مانجهند جا سنڌ ورڪي
عبدالله مگسي
قديم زماني جا مؤرخ سنڌ کي ’ايشيا جي راڻي‘ ڪري سڏيندا هئا،
ڇاڪاڻ ته هيءَ سر زمين تاريخ ۾ علم وهنر، صنعت
وتجارت، تهذيب وتمدن جو گهوراو پئي رهي آهي. هتان
جا سوداگر وڻجارا پنهنجي تجارتي مال سان وڏا ٻيڙا
۽ غوراب ڀرائي دنيا جي مختلف ملڪن خاص ڪري ايشا ۽
آفريڪا جي واپاري منڊين ۾ وڪرو ڪري غير ملڪي ناڻو
ڪمائي پنهنجي ملڪ جي شاهو ڪاريءَ ۾ اضافو ڪندا
رهيا. انهي تجارتي طبقي جي حيثيت سماج اندر ٻين
سڀني طبقن کان وڌيڪ مٿاهين ۽ اهم هئي. جنهن ڪري
هتي ڪيترائي اهڙا تجارتي شهر اڀريا جن جي خوبصورتي
ملڪان ملڪ مشهور ٿيڻ لڳي. انهن مشهور قديم تجارتي
شهرن مان ”مانجهند“ جو شهر به هڪ هو. جيڪو سنڌ
درياه تي آباد هئڻ ۽ درياهي پتڻ سبب واپاري منڊيءِ
جي حيثيت اختيار ڪري چڪو هو. پراڄ هي شهر زماني جي
تيز طوفانن، سياسي انقلابن، آمدرفت جي ذريعن ۾
تبديلين ۽ تجارتي لاڳاپن جي ٽٽي وڃڻ سبب اها
پنهنجي پراڻي عظمت رونق ۽ اهميت وڃائي چڪو آهي.
ايتري تائين جو خود اتان جي رهندڙن کي به هن شهرن
جي ماضي جي پوري ڄاڻ نه رهي آهي.
مانجهند شهر دادو ضلعي جي ڪوٽڙي تعلقي ۾ سنڌ درياهه جي اولهه
واري ڪناري تي انڊس هاءِ ويز جي اوڀر ۾ هڪ ڪلو
ميٽر جي مفاصلي تي واقع آهي، جيڪو ٽالپري دور کان
وٺي سنڌ جي نقشي تي اهم تجارتي منڊيءَ طور تي
اڀريو. شروعات ۾ هن شهر کي مانجهند قبيلي جي ماڻهن
آباد ڪيو، جنهن ڪري اڳتي هلي هي شهر انهيءَ قبيلي
جي نالي پٺيان سڏجڻ لڳو. سمنڊ کي ويجهو هئڻ سبب
هتان جي آب وهوا معتدل آهي. درياهي پتڻ هئڻ ڪري،
شهر تيزيءِ سان ترقي جون منزلون طئي ڪندو انگريزن
جي صاحبي ۾ پنهنجي عروج کي پهتو. هتان جا هندو
واپاري ۽ سيٺيون جاوا، سوماترا، آمريڪا ۽ يورپ
تائين واپار سانگي وڃڻ لڳا ۽ اتان ڌن (غير ملڪي
ناڻو) ڪمائي اچي، مانجهند ۾ وڏيون عاليشان دلڪش
فلڪ بوس عمارتون ٺهرائڻ لڳا، پر اڳتي هلي هن شهر
جي سونهن ۽ سوڀيا کي نظر لڳي ويئي. ورهاڱي ۽ دريا
شاه جي مستين هن شهر کي نهوڙي، سندس حسن، زيب زينت
کي مدهم ڪري ڇڏيو.
سرچارلس نيپئر 1843ع ۾ سنڌ فتع ڪرڻ جو ڏوهه ڪيو. انوقت سنڌ جا
ٽي مرڪزي شهر موجود هئا يعني حيدرآباد، شڪارپور ۽
ڪراچي جن ۾ اڪثريت هندو واپارين ۽ ڪامورن جي آباد
هوندي هئي. هندو ڪامورا عامل سڏبا هئا ۽ واپاري
طبقي سان واسطو رکندڙ هندن کي ڀائيبند سڏيو ويندو
هو.
رچرڊ برٽن پنهنجي مشهور تصنيف ”سنڌ ۽ سنڌو قومون“ ۾ انهن
ڀائيبند سيٺين يا شاهوڪارن لاءِ لکي ٿو ته
”شاهوڪار يعني واپاري دڪاندار هٽ واڻيا سماجي طور تي مسلمانن جي
پوشاڪ پائڻ کان پاسو ڪندا هئا. پڳڙيون انگوڇا لنگ
يا پوتيون ۽ بعضي ڪمر بند ۽ ڪلهن تي بوڇڻ يا شال
پائيندا هئا. اهي شاهوڪار لوهاڻا ڌارين ملڪن ۾ وڃي
ججهو ناڻو ڪمائيندا آهن. هنن جو مکيه وهنوار ڪپڙي
۽ هنڊين جو هوندو آهي. هنڊين جي ڪم ۾ خاص دلچسپي
هوندي اٿن: ڇاڪاڻ ته انهن تي هو پنهنجي مرضيءَ
مطابق وياج ۽ نفعو وٺي سگهندا آهن.“
برٽن صاحب جي مٿين لکڻي مان ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌ جو مال ڏيساور
ملڪن ۾ وڪري لاءِ ويندو هو ۽ وري اتان جو مال اهي
واپاري آڻي سنڌ ۾ وڪرو ڪندا هئا. انهن ڀائيبند
سيٺين جو ڪوٺيون مشرق وسطيٰ، افغانستان، ايران،
سريلنڪا، هندستان، بنگال ۽ اوڀر جي ڪيترن ئي ملڪن
۾ قائم هيون. انهي سلسلي ۾ محترم ڀيرومل مهرچند
آڏواڻي صاحب لکي ٿو.
