نظام ”زائر“
وائي
سانول تنهنجي سار،
آئي اڄ مون اوچتي.
جاڳي پيئڙا جيءَ ۾،
تنهنجا درد هزار، سانول تنهنجي سار.
نيڻ هاريو نِير ۽،
وکريا آهن وار، سانول تنهنجي سار.
هيکل هيکل هير ۾،
جهانگين جي جهونگار سانول تنهنجي سار.
لالڻ توبن لوءِ ۾،
ڪهڙا قلب قرار سانول تنهنجي سار.
اطهر منگي
وائي
راتين راتاها،
منهنجا گيت سحر جا.
اوڀر اُڀرڻ لئه،
اکين اوجاڳا،
منهنجا گيت سحر جا.
جَرڪي ساري جُوءِ،
مَهِڪن ماروئڙا،
منهنجا گيت سحر جا.
پن پن ۾ پڙلاءُ،
ڏاڍن کان ڏاڍا،
منهنجا گيت سحر جا.
جذبن جياپا،
روحن جا راکا،
منهنجا گيت سحر جا.
احساسن جا عڪس،
سوچُنِ سُندرتا،
منهنجا گيت سحر جا.
پيرا پِرينءَ جا،
پَڌرا ٿي پَوندا،
منهنجا گيت سحر جا.
هر پل هيڪاندا،
مارُنِ لئه ماندا،
منهنجا گيت سحر جا.
ريٽي رُتِ بسنت،
اُوشا جي آشا،
منهنجا گيت سحر جا.
ساه ٿين سُرها،
بَرسي جو برکا،
منهنجا گيت سحر جا.
منهنجا گيت سحر جا.
بخشڻ مهراڻوي
غزل
منهنجي پريت آ، پنڇيءَ جهڙي،
تنهنجي موٽ شڪاريءَ وانگي.
اوسيئڙي ۾ نيڻ اُڃايل،
ٿر جي پياسي واريءَ وانگي.
ويهُه گهڙي کن ويهُه ته مون وٽ،
سالَ پو آئينءَ ڏياريءَ وانگي.
ريتَ جي راتِ ۾ هر هڪ آشا،
ماري وئي آ ڪاريءَ وانگي.
مون ۾ ڪير آکيرو جوڙي،
آءٌ ٽٽل ڪنهن ٽاريءَ وانگي.
ماڻهو ڏات ۽ ذات ضمير،
وڪڻي ٿو واپاريءَ وانگي.
جڳ لڳي ٿو جُوا خانو،
آءٌ هارايل جواريءَ وانگي.
عزيز ڪنگراڻي
وائي
من ۾ موج متل!
جذبن منجهه اُٿل!
منهنجو نينهن اَجَهل!
آءُ ته اُڻ تُڻ اوريون،
جيون پَلَ اپَل!
منهنجو نينهن اَجَهل!
يادون ماڪ ڦڙن جان،
پرهه ڦُٽي مهل!
منهنجو نينهن اَجَهل!
تنهنجو عڪس اندر ۾،
جيئن ڪينجهر منجهه ڪنول!
منهنجو نينهن اَجَهل!
سڪ آ ساهه نپوڙيو،
وارج واڳ وصل!
منهنجو نينهن اَجَهل!
ساگر جون گهرائيون،
ڇولين منجهه اُڇل!
منهنجو نينهن اَجَهل!
”عزيز“ تو بن اڻپورو،
جي ٿيندو آن اوجهل!
منهنجو نينهن اَجَهل!
علي احمد شاهه ساقي
غزل
مون تي لڳو آ عشق جو الزام دوستو
مان خواه مخواه ٿيو آهيان بدنام دوستو
ساري حياتي جنهن لاءِ گذاري ڇڏي اٿم
مايوسين جو تنهن ڏنو انعام دوستو
هڪ ڏينهن يا هزار وره ٿي وڃي حيات
سا زندگي به آهي فقط شام دوستو
دنيا مان جان ڪونه ڇڏائي سگهيو آهيان
”مون تي لڳو آ عشق جو الزام دوستو“
ساري حياتي روئندي ئي رئندي گذاري ٿم
باقي حياتي مونکي ڏيو آرام دوستو.
تقدير جي سهاري گذاريان پيو زندگي
ڏسجي ته ڪهڙو ٿو ٿئي انجام دوستو.
مُنهنجي حسين يار جا اي خاص دوستو
صادر ڪريو ڪو حڪم ۽ احڪام دوستو
محفل ۾ ايندو سُهڻو، هي افواه پيا ٻُڌون
ٿيندو اُتي يقين آ قتلام دوستو
ساقي ته مئڪدي ۾ آ مدهوش ٿي ويو
مونکي ته ڪو پياريو ڀري جام دوستو.
