ويراڳي
غلام رسول پرهياڙ
صُبح جو اٿي منهن کي آڏا اُبتا ڇنڊا هنيم ۽ تڪڙ ۾ لسي سان
پاروٿو ڀَت کائي، گرڙي ڪري هڪ وڏي ڪيڪ ڪيم. پر
منهنجي ڪيڪ جي جواب ۾ پانڌي سينڍ ڪو نه وڄائي. مون
وري ٻي ڪيڪ ڪئي، تڏهن به جواب ڪونه مليو. پوءِ آءٌ
ڊوڙ وجهي گهر مان ٻاهر نڪري ويس.
هي تڏهن جي ڳالهه آهي جڏهن اسان ننڍڙا ٻار هئاسين ۽ گهاٽا يار
هئاسين. اسان جا هڪ ٻئي ۾ پساهه هئا. ٻنهي جي هڪ
ٻئي کانسواءِ ساعت ڪا نه سرندي هئي. سج اڀرندو هو
ته گڏبا هئاسين ۽ رات جو دير سان ٽٽندا هئاسين.
سڄو ڏينهن رانديون ڪڏندي گذرندو هو. اسان جا گهر
به ويجها هئا. جيڪڏهن پانڌي اڳ اٿندو ته مون کي
سڏڻ لاءِ سينڍ وڄائيندو هو ۽ جيڪڏهن آءٌ اڳ اٿندو
هئس ته ڪيڪ ڪندو هئس. ڇو ته مون کي سينڍ وڄائڻ
ڪونه ايندي هئي. پوءِ اسان هڪ ٻئي جا مخصوص سڏ ٻڌي
گهران ڊوڙ وجهندا هئاسين ۽ اچي گڏبا هئاسين.
ان ڏينهن جيئن ئي آءٌ ٻاهر پهتو هئس ته ماڻهن جو وڏو ميڙ ڏٺو
هئم. گهڻو ڪري سڀني وٽ لٺيون ۽ ڪهاڙيون هيون ۽
ايڪڙ ٻيڪڙ وٽ بندوقون به هيون. هو ٽوليون ٺاهي پاڻ
۾ ڳالهائي رهيا هئا. پانڌي جو پيءُ ابراهيم جيڪو
سلهه جي بيماري ۾ جهليل هو، سو به بستري کي ٿُڪ
هڻي هليو آيو هو. سندس اکيون ٽانڊن جهڙيون ڳاڙهيون
ٿي پيون هيون ۽ منهن مان ڪاوڙجي ڪري غضب پئي وٺس.
هن ذري ذري شوڪارو ٿي ڀريو ۽ ڪهاڙي تي آڱوٺو ڦيري
ان جي تيک ٿي معلوم ڪئي.
مون کي ڪا به ڳالهه سمجهه ۾ ڪو نه پئي آئي ۽ ان ماحول کان ڀؤ
ٿيڻ لڳم، تنهنڪري پويان پير ڪري واپس وريس ۽ سڌو
پانڌي جي گهر آيس. اتي به ماين جو چُرچلو لڳو پيو
هو. هو جهرڪين وانگي چِرچِر ڪري پاڻ ۾ ڳالهائي
رهيون هيون. پانڌي پٽ تي ليٽيو پيو هو. گهڻي روئڻ
ڪري سندس منهن سڄي پيو هو ۽ گلاب جهڙا ڳل لڙڪن سان
آلا هئس. آءٌ پنهنجي دوست جي پاسي ۾ اچي ويٺو هئس.
کيس ٻانهن کان جهلي چيو هئم، ”پانڌي، هل ته هلي
راند ڪڏون. الاهي دير ٿي ويئي آهي“.
هن اکيون پٽي مون کي ڏٺو هو ۽ چيو هئائين، ”راند ڪو نه ٿا ڪڏون“
اهي لفظ هن ڏاڍي مشڪل سان چيا هئا.
”ڪو ڀلا؟“ مون سوال ڪيو هئس.
پاڻ چيو هئائين، ”خبر اٿئي امان مون کي ڇڏي هلي ويئي آهي“.
”ڪيڏانهن ويئي آهي؟“ مون اتاولو ٿي پڇيو هو.
”چون ٿا هن کي ڀائي ڀڄائي ويو آهي“
پوءِ هن مون کي چيو هو، ”ابُو، مونسان گڏجي هلندين ته امان کي
هلي ڳوليون؟“
”ڀلي“ مون هائوڪار ڪئي هئي.
آءٌ ۽ پانڌي سندس ماءُ کي ڳولڻ نڪتا هئاسين. ڳوٺ جي پاسي واري
جهنگ جو هر هڪ ٽارو ۽ ڄار ڳولي هئيسين، ٻنين ۾
بيٺل ڪڻڪ ۽ ڪمند جا فصل جانچيا هئاسين، پر هوءَ
ڪٿي به ڪونه لڀي هئي. جڏهن ڊوڙندي صفا ساڻا ٿي پيا
هئاسين ته آسرو لاهي گهر ڏي وريا هئاسين. واپس
ورندي، هن مون کي هڪڙي ڳالهه ٻڌائي هئي. چيو
هئائين، ”امان رات مونکي الاهي پيار ڪيو هو. مٿي
تي هٿ ڦيريا هئائين ۽ ٻنهي مٽن تي چميون ڏنيون
هئائين. مون کي ڪهڙي خبر ته امان مون کي ڇڏيو ٿي
وڃي. اهڙي خبر هجي ها ته ٿوروئي ڇڏيانس ها. سمهان
ئي ڪونه ها. سڄي رات سندس جانچ تي ويٺو هجان ها“.
ائين چئي هو روئي پيو هو.
اڃان سندس دل تان ماڻس جي ياد ئي ڪونه لٿي هئي ته پڻس وڇوڙي جو
ڏنڀ ڏنس. هو ٽي بي جو مريض ته اڳ ئي هو. وري جي
زال ڀڄي ويس. ان باهه هيڪاري ساڙي وڌس. روزانو رت
جي ڪُونڊي ڇڏيندو هو. بس جيئن کٽ داخل ٿيو وري نه
اٿيو، سگهو ئي مري ويو. پانڌي تي وري ٻي قيامت اچي
ويئي. روئڻ سان پُور ڀري ڇڏيائين. پر موت سان ڪنهن
جو مقابلو آهي. روئي پٽي ماٺ ڪري ويهي رهيو.
