سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1991ع

مضمون

صفحو :19

 

جيئڻ ڪاڻ جيڏيون

اقبال بلوچ

چاچو ممتاز، اسانجو پاڙيسري هو، عام سادو، غريب حال نه ڪنهن جي ڏني ۾ نه ڪنهن جي وٺ ۾. ڪڏهن ڪڏهن پاڙي جي مانڊڻي تان پنهنجن ٻارن کي ٽافيون وٺندي ۽ ڪڏهن وري پاڙي جي دڪان تان سيڌو سامان وٺندي نظر ايندو هو- بس ايتري ساري خبر هيم ته نالو ممتاز اٿس- اسان جي هن سان يا هنن جي گهر وارن سان ڪا به اٿڻي ويهڻي نه هئي. بس ڪڏهن ڪڏهن ائين ٿيندو هو جو دڪان تي نظر آيو- سلام ڪري سڀني کي هٿ ڏيندا هئاسين ته هن سان به کڻي هٿ ملايوسين. نه ته ويچارو گهڻو ٻاهر گذاريندو ئي ڪو نه هو سودي سڙي لاءِ ٻاهر نڪتو وري گهر ۾ ائين چاچو گمنام زندگي گذاريندو هو.

حالانڪ چاچو ممتاز ڪنهن آفيس ۾ ڪلارڪ هو، پر تڏهن به اوڙي پاڙي ۾ تمام گهٽ سڃاتو ويندو هو، شايد انهي ڪري جو هو غريب ماڻهو هو. ايتري خبر هئي ته چاچو ممتاز بنهه غريب ماڻهو هو ٻه زال مڙس، چار ٻار، ماءُ پيءُ گڏ ته انهي گهر ۾ ٻه نوجوان ڀيڻون به هيس- ٻن ڪمرن جي جاءِ مسواڙ تي هين- سو همراهه مڙئي ڪمائي وارو هڪڙو سو به آفيس ۾ ڪلرڪ..... ته هن جي ۽ سندس ٻارن ۾ غربت جي جهلڪ صاف نظر ايندي هئي.

مون کي جو انهي آفيس ۾ ڪلرڪي جو آرڊر مليو ته پوءِ هڪ ٻئي کي ڏٺوسين ته پاڙي جي لحاظ کان هڪٻئي جي ويجها ٿيڻ لڳاسين. آءٌ به نئون نئون- جيستائين منهن جهليان، اتي چاچو ممتاز ڏٺم ته هنيان ۾ ڇنڊو لڳم. سڃاڻڻ ۾ دير نه ڪيائين شڪوه ڪندي چيائين، ابا توهان نوجوان، اسان جهونا جهاز ٻيو مڙئي غريب ماڻهو سو ڪنڊ پاسا وٺيو پيا زندگي گذاريون. چيومانس نه چاچا، اهڙي ڳالهه ڪونهي، بس ٿوري گهڻي حجت نه هئي.

بس ابا..... مبارڪون هجنئي نوڪري جون. ڪنهن ڪم جي ڏکيائي ٿئي ته حجاب نه ڪجان. مون کان پڇجان.

پاڻ وري صبح آفيس ايندو هو، جيئن اچي پنهنجي ٽيبل تي ويهندو هو، وچ ۾ اٿندو نه هو. ٽيبل ٺلهي اڪائونٽ واري هيس، پوءِ سڄو ڏينهن پنهنجي اڪائونٽ واري ڪم کي لڳو پيو هوندو هونه ڪنهن سان اٿڻ نه ويهڻ ۽ نه ئي ڪنهن وٽ وڃي ڪا ڪچهري ڪرڻ- ڪو مون پارواچي ٽيبل جو پاسو ورتس ته ڪجهه گهڙيون ڳالهائيندو هو نه ته اها ئي چال ..... اهي حال...... نه ڪنهنجي چانهه پيئندو هو نه ڪنهن کي چانهه پياريندو هو- شايد عادت نه هيس يا غربت ڪري سو همراه مڙئي پنهنجي وارو هو، سو هن سان ڪير ڪچهري ڪرڻ وارا يا ڳالهه ٻولهه ڪرڻ وارا مڙئي گهٽ هئا.

هاڻ اسان جا تعلقات ٿورا ويجها ٿي پيا هئا- ۽ هڪ ٻئي جي گهر ٻار به اچڻ وڃڻ لڳا هئاسين.هاڻ هنجا ننڍڙا ٻار منهنجي گهر هر روز ٽيليوزن ڏسڻ لاءِ ايندا هئا.