”سنڌ جي مسلمانن وڻج واپار ڏي ڪڏهين به گهڻو ڌيان ڪونه ڏنو.
تنهن ڪري سنڌ جي وڻج واپار تي ڀائيبندن جو موروثي
حق ڄمي ويو. هيرن، جواهرن، سون، چانديءَ کان وٺي
ويندي ميوي ڀاڄين تيل تماڪ تائين هر جنس جو واپار
ڀائيبند ڪن ٿا. رگويد زماني کان وٺي انگريزن جي
دور جي پڄاڻي تائين سنڌي واپاري روم، ايران،
گجرات، عراق، سلون (سريلنڪا) جاوا، آفريڪا ۽ يورپ
تائين پنهنجون تجارتي ڪوٺيون قائم ڪري چڪا
هئا.“(2)
مٿي محترم ڀيرومل آڏواڻي صاحب سنڌ جي واپاري طبقي جو عالمي
لاڳاپن جو ذڪر تاريخي ڇنڊڇاڻ سان ڪري ثابت ڪيو آهي
ته اهي لاڳاپا قديم دور کان قائم هئا.
موجوده بئنڪنگ نظام جو آڳاٽي وقت ۾ نه هجڻ ڪري، انهن واپارين جو
واپار هنڊين ذريعي هلندو هو.(3) واپاري هتي هزارين
روپيا وٺي هونديون لکي ڏيندا هئا. جيڪا هنڊي لکائي
وٺندڙ ڌر پاڻ يا پنهنجي ايجنٽ جي معرفت ڪنهن
ٻاهرين ملڪ ۾ مٽائي سگهندي هئي. انگريزن جڏهين سنڌ
فتح ڪئي ته ان وقت هندو طبقي جي انهن ڀائيبند يا
سيٺين محسوس ڪيو ته نئين سياسي تبديلي کي سمجهڻ ۽
حڪمران ڌر جي گهرجن کي پوري ڪرڻ لاءِ ڪهڙا طريقا
اختيار ڪيا وڃن. ٻئي طرف وري انگريز حاڪم مسلمان
اڪثريت کان ڊنل هئا. کين انديشو هو ته ڪٿي
افغانستان وانگر عوامي بغاوت نه ٿئي ۽ کين ملڪ
ڇڏڻو نه پوي. ان ڪري نون حاڪمن کي وري هڪ اهڙي
وفادار طبقي جي ضرورت محسوس ٿي، جيڪو کين ڏکئي وقت
۾ مدد ڏئي سگهي. ان ڪري نون حاڪم طبقن جي خوشنودي
۽ ويجهڙائپ حاصل ڪرڻ ۾ پهريائين هتان جي هندو
سيٺين اڳتي قدم وڌايو. هنن هتان جو گهرو هنر، ڪپڙي
تي برٿ جو ڪم، جنڊي جو سامان، چمري جو سامان،
ڇيٽون، اجرڪ، کيس ۽ زيورات وغيره انگريز فوجي ۽
سول آفيسرن کي پنهنجي نوڪرن يعني ڦيري واري معرفت
وڪرو ڪري ڏيندا هئا ۽ هو انهن شين کي خريد ڪري
پنهنجن مٽن مائٽن کي سوکڙي طور موڪليندا هئا.
انگريز حاڪم انهن شين جي خريداريءَ وقت ڦيري واري
کان پڇندا هئا ته ڇا هي سنڌ جو هنر آهي؟“
“Is this Sindh work?”
اهڙي ريت جڏهين انهن سيٺين جي ڦيريوارن محسوس ڪيو
ته هو سنڌ جي ورڪ (هنر) ۾ دلچسپي وٺي رهيا آهن ته
پنهنجو سامان انگريز آفيسرن کي وڪرڻ ڪرڻ وقت چوندا
هئا ته اوهين ڪجهه سنڌ جو ٺهيل هنر ڏسندا
“You want to see Sindh work” انهي نسبت سان اڳتي هلي عام ماڻهو انهي ڦيري وارن کي
سنڌ ورڪي جي نالي سڏڻ شروع ڪيو(4) جيڪو پوءِ عام
طور تي اهڙين واپارين کي سڏيو ويو. جيڪي سنڌ جو
ٺهيل مال جو واپار ڪندا هئا. جڏهين انهن سنڌ ورڪين
محسوس ڪيو ته سندن مال جا وڏا ۽ فائديمند خريدار
فقط انگريز آهن ته انهن مان ڪي ماڻهو سنڌ جي
ڪاريگرن جو ٺاهيل مال کڻي سنڌ کان ٻاهر انهن شهرن
ڏانهن وڃڻ لڳا، جتي کين خبر پئي ته انگريز ماڻحو
گهڻائي ۾ رهن ٿا. ڪلڪتو، بمبئي، مدراس انهن سنڌ
ورڪين جا اهم مرڪز ٿي پيا جتي هندو سيٺين پنهنجون
ڪوٺيون قائم ڪري، نوڪرن ذريعي ڦيرو ڪرائي پنهنجو
خريد ٿيل مال کپائڻ لڳا. انهن سنڌ ورڪين لاءِ چيتن
ماڙيوالا لکي ٿو ته:
”سنڌي واپاري جيڪي سنڌ ورڪي جي نالي سان مشهور آهن، تن جو واپار
