ڪهاڻيءَ ۾ نالن ۽ تاريخن کان سواءِ هر ڪا شيءِ
صحيح هوندي آهي. ۽ تاريخ ۾ سواءِ نالن ۽ تاريخن جي
ڪجهه به صحيح ناهي هوندو. انسان جي جذبن ۽ انساني
شعور جو ارتقا ڏسڻو هجي ته تاريخ جا ورق رهنمائي
ڪري نه سگهندا. ان جي کوج ڪهاڻيءَ جي درجي به درجي
ارتقا مان ملي سگهي ٿي.
ــــ گوئٽي
ڪهاڻيون
”اديب ڪا مشين ناهي جو بنا سوچ ويچار جي واقعا لکندو وڃي. اديب
ان ڪري نٿو لکي ته هُو ڪنهن گروهه سان نظرياتي ۽
فڪري وابستگي ٿو رکي، يا هُن کان اِها تقاضا ڪئي
وڃي ٿي ته هُنَ ڇا ڇا لکيو آهي. اديب ان ڪري به
نٿو لکي ته کيس ڪي ٻه چار ڏوڪڙ ملندا. پر هو ان
ڪري ٿو لکي جو هن کي پنهنجي اندر مان اشارا ٿا ملن
ته هو پنهنجي قوم کي پنهنجي شعور ۾ ڀاڱي ڀائيوار
ڪري. ان جذبي هيٺ منجهس ڪجهه لکڻ تي آمادگي ٿي
محسوس ٿئي. ٻيو ته هُنَ انساني جذبي، احساس ۽ عمل
جو چڱيءَ طرح سان مطالعو ڪيو آهي، جن کي قلم سان
چٽڻ کان سواءِ هو رهي نٿو سگهي. ان ادب ۾ ڀلي ته
ڪي ڪميون ۽ ڪوتاهيون هجن، پر پڙهندڙن کي متاثر ڪرڻ
جي سلسلي ۾ اِهو ڪچو پڪو ادب به ڪارائتو ثابت ٿيو
آهي.“
- ايليا اهرنبرگ
۽ ٻاٽ الوپ ٿي وئي!
واجد
ٻاٽ پنهنجي ڪاري ڪوجهي ٻانهن وڌائي، لاٽ جي اڇي اُجري ڪنڌ ۾ وڌي
۽ ڪارن چپن تي معنا خيز مرڪ سجائي چيس: ”اي ادي
لاٽ! پاڻ ٻيئي جڏهن جِٿي ڪِٿي پاولي جيان گڏوگڏ
آهيون- ته پوءِ ڇو نه کڻي ساهيڙپ رکون!“
تڏهن، سنهي سيپڪڙي لاٽ جي ڪومل مُک تي معصوم مرڪ تري آئي ۽ ٻاٽ
جي ڪاري ٻانهن پنهنجي ڪلهي تان هٽائيندي چيائين:
”ٻائي ٻاٽ! تنهنجيون منهنجيون راهون بنهه ڌار آهن-
تنهنجو عمل ۽ منهنجو عمل به ته ڌار ڌار آهي ۽ وڏي
ڳالهه ته پنهنجي ويرپ ازلي ابدي آهي- ته پوءِ ڪيئن
اسان ان ويرپ کي ساهيڙپ ۾ بدلائي سگهنديونسين؟“
تڏهن ٻاٽ جي ڪاري ڪِٺ چهري تي مڪر جا انيڪ ڀاوَ
مڙي آيا ۽ چيائين: ”لاٽ، پاڻ ٻئي ڄڻيون ايئن ئي گڏ
رهنديونسين، جيئن ماڻهوءَ جي من ۾ سچائي ۽ ڪوڙائي-
صلح ۽ سانت سان گڏجي رهنديون آهن.“
ٻاٽ جو جواب ٻڌي لاٽ ڏاڍي سادگيءَ سان ڌيمي نوع ۾ چيس: ”پر ٻاٽ،
تون اهو ڪو نه ٿي سوچين، ته آءٌ ڄائي ڄم کان
تنهنجي اونداهين وجود جي ويرياڻي آهيان- مونکي
جڏهن به ڪو وارو مليو، توکي اوس جهوري رکنديس-
پوءِ اهڙي دوستيءَ مان ڪهڙو لاڀ، جنهن مان دشمني
پئي جهاتيون پائي!؟“
لاٽ جو کرو جواب ٻُڌي، ٻاٽ ٻه لمحا چُپ ٿي وئي- سندس نِراڙ تي
ناگواريءَ جا گهُنج مڙي آيا- پر پوءِ آهستي آهستي