ٻار ويٺي ويٺي چوندا هئا ته بابا چوي ٿو ته مونکي کوڙ سارا پئسا ملندا ته پوءِ ننڍڙي T.V وٺنداسون. هنن جي معصوم چهرن کي ڏسندو هوس ته ٻارڙا T.V لاءِ ڪيترا اداس آهن ۽ ائين هرڪو ٻار پنهنجون پنهنجون خواهشون کڻي پيءُ اڳيان رکندو هيو- ۽ چاچا ممتاز هو جو هر ڪنهن کي انهيءَ رٽائرمينٽ واري پئسي آسري- پنهنجي زندگي کي بکن ڏکن ۾ گذاريائين ۽ پنهنجي معصوم ٻارڙن کي انهي آسري ۾ پئي رکيائين.

سندس نوجوان ڀيڻون به انهيءَ غربت جي چڪي ۾ پيسجي رهيون هيون ۽ سندس زندگين جا ڏيئا غربت سبب اجهامي رهيا هئا.

پاڻ ۾ وري ايترو صبر هوس جو ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍندو هو.

پاڻ ايڏي وڏي عمر وارو به نه هو پر غربت ڪري اڪثر بيمار رهڻ سبب گهڻو وڏو لڳندو هو. هڪ ڏينهن گهر وڃي بيماري جو پڇندي صلاح ڏنيمانس، چاچا ٽيهه سال سروس اٿئي. هاڻ تون رٽائر ٿي، ڪجهه چڱا پئسا ملي پوندئي علاج به سٺو ڪر ۽ پنهنجي ۽ ٻارڙن جي زندگي سنوار، پهرين ته نٽائيندو هو، پر پوءِ پنهنجن گهر وارن جي زور تي ايترو چئي بس ڪرائي ڇڏيندو هو، ته هن سال جي انڪريمينٽ وٺان....

ابا.... ٿورو پگهار به وڌي پوندو ۽ پينشن به سٺي ٺهندي. زال مڙئي ڪڏهن ڪڏهن چئي ڏيندي هيس ته مُئي انهي انڪريمينٽ ته اسان جي زندگي زهر ڪري ڇڏي آهي. آءُ سمجهائيندو هوسانس ته چوندو هو ابا اڃا سٺ سالن کي پهچڻ ۾ پنج سال پيا آهن. ڀلا آءُ ڪيڏانهن ويندس- جيستائين سٺ سالن کي پهچندس، تيستائين پگهارن ۾ سٺو واڌاروٿيندو ۽ پينشن جا پئسا به سٺا ٺهندا.

چاچا..... هاڻ گهڻي لالچ ڇڏ..... توهان هاڻ بيمار رهڻ لڳا آهيو، هينئر رٽائرمينٽ وٺندا ته لک سوا کن ملي پوندا ڪجهه پڇاڙي زندگي سنواريو، پنهنجي نه ته پنهنجن ٻارڙن جي معصوم زندگين تي رحم ڪريو. پنهنجن نوجوان ڀيڻن جي زندگي زهر نه بنايو ۽ پنهنجو سولو علاج به ڪرايو.

منهنجي ايتري سمجهائڻ بعد ها ڪري چوندو هو بس رڳو هن سال جي انڪريمينٽ وٺان پوءِ درخواست ڏيندس.

اڄ خبر پئي ته چاچو ممتاز گذاري ويو. منهنجي اکين اڳيان هنجي معصوم ٻارڙن جا چهرا ڦرڻ لڳا، جن جي ڪا به خواهش پوري نه ٿي.

پڇاڙي ۾ هن وصيت ۾ ايترو لکرايو ته منهنجي پينشن جي ملندڙ پئسن مان منهنجي ڀيڻن جي شادي ڪرائجو ۽ منهنجي ننڍڙن ٻارڙن کي ٽيليويزن وٺي ڏجو-“

 

 

جر جي ڄر

الماس

سمنڊ هوريان هوريان سج کي ڳڙڪائي رهيو هو، ٻڏندڙ سج جي ريٽن ڪرڻن سان سنواريل لهرون بي تابي مان ڪنارن ڏانهن ڊوڙي رهيون هيون ۽ ڪنارن جو سرد مهر رويو ڏسي مايوسيءَ وچان هوريان هوريان واپس موٽي وينديون هيون، پر اڳئين لمحي هڪ نئين آس ۽ سگهه سان ورنديون هيون.....