سڄي دنيا ۾
ڦهليل آهي. هو پنهنجي دڪان سميت دنيا جي هر ڏورانهن حصي ۾ موجود
آهن. سندن ئي ڪري سڄي دنيا سنڌ جي نالي کان واقفيت
ٿي آهي“ (5)
سنڌ ورڪين کي دنيا ۾ پنهنجون تجارتي ڪوٺيون قائم ڪرڻ لا3
انگريزن ڪافي سهولتون ڏنيون ڇاڪاڻ ته انگريزي دور
۾ سنڌ اندر صنعتي ماحول ۽ سرمائيداري نظام پيدا ٿي
نه سگهيو ڇاڪاڻ ته سڀئي ڪارخانه انگلنڊ جي سرزمين
تي قائم ڪيا ويا هئا. ان ڪري هتي فقط واپاري ۽
جاگيرداري نظام کي قائم رکيو ويو. صنعڪارن پاڻ
تجارتي مال واپاري طبقي کي ٿوڪ اگهه تي وڪرو ڪري
پئي ڏنو. ۽ واپاري شاهوڪار يا سيٺ وري پنهنجن
گودامن نوڪرن ۽ ڀلا وڻن جي ذريعي انهي مال جو وڪرو
ڪرڻ لڳا جنهن ڪري صنعت ڪار واپاري سيٺ کي نفي مان
ڪجهه حصو ڏيڻ لڳو. انگريز حڪمران پنهنجي صنعت کي
وڌائڻ ۽ صنعت ڪار کي رياستي تحفظ مهيا ڪرڻ لاءِ
جيڪا حڪمت عملي اختيار ڪئي، ان ڏانهن اشارو ڪندي
محترم سراج احٰق ميمڻ صاحب لکن ٿا؛
”انگريز هندستان ۾ محض پنهنجي واپاري طبقي جي مفادن لاءِ داخل
ٿيا هئا ۽ سندن مکيه معاشي لاڙن ۽ تبديلين سبب
هاڻي کين مال جي بدران خريد ڪرڻ بدران مال وڪڻڻ
لاءِ بازارين ۽ مارڪيٽن جي تلاش هئي. انهن ٻنهي
ضرورتن انگريزن کي بيٺڪون هٿ ڪرڻ تي آماده
ڪيو“(6).
اهڙي طرح سنڌ اندر انگريزن سنڌ ورڪين جو هڪ اهڙو طبقوتيار ڪيو
جيڪي ملڪي گهرو هنرن سان گڏوگڏ انگريزن جي تيار
ٿيل مال کي ملڪ جي اندر يا ٻاهر بازارين ۽ مارڪيٽن
۾ وڪرو ڪري انهي لاءِ خريدار پيدا ڪري ۽ بيٺڪي
نظام لاءِ مضبوط بنياد فراهم ڪري. سنڌ ورڪي سيٺ
ڌاريئي ملڪ ۾ پنهنجي ڪوٺي قائم ڪرڻ کان اڳ ان ملڪ
۾ وڃي پاڻ ٿوري رقم سان ڦيرو ڪري ۽ ڪجهه نوڪرن کان
ڦيرو ڪرائي اتان جي واپاري ضرورتن، ماڻحن جي قوت
خريداري، مالي ۽ جاني تحفظ ملڪي قانون ۽ رياستي
ادارن جو غور سان جائزي وٺڻ کان پوءِ اتي پنهنجي
ڪوٺي يا ڪارخانو قائم ڪندو هو. ڦيري دوران سيٺن ۽
نوڪرن کي هيٺين قسم جي ڄاڻ ملندي هئي:
1- ڦيري ۾ تمام ٿوري موڙي گهربي هئي، ان ڪري ٿوري جوابداريءَ
سان کين خبر پئجي ويندي هئي ته نئون شهر سندن
واپار واسطي ڪيتري قدر فائديمند آهي.
2- اتي جي ٻولي جي واقفيت کين ڦيري جي رستي ٿي ويندي هئي، ڇاڪاڻ
ته ڦيري دوران سندن واسطو گهڻن ماڻهن سان پوندو
هو، جن سان هو سندن مقامي ٻوليءَ ۾ ڳالهائيندا
هئا.
3- حڪومتي محصولن جي قسمن انهن جي ادائگيءَ جي کين خبر پئجي
ويندي هئي، جنهن کي خيال ۾ رکي حساب لڳائيندا هئا
ته سندن مال اتي فائدي سان وڪامي سگهندو يا نه.
4- ڦيري رستي ڪجهه نه ڪجهه کين واپاري مرڪزن جي ڄاڻ ملي ويندي
هئي ان ڪري کين پنهنجي ڪوٺي يا دڪان کولڻ ۾ آساني
ٿي ويندي هئي. جتي هو پنهنجو مال فائدي سان وڪرو
ڪندا هئا.(7)
ڦيري وارا نوڪر اڪثر ڪري بي علم هوندا هئا، جنهن ڪري هو پنهنجو
ڪو به حساب ڪتاب نه رکندا هئا پر سندن منيب (8)
پٽين تي عارضي طور تي ڏيتي ليتي جو حساب رکندا
هئا. ان ڪري اهي ڦيري وارا نوڪر هميشه سيٺين
ڀائيوارن کي ڀلا وڻن جي استحصال جو شڪار رهندا
هئا. ساڻن هميشه غير انساني سلوڪ رکيو ويندو هو.
