صفحا ساروڻين جا
مرحوم نواز علي ”نياز“
نواز علي نياز جعفري
انيس انصاري
مٿي تي ڦندڻ سان ترڪي ٽوپي، بدن تي چڪن جو چولو، مٿان ڪاري
الپاڪي جو ڪوٽ، جنهن جي کيسي ۾ چانديءَ جي
زنجيريءَ سان واچ، هيٺ هرک جي سلوار، پير ۾ چمڪندڙ
پمپ شو، هٿ ۾ سپ جي مٺيي سان سهڻو لڪڻ (ضرورت ڪري
نه پر فيشن سبب) اکين ۾ شوخي (جهڙو تهڙو اک ملائي
نه سگهي)، مرڪي ته جڳ مرڪي، کلي ته سندس اڳيان
سوني پٽ وارا ڏند جرڪڻ لڳن. هي هيو جوانيءَ ۾ نواز
علي نياز جعفري، خوش پوش، خوش خلق، خوش خوراڪ ۽
خوش رو، منهنجو پاڙيسري.
ننڍو هيس، ڏاڍو ننڍو، چاچي جي آڱر پڪڙي شام جي دستوري چڪر تي
نڪتو هيس ته سيئو بزار ۾ ٽانگي اسٽينڊ وٽ نياز
سامهون ايندو نظر آيو. چاچي کي بيهڻ جو اشارو ڪيو،
ويجهو اچي چاچي سان هٿ ملائي اوڪڙو ويهي کيسي مان
چاڪليٽ ڪڍي، کولي منهنجي منهن ۾ وڌو- نياز سائين
جي اها شفقت ۽ ولائتي چاڪليٽ جو ذائقو اڃا مونکي
ياد آهي.
نائين محرم، اڌ رات، ميونسپالٽي طرفان لڳايل گاسليٽ سان ٻرندڙ
فانوس پوين پساهن ۾، گهٽين، درن، درين، ڪوٺن تي
هشام ماڻهو. سڀني جون اکيون امام بارگاه جعفريه جي
پوئين گهٽيءَ ۾ کتل. اوچتو اتان ”او الا“ جو آواز
بلند ٿيو. سڀن جو خيال اوڏهن کڄي ويو. هالا جي
جنڊي لٿل، سائي بخمل جي سائبان (تجر وانگر ٺهيل)
سان، اڪيچار ننڍن بلبن سان جڳ مڳ ڪندڙ معصوم علي
اصغر جو پينگهو چئن ماڻهن جي ڪلهن تي کنيل نمودار
ٿيو. پينگهي ۾ رنگ ۾ ٻڏل (رت جي ڏک ڏيندڙ) چولو
رکيل، پينگهي کي ريشمي ڏوري ٻڌل جنهن جو هڪ سرو هڪ
ماڻهوءَ جي هٿ ۾، هُو کيس آهستي آهستي لوڏي رهيو
هو. پيرين اگهاڙا، مٿي ۾ خاڪو ڪارا لٽا پهريل ٽي
ماڻهو: ماستر رحم علي جعفري سڄي طرف، نواز علي
نياز وچ ۾ ۽ مولا بخش سرهيو کٻي طرف، ٽنهي جا آواز
مٿاهان، جي بنا لائوڊ اسپيڪر چؤطرف پيا گونجن.
معصوم شهيد کي لولي ڏئي رهيا هيا.
صغرا اصغر تنهنجون واٽون نهاري او الا
راهه مسافر رئاري
صغرا اصغر تنهنجون واٽون نهاري او الا
موت اڳي شل نه ماري
صغرا اصغر تنهنجون واٽون نهاري او الا
رت ڀريو چولو ڏيکاري
راهه مسافر رئاري
صغرا اصغر تنهنجون واٽون نهاري او الا
رت ڀريو چولو ڏيکاري چوڻ وقت نواز علي نياز پينگهي ۾ پيل ننڍو
ريشمي ڳاڙهي رنگ لڳل چولو مٿي کڻي ماڻهن کي
ڏيکاريندو هيو. چؤطرف روڄ راڙو مچي ويندو هو.