پڻس جي مرتئي کان پوءِ هو چاچهنس ڪريم ڏني جي سنڀال هيٺ آيو.
ڪريمڏني کي پنهنجي لالچ سمجهي آئي هئي. ٻني جو
ٽُڪر ۽ ٻه ٽي مينهن جا پُڇ ڏٺائين ته مٿانئس فدا
فدا پيو ٿيندو هو. هن پنهنجي ڌيءَ رحيمان سندس
نالي ڪئي ۽ ريڀي ريڀي ڪجهه سالن کانپوءِ ٻني به
وٺي لاٿائينس.
اسان ڪجهه وڏا ٿياسين ته مال ۾ پهرايا وياسين. اسان جي دنيا
وشال ٿي ويئي. الاهي ڌراڙ دوست ٿيا ۽ ڪڏڻ لاءِ وڏو
ميدان ملي ويو. مال ڀٽارو چاريندي ڏاڍو مزو ايندو
هو. بس اسان جي پنهنجي دنيا هئي، جنهن ۾ مست
هئاسين. ائين وقت گذرندو ويو.
تن ڏينهن جڏهن ڪتيءَ جي سيزن ايندي هئي ته اسان دراڙ جوُا به
ڪڏندا هئاسين. پيسا حاصل ڪرڻ لاءِ ٻنيءَ مان ان جي
چوري يا چُونڊو ڪري ڳوٺ واري هٽ تي وڪڻي پيسا هٿ
ڪندا هئاسين. پوءِ مال جوءِ ۾ ڇڏي پرار جي ڍڳ جي
اوٽ ۾ ويهي جوا ڪندا هئاسين. ان ڏينهن به اسان
جُوا پئي ڪڏيسين. پانڌي منهنجي پاسي کان ويٺو هو ۽
مون کي دعا پئي ڪيائين. هو جوا ڪونه ڪڏندو هو پر
منهنجي ڀر ۾ ويهي مون کي دعائون ڪندو هو ته آءُ
پيسا کٽان. ان ڏينهن پانڌي جو منهنجي ڀر ۾ ويهڻ
مون کي ڪونه پئي وڻيو ۽ مٿس ڪاوڙ پئي آئي. ڇو ته
هو جيڏي مهل کان منهنجي ڀر سان ويٺو هو ته آءٌ رڳو
پيسا هارائيندو آيس ۽ سندس تري به کُتل هئي. جواري
جي ڀر ۾ تري کوڙي ويهڻ کي نڀاڳ سمجهيو ويندو آهي،
۽ هو اها ڳالهه سهي ڪونه سگهندا آهن. منهنجي به ان
ڏينهن صفا بُري هئي. پتو ڪونه ٿي لڳو. گهڻي دير
کانپوءِ مس مس وڃي مون کي ٻگهي لڳي. تمام وڏو پتو
هو. آءٌ خوش ٿي ويس. دل ۾ سمجهيم پؤن ٻارهن آهن.
اڳوڻيون سموريون ڪسرون هڪڙي ڌڪ ۾ ڪڍندس. پوءِ مون
۽ منهنجي حريف رڳو پئي پڙ ۾ پيسا وڌا. وٽانئم پيسا
کُٽا ته پوتارو گروي رکيم، اهي پيسا کُٽا ته جُوتو
گروي رکيم. جوتي وارا پيسا ختم ٿيا ته مجبور ٿي
کول ڏياريم. پتي ڏسڻ سان آءُ سڙي کامي رهيس.
منهنجي حريف وٽ مون کان به وڏو پتو هو. ٽِڪن جي ٽه
پيري. ٽڪون جي اڪيليون هجن ها ته ڪا به اهميت ڪو
نه هجين ها. پر جي پاڻ ۾ گڏيون ته مير ماري
وڌائون.
منهنجو مٿو ڦرڻ لڳو ۽ اکين اڳيان اوندهه ڇانئجي ويئي. باهه اچي
کنيم. نگاهه ڪيم پانڌي اڃا تري کوڙيو ويٺو هو. ڄور
لڳي ويم. ڪاوڙ مان کيس ٿيلهو ڏيئي چيم، ”نڀاڳو ڀر
۾ ويهندو ته پيسا کٽائيندس ڪونه.“
منهنجي ڳالهه ٻڌي پانڌي تي ڄڻ وڄ ڪري پئي. هو ڪاوڙ مان ڳاڙهو ٿي
ويو، ۽ اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيس. هن ڏڪندي ڏڪندي مون
کي چيو، تون انڌو ڇو ٿي ويو آهين؟“
”پر جيئن ڀر ۾ ويٺو آهين، هڪڙو پڙ ڪو نه ٿو کڻان“
”ان ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه؟“
”تون برائي آهين“
اها ڳاله ڪري مون هن جي دل ٽوڙي وڌي. هو وڌيڪ ڪڇي نه سگهيو، سور
پي ويو. بس رڳو ايترو چيائين، ”ٻيلي، ڪاوڙجين ٿو
ته ٻيهار کڻي توسان ڪونه گڏبس“ ائين چئي هو هليو
ويو. وري مونسان نه ڳالهايائين.
پانڌي کي ڪاوڙائي پوءِ ڏاڍو پڇتايو هئم. هن بنا مون کي هر شيءَ
اوپري لڳندي هئي ۽ پريشان رهندو هئس. دل چوندي هئي
ته کيس پيرن پئي پرچايان پر همٿ ڪري نه سگهيو هئس.
جڏهن به گسين پنڌين منهن سامهان ٿيندا هئاسين ته
ڪنڌ هيٺ ڪري لنگهي ويندا هئاسين. پر وڃڻ کانپوءِ
پوئتي لؤڻا هڻي هڪٻئي کي ڏسندا هئاسين. اوڏي مهل
اسان جي اکين مان لُڙڪ وهي پوندا هئا.
اسان جي ياري ٽٽڻ کان پوءِ پانڌي، رحيمان ۾ وڃي پناهه ورتي هئي.
