سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1991ع

مضمون

صفحو :20

 

عيد مبارڪ

سليمان لائق (افغانستان)

سنڌيڪار: قاسم ڪيهر

ماري! منهنجي پياري! زندگيءَ جي همسفر!

اڄ عيد جو ڏينهن آهي پر مان درديلن اٿاهه غمن ۾ غرق آهيان- غمن منهنجا چپ سبي ڇڏيا آهن ۽ توکي عيد مبارڪ چوڻ جي سگهه مون ۾ ناهي.

جڏهن تون منهنجي ڪمري ۾ آئينءَ ۽ مونکي گهرن فڪرن ۾ ٻڏل ڏٺئي ته شايد اهو سوچيو هوندءِ ته مان هڪ دفعو ٻيهر ڪنهن حسين دلربا جي نگاهن جو شڪار ٿي ويو آهيان- اِهو انڪري ته تو منهنجي محبت جي سمنڊ جي سيلاب ۽ زور شور کي ڏٺو آهي ۽ ڄاتو آهي ۽ ان ڪري به، ته تون ڄاڻين ٿي ته مان هڪ شاعر آهيان.

مون کي خبر نه هئي ته ڪهڙي طرح پنهنجي بي آرام ۽ زخمي سوچن جو غمگين عڪس توکي ڏيکاريان- مان خاموش رهيس ۽ ان مان توکي جيڪو ڏک پهتو، ان تي اڄ تائين شرمسار آهيان.

مونکي معاف ڪر- مان هڪ شاعر آهيان ۽ ڪڏهن ڪڏهن خيالن جي ڪڪرن تي سوار ٿي توکان ڏاڍو ڏور هليو ويندو آهيان. ڪيترا دفعا ائين به ٿيو آه ته مان ويٺو ته توسان گڏ هوندو آهيان، پر منهنجا خيال ڪڪرن جي انهن هلائن جو جائزو پيا وٺندا آهن، جيڪي منهنجي وطن جي بلند پهاڙن تي هوندا آهن، جيڪي سيلابن وانگر ماٿرين ۾ عيش ڪندا آهن ۽ هارين جي ڳوٺن ۽ گهرن ۾ لهي ويندا آهن- جڏهن اونداهي وسيع زمين تي پنهنجا پر پکيڙيندي آهي، تڏهن مونکي طوفانن ۽ هوائن جا گجندڙ آواز ٻڌڻ ۾ ايندا آهن. ان گهڙي منهنجون اکيون ان پوڙهي هاري4 تي ڄمي وينديون آهن، جو اونداهي طوفان ۾ پنهنجي ڳوٺ جو رستو وڃائي ويهندو آهي ۽ پنهنجي انجام جي اونهي کاهيءَ ۾ ڪري پوندو آهي. هو ڪڏهن به پنهنجي گهر نه پهچندو آهي ۽ ان جي گهر وارن جو چلهو وري ڪڏهن گرم نه ٿيندو آهي، ان ڪري جو هنن جو روزي رسائيندڙ وڃائجي ويندو آهي- ان جو اندازو لڳائڻ تنهنجي لاءِ ڏکيو آهي، ان ڪري جو تون سخت سردين ۾ پيرين اگهاڙي ڪڏهن پاڻي ناهي ڀريو. ڳوٺ ۾ ڪڏهن خيرات ناهي گهري.

توکي اَنَ داڻا گڏ ڪرڻ لاءِ وڏيري جي ٻنين ۾ ڪم ناهي ڪرڻو پيو- توکي ان پيءُ جي موت تي ڪڏهن روئڻو ناهي پيو، جنهن کي جبلن ۾ ڪوبرا نانگ ڏنگي ويو هجي يا جنهن کي وحشي چيتي چيري ڦاڙي ڇڏيو هجي.

تنهنجو ڪو اهو ڀاءُ ڪونه هيو، جنهن جي کوپڙي ۽ کاڏي زور آوارن جي هٿان ڀڳي وئي هجي ۽ ان ظلم جو بدلو اڃا تائين نه ورتو ويو هجي. تنهنجي ڪا اهڙي ڀيڻ نه هئي، جنهن کي گهر مان زوريءَ کنيو ويو هجي يا جنهن کي ان جي پسند جي خلاف شاديءَ ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو هجي- ان ڪري ئي تون ميڙاڪن ۽ جشنن جي موقعي تي منهنجي غمگين خاموشيءَ جو راز نه سمجهي سگهندي آهين ۽ منهنجي باري ۾ اونداهن شڪن جو شڪاري ٿيندي آهين.

جيڪڏهن منهنجي لاءِ ممڪن هجي ها ته مان ڪا ئي عيد نه ملهايان ها ۽ ڪنهن کي عيد مبارڪ نه ڏيان ها.

