سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1991ع

مضمون

صفحو :25

 

ڪراچيءَ ۾ بين الاقوامي مذاڪرو

سنڌ ۾ عرب جهاز رانيءَ جي ثقافت، واپار ۽ شهري رٿابندي

(Al-Sindh and Arab Seafaring, Culture, Commerce and Urbanization)

رپورٽ

شاهه محمد قاضي

پروفيسر آثار قديمه

شاهه لطيف يونيورسٽي، خيرپور

حڪومت پاڪستان جي قديم آثارن واري کاتي، گذريل 27 نومبر کان 3 دسمبر 1990ع تائين ڪراچيءَ ۾ هڪ شاندار مذاڪري ۽ ثقافتي چهچٽي جو پروگرام ترتيب ڏنو، جنهن کي سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت کاتي ۽ ٻين ڪيترن ئي علمي، ادبي، ثقافتي، تحقيقي ادارن ۽ تنطيمن جو سهڪار حاصل ٿيو.

پروگرام جي شروعات، يونيسڪو (UNESCO) جي مرتب ڪيل بين الاقوامي پروگرام

‘Integral Study of Silk roads: roads of the dialogue’

(عاليم ريشمي شاهراهن جو مڪمل اڀياس) جي پوئواري جي قديم آثارن جي ماهرن، تاريخ دانن، ثقافت جي ڄاڻن، سائنسدانن ۽ تهذيب دانشورن جي آمد سان ٿي، جيڪي هڪ وڏي مجموعي جي صورت ۾، تحقيقي اڀياس خاطر، ”فلڪ السلامه“ نالي هڪ خاص بحري جهاز ۾ سوار ٿي 27- نومبر 1990ع تي ڪراچيءَ ۾ پهتا. اهو مخصوص تهذيبي قافلو دنيا جي مختلف 28 ملڪن جي عالمن ۽ دانشورن تي مشتمل هو، جنهن ڪراچيءَ ۾ اچڻ کان پوءِ سڀ کان اول بانيءَ پاڪستان جي مزار تي حاضري ڏني.

”فُلُڪُ السلامه“ جو مطلب آهي ”سلامتيءَ وارو ٻيڙو يا جهاز (Ship of Peace) جيڪو اڱاري 27- نومبر 90 تي قاسم بندر ڪراچيءَ ۾ اچي منجهند جو 12 بجه لنگر انداز ٿيو. هن جهاز پنهنجو سفر وينس (اٽلي) کان شروع ڪيو ۽ اوساڪا (جپان) تي پُڄاڻي رٿيل آهي.

پاڪستان جي مرڪزي وزارت ثقافت جي هڪ سينيئر عملدار طرفان ٻڌايو ويو ته هيءَ تجويز يونيسڪو طرفان سال 1988 ۾ عمل ۾ آئي جنهن تحت دنيا ۾ تباهه ٿيل ثقافتي لاڙن کي ترقي ڏيارڻ جو پروگرام تيار ڪيو ويو آهي. جنهن جي هڪ وڏي ۾ وڏي رٿا جو بنيادي موضوع آهي ”عالمي ريشمي شاهراهن جو چڱي طرح اڀياس“ ۽ هي پروگرام 1997 ۾ پڄاڻيءَ تي پهچندو.

هنن تجويزن جي هڪ اها به مراد آهي ته پوريءَ دنيا مان لکيل پڙهيل ماڻهن کي گڏ ڪري ريشمي شاهراهن تي تحقيقي ڪم ڪرڻ جي ترغيب ڏجي جيئن اهڙي طرح سان هر هڪ ملڪ جي ثقافتي ورثي جو اڀياس ڪري اُنهن جي ثقافتي اهڃاڻن تي روشني وجهي مُلڪان ملڪ روشناس ڪرائجي. اهڙن محققن جي ٽيم جيڪا بين الاقوامي معيار تي يونيسڪو طرفان تيار ڪئي ويئي آهي، جيڪا اهم شاهراهه ريشم جيڪي زمينن جبلن ۽ سمنڊن ۾ اڃان تائين موجود آهن، اُنهن جي ڳولا ڪري ۽ اهڙن ماڳن تي روبرو وڃي مقامي مُحققن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪري ۽ هنن سيمينارن ۽ مُلاقاتن جي دوران اهڙن تاريخي ماڳن تي موجود هُجڻ، جن جو اهڙن شاهراهن تي هئڻ ضروري آهي. اهڙيءَ طرح سان اهڙو جڳ مشهور مواد جيڪو به گڏ ٿيندو اُهو مليل حقيقتن ۽ ثقافتن تي ڀرپور روشني وجهندو. هنن تجويزن جي پوئواريءَ ۾ رٿائون ٺاهيندي هڪ پهرين ٽيم جيڪا تازو چائنا کان واپس آئي آهي. جنهن شاهراهه ريشم وارو رستو شيان (XIAN) کان ڪاشڳڙهه (KASHGARN) اُرومڪي (URUMAQI) تائين ڳولي ڪڍيو آهي.

