عالمي ادب
رب جا راز
سنڌيڪار: الطاف شيخ
سپر مارڪيٽ جي ٻاهران پٽ تي بي يارو مددگار هڪ ڪاري رنگ جي پرس
کي ڏسي مون کي پڪ ٿي ويئي ته اڄوڪو ڏينهن منهنجي
خوش نصيب ڏينهن مان هڪ آهي. مون ٻٽونءَ کي
لاپرواهيءَ سان ٿڏو هڻي ڪنڊ ڏي سرڪايو. ان جي مٿان
سگريٽن جو پاڪيٽ ڪيرائي ٻنهي کي سڪون سان کڻي
پنهنجي کيسي ۾ وڌم.
پنهنجي فلئٽ تي پهچي ٻٽونءَ کي کيسي مان ڪڍيم، ان ۾ ڀر واري وڏي
شهر لاس اينجلس جي ڪنهن ”ولُيم-ايل- ولسن“ جي نالي
جو هڪ ڊرائيونگ لائسنس هو ۽ پنج مختلف ڪمپنين ۽
ڊپارٽمنٽل اسٽورن جا ڪريڊٽ ڪارڊ هئا، جن ذريعي
مختلف هنڌن هوٽلن، دڪانن وغيره تان ڪئش بنا، فقط
ڪارڊ ڏيکاري، صحيح ڪري، سامان وٺي سگهجي ٿو. ان جي
قيمت بئنڪ وارا اڪائونٽ مان ڪٽيندا رهن ٿا. ان کان
وڌيڪ مون لاءِ خوشيءَ جي ڪهڙي ڳالهه ٿي سگهي ٿي. ۽
سڀ ڪارڊ ڪارآمد هئا. ڪو به ڪئنسل ٿيل نه هو.
مسٽرولسن جي صحيح ايترو ته سولي هئي جو ٿوري پچائڻ سان آئون ان
جهڙي هو بهو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس. موچارو ڀاڳ
منهنجو، وک وک تي، منهنجي مدد ڪري رهيو هو.
گذريل ستاويهه ورهن ۾ مون تي جيڪي ڪجهه سٺو يا خراب ٿي گذريو
هو، ان جو فقط هڪ ڪارڻ هو. منهنجي قسمت! ٻين لفظن
۾ ايئن به چئي سگهجي ٿو ته خدا جي مرضي ايئن هئي.
سون کي ڪندن ٿيڻ لاءِ باه جي کورن مان لنگهڻو پوي
ٿو.
ٽي سال اڳ جي ڳالهه آهي. آئون هڪ ڪار جو ٽيپ رڪارڊ کولڻ جي ڪوشش
ڪري رهيو هوس. رات جا ٽي ٿي ويا هئا ۽ هڪ ڪار
ويران رستي تي بيٺي هئي.اوچتو سامهون ايندڙ هڪ ڪار
جون هيڊ لائيٽيون نظر آيون. مون سيٽ تي سمهي،
پنهنجو پاڻ کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪار ويجهو اچي
بيهي رهي. يونيفارم ۾ ٻه پوليس وارا ان مان ٻاهر
نڪتا.
قسمت جي لکڻي کي ڪير ميساري سگهيو آهي. لکيو منجهه نراڙ قلم
ڪياڙيءَ نه وهي. اها ڪار جنهن مان آئون ٽيپ رڪارڊ
ڪڍي اڌ کن ٻاهر ڪڍي چڪو هوس. ظاهر آهي موقعي تي
جهلجي پيس. نتيجي ۾ اهو ٿيو ته مون کي ڪندن بنجڻ
لاءِ پوليس هيڊ ڪوارٽر جي کوري ۾ وڃڻو پيو. حالتون
ان وقت وڌيڪ خراب ٿي ويون جڏهن ٻئي ڏينهن اسان جي
بلڊنگ جو مئنجير (جنهن ۾ منهنجو فلئٽ هو) منگهڻ
مارڻ لاءِ دوا جو ڦوهارو هڻڻ منهنجي فلئٽ تي پهتو
هو ۽ هن اتي رکيل پنجويهه آٽو ٽيپ رڪارڊر ڏسي
ورتا، جيڪي ڀر وارن شهرن جي ڪارن مان چوري ڪري اچي
لڪايا هئم، انهن سڀني ٽيپ رڪارڊرن جي گڏيل قيت
پوليس جي اڳيان هڪ وڏي ڌاڙي برابر هئي.
