شاهه جي رسالي ۾ سنڌ ها تاريخي ۽ جاگرافيائي اشارا ۽ اهڃاڻ
معمور يوسفاڻي
ٻَني
حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي سنڌ جو اهو عظيم شاعر آهي، جنهن جي
عظمت کي سموري دنيا تسليم ڪيو آهي، جنهن جو ڪلام
نه رڳو فلسفي، حڪمت ۽ دانائي جو اڪمل ۽ اعليٰ
نمونو آهي، بلڪ سنڌ جي ثقافت ۽ تاريخ جو پڻ گنج
آهي. سندس ڪلام ۾ سنڌ جي تاريخ بابت جيڪي اشارا
ملن ٿا، اهي ايتري قدر وسيع آهن، جو انهن تي جيڪر
قلم کڻجي ته تاريخ جا ڪيترائي املهه ڪتاب تيار ٿي
سگهن ٿا.
منهنجو هي مختصر مقالو، جنهن جو عنوان آهي ”شاهه جي ڪلام ۾ سنڌ
جي تاريخ بابت اشارا ۽ اهڃاڻ“ سو هِن ڏِس ۾ مختصر
کان مختصر ۽ هڪ ابتدائي ڪوشش آهي، جنهن ۾ مون سڀ
کان پهرين، هن ڌرتيءَ تي، موجوده انساني نسل جي
وڏي ڏاڏي حضرت آدم عليه السلام جي رهائش ۽ آباد
ڪاريءَ جو ذڪر ڪيو آهي ۽ اُن جي آثارن جي نشاندهي
ڪئي آهي ۽ ان کان پوءِ باقي مقالي کي مختلف بابن ۾
ورهايو آهي، جن جا عنوان هن طرح آهن:
مويا، مارو، جک، ماڙيچا، پٺاڻ، کرپڙ وغيره
سنڌ جي تاريخ بابت هي عنوان جنهن ۾ مختلف قومن جي ماضيءَ ڏانهن
ابتدائي اشارا آهن، تنهن ۾ هر قوم جي شاخن، حاڪمن،
راجائن، راڻن، سردارن، سکرن، پهلوانن بهادرن،
سخين، ڏاتارن، ڏات ڌڻين وغيره ۽ انهن جي آثارن جو
ذڪر اچڻو آهي. ان لاءِ ظاهر آهي ته ايتري ۽ ايڏي
ساري مواد کي هڪ مقالي ۾ آڻڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي ۽
گهٽ ۾ گهٽ منهنجي پهچ کان ته گهڻو پري آهي. ان ڪري
مون ان مواد کي، قسطن ۾ پيش ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو
آهي، جيڪي به خبر ناهي ته ڪيتريون بيهنديون، انڪري
في الحال انهيءَ گنج مان ڪجهه ڪڻا عرض رکان ٿو.
جيڪي پيش ڪرڻ کان پهرين سڀني عالمن، ماهرن، سگهڙن،
سياڻن ۽ پڙهندڙن کي عرض ڪندس ته منهنجي هن ٽٽل
ڦٽل، وکريل ۽ اڻپوري مقالي پڙهڻ کان پوءِ مهرباني
فرمائي منهنجي هن ڏس ۾ رهبري ۽ رهمنائي ڪرڻ
فرمائين.
چڱا ڪن چڱايون، مٺايون مٺن،
جو وڙ جڙي جن سان، سو وڙ سيئي ڪن.