ان سلسلي ۾ يونيسڪو جي ڊائريڪٽر جنرل فيڊريڪو ميئر Federico Mayor) ان اسڪيم تي روشني وجهندي چيو هو:

”اهڙا ريشمي رستا جيڪي ڏکين لاهين چاڙهين، سمنڊن ۽ بيابانن ۽ پيچرن تان لنگهن ٿا، اهي گفتگو ڪرڻ لاءِ مڙني سڀيتائن جي وچ ۾ آهن جيڪي سرسبز ٿي انساني تهذيبي رشتن ۽ ناتن کي فروغ ڏيڻ ۾ وڏي مدد ڏيئي سگهن ٿا.

اهڙي طرح سان هيءُ شاهاڻو غوراب جيڪو اومان جي بادشاهه سلطان قابوس طرفان هن سفر لاءِ عنايت ڪيو ويو، تنهن پنهن جي سفر جو آغاز 13 آڪٽوبر 1990ع تي اٽليءَ جي شهر وينس کان شروع ڪيو ۽ سمنڊ رستي مختلف ملڪن ۾ اهڙيون مجلسون قائم ڪندو جپان ملڪ جي اوساڪا بندر تي مارچ 91 ۾ پنهنجي سفر جو اختتام ڪندو.

ان سفر دوران مختلف ملڪن ۾ مذاڪرن جو پروگرام رٿيو ويو ۽ ڇهين منزل تي ڪراچيءَ ۾ پهتا. هن سفر ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي شعبه آثار قديمه جي پروفيسر ڊاڪٽر نيلوفر شيخ پڻ شامل هئي جنهن کي ابتدا ۾ ئي وينس ۾ سڏيو ويو هو ۽ هنن پنهن جي سفر جاري رکندي يونان ملڪ جي اٿينس شهر واري بندرگاهه تي پهتا جيڪو قديم زماني کان تهذيب ۽ علم جو مرڪز هو. اُتي اچي 25 آڪٽوبر 90 تي پنهن جا مضمون ”مشرق ۽ يوناني دنيا جي وچ ۾ ثقافتي ۽ واپاري مٽاسٽا تي پڙهيا. هنن عالمن پنهن جو سفر سمنڊ رستي جاري رکندي ترڪيءَ ملڪ جي بندر ”ڪسادسي“ (Kusadasi) وٽ لنگر هنيو. اُتي هنن پنهنجا مضمون ”ترڪيءَ جي فن ۽ ثقافت تي شاهراهه ريشم جو اثر“ تي پڙهيا.

بعد ۾ هنن پنهنجو سفر جاري رکندي مصر ملڪ جي شهر اسڪندريه جي بندر تي اچي سهڙيا، جتي 2 نومبر 90 تي هنن پنهنجا مضمون ”اسلامي دور ۾ مصر ۽ ٻين ملڪن جي درميان ثقافتي رشتن ۾ شاهراهه ريشم جو ڪردار“ تي پڙهيا.