دراصل آئون انهن ڏينهن ۾ آزمائشي کورن ما لنگهي رهيو هوس، اڄ
کان ذري گهٽ چار سال اڳ، هڪ صاحب جو پاليل نور گهر
کان ڀڄي ويو. ۽ هن بي ايمان کي لڪڻ لاءِ مون نڀاڳي
جي گئراج کان علاه ٻي ڪا جاءِ ئي نه ملي. ماڻهو هن
جي پٺ وٺندا اچي گئراج تي نڪتا. گئراج ۾ نور سان
گڏ ڏيڍ سؤ جي لڳ ڀڳ ڪارن جون ”ويل- ڪئپون،“ پڻ هنن
کي نظر اچي ويون،اها منهنجي پهرين گرفتاري هئي. ۽
خدا جي مرضي اها هئي ته ٿوري گهڻي ڏنڊ ڀرڻ بعد مو
کي قيد بدران عدالت کان هڪ سال جي آزمائشي آزادي
ڏياري ويئي.
پر هڪ سال گذرڻ کان اڳ هي ٽيپ رڪارڊن وارو حادثو ٿي پيو، جنهن
جو مٿي ذڪر ڪري چڪو آهيان،هاڻ ڪجهه چوڻ ٻڌڻ اجايو
هو. مون کي ٽن سالن لاءِ جيل جي لوهي شيخن پٺيان
ڦٽو ڪيو ويو.
پورن اڙرهن مهينن کان پوءِ خدا جي رحم ڪرم ۽ منهجي سٺي ڪارڪردگي
ڪري مون کي قيد مان آزاد ڪيو ويو ۽ منهنجي پي- رول
آفيسر مون کي هڪ سئمنگ پول تي نوڪري وٺرائي ڏني،
جتي مان ماڻهن کي ترڻ بابت اهي ڳالهيون سمجهائيندو
هوس، جيڪي هنن کي اڳهين اينديون هيون، پر پگهار،
ان نوڪريءَ ۾ ايترو گهٽ هو، جو اٿندي وهندي موجوده
ڏکين ڏينهن جي گذارڻ جي دعا ڪندو هوس.
ان ڪري جڏهن مون کي هي ڪريڊٽ ڪارڊن وارو ٻٽون مليو ته آئون يڪدم
سمجهي ويس ته منهنجيون ئي دعائون رب پاڪ جي درگاهه
۾ اگهاميون آهن. خدا کي منهنجي غربت ۽ڏکي حال تي
رحم اچي ويو آهي. هونءَ به چوندا آهن ته ڏکن پٺيان
سک آهن.
مسٽر ولسن جي صحيح پچائڻ بعد سڀ کان پهرين مون ڊورين کي فون
ڪيو. هن کي ٻڌايم ته اڄ گهوڙن جي ڊوڙ ۾ شرط لڳائڻ
تي مون ٽي هزار ڊالر کٽيا آهن ۽ آئون چاهيان ٿو ته
انهن مان ڪجهه پئسا هن جي دعوت تي خرچ ڪريان. هوءَ
هڪدم تيار ٿي ويئي ۽ هن هڪ مشهور هوٽل جو نالو
ورتو جتي سندس هڪ ساهيڙي پڻ پنهنجي دوست سان گڏ
وڃي رهي هئي. اسان اتي هلڻ لاءِ ستين جو وقت مقرر
ڪيو.
شام ٿيڻ ۾ اڃان گهڻو وقت هو، ان ڪري مون سوچيو ته ڪجهه ضرورت
جون شيون خريد ڪري وٺان هيٺ وڃي ڪار اسٽارٽ ڪرڻ جي
ڪوشش ڪيم، بيٽري پراڻي هئي. ان ڪري هن کي اسٽارٽ
ڪرڻ ۾ ڪجهه دير ٿي ويئي مون فيصلو ڪري ورتو ته
بيٽري نئين وٺڻ جو ڪم پهرين ڪبو.
اڃا اڌ رستو مس گذريو ته ڪنهن ڄڻ منهنجي ڪن ۾ ڦوڪ ڏني جيڪا پڪ
رب طرفان رهنمائي سمجھڻ کپي ”چريا! جڏهن تون سروس
اسٽيشن تان بيٽري بدلائيندي ته هو تنهنجي ڪار
جونمبر نوٽ ڪري وٺندا ۽..........“ سئمنگ پول کان
گهر موٽندي وقت، آئون جيڪا شارٽ ڪٽ ڪندو هوس، ان
تي، پنهنجي فلئٽ کان ڪجهه عمارتون اڳ، هڪ پراڻي
گاڏي هميشه بيٺل ڏسندو هوس. مون هڪدم يو- ٽرن ڪيو
۽ پنهنجي ڪار جو رخ ان ڏي ڪري ڇڏيو.