وياج جي ذريعي سندن حيثيت غلامن کان به بدتر هئي،
جنهن ڪري انهن ۾ ڪيتريون ئي سماجي ڪمزوريون پيدا
ٿيڻ فطري ڳالهه هئي.
ڦيري واري کان پوءِ سنڌ ورڪين ۾ ٻي اهم حيثيت ڀلا وڻي جي هوندي
هئي. سندس ذمي اها جوابداري هئي ته ڏيساور مان مال
خريد ڪري يا موڪليل مال ڦيري وارن ذريعي وڪرو ڪري.
ڀلا وڻي کي پرڏيهه ۾ ڪافي سهولتون حاصل هونديون
هيون. پر جڏهين هو مسافري تان واپس وطن موٽي ايندو
هو. تڏهين کيس حقيقت جي خبر پوندي هئي کيس وياج
خور سيٺين انهن سهولتين جي نالي ڪيئن کين گروي ڪري
ڇڏيو آهي. پوءِ سندس سڄي عمر سيٺ جي شرطن تي محنت
ڪندي، سندس ٽجوڙيون ڀريندي گذرندي هئي.(9(
ڀَلاوڻن ۽ ڦيري وارن جي سرگرمين تي نظر رکڻ لاءِ پريڏيهه ۾
گماشتا مقرر ٿيل هوندا هئا. گما شتو اڪثر ڪري
پگهار دار ماڻهو هوندو هو. نفعي نقصان ۾ سندس ڪو
به
واسطو نه هوندو هو. پر سنڌ ورڪي پاڻ وٽ پگهار
دار گماشتا نه رکندا هئا ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ سان
کين نقصان پوڻ جو انديشو هوندو هو، ان ڪري هو ٻين
گماشتن کي ڌنڌي ۾ پگهار جي بدارن نفعي جو ڪجهه حصو
ڀائيواري طور تي ڏيندا هئا. ڪنهن به ملڪ ۾ ڪوٺي يا
ڪارخانو قائم ڪرڻ وقت ڌنڌي دوران وڌيڪ پئسن جي
ضرورت پوندي هئي ته سيٺ کيس گهربل پئسا وياج تي
ڏيندو هو. وياج جو اگهه ڪارخاني ڪڍڻ وقت سيٺ ۽
ڀائيوار پاڻ ۾ طئي ڪندا هئا. جيڪڏهن انهن ڀائيوار
مان ڪو ڪارخانو هلائڻ لاءِ پئسا ڏيندو ته اهو
شاهوڪاري وياج وچ مان کڻندو آهي. جيڪڏهن ڪو ٻيو
ماڻهو ڌراوت طور پئسا رکندو آهي ته انهن کي به
وياج ملندو جيڪو وچ مان کڻندو آهي. جيڪڏهن ڪو ٻيو
ماڻهو ڌراوت طور پئسا رکندو آهي ته انهن کي به
وياج ملندو جيڪو وچ مان ڪڍيو ويندو آهي. ڪوٺي قائم
ڪرڻ وقت سيٺ ۽ گماشتن جي وچ ۾ پتيون ڄاڻايل
هونديون هيون. پڇاڙيءَ ۾ نفعو يا نقصان انهن پتين
موجب سيٺ ۽ گماشتن کي ڦانڊ جي ملندو آهي. پر
جيڪڏهن خود سيٺ به پاڻ پنهنجي ڪارخاني ۾ ڪم ڪندو
هو ته سيٺ کي ٻه پتيون نفعي ۽ نقصان جو ملنديون
يعني هڪ پتي ڪم جي عيوض جي ۽ ٻي هئي سندس موڙيءَ
جي. ڪارخانو يا ڪوٺي کولڻ وقت ڌرمائو (خيراتي) پتي
به رکي ويندي هئي. جيڪا حساب ڪتاب ڪرڻ کان پوءِ
دان طور تي ڏني ويندي هئي. اهو دان متي ۾ ڪنهن جي
نالي لکن ان لاءِ ڌرمائو جو اکر استعمال ڪيو ويندو
هو. ڌرمائو جو هڪ پئسو پتي طور تي لکبو هو پر
روزانو جيڪا هو خيرات ڏيندا هئا سا ڌرمائو جي کنڌي
لکندا هئا آخر ۾ ڦانڊڻ وقت ڌرمائو جي نفعي مان
سندس کنڌي وارا پئسا ڪاٽي باقي پئسا ڪنهن خيراتي
ڪم ۾ صرف ڪندا هئا. يا وري ڀائيوار پنهنجن پتين
موجب ورهاست ڪري پاڻ جدا جدا وڃي دان ڪندا هئا.
نقصان پوڻ جي حالت ۾ ڌرمائو جي کنڌي وارا پئسا سيٺ
۽ ڀائيوار پتي موجب ڀريندا هئا. ڀائيوار کي قانون
موجب ڏهن روپين جي دستاويز تي ڀائيوار نامو (متو)
لکڻو پوندو هو. پر جيڪڏهن ڪنهن ڪارخاني ۾ ڀائيوارن
جو تعداد 19 کان مٿي هوندو هو ته اهي سرڪاري قاعدي
موجب بمبيءَ جي جائنٽ اسٽاڪ ڪمپني جي رجسٽرار وٽ
پنهنجو نالو داخل ڪرائيندا هئا. جنهن ڪري کين وقت
به وقت پنهنجو حساب ڪتاب سرڪار کي ڏيکارڻو پوندو
هو. اهڙي طرح کين پنهنجن حصن جي تعداد جي حد مقرر
ڪرڻي پوندي هئي ۽ پنهنجي ڪارخاني يا فرم جي پٺيان
لميٽيڊ
Ltd لفظ گڏيندا هئا (10) ڀائيوارن ۽ ڀلاوڻن جي وچ ۾ رابطي ۽ تجارتي
صورتحال کان آگاهي حاصل ڪرڻ لاءِ منيب مقرر ٿيل
هوندا هئا. جيڪي گهڻو ڪري پگهار دار مينجر (Manager)
هوندا هئا. جيڪي ڪارخاني جي سڄي حساب و ڪتاب لاءِ
بنديون رکندا هئا. جن ۾ هيٺيون ڳالهيون درج ڪيون
وينديون هيون.