پوءِ هنن پنهن جي سفر کي اڳتي وڌائيندي اچي اومان (OMAN) ملڪ جي سلالا ۽ مسقط بندرن تي ڊاٻو ڪيو. 17 نومبر تي مسقط بندر تي عنوان هو ”اومان جي سامونڊي رستي جي ورثي جو شاهراهه ريشم تي مثالي ڪردار“. هيءُ جهاز اومان جي بادشاهه طرفان کين مليل هو جيڪو سندس ذاتي سواريءَ لاءِ مخصوص هو ۽ هيءُ جهاز تمام جديد سهوليتن سان آراسته هو، جنهن ۾ سلطان طرفان جهاز رانيءَ جا ڪپتان ۽ خلاصي وغيره ۽ علاج معالج لاءِ ڊاڪٽر به موجود هئا. هن جهاز ۾ مهمانن لاءِ جُدا جُدا ڪمرا ٺهيل هئا ۽ هيءُ جهاز مڪمل طرح سان ايئرڪنڊيشنڊ ۽ ٻي هر سهوليت سان مُزين هو. مون پڻ هن جهاز جو معائنو ڪراچي پهچڻ تي ڪيو، جو آءٌ به مقامي ميزبانن جي حيثيت سان ڀليڪار واري تقريب ۾ موجود هوس.

مسقط بندر تان منهن جو محترم اُستاد ۽ جڳ مشهور ماهر آثار قديمه ڊاڪٽر احمد حسن دانيءَ پڻ پنهنجي سفر جو آغاز ڪيو ۽ اهڙي طرح سان هيءُ قافلو پنهنجو سفر جاري رکندي خير و خوبيءَ سان سنڌ ۽ پاڪستان ملڪ جي بين الاقوامي بندر ۽ مورڙئي ميربحر جي شهر ڪراچيءَ جي قاسم بندر تي 27 نومبر 1990 جي منجهند جو لنگر انداز ٿيو. هن قافلي کي خوش آمديد چوڻ لاءِ پوري ملڪ مان آيل تاريخ دان، آثار قديمه جا ماهر ۽ سائنسدان موجود هئا ۽ پنهنجي روايتي انداز ۾ اُنهن جو شايان شان استقباليه ڪيو. قاسم بندر تي اُن جي چيئرمن ريئر ائڊمرل اڪبر حسين خان طرفان استقباليه جو انتظام ڪيو ويو ۽ استقباليه کي خطاب وزير ثقافت سنڌ جناب غلام قادر ملڪاڻي ڪيو. ٿوري دير بعد اهو سڄو قافلو ايئر ڪنڊيشنڊ لارين جي رستي تاج محل هوٽل ڏانهن نيو ويو جتي انهن کي منجهند جي ماني کارائي ويئي ۽ پوءِ آرام لاءِ وقفو ڏنو ويو ۽ وري ملڪي ۽ غير ملڪي مهمانن کي چيئرمن قاسم بندر ڪراچيءَ طرفان رات جي مانيءَ جي ڪوٺ ڏنل هئي. بعد ۾ پاڪستان نيشنل آرٽس ڪائونسل طرفان سڀني صوبن جا لوڪ ناچ روايتي انداز ۾ پيش ڪيا ويا، جنهن جي تعريف جا ڍُڪ پڻ مهمانن ڀريا.

28 نومبر 90ع تي صبح جو تاج محل هوٽل جي شاندار آڊيٽوريم ۾ گڏ ٿياسين جتي گورنر سنڌ جناب محمود هارون مکيه مهمان هو، ان تقريب ۾ خطبهءَ استقباليه ڊاڪٽر احمد نبي خان ناظم اعليٰ آثار قديمه پاڪستان پيش ڪيو ۽ افتتاحي خطبو گورنر سنڌ ڏنو. جنهن بعد وري شام جو هاڪاري عالم ۽ جڳ مشهور پاڪستاني اسڪالر جناب حڪيم محمد سعيد صدر همدرد (وقف) فائونڊيشن جي قائم ڪيل ”مدينته الحڪمت“ جي ڏسڻ جو انتظام ڪيو ويو هو. هيءُ عظيم الشان عمارتن جو جهڳٽو پنهن جو مٽ پاڻ آهي ۽ ڪراچي شهر کان ٻاهر اٽڪل 27 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي هڪ پرسڪون جاءِ ۽ آثار قديمه جي بند مراد خان جي وٽ تي واقع آهي. هتي رات جي مانيءَ جو بندوبست پڻ حڪيم صاحب طرفان ڪيو ويو هو.