اها جاءِ معمول مطابق ويران هئي. خاص پکي پکڻ نظر نه آيو سو
ڪنهن کي خبر پوڻ بنا مون پراڻيءَ گاڏيءَ جو نمبر
پليٽون ڪڍي پنهنجي تي هنيون. پر جيئن ئي سروس
اسٽيشن ڏي وڌيس ته قدرت طرفان منهنجي دماغ ۾ عقل
جي ڳالهه آئي. ”صفا گڏهه نه ٿي. پراڻي گاڏيءَ جي
نمبر پليٽن تي گذريل سال جو
ٽئڪس- ڪوپن لڳل آهي. ان تي نظر پوڻ سان پوليس توکي جهلي وٺندي.
پوءِ تنهنجي گاڏي جا ڪاغذ ڏسڻ تي هنن کي غلط نمبر
جي به پئجي ويندي.“
مون خدا جو شڪر ادا خبر ڪندي بريڪ هنئي ۽ گاڏي کي رستي جي ڪپر
تي پارڪ ڪيو. وري سيٽ هيٺان لڪيل پنهنجي گاڏيءَ
جون نبمر پليٽون ڪڍيم. انهن تي چنبڙيل پلاسٽڪ جا
اسٽڪر- ڪوپن لاهي چوري ڪيل پليٽن تي هنيم.
مون واچ ۾ وقت ڏٺو. افراتفريءَ ۾ اڍائي ٿي ويا هئا. لاس- اينجلس
پهچي مون هڪ ننڍي سروس اسٽيشن ڳولي ورتي. سڀ کان
پهرين ته مون اسٽيشن جي مالڪ کان پڇيو ته آيا هو
ڪريڊٽ ڪارڊ قبول به ڪري ٿو يا نه؟ هائو ڪار ۾ جواب
ملڻ بعد مون نئين بيٽري ورتي. ٽائر ۽ تيل بدلايو ۽
وائپر لڳرائڻ سان گڏ رهيل هلڪي ڦلڪي مرامت به
ڪرائي ورتي. بل فقط ٻه سؤ ٻٽيهه ڊالر ۽ ستاسي سينٽ
آيو، جيڪو اهڙي حالت ۾ جڏهن مون وٽ پنج مختلف
ڪمپينين جا ڪريڊٽ ڪارڊ موجود هئا، هر گز گهڻو نه
هو.
واپسيءَ تي مون پنهنجي گاڏي شراب جي هڪ دڪان وٽ بيهاري ۽ اتان
ٻن ڊزنن وارا ٽي ڪريٽ اوچي آمريڪن وسڪي ۽ فرينچ
شئپين جا ورتا، جن جي قيمت فقط ساڍا چار سؤ ڊالر
ٿي.
ڪريڊٽ ڪارڊ ڏسي واسطيدار ڪلارڪ چيو ته پنجويهه ڊالر کان مٿي جي
خريداريءَ لاءِ هو ڪمپني وارن کان ڪريڊٽ ڪارڊ
اڪائونٽ جي بئلنس جو معلوم ڪندو آهي. جنهن وقت هو
ڪمپنيءِ جو نمبر ملائي رهيو هو، منهنجي جسم ۾
سيوڪار ٿي رهي هئي ۽ دعا گهري رهيو هوس ته پت
رهجي اچي. ڪلارڪ ٿوري دير بعد مرڪي فون رکيو ۽
صحيح ڪرڻ لاءِ بل مون ڏي وڌايو.
خدا جو هٿ ان وقت به منهنجي مدد ڪري رهيو هو. پوءِ مون سينٽرل
ميوزڪ هائوس وٽ گاڏي روڪي ۽ هڪ سؤ پنجٽيهه ڊالرن
جا اسٽيريو ٽيپ خريد ڪيا. هن هنڌ هڪ دفعو وري ڪارڊ
جي جانچ ٿي ۽ سڀ ڪجهه صحيح نڪتو.
سچ چيو اٿن ته ”جنهن کي رب رکي، ڪير ڪکي،“ رستي تي مون کي ڊورين
جو خيال آيو ۽ هڪ جيولري اسٽور کي ڏسي منهنجا پير
بريڪ تي لڳي ويا. اتي مون کي ٻه سؤ پنجيتاليهه
ڊالرن وارا ارڙهن قيراط سون جا ايئرنگ وڻي ويا،
جنهن ۾ ڊورين جي اکين سان ملندڙ رنگ وارا ٿڌا
آسماني نگ جڙيل هئا.
هاڻ فهرست ۾ موجود آخري شيءِ جي خريداري باقي هئي. مون کي قيمتي
ڪپڙن جو شوق هو پر خدا جي ڪجهه اهڙي مرضي هوندي
هئي، جو مون کي ڪڏهن نصيب نه ٿيا. اڄ تائين رڳو
سڌون ئي ڪندو رهيو هوس. پر اڄ رب جي رضا سان
منهنجي اها سڌ پوري ٿيڻ واري هئي.