1- مال ڪيتري ناڻي جو خريد ڪيائين ۽ ان مان ڪيترو نفعو يا نقصان
پيس.
2- مال جو ڪيترو انداز خريد ڪيائين ۽ ڪيتر وڪرو ڪيائين باقي
ڪيترو مال وٽس موجود آهي.
3- جدا جدا ماڻهن کي ڪارخانو ڇا لهڻي ۽ ٻيا ان کان ڇا لهڻن يعني
کيس ڇا ڏيڻو آهي ۽ ڇا ملڻو آهي.
4- صافي موڙي يا جمع ڪيتري آهي. يعني ڪنهن مقرر ڪيل وقت ۾ واپار
۾ ڪيترو نفعو يا نقصان ٿيو آهي.
اهڙي طرح سنڌ ورڪين وٽ آخري ۽ مٿاهين- حيثيت سيٺ جي هوندي آهي.
سيٺ يا شاهوڪار اهڙو ماڻهو هوندو هو جيڪو مور
سيڙائي ڪو ڌنڌو يا ڪارخانو کولي ان ڌنڌي جو نفعو
يا نقصان سندس ذمي هوندو هو. اهي سيٺ يا شاهوڪار
ٻاهرين ملڪن ۾ رهائش اختيار ڪو نه ڪندا هئا. سندن
هيڊ آفيسون ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور ۾ هونديون
هيون.
اهي سيٺون ڦيري وارن ڀلاوڻن، منيبن ۽ ڀائيوارن جو استحصال مختلف
حربن ۽ چالاڪين سان ڪندا هئا. ڀائيبندن جي مڪارين
چالا ڪين ۽ استحصال ۾ سنڌ جا عامل هندو به شامل
هوندا هئا. جيڪي ڪوڙن دستاويزن، سَندَن ۽ مهرن
ٺاهڻ جا ماهر هوندا هئا، (11) ان ڪري سنڌورڪي سيٺ
سندن خدمتون حاصل ڪندا هئا. عدالتن ۾ سندن مدد
وٺندا هئا.
مانجهند هڪ درياهي پتڻ هجڻ ۽ حيدرآباد کي ويجهي هئڻ سبب هتان جا
هندو سيٺ ۽ واپاري سنڌ جي مختلف شهرن جهڙوڪ هالا،
بوبڪ، جوهي، سن، سيوهڻ،دادو سڪرنڊ نواب شاهه،
مورو، دولت پور، نصرپور وغيره مان سوٽي ڪپڙو،
گربي، شالون، اجرڪ، ڇيٽون، برٿ جو ڪم، ڪاٺ تي اُڪر
جو ڪم نير، ميندي گهوڙن جا هنا، خرزينون چمڙي مان
ٺهيل سامان سون چاندي جا زيورات وغيره خريد ڪري
انگريز عملدارن وٽ اچي وڪرو ڪندا هئا. آهستي آهستي
هتان جي سيٺين يا شاهوڪارن پنهنجون ڪوٺيون دنيا جي
مختلف ملڪن ۾ قائم ڪيون. ٻاهرين ملڪن مان پنهنجن
ڪوٺين ذريعي لونگ، گرم مسالو، ريشمي ڪپڙو، سڪل
ميوو، قيمتي موتي، جديد مشينري، کنڊ، چيني جا برتن
وغيره خريد ڪري پنهنجي گماشتن معرفت سنڌ، عرب ملڪن
افغانستان، ايشا، آفريڪا يورپ جي منڊين ۾ وڪرو ڪري
ناڻو ڪمائيندا هئا. سيٺ ٻاهرين ملڪن جومال سڌي طرح
نه گهرائيندا هئا پر هو پنهنجن ڀائيوارن ۽ گماشتن
معرفت مال خريد ڪندا هئا. ان لاءِ وٽن هي سبب هئا:
1- متان وڏن شهرن جا واپاري مال موڪلڻ ۾ ڪا حرڪت نه ڪن.
2- گهڻن واپارين کان ڌار ڌار مال گهرائڻ ڪري رستي ۾ گهڻو خرچ
اچي پئي ويو. ان ڪري سندن دلال گهربل مال جاچي
جوچي ڪفايت سان خريد ڪري موڪليندا هئا.
مانجهندا جا سنڌ ورڪي پنهنجي ڪارخاني جو سڄو حساب ڪتاب خداآبادي
واڻڪن اکرن ۾ ڪندا هئا. انهي آئيوٽيا م سراسري
چاليهه اکر هوندا هئا. جن مان ڏهه حرف علت ۽ ٽيهه
حرف صحيح جا هوندا هئا. واپارين يا سيٺين جي مقرر
ٿيل مشين ۽ عاملن جو انهن لکڻين سان ڪو به واسطو
ڪو نه هوندو هو. (12) سيٺين کي جدا خدا آبادي اکرن
۾ پنهنجي ليکي چوکي رکڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ اسان
جي نظر ۾ ان جا هي سبب ٿي سگهن ٿا.