29-30 نومبر 90ع تي صبح جو تاج محل هوٽل ۾ ”سنڌ ۽ عرب جهاز رانيءَ جي ثقافت، واپار ۽ شهري رٿابنديءَ“ ‘Al-Sindh and ArabSeafring, Culture, Commerce and Urabanization’ جي عنوان تحت مختلف اسڪالرن طرفان پنهنجا مقالا پيش ڪيا ويا ۽ هن سيمينار جي ڪاروائي ٽن اجلاسن ۾ هلائي ويئي.

پهرين اجلاس جي صدارت جناب ڊاڪٽر احمد نبي خان ڪئي ۽ سيڪريٽريءَ جا فرائض آءِ. ايڇ. نديم ادا ڪيا. ٻئي اجلاس جو صدر هو جسٽس عبدالقادر شيخ ۽ ان جي ڪاروائي مسٽر نياز رسول هلائي. ٽئين اجلاس جي صدارت جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪئي ۽ سيڪريٽري هو جناب ڊاڪٽر محمد رفيق مُغل.

هن سيمينار ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جي ميمبر ۽ سنڌ جي برک محقق جناب عبدالله خان ورياهه کي شرڪت جي دعوت هئي، جنهن صاحب مقامي ڊيليگيٽ جي حيثيت ۾ بورڊ جي نمائندگي ڪئي ۽ بين الاقوامي مندوبين کي بورڊ جي تحقيقي ڪارڪردگي بابت معلومات ڏني ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ سمورن پروگرامن ۾ شموليت ڪئي.

سنڌ جي مايه ناز سپوت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجو مقالو ”تاريخي نقطهء نظر کان جهاز رانيءَ جو فن سنڌ جي ساحلي ۽ ڇوڙ وارن علائقن ۾“ پيش ڪيو، جنهن ۾ هن ٻيڙين ۽ جهازن ۾ ڪم آندل جُدا جُدا مددگار پُرزن جو ذڪر ڪندي چيو ته سڀ کان اڳ ۾ ننڍي قسم جي ٻيڙي ”پُکاري“ جنهن جو مطلب ٻيڙي يا ٻيڙو آهي، پوءِ مختلف ٻيڙين جا نالا مختلف خطي جي لحاظ کان جهڙوڪ تراز، زراق، ڊونڊي، ڊُنگي، ماڪوري، جهاز، غُراب ۽ روُبان جو ذڪر ڪيو. عرب تاريخ دان مقدسي جو ذڪر ڪندي ڊاڪٽر بلوچ چيو ته اِهو ”ڊُنگي“ ٻيڙيءَ جو ذڪر بزرگ بن شهر يار اٽڪل 930ع ۾ ڪيو جيڪو پوءِ اڳتي هلي ساڳئي نالي سان سنڌ ۾ مروج ٿيو، جنهن جو بيان تاريخ طاهريءَ ۾ پڻ موجود آهي. اهڙي طرح هن جهاز رانيءَ ۽ ٻيڙين ٺاهڻ جي فن جا مختلف نالا ۽ مددگاري پرزن جي جوڙجڪ بابت تفصيل پيش ڪيا. اُن ئي مجلس ۾ اڳوڻي ناظم اعليٰ آثار قديمه پاڪستان ۽ هن وقت ڊائريڪٽر ثقافتي ورثو يونيسڪو جناب ايس. اي. نقويءَ پنهنجي مقالو

‘Al-Sindh-A glipms into the aesthetic impulses and Cultural impressions’ ۾ چيو ته هن خطي جي اسلامي فن، عربن، شامين ايرانين، ترڪن ۽ مغلن جي ميلاپن ڪري هڪ خصوصي جنم ورتو جيڪو مقامي روايتن ۽ ڀنڀور جي قديم شهري رٿابندي ۾ موجود آهي، جيڪو شهر ڪراچيءَ کان اتر اوڀر طرف 40 ميلن جي فاصلي تي اڄ به موجود آهي. جنهن جي منظر ڪشي اٺين عيسوي صديءَ جي اوائلي عربن جي اثر هجڻ ڪري ٿي سگهي ٿي.

هيءُ هڪ خاص قسم جو فن جيڪو سنڌ ۾ ترقي وٺندو پوءِ بلوچستان جي ڪن حصن ۾ 15 کان 19ع صديءَ جي وچ ۾ پهتو جنهن جو مشاهدو گهڻي انداز ۾ پٿر جي ٺهيل مقبرن ۽ قبرن تي ٿيل سنگتراشيءَ مان ڪري سگهجي ٿو، جيڪي قديم قبرستانن ۾ موجود آهن. هيءُ بهترين عمدي قسم جي پٿرن تي اُڪريل نقاشي مقبرن ۾ پوريل انسانن جي بهادرانه شخصيت جو مظهر آهن.