شيعو، سني، هندو ۽ سک اهڙو ڪير هيو، جنهن جي دل
اهڙي ماحول ۾ ڀرجي نه اچي. اکين مان لڙڪ لڙي پوندا
هئا.
لولي ٻڌڻ ۽ پينگهو ڏسڻ ماڻهو ڪافي پري کان ڪهي ايندا هئا.
1941ع جا وچان مهينا. هڪ ڏينهن راهه وٺيون پي ويم. پٺيان سڏ
ٿيو، بيهي رهيم، نواز علي نياز هيو، پڇيائين،
”الله بخش ڪاڏي ٿو وڃين؟“
”لئبرري ڏانهن“
”ڇا ٿو پڙهين؟“
”مئٽرڪ پاس ڪئي اٿم“
”Good
وڌيڪ پڙهندين؟“
”غريب آهيون“
”ڪاليج جو خرچ ۽ کيسي جي خرچي مان ڏيندوسانءِ“
گهر ڳالهه ڪيم. پوڙهي ڏاڏي روئي ويٺي. چيائين ”الله بخش! گهر جا
مرد ته الله کي پيارا ٿي ويا. گهر ۾ اسان ٻه
پوڙهيون عورتون ۽ تون، تون به شڪارپور يا علي ڳڙهه
پڙهڻ وڃين ته اسان ڪنهن جي حوالي؟“ ڳالهه سچي هئي،
وڌيڪ نه پڙهيم، نياز صاحب جي آڇ دلي هئي. ان اڳي
به ٻه ڄڻا پنهنجي خرچ سان ڪاليج ۾ پڙهايا هئا.
1943ع جو زمانو، تازو نوڪريءَ ۾ گهڙيو هيس. شهدادڪوٽ ۾ روينيو
کاتي ۾ ڪلارڪ هيس. انسپيڪشن آفيس آئي هئي، ان جي
هڪ ڪلارڪ سان ”تون ڇا تون ڇا“ ڪري ويٺس. سڀني
ڊيڄاريو ڄاڻ ٿي نوڪري وڃئي. هاڻي نوڪريءَ ۾ گهڙيو
آهين، سينئر ڪلارڪن سان ٿو جڳهڙا ڪرين؟ چٽنس صاحب
لاڙڪاڻي مان آيو. ڌريون وٽس پيش ٿياسون. مونکي فڪر
ئي نه پي ٿيو. چٽنس صاحب منهنجو پاڙيسري مسٽر نواز
علي نياز هيو. مونکي اهڙي رهڙ ڪيائين جو ساهه سُڪي
ويو، ”اڙي نوڪري وڃائڻي اٿي ڇا؟ هيڊ آفيس سان ٿو
کهين! ”ٻين جي پٿر کان پنهنجي جو گل ڳورو لڳو“.
اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو. پنهنجي آفيس جي ڪلارڪ کي هٿ
سان وڃڻ جو اشارو ڪري مونکي هٿ سان ئي ترسڻ جو
اشارو ڪيائين. بيهي رهيم. گهنٽي وڄائي نائڪ کي
بسڪوٽ ۽ شربت آڻڻ لاءِ چيائين. وڌي اچي ڀاڪر
پاتائين ۽ ڀرسان ڪرسيءَ تي ويهاريائين. چيائين،
”پٽ! چاچي جو ٿو دل ۾ ڪرين؟ انتظام رکڻ لاءِ دل نه
چاهيندي به اهڙا قدم کڻڻا پوندا آهن. وڃڻ وقت
بادامين، پستن، اکروٽن، ڪشمڪش سان ڀريل هڪ وڏو
پئڪيٽ ڏئي در تائين ڇڏڻ آيو. اهو پئڪيٽ مونکي ڪافي
ڏينهن هليو.