هن مبارڪ ڏينهن تي تون کاڌا پچائي رهي آهين، جڏهن ته اسان جي ماڻهن جا گهر ضرورت ۽ بُک جي باهه ۾ سڙي رهيا آهن ۽ هو اسان کان اوپرائپ محسوس ڪري رهيا آهن- مونکي ان مفاصلي تي شرمندگي ٿئي ٿي ۽ منهنجي خواهش آهي ته اهڙا زلزلا اچن جن سان اِهي فاصلا ختم ٿي وڃن ۽ اسان کي ورهائڻ واريون ڀتيون ڀڄي پون، ۽ اسان کي هڪ ڇت جي هيٺان هڪ تڏي تي ويهڻ لاءِ گڏ ڪن.

گذريل سال عيد جي ڏينهن هڪ ڇوڪرِي اسان جي ننڍڙيءَ ڇوڪر ”هُگائيءَ“ جي لباس کي حسرت سان ڏسي رهي هئي ۽ مان پري کان ان غريب نياڻيءَ جي اکين ۾ محروميءَ ۽ مايوسيءَ جي گهرن احساسن جو اندازو ڪري سگهيس پئي.

هن سال به اسان جي ڏيهه جا بيشمار ٻار اميرن جون قيمتي پوشاڪون ڏسندا ۽ حسد محسوس ڪندا.

ويڙهن ۾ لذيذ ۽ هر قسم جي طعامن جي خوشبو اميرن جي گهرن جون ڀتيون ٽپي هڪ دفعو وري پيادل گهمڻ وارن غريبن ۾ محروميءَ جو احساس پيدا ڪنديون.

وڏن وڏن بنگلن جي سفيد اوچين ديوارن جي اندر الاهي سارا امير، حسين نوجوان دوشيزائون پنهنجي محبوبن سان گڏ نچنديون پيون- ان وقت ڪيترائي مزدور ۽ محنت ڪندڙ بُک ۽ ڏک جو مقابلو پيا ڪندا يا بيماريءَ ۾ چنگهندا پيا.

اِها آهي اسانجي عيد ۽ اهو آهي اسان جي عقيدي جو اصل مهانڊو_

مونکي سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڪجهه ماڻهو اهڙين تقريرن ۾ ڇو لڙهي ويندا آهن؟ ۽ خوشيءَ جي ڪوڙي احساس ۾ ڇو وڃائجي ويندا آهن ۽ ان جو استقبال ڪندا آهن؟

مون کي اهڙن جشنن جي ڳاله ڪندي شرم ايندو آهي ۽ اهڙن موقعن تي توکي مبارڪ ڏيڻ جي تصور کان ئي اُلٽي ايندي آهي.

منهنجي محبوبه- جيئن ته مان تنهنجي محبت کي پنهنجي رت ۾ ملائي ڇڏيو آهي ۽ تون منهنجي آدرشن کي پنهنجي جان جو حصو بڻائي ڇڏيو آهي، مون کي اجازت ڏي ته هن درديلي جشن کي برداشت جي قابل بنائڻ لاءِ تنهنجي دل ۾ ان باهه کي روشن ڪيان، جيڪا ننڍپڻ کان منهنجي سيني ۾ دُکي رهي آهي ۽ جيڪا مون کي ڏاڍي تڪليف ڏئي رهي آهي.

اچ- انهن ڏکوئيندڙ جشنن کي ملهائڻ جي بجاءِ پنهنجي ديس واسين جون تڪليفون ۽ مصيبتون ورهايون جيڪي انهن آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ڌاڙيلن ۽ استحصالين نازل ڪيون آهن.

اچ- گڏجي انهن گيتن کي سڄي دنيا ۾ ڦهلائي ڇڏيون جيڪي ماٿرين ۽ ڳوٺن ۾ خوشي ڦهلائن ۽ جيڪي عوام ۾ جدوجهد ۽ ڪاميابيءَ جو يقين پيدا ڪن.

اچ- انسان جي ان سيلاب جي لاءِ دروازا کولي ڇڏيون، جيڪو اميرن ۽ لالچين جي دلين کي لوڏي ڇڏيندو آهي ۽ تيستائين وَهندو رهندو آهي، جيستائين فطرت پالتو نه ٿي وڃي.

جيڪڏهن تون وڇوٽين کي ختم ڪرڻ ۾ اهڙي طرح منهنجو ساٿ ڏيندي رهندينءَ ته مان اِن راهه جي هر قدم تي توکي مبارڪ ڏيڻ لاءِ تيار آهيان.

 

 

اُڏار                                            (ٽيلي- ڪهاڻي)

 

سانول

 روايت/ڪهاڻي

الف: اُن رات اسين ٻئي بنگلي جي لان تي ويٺا هئاسين. مِٺا مِٺا سيءَ پئي پيا. هُو ڪانڀ ڪڍيو پنهنجي شڪار جا قصا ٻڌائي رهيو هو. ۽ مان اُن کي ٽيپ ڪري رهيڳ هوس. شڪار جا قصا ٻڌائيندي، هن جي چهري تي عجيب چمڪ اچي ويندي هئي.

هو شڪار جي قصن ۾ انيڪ پکين جا نالا وٺنداو هو: آڙي ڊگهوش، کينڙاٽي، چيغلو، وهيو، ڪونج، ڀونتريو، ٻاٽٻڙهه- انهن جا رنگ، عادتون، آواز- رات کُٽي ويندي هئي، هن جا قصا نه کٽندا هئا! ۽ پوءِ مان هن جي ٻڌايل قصي کي ٽيپ تان پني تي اُتاري وٺندو هوس.

هو محنتي به ڏاڍو هو. پورهئي تي ننڍي لاڪون هڏ هريل هوس. رڇ هن لاءِ سڀڪجهه هو. هو رڇ جو اوڄو به ايئن پاٻوهه سان ڪندو هو، جئين ڪا وينگس رليءَ جو ڦُل ٽاڪيندي آهي. سهه سياري وسندي پاري اڇ تي سڄي رات رڇ هنيو ويٺو هوندو هو. نيهان جي چاليهي ۾ ڪانئل پُيرن تي جڏهن وهين جا ولر اچي لهندا هئا، تڏهن هو وهين جو شڪار ڪندو هو- ٻُور ورڙيندو هو- پکاٽوئا ٺاهيندو هو- مڇي ماريندو هو- وهراج ڪندو هو-  لابارو ڪندو هو.... ڇا ڇا نه ڪندو هو؟ پر ايڏي هڻ هڻان، ايڏي پورهئي کانپوءِ به پنهنجي ٻچن جو پيٽ نه پالي  سنگهندو هو! سندن انگ نه ڍڪي  سهگندو هو!

هدايتون

لان تي ٻئي ڪردار ’الف‘ ڪرسيءَ تي ۽”ب“ لان تي ڪانڀ ڪڍيو ويٺو آهي. ”ب“ ڪردار کي وڏي گهيرو واري سُٿڻ پهراڻ ۽ مٿي تي پٽڪو ٻڌل ۽ اجرڪ جي ڪانڀ ڪڍيل آهي، ۽ ”الف“ ڪردار پوري پني گهير واري سٿڻ ۽ قميص ۾، ڪلهن تي شال وجهيو ويٺل آهي. ٽيپ رڪارڊ تي ’ب‘ جي ڳالهه ٻولهه رڪارڊ ٿي رهي آهي.

روايت/ڪهاڻي: ڪڏهن ته هن جو سمورو شڪار ٻيا شڪاري ڦُري وٺندا هئا. ڪڏهن ڪنهن ڪاموري ڪڙي جا چاري، ته ڪنهن وڏيري جا ڪاراوا ۽ ڪمدار! توبچي به ٺاهوڪو هو. پوک جي رَکَ لاءِ سڄي سڄي رات بندوق کنيو ٻنين تي پيو گهمندو هو. ۽ بٽئي واري ڏينهن کري ۾ اهو به اجرڪ اچي پٿاريندو هو-

هدايتون: روشني جي دائري ۾ ”ب“ اجرڪ پٿاري ٿو ۽ نماڻا نيڻ کڻي ڪمرا ڏي ڏسي ٿو.

روايت/ ڪهاڻي:

پوءِ ڪڏهن ٻه ٽي ٻڪُ، ڪڏهن ڇَلي اڌ ڇَلي اَنَ جي ملي ويندي هيس.

۽ ڪڏهن رڳو ڇڙٻون پَلئه پونديون هئس. ۽ هو اجرڪ ڇنڊي ڪلهي تي رکي هليو ويندو هو-

هدايتون: هن جي آس نراسجي ٿي وڃي ۽ هو اجرڪ کي ڇنڊڪو ڏئي ڪلهي تي رکي هليو ٿو وڃي.

روايت/ ڪهاڻي: ”بابل سائين، رڇ جو پاڻيءَ ۾ رنڊجڻ اُن جو مَرَڪُ آهي، پر اسان جا رڇ سڪيءَ  تي رنڊيا هئا- سرڪاري کامن تان ٻه ٽي ڪرڙيون ٻوڙ لاءِ ماريو پئي آيو، ته وڏيري جا چاري ڦِري آيس- مڇيءَ سان گڏ رڇ به ڦُري ويس. ۽ هو مون وٽ آيو هو، ته ساڻس وڏيري وٽ ميڙ ٿي هلان ۽ کيس رڇ وٺي ڏيان. وڏيري پنهنجي ماڻهن کي حڪم ڏنو، ته هن کي رڇ واپس ڪريو- ۽ هو انهن  سان هليو ويو هو، وڏيري کي دعائون ڪندو.

مان اتان ٿي واطاق تي آيس، ته هو اڳي اُتي ويٺو هو-

هدايتون: ڪردار ”ب“ جا ڪپڙا ڦاٽل آهن. منهن تي ڌڪن جا نشان اٿس ۽ هو روئڻهارڪو ٿي، ڪردار ”الف“ کي پاڻ سان ٿيل ويڌن بابت ٻڌائي ٿو.

روايتي/ ڪهاڻي: ڪپڙا ليڙو ليڙو ٿيل. ڌڪن کان منهن سُڄيل. وڏيري جي ماڻهن هن جو رڇ وڍي ڇڏيو هو ۽ ڍَوَ تي  موچڙا هينا هئائوس.

هو منهنجي پيرن تي ڪري پيو. مون کي ڪهلن کان جهلي اُٿاريو.

هدايتون: ”ب“ ”الف“ جي پيرن تي ڪري ٿو. ”الف“ ”ب“ کي ڪلهن کان جهلي اُٿاري ٿو.

روايت/ ڪهاڻي: هو هٿ ٻڌي مون کي چئي ٿو ته ”بابل سائين، مون کي به ڪراچيءَ ساڻ وٺي هل.“ مان هن جا هٿ پنهنجي هٿن ۾ وٺان ٿو.

هدايتون: ”ب“ هٿ ٻڌي ”الف“ کي پاڻ ساڻ وٺي هلڻ لاءِ ٿو چئي. ۽ ”الف“ هن جي ٻڌل هٿن کي پنهنجي هٿن کي پنهنجي هٿن ۾ ٿو وٺي.

روايتي/ ڪهاڻي: ڳالهائيندي ڳالهائيندي هو چپ ٿي ٿو وڃي ۽ ڪجهه ڪنائڻ ٿو لڳي. پوءِ اتاولو ٿي سوال ٿو ڪري: ”بابل سائين تو ٻڌي؟“ ۽ مان اچرج مان پڇانس ٿو ته: ”ڇا؟“ هو اتاولو ٿي ٿو وڃي: ”بابل سائين اها پکين جي ڪُڻڪ!“ اتي مان به ڪنايان ٿو. پري کان پکين جي ڪُڻڪ اچي ٿي. هاڻي پکين جي قطار اسان جي بنهه مٿان آهي. هو اُڀ ڏي اشارو ڪري ٿو. ”بابل سائين، اهي پيا وڃنئي! سڌا پاڻ واري ڍنڍ تي! پوءِ هو ڪنڌ ورائي ان ڏس ڏي ڏسندو رهي ٿو ۽ مان ٽيپ رڪارڊ بند ڪري کيس ڏسڻ لڳندو هوس ۽ مون کي لڳندو هو، ته جيڪڏهن پر هنجس ته جيڪر هو به انهن پکين سان اُڏامي وڃي!

هدايتون: ”الف“ جو ڪنائڻ پوءِ ٻيئي ڪردار مٿي اُڀ ڏي ڏسن ٿا. نوٽ هتي آڙين جو ولر ڏيکاري سگهجي ٿو). ”ب“ مٿي اشارو ڪري ۽ چهري تي خوشيءَ جو تاثر ٿو ڏئي-

روايت/ ڪهاڻي: ٻئي ڏينهن هن جي سنڀت پڪ ئي پڪ ڳوٺ ڏانهن هوندي هئي. هو ٺهي ٺڪي منهنجي آڏو اچي بيهندو هو.

”بابل سائين! هاڻي پنهنجي موڪلاڻي ڪانه اٿئي!“ ايئن چئي منهنجي جواب کان اڳ ئي هو پُٺي ڏئي هليو ٿو وڃي. ۽ پٺيان مُڙي به نٿو ڏسي.

هدايتون: ’ب‘ ڪردار ڳوٺ وڃڻ لاءِ سنڀريل. ۽ ’الف‘ ڪردار هٿ کان ٻڌي موڪلائي، جواب ٻڌڻ کان سواءِ ئي هليو ٿو وڃي. ۽ ڪئميرا ڪٽ شاٽ ۾ اُڀ تي اُڏمندو آڙين تي هلي ٿي وڃي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com