هوءَ ٽيرس ۾ پيل ايزي چيئر تي روز اهو منظر ڏسندي هئي. کيس ڪنارن سان لهرن جي هڪ طرفي ۽ لاحاصل محبت موهيندي هئي. کيس سمنڊ ۽ افق جو نظارو به وڻندو هيو، جڏهن هو گڏجي سج کي ڳڙڪائڻ کان پوءِ پنهنجن رت ۾ ٻڏل چپن تي زبان ڦيرائيندي، ڪينجهر ڏانهن ٽڪ ٻڌي نهاريندا هيا ۽ نيٺ اوندهه جي هنج ۾ منهن لڪائي الوٽ ٿي ويندا هيا....

هوءَ چانهه جو مگ هٿ ۾ جهلي سمنڊ ڏانهن کلندڙ بالڪوني ۾ ويٺي هئي، سندس پيرن وٽ شيري راند ڪري رهي هئي. جڏهن هوءَ پنهنجو اڇن وارن سان ڍڪيل بدن هن جي پيرن سان مهٽيندي هئي يا زبان سان چٽيندي هيس ته سندس بدن مان سيئاندڙا نڪري ويندا هيا.

اوچتو هن جي ڪنن ۾ مدهم موسيقي جو آواز آيو، جيڪو هڪدم تيز ٿي ويو. هن جو ڀٽڪيل ذهن اوڏانهن متوجه ٿي ويو، فيروزگل جو درد ۾ ٻڏل آواز سندس دل ۾ خنجر جيان لهندو ويو.....

ڪنهن جي درد محبت کي دل و جان سان

زندگي جي امانت بنائي ڇڏيم.

هوءَ اتاولي ٿي اٿي ته مگ سندس هٿن مان ڇڏائجي چڪناچور ٿي ويو ۽ شيري بل ڏئي ميائون ڪندي اندر ڀڄي وئي. ڪينجهر جيئن ئي ريلنگ ڏانهن وڌي ته چيني جا ٽڪڙا سندس نازڪ ۽ گلابي پيرن ۾ چڀي ويا- ريلنگ تي جهڪي هوءَ ڪنائڻ لڳي. آسپاس جي فليٽن مان شايد ڪنهن ريڊيو آن ڪيو هو. گيت جا ٻول سندس اندر ۾ وڍ وجهڻ لڳا ۽ جيءُ جهرڻ لڳس، ٽينشن جي ڪري هٿن جون رڳون اڀري آيون هيس. هن زور سان اکيون ٻوٽي ڇڏيون. ٻه پتڪڙا لڙڪ ڇپرن ۾ اٽڪي ٽانڊاڻن جيان چمڪڻ لڳا. هوءَ ڏند ڀيڪوڙِ ضبط جي ڪڙين منزلن مان گذرڻ لڳي. ”مان بهادر گهوٽ جي وني آهيان..... نه! مان وڌيڪ نه وکرنديس“ هن هڪ عزم سان ورجايو، اکيون کولي سامهون ڏٺائين، اوندهه ڪنهن راڪاس جيان هر شيءِ کي هڙپ ڪندي، سندس بالڪوني ڏانهن وڌي رهي هئي. کيس پنهنجو جسم پٿر جيان محسوس ٿيو، قوت ارادي جي آڌار تي هن پنهنجو ريلنگ تي جهڪيل جسم سڌو ڪيو ته اندر ۾ دٻيل درد جاڳي پيس. ”اف!“ فرش تي ويهجندي وئي. سڄو بدن تشنج واري ڪيفيت ۾ جڪڙجڻ لڳس.

”منڇر! جي توکي منهنجي زندگي مان نڪرڻو ئي هيو ته مونکي به ساڻ وٺي وڃين ها..... هيئن زندگي ۽ موت جي وچ ۾ ته نه رولين ها!“

درد جي بلند وير سندس دل مان نڪري سنڌ سنڌ ۾ پکڙجي وئي، هن گوڏن کي وڪوڙيل ٻانهن تي مٿو ٽيڪي ريليڪس ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. جيئن ئي اونهو ساهه کنيائين بي اختيار سڏڪو نڪري ويس ۽ اکين مان لڙڪن جا ڪيترائي ستارا ٽٽي پيا.

”يا خدا! يا خدا! مون تي ٻاجهه ڪر.....

منڇر! منڇر!

هوءَ سيني تي هٿ رکي ٻيڻي ٿي وئي.

”الله اڪبر.....“ هوءَ چرين وانگر وارن جون چڳون پٽڻ لڳي، پر جلدئي پاڻ سنڀالي ورتائين. هن ضبط جون ڪوششون ڇڏي ڏنيون ۽ سندس مک ڀڄڻ لڳو. هوءَ سار جي اونهي ساگر ۾ لهندي وئي....