هن وڌيڪ روشني وجهندي چيو ته هنن مقبرن جون عمارتي صورتون سنڌ ۽ بلوچستان جي جدا جدا ايراضين ۾ مختلف قسمن جون آهن، جن ۾ مستطيل نما پرئمڊ جهڙيون قبرون جيڪي نُومڙين ۽ برفتي قوم سان منسوب ٿيل آهن. چوڪنڊيءَ جو قبرستان هن ڳالهه جو هڪ خاص مظهر آهي، جتي سَوَن جي تعداد ۾ اهڙيون قبرون پٿرن ۾ ٺهيل آهن، جن جي خوشنما سنگتراشي جا مٽيءَ جي صورت ۾ اُڪريل ۽ هڪ جنگي جوڌي جي تصور اُن جا گهوڙي ۽ هٿيارن جي اُڪَرَ مان ڪري سگهجي ٿو ۽ بهادر عورتن جو تصور اُنهن جي ڳهن جي اُڪَر مان ڪري سگهجي ٿو. مَردن جي مقبرن تي مٿان هڪ خاص قسم جي پڳ ٻڌل آهي ۽ بنا پڳ جي عورتن جون قبرون آهن.

شاهه عبداللطيف يونيورٽي خيرپور جي شعبه آثار قديمه جي مايه ناز استاد محترم ڊاڪٽر نيلوفر شيخ پنهن جي مقالي ”سنڌ ۽ نار جي تعلقات جي نئين تحقيقات“ تي روشني وجهندي چيو ته سامونڊي ڪنارن تي رهندڙ ماڻهن جي ڪردار جي اڀياس ڪرڻ جو ڪم هٿ ۾ کنيو ويو آهي. اٽڪل ٽي هزار سال قبل مسيح ۾ اهڙن سامونڊي لاڳاپن جنم ورتو جيڪي ڏکڻ ۽ ڏکڻ اولهه ايشيا جي وچ ۾ روُنما ٿيا. هن خطي ۾ ٻه وڏي ۾ وڏيون تهذيبون اُڀريون: هڪ وادي سنڌ ۾ ٻي وري ميسو پوٽيميا ۾. هن تبديليءَ واديءَ سنڌ ۾ ڇا آندو ۽ ان کي ڏٺو ويو ته وادي سنڌ جي ماڻهن مختلف دورن ۾ ڪهڙا رستا اختيار ڪيا جن جو اهم ڪردار رهيو. اوائل ۾ سنڌو دور کان اڳ ۾ زميني رستا هئا ۽ بعد ۾ سنڌوءَ جي جوان ٿيڻ کان پوءِ سامونڊي رستا اختيار ڪيا ويا جن ايراني نار واري خطي کي وادي سنڌ جي نقشي تي رونما ڪري هڪٻئي کي اثر انداز ڪيو. سنڌوءَ جي تعلقات جو پهريون ثبوت ايراني نار ۽ ميسوپوٽيميا سان ڦوهه وارو (Mature period) ۾ نمودار ٿيو ۽ ٽي هزار سال ق. م جي آخري حصي تائين هلندو رهيو. هن دؤر ۾ اُتر کان ڏکڻ طرف واپاري رستا پڻ منتقل ڪيا ويا هئا ۽ سامونڊي رستن تي وڌ ۾ وڌ اعتماد پيدا ڪندي ان حد تائين ڏٺو ويو جو وادي سنڌ جي لوڪن پنهن جي مشغولين کي اُتر طرف هندستان جي گجرات واري خطي سان وڌايو ۽ هنن پنهن جا قدم اڳتي اولهه طرف وڌائي نار جي رياستن سان