1944ع جميعت الشعراءِ پاران مشاعرو. دستور موجب پهريائين مصرع
طرح تي آيل ٻاهرين شاعرن جا ڪلام حاجي محمود خادم
پڙهي ٻڌايا. ان بعد مقامي شاعرن جو وارو هيو. فدا،
گل، زيب، سرور، عبد، نظام ۽ اثر پنهنجا ڪلام پيش
ڪيا. غريب کان پوءِ نياز جو نالو کنيو ويو. تاڙيون
وڄي ويون، نياز جي هٿ ۾ گلاب جو وڏو گل هيو. اچڻ
سان مائيڪ جي سيخ سنا کيس ٻڌائين، چوڻ لڳو: اڄ مان
غير طرحي نظم ”خطاب به گل“ پيش ڪيان ٿو، لائوڊ
اسپيڪر بند ڪرڻ لاءِ چيائين ۽ گونجدار آواز ۾ چوڻ
لڳو.
اي سدا سهڻا، گلستان جي گلن جا تاجدار
آهه توتي هر چمن جي حسن جو دارو مدار
سال سارو باغبان تنهنجو ڪڍي ٿو انتظار
ڇا چوان تو لئه فقط بلبل نه آهي بي قرار
تنهنجي لئه هر تار سنبل جي پريشاني ٿي رهي
چشم نرگس جي ڏسي توکي ته حيران ٿي رهي
u
ماڪ ڀي مئي ٿي ٿئي تنهن جو ئي پيمانو ڏسي
ٿو پيئڻ کان ئي اڳي ٿي سڀڪو مستانو ڏسي
ڪين ٿيو بيهوش جو هرگز پريخانو ڏسي
ٿو ٿئي گلشن ۾ سو دانا به ديوانو، ڏسي
عطر بنجي وئي صبا جا آئي تنهنجي روبرو
جنهن کي پهتي تنهن کي ٿي تنهنجي ڏسڻ جي آرزو
نظم ڪافي طويل آهي، هتي نموني طور ٻه بند ڏنا ويا آهن. نياز کي
ڪافي داد مليو. ان سان گڏ کيس سندس ٻئي مشهور نظم
معراج رسول الله صلي الله عليه وسلم پڙهڻ جي تقاضا
ڪئي وئي، مدح رسول سان به مداحِ، رسول صه جي
واتان، ٻڌندڙن تي جادو طاري ٿي ويو. نظم پورو ٿيو
ته هر طرف کان خوب ۽ احسن جا آواز ٻڌڻ ۾ اچڻ لڳا.
نياز جو ڪلام سندس زباني مون اتي ٻڌو، نياز سٺي
شاعر هئڻ سان گڏ خوش آواز به هيو، پڙهندو هو ته
سمو ٻڌجي ويندو هيو. نظم معراج مان هڪ بند:
مون ايها ڪئي التجا الله جو ٿي ويو ڪرم
خودبخود گويا هلي پيو، منهنجو ڪاغذ تي قلم
قدرت قادر ڏسي جيئن سَر ڪيو مون پنهنجو خم
ذڪرِ معراج نبي هاتف چيو ڪر تون رقم
هي ٻڌي ارشاد منهنجي دل جو ٿي وئي باغ باغ
باغ جي خوشبو کان پهتو عرش تي منهنجو دماغ
1946ع جي گرمين جي موسم. تجر باغ جي ٻاهران قلندربخش جي ٽائيپ
جي دڪان وٽ ميدان ۾ مشاعرو- دستور موجب ٻاهريان
آيل نظم پڙهيا ويا. ان بعد مقامي شاعرن جو وارو
ايندو هيو. انهن ۾ به پهريائين نئين طرح شعر
چوندڙن کي سڏيو ويندو هيو. انيس انصاري کي سڏ ٿيو.
ڌڙڪندڙ دل ۽ ڏڪندڙ ٽنگن سان اسٽيج تي آيم، ٿڙڪندڙ
هٿن سان ڪاغذ جهلي پڙهڻ لڳم.