”براڊ وي اسٽور“ هالي ووڊ جو سڀ کان وڏو اسٽور هو مون ڪارڊ ڏيئي
چيو: ”ٿورو هن ڪارڊ جو اڪائونٽ چيڪ ڪري
ٻڌائجو.“ڪارڊ ڏيئي مون کي خيال آيو ته هن اسٽور جي
آفيس ته ڇنڇر ڏينهن به کليل رهي ٿي. ۽ ٿي سگهي ٿو
مسٽر ولسن کي هاڻ سندس ڪارڊن جي گم ٿيڻ جو پتو
پئجي ويو هجي ۽ هن هنن کي به اطلاع ڪري ورتو هجي
مون ڀڄڻ لاءِ رستو ڳولڻ شروع ڪيو. سليز مئن فون
رکي مون کي چيو: ”اوڪي مسٽر خريداريءَ ۾ توهان
ڀلي ڌرتي ۽ اُڀ هڪ ڪري سگهو ٿا.“- يعني توهان جي
وڏي ساک آهي- منهنجي نه پر جنهن جا هي ڪريڊٽ ڪارڊ
آهن. همراه ڪو وڏو دولت وارو لڳو ٿي.
مو سک جو ساهه کنيو. مون کي خدا جي ذات ۾ اها ئي اميد هئي. سو
سائين مون هڪ نه ٻه، يڪن يارهن مهنگي ۾ مهنگن سوٽن
جي ٽراءِ ڪري، ان مان اٺ خريد ڪيا. تنهن کان سواءِ
ڏهه پتلونون، بوٽ، ٽائيون ۽ ڪيترائي جوراب ورتا،
ڪڇين تي سيل لڳل هئي انهن جا ٻه ڊزنن کان گهٽ ڇا
وٺجن. ڀر ۾ هڪ فر- ڪوٽ ۽ سئيڊ جي جئڪيٽ ٽنگيل
هئي.آئون پاڻ کي اهڙين سهڻين شين جي خريداريءِ کان
جهلي نه سگهيس.
اڄ شام جو ڊورين سان ملڻ وقت جيڪو سوٽ پائڻ جو ارادو ڪيو هوم،
ان جي پتلون ڪجهه ڊگهي هئي سيلزمئن چيپ ته هو ان
کي اجهو ٿو صحيح ڪرائي ڏي ۽ آئون پتلون جي انتّار
۾ اسٽور جا چڪر هڻڻ لڳس، انهن ئي چڪرن جي دوران
مون ٻه پيتيون پڻ ورتيون. اهو سوچي ته متان ڪٿي
اچڻو پوي ته ڪم ۾ پيون اينديون ڇهه سلفيون ۽ پنج
پائونڊ تماڪ به ڪڍرائي رکيو- ڪاسميٽڪ جي ڪائونٽر
تان مختلف قسم جا عطر ۽ ڪولون وٺڻ ته بيحد ضروري
هئا.
واهه منهنجا مولا! امير ٿيڻ به واقعي ڇا مزي جي ڳالهه آهي!
سامان ٻڌجڻ کان پوءِ هن سڄي خريداريءَ جو حساب ڪيو ته فقط ٽي
هزار ٻه سؤ چاليهه ڊالر ٿيا. مون بل تي صحيح ڪئي
۽سيلز مئن ۽ هڪ ڪلارڪ جي مدد سان سامان جا بنڊل
کڻائي، اسٽور کان ٻاهر نڪتس. جڏهن ڪار جي ڊگي
ٽٻاٽٻ ٿي ويئي ته سيلزمئن باقي سامان جا پوئين سيٺ
تي رکڻ شروع ڪيو
انهيءِ ويل منهنجي نظر هڪ شخص تي پيئي جيڪو سامهون کان اچي رهيو
هو ۽ هن جي شڪل مون کي ڄاتل سڃاتل لڳي ٿي. ٿي سگهي
ٿو هو جيل ۾ مون سان گڏ رهيو هجي.
”واهه! ڪو ڊگهو ئي هٿ هنيو اٿئي، استاد!“ هو بُهه ۾ چڻنگ هڻي
هليو ويو.
منهنجي ٽنگن تان پگهر ٽمڻ لڳو. مون سيلز مئن ڏي نهاريو. هو شڪي
نظرن سان مون ڏي ڏسي رهيو هو.
مون هڪ مئل ٽهڪ ڏيئي سيلزمئن کي چيو: ”خبر ناهي ڪٿي جو مسخرو
آهي. ڪهڙي ته چرپائيءَ جي ڳالهه ڪري ويو، خير تون
سامان رک، مون کي دير ٿي رهي آهي.“
گهر پهتس ته شام جا ڇهه وڄي چڪا هئا. سامان پهچائڻ لاءِ هيٺ مٿي
جا چڪر هڻندي ويهه منٽ ٻيا به گذري ويا. پوءِ مون
شيو ڪئي ۽ نهايت قيمتي ڪولون پاڻيءَ ۾ وجهي ان سان
سنان ڪيو ۽ رومال بوٽ کان سوٽ ڪوٽ تائين هر شيءِ
نئين پائي آرسيءَ اڳيان ڦڻي ڏيڻ لڳس.
