. ’مرحوم مير نصير خان جو علمي شوق‘ نئين زندگي، ڊسمبر 1954- ص 22-

3- برنس، جيمس- اي وزٽ ٽو دي ڪورٽ آف سنڌ (انگريزي) آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس، ڪراچي 1969-ص-71-

4- قليچ بيگ، مرزا- اي هسٽري آف سنڌ، (انگريزي) ڪلاسڪس ڪراچي 1982- ص-263-

5- ميرزا گل حسن ’احسن‘ ڪربلائي، علامه- ’مرحوم مير نصير خان جو علمي شوق‘ نئين زندگي ڊسمبر 1954ص- 34-

6- ايسٽوڪ، اِي، بي- ڊراءِ ليوز فرام ينگ ايجپٽ (انگريزي) آڪسفورڊ يونيورسٽي، پريس ڪراچي 1975 ص-362-

7- عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر- سنڌي شاعريءَ تي فارسي شاعريءَ جو اَثر، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي 1980 ص-93-

8- ايسٽوڪ، اِي- بي ڊراءِ ليوز فرام ينگ ايجپٽ (انگريزي) آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس ڪراچي 1985-ص-312

9- ايضاً        ص-312

10- ايضاً      ص- 313

11- ايضاً       ص-314

12- ايضاً      ص-315

 

ڪتابيات

1- امير علي سيد  روح اسلام (اردو ترجمو) اداره ثقافت اسلاميه لاهور- 1982

2- باري- تاريخ کا مطالع- مرڪز اردو ادب لاهور 1949

3- عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر- سنڌي شاعريءَ تي فارسي شاعريءَ جو اثر، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي سنڌ- 1980

4- ميرزا گل حسن احسن ڪربلائي، علامه ’مرحوم مير نصيرخان جو علمي شوق‘ نئين زندگي، ڊسمبر- 1954.

5- ميرزا گل حسن احسن ڪربلائي، علامه ٽالپرن حڪمرانن جا علمي ڪارناما، مهراڻ جون موجون، پاڪستان پبليڪيشن ڪراچي- 1964.

6- نصير خان جعفري، مير مثنوي جعفري (فارسي) قلمي نسخو جيڪو راقم الحروف کي ميرزاتجمل حسن بيگ ڪمال مهربانيءَ ۽ شفقت سان مرحمت فرمايو.

English

1- Burnes, James,   A visit to court of sindh, oxford university press karachi- 1949

2- estwick, e.b.      dry leaves from young egypt, oxford university press karachi-1975.

3-kalich beg, mirza.        a history of hind-o- pakistan, historical society karachi-1955.


[1]   مراز قليچ بيگ، مير  نصير خان جي وفات جو سال 1262هه بمطابق 1846ع ڄاڻايو آهي. (’اي هسٽري آف سنڌ‘ سنڌ ڪلاسڪس، ڪراچي 1982ص_ _ 238)

[1]   مترجم غلام ميرزا گل حسن ”احسن“ ڪربلائي.

[2]   سنڌ تي قبصو ڪرڻ کان پوءِ انگريزن اُن وقت جي وائسراءِ لارڊ ايلنبرو جي احڪامن تحت، مير صوبدار خان ٽالپر، مير شهداد خان ٽالپر، مير مير محمد خان ٽالپر ۽ مير نصير خان کي قيد ڪري، شاه برطانيه جي هڪ جنگي سامونڊي جهاز جنهن جو نالو ”نمرود“ هو، سوار ڪري جلا وطن ڪري بمبيءَ روانو ڪيو. (هسٽري آف سنڌ ڀاڱو ٻيون ازمرزا قيلچ بيگ، سنڌ ڪلاسڪس ڪراچي، 1982، ص 237.)

[3]   اهر من، زردشت ايران ۾ تقربياً ڇهين صدي ڌاري هڪ نئين مذهب جو پر چار شروع ڪيو هو. تنهنجي تعليمات کي زند ۽ اوستا ۾ محفوظ ڪيو ويوهو، مگر بعد ۾ اهو ڪتاب ضايع ٿي ويو- پر اُنجي باقي رهيل حصي کي محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ۽ بعد ۾ اُن ۾ تحريف ٿيندي رهي اَهڙي طرح اُهو ڪتاب اصل صورت ۾ باقي  نه رهيو. زردشتي مذهب اَهرمن نالو آهي ”بدي“ جي طاقت ۽ هستيءَ جو جيڪا انسان کي دعوت گناه ۽ بدي ڏانهن پڪاريندي رهي ٿي- (روح اسلام_ سيد اَمير علي (اردو) اداره ثقافت اسلام لاهور سنه 1972ع ص-318)

[4]   فرزند غلام علي خان ٽالپر_

[5]   غالباً هتي اشارو ملابار پهاڙن ڏي آهي، جتي ميرن کي، هڪ بنگلي ۾ قيد ڪيو ويو هو. (اي هسٽري آف سنڌ، سنڌ ڪلاسڪس، ڪراچي، 1982ص- 237 قليچ بيگ مرزا).

[6]   شهر ساسور پوني کان 24 ميلن جي فاصلي تي واقع آهي (اي هسٽري آف سنڌ، سنڌ ڪلاسڪس ڪراچي 1982 ڀاڱو ٻيون ص- 237، مرزا قليچ بيگ)

[7]   مير شهداد خان جنهن تي اهو الزام مڙهيو ويو هو ته هن حيدرآباد ۾ انگريزن جي ڪئمپ کي نذرِ آتش ڪري ڪيپٽن اينس (Ennis) کي قتل ڪيو هو، تنهن کي ٻين ميرن کان جُدا، سورت ۾ قيد تنهائي ۾ رکيو ويو هو. (هسٽري آف سنڌ، سنڌ ڪلاسڪس ڪراچي 1982ص- 238 مرزا قليچ بيگ)

[8]   سن 1844ع ڌاري مير حسين علي خان، مير محمد خان، مير شاه محمد خان ۽ مير يار محمد خان کي هڪ سامونڊي جهاز رستي ڪلڪتي مان مُرشد آباد ۽ پوءِ عظيم آباد (پٽنه) رستي هزاري باغ منتقل ڪري اُتي قيد ۾ رکيو ويو- (ايضاً ص- 238)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com