(لطيف)
شاهه صاحب جي ڪلام ۾ سنڌ جي تاريخ جا اهڃاڻ تلاش ڪندي، سڀ کان
پهرين انسان ذات جي وڏي ڏاڏي، حضرت آدم عليه
السلام جا آثار سامهون اچن ٿا، جيڪي ”ٻنيءَ“ جي
نالي سان مشهوري آهن، جن کي عام طرح ”ڏاڏي آدم جي
ٻني“ ڪوٺيو وڃي ٿو. ٻنيءَ جا اهي آثار ٻن ماڳن تي
آهن، جن مان پهريان ”رڻ ڪڇ“ جي ڏاکڻين ڪناري سان
هڪ ”ٻيٽ“ جي شڪل ۾ موجود آهن، جنهن جي ديگهه سٺ
ميل ۽ ويڪر چوڏهن ميل آهي. (1) ٻنيءَ جي اوڀر طرف
ٻيا جيڪي ٻيٽ آهن تن ۾ مشهور ٻيٽ، ’کريڙ‘ ۽ ”ٻيلو“
آهي. اتر ۽ اولهه ۾ وري ”پچيم“، ’پانور‘ ۽
’کائوڙو‘ ٻيٽ آهن: شاهه سائين نه رڳو انهن ٻيٽن کي
ڳايو آهي بلڪ انهيءَ علائقي جي مشهور جبلن جهڙوڪ –
ڪيرو جبل، جُهرو جبل، هٻو جبل، لوڻو جبل کي پڻ
ڳايو آهي. جيئن:
ابڙو اگهامن ۾ سپڙ جيئن ’ٻيلي‘
’ٻيلي‘ ۽ گُڙنار‘ اٺو گنگاجر جکرو.
’کريڙ‘ ڀون کري پاڻا پير ڏکويا پکڻيئن
’کريرئا‘ کيل ڪري اڀو ئي آهي
لاکو ’لوڻي‘ آيو ’هٻي‘ پيئي هاڪ
’پانور‘ ’ڪنا‘ پڇڙي ڏونگر پيئي ڏاڪ،
’ڪيرا‘ تون نيرو ٿئين تنهنجي ’ٻنيءِ‘ ڇڏي ٻهڪ
ٻنيءَ ٻهڻ نه ڏي جهري ويئي جهوڪ
ٻنيءَ جي ايراضي کان سنڌ جي موجوده سرحد 20_ 25 ميل، ڏيپلو ۽
راهوڪي بازار 40_ 50 ميل، ’سماننگر‘ يا ’ساموئي‘
جا کنڊر 40_50 ميل پري آهن.
ٻنيءَ واري هيءَ ايراضي جيڪا هن وقت ’انڊيا‘ جي ڪڇ صوبي ۾ آهي،
اها قديم دؤر ۾ سنڌ سان شامل هئي، جنهن جو اثر اڃا
به باقي آهي. اهو هيئن جو هن وقت به ٻنيءَ ۽ آسپاس
واري ايراضي جوڪو ماڻهو ڪڇ جي ڏاکڻين ۽ اولهه طرف
وارن علائقن ۾ ويندو ته اُنهي ايراضي جا ماڻهو
چوندا ته ”اڙي وانجي هي پڻ سنڌ کان آيو آهي“ يا
چوندا ته ”اسان جي سِهرِ ۾ اڄ سنڌي آيو آهي“
هن ٻنيءَ جي اها خوش نصيبي آهي، جو ان کي شاهه جهڙي عظيم شاعر
پنهنجي ڪلام ۾ جاءِ ڏني آهي ۽ فرمايو اٿس ته:
ٻنيءَ ٻهڻ نه ڏي، جُهري ويئي جهوڪ
’لوڻي‘ مٿان لوڪ، لاکي لڏائيا. (3)
شاهه صاحب کان پوءِ، سنڌ جي سڄاڻ شاعر خليفي نبي بخش قاسم پڻ
مذڪوره ٻنيءَ کي ڳايو آهي ۽ فرمايو اٿس ته:
جاڙيجاڻي جنگ آهي اوٺارن سين
لڳو لوڙائن جو منجهان ’ٻنيءَ‘ ٻنگ