”مون جهڙي سهڻي ۽ سمارٽ کي ماڻهن گهٽ ئي ڏٺو هوندو“ مون پنهنجي
منهن دل ۾ چيو.
ست لڳي پنجن منٽن تي ڊورين پنهنجي گهر جي در وٽ مرڪندي منهنجو
آڌر ڀاءُ ڪيو. هن جون نگاهون منهنجي نئين وڳي جو
طواف ڪري رهيو هيون. سڀ کان پهرين مون هن کي
شئمپين جون ٻه بوتلون ڏنيون ۽ هن خوشيءَ وچان کڻي
ڇلانگ ڏنو. پوءِ مون هن کي ايئرنگ ڏيکاريا، ڊورين
ان تي ارڙهن قيراط سون لکيل ڏسي اڃان به خوشيءَ ۾
ٽپ ڏيڻ لڳي.
”تون ڪيترو ته سٺو ۽ پياور آهين.“ اهو چئي مون کي ڀاڪر پائي
چميون ڏيڻ لڳي.
ان بعد اسان هوٽل ۾ آياسين. هيڊ-ويئر اسان لاءِ رزرو ڪيل ٽيبل
ڏي اسان کي وٺي آيو. ڊورين جي ساهيڙي ۽ ان جو دوست
به ويجهو ئي ويٺل هئا. ساهيڙي بئنڪ ۾ نوڪري ڪئي ٿي
۽ سندس دوست وڪيل هو. چڱو خاصو سهڻو جوڙو هو.
اسان سڀ کان ڳري اگهه وارو شراب گهرايو ۽ گڏ جي مينو جو مطالعو
ڪرڻ لڳاسين
”اوهه! هيءَ ته تمام منهگي جاءِ آهي.“ ڊورين خوش ٿيندي چيو،
”مون کي اميد آهي ته اڄ تنهنجو کيسو ناڻي سان ٽٻ
هوندو.“
”نه کيسو ته خالي خالي آهي پر تون منهنجي ڪريڊٽ ڪارڊ تي ڀروسو
ڪري هن هوٽل ۾ موجود هر شيءِ گهرائي سگهين ٿي.“
مون مرڪندي ٽيڙيءَ مان چيو.
ڊورين کاڌي جو آرڊر ڏيڻ مهل ذائقي کان وڌيڪ گهڻي قيمت وارن ڊشن
جي چونڊ ڪئي.
ڊنر کان پوءِ اسان ڊورين جي ساهيڙي ۽ ان جي دوست وڪيل صاحب کي
به پنهنجي ٽيبل تي سڏائي ورتو. جنهن شراب جو وڪيل
آرڊر ڏنو، ان جي هڪ پيگ جي قيمت ساڍا ٻاويهه ڊالر
هئي. پر ذائقي جي حساب سان ڪو خاص مهنگو به نه هو.
مون ويٽر کي سڏي بل آڻڻ لاءِ چيو ۽ اهو ٻٽون ڪڍي ميز تي اڇلايو
جنهن مان ڪرڊيٽ ڪارڊ ٻاهر ليئا پائي رهيا هئا.
”اوهه!ته چئبو ته توهان ڪريڊيٽ ڪارڊ ذريعي بل ڏيندؤ.“ ڊورين جي
بئنڪر ساهيڙيءَ چيو ۽ پوءِ هن جي تقرير منهنجو رت
سڪائي وڌو.
”اڄ ڪلهه ماڻهو ڪجهه وڌيڪ ئي بي پرواه ٿي ويا آهن ۽ کانئن
ڪريڊيٽ ڪارڊ وڃائجيو وڃن پوءِ پٺيان بئنڪن ۽
ڪمپنين کي ڪافي منهن مٿو پٽڻو پوي ٿو. ان ڪري سڀني
بئڪن ۽ ڪمپئنين گڏ جي هڪ گڏيل آفيس ٺاهي آهي، جيڪا
چويهه ئي ڪلاڪ کليل رهي ٿي ويندي جمعو- ڇنڇر- آچر
۽ عام موڪلن جي ڏينهن تي پڻ هي شعبو ڪم ڪندو رهي
ٿو.“
هن جي چوڻ جو خاص مطلب اهو هو ته ان آفيس جو نمر ڪارڊ- هولڊر کي
ياد رکڻ کپي. پر گهڻن تڻن کي اهو نمبر به ياد
ناهي.
خود مون کي به اهو نمبر ياد نه هو. ۽ ڊورين جي ساهيڙيءَ جي ضد
تي مون اهو هڪ ڪاغذ تي لکيو.