طبيبو دوائن کي ڇا ٿي ويو
عزيزو دعائن کي ڇا ٿي ويو
تاڙيون وڄڻ لڳيون داد ملڻ لڳو. پتو نه آهي ڪهڙي طرح غزل پورو
ڪيم.
مشاعرو پورو ٿيو، هرڪو گهر وڃڻ لڳو، نياز چيو، ”الله بخش گڏجي
ٿا گهر هلون“ گهر هڪ ٻئي جي ويجهو هيا، واٽ تي
چيائين، ”چڱو ٿو چئين“ نياز جي واتان داد ٻڌي مان
آسمان ۾ اڏڻ لڳم.
18 آڪٽوبر سال 1947ع تي نياز پينشن وٺي اچي گهر ڀيڙو ٿيو. گهر
ويجها هئا، نڪران ته نياز جو سڏ، ”الله بخش ڪاڏي
ٿو وڃين؟“
”ڪم سان“
”نئون نظم لکيو اٿم“
”موٽان ته ٻڌندس“
ڪم لاهي اوطاق ۾ نياز وٽ وڃي ويهندو هيس، جتي هو پنهنجي ڪلام
سان نوازيندو هيو. مان به ڪڏهن ڪڏهن پنهنجو ڪچو
پڪو ڪلام کيس ٻڌائيندو هيس ۽ سندس مجلس مان گهڻو
ڪجهه پرائي اٿندو هيس.
هونءَ ئي منهنجو بدن بانس جي ڪاٺين تي ڪپڙن جو ڀراءُ آهي، ان
سال ڪجهه وڌيڪ ڪمزور ٿي ويو هيس. شاعر نياز جو
هاڻي حڪيم نياز به هيو منهنجي نبض تپاسي ۽ فولاد
جو ڪشتو کائڻ لاءِ ڏنو (پاڙيسري هئڻ جي ناتي مفت
۾) کاڌم ته ڳاڙهو يوناني طريقه علاج کان سواءِ
نياز کي بائيو ڪيمڪ ۽ هوميوپيٿڪ دوائن جي به چڱي
ڄاڻ هئي.
روينيو جهڙي ڪل وقت مشغول رکندڙ کاتي مان پينشن تي اچڻ بعد نياز
ڪل وقت رڌل رهڻ جهڙي ڪم کي ڳوليندي وڃي مهوسين جي
ور چڙهيو، جن سندس ميڙي چونڊي ڪوٺارين، ڪڙهاين، گل
حڪمتن ۽ باهين ۾ ڀسم ڪري ڇڏي. انهن ئي ڏينهن ۾
گريجوئيٽي جي پيسن مان ورتل جنرل اسٽور به نقصان ۾
ويس. نياز ان ڳالهه جو اثر زياده نه ورتو ۽ صبر ۽
شڪر سان پينشن جي پيسن مان گذارو ڪرڻ لڳو. البت
پينشن جي اڌ رقم بابت نياز جي هي لطيف طنز پڙهڻ
وتان آهي.
پينشن کانپوءِ مونکي شايد اڌ کائڻ کپي
تنهنڪري ڪيو رزق منهنجو ڪاتبِ تقدير اڌ
18 آڪٽوبر 1951ع تي نياز جو وڏو ڀاءَ مسٽر غلام علي جعفري جو پڻ
رٽائرڊ مختيارڪار هيو فوت ٿي ويو. ٻنهي ڀائرن جو
هڪٻئي سان محبت هئي جا رڳو ڀائپي جي ناتي ڪري نه
هئي پر ان ۾ ٻنهي جي ذهني لاڙي ۽ وابستگي جو دخل
پڻ هيو. ٻئي ڀائر شاعر هيا. ڀاءُ جي وفات تي نياز
جو غزل چيو آهي، ان ۾ سندس ذهني ڪرب ظاهر آهي، ان
مان ڪجهه شعر پيش ڪريان ٿو:
ڪري سانگ سانگي وساري هليا ويا
ٻٽي ڏينهن هت ڀي گذاري هليا ويا
وڃڻ وقت ويتر ٻٽا پيچ پائي
کڻي نيڻ نازڪ نهاري هليا ويا.
نياز آهه ارمان تن جي وڃڻ جو
مونکي ڄڻ ته جيئري ئي ماري هليا ويا
ان ئي موقعي تي لکيل ٻئي غزل جو مطلع:
ڇڏي ويا مونکي غربت ۾ زمين وارا زمان وارا
ڏسي مون تي ستارا ڀي کلن ٿا آسمان وارا
11 جنوري 1952ع تي نياز تي ٻيو غم جو پهاڙ ٽٽي پيو، سندس چوٿين
۽ آخري گهر واري گذاري ويئي. ان موقعي تي نياز درد
جون دانهون هن نموني ڪيون (ٽي شعر ڏيان ٿو).
تو سوا مونکي هي گهر، ديوار در کائڻ لڳا
ياس، حسرت، غم، الم سڀ مونکي ايذائڻ لڳا.
تنهنجي فرقت مونکي ديوانو ڪري ها يار پر
عقل ۽ ادارڪ منهنجي دل کي سمجهائڻ لڳا.
ڪئن وساري ٿو سگهي دلدار توکي هي نياز
آخري الفاظ تنهنجا، جنهن جي دل گهائڻ لڳا.
مون پينشن تي اچڻ کان پويان پندرهن سال کن نوڪريءَ خاطر ڳوٺ کان
پري گهاريا. ٻچڙا لاڙڪاڻي هوندا هئا. روينيو ۾
موڪلون ڪٿي؟ ان ڪري بهاني ڪبهاني ٿوري وقت لاءِ ئي
ڳوٺ ايندو هيس ۽ ان ٿوري وقت ۾ ئي پنهنجي ننڍپڻ ۽
بعد جي دوستن سان ملڻ ويندو هيس. گهڻو وقت نه سهين
ڪجهه منٽ ئي دوست جي در تي ساڻس ملاقات ڪري ويندو
هيس ٻيو در ڏسڻ.
1958ع جي گرمين جا ڏينهن هيا، ٻن ڏينهن جي موڪل تي لاڙڪاڻي آيو
هيس، امتياز جي جاءِ تي وڃي سڏ ڪيم. اندران نياز
جو آواز آيو، ”الله بخش بيهجانءِ. مان اچان ٿو.“
ڪمزور ۽ لاغر نياز، جاءِ جي چئن ڏاڪن تان لهندي
پوئين ڏاڪي تان ٿيڙ کاڌو ۽ اچي منهنجي ڀاڪر ۾ پيو.
ساهه پٽي چيائين. ”امتياز ٻاهر نڪري ويو آهي. ڏاڍو
ڪمزور ٿي ويو آهيان. پيٽان رت ٿي اچي، اٿڻ جهڙو نه
هيس پر ڪافي ڏينهن بعد تنهنجو آواز ٻڌي دل سٽ ڏني،
ان ڪري نڪري آيو آهيان.“
امتياز ٻڌايو ته ”بابا سخت بيمار هيو پر ڊاڪٽر ٻڌايو هيو ته ڊپ
جو انديشو ڪونه آهي. هونءَ به بابا ٺيڪ ٺاڪ پي
لڳو. سڏ ڪري چيائين امتياز غزل لکيو اٿم ويهه ته
ٻڌايانءِ. مان سندس کٽ جي ڀرسان پيل ڪرسيءَ تي
ويهي رهيم، هن ٻڌايو:
اوچتو سڏ ٿيو نه ڪنهن کان موڪلائي ٿو وڃان
درد دنيا مان هي پنهنجي دل ۾ پائي ٿو وڃان
اڻ ڏٺل هڪ ملڪ ٻيو ساٿي هلي ٿو ڪونه ساڻ
واٽ جون سختيون سڀئي سر تي سهائي ٿو وڃان
ها عزيزن دوستن مان ڪير منهنجا خيرخواهه
اي نياز آءُ هر ڪنهين کي آزمائي ٿو وڃان.
مان دانهن ڪري بابا کي ڀاڪر پاتو، هن نهايت شفقت سان منهنجو نرڙ
چميو. اها 9 نومبر 1959ع جي شام هئي.
13 نومبر 1959ع آفيس ۾ ويٺو هيس، لاڙڪاڻي مان مشتاق جو ٽيليفون
آيو، بابا! ڪلهه سائين نواز علي نياز گذاري ويو.
اکين مان ٻه لڙڪ لڙي مسچٽي ۾ جذب ٿي ويا.
18 آڪٽوبر 1892ع تي ميان محمد آچر سومري کي پٽ ڄائو، جنهن ۾
ننڍي هوندي ئي وڏ ماڻهپي ۽ ذهانت جا آثار نظر پي
آيا. پنهنجي عالم ۽ فاضل مامي ماستر محمد پريل کان
تعليم ۽ تربيت حاصل ڪري لاڙڪاڻي جي واحد سنڌي
اسڪول ۾ تعليم ورتائين، ثانوي تعليم مدرسي (بعد ۾
مدرسا هاءِ اسڪول) لاڙڪاڻي ۾ حاصل ڪري مئٽرڪ سنڌ
مدرسي ڪراچيءَ مان پاس ڪيائين، سنڌ مدرسي ۾ تعليم
جي دوران هو درسي ڪمن کان سواءِ ٻين ڳالهين جهڙوڪ
ڊبيٽن، مشاعرن ۽ ڊرامن ۾ حصو وٺڻ لڳو. مدرسي جي هڪ
تقريب ۾ هن هڪ ”ويل ڪم سانگ“
(Welcome song)
لکيو جو ڇهن ٻولين ۾ آهي، هيٺ ڏجي ٿو:
ڀلي ڪري آيوءُ سڀئي مرد خاص و عام
واجب هي آهي جو ڪريون اوهان سندو سلام
We are very happy to see each and every one
هر کس که آمدست بود خوش نيک نام
فذڪروني اذڪر ڪم قال ڪبريا
جيڪو ڪري پيار اسين انهيءَ جا غلام
جس ني اٺهاکي رنج غريبون کو کيا شاد
اون کون کريندا ياد هي هر کوئي صبح و شام
ان ڪلام ۾ سنڌي، انگريزي، پارسي، عربي، اردو ۽ سرائڪي ڪم آندي
وئي آهي.
نياز هڪ سٺو ايڪٽر پڻ هيو. ڪراچي مدرسي ۾ هڪ تقريب ۾ کيس
اينٽوني جو پارٽ ڏنو ويو هيو. جوليس سيزر جي قتل
تي اينٽونيءَ جي تقرير ته جڳ مشهور آهي، پر ان ۾
وڌيڪ جان نياز وڌي. تقرير جي دوران سندس اکين مان
نير وهڻ لڳا. مدرسي جي پرنسپال مسٽر وائينس جي ڀر
۾ ويٺل سندس گهر واري کيس چيو ته ”هن جذباتي ڇوڪري
کي اهڙو پارٽ ڇو ڏنو؟ هي ته پاڳل ٿي ويو آهي.“ ان
سين کان ٻه سينون پوءِ هڪ ڌوتي بند واڻيو اسٽيج تي
آيو، جنهن پنهنجي بدن جي لوڏ ۽ اچارن جي غلطين سان
ڏسندڙن ۽ ٻڌندڙن ۾ خوشيءَ جي لهر ڊوڙائي ڇڏي. هو
بي اختيار ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳا. مسز وائينس کي مڙس
ٻڌايو ته هي ڇوڪرو ساڳيو آهي، جنهن اينٽوني جو
پارٽ کنيو هيو ۽ نه رڳو ايترو پر ڊرامي جو ويل ڪم
سانگ
(Welcome song)
پڻ ان لکيو هيو. مسز وائينس ڊرامي کان پوءِ نياز
جي آرٽ جي تعريف ڪئي ۽ کيس هڪ ڪتاب انعام طور ڏنو.
نياز لاڙڪاڻي مدرسي ۾ ڪجهه وقت ماستر ٿيو. ان زماني ۾ مدرسي ۾
علامه دائود پوٽو ۽ محترم محمد ايوب کهڙو پڻ طالب
علم هيا. سنڌ مدرسي مان مئٽرڪ ڪرڻ بعد ماستري ڇڏي،
نياز وڃي روينيو ۾ ڪلارڪ ٿيو. ڪجهه وقت لاڙڪاڻي ۾
جيلر پڻ رهيو. پنهنجي ذهانت ۽ محنت سان نياز
روينيو ڪواليفائنگ امتحان پاس ڪيو، جنهن بعد ڪجهه
وقت هيڊ منشي، چٽنس وغيره جي عهدن تي رهي وڃي
مختيارڪار ٿيو. مورخه 18 آڪٽوبر 1947ع تي
ميرپورساڪري مان پينشن تي آيو. سندس وفات جي تاريخ
12 نومبر 1959ع آهي.
نواز علي نياز رڄ چڱو مڙس هيو. پنهنجن سان ٺهيو ڌارين سان به وڙ
ڪيائين، پاڙي وارن لاءِ ڍال هوندو هيو. ڪنهن لچ
لوفر کي همٿ نه ٿيندي هئي ته ڳليءَ مان آڪڙجي هلي.
اهڙي رعب تاب واري انسان جي دل وري گلاب جي گل
وانگر نرم هئي. پنهنجا ته ٺهيو پراوا سور به
پنهنجا سمجهندو هيو. محرم آيو ته نياز سڀ سک ڇڏيا.
گهر ۾ کٽون اونڌيون، کير جو واهپو بند. کلڻ اهي
ڏينهن سندس منهن مان نه نڪرندو هيو. مجلسن ۾ ذڪر
اهلبيت ڪندي ڳچ ڳارڻ لڳندو هيو. نائين محرم تي
ڪٿان ڪٿان جا ماڻهو معصوم علي اصغر جو پينگهو ڏسڻ
۽ نياز جي لولي ٻڌڻ ايندا هئا. باوجود مذهبي
اختلافن جي ڪڏهن نه پنهنجا مذهبي عقيدا ۽ خيال مون
تي مڙهيائين ۽ نه ڪڏهن اختلافي واقعن ۽ مسئلن تي
ڳالهايائين. سندس مسلڪ صلح ڪل هيو. مذهب جعفريه جي
نسبت سان هي ڪٽنب پاڻ کي جعفري سڏائڻ لڳو.
نياز قادر الڪلام هيو. هو نه رڳو عروض جو ماهر هيو پر سندس شعر
۾ رواني به ڏاڍي هئي، گهڻو ڪري تحت اللفظ پڙهندو
هيو پر ٻڌندڙن جي فرمائش تي ترنم سان به شعر چوندو
هيو. شروع ۾ سندس شعر ۾ فارسيت گهڻي هوندي هئي ۽
زير اضافت جو استعمال به جهجهو ڪندو هيو. پر وقت
گذرڻ سان سندس شاعريءَ ۾ ڦيرو آيو. هو ماحول جي
مطابق نيٺ سنڌي شعر چوڻ لڳو.
نياز هر صنف ۾ شعر چيو آهي، نظم، غزل، قصيدا، مرثيا، نعتون ۽
سهرا مطلب ته سندس ڪلام گهڻو ڪري هر صنف جي
نمائندگي ڪري ٿو. صنايع بدايع ۾ نياز ڪافي ڪجهه
چيو آهي، ڪجهه مثال هيٺ ڏيان ٿو.
(تجنيس حرفي)
مٺي منهنجي منٺار منهڙو مٽايو
مڃان مهربانيون مسافر ملايو
رکي راز رهيو رات رانول
رقيبن رکي ريس راڻو رسايو.