گورا توڏگڙنگ، هيڻو هيڪاندا ڪري. (4)
مند ٿي منڊل منڊيا وڄيا، ٻنيءَ ٻوڙيائين
’سامڊهي‘ جي سيم ۾ کيما کوڙيائين
جوڙون جوڙيائين، پڪي ڪورڙ ڪڇ جي. (5)
مند ٿي منڊل منڊيا ٻڏا سڀ ’ٻنيار‘
هڻي مينهن منجهايا رڙيون ڪن ريڍار
تڙ، واهڙ سڀ تار ٿيا، پهري ڪانه پنهوار
مينهون ۽ ميهار، اگي آسودا ڪيا. (6)
خليفي نبي بخش کان پوءِ اوڻهين صدي جي سڄاڻ شاعر غلام محمد
خانزئي پڻ ٻنيءَ کي ڳايو آهي. فرمائي ٿو ته:
سسئي جي سوار توڪَنَ قرارا نه ڪيا
اُخر جوُ منُ دياري پکن پيئي پچار
ٻنيءَ ۾ ٻيهار، وري ويهه مَ ويسرا. (7)
هن ٻنيءَ لاءِ متواتر روايتون آهن ته اها ٻني قديم دؤر کان وٺي
1970ع تائين آبادي کان بچيل رهندي آئي آهي. جنهن
لاءِ وڏي عمر جا راوي چون ٿا ته اسان پنهنجن وڏن
کان، اهي پنهنجن وڏن کان، اهڙي طرح سڀئي وڏا
پنهنجن وڏن کان مسلسل ٻڌندا آيا آهن ته اها ڌرتي
جيئن ته انسان ذات جي وڏي ڏاڏي آباد ڪئي هئي ۽ ان
جي ئي نالي سان منسوب ۽ مشهور آهي، تنهنڪري قديم
دؤر کان ان ۾ پوک ڪرڻ جي منع ڪيل آهي.
سنڌ توڙي ڪڇ جي حاڪمن جي قبضي دوران اهو قانون نافذ رهندو آيو
آهي ته جيڪو به ماڻهو انهيءَ ٻنيءَ جي ايراضي ۾،
گهر اندر توڙي ٻاهر ڪجهه به پوکيندا ته ان لاءِ
گهٽ گهٽ ڇهه مهينا قيد جي سزا هوندي. (8)
ٻنيءَ جا ٻيا آثار انهي رڻ ڪڇ واري ٻنيءَ کان اٽڪل 70_80ميل پري
اتر طرف ٿرپارڪر ضلعي ۾ موجود آهن، جيڪي ٿرپارڪر
ضلعي جي تن تعلقن هر هڪ تعلقي ساماري تعلقي ڪوٽ
غلام محمد ۽ تعلقي ڊگهڙي جي ايراضي ۾ اچي وڃن ٿا،
جيڪي قديم دور جي ٻن دريائن پوراڻ ۽ الهندي هاڪڙي
جي وچ ۾ اچي وڃن ٿا،ٻنيءَ هن جي ايراضي ۾ ”ناري“ ۽
”پراڻ“ جي پٽ جون ڪيتريون ننڍيون ننڍيون ايراضيون
اچي وڃن ٿيون، جيڪي مختلف نالن سان مشهور آهن، جن
کي پنهنجي پنهنجي تاريخ ۽ڪلچر آهي.
انهن ايراضين ۾ ڪپوراڙو، اڪڙن سارو، سيريبن مولاسو، لياري،
ڪينجهيجي، سونٺ، جوارياسر، سڪرياڙيم، رپ بروئن
وڙيلو وغيره جيڪي سڀئي اتر کان وهندا ڏکڻ طرف ٻين
وهڪرن سان شامل ٿي ويندا هئا، يا سمنڊ ۾ وڃي ڇوڙ
ڪندا هئا.