ميسو پوٽيميا جي معرفت سڌا سنوان تعلقات ڪيا. اُن ڪري سامونڊي ڪنارن وارن رستن تي جاگرافيائي لاڳاپن جي وڌائڻ جي ضرورت محسوس ٿي. ۽ انهن ئي سببن جي ڪري سامونڊي بندرن وجهڻ جو بنياد پيو ۽ انهيءَ ڪري سندن مال جي ترقيءَ جون معاشي اُميدون وڌڻ لڳيون ۽ هن وڌيل خطي ۾ واپاري فائدا، تحفا  ۽ خام مال موڪلڻ جو موقعو فراهم ٿيو ۽ آخر ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته واپار جي نَونِ مشيني طور طريقن کي ڳولي پڌرو ڪجي جنهن لاءِ ناڻو پڻ مخصوص ڪيو ويو ۽ اُن نتيجي ۾ اهڙو سُرود و سامان پيدا ڪجي جن کي واديءَ سنڌ جي سنڌو سڀيتا جي ڦوهه واري دور (Mature period) جي نالي سان سڏيو وڃي. جنهن ۾ نه رڳو زرعي ۽ صنعتي ترقي ٿيندي پر اهڙا انتظامي اُپاءَ ورتا وڃن جهڙوڪ ماپ تور جي رواج جو ڦهلاءُ وغيره هجي. ڪيترائي لکڻ جا انگ اکر ۽ واپاري شين کي مُهر بند ڪرڻ جو رواج ۽ دور دراز علائقن ۾ واپاري ڪالونيون کولڻ جا انتظام شارطغائي ۽ راس الجُناز وغيره ۾ ڪيا وڃن. هن وادي سنڌ جي تهذيب جي اترئين واڌ کي گجرات (ڀارت) ۽ اتر پنجاب ڏانهن وڌايا ويا ۽ ڪنجهي واري دور (Bronze age) جي تهذيب جي ڪردار کي سر زمين سنڌ تي نه رڳو بدلايو ويو پر ايراني نار جي ڪناري سان وچوواڙي ماڳن کي اُڀرڻ جو جنم ڏيئي بين الاقوامي بنايو. هاڻ هن ۾ هتي ڪو به شَڪ نه آهي ته اُهي واديءَ سنڌ تعلقات ميسو پوٽيميا سان به ٿيا جتي سنڌوءَ جون اصل ڦوهه واريون شيون هٿ آيون جن سببن جي ڪري پهريون دفعو سامونڊي رستن جي لاڳاپن کي منظر عام تي آندو ويو، جنهن ايراني نار کي پڻ اُڀاريو. سامونڊي رستي وارا واپاري تعلقات جن جو ذڪر ٽي هزار سال ق. م. وارن ادبي دستاويزن جيڪي ميسوپوٽيميا ۾ رکيل هئا تن ۾ ڪيترن ئي شهرن جي نالن جا حوالا ڏنل آهن. جهڙوڪ آراتا انشان دِلمُون، مَگَنِ، ميلُوها ۽ گوُپنِ وغيره ۽ هنن شهرن مان دلُمون، مگن ۽ ميلُوها آثار قديمه جي ماهرن ۽ پراڻي لکائي پڙهندڙن کي هڪ وڏو مطلب ڏنو جنهن جو عموماً اِهو حوالو ڏنو ويو ته اُنهن جا اهي سامونڊي رشتا وڌيا ۽ ويجهيا.

پروفيسر ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل 1538ع ۾ هندستان ڏانهن خادم سليمان پاشا جي سامونڊي کوجنائن تي پنهن جو مضمون پڙهندي چيو ته: ترڪن جي همعصر ذريعن موجب بهادر شاهه جي سفارتخاني جو مقصد اهو هو ته ترڪيءَ جي عثمان علي سلطان کان مدد وٺجي جيڪو نه رڳو پاڪ شهرن جو رکوالو هو پر ساڳيئي وقت تي هن وڏيءَ مسلم بادشاهيءَ جو سنڀاليندڙ پڻ هو. وڌيڪ پڻ چيو ويو ته بهادر شاهه هن جي لشڪر جو خرچ ڪرڻ تي خواهان هو  عثمان علي سلطان کي چيائين ته مڪي ۾ جيڪو به خزانو جمع ٿيل آهي اُن مان جيتريون سونيون اشرفيون کپني اوتريون وڃي کڻ. نيٺ آخر پڇاڙيءَ ۾ سلطان سلمان سنه 1538ع ۾ پنهنجي سپهه سالار خادم سليمان پاشا کي هڪ وڏي لشڪر سان گڏي روانو ڪيو ته هميشه لاءِ هندستان ۾ پورچوگيزن جي طاقت جو زور پرزا پرزا ڪري ڇڏجي. ترڪي جهازن جو ميڙ لشڪرن سان ڀريل ۽ فائديمند هوائن سبب هندي وڏو سمنڊ پار ڪري تاريخ 6 سيپٽمبر 1538ع تي پهتو. 16 صديءَ جي عربي ذريعن موجب سليمان پاشا ديو بندر تي پهچڻ بعد 400 سپاهي اچي ڪناري تي لاٿا جنهن ۾ گجرات فورس جي ڪمانڊر خواجه صفر کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڊيُو جي قلعي تي حملي ڪرڻ لاءِ موڪيلو پر هوائن جي موافق نه هجڻ ڪري پاشا توبن کي زمين تي لاٿو. جعفرآباد بندر کان اڳتي وڌيو ۽ ٻن ڏينهن جي دريائي سفر بعد ڊِيُو قلعي جي بلڪل پويان اچي لنگر هنيو ۽ ٻيڙين مان پنهنجا لشڪر توب خانا لاهي پوءِ پنهن جا جهاز ٽن ميلن جي فاصلي تي اچي بيهاريا ۽ 4 آڪٽوبر 1538ع تي پنهنجن توبن مان گولن ۽ بارود جي بوڇاڙ مهيني جي آخر تائين ڪندا رهيا، جنهن ڪري پورچوگيزن جي قلعي کي سخت نقصان رسيو. پر عيسائي ليکڪن جي طرفان اهو اعتبار ڪيو ويو ته ترڪي سپهه سالارن طرفان جيڪڏهن هُنن حملو ڪيو هوندو ته پوءِ يقيناً پورچوگيزن جو قلعو ضرور ڪريو هوندو. ڇاڪاڻ ته دشمن اهڙي حالت ۾ نه هئا جو هونئن ئي حملي کي منهن ڏيئي سگهن ها. اهو سندن آخري حملو هو جنهن ۾ ڪامياب نه ويا ۽ ترڪن جي خوشيءَ کي مايوسيءَ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. گجراتين جي روش کان سليمان پاشا به مطئمن نه هو تنهن ڪري پنهن جي آرماڙن سميت بگل وڄائيندو ۽ سڙهه هلائيندو پنهنجي سموري ترڪي سامونڊي فوج سان گڏ 6 نومبر 1538ع تي واپس هليا ويا.

مسلم انڊيا جي تاريخي رسالن جهڙوڪ مرات السڪندري، مرات الاحمدي، ۽ اڪبر نامه جهڙن مشهور ڪتابن ۾ جيڪي 16 صديءَ جو ذريعو آهن اُنهن کي ڏسندي تعجب ٿو لڳي ته اهڙن  تاريخي حملن جو ذڪر ئي نه آهي. بهرحال فرشتي جي تاريخ ”هندستان ۾ مسلم طاقت جو اُڀرڻ“ جي باب ۾ هڪ مختصر ذڪر هن ڳالهه جو پڻ ملي ٿو جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اُن وقت سليمان بن سلم رومي طرفان اِها خواهش ظاهر ڪئي ويئي، هندستاني بندرن تان فرنگين کي نيڪالي ڏيئي اُنهن علائقن کي قبضي ۾ ڪجي. مسلم گجرات جي عرب تاريخ نويس المعابري ۽ اُلخ خاني پنهنجن اهم ڪمن بابت اُنهن تاريخي واقعن جو احوال درج ڪيو آهي ۽ اهڙن عربي حوالن جي همعصر ذريعن جهڙو الشهري، السنا- البشر- ۽ بَرقُ اليماني جهڙن ڪتابن ۾ سامونڊي حملن بابت تفصيلي ذڪر ڪيو ويو آهي.

پروفيسر محمد حسين فريداني پنهنجي مقالي ”سنڌ ۾ اسلام جي پرچار ڪرڻ لاءِ ايراني مسلمانن جي ڪوششن جي ساراهه“ پڙهندي چيو ته هن سلسلي ۾ مونکي پاڪستان ۾ اچي بيحد خوشي ٿي آهي جو پاڪستاني قوم طرفان وڏي مهمان نوازي پيش ڪئي وئي آهي، جنهن جو آئون تهدل سان شڪر گذار آهيان. هن وڌيڪ چيو ته هن خطي ۽ ايران جا پاڻ ۾ قديم تعلقات رهيا آهن. آرين جي هن خطي ۾ هجرت ڪرڻ کان پوءِ ايران تي اصل نالو هن لفظ مان پيدا ٿيو يعني آريا لفظ مان پيو ۽ اهڙي طرح هن خطي کي به آريا ورتا يعني ”آرين جو گهر“ سڏيو ويو. ٻنهي قومن جا تعلقات ڪڏهن به ختم نه ٿيا جن جو ذڪر هندستان جي چئن قديم ڪتابن ويدن ۾ ٿيل آهي ۽ ايران جي مذهبي ڪتاب ”اوستا“ ۽ ”زرتشت“ ۾ پڻ ذڪر ڪيل آهي. ڇهين صدي قبل مسيح کان اڳ ”اخميني“ خاندان جو راڄ سرحد پنجاب ۽ سنڌ تائين وڌيو ۽ بعد ۾ ايرانين جا تعلقات هندو پاڪ ۾ اسلام جي شروعات ٿيڻ تائين وڌندا ويا. ان دؤر ۾ ٽي وڏا رستا ٺهيا جن آفريقا، ايشيا ۽ وچ مشرق کي ملائي ڇڏيو. انهن مان هڪ کي بعد ۾ ”شاهراهه ريشم“ سڏيو ويو جنهن چين هند و پاڪ کي ايران سان ملايو، ٻيو رستو جنهن کي شاهي رستي جي نالي سان سڏيو ويو ان وري پسرگاد کي لديا سان ملايو ۽ ٽيون رستو وري سامونڊي رستو هئو جنهن ڳاڙهي سمنڊ کي عربي سمنڊ ۽ ايراني نار سان ملايو. هنن رستن سياسي، ثقافتي ۽ مذهبي بنيادن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، جيڪي ايران ۾ وچ مشرق جي ملڪن مصر ۽ عربستان سان رهيا. اهڙيءَ طرح مذهب، ٻولي، ثقافت، ايران ۾ پکڙجندي رهي.

پروفيسر محمد حسين فريداني جڏهن پنهنجي قافلي سان هتان جهاز ”فلڪ السلامه“ ۾ 3 ڊسمبر 1990ع تي ڪراچيءَ مان روانو ٿيو ته ٻئي ڏينهن تي دل جي دوري سبب وفات جهاز ۾ ئي ٿي.!

هن سيمينار ۾ ٻين عالمن به پنهنجا پنهنجا مقالا پڙهيا، جن ۾ فرانسيسي ماهر آثار قديمه ڊاڪٽر ڪروران، محمد حسين پنهور، ڊاڪٽر محمد رفيق مغل، قدرت الله فاطمي ۽ ڊاڪٽر مدد علي قادري، جيرا ڀائي وغيره هنن ٽنهي اجلاسن ختم ٿيڻ بعد شام جو ڪراچيءَ ۾ پاڪستان قومي عجائب گهر ڏانهن مندوبين کي نيو ويو، جتي اسلامي گئلري جي افتتاحي تقريب هئي.

1 ڊسمبر تي ڪراچي جي هوائي اڏي تان مهمان موهن جي دڙي تي پهتا. پنڊال ۾ جسٽس عبدالقادر شيخ چيئرمين بچاءُ ڪاميٽي موئن جو دڙو مهمانن جي آجيان ڪئي ۽ ڪميٽيءَ جي پي. ڊي مسٽر کچي موهن جي دڙي جي بچاءُ بند کي محفوظ ڪرڻ بابت پنهنجي رپورٽ پيش ڪئي. ان بعد ثقافتي لوڪ گيت وغيره پيش ڪيا ويا، ۽ منجهند جي ماني کائڻ پوءِ مهمانن کي موهن جو دڙو گهمايو ويو ۽ عجائب گهر جو به معائنو ڪرايو ويو. سڀني مهمان کي ڪاميٽي پاران اجرڪ تحفي طور پيش ڪيا ويا ۽ شام جو ڪراچي واپسي ٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com