(هرهڪ سٽ ۾ 21 اکر)
پيچ پاتو پاڻ پرين پيار سان
دل تڏهن اٽڪي وڃي دلدار سان
جان من سڀ قول پنهنجا پاڙ جو
يا رڳو خوش ٿا ڪيو اقرار سان
(الف کان سواءِ)
مون چيو تون هج هميشه هوت منهنجي روبرو
هن چيو مونکي وڻي ٿي ڪين تنهنجي گفتگو
مون چيو مون سچ ته ڪلهه توکي رقيبن وٽ ڏٺو
هن چيو هوندو ٻيو ڪو مثل منهنجي هوبهو
(سڀ نقطا مٿان)
وقت مون سان ڪو مٺا تون گڏ گذار
مفت هئن منٺار ماڻن سان نه مار
تو مٿان لک وار سر صدقو ڪندس
هڪ دفعو تون ناز سان نازڪ نهار
(سڀ نقطا هيٺان)
يادگيري پئي پوي پياري جي پلپل پيار جي
سڪ لڳي پئي دم بدم دلدار جي ديدار جي
ڳل پلؤ پائي وڃي چؤ يار کي بادِ صبا
سار لهه جلدي مسيحا بره جي بيمار جي
(اکر جدا)
دوا ڏي اڄ ته ڏاڍو آهه آزار
اداس اڄ آهه ڏاڍي دل ڏي آڌار
ذرو آرام ڏي دل آهه دردي
وري اڄ درد واري دل نه آزار
نياز جا هي شعر مونکي ڏاڍا پسند آيا آهن:
عمر ساري مون پڙهيو پي تنهنجي قدرت جو ڪتاب
پر نه پورو ٿي سگهيو مون کان فقط هڪڙو ئي باب
پاڻ ۾ پيهي سي پهتا معرفت کي اي نياز
خود خدا جي ذات ۾ آخر فنا ٿيندا ويا .
وقت ٿورو آبهار آخر خزان ايندي ضرور
هي گلن کي آهه ناحق پنهنجي رنگت تي گهمنڊ
انصاف سان جنت جو مان حقدار نه آهيان
بخشي نه سگهين اهڙو گنهگار نه آهيان.
نياز ڪل چار شاديون ڪيون پر هڪ جي جيئري ٻي شادي نه ڪيائين،
نياز مرحوم ڪثير الاولاد آهي. هو ست پٽيتو هيو، جن
مان ٽي پٽ حال حيات اٿس(الله سندن حياتي ۽ تندرستي
قائم رکي) ٽي نياڻيون به پيدا ٿيس، جي حال حيات
آهن (الله کين خوش و خرم رکي) پٽن مان وڏو پٽ مسٽر
ممتاز جعفري مشهور ايڊوڪيٽ آهي، هن وقت ڪراچيءَ ۾
رهي ٿو. ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي ٻنهي هنڌن تي ڪيس کڻي ٿو.
هن صاحب جي دنيا جي ادب تي نظر آهي. شروع ۾ نثر ۽
نظم لکندو هيو پر وڪالت ۾ اچڻ بعد هن سمورو ڌيان
پنهنجي ڪم کي ڏنو، نياز جو ٻيو پٽ مسٽر اعجاز علي
جعفري پڻ وڪالت جي پيشي کي پنهنجو ڪيو آهي پر سندس
اڪثر وقت پنهنجي مذهب جي تنظيم ۾ گذري ٿو. نياز جو
ننڍو پٽ مسٽر امتياز علي جعفري اريگيشن کاتي ۾
سرڪل هيڊ ڊرافٽسمين آهي. هي به والد وانگر
ڪثيرالاولاد آهي. هو پنهنجن ٻچن کي اعليٰ تعليم
ڏيڻ گهري ٿو. سندس نياڻي ليڊي ڊاڪٽر آهي ۽ ٻئي ٻار
پڙهي رهيا اٿس.
نياز جو شفقتون، محبتون ۽ مجلسون وسرڻ جون نه آهن. |