ٻنيءَ جي هن ايراضيءَ جي ڏاکڻين ڇيڙي وٽ ڪجهه اهڙن وهڪرن جا
آثار پڻ ملن ٿا، جيڪي اُتر اوڀر کان ڏکڻ اولهه
ڏانهن وهندا هئا، جن نشان ٻنيءَ کان ڏکڻ طرف،
پوراڻ کان پار، ٽنڊي باگي ۽ بدين تعلقن ۾ به ملن
ٿا.
ڪيترن وڏن عالمن لکيو آهي ته برصغير جي جنهن سر زمين تي حضرت
آدم عليه السلام لٿو، يا کيس لاٿو ويو ان ايراضي
جو نالو ”دجناءِ آهي“، (9) ان لاءِ اسين جيڪر ٻنهي
ٻنين جو جائزو وٺنداسون، ته ’دجناءَ‘ واري ايراضي
اسان کي ٻنهي طرفن ۾ ڏسڻ ۾ ايندي، جيڪا مقامي لهجي
۾ ”ڏجهڙاءِ“ يا ”ڏجهڻاءِ“ جي نالي سان مشهور آهي.
ٿرپارڪر ۾ اها ايراضي ڪوٽ غلام محمد ۽ ڊگهڙي تعلقن جي ڏکڻ طرف
واري دنگ تي آهي ۽ اتان وهندڙ مشهور وهڪري ”جمڙائو
واهه“ جي اُتان واري موريءِ تي ان قديم ايراضي
واري نالي پويان ”ڏجهيرو موري“ نالو مشهور ٿي ويو
آهي.
مٿي ذڪر ڪيل ٻنهي ٻنين جو اگر جائزو وٺنداسون ته اهي ٻئي ٻنيون
حضرت آدم عليه السلام جون آباد ڪيل ٻنيون معلوم
ٿينديون. جن ۾ رڻ ڪڇ واري ٻنيءَ آڳاٽي ۽ پهرين
آباد ڪيل ٻني ثابت ٿيندي.
ٻنين جي مذ ڪوره آثارن ۽ اهڃاڻ ملڻ کان پوءِ بي ڌڙڪ چئي سگهبو
ته اها ئي متبرڪ ڌرتي آهي، جنهن کي رب پاڪ، دنيا
جي پهرين عظيم انسان جي سڪونت لاءِ پسند فرمايو،
جتي هو رهيو. آباد ٿيو ۽کاڌي جي حصول لاءِ اهي
ٻنيون پوکيائين، جن جو نالو ۽ وجود اڃا باقي آهي.
مشهور روايت آهي ته حُضور
جن کي، هن ڌرتي مان جنت جي هير حاصل ٿيندي هئي ۽
پاڻ نماز کان فارغ ٿيڻ بعد گهڻو ڪر هن ملڪ ڏانهن
منهن ڪري وهندا هئا. (10) اهو ئي سبب آه جو هن
ڌرتي کي ”باب الاسلام“ ڪوٺيو وڃي ٿو، ڇوته اسلام
جي شروعات هن ئي ڌرتي کان ٿي هئي. (11) وحي جو
پهريون سلسلو هتان کان ئي هليو. اسلام جي عبادتن
جو پهريون طريقو هتي ئي رائج قائم ٿيو۽ دنيا جي
پهرين ديني درسگاهه پڻ هتي ئي قائم ٿي، جنهن ۾
حضرت آدم جي اولاد مذهبي تربيت حاصل ڪئي. (12)
مليل نشانن، آثارن وغيره جي لحاظ کان سڀني کي اهو قبول ڪرڻو
پوندو ته، سنڌ جي هيءَ ڌرتي، اها متبرڪ ۽ عظيم
ڌرتي آهي، جتان انسان ذات جي مذهبي، ثقافتي ۽
سماجي تاريخ شروع ٿئي ٿي، جنهن جي نشاندهي لطيف
سائين ڪئي آهي. جنهن بابت وڌيڪ کوجنا ڪرڻ اسان جي
تاريخدانن ۽ آثار قديمه جي ماهرن جو فرض آهي.