آئون دل ئي دل ۾ دعا گهر ي رهيو هوس ته ”وليم ايل ولسن“ کي هي
نمبر ياد نه هجي. اهو سوچي منهنجيون تريون پگهر
ڇڏڻ لڳيون ۽ منهنجي دل جو ڌڙڪو تکو تي ويو. ڊپ جون
لهرون ڪرنگهي ۾ ڊوڙي رهيون هيون.
ويٽر بل کڻي ائين آيو ڄڻ ڦاهيءَ تي چاڙهڻ جو پروانو کڻي آيو
هجي. هن بل کي وڪيل جي اڳيان اچي رکيو جنهن مون ڏي
ريڙهيو ٻه سؤ ويهن جو بل هو. مون ڏڪندڙ هٿن سان هڪ
ڪريڊٽ ڪارڊ ڪڍي، بل جي مٿان رکيو.
”مهرباني مسٽر ولسن!“ ويٽر ڪريڊٽ ڪارڊ تان نالو پڙهي مون سان
مخاطب ٿيو ۽ کڻي روانو ٿي ويو.
”ولسن!“ ڊورين عجب مان چيو، ”ولسن-؟“ هن سوال واري نموني ۾ مون
ڏي ڏٺو. هن جي نرڙ تي ڪيترائي گهنج اچي گڏ ٿيا
هئا. ان اوچتي حملي مون کي ڪجهه دير لاءِ منجهائي
رکيو.
”وليم-ايل-ولسن“ مون زوريءَ چپن تي مرڪ آندي.
”وليم-؟“ ڊورين اڃان به ان جي پچر نه ڇڏي.
”ڳالهه دراصل اها آهي ته .......“ مون ڳالهه ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي،
”منهنجي پيءُ جي وفات منهنجي ننڍپڻ ۾ ٿي ويئي هئي.
منهنجي ماءُ جنهن ٻئي شخص سان شادي ڪئي، ان جو
نالو لاري، ولسن هو. هن قانوني طرح منهنجو نالو
بدلائي پنهنجي نالي تي وليم-ايل-ولسن رکيو ۽ جڏهن
هو مري ويو ته منهنجي ماءُ وري مون کي جان ملر سڏڻ
شروع ڪيو. پر قانوني طرح ته آئون وليم ايل ولسن ئي
ٿيس.“
هن سڄي ڳالهه دوران منهنجيون نظرون ان ويٽر تي ڄميل رهيون، جيڪو
منهنجو ڪريڊٽ ڪارڊ کڻي ويو هو ۽ ڪئشير منهنجو
ڪريڊٽ ڪارڊ هٿ ۾ جهلي ٽيليفون تي ڪنهن سان ڳالهائي
رهيو هو.
منهنجو سڄو جسم پگهر ۾ شل ٿي ويو هو. ائين لڳي رهيو هو ڄڻ دل
پاسرين جو پڃرو ڀڃي ٻاهر نڪري ايندي. مون کي پڪ
هئي ته هاڻ ڄاڻ ته ڪير نه ڪير رڙ ڪري چوندو:
”جهليوس انهيءَ کي هي وليم ايل ولسن ناهي پر هڪ
چار سؤ ويهه قسم جو ماڻهو آهي. مسٽر ولسن پنهنجن
ڪارڊن جي گم ٿي وڃڻ جو اطلاع هينئر ڏهه منٽ ٿيندا
ته ڏيئي چڪو آهي ۽ هن جا سڀ بئنڪ اڪائونٽ بند ڪيا
ويا آهن.“
هوٽل جي آرڪسٽرا ڊرم وڄائڻ شروع ڪيو، جنهن ماحول ۾ وڌيڪ سنسني
پئدا ڪئي. بلڪل ايئن جيئن سرڪس ۾ مٿاهين پينگهه تي
ڪمال ڏيکارڻ کان پهرين جڏهن ڪو فنڪار ڏاڪڻ تي
چڙهندو آهي ته ڊرم زور زور سان وڄايو ويندو آهي.
ڊرم جي تال ۽ آواز ۾ لڳاتار واڌارو ٿي رهيو هو.
”بائو“، ڊورين منهنجي ڪن ۾ زور سان رڙ ڪئي ۽ آئون بنا ڪنهن
مبالغي جي اٺ انچن جي لڳ ڀڳ اڇلجي ويس. ”اي! تون
نروس ڇو ٿي رهيو آهين“. هن منهنجي ٻانهن کي
لوڏيندي چيو، ”ڇا هتي توکي مزو نه آيو-؟“
مون ڪو به جواب نه ڏنو ۽ ويٽر کي گهوريندو رهيس جيڪو اسان ڏي
اچي رهيو هو.