1- سيٺ پنهنجن روزنا مچن ۾ پنهنجو حساب ڪتاب خاص آئيوٽيا ۾ لکي
عام ماڻهو، پنهنجن ڀلاوڻن، منشين ڀائيوارن کان
واپار ۾ ٿيل نفعي ۽ نقصان کي راز ۾ رکڻ جي ڪوشش
ڪندا هئا.
2- کين اهڙي لپي استعمال ڪرڻ سان ڦيري وارن کان وٺي ڀائيوارن
تائين حساب ڪتاب ۾ دوکي ڏيڻ، وياج، مسافري جو خرچ،
اوڌر وغيره جي نالي ۾ استحصال يا ڦرلٽ ڪرڻ ۾
سولائي ٿيندي هئي. هندو عاملن کي به جعلسازي ڪري
ڏيڻ ۾ سولائي ٿيندي هئي.
وقت جي تبدلي ڪري ڪيترائي سيٺ ۽ انهن جو اولاد انگريزي تعليم
حاصل ڪري ٻاهرين ملڪن ۾ رهائش اختيار ڪئي. اتي
پنهنجي ڪارخاني جون آفيسون کولي ڪاروبار کي تمام
گھڻو وڌايو. مانجهندن جون ڪيتريون ئي مشهور سنڌ
ورڪي شخصيتون هيون جن جي محنت سان ٻاهرين مڪلن جو
ڪمايل ناڻو سنڌ جي خوشحاليءَ جو سبب بنيو. هتان جي
سماجي زندگيءَ تي خوشگوار اثر پيا. حيدرآباد،
ڪراچي مانجهند شڪارپور لاڙڪاڻو سکر ۾ فلڪ بوس
عاليشان محل عمارتون باغ باغيچا تفريح گاهون قائم
ٿيون. مانجھند جي انهن مشهور سنڌ ورڪين جو ذڪر هيٺ
ڏجي ٿو.
(1) سيٺ منگهرمل ٽيڪچند ڌانواڻي
هن جي واپاري ڪوٺي جاوا (انڊنيشا) ۾ موجود هئي، کيس واپار مان
تمام گهڻو نفعو ٿيو، جنهن مان هن زمين خريد ڪري
زمينداري ڌنڌو اختيار ڪيو، جنهن ڪري آس پاس جي
ماڻهن ۽ ڪامورن سان سندس سٺا لاڳاپا پيدا ٿيا.
انگريز سرڪار سندس خدمتن کي محسوس ڪندي کيس راءِ
بهادر جو لقب ڏنو،ان ڪري سندس سياسي اثر ايترو ته
وڌي ويو جو هي ڪيترن ئي سالن تائين مانجهند
ميونسپالسٽي۽ نوٽيفائيڊ ايريا جو پريزيڊنٽ ۽
چيئرمين رهيو. ان کان سواءِ تعلقي لوڪل بورڊ
مانجهند جو ميمبر پڻ هو. (13)
(2) سيٺ ڏيارام
سيٺ ڏيارام سريلنڪا ۾ واپار ڪندو هو. سنڌ جي ٺاهيل ڪپڙي جي ڪوٺي
سريلنڪا ۾ کوليائين. اتي ڪافي عرصو رهيو جنهن ڪري
تمام گهڻي رقم ڪمائي 1932ع ڳوٺ مانجهند موٽي آيو.
اچڻ سان زمين ورتائين زمينداري سبب سندس تعلقات
تعلقي جي چڱن مڙسن، زمينداري آفيسرن سان قائم ٿيا.
پاڻ سنجيده قسم جو ماڻهو هو. پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ
ڀارت لڏي ويو.(14)
(3) سيٺ ڏوڏومل
سيٺ ڏوڏومل جاوا ۾ پشن جو واپار ڪندو هو. سندس ڪارخاني جون
ڪيتريون ئي برانچون ڪراچي، تربت، پسني ۾ قائم
هيون، جتان سڪل مڇي خريد ڪري انڊونيشا ۽ بنگال
ڏانهن موڪليندو هو. سڄي عمر سنڌ ورڪي ٿي رهيو.
سندس چوڻ هو ته پئسوئي طاقت ۽ عزت جو بنياد آهي.
ٻيڙيون ٺهرائي ڀائيواري يا ونڊيءِ تي محلاحن کي
ڏيندو هو.
پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ بمبيءَ ۾ وڃي رهائش اختيار
ڪيائين، جتي پڻ هڪ ڪپڙي جي ڪوٺي کوليائين 1951ع ۾
ديهانت ڪري ويو. کيس ٽي پٽ ۽ ٻه ڌيئريون اولاد ۾
هيون. (15)
(4) سيٺ آسن داس
سيٺ آسن داس اصل ڳوٺ خاسائي جو رهاڪو هو. بعد ۾ اتان لڏي اچي
مانجهند ۾ رهڻ لڳو. گوادر مان مڇي جو واپار ڪري
هانگ ڪانگ موڪليندو هو. سندس سيٺ ڏيارام سان دوستي
هئي، پر آخر تائين سنڌورڪي ٿي رهيو، سيٺ آسن داس
هنڊين جو ڪم ڪندو هو. وياج خوريءَ کي عيب نه
سمجهندو هو. چوندو هو ته وياج موڙيءَ جي مزدوري
آهي. انگريز بهادر جي سرڪار پاڻ وياج وٺي ٿي. (12)
(5) سيٺ کٽو مل
هي مانجهند جو مشهور سنڌورڪي هو، سندس نالي پٺيان سندس خاندان
کٽواڻي سڏجڻ ۾ آيو. سندس نک (لهر) هئي. کيس
سنڌورڪي ۾ ڪو خاص نفعو نه ٿيو، جنهن ڪري زندگيءَ
جا آخري ايام غريب ٿي گذاريائين کيس ٻه پٽ هئا:
گنگار رام ۽ نٿر مل، سيٺ گنگاررام ڪراچي ۾ پنهنجو
ڪاروبار قائم ڪيو پر پئسي جي گهٽتائي سبب ڪاروبار
ڇڏي ڪراچي ۾ ڦيري ڪرڻ لڳو. سندس پٽ واڌومل سيٺ
وشنداس مانجهوءَ واري وٽ ڪراچي ۾ ان جي گدام جو
مئنيجر ٿيو. هن جي معرفت سندس چاچو نٿر مل ۽ بعد ۾
سندس سوٽ رتومل به سيٺ وشنداس وٽ ملازمت ڪرڻ لڳا.
جتي هنن سٺي موڙي ٺاهي. (17)
(6) سيٺ کيئلداس ۽ سيٺ ايسرداس
هي ٻئي سيٺ ورندمل جا پٽ هئا، پهريائين ڪراچيءَ ۾ پنهنجو ڪم
ڪندا هئا، جنهن مان تمام گهڻو پئسو ڪمايائون، سيٺ
کيئلداس گدامي پنچات جو پريزيڊنٽ ٿيو ۽ ڀاڻس سيٺ
ايسرداس ڪراچي ڪاٽن ائسوسيشن جو پريزيڊنٽ ۽ سنڌ
اسيمبليءَ جو ڪانگريسي ميمبر ٿيو. (18)
(7) ميشرس ڪي اين ڏنامل
مانجهند جو هي سپوت انهن اوائلي سنڌورڪين مان هو، جن پنهنجون
تجارتي ڪوٺيون فلپائين، انڊونيشا ۽ هندستان جي شهر
سورت ۾ قائم ڪيون. ڪي ايب ڏنامل جي پيءُ جو نالو
چيلارام هو. 1942ع ۾ جنگ دوران سندس فرم کي ڪافي
نقصان پهتو، جنگ دوران ڪي اين ڏنا مل پنهنجي
ڳوٺاڻي وسيامل اَسومل جي چوڻ تي سڀاس چند ربوس جي
مالي مدد ڪئي. (19)
(8) ميشرس ٽي پرسومل
مانجهند جي هنن سيٺين جون واپاري ڪوٺيون جپاني شهرن ڪوبي ۽ يوڪو
هاما ۾ قائم هيون. جنگ عظيم ٻي ۾ هنن کي نقصان
پهتو. اتي ڪيترن ئي سنڌورڪين کي ماري وڌائون. جن ۾
ٽي پرسو مل پڻ هو. (20)
(9) ميشرس وسيامل آسومل
مانجهند جي سرزمين کي اهو فخر حاصل آهي ته اتي وسيامل آسو مل
جهڙا محب وطن ماڻهو پيدا ٿيا جن سنڌ کا ٻاهر جپان،
لٽا، فاڪلينڊ ٻيٽن، سائوٿ آمريڪا ۽ جبرالٽر ۾
پنهنجون تجارتي ڪوٺيون قائم ڪري اتان تمام گهڻو
ناڻو ڪمائي پنهنجي وطن سنڌ موڪليندا رهيا.
حيدرآباد، ڪراچي ۽ مانجهند ۾ فلڪ بوس عمارتون
تعمير ڪرايون وسيامل آسومل دنيا جي اندر انگريز
سلطنت شاهي خلاف هلندڙ جدوجهد جو چڱي نموني اڀياس
ڪيو. ان ڪري هن ملڪ کان ٻاهر رهندڙ سنڌ ورڪين کي
چندربوس ۽ مهاتما گانڌيءَ جي مدد ڪرڻ جي ترغيب
ڏيندو رهيو. (21)
حوالا ۽ واڌارا
1- رچرڊ برٽن مترجم محمد حنيف صديقي ”سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾
وسندڙ قومون“ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد سال 1971ع ص
260
2- آڏواڻي ڀيرومل مهرچند ”سنڌ جي هندن جي تاريخ“ ڀاڱو ٻيو 1947ع
ص 71-69
3- هنڊي: ناڻي جي هڪ چٺي
(Draft)
آهي جا لکندڙ پاڻ يا پنهنجي گماشتي کي يا پنهنجي
ڀلا وڻي کي لکندو آهي. هن جا ٻه قسم هوندا هئا.
درسني هنڊي ۽ ٻي دري واري هنڊي. جيستائين هنڊي ڀري
نه آهي، تيستائين هو وڪامي سگهي ٿي، يعني بازار ۾
ان جو ملهه آهي. تنهن ڪري چئبو ته هنڊي به هڪ قسم
جو نوٽ هو. نوٽ ۽ هنڊيءَ جي وچ ۾ هي فرق آهي ته
نوٽ جو ملهه هميشه ساڳيو آهي ۽ هميشه هلي سگهي ٿو
۽ قائدي موجب هر هڪ ماڻهو اهو قبول ڪرڻ لاءِ ٻڌل
آهي. ان جي ضمانت حڪومت ڏيندي آهي. مگر هنڊيءَ جو
ملهه ناڻي جي سوڙهه ڪري ۽ ٻين سببن ڪري تبديل
ٿيندو هو، سندس ملهه رڳو سندس ڀرجڻ تائين هوندو
هو. تنهن کان پوءِ اها رد ٿي ويندي هئي. ان جو
قبول ٿيڻ لکندڙ جي ڪارپت تي مدار رکندو هو. اهڙي
طرح هنڊي ذريعي واپاري ناڻي جي مٽاسٽا هڪ شهر يا
ملڪ کي ٻئي شهر يا ملڪ تائين سولائيءَ سان ڪري
سگهندا هئا. هنڊي گم ٿيڻ جي صورت ۾ پائنٽ ۽
پرپائنٽ لکي ڏنو ويندو هو. هنڊي ۾ جيڪا ٻولي
استعمال ڪئي ويندي هئي تنهن جو سٽاءُ هن ريت هو:
ايڪو سهاءِ
انگين اکرين روپيه سو ڇهه 00-600 نيمي روپيه ٽي، تنهنجا بڻيا
روپيه سو ڇهه ڀائي پريتمداس تلوڪچنداڻي ڏيجه.
حيدرآباد مان تاراچند پر سراماڻي چوي ته اسان هت
ڀائي ڀڳوانداس ٺاڪرداس جي پاسي راکي. توهان ڪراچي
منجهه شاه واپاري جوڳ ڀري ڏيوڻا.
متي سانوڻ تاريخ 3 سنبت 1943ع درسني
هنڊي جي مٽائي ڏيندڙ هنڊي جي پٺ تي ڀريل هنڊيءَ کي ”کوکو“ سڏيو
ويندو هو. هنڊيءَ جي تبديل ٿيڻ يعني پئسا ڀري ڏيڻ
کي ”سهڪارڻ“ چئبو هو، ۽ هنڊي جڏهين نه ڀر جي تڏهين
لکي ڏيندڙ کي ”ناڪارو“ چئبو هو. اهڙي طرح هنڊي لکي
ڏيندڙ ڌر هنڊي لکڻ جا وڌيڪ پئسا وصول ڪندي هئي،
جنهن کي هنڊياڻو چئبو هو. درسني هنڊي اهڙي هنڊيءَ
کي چئبو هو، جنهن جي ڏيکارڻ سان پئسا وصول ڪيا
وڃن. ان تي هڪ آني جو اسٽامپ هڻبو هو. مدي واري
هنڊيءَ ۾ مدو ڄاڻائيندا هئا. ان هنڊيءَ تي شاهوڪار
ڪجهه وياج ڏيندو هو. مدي واري هنڊيءَ ۾ ”کرا“ يا
”پڪا“ ۽ ”ڪچا“ ڏينهن لکيا ويندا هئا. اهڙي ريت
هنڊي وڪرو به ڪئي ويندي هئي.
4- ٽيڪچند ڪرمچند مير چنداڻي ”سنڌ ورق ۽ سنڌ ورقي“ آر ايڇ
آڏواڻي ۽ ڪمپني حيدرآباد سنڌ 1920ع ص 1
5- انيس انصاري مقالُو ”شڪارپور جا واپاري ۽ سندن واپاري
ڪوٺيون“ ڪتاب- شڪارپور صدين کان- سال 1986ع ص 98
6- ڇٻلاڻي ايس پي ڊاڪٽر مترجم ميمڻ سراج الحق ”سنڌ جي اقتصادي
تاريخ“ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد ص 15
7- ميرچنداڻي ٽيڪچند ڪرمچند ”سنڌو ورق ۽ سنڌ ورقي“ حيدرآباد
1920ع ص 5-6
8- ڪتاب ايضاً ص 10
9- ڪتاب ايضاً ص 78-60-59
10- هڪ هٽي سرمائيڪاري ۽ صنعتڪاري جو اصول آهي ته سماج اندر
ننڍن ننڍن ڪارخانن ۽ هنرمندن جي گهڻائي هوندي به
اهي واپاري شاهوڪارن ۽ سيٺين سان مال جي وڪري وقت
مقابلو ڪري نه سگهندا هئا، ان ڪري اهي هنرمنديءَ
پنهنجو مال مختلف فرمن ڪمپنين کي وڪرو ڪري ڏيندا
هئا. جنهن لاءِ انهن فرمن ۽ ڪمپنين کي بمبئي جي
اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ پاڻ کي رجسٽر ڪرائڻو پوندو هو.
هنرمند ماڻهو هڪ هٽي سرمائيدار (لائيسن يافتـﮧ) کي
پنهنجو مال ان جي مقرر ٿيل شرطن ۽ قيمتن تي وڪرو
ڪرڻ تي مجبور هوندا هئا.
11- رچرڊ برٽن مترجم صديقي محمد حنيف ”سنڌ ۽ سنڌوَ ماٿريءَ ۾
وسندڙ قومون“ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد 1971ع ص277
12- ڪتاب ايضاً ص 144
13- جي ايم سيد ”جنب گذاريم جن سين“ جلد پهريون سنڌي ادبي بورڊ
حيدرآباد ڇاپو ٻيو سال 1979ع ص 8
14- روايت پروفيسر عبدالستار ڪانڌڙو گورنمينٽ ڪاليج دادو رهندڙ
سن ضلع دادو
15- روايت ساڳي
16- روايت ساڳي
17- آڏواڻي ڀيرومل مهرچند ”سنڌ جي هندن جي تاريخ“ ڀاڱو ٻيو سال
1947ع ص 317
18- ڪتاب ايضاً ص 317
19- ڪتاب ايضاً ص 79-77
20- ڪتاب ايضاً ص 76
21- ڪتاب ايضاً ص 76 |