منظر راڄپر
گيت
مند لڙي، تون نه لڙئين! راهه ڏسان ٿي.
وؤ، ٿيو ڦٽِ ڦسان ٿي.
تو ته ڪري ڌار پرئين پار ڀلايو،
پوءِ به پرين آءٌ تنهنجي سار لهان ٿي.
سار لهان ٿي،
وؤ، ٿيو نار وهان ٿي.
گل کڻي گيت کڻي آءُ اڱڻ تي،
هٿ ٻڌي، وک وڌي عرض رکان ٿي،
عرض رکان ٿي،
وؤ، ٿيو باهه بکان ٿي.
تو ته ورڻ جي نه وري وار ورائي،
مان ته مٺا آس رکي ڏينهن ڪٽيان ٿي.
ڏينهن ڪٽيان ٿي،
وؤ، کلي لڙڪ لٽيان ٿي.
اَيوب گاد
غزل
چورُ اکين سان، چاهُ ٿي چوري،
کاٽَ ڳُجهن سان، دل ٿي ڪوري.
هڪ جيڏين ۾ ويٺي مُرڪي،
دل جو ڪنهن سان حالُ نه اوري.
ڳُجهڙيون ڳالهيون، ڳوٽَ بڻائي،
لفظ کِنڊيري، تَڪي توري.
ڍاپي منهنجو هيانءُ نه هُن مان،
سُرڪَ پيان ٿو، هوري هوري.
ويندي ويندي آهِه رکي وئي،
ڳاڙهيون چوڙهيون پنهنجون ڀوري.
شفيع چانڊيو
ٽيڙو
گهر ۾ ناهه اٽو
ٻالڪ گهري پيءَ کان
خرچي لئه رپيو.
پهريون مينهن ڌڻ
پيٽ جي ٻارڻ ڪاڻ تون
ڇوري ڇيڻو کڻ.
پورهئي ۾ ڪو عار
غريبن لاءِ زندگي
آهي مهاڄار.
ٻري ٿو ڏيئو
گهر ڌڃاڻي در تي
هر هر پائي ليئو.
اندر کوري لاٽ
جلائي ٿي جيءَ کي
ڄيري جي ڄراٽ.
پريتم ”پياسي“
غزل
اڪيلائي ڇڏي سانگا سمورا کيس نڪتاسين،
خبر ناهي ته ڪنهن ڪارڻ پراهين ديس نڪتاسين.
نه هو پهچڻ جتي ممڪن اتي دلڙي اڙي ويئي،
اوهان وٽ ئي تڏهن دلبر ڪري آ ديس نڪتا سين.
اسين اهڙا نه آهيون پر، اوهان خاطر گداگر ٿي،
ڇڏي گهر تڙ فقيراڻو ڍڪي اڄ ويس نڪتاسين.
مٽيو منهنڙو صنم سائين نه ڪنهن تي ڪا ميار آهي،
سَٺو پنهنجن نه هو لاچار ٿي پرديس نڪتاسين.
چيو تو بزم ڪر خالي ’پريتم‘ بس تڏهن روئي،
ادب ۽ احترامن سان غمن سان ليس نڪتاسين.
مفتي روبينه ’روبي‘
غزل
زماني کان غم کي ڇُپائي نه سگهندين!
لڙي لڙڪ ايندءِ، لڪائي نه سگهندين!
جڏهن ياد منهن جي ڪا ايندئي ته روئندين!
ڀُلائڻ به چاهين ڀُلائي نه سگهندين!
مان حرفِ غلط جيئن مٽجي نه وينديس،
مِٽائڻ به چاهين، مِٽائي نه سگهندين!
پٿر پنهنجي دل کي بنائي ڇڏينديس،
ستائڻ به چاهين ستائي نه سگهندين!
جوهر بروهي
غزل
ياد ڪنهن جي بادل بڻجي رم جهم برکا لاتي آهي،
ايڏي سڪ سوائي آهي، جيڏي منهنجي ڇاتي آهي.
ڳوڙها ڳوڙها منهنجو جيون، پاڇو پاڇو توبن آهي،
مونکي تو ڇا لاءِ وساريو! وياڪل دلڙي آتي آهي.
منهنجي ساهه ۽ سوچ جا سائين! آهين تون ئي تون چانڊوڪي،
انڌيارن ۾ ذهن ٿو ڀٽڪي، وڇڙيل جنهن جو ساٿي آهي.