هن چانديءَ جي ٿالهي ميز تي رکي. ٿالهيءَ ۾ بل، ڪريڊٽ ڪارڊ ۽
بال پين پيل هئا. مون سڪون جو ڊگهو ساهه کنيو ۽
پاڻ کي وڏي مشڪل سان بيهوش ٿيڻ کان بچايو.
پوءِ ڏڪندڙ هٿن سان پين کنئي پر اها هٿن مان ترڪي شراب جي گلاس
۾ ڪري پئي.
”ڇا ڳالهه آهي-؟“ ڊورين جي لهجي ۾ تشويش هئي.
”ڪجهه نه.“ مون پين کنئي ۽ وڏي مصيبت سان بل تي صحيح ڪئي.
پر ان ئي وقت هيڊ ويٽر اتي اچي پهتو ۽ صحيح ٿيل بل کي ٿالهيءَ
تان کنيو. پوءِ ڪجهه دير بل کي ڏسندو رهيو ۽ پوءِ
ان جو اڌ حصو ڦاڙي پنهنجي کيسي ۾ وڌو.
”اسان کي هن جي ضرورت ناهي، مسٽر ولسن!“ هن اهڙيءَ طرح چيو جو
منهنجي دل اڇلجي اچي نڙيءَ ۾ پيئي.
”اسان هينئر حساب لڳايو آهي ته توهان اسان جا ڏهه هزاروان نمبر
گراهڪ آهيو. ان ڪري اڄ جي رات توهان اسان جا خصوصي
مهمان آهيو. اسان کي پڪ آهي ته توهان اسان کي
ميزبانيءَ جو شرف بخشيندائو.“
”نه – نه! ڇا واقعي-؟ تعجب مان منهنجيون واڇون ٽڙي ويون، ”واهه!
هيءَ ته واهه جي ڳالهه ٻڌايوَ“.
”هيءَ اسان جي عزت افزائي آهي، مسٽر ولسن!“ هيڊ ويٽر نئڙي چيو.
ايئن لڳي رهيو هو ڄڻ خدا سڄي دنيا جي انسانن جون رحمتون اڄ مون
لاءِ ۽ فقط مون لاءِ مخصوص ڪري ڇڏيون هيون.
هيڊ ويٽر هڪ طرف هٿ جو اشارو ڪيو ۽ هڪ ويٽر ٽرالي ڌوڪيندو اسان
جي ميز ڏي وڌيو. ”ڊنر ته توهان کائي ويٺا آهيو. هن
ٽراليءَ ۾ اسان جي هوٽل ۾ موجود هرهڪ شراب جو
نمونو آهي. جيڪو توهان کي وڻي اهو پي سگهو ٿا.“
اسان چئني ڄڻن خوشيءَ جو هڪ گڏيل ٽهڪ ڏنو ۽ پنهنجي پنهنجي پسند
جي شراب جي بوتل کنئي.
ٽي ٽي گلاس پيئڻ بعد ڊورين جي ساهيڙيءَ جي چوڻ تي اسان اٿي کڙا
ٿياسين.
ٻاهرين دروازي وٽ ٻه پوليس آفيسر منهنجي انتظار ۾ هئا. هو سادي
عام لباس ۾ هئا پر مون کي ڇهين حواس ٻڌائي ڇڏيو ته
هو ڪير ٿي سگهن ٿا.
”مسٽر ولسن؟“ انهن مان هڪ منهنجي واٽ جهلي پڇيو.
”چئو“ مون پاڻ کي پرسڪون ظاهر ڪندي چيو.
”آءُ سارجنٽ پوليس آهيان.“ هن پنهنجو بيج ڏيکاري مون کي ٻڌايو.
”پوليس؟“ ڊورين منهنجو هٿ جهلي چيو. ”پوليس!“
”ڳالهه ڇا آهي سارجنٽ“ وڪيل دوست پڇيو.
پر سارجنٽ کان اڳ مون ڳالهايو: ”مون کي خبر هئي ته هڪ نه هڪ
ڏينهن هي مون تائين پهچي ويندا.“ مون ڊگهو ساهه
کنيو.
”پر تو آخر اهڙو ڪهڙو ڪم ڪيو آهي؟“ ڊورين پڇيو.
”ٽرئفڪ قانون جون ڀڃڪڙيون،“ مون ٻڌايو مانِ، ”مون وٽ چالانن جا
گهٽ ۾ گهٽ پنجويهه سمن آهن ۽ آئون هڪ دفعو به ڪورٽ
۾ نه ويو آهيان.“
سارجنٽ مون ڏي گهوريو، ۽ پوءِ هڪ نگاهه ڊورين تي وڌي ۽ ڪجهه
چوندي چوندي چپ ٿي ويو.
”پر هنن کي ڪهڙي خبر ته تون هتي موجود آهين؟“ ڊورين جلهه ڪئي.