رحيمان سندس هيناءُ جو هار، اکين جو ٺار ۽ مستقبل
جي ڪنوار. ٻنهي جون دليون ڳنڍيل ٻئي هڪٻئي جا
عاشق. پر سندن پيار کي به ڪنهن نانگي جي نظر لڳي
ويئي. هنن جي وچ ۾ جدائي جون ديوارون اڀيون ٿي
ويون. رحيمان جو سنڱ ٻئي هنڌ ٿي ويو. رحيمان هن
سنڱاوتي خلاف گهڻي واويلا ڪئي، رُني رڙي ۽ مائٽن
کي خودڪشي جا ڌڙڪا ڏنائين. پر سهي جون ٽنگون ٽي،
چوٿين ٺهي ڪانه. پڻس ته ذري جو اثر ڪونه ٿيو. هو
لالچ ۾ صفا انڌو ٿي پيو هو. وڏيري سبحان علي خان
سان مائٽي ڪئي هئائين، ڪا گهٽ ڳالهه ته ڪونه هئي.
هو ته خوشي ۾ نه پئي ماپيو هو. بس رڳو ايترو
ڪيائين جو جڏهن سندس ڌڙڪي دهمان ۽ موچڙي مار ڌيڻس
تي اثر نه ڪيو ته پٽڪو لاهي پيرن تي رکيائينس ۽
چيائينس، ”منهنجي لڄ رک، نه ته آءٌ راڄن ۾ هڪڙي
ٽڪي جهڙو ٿي ويندس ۽ واعدي تان ڦرڻ جي ڪري وڏيرو
به بخش ڪونه ڪندو. اصل جهڻ ٻچو رلائي ڇڏيندم.“
پڻس جي پرچائڻ کانپوءِ رحيمان سڀ ضد ڇڏي ڍاريا. دل تي پٿر رکي
ڇڏيائين ۽ زهر جو ڍُڪ پي ويئي. پر پانڌي جي دنيا
لٽجي ويئي. هو تباهه ٿي ويو. پاڻ ڏک مان سڄو ڏينهن
پيو روئندو هو. هن ڳوٺ ڇڏي ڍاريو هو ۽ گهڻو ڪري
جهنگ ۾ گذاريندو هو. ڀلا هجيس ڪو اوهي واهي جيڪو
ڏڍ ڏئيس ۽ پرچائي گهر وٺي اچيس. پر هو ته بي واهو
هو. نانگو ۽ نپٽو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هو جهنگ
مان به غائب ٿي ويو.
ان ڳالهه کي گهڻا سال گذري ويا هئا. آءٌ ڪنهن ڪم سانگي شهر ويو
هوس. مون کيس ڏٺو، هُو سڄو ڀڀوت هو، ڏاڙهي ڳنڍيون
۽ اکيون اوجاڳيل ٿي لڳس. هُو ٻارن جي ميڙاڪي ۾
ليڙون لٽن سان هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙي رهيو هو ۽
ڊوڙي ڊوڙي چئي رهيو هو: ”مان توکي ڳولي لهندس، مان
توکي.....“
ڏوريان ڏوريان مَ لهان
پرڌان
اڄ مان اڳي کان وڌيڪ مصروف هوس، ايندي شرط پنهنجي ڪم ۾ ايئن لڳي
ويس، جو مونکي، اخبار جي سرخي پڙهڻ جو به موقعو نه
مليو، پر هڪ ڳالهه نئين، نيڪ شگون جي علامت طور
ظاهر ٿي جو آفيس جي ٻاهرين در تي ماکيءَ جي مکين
پنهنجي ماناري جو افتتاح سندن راڻي کان ڪرائي ڇڏيو
هو، ڄڻ ته راڻي پنهنجي سڀ ڪمي ڪڙمي هاري ناري،
ڪارندا انهي ڪم لاءِ تيار ڪري ڇڏيا هئا، ۽ ڪم جي
رفتار تيزي سان وڌڻ لڳي، جو اک ڇنب ۾ مانارو ڪافي
ٺهي راس ٿي ويو. ماکي جي مکين ته ويچارين ميڙين ۽
جوڙين به ماکي جهڙي مٺي شيءِ اُهي ڪيئن زهر ڀريل
ڏنگ سان ڪنهن کي ڏنگينديون. ڪٿي ماڻهو جو اولاد ته
نه آهن، جو ٻاهر ماکي کان مٺاٻول ۽ اندر ۾ زهر
ڀريل نفرت وارن جذبن جو درياءِ ٻاهر ٻولي هنجهه جي
ته اندر ڪارو ڪانگ، جن جو وهنوار ۽ ڪرت ئي اهڙي
مٺي ۽ لذيذ شيءِ سان آهي، اُهي ويهي زهر جون سُيون
هڻن. اها ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آئي. هڪ بزرگ چيو
ته اڄ توکي ڪا خوشخبري ملندي ۽ هي مٺائي انهيءَ جي
آمد جي آهي. مون انهيءَ ڳالهه کي هڪ ڪهاوت ۽ ڏند
ڪٿا سمجهي ٽاري ڇڏيو ۽ سوچيم ته ڪٿي ٿي اسان جي
راڻي، اسان جي در جو ڪڙو کڙڪائي، اهڙا ڀاڳ ڪٿان
آيا اسانجا. اسان ته پنهنجو خواهشون ۽ اميدون به
محدود ۽ مخصوص ڪري ڇڏيون آهن. جنهن ۾ ڪنهن راڻي کي
ڪڏهن هٿن سان صدق دل ۽ خوشيءَ سان سهي مجبوري ۽
ڪمزوري جي دٻيل احساسن جي جذبي مان پنهنجي سچائي
۽وفاداريءَ جا جوهر ڏيکاري، ست سمنڊ پار ديس پرائي
سهي سلامت، اعتماد ۽سچي محبت جي اظهار ۽ احترام ۾
ڪئين سال اڳ اُماڻي ڇڏيو. پر ايتري قدر جو اهو به
اختيار کين هو ته خط به چاهين ته لکن نه ته انتظار
منع آهي. ۽ ايئن ڪڏهن ڪنهن جو به خط پٽ ايندو آهي
ته مون ڀلجي به ائين نه سوچيو آهي ته متان منهنجي
راڻي جو هُجي، اڄ شايد اهو شگون ۽ ٻڍڙن جو ٻول
ثابت ٿيڻو هو ته اُهي قول ۽ ٻول جيڪي صدين گذرڻ
کان پوءِ وجود ۾ آيا هئا، انهن ۾ حقيقت، تجربي ۽
انسان جي عقل ۽ فهم جو پورو پورو نچوڙ ۽ ميٺاس
سمايل آهي. جيئن ماکي ۾ محنت سان ڪٺي ڪيل مختلف
گلن مان چوسيل ۽ سميٽيل رس، جيڪو هڪ اڪسير ۽
بهترين خوراڪ، ۽ مرڪب آهي. اڄوڪي ٽپال ۾ هڪ لفافو
هو جنهن تي
By Air Mail
لکيل هو. مون ته ڌيان نه ڏنو ليڪن ساڳئي بزرگ
ورجايو ته ادا خوشخبريءَ انهيءَ خط ۾ سمايل آهي،
جي اعتبار نٿو اچيئي ته کڻي کول. پر مون لهرائيندي
خاني ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪئي، پر تنهن هوندي به اهڙين
ڳالهين ۽ موقعن تي سائنس ۽ ايجاد وسريو وڃن ۽
ماڻهو اتفاق ۽ وهم جون بندشون لتاڙي، ٻڍڙن جي
ڳالهين تي ڀروسو ڪريو ڇڏي. مون خط ته في الحال
خاني ۾ رکي ڇڏيو ۽ اهو ٻڍڙو به ويو هليو، ۽ جڏهن
واندڪائي ۾ اهو کولڻ جي تياري ڪيم، تڏهن ڪجهه ڏٺل
وائٺل ڄاتل سڃاتل پر تبديلي جي مراحل مان گذريل،
اکر سڃاڻڻ لاءِ ذهن تي زور ڏنم. ڪجهه يقيني ۽
غيريقيني جي مليل جليل ڪيفيت هُئي ۽ وائڙو ٿي ويس،
جڏهن ٻئي پاسي لفافي جي ڏٺم ته خط ته واقعي راڻي
جو آهي. مان انهيءَ ٻڍڙي جو وات مٺو ڪرڻ لاءِ ماکي
ميڙڻ جي ڪوشش ۾ هوس، ليڪن ٻڍڙو به وڃي چڪو هو ۽
همراهن ماکي جي مکين کي به پنهنجي گهر ۾ پنهنجو
آکيرو ٺاهڻ نه ڏنو. شايد هن گهر ۾ نه اڳي ڪڏهن ڪو
آکيرو ٺهيو آهي ۽ نه ٺهندو. مون وري خط کي خاني ۾
رکي ڇڏيو پر خيالن جي طوفان ۾ ماضي جي پردي تي،
پنهنجي دلڪش ۽ وڻندڙ يادن جا ڪجهه ڌنڌلا نقش ۽ چٽ
ظاهر ٿي رهيا هئا، جيڪي اکين مان وهندڙ لڙڪن جي
برسات ۾ وڌيڪ حسين، دلڪش هئڻ جي خوبي سان گڏ اڻ مٽ
۽ امر هئا.
اٽڪل ڏهه سال اڳ، مون راڻي کي حيدرآباد اسٽيشن تي پنڌرنهن منٽ
جي مختصر ملاقات ۾ ڪراچي کان ايندڙ عوامي ايڪسپريس
مان روئي موڪلايو هو. پنهنجي هٿن ۾ ٻئي ڪوڪ جون
بوتلون جيئن جو تيئن ڀريل ٺريل واپس ڪيم ۽ پنهنجا
پورا پيسا ڏنم، تڏهن ڪارنر واري پڇيو ته ”صاحب
مهمان نهين آئي“ ۽ چيم ”آئي اور چلي بهي گئي“.
پيسا نه پيو وٺي پر مون زوري ڏنامانس. اسان جي
ٻنهي طرفن جي ڳالهين ۾ هڪ گاڏي جي اندر ٻيو ٻاهر،
هڪ ويٺل ٻيو بيٺل، هڪ عورت ٻيو مرد جو فرق صاف
ظاهر هو، باقي اسانجي دل، شايد هڪٻئي کي ڏسڻ
کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ڏيئي وٺي ۽ چئي ٻڌي نه
سگهياسين. پليٽ فارم تي گاڏي ۾ ڇا چئبو ڇا نه چئبو
آهي. بس بنا چوڻ ۽ ٻڌڻ جي اسان انيڪ ڳالهيون هڪ
ٻئي سان ڪيون ۽ ٻڌيون. اسان کي هڪٻئي کان وڇڙڻ جو
وڏو ڏک ۽ صدمو هو، پر اسان پاڻ کي ذهني طور تي
انهيءَ لاءِ تيار ڪري ڇڏيو هو. انسان ڪڏهن ڪجهه
سوچيندو آهي چوڻ لاءِ پر ڪجهه به چئي نه سگهندو
آهي. چوڻ جو موقعو ۽ ماحول نه هوندو آهي ۽ حالات
کيس هڪ لفظ به ڪڇڻ يا هٿ جو هٿ کي ڇُهڻ به نصيب
ٿيڻ نه ڏيندا آهن. هي دنيا، ڪيڏي به سچائي ۽
پاڪائي واري محبت جي دعويٰ ڇو نه پر هڪ سُئي برابر
بيک به ڪنهن کي ڏيڻ لاءِ يا بخشڻ لاءِ تيار ڪونهي.
ڳالهه مان ڳالهوڙو ٺاهڻ ته ڏائي هٿ جو کيل آهي.
انهيءَ آخري ملاقات وقت جو پليٽ فارم به اڃا تائين
منهنجي قيمتي شين جي لسٽ ۾ شامل ۽ محفوظ آهي، پر
مان ڪنهن سان ڳالهه نٿو سلي سگهان ته هي پليٽ فارم
مون ڪڏهن ڪٿي ۽ ڪهڙي موقعي تي ورتو هو.