”ڪينجهر! ڪينجهر!“

”جيءُ.......“

”ٻوڙي آن ڇا؟“

”اهو وري ڇا آهي ڪجهه اخلاق کان ڪم وٺ“

”هل هل- وڏي نواب آهين نه جو اخلاق کان ڪم وٺان.“

”توبهه! تون ته وڙهڻ پيو اچين“

”ها ها- وڙهندس، ڇا ڪنديئن؟ دل ٿي چئي چماٽ هڻانءِ“

”ڇا!“

هوءَ هيسجي وئي ۽ منڇر وڏا وڏا ٽهڪ ڏيڻ لڳو.

”بس دل به ايتري اٿئي نه؟ جهرڪي.....!“

هوءَ ڪونه ڪڇي

”اڙي چري آن ڇا؟ ڀلا مان توکي چماٽ هڻي سگهان ٿو..... ڇا اهو ممڪن آ!؟“

”پوءِ چوندو ڇو آن“

”ائين ئي توکي چيڙائڻ ۾ مزو ايندو آ“

”ڀلا ايڏا سڏ ڇو پئي ڪيئه“

”اڙي ها توکي ڏسي ته هر ڪم وسريو وڃي، ڪالهه ڇو ڪونه آئي هئينءَ؟“

هو بينچ تي رکيل فائيل کڻي سندس ڀر سان ويهي رهيو.

”مهمان آيا هيا“

”ايڏا اهم مهمان هيا جو تو ايڏو خوبصورت فنڪشن مِس ڪري ڇڏيئي؟“

”هون....!“ هن معنيٰ خيز لهجي ۾ وراڻيو.

”ڪير هيا؟“ منڇر جي اکين ۾ انديشن جا پاڇا تري آيا هيا

”جن گهرن ۾ جوان ڇوڪريون هونديون آهن، اتي اهڙا مهمان ايندا ئي رهندا آهن.“

”ته ڇا......؟؟“

”ها“. ڪينجهر اطمينان سان پرس مان چيو نگم ڪڍندي چيو.

”ڏاڍي خوش آهين“

ظاهر آ پنهنجي امپورٽينس جي احساس تي خوشي ته ٿيندي“ هوءَ مسلسل بي نيازي ڏيکاري رهي هئي.

پوءَ ڇا سو چيو اٿئي؟“

”مان وڏن جي سوچڻ وارن معاملن تي ناهيان سوچيندي“

”۽ جي هو راضي ٿي وڃن ته پوءِ....؟“

”پوءِ پاڻ به راضي هون“

”ڪينجهر!!“ هن جو آواز ڪنهن اونهي کوهه مان نڪرندي محسوس ٿيس. هو بينچ تان لهي سندس قدمن ۾ ٿي ويٺو هو.

”ڇا واقعي تون ان ۾ راضي آهين؟“ ڪيڏو نه نماڻو ٿي ويو هو.

”اڙي اڙي! چريو ته ناهين؟ مان ته مذاق پئي ڪيان“ هن ٿڌو ساهه ڀري ڪينجهر جي گوڏن تي مٿو رکي ڇڏيو ”ڪڏهن ڪڏهن تون ماري وجهندي آن“

”آءِ ايم ساري!“ هوءَ سندس وارن ۾ آڱريون ڦيرائيندي پڇتائي رهي هئي. هن ڪنڌ مٿي کڻي ڪينجهر جي نيڻن ۾ نهاريو، جتي هلڪي آلاڻ تري رهي هئي.

”ياد رک ڪينجهر! تنهنجي گهر ڀلي ڪير به مهمان ٿي اچي پر تنهنجي نصيب جو مهمان صرف مان ٿيندس مان..... نه ته پاڻ سوڌي هر شيءِ فنا ڪري ڇڏيندس سمجهيئه!“ ڪينجهر هڪدم هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو.

سندس پريت جي شدتن ۽ سچائين تي اڪثر شاگرد رشڪ ڪندا هيا. ڪيترن ئي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين هنن جي ان سندر جوڙي کي حسد ۽ ذهانت جي حربن سان ٽوڙڻ چاهيو هو، پر سندن موهه ڏينهون ڏينهن وڌندو رهيو هو. وڙهندا به هيا، ناراض به ٿيندا هيا ته هڪٻئي تي ٽوڪ به ڏاڍي ڪندا هيا. اهو ڏينهن ته هنن کي ياد ئي نه هيو جڏهن ڪينجهر هن جي ذهانت جو اعتراف ڪيو هجي يا وري منڇر هن جي سندرتا کي ساراهيو هجي. رهندو هڪٻئي کي ويٺا عجيب و غريب لقبن سان نوازيندا هيا، پر نينهن جو زهر سندن نس نس ۾ جذب ٿيندو رهيو ۽ ان جي ڪسڪ مٺي سور جيان سندن سَنڌ سَنڌ کي وڪوڙيندي رهي. ڪڏهن ڪڏهن هو حيران ٿيندا هيا! ڪلاڪن جا ڪلاڪ ان جذبي تي بحث ڪندا هيا پر لاحاصل....

ابتدا ۾ ته سندن ذهن چاهت کان اڳتي ڪجهه سوچيو ئي ڪونه هيو پر ان ڏينهن هو ڄڻ ڪنهن خواب مان ڇرڪي جاڳيا هيا.

ڪينجهر!

هون......

مان توسان شادي ڪندس

ڇا!!

ڪوڪ پيئندي هوءَ ٽجهي پئي ۽ کنگهي کنگهي بيحال ٿي پئي هئي، سامت ۾ اچڻ تي هن حيرت منجهان منڇر ڏانهن نهاريو هو. سندس پاڻي سان ڀريل اکيون ۽ گلابي مک ان ويل منڇر کي موهي ويو هو.

”سچ ٿو چوانءِ..... مان واقعي ڪنهن ڏينهن آئي (امڙ) کي وٺي توهان جي گهر ايندس“.

”پر ڇو؟“

”هڪ دفعو چيومانءِ جو.....؟ وري چوان ڇا ته.....!“ هن شرارت مان ڪينجهر ڏانهن نهاريو ته هوءَ شڪي ٿي وئي.

”پر مان ته ڪڏهن ائين سوچيو ئي ناهي؟“

”ته هاڻي سوچجان“ هن بي پرواهي مان چيو

”ڀلا هي نئون خيال تنهنجي ذهن ۾ ڪيئن آيو؟“

ڏِس ڪينجهر! اسان جنهن سماج ۾ رهون ٿا، ان جا ڪجهه اصول ۽ ضابطا آهن، مان ته وري به آزاد منش آهيان، پر توتي ڪجهه پابنديون آهن. ٺيڪ آ تون منهنجي ڪري انهن کي رد ڪري سگهين ٿي پر توکي ڪافي ڪجهه ڀوڳڻو پوندو. اگر تو شادي نه ڪئي ته به هي معاشرو تنهنجو جيئڻ محال ڪري ڇڏيندو ۽ جي تون شادي ڪندئين ته پوءِ هو توکي ڪڏهن به مونسان ملڻ يا چاهڻ جي اجازت نه ڏيندو ۽ اها ڳالهه پاڻ لاءِ اذيت ناڪ هوندي.“

”پر تو ته چيو هو پيار صرف هڪٻئي کي چاهڻ ۽ ياد رکڻ جو نانءُ آهي ۽ شادي پيار جو موت آ؟“

”ها جاني! چيو هيم ۽ ان وقت مون پيار بابت صرف ٻڌو هيو پر پاڻ انوالوِ (Involve) ٿيڻ بعد شدت سان احساس ٿيو اٿم ته اهو نظريو صرف اهڙن ماڻهن جو گهڙيل آهي، جن ۾ هڪٻئي کي حاصل ڪرڻ جي همت ۽ حوصلو نه هوندو آ يا وري کين پنهنجن جذبن جي سچائي ۽ جٽاءَ تي اعتبار نه هوندو اٿن. ڇو نه اسان پنهنجا آدرش تخليق ڪيون؟

پيار صرف ايترو ناهي بلڪه پيار ڪرڻ کان پوءِ دل چاهيندي آهي ته پنهنجو هر جذبو شيئر ڪجي. مون وٽ جيڪو ڪجهه آهي اهو توکي ارپي ڇڏيان ۽ تنهنجا سمورا جذبا سمورا حق مون لاءِ هجن، هيءَ هڪڙي ڪمٽمنٽ آهي، ٻن پريمين جي وچ ۾!“

ڪيڏو نه ڳنڀير ٿي ويو هو. هن ڪينجهر ڏانهن نهاريو جا وائڙن جيان کيس ڏسي رهي هئي کيس هن جي حالت تي ترس اچي ويو.

”مان توکي Force نٿو ڪيان، تون گهر وڃي ان ڳالهه تي سوچجانءِ، اگر توکي سٺو نه لڳي ته به ٺيڪ آ..... تنهنجي خوشي ۾ ئي منهنجي خوشي آ“

۽ هن پهريون دفعو پريڪٽيڪل ٿي سوچيو هيو کيس منڇر جي ڳالهه وزندار لڳي هئي، هن سموري ڳالهه ماءُ سان ڪئي ۽ فيصلو انهن تي ڇڏيو- سندس والد کي به منڇر جي ذهانت متاثر ڪيو. هن جي ذهين اکين مان سندس روشن مستقبل صاف ظاهر هيو. هونءَ به سندن گهٽ ڳالهائو ۽ سٻاجهي ڌيءُ زندگي ۾ پهريون دفعو ڪا خواهش ڪئي هئي، جيڪا اهڙي بيجا به نه هئي ۽ ائين ٻن مهينن جي اندر ڌوم ڌام سان سندن مڱڻو ٿي ويو نڪ ۾ سندس نانءَ جو پيل ڪارو سڳو ۽ ٻاچ ۾ پيل نازڪ منڊي.....

هن کي ائين لڳو ڄڻ هوءَ نصيب جي راڻي هئي. ڪيترا ڏينهن شرم وچان هوءَ يونيورسٽي نه وئي هئي، فون به نه کڻندي هئي، هڪ ڏينهن جڏهن گهر ۾ ڪو به نه هيو، تڏهن مسلسل وڄندڙ رِنگ تي هن ٽيليفون کنيو.

”هيلو!“

”ڏس ڪينجهر بند نه ڪجانءِ نه ته مان گهر هليو ايندوسانءِ مونکي خبر آ؛ هن وقت گهر ۾ تون اڪيلي آهين“

”جي چئه....؟“

”يونيورسٽي ڇو نه پئي اچين؟“

”بس ائين ئي“

”ائين ٻئين نه، سڀاڻي ضرور اچجان نه ته مار ڏيندوسانءِ آخر مان تنهنجو ٿيڻ وارو.....“

”پليز.....!“ هوءَ ڪنفيوز ٿيڻ لڳي.

”پوءِ اچين ٿي يا وري......!“

”ها ها- اينديس“ هن جلدي ريسيور رکي ڇڏيو.

منڇر جي سامهون اچي کيس اکيون کڻڻ جي به همٿ نه رهي هئي، پر هو آهستي آهستي کيس پڙهائي ۽ ٻين اهم ايڪٽوٽيز جي باري ۾ ٻڌائيندو رهيو. ساڳيو پراڻو لهجو هن ڊڄندي ڊڄندي هن جي منهن ڏانهن ڏٺو، کيس لڳو ئي نٿي ته ڪو چند ڏينهن اڳ سندن انگيجمينٽ ٿي آ! ساڳيو کل مک ۽ بي تڪليف دوستاڻو انداز ڏسي ڪينجهر جي هٽڪ ختم ٿيڻ لڳي ۽ زندگي پنهنجي پراڻي انداز ۾ روان دوان ٿي وئي. کيس منڇر جي ان گريس فل انداز اڃا به موهي وڌو ۽ دل ۾ سندس لاءِ بيپناهه احترام محسوس ڪيائين.

يونيورسٽي کان فارغ ٿيندي ئي ڇهن مهينن اندر هن کي جاب (نوڪري) به ملي وئي ۽ سندس شادي جون تياريون ٿيڻ لڳيون- هو اڪثر فون ڪري کيس تپائيندو هيو ۽ هاڻي ڪوبه لحاظ نه ڪندو هو.

هن گوڏن مان منهن ڪڍي سامهون نهاريو، اونده سمنڊ سوڌي هر شيءَ کي ڍڪي ڇڏيو هيو سمنڊ کان گهلندڙ گهميل هوا هن جي وارن کي اڏائڻ لڳي ڀت کي ٽيڪ لڳائي هوءَ وري يادن ۾ گم ٿي وئي.

ان ڏينهن هوءَ پنهنجي سهيليءَ سان درزي کي ماپ ڏيڻ وئي هئي. تڏهن روڊ ڪراس ڪرڻ لاءِ گاڏين جي گذرڻ جو انتظار ڪندي هن جي نظر پريان کان ايندڙ اسڪن ڪلر شيراڊ تي پئي. هن پوئتي موٽڻ لاءِ سهيلي کي ٻانهن مان ڇڪيون عين ان وقت ڪار بريڪ هنيا.

”ڪينجهر!“ زوردار سڏ تي هن کي بيهڻو پيو.

”ڪيڏانهن پئي وڃين“

”گهر“

”اچ ته مان ڊراپ ڪيانءِ“

”پر....!“ هوءِ گهٻرائجي رهي هئي.

”هاڻي اچين ٿي يا.....“ هن اهڙي انداز ۾ چيو جو هوءَ هڪدم اڳئين سيٽ تي ويهي رهي.

”ڪير آ“ رفعت پوئين سيٽ تي ويهندي پڇيو.

”ڪزن آ.... ڳوٺان اڄ ئي آيو آ“

هن شڪر ادا ڪيو جو رفعت منڇر کان واقف نه هئي.

”تنهنجي شادي اٽينڊ ڪرڻ لاءِ آيو هوندو؟“

رفعت پنهنجي ذهانت جو مظاهرو ڪرڻ ضروري سمجهيو، منڇر جي بي اختيار ٽهڪ تي هوءَ ڦڪائي وچان ٻاهر ڏسڻ لڳي ”توهانجو گهر ڪهڙي طرف آ“ هن رفعت کان پڇيو ته ڪينجهر هڪدم ڪجهه چوڻ لاءِ وات کوليو پر منڇر جي تنبيهي نظرن کي ڏسندي خاموش رهي. سهيلي کي ان جي گهر ڊراپ ڪرڻ کان پوءِ منڇر کيس سڄي شهر ۾ رلايو هو کيس دل کولي تنگ ڪيو هو. ڪينجهر جي هڪ به نه هلي شام ڌاري گهر ڏانهن موٽندي هن ڪار جو رخ سمنڊ ڏانهن ڪري ڇڏيو.

”نه منڇر پليز ڪافي دير ٿي وئي آ گهر وارا به پريشان ٿيندا هوندا“

”ڇا توکي مون تي ويساهه ناهي؟

چري! زندگي ڪنهن ڏٺي آ؟ هاڻي ته حياتي تي به ويساهه ناهي رهيو، خبر اٿئي ڪلهه شام دهشتگردن هڪ سنڌي جوان کي ماري وڌو آ...... اها ته شروعات آ خبر ناهي ان جو ڇيهه ڪاٿي ٿيندو.....! ۽ ها تون گهر وارن جو فڪر نه ڪر لنچ ڪرڻ مهل مون هوٽل تان فون ڪري کين ٻڌائي ڇڏيو هيو ته تون مونسان آهين، هنن تي ڪو به اعتراض نه ڪيو، باقي تون الائي ڇو مريو ٿي وڃين!“

سندس سيني تان ڄڻ ڪو بار هٽي ويو هو. واريءَ تي ڀيرا ٺاهيندي هنن ڪيڏو نه ڳالهايو هو، سندس اندر مان به ڄڻ پيار جو سمنڊ اٿلي پيو هو. هنن هٿ هٿ ۾ ڏئي سج کي سمنڊ ۾ ٻڏندي ڏٺو. منڇر ان ويل سندس نرم هٿ پنهنجن مضبوط هٿن ۾ جهلي سج جي ريٽن ڪرڻن کي سندن املهه پيار جو شاهد بڻايو هو- اوندهه ٿيڻ سان هو به موٽڻ لڳا، ان وقت سندن آسپاس ڪو به ڪو نه هو، تڏهن اوچتو منڇر کيس ڇڪي پيار ڪيو هو..... ڪينجهر کي ائين لڳو ڄڻ سندس ڳلن ۽ چپن تي باهه ٻري پئي هئي، هڪ اونهو ۽ آسودو ساهه ڀري منڇر کيس ٻانهن جي گهيري کان آزاد ڪيو.

واپسي ۾ ڪنهن به هڪ اکر نه ڪڇيو ڪار ۾ به هڪ عجيب سانت پکڙيل هئي، جا اٿاه سڪون سان واسيل هئي. گهر وٽ لاهيندي هنن جون نظرون هڪ پل لاءِ مليون ته منڇر جي مک تي هلڪي مرڪ تري آئي ۽ هوءَ حجاب وچان تيزي سان اندر هلي وئي.

کيس خبر نه هئي ته اها ملاقات سندن آخري ملاقات ثابت ٿيندي.

ميندي واري رات سان گهر مائٽن سان ڀريل هيو، ڪافي دير اڳ گهوٽيتا کيس ميندي لڳائي موٽي ويا هيا تڏهن ٻاهران ايندڙ ڪنهن ڇوڪري ٻڌايو ته شهر ۾ فائرنگ هلي رهي آهي ۽ رات جو سنڌي علائقن تي حملي جو به خطرو آهي، اهو ٻڌي مرد پريشان ٿي ويا ۽ عورتون ۽ ٻار هيسجي خاموش ٿي ويهي رهيا. ڪينجهر جي والد منڇر جي پاڙيسرين ڏانهن فون ڪري حالات معلوم ڪرڻ چاهيان، پر ڪنهن به ڪال اٽينڊ نه ڪئي پوءِ هو مسلسل مختلف جڳهين جا نمبر گهمائيندو رهيو. هوءَ به هٿن پيرن تان ميندي اگهي اچي خاموشي سان پيءُ جي پٺيان بيهي رهي نه ڄاڻ ڇو سندس دل ٻڏي رهي هئي، کيس دعا لاءِ به لفظ نه ٿي سجهيو...... اوچتو گهنٽي وڳي ته سڀن کان ڇرڪ نڪري ويو.

هيلو؟ سندس والد ٽيليفون کنيو.

”جي ها ڳالهيان پيو“

ها ها- هو منهنجو ٿيڻ وارو ناٺي آ

ڇا؟ گهرن تي حملو..... منڇر!“

هن هڪدم مائوٿ پيس تي هٿ رکي هيڏانهن هوڏانهن واجهايو پر دير ٿي چڪي هئي، ڪينجهر جو رنگ هرک جهڙو ٿي ويو هو.

”پٽ! تون اندر وڃ“ پڻس لهجي کي پرسڪون رکندي چيو پر هن ڄڻ ڪجهه ٻڌوئي ڪونه پڻس زال کي اشارو ڪيو هن کيس وٺي وڃڻ لاءِ جيئن ئي سندس ٻانهن ۾ هٿ وڌو ته هوءَ بيجان مورت جيان وڃي پٽ تي پئي.

ان کان پوءِ هڪ قيامت هئي جيڪا ٻنهي خاندانن تي وهي وئي. ڪينجهر کي نروس بريڪ ڊائون مان سنڀلجڻ ۾ ڪافي وقت لڳو، تڏهن کيس خبر پئي ته دهشت گرد منڇر جي فلور کان هيٺين فلور جي هڪ گهر ۾ ڪاهي پيا هيا جتي هڪ بيوهه سنڌياڻي پنهنجي پٽ، ننهن ۽ ٻن ڪنوارين نياڻين سان رهندي هئي. ان ڏينهن سندس پٽ گهر نه موٽيو هيو..... جڏهن انهن اڪيلين عورتن جون دانهون ڪوڪون منڇر ٻڌيون ته هڪدم هٿيار کڻي هيٺ لهي ويو ٽنهي بگهڙن کي ٿڌو ڪري عورتن کي مٿي اماڻي جيئن ئي پاڻ موٽڻ لڳو ته دهشت گردن جي رهيل ساٿارين جي وجهه ۾ اچي ويو، جن کيس پروڻ ڪري ڇڏيو، سندس مينديءَ رتا هٿ رت ۾ لال ٿي ويا ۽ هو پنهنجي سنڌوءَ جهڙي پوتر خون ۾ وهنجي ويو....!

ڪينجهر کي فخر جي احساس ئي جيون ڏانهن موٽايو هو جيتوڻيڪ جو هن سندس موت تي ڳوڙها نه ڳاڙيا پر سندس سمورو وجود سراپا درد بڻجي ويو هو، هوءَ هڪ هلندڙ گهمندڙ لاش نظر ايندي هئي هر ڳالهه ۾ دلچسپي وٺڻ ڇڏي ڏني هيائين، کيس سهيلين سمجهائڻ چاهيو ته هن انهن سان به ناتو ٽوڙي ڇڏيو، گهر ۾ به اشد ضرورت کان سواءِ ڪنهن سان نه ڳالهائيندي هئي. روز شام جو پابندي سان بالڪوني ۾ بيهي منڇر سان ڪيل آخري ملاقات ياد ڪندي جهري پوندي هئي، پر اڄ ان گيت کيس وڍ وجهي ڇڏيا هيا....

اڄ نه هو ئي رهيو ۽ نه مان ئي رهيس

هڪ خيال محبت رهيو دل اندر.....

گيت ڪڏهن جو ختم ٿي چڪو هيو، هوءَ همٿ ڪري اٿي، بالڪوني جي فرش تي سندس پير مان وهيل رت جا داغ خشڪ ٿيڻ لڳا ها، جيئن تيئن پاڻ کي گهليندي هوءَ ڪمري ۾ آئي ۽ پاڻ کي پلنگ تي ڪيرائي ڇڏيائين، کيس پري کان شرنائين ۽ دهلن جا مدهم آواز ٻڌڻ ۾ پئي آيا جيڪي گهڙي گهڙي ويجهو پئي ايندا ويا، کيس ائين لڳو ڄڻ منڇر کيس وٺڻ لاءِ اچي رهيو آ.... کيس پنهنجن ڳلن ۽ چپن تي آلاڻ جو احساس ٿيو ۽ سندس ذهن گهرين اونهين اونداهين ۾ گم ٿيندو ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com