”منهنجي ڪار ٻاهر بيٺي آهي. ان جي نمبر تي هنن جي نظر پئجي ويئي
هوندي. ڪيئن سارجنٽ؟“ سارجنٽ بنا ڳالهائڻ جي ڪنڌ
کي ڌوڻيو ۽ پوءِ آئون دوست وڪيل سان مخاطب ٿيس:
”منهنجو خيال آهي ته پوليس هيڊڪوارٽر تي مون کي
ڪجهه وڌيڪ ئي دير ٿي ويندي. تون هيئن ڪر جو ڊورين
کي واٽ تي گهر ڇڏيندو وڃجانءِ“ پوءِ ڊورين ڏي
مڙيس: ”سوئٽي! موقعو ملڻ سان توکي فون ڪندس.“
گڊباءِ چئي هو ٽئي روانا ٿيا.
”وڏي مهرباني، سارجنٽ!“ مون پوليس واري کي چيو.
”پياري ڇوڪري هئي.“ سارجنٽ چيو.
هيڊ ويٽر اسان جي ويجهو آيو ۽ ڦاٽل بل سارجنٽ کي ڏنو ۽ مون ڏي
نهاري چيو: ”مون کي تمام گهڻو افسوس آهي.“
”ڪا ڳالهه ناهي هونءَ مون کي ترسائڻ لاءِ ڏهه هزارئين مهمان
وارو بهانو سٺو هو.“
پوليس اسٽيشن ڏي ويندي خدا جي باري ۾ سوچيندو رهيس. ٿي سگهي ٿو،
خدا مون کي اهو ڪريڊٽ ڪارڊن وارو ٻٽون ان لاءِ ڏنو
هو ته آئون ڪروڙپتي مسٽر ولسن کي واپس موٽائي
ڏيان. ٿي سگهي ٿو ان کي ڪا خوبصورت ڌيءَ به هجي
جيڪا منهنجي ان ايمانداريءَ مان متاثر ٿي وڃي ها ۽
مون سان عشق ڪرڻ لڳي ها- يا وري اهو به ٿي سگهي ٿو
يا جيل ۾ جيڪي اڳئين دفعي گل ٻوٽا لڳايا هئم، انهن
کي منهنجي سخت ضرورت هجي.
بهرحال رب جي رازن کي ڪير سمجهي سگهيو آهي.؟
(آمريڪن ليکڪ: وارنر_لا)
* ادب ۾ جديد ۽ قديم جو قصو ڪم نظريءَ جو دليل به آهي ۽ بالغ
نظريءَ جو به. ڪم نظريءَ جو دليل ان سبب ڪري آهي،
جو جديد کان جديد ترين شاعر ۽ اديب به پنهنجي
ماضيءَ کان بلڪل منحرف نٿو ٿي سگهي. بالغ نظريءَ
جو دليل ان سبب ڪري آهي جو هر سچو فنڪار ڪنهن نقش
قدم تي هلڻ کان پاسو ڪندو آهي، ۽ پنهنجي منزل ۽
پنهنجي راهه پاڻ متعين ڪندو آهي...... هن جي
شروعات بغاوت سان ٿئي ٿي. ماضيءَ جي هر پراڻي نقش
سان عداوت، هن کي فني ارتقا ۾ معاون ثابت ٿئي ٿي.
پر آخر هو پنهنجيءَ منزل تي رسي پٺ تي اهي سنگ ميل
ڏسي ٿو، جيڪي جيڪڏهن موجود نه هجن ها ته هن جي
منزل تائين رسائي ناممڪن نه، ته به مشڪل ضرور ٿي
پوي ها.
شيخ اياز
* ننڍپڻ کان ئي مون کي پکين، سپين، جهنگلن ۽ ٻوٽن لاءِ محبت رهي
آهي. آئون سمنڊ جي سپين لاءِ گهڻين ئي جاين تي ويو
آهيان، جيڪي مون وٽ هاڻي تمام گهڻيون گڏ ٿي ويون
آهن. مون هڪ ڪتاب لکيو جنهن جو نالو آهي:
Art of birds.
مون
Seaquake, Bestiary
۽
The rose Herbolario
لکيا، جيڪي گلن، ٽارين ۽ ٻوٽن لاءِ وقف ٿيل هئا.
آئون قدرت کان الڳ ٿي رهي نٿو سگهان. مون کي هوٽل
ڪجهه ڏينهن لاءِ پسند آهن، ڪلاڪ کن لاءِ هوائي
جهاز کي پسند ڪندو آهيان پر حقيقت ۾ جهنگل ۾،
واريءَ تي، يا سمنڊ جي سفر ڪندي، باهه، ڌرتي،
پاڻي، هوا سان سڌي لاڳاپي ۾ ڏاڍو خوش هوندو آهيان.
پبلونروادا
|