حالت منهنجي کي به ڏسي تو، منهنجي حقيقت ڪا نه پروڙي،
ڳالهه سموري ڪيئن ڪجي جو پيار جي ٻولي ٻاتي آهي.
پيار زمانو ڪاٿي سهندو، ويري، ويري ويري آهي،
دنيا پيار ڪرڻ وارن جي نڙگهٽ تي ڄڻ ڪاتي آهي.
وايون شعر غزل يا دوها، يار ٻڌي ۽ مرڪي چيو هو،
”جوهر“ سهڻي سوچ رکي ٿو ليڪن ڪجهه جذباتي آهي.
ثرّيا سوز ڏيپلائي
غزل
اکين کي اکين سان ملائي ڏسون،
وري بخت کي آزمائي ڏسون،.
جي راهن ۾ آهي انڌيرو ته ڇا ٿيو؟
اسين داغ دل جا جلائي ڏسون.
برابر، گهڻي آس ڪونهي اُنهن ۾،
وري حال دل جو ٻڌائي ڏسون.
سڄڻ سُکَ نه ڏيندو ڀلا ڏک ته ڏيندو،
ڏکيل ڏِيل ويتر ڏکائي ڏسون.
جي وڃبو ته ويندا، جي هٽبو ته ايندا،
اِنهيءَ ڳالهه کي آزمائي ڏسون.
نه مڃتا ڪريو ڪا به سائين اسان جي،
ڪڏهن ڪاش! توکي مڃائي ڏسون.
اوهان لاءِ سِر ساهه صدقي خوشيءَ سان،
وفائن جون ريتون نڀائي ڏسون.
هزارين اُمنگون اندر ۾ اٿئون،
کڻي ڪجهه اُنهن مان گهٽائي ڏسون.
ڪَمي ڪا به ڪونهي غمن جي هتي،
کڻي ’سوز‘ سارا سَجائي ڏسون.
انهيءَ مرڪ مان ’سوز‘ ڪي ڪين ٿيو،
وري درد دل جا دُکائي ڏسون.
’مانجهي‘
ٽيڙو
اَڌ رات، ڍنڍ ڪپر
الا! اوسيئڙي ۾
جوڳڻ سامهون جَرِ.
وٺيو تنهنجو نانءُ
سنجهيئِي سپنن ۾
اُڏران پيو آن.
ننگر تو سان نينهن
اڄ به سرمد سڏڪي
ڏکي ساڳيا ڏينهن
پٽيندي پاٻوڙا
ٻنڌڻ ساري ٻاراڻا
ڳڙي پيس ڳوڙها.
جهُومي جهونگاريو
چٽَ چٽيندي چولي تي
ڪو سانوڻ ساريو
جهوُمي جهونگاريو
ڀرت ڀَريندي بانوريءَ
ڇرڪي ڇو نهاريو
موٽ مِٺا، مُند پُني
آئٿ تڪيندي اڪيلي
ساري رات رُني
ڪيڏو آهه سَجاءُ
سرجن سِٽون سُونهن جون
ڄڻ جنڊيءَ جَڙاءُ.
ڇا واهو ندي واءُ
آندا پرينءَ پار جا
سَميٽي ڪيئي ساءُ.
سانوڻ سنڌي
ٽه سٽا
مون جنين جي سار،
اڃان سي نه آئيا،
ڪري قول قرار.
مون جنين جي سار،
ايندا سي هڪ ڏينهن،
بڻجي ميگهه ملهار.
وڄون وسڻ آئيون،
تون پر آئين ڪين،
يادون ڏنگڻ آئيون.
ڦوڙائو ڦارون،
هاءِ نه گڏيا سي،
سارون ئي سارون.
هُو جي آيا هيل،
اڻ مندا مينهن وُٺا،
کنوڻِن لاتا کيل.
ڪوي
غزل
سانجهه جي سينڌ ۾ ٿا ستارا ٽڙن،
گيت منهنجي مٿان جهڙ ٿي ٿا جهمن.
آ عجب هير ۾ ڪا سمايل سڳنڌ،
دور ڪنهن ديس کان ٿا پکيئڙا اچن.
رات آهي ڏسو لڙ کڙائڻ لڳي،
چنڊ سان چاهه جا کيپ ڪٿ ٿا کٽن.
ٿا جوانين جي هيکل سمهي جوٽ تي، ا
اڻ ڏٺل خوف کان هائي جيئڙا جهڄن.
احسان علي شاهه احسان
نڀايو جن نه ناتو سي سڀئي دلدار ويا وسري،
شناسائي ورهين جي هئي مگر سي يار ويا وسري.