مون جيڪي ڪجهه چوڻ ٿي چاهيو. سو پني ٽڪر تي لکي لفافي ۾ وجهي
گاڏي ڇٽڻ وقت کيس سپرد ڪيم ۽ موٽ ۾ هڪ سوغات وصول
ڪيم، الاجي ڇا آهي مون سوچڻ جي زحمت به نه ڪئي،
سڀڪجهه سون سمجهي، سيني سان سانڍي، وري وري
نهاريندي، چُمندي، سُنگهندي اچي گهر کوليم، تڏهن
خبر پيم ته هي بائيبل جو نئون ڇاپو هو، جنهن جي وچ
۾ ڳاڙهي ربن لڳل هئي، تنهن صفحي تي هي آيت لکيل
هئي، جنهن جو مطلب ڪجهه هن ريت هو. ”خداوند پنهنجي
ٻچن سان ايترو پيار ڪري ٿو، جنهن جو مثال هن
ڪائنات ۾ ڪٿي به ڪونهي، بلڪه ايئن جيئن مصور
پنهنجي حسين تخليق سان ڪري ٿو، هُو انهي4 کي ڪڏهن
به ڏک ڏيڻ، تڪليف ڏيڻ دل رنجائڻ نٿو چاهي، بلڪه
نهايت ذميواري سان هن جون لاتعداد خواهشون پوريون
ڪري ٿو، پر انساني عقل جُز جو مالڪ ٿي، اهو هرگز
تسليم نٿو ڪري ته منهنجون سڀ خواهشون پوريون ڪيون
ويون آهن- اهو ته عقل ڪُل جي مالڪ جو ڪم آهي ته
پيءُ وانگر ٻچي جي هر جائز ۽ پاڪ خواهش پوري ڪري ۽
پوءِ توهان جيڪڏهن يقين ڪريو ٿا ته خداوند هرهڪ
التجا ۽ دعا ضروري پوري ڪري ٿو ته، اعتماد رکو ۽
گهرو جيڪڏهن هن مهل تائين توهان ڪجهه وسوسي ۾ نه
گهري سگهيا آهيو.“ جو ڪجهه اڳين صفحي تي لکيل هو،
جنهن جو مطلب ته مان بچپن کان پڙهندو آيس، پر انهن
جو اثر منهنجي دل تي نه ٿيو. پر اڄ جڏهن پڪي عمر
جي ڏاڪڻ تي چڙهي رهيو اهيان، تڏهن انهي مفهوم کي
سمجهڻ ۾ ڪجهه نيون ڳالهيون ۽ حڪمتون نئين معنيٰ ۽
سمجهاڻي سان نظر اچن پيون. ”محبت خدا آهي ۽ خدا
محبت آهي.“ بظاهر ڇهن لفظن جو هڪ جملو مڪمل جملو
به آهي پر انهيءَ جي هڪ هڪ لفظ ۾ پوري ڪائنات،
انهيءَ جو مقصد، ۽ هر مسئلي جو حل ۽ رستو ڏيکاريل
آهي. ٽي لفظ ڦيرائي رکڻ ۾ جملي ۾ ايترو فرق پوي
ٿو، جو خدا جي ڏسيل واٽ ۽ انهيءَ جي ابتڙ اسانجي
ورتل واٽ ۾ آهي. مرڪز مفهوم، مقصد، ابتدا، انتها،
سڀ هڪ نڪتي جي چؤگرد ڦري پيئي ۽ اهو ”پيار“ جو اتم
۽ اعليٰ نڪتو آهي. خدا توهان کي پيار جو ڀنڊار ڏسڻ
چاهي ٿو ۽ پاڻ به پيار جو ساگر آهي. هر ڪم کي هڪ
منصب کي، هر عدل کي، محبت ۽ محنت سان ڪرڻ ۽ انهيءَ
جي تڪميل لاءِ ٻئي جذبا لازم ۽ ملزوم آهن. اگر
ڪڏهن توهان مايوسي ۽ شڪ جو اظهار ڪريو ٿا ته توهان
جي محبت ۽ محنت اڻپوري ۽ اڌوري آهي.
راڻي سان منهنجو گذريل ستن سالن کان تعلق هو، ۽ مون گاڏي ڇُٽڻ
تي وڌي اُنهن پٽڙين کي وڃي پيار ڪيو، جن تي گاڏي
بيٺل هئي ۽ اڄ تائين جڏهن اُتان مٽندو آهيان، تڏهن
لڪل جذبن ۽ احترام سان ڪنڌ جهڪائي گويا سجدو ڪندو
آهيان، انهيءَ محبت جي آخري عظيم مينار ۽ يادگار
تي. مونکي ايڏي عزت، پيار ڏيندي هئي، جو مونکي
پهريون دفعو محبت ۽ اخلاص جو احساس جاڳيو. جڏهن
مان پنهنجي غمن ۾ غلطان ٿي، بيوس ۽ لاچار ٿي پوندو
آهيان. تڏهن خوابن ۾ پنهنجو حسين مسڪرائيندڙ چهرو
پسائي مونکي جيئڻ جي واهه ڏيکاريندي آهي ۽ جڏهن
چؤطرف سورن ۾ وچڙي پوندو آهيان ۽ جيئڻ جو رستو ۽
گهاٽ نه ملندو آهي، تڏهن مونکي ڄامشوري جي پل
ڏانهن ويندڙ رستي تان گاڏي کي روڪي واپس موڪليندي
آهي. جڏهن مان هن دنيا جي ڪوڙي ۽ نقلي پيار کان دل
شڪسته ٿي ڀڄي، پرزا پرزا ٿي پوندو آهيان، تڏهن اچي
منهنجي مُنهن تان هٿڙا گهمائي، منهنجا لڙڪ اگهي
مونکي وري تازو توانو بنائي، منهنجي حالت سڌاري
دلجوئي ڪري وري زنده رهڻ جو نئون روح، نئون، جذبو
۽ نئون پيغام ٻڌائي ويندي آهي ۽ مان ڪجهه مطمئن ٿي
اياز جو هي بيت ورجائيندو آهيان ته ”جي هانوَ نه
هارين ڪوهيارل- هي ڏينهن به گذاري وينداسين.“ پيار
جو هڪ پنهنجو هو مقام ۽ ڪسوٽي هر هڪ انسان جي دل ۽
نظر ۾ هوندو آهي. ڪي پيار جو انجام ۽ منزل شاديءَ
ٿا سمجهن ۽ ڪي انهيءَ کي مٿي پر بلڪل مٿي، هميشه
متبرڪ رکي جنسيات کان پاڪ ۽ صاف رکي، پنهنجو هر
وڌندڙ قدم رڳو ڏسڻ ۽ پسڻ تائين محدود رکي پائڻ ۽
محسوس ڪرڻ ۾ پاڻ کي محو ٿي پنهنجا سڀ چائنٺ چمڻ جي
آرزوئن تائين محدود رکن ٿا. سندن خيال ۾ جنهن سان
شادي ڪجي، ۽ پيار جي منزل يا فتح سمجهجي، اهو صحيح
نه آهي. جنهن سان پيار ڪبو آهي، ان سان شادي نه
ڪجي- ۽ اگر شادي کان پوءِ توهان جي اعتماد ۽ سچائي
۾ ڪجهه فرق اچي وڃي ٿو ته توهان جي محبت جو مينار
هڪدم پٽ تي اچيو ڪريو پوي ٿو، پر توهان حسب معمول
اکيون آسمان ۾ اٽڪائي پراڻي جستجو ۾ پراعتماد
هوندا آهيو، ۽ در- دروازه هر وقت کولي ڇڏيندا
آهيو. جنهن مان توهان کي لکين حسين ۽ جميل چهرا
نظر ايندا آهن ۽ توهان جو مرڪز هٽي ۽ دل هرکجي
هرجائي ٿي پوندي آهي. ان سان اُنسيت، اُڃ، ميٺاس
محبت تونس مالي ٿي پوندي آهي، شڪوه شڪايتون جنم
وٺنديون آهن. منهنجي نظر ۾ محبت ڪرڻ، نڀائڻ ۽ شادي
نه ڪرڻ محبت جي معراج آهي- انسان جي خواهش جي
تڪميل کان پوءِ انهن جي اهميت- تقدس- لذت، جاذبيت
باقي هرگز نٿي رهي. خط ملڻ سان خاطري ٿي ويئي ته
ڪنهنجو آهي، پر مان منجهي پيس ته هاڻي ڇا ڪريان؟
ڇاڪاڻ ته مان پنهنجا سالن جا سانڍيل، سيني ۾
سمايل، مغز ۾ محفوظ خواب ايئن هڪدم ڪيئن پاش پاش
ڪريان؟ مان ايئن ڪرڻ هرگز نٿو چاهيان. مون ته وچ
واري ڏهه سالن جي سفر ۾ بلڪل اڪيلو، تن تنها، بکيو
۽ اُڃيو سفر ڪيو آهي، جنهن ۾ مونکي سواءِ هن جي
تصور ۽ تصويرن جي ڪوبه دم دلاسو، ڏيڻ وارو، دل تي
ڇنڊو وجهڻ وارو ڪونه هو. مان پنهنجي منزل اها ئي
سڀ ڪجهه سمجهي قناعت ۽ صبر ڪري ويهي رهيس. مون
پنهنجو سفر بظاهر اڪيلو بباطن هڪ اهڙي تصوراتي
ساٿي جي سنگت ۾ گذاريو، جنهن جو وجود مونکان ڏهه
سال اڳ ڇڪي ڇنيو نه ويو، پر مون مصلحتن ۽ مفروضن
جي ڪاڻ، هڪ اعليٰ آدرش جي آس ۾، ايئن بظاهر خوشيءَ
سان پر اندر ماتمي دل ۽ دماغ سان رخصت ڪيو. اصل
محبت جي نباهڻ ڪاڻ ڪا قرباني به ڏبي آهي ۽ منهنجي
سوچ ۽ سمجهه مطابق محبت نالو ئي آهي قرباني جو.
بنا محبت جي هڪ وقتي لڳاءُ ۽ جهڪاءُ ته ٿي سگهي
ٿو، چندگهڙين جو ساٿ ته ٿي سگهي ٿو پر امر ساٿ نٿو
نڀائي سگهجي. اسان جو مغز جسماني ڪشش ۽ جواني جي
جاه جلال کي ڏسي هرکجي ۽ موهجي ته سگهي ٿو پر کن
پل کانپوءِ، ميدان صاف ۽ گناهه معاف ٿيو وڃن. اصل
ته مقصد جٽاءَ، نباهه ۽ لڳاءَ آهي. جنهنجو نقش
زندگي جي آخري گهڙي تائين انسان جي محبت جي ڪينواس
تي، هڪ اُڪريل اُڀريل تصوير مثل اٽل حقيقت ۽ جُز
هوندو آهي، جنهن جو ڪوئي تصور نه بلڪه زنده وجود
هوندو آهي، جيڪو امر- اڻ مٽ ۽ اٽوٽ هوندو آهي.
مان اهو سوچي خط کولي نه پئي سگهيس ته الاجي اندر ڇا هوندو؟ ڇا
سندس پراڻي محبت کان انڪار ۽ پڇتاءُ جو پاڇو يا
پڙلاءُ هوندو! ڇاڪاڻ ته هوءَ هاڻي ٽيهن جي ڏهاڪي
تي ٻه چار قدم کڻي چُڪي آهي، ڇا هن جا ٻار ۽ شريڪ
حيات هن جي دل ۽ دماغ ۾ منهنجي پراڻي عڪس تي، ڪو
نئون رنگ نقشو، ڪا تصوير ڪا سوچ ته ڪونه اُڀاري
سگهيا آهن، مونکي اچي پنهنجو ڊپ لڳو، ڇاڪاڻ ته مون
هرگز پاڻ کي پنهنجي وجود ۽ اهميت کي هڪ وار برابر
به گهٽ نٿي ڪرڻ گهُريو. پر منهنجي اندر جي انسان
ضمير جي ضميري ظرف جي ذوق، مونکي تسلي پئي ڏني، ته
محبت جنهن لاءِ قرباني ڏجي، پرورش ۽ پوڄا ڪجي سا
ڪڏهن به ختم ٿي نٿي سگهي. هن جا نقش ۽ چٽ پئي
پراڻا نٿا ٿين بلڪه هن جي بئڪ گرائونڊ ۽ بنيادي
ساخت کي نوان موڙ ته ڏيئي سگهن ٿا، وقت جي ضرورتن
مطابق، ڪڏهن ڪارو ڪڏهن ڳاڙهو برش ته ڦيرائي سگهجي
ٿو. پر انهيءَ سان اُها پراڻي تصوير مِٽجي اصل
نٿي، بلڪه ان ۾ نگار ۽ نکار، انوکي نواڻ اچي ٿي.
سچائي تي اڏيل عمارت، هڪدم واري جي ڪوٽ وانگر ڪري
ڍير ٿي نٿي سگهي. پر اهڙا ٻيا انيڪ انومان ۽
انديشا مونکي وڪوڙي ويا، مون پاڻ کي ڪڏهن مظلوم
ڪري پيش ٿي ڪيو ته شايد منهنجي گذريل ڏهن سالن
کان، خاموش، خط ڪتاب کان عاري زندگي تي حملو ته
ڪونه هوندو! بيوفائي ۽ بزدلي جو ٺپو ته ڪونه
هوندو. حالانڪه مون ٻه ٽي شروع ۾ خط لکيا ليڪن
جواب نه ملڻ تي، مونکي سندس اُهي لفظ ياد آيا ته
”جيڪڏهن مان توکي خط نه لکي سگهان، ڪنهن مصلحت
ڪاڻ، ته منهنجو ڏس پتو، حال احوال منهنجي مائٽن
کان پڇجان“ ۽ ايئن مان اعتماد ۽ انتظار جي ڏاڪڻ تي
روز هڪ قدم مٿي چڙهندو ويس ۽ اڄ جڏهن مان انهيءَ
عمارت جي آخري چوٽي تي پير ٽڪائي، منزل ڄمائي ۽
پائي ويٺو آهيان. تڏهن بلڪل سُڪون، اطمينان سان
ساهه کڻي رهيو آهيان. پر هاڻي مان پٺتي نڪو ٿو هڪ
هڪ ڏاڪو ڪري وڃڻ چاهيان، نڪو ٿو مٿان ماڙيءَ تان
هڪدم ٽپو ڏيڻ چاهيان. مان ته پنهنجي انهيءَ ماڙيءَ
تي اڏيل شيڊ، ۽ ڪاريڊور ۾ بيهي، پٺتي طئي ڪيل سفر
تي، وڻندڙ، لڀائيندڙ، تراوت ڏيندڙ ۽ راحت بخشيندڙ
نظر ٿو وجهڻ چاهيان ۽ ايئن دل وندرائڻ ٿو چاهيان،
ڇاڪاڻ ته منهنجو سفر ته عنقريب پورو ٿيڻ وارو آهي
۽ صرف نتيجي جي اعلان جو انتظار آهي. مان ڏاڍو خوش
آهيان پنهنجي محبت جي ڪارڪردگي تي، جنهن جي هر
ڏاڪي تي مون پاڻ کي موت جي چنبي مان به بلڪل محفوظ
سرِ ٻاهر ڪڍي، کليو ۽ ٽهڪ ڏيئي پنهنجي وفائن جي
نشي جو ڍُڪ ڀريو. پنهنجي وچن مطابق نينهن نڀايو،
ته مان صرف محبت جي معاملي ۾ سُرخرو ٿيان، ڳاٽ
اوچو رهي، ڪنڌ هرگز نه جهُڪي، ندامت نه جهلڪي پر
مان هڪ ڳالهه کان ڊڄڻ لڳس ته متان منهنجي آزمائش
جو وقت اچي ويو آهي ۽ مونکي پنهنجو ساٿ هن سان
ڏکئي وقت ۾ يا سُکئي وقت ۾ بنفس نفيس نباهڻو پوي،
ڇاڪاڻ ته ايتري وقت کان پوءِ يادگيري جو مقصد ڪو
هلڪو ۽ تصوراتي ته نه هوندو، شايد مان زندگي جي
نئين موڙ ۾ بخوشي يا مجبوري، طور شامل ٿيڻ لاءِ
پنهنجو ذهن تيار ڪريان. زنده رهڻ لاءِ ۽ زندگي جي
عملي ساٿ نباهڻ لاءِ ڇاڪاڻ ته محبت جو ڀرم رکڻ
لاءِ وچن نباهڻ لاءِ ڪڏهن زهر کي به زم زم ڪري
پيڻو پوي ٿو.
جيئن ڌرتي ۽ آڪاش جون سرحدون اچيو پاڻ ۾ ملن ٿيون تيئن محبت ۽
قربانيءَ جون به سرحدون اچيو پاڻ ۾ ملن ٿيون. جيئن
ڌرتي ۽ آڪاش تي انڊلٺ جي ڪمان ٿي ڪراس ڪري ۽
اُڀري، دل لڀائي، تيئن محبت جو سفر به انڊلٺ مثل
آهي. جيئن انڊلٺ ۾ ست رنگ سمائجي رنگ برنگي نقش ٿا
اڀارين پر کين پڪڙي ۽ جڪڙي نٿو سگهجي بلڪل تيئن
محبت جي انڊلٺ جا ٻئي ڇيڙا ڌرتي ۽ آڪاش کي ساڳئي
وقت ڇُهن ٿا، پر پنهنجو تقدس ۽ ڀرم برقرار رکن ٿا.
محبت جي انڊلٺ جا ٻئي ڇيڙا ڌرتي ۽ آڪاش کي ساڳئي
وقت ڇُهن ٿا، پر پنهنجو تقدس ۽ ڀرم برقرار رکن ٿا.
محبت ۽ قرباني به لازم و ملزم جذبا آهن، جيڪي ٻئي
آڪاش ۽ ڌرتي کي ڇُهن ٿا. ڪو جوڙو ڌرتي تي خوش رهي
ٿو ته ڪو قرباني جي جنگ لڙي آڪاش تي امر ٿيو وڃي ۽
جنهن ۾ جيتري وصعت، جيتري سچائي، جيتري وفا، جيتري
قوت آهي، انهيءَ آهر هو هر ميدان ۾ جنگ لڙي ٿو،
ٻئي محاذ ڏاڍا ڏکيا آهن، محبت ۽ ميلاپ به هڪ شيءِ
جا ٻه رخ آهن. هڪ شيءِ جا ٻه نالا آهن. هڪ ۾ ابتدا
سمايل آهي ته ٻئي ۾ انتها، هڪ ۾ پهريون قدم ته ٻئي
۾ آخري قدم، هڪ ۾ ازلي ٻنڌڻ جا ٻول ته ٻئي ۾ منزل
جي آرزو. جتي انسان نفس جو غلام ٿو بنجي اتي
پنهنجي آڪاش تي اڏيل گهر تان ايئن اچي ڌرتي تي
ڦهڪو ٿو ڪري، جيئن ڪا شيءِ بلڪل هلڪي ۽ بي وزن هجي
۽ ڌو اچي زمين تي ڪري، ۽ ايئن سندس محبت جو ڀرم ۽
تقدس ٽٽي چڪناچور ٿي پوي ٿو، محبت جي انڊلٺ جي
جاذبيت ۽ نقش نگاري به ميٽجي ۽ ميسارجي وڃي ٿي.
منٽن کان پوءِ بلڪل انڊلٺ جي گم ٿيڻ وانگر سڄو
آسمان بلڪل صاف نظر اچي ٿو، ڄڻ پولار ۾، رڳو ڌرتي
وڃي رهي آهي، ۽ آڪاش به خالي خالي لڳي ٿو. منجهس
رنگ برنگي جهرمٽ نظر نٿي اچي، رڳو وجود آهي. نفس
انسان کي ايورسٽ جي چوٽيءَ تان ڪيرائي محبت جي بت
کي عربي سمنڊ ۾ ٻوڙيو ڇڏي ۽ پٺيان پڇتاءَ کانسواءِ
ڪجهه به هڙ حاصل نٿو ٿئي.
مان خط گهڙي گهڙي فرص ت ۾ کولڻ لاءِ سانباهه ڪرڻ لڳس، پر منهنجي
همٿ نه پيئي ٿئي جو مان اُنهيءَ کي کڻي کوليان ۽
پڙهان ۽ ايئن مان ڪوششون ڪندو رهيس پر هر ڀيري
ڪنهن نئين وسوسي ۽ ابهام ٿي اچي مونکي وڪوڙيو. آخر
اتفاقي ۽ حادثاتي قضائون به انسان کي ڇورو ڇنو،
اڪيلو ۽ نئين ساٿي جي تلاش لاءِ مجبور ڪريو ڇڏين ۽
ائين ڪڏهن خوشي ڪڏهن غم انسان جو ساٿ واري واري
سان ٿا اچي نڀائين.
پر مون سوچيو مان جيئن آهيان، بس تيئن مطئمن آهيان. هاڻي مان
ڪنهن خوشي جو خواب يا تصور نٿو ڏسي ۽ پسي سگهان.
مون ۾ باقي هاڻي خوشي سهڻ جي ڪا به سگهه يا خواهش
نه رهي آهي. مون پنهنجي اکين جي آبشارن مان روئي
روئي، باقي هڪ ڦڙو به بچائي نه رکيو آهي، جيڪو
مونکي ڪڏهن اوچتي خوشيءَ ۾ به بوقت ضرورت وهائڻو
پوي. منهنجي توانائي جا تلاءُ سُڪي ٺوٺ ٿي ويا
آهن. منهنجي سرسبز زمين ۾ جواني، توانائي جي باقي
ڪا به خوشبوءِ نه رهي آهي. پر پوءِ به مان الاجي
ڪيترو خوش آهيان، اُهو صرف آئون ڄاڻان ٿو. ڪڏهن سچ
چئي ويندو آهيان. ڪڏهن ڪوڙ چئي، پنهنجي ڪيفيت
لڪائي، جزوي خوشيءَ جو سماءَ ۽ ٽِڪاءِ پيدا ڪندو
آهيان ۽ حقيقت ۾ ڏک ۽ سُکَ جي تفريق مون وٽ هاڻي
نه رهي آهي. مان ٻنهيءَ کي پنهنجو پاڻ ۾ سموئي ۽
سمائي جذب ڪري چڪو آهيان ۽ نه مونکي ڪنهن هڪ جو
سرو ڇيڙو ڇڪي آخر تائين پهچي ڪنهن ٻئي ڇيڙي جو پتو
ڪڍڻو آهي. ٻئي ڇيڙا مون وٽ محفوظ آهن. جڏهن اهو
سُٽ مان سلجهائڻ چاهيندس، اهو هڪ ڊگهو زندگي جو
سفر هوندو، جيڪو بي داغ، بي رنگ، ڪنهن نائلون جي
ڌاڳي جيان هوندو، مضبوط، ڀرجهلو ۽ اهڙو هرگز ڪچو
ڌاڳو نه جيڪو کن پل ۾ ٽٽي پوي.
آخر مون پنهنجي فرضي سوچ جي دنيا ختم ڪري، واندو وقت تاڙي، هڪ
چانڊوڪي رات جو، بلڪل تنهائي ۾ ڪهڪشان جو سفر شروع
ڪيو. ڏاڍو انتظار هو مونکي خط جي مواد جو، جيڪو هڪ
پل ۾ منهنجي اڳيان ظاهر ٿيڻ وارو هو. منهنجو سڄو
جسم ڏڪي رهيو هو، دل ڌڙڪي رهي هُئي. هڪ اڻ ڄاتل
مستقبل جي منظر ڏسڻ لاءِ. مون آخري وقت سوچيو ڀلا
ڇا هوندو اندر؟ ٿي سگهي ٿو راڻي سالن کانپوءِ
مائٽن کي ملڻ لاءِ ملڪ اچي ۽ پوءِ مونکي به نه ملي
ايئن کيس نٿو جڳائي. پر مان سندس حاضر حيثيت تسليم
ڪندس؟ ڇا هو اڃا منهنجي آهي؟ صرف منهجي! هن جي ملڻ
جي آس مون ڪڏهوڪو نراس ۾ بدلائي، اهڙي تمنا ۽
خواهش جو خيال ئي دل مان ڪڍي ڇڏيو. مون ته سدائين
پاڻ کي اُڃيو ۽ بکيو رکي دل کي پڪو ڪري ڇڏيو آهي.
مان سدائين ايئن رهڻ چاهيان ٿو، انهيءَ ڪيفيت ۾ هڪ
ڊگهي انتظار ۽ اعتماد جي ڪيفيت ۾ مونکي ڪجهه به نه
ٿو کپي. مان خط کولي پڙهڻ لڳس. هر ڳالهه جي احوال
۽ اختصار سان گڏ، پيار ۽ پويترتا سان گڏ، معذرت ۽
اقرار سان گڏ، اعتماد ۽ انتظار سان گڏ ايندڙ ڪرسمس
تي قرب جي ڪوٺ ۽ ساڳي محبت جي موٽ جو وعدو ورتل
هو.
|