سورج ڪيو سلام، اڀرندي عجيب کي
پيتائين پر ٿيو، منجهان جلوي جام
اٿس مٿي عام، تيلاهن سدا سوجهرو.
(خليفو)
حوالا ۽ واڌارا
(1) رواي قاضي محمد سليمان ڀان، رهندڙ ڳوٺ پنهنجو، تعلقو ٽنڊو
باگو، هن وقت وفات ڪري چڪو آهي، عمر اٽڪل 90 سال
هئس، سماٽ قوم جو ڀان هو. جنهن ٻڌايو ته ورهاڱي
کان پهرين هو ڪئين دفعا ڪڇ جي سڀني علائقن جو سير
ڪري چڪو هو. ٻنيءَ جي ڊيگهه، ويڪر ۽ جاگرافيائي
محل وقوع پڻ ان ئي ٻڌايو هو.
(2) محمد سومار شيخ_ ”ڪڇين جا قول“ ڇاپو پهريون، سال1977ع صفحو
7، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد.
(3) مرزا قليچ بيگ، شاهه جو رسالو، سر ڏهر، صحفو 712، ڇاپو
پهريون سال 1913ع هنسراج پرنٽنگ پريس سکر.
(4) ڊاڪٽر نبي نخش بلوچ. ’خليفي صاحب جو رسالو‘ ڇاپو پهريون،
سال 1923ع، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد ص 100
(5) ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ’خليفي صاحب جو رسالو‘، ڇاپو پهريون سال
1923ع، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد ص 31
(6) ڊاڪٽر نبي بلوچ، ’خليفي صاحب جو رسالو‘، ڇاپو پهريون سال
1923ع، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، ص 31-37
(7) ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ’رسالو غلام محمد خانزئي‘، ڇاپو
پهريون، سال 1985ع، سر ڏهر، صحفو408، شاهه ثقافتي
مرڪز، ڀٽ شاهه حيدرآباد.
(8) راوي اويڙي پلي، ڳوٺ ويرا واءِ، تعلقو ننگرپارڪر.
جيڪو 4-3 سال اڳ وڏي عمر ۾ وفات ڪري ويو آهي. ٻيو راوي آهي قاضي
سليمان ڀان، جنهن جو ذڪر اڳ ۾ اچي چڪو آهي.
(9) سيد سليمان ندوي ”عرب و هند ڪي تعلقات“ ۾ لکيو آهي ته جڏهن
آدم کي جنت مان ڪڍيو ويو ته ان کي زمين جي جنت ۾
آندو ويو، جنهن زمين کي ’هُندوستان جنت نشان‘
ڪوٺيو وڃي ٿو، جيڪا زمين اصل ۾ سنڌ جي سرزمين آهي،
جنت جي چئن دريائن مان هڪ درياءُ ’سيهون‘ موجود
آهي- جنهن جو اصل ته ڪو نالو ٻيو آهي پر سيوهڻ جي
واسطي سان ان کي سيهون سڏيو ويو آهي.
(10) سيد سليمان ندوي، ”عرب و هندڪي تعلقات“ ڇاپو پهريون، سال
1930 صحفو 2، ناشر هندوستاني اڪيڊمي اللہ آباد.
(11) مير حاجي محمد بخش ٽالپر جو مقالو (قلمي) ”يا دونسي سماٽ
قبيلي جا مورث اعليٰ“ صحفو -3 ’پاڻ هي مقالو
خيرپور جي سيمنيار ۾ پڙهيو هئائين ۽ ان جي فوٽو
اسٽيٽ ڪاپي راقم کي به ڏني هئائين.
(12) مولانا غلام محمد گرامي، مقالو ”سنڌ جي عظمت جا اهڃاڻ“
ڪتاب ”اُٺا مينهن ملير“ مرتب ناشاد ۽ ناشر سيد نور
احمد شاهه ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر، ڇاپو پهرين سال
1975ع صفحو
82. |