ٿي منهنجي آگهي آهي جڏهن کان ڪوئي جانان سان،
مون کان دير و حرم جا سڀ در و ديوار ويا وسري.
اچانڪ آمدِ ساقي جو اعلان ٿيو ته زاهد کان،
عصا تسبيح سان گڏ جُبَئه و دستار ويا وسري.
جڏهن مرڪي هٿن سان جام اڄ ساقي اچي پياريو،
مونکان مئخاني جا آداب ۽ اطوار ويا وسري.
ڏسي اڄ جانِ جانان جي مڪمل سادگيءَ جو رنگ،
حسينن کان خدا جون سونهن سڀئي سينگار ويا وسري.
اچانڪ دوستو! هن جو نقابِ نيم وا جيئن ٿيو،
”ڏٺو مون يار جو جلوو ٻيا ديدار ويا وسري.“
ڪڪر ڇانيل آهن دنيا ۾ ڇو افلاس ۽ بک جا،
ادا، انسان کان خوشين جا ڇو حقدار ويا وساري.
رهيا جي وصل جي شب رخ تي احساسِ سحر تائين،
لکڻ سي يار جا ’احسان‘ ڪارا وار ويا وسري.
هالا، 12 سيپٽمبر 1985ع
مختيار علي شاهه مختيار
عشق دوران توتي ۽ مونتي نشا ٿيندا هئا،
ڪيترا افسانا هڪ پل ۾ ڪٺا ٿيندا هئا.
يار جا مون ڏي اچڻ ڏهه ڏهه دفعا ٿيندا هئا،
”ڪو زمانو هو جڏهن واعده وفا ٿيندا هئا.“
ڏنڊ وعدا نا وفائي تي گهڻا ٿيندا هئا،
”ڪو زمانو هو جڏهن وعدا وفا ٿيندا هئا.“
دورِ حاضر جي حسينن ۾ وفا ڏسجي نٿي،
ڪنهن زماني ۾ ته سهڻا با وفا ٿيندا هئا.
اَشڪ اکين مان لڙيا ٿي، درد دل ۾ ٿي دکيو،
جنهن گهڙيءَ هو بي رُخا مونکان جدا ٿيندا هئا،
ڪيئن ڪيان کولي بيان هي راز منهنجي دل سندو،
هار ٻانهن جا سڄڻ کي واهه جا ٿيندا هئا.
ڇو رهين غمگين ٿو ’مختار‘ ظالم يار تي،
ياد ڪر اڳ پڻ اهي جور و جفا ٿيندا هئا.
هالا، 23-1-85
”ڪيترن ئي ماڻهن جي حياتي هن ڌرتيءَ جي هانو تي هڪ بار کان وڌيڪ حيثيت نٿي
رکي، پر هڪڙو سٺو ڪتاب، هڪ ڪامل شخصيت جي جگر جو
اُهو املهه خون آهي، جيڪو ايندڙ نسلن لاءِ محفوظ
ڪيو ويو آهي. ڇا، اسان کي اُن جگري خون جي محفوظ
سرمايي جو ڪو احساس آهي؟“
- ملٽن
مقالا
”سنڌ ملڪ ۽ سنڌي زبان بي حد آڳاٽا آهن. عام طرح سمجهيو وڃي ٿو
ته آڳاٽي زماني ۾ ماڻهو اڻ سڌريل ۽ بي علم هئا، پر
اهو غلط آهي. بلڪه ان قسم جو رڳو خيال ڪرڻ به بي
علمي چئبي. موئن جو دڙو، جهڪر جو دڙو، برهمڻ آباد
وارو ڀڙو ۽ ڪوٽ ڏيجي، سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن لاءِ
ڪافي ثابتيون آهن. سنڌ ۾ ٻين به ڪيترن ئي هنڌن تي
انهيءَ قسم جا دڙا ۽ ڀڙا ڪيترائي موجودآهن، جن جي
کوٽاين مان سنڌ بابت گهڻو ئي ڪجهه معلوم ڪري سگهجي
ٿو.
”حضرت عيسيٰ کان ٻه- ٽي هزار سال اڳ سنڌ ايڏي ته اوج تي هئي، جو
سنڌ جو سوٽي ڪپڙو مصر ۾ به ويندو هو. ڪجهه وقت
گذرڻ بعد سنڌ جي ڪپاهه به مصر خريد ڪرڻ لڳو. تاريخ
جي ڄاڻن جو چوڻ آهي ته سنڌي تهذيب، قديم سُميري
تهذيب جهڙي هئي. ايتري ترقي هوندي سنڌي ادب ۽ زبان
به ايڏي ئي اوج ۽ ڪمال تي هوندا....“
- مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ |