سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1991ع

مضمون

صفحو :3

 

احمد خان مدهوش

غزل

اڄ عجيبا! اک اڙائي، تو وڏو ٿورو ڪيو،

گهُور گهَرِيءَ ساڻ گهائي، تو وڏو ٿورو ڪيو.

گُل وفائن جا مون حاضر جيئن ڪيا تُنهنجي اڳيان،

دل جي دامن کي وڇائي، تو وڏو ٿورو ڪيو.

مون اياڻي ڪنهن نه ڪم جهڙي، ڪريل انسان کي،

پيار سان پنهنجو بنائي، تو وڏو ٿورو ڪيو.

عشق جون ڳالهيون رهيون جي تنهنجي منهنجي درميان،

لوڪ کان تن کي لڪائي تو وڏو ٿورو ڪيو.

وقت جي اوجهڙ ۾ تنها ٿيڙ کائيندو ڏسي،

مون رُليل کي راهَه لائي، تو وڏو ٿورو ڪيو.

تُنهنجي نظرن تي لڳا پهرا ته ڀي نظرون کڻي،

مامَ ۾ سڀ ڪجهه ٻُڌائي تو وڏو ٿورو ڪيو.

سور سختين جا جبل سر جي مٿان اُڇلائي نيٺ،

آزمائي آزمائي، تو وڏو ٿورو ڪيو.

سمجهي بيڪارو جڏهن پنهنجن ڌڪاري هو ڇڏيو،

دوستيءَ جو هٿ وڌائي تو وڏو ٿورو ڪيو.

هُونءَ ته لک ’مدهوش‘ تي ٿورا سندءِ آهن مگر،

اڄ اڱڻ تي پير پائي تو وڏو ٿورو ڪيو.


 

اياز گل

غزل

انڪار جي سوليءَ تي چڙهيل آهيون دوست!

دردَ- سانچي ۾ گهڙيل آهيون دوست!

ڪجهه ته سمجهون ٿا زماني کي اسان،

چارِ درجا ڪي پڙهيل آهيون دوست!

ڪا نئين ريت نه وجهجو هاڻي

ڏاڍا ريتن مان اڙيل آهيون دوست

شهرَ تنهنجي ۾ جاءِ ڇا ملندي!؟

شهر پنهنجي مان تڙيل آهيون دوست!

ڌارَ ٿي توکان سُڃاڻپَ ئي نه رهندي ڪائي،

توسان اهڙا ته جَڙيلَ آهيون دوست!

ڪيئن نه جان ڇڏائڻُ ٿي گهُرين،

ڄڻ ڪي الزام مڙهيل آهيون دوست!

ايترو جلدُ ته اي درِدَ! نه ڊاهِه،

ذَرو ذَرو ٿي گهڙيل آهيون دوستَ!


 

ذوالفقار سيال

غزل

هرڪو تنهنجو چهرو جاني، چاهه اسانجو آهي انڌو،

پيار جي سرحد ناهي ٿيندي، عشق ۾ ٿيندو ناهي سنڌو

تنهنجي منهنجي رت جو ساڳيو رنگ برابر آهي، ليڪن.

تنهنجو رت ٽميو جي ڪارو، منهنجو ريٽو، ڳاڙهو، جهنڊو

رستن جا رولاڪ برابر پنهنجو عشق اڙانگو آهي

پشم جهڙي پير ۾ آهي، ٻاٻوريو ڪو ڪارو ڪنڊو.

’ذلف‘ سج جي ڪرڻن ۾ به جيون جو پيغام آ هوندو

پيار اسان جو پيشو ناهي، محبت کڻبي ناهي کنڌو.


 

ميوه خان موج لغاري

رسڻ گهوريو، رهون گڏجي سدا، راڻا رسي ڇو وئين،

هُجون هرگز نه هڪ ٻئي کان جدا، راڻا رسي ڇو وئين.

مدائي جون مَ ڌر ناحق ميارون مينڌرا مون تي،

ستي سومل مون سان، شاهد خدا، راڻا رسي ڇو وئين.

رکڻ بيواجبي بهتان ڪونهي مرڪ مردن جو،

اٿئي مرجات مردن لئه اها، راڻا رسي ڇو وئين.

نه ڏي سهمان مونکي سوڍا، تون سيتل راءِ سامي جا.

نه جنهن جي نانءُ کان ڪن آشنا، راڻا رسي ڇو وئين.

پڇي پاڙو پتي ڪر پڪ، کٿوري خون ڪيئن لڪندا،

ڀلي پڌرا ٿين ڪارا، اڇا، راڻا رسي ڇو وئين.

چڪا سي چِڪ چُني ۾ ڏس، ته چارئي پاند پاڪيزه،

مجال آهي هجي ميراڻ ڪا، راڻا رسي ڇو وئين.

بلاشڪ ساک وٺ ست جي، اُڪاري آڳ آڙهه مان،

نه ڪا مون ڪئي نه ٿي مونکان خطا، راڻا رسي ڇو وئين.

ويئي ڪل واوِڪر تنهنجي، سياڻپ، سڌ، سمڪ ساري،

هيا تنهنجا نه راسخ حوصلا، راڻا رسي ڇو وئين.

ڪرين ها غور جرائت غير بي غيرت کي اهڙي ڪٿ،

پرائي پائي پاٿاري تي پا، راڻا رسي ڇو وئين.

تپي تڪڙو توائي ٿئين، تسليٰ تو نه ڪئي ترسي،

رسامون رنج تنهنجو ناروا، راڻا رسي ڇو وئين.

وڃان گهوري، ٿيس گهوري، هلي تو وٽ هتي آيس،

نه وڃ وهلور مڃ منٿ، مٺا، راڻا رسي ڇو وئين.

گمان هو غير گر توکي، ڪرين ها خاتمو کٽ تي،

ڇڏين تون ننڊ ۾ ڏئي ننڊ ها، راڻا رسي ڇو وئين.

مڙڻ مردن جو ڪم ناهي، هي ڪم ڪمزور ڪانئر جو،

ڪهين ها ڪاڪ ۾ ڪارا ڪٺا، راڻا رسي ڇو وئين.

ڪئي تو ڪاڪ ڪاري پر، کڻي ڪار تون به ڪيئن گهُمندين

لڄايئه لوڪ ۾ ڪُر، راڻا رسي ڇو وئين.

گلارو تون ڪري مونکي، ٿئين خود خوار خلقت ۾،

کنئي ٿئي بيگناهه سر تي گلا، راڻا رسي ڇو وئين.

تو جيئري کي مئو سمجهي چڙهان ٿي ڏاگهه تي ڏسجان،

مران بي موت ٿي هاڻ ڀلا، راڻا رسي ڇو وئين.

مٽي مومل کان منهن ڇا ”موج“ ماڻيندين زماني ۾،

ڪنين پوندئي ندامت جي ندا، راڻا رسي ڇو وئين.


 

عطا الله سرهندي ”عطا“

غزل

ڪِري جا وڄ وانگي تنهن نظر کي ڪير سمجهائي،

پوي جا چڻنگ چولي تنهن شرر کي ڪير سمجهائي.

چئي سگهجي نٿو هن کي به دل جو حال سر بستو،

ذرا سوچيو ته سو سڀ نامه بر کي ڪير سمجهائي.

محبّت ۾ ٿين جيڪي عجب ٿيون حالتون دل جون،

سي سڀ ڪنهن بيخبر ۽ خام خر کي ڪير سمجهائي.

ڪريو ٿا ڇو نه سنگباري، آهيان سچ پچ آءٌ ديوانو،

جي سمجهي شهر ٿو داناءُ شهر کي ڪير سمجهائي.

تسليون ڏئي گهڻو ئي پاڻ کي سمجهايو مون ليڪن!

دلِ رنجور کي ۽ چشم تر کي ڪير سمجهائي.

ڏسي محفل جو رخ آئون اڳيان هن جي سرِ محفل،

ڪريان ٿو هيٺ اکيون پر، نظر کي ڪير سمجهائي.

لهي اڀري ٿو روزاني، صرف نئين سج جي اڀرڻ سان،

نه ٿيندو آ سحر، مرغِ سحر کي ڪير سمجهائي.

نه ڀربو جهول تنهنجو ڪنهن به در تان اي ’عطا‘ در در،

ڌڪا ٿو کائين ڇو هن دربدر کي ڪير سمجهائي.


 

منير سولنگي

غزل

جيون هڪڙو جهٽڪو ڍولڻ،

پن ڇڻ جو ڄڻ کڙڪو ڍولڻ.

جرڪاءِ اچي تون جيون منهنجو،

توبن ڪير آ ڏسِ ڪو ڍولڻ.

درد جو دارون ڪو نه ڏسي ڪو،

سور سلي ٿو هرڪو ڍولڻ.

ڌرتي تي آ دونهون ڇانيل،

هر جا ڪوڙ جو ڪڙڪو ڍولڻ.

ڏاڍائيءَ جا ڏنڀ ڏنا تو،

دارون تن جو ڪرڪو ڍولڻ.

آس اندر ۾ ڦٿڪي هردم،

اُڌمن کاڌو ڀڙڪو ڍولڻ.


 

اميد خيرپوري

غزل

ڪنهن جي دل ڇاڻي ڪبي ناهي ڪڏهن،

ختم ياراڻي ڪبي ناهي ڪڏهن.

مڙس ٿي پنهنجي وچن کي پارجي.

ڳالهه ٻاراڻي ڪبي ناهي ڪڏهن.

واٽ ويندن واسطي واٽون تڪي،

جان ويڳاڻي ڪبي ناهي ڪڏهن.

گيت وائي بيت سان ڪنهن سنت جي،

ڪا به رد ٻاڻي ڪبي ناهي ڪڏهن.

صاف چئي ڇڏجي کُليي ميدان ۾،

اوٽ لئي لاڻي ڪبي ناهي ڪڏهن.

سنڌ جي سادن سٻاجهن واسطي،

چونڪ مان داڻي ڪبي ناهي ڪڏهن.

نيڪ مردن جو چوڻ آهي ’اميد‘،

رنج ڪا نياڻي ڪبي ناهي ڪڏهن.


 

مختار گهمرو

غزل

کوڙ حياتيون غم گهوگهاٽيون،

غربت گهاڻي ۾ چيڀاٽيون.

چاهه جي چسڪي تي اڄ ڪلهه جون

ٿينديون آهن، ياريون گهاٽيون.

ماڻِ مزا ڀوتار ڀلي پر،

هاريءَ ساڻ اچي کڻ کاٽيون.

ڪي ٿا کائي اوبر هارن،

بک ۾ کائن ڪي بولاٽيون.

ڏاڏا آدم!، تنهنجا پوٽا،

ٿر ۾ اُڃ وئي اوساٽيون.

قوم وڃي پاتال پئي پر،

ليڊر! تو نه ڇڏيون بولاٽيون.

نفرت جو هر دل ۾ واسو،

هر هڪ من ۾ وِهَه جون ماٽيون.

منڇر ڪپ تي مير مهاڻن،

ٿڙڪي، ٿڌ ۾ راتيون ڪاٽيون.

مٽبو هي ”مختار“ زمانو،

جاڳي پيا اڄ ڏاٽا ڏاٽيون.


 

مقصود گل

آزاد نظم

سچ جو سورج

اوندهه جو پوڄاري آهي،

سج وسائڻ هو چاهي ٿو.

سج کي ڦوڪون

ڏيندڙ ماڻهو

روز هزارين ڦوڪون ڏئي ٿو

ڦوڪي ڦوڪي.

هن جو چهرو، ڳاڙهو ٿي ٿو.

هن جا دوڏا

ٻاهر نڪري ڄڻ ته ڪرڻ تي

هوندا آهن.

ٿو ٿر ورتل هن جو چهرو،

جهنگ ۾ هڏ ڪاريندڙ

ڪاري، جهنگلي جانور جهڙو

ٿي ويندو آ-

 

شام پهر جو سورج جڏهين،

پنهنجي منزل تي پهچي ۽،

جبلن پويان،

گم ٿئي ٿو.

جهنگ ۾ هڏ ڪاريندڙ،

ڪاري جانور جهڙو ماڻهو

خوش ٿي،

ڏاڍا ٽهڪ ڏئي ٿو،

پنهنجي پر ۾ هو سمجهي ٿو،

هن جي محنت صاب پئي آ،

ڦوڪن سان هن سج

وسايو-

 

رات پڄاڻا، صبح ٿيڻ تي،

سج اوڀر کان

پنهنجو سونو، سندر چهرو،

ٻاهر آڻي، جهاتي پائي،

ڏيهه سڄي ڏي ڏسندو آهي،

ڌرتيءَ تي، سونهري ڪرڻا

ورڇڻ،

اُڀ سيني تي ايندو آهي.

تڏهين، سج کي ڦوڪون

ڏيندڙ ماڻهو.

پنهنجي منهن تي

ڀونڊا ڏيئي،

ٻيهر ڦوڪون ڏيندو آهي.

اونداهيءَ کي

آڻڻ خاطر،

سج جو ديپ، وسائڻ خاطر.

 

سج ته هڪ، حقيقت آهي.

ڦوڪن سان سو، ڪيئن وسامي.

سج کي ڦوڪون ڏيندڙ ماڻهو

ساڙ حسد ۾

پڄري کامي

هڪ ڏينهن آخر رک ٿي ويندو

”سچ جو سورج،“

روشن رهندو،

جيسين آهي، سهڻي ڌرتي،

سندر ڌرتي، سنڌ جي ڌرتي،

ساري ڌرتي، پياري ڌرتي.

تيسين سورج

ٻرندو رهندو!

روشن رهندو!!

وسڻو ناهي، وسڻو ناهي!!!

 

محمّد شريف ”طالب“

 

مٺا محب جاني وري آ وري آ،

سندم دل ته تولئه چري آ چري آ.

نٿو يار وسري سڄڻ پيار تنهنجو،

تنهنجي ڪيئن پيارا سر آ سري آ.

سدا يار تنهنجي اچڻ جون اميدون،

کُلي تو لئه دل جي دري آ دري آ.

سدا تن اندر ۾ آهي تات تنهنجي،

بره باه ڏاڍي ٻري آ ٻري آ.

سوا يار تنهنجي حياتي گذارڻ،

سڄڻ ڳالهه ڏاڍي ڳري آ ڳري آ

ڏکن يار ”طالب“ آ ڏاڍو ستايو،

ويو ڏيل منهنجو ڏري آ ڏري آ.


 

اصغر هالو

غزل

نئين تو وڃي وسائي دنيا جناب آصف،

تڏهين روئن پيا تنهنجا شيدا جناب آصف.

سڀني دلين ۾ تنهنجو هر شعر گهر ڪري ويو،

الفاظ جو هئين تون دريا جناب آصف.

تنهنجي سڄي لڏي تي آفت جا اوچتي پئي،

تنهن کي تون منهن ڏئي وئين تنها جناب آصف.

هر هڪ ننڍي وڏي سان پيش آئين قرب سان تون،

ڪنهن کي به ڪين ڏئي وئين ايذا جناب آصف.

عاليجناب قبله سائين وڏن جو ساٿي،

تو جهڙو ڪين ٿيندو پيدا جناب آصف.

تاريخ ۾ رقم ٿيو نروار نام تنهنجو،

علم و ادب جي ڪئي تو شيوا جناب آصف.

دنيا کان منهن مٽي وئين ’اصغر‘ مگر دلين جا،

تو سان ٽٽي نه سگهندا ناتا جناب آصف.


 

 

مير محمّد پيرزادو

اوسيئڙو ۽ آس

هو اٺ ڪجاوا آڻيندا،

۽ سونهن سموري ماڻيندا!

آ اوسيئڙو ڪَنِ ايندن جو ۽ مون سان سور سليندن جو

جي ايندا جهرمر تارن ۾ ۽ ڪارين راتين پارن ۾

آ جن کي منهنجي اون وڏي ۽ جن لئه جئي پئي جيءَ جڏي

سي مرد مهارون موڙيندا نِتُ مون سان ناتا جوڙيندا

آ اوسيئڙو ۽ آس اڃا ”هو ڪين اچن ٿا“ ڪيئن مڃان!

آ کڙڪو کڙهه- خيالن ۾ اوجاڳو اکڙين آلين ۾

آ جوڀن ڦوهه جوانيءَ ۾ ۽ جذبن جي جولانيءَ ۾

ٿي آڌيءَ اُڀ ۾ جهانجهه وڄي       ۽ چنڊ ننڊاکو پير کڄي

سڳنڌ گلن جي پولارن ۾ ماڪ، مڻيان ڄڻ وارن ۾

ڪا موسيقيءَ جي مڌر لهر آ رات جي پوئين ڄڻ ته پهرِ

بي سرت ميتيون جاڳن ٿيون ۽ مندرن ٻوليون گهنٽين جون

آءٌ ويل انهيءَ کي چهٽان ٿي ۽ ايندن جي لئه اُٻران ٿي

آءٌ منٿون ڪيان، او! رات نه وڃ هو تو ۾ ايندا، منٿ ته مڃ

پر رات بکايل شينهڻ جيان ٿي ڌُوڪي ڊوڙي خوب اڳيان

پوءِ سورج چوڪيدار بَڻي ۽ ڪرڻا ٽارچ وانگ هڻي

ٿو باهه اوڳاڇي ڪاوڙ مان ۽ آءٌ انهيءَ جي ڊپ وچان

پوءِ ايندن اوسيئڙو لاهي کڙهه- ٻنڀي تان خيال مٽائي

لڙڪ هٿن جي پٺ سان اگهندي ننڊ ٿڪن کان آرس ڀڃندي

اوٻاسيون ڏئي اهلان ٿي ۽ سپنن سان پوءِ بهلان ٿي

ايندڙ رات جي آس لڳائي،

ڏينهن ڪٽيان ٿي جيءُ جلائي!

 

”نواز“ رڪڻائي

غزل

دل ۾ ڏاڍا اُلڪا اُڊڪا اڻ تڻ هوريون توريون آهن،

وک وک ويل وڇايل آهن، ڳالهيون ڏاڍيون ڳوريون آهن.

نت نت روپ نوان ڪي ڌاري ڏاڍي ڏنگڻ لاءِ ايندو آهي،

روز جبر جون جاڙيون جاڙون ٿينديون نيون نڪوريون آهن.

هر ڪا ننگري پاپ ننگر ٿي هرڪو پاپي راوڻ- راهُو،

امن جي ڳالهه پچارڻ واريون ڄڻ ڪي ڀليل ڀوريون آهن.

آسون چوکنڀيون جڪڙيل ڀي ڪنهن آٿت لاءِ ساهه کڻن پيون،

پاڇا ڦِرندا، پاسا مَٽبا، تن گهڙين جون گهوريون آهن

منزل ملندي پر هر ڦاٽڪ رت سان آهي ريٽو ڪرڻو،

اوٽون کِسڙن پيون کوٽن جون اَڙون اَٽڪون ٿوريون آهن

پاپي پِليا پيٽ ڀرڻ لئه مورن کي ٿا ماري کائن،

بازن ۽ شهبازن جون ڀي ٻئي ڪنهن هٿ ۾ ڏوريون آهن

ٺاپر ڪجهه ڪا مس مس ٿي هئي ويل وَري به وڌي ويا آهن،

چوڌاري چالو ٿيون چوڻيون ڦُريون ڌاڙا چوريون آهن.

سڀ ڪجهه سانگين کان کسجي پيو پوءِ به اباڻا اُفُ نه ڪڇن ٿا،

مارن جي آ مُنجه منجهايو، جهورينديون هي جهوريون آهن.

ڪيئن نه جهڄن جهانگياڻيون منهنجون، وير گُري کان جن جا وڍيا،

گهوٽن جي گهاون جون تن جي لڳل دل ۾ لوريون آهن.

ليکا چوکا سڀ لڙهي ويا سوچن سوچڻ کان لهرايو،

ناهه رهي ڪا حد حسابي ڀَنَ ۾ اوريون ڀوريون آهن.

مند اوس هيءَ مٽجي ويندي سوچ ”نواز“ نراس نه ٿي تون،

توڙي سوچيندڙ جي آڏو اينديون زهر ڪٽوريون آهن.

 

ناظم منگي

مون تنهنجي سونهن جو سجدو نه ڪيئن ڪيو هوندو،

تو کليو هوندو ته ڪو شعر مون لکيو هوندو.

جت نظر تنهنجي پُني هوندي ٿيو هوندو غضب،

ڪو بچيو هوندو ته پوءِ تير خطا ٿيو هوندو.

ملي خوش بخت کي بوسي جي سعادت هوندي،

جو حرم تنهن کان نزديڪ گذريو هوندو.

ٿي تنهنجي پار کان ڪالهاڪون ٿڌي هير گهُلي،

هي جو موٽيو آ ڪڪر خالي سو وَسيو هوندو.

تنهنجي پيرن جي پَڻي عطر عنبر کان وڌ آ،

ڪو پگهر تنهنجي تي عطار ڀي شَڪيو هوندو.

تنهنجي عظمت جي فرشتا ڀي گواهي ٿا ڏين،

جو توکي سمجهي سگهيو ناهي سو چريو هوندو.

منهنجي گيتن ۾ تخيل آ بُلند تڏ ”ناظم“،

جو مليو سوچ کي هر نينهن جو نشو هوندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com