لاٽ جي للڪار واري تلخيءَ کي پي وئي ۽ هڪ ٽرڙو ٽهڪ
ڏيندي چيائين: ”اڙي چري لاٽڙي، ڀلا تنهنجو هي
ليکڙو وجود، منهنجي هِن وشال هستيءَ جو ڇا بگاڙي
سگهندو- اجايا پهه نه پچاءِ؛ تنهنجي مونسان دشمني
ٺهي ئي نٿي!“
تڏهن لاٽ جي چپن تي سوڀائتي مرڪ مڙي آئي، ٻاٽ ڏانهن گهوري
ڏٺائين ۽ چيائين: ”ٻُڌ، ٻاٽ! توکي پنهنجي اونداهين
وجود تي بيشڪ وڏو اڀمان آهي، پر منهنجي به هڪ
ڳالهه ٻُڌي ڇڏ، ته منهنجو وجود سدائين ارتقا ڏانهن
وڌندڙ آهي- ۽ تون اُتي جا اُتي آهين- جتي اڄ کان
هزارين لکين سال اڳ هُئينءَ- تو ۾ ذري جيتري به
واڌ ناهي آئي- ۽ جنهن وجود ۾ واڌ جي گُنجائش ناهي
هوندي، اُهو وجود ذواليت کان بچي ناهي سگهندو- ۽
ٻُڌ، فنا ۽ بقا جو جهيڙو ازلي آهي- آءٌ توسان
پنهنجي دشمنيءَ جي تجديد ٿي ڪريان- توسان منهنجي
ساهيڙپ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي- ڪن کولي ٻُڌي
ڇڏ!“
لاٽ جو ههڙو کرو جواب ٻُڌي الائجي ڇو ٻاٽ جي وجود
مان هڪ ڌرڙي نڪري وئي- ۽ هُن پنهنجي وسامندڙ وجود
کي يڪجاءِ ڪيو ۽ اجهامندڙ اکين ۾ ڪرڀ ۽ ڪروڌ ڀري
لاٽ ڏانهن ڏٺو ۽ پوءِ هڪ اونداهين گهٽيءَ ۾ الوپ
ٿي وئي.
ننڍڙيون ڪهاڻيون
ممتاز عباسي
(1) ڪسوٽي
”مان محسوس ٿو ڪريان ته مان دائود ڪاٽن ملز جو مالڪ آهيان“.
”پر- تون ته ڪنگلو آهين ۽ نانءُ جو غلام آهين“.
”هائو- پر مان محسوس ٿو ڪريان ته مان دائود ڪاٽن ملز جو وارث
آهيان. ڇا، سيٺ دائود پنهنجو سمورو اثاثو وڪڻي
رهيو آهي. سيٺ گهر به وڪڻي ڇڏي ته سٺو!“.
”هو سڄو اثاثو وڪڻي، ان مان انويسٽمينٽ ڪري سگهي ٿو“.
”مان محسوس ڪندس ته، اها انويسٽمينٽ مان ڪئي آهي“.
”سيٺ دائود کي رڳو پاور آف اٽارني ڏنا اٿم“.
”تون چريو ٿي پيو آهين“
”چڱو، تون ته هوش ۾ آهين. ٻڌاءِ! مان ۽ سيٺ ٻئي پيجارو گاڏيون
استعمال نه ٿا ڪريون“
”ڇا...؟“
”اها سيٺ دائود جي مجبوري آهي، جو پيجارو ٺاهيندڙ ڪمپني
هڪجهڙيون گاڏيون ٺاهي ٿي، جيڪا مان به خريد ڪريان
ٿو ته، سيٺ به. مجبوري آ“
”مجبوري ڪهڙي؟ سيٺ ته جيگوار به خريد ڪري سگهي ٿو ته بيوڪ به ته
ايف-16 به...“
ڪجهه نه ٿو وٺي سگهي، مجبوريون اٿس: انڪم ٽئڪس جي، ڪسٽم ڊيوٽي
جي ماڻهن جي نظرن ۾ اچي اغوا جي ۽ دل جي مجبوري“
”تون چريو ٿي پيو آهين!“
”مان محسوس ٿو ڪريان ته مان به سيٺ جيان هوائي جهاز ۾ سفر ٿو
ڪريان.
PIA
وارن ان لاءِ خاص جهاز نه هلايو آهي-
”تون ٽه- پتائي آهين. ڀوڪ آهين“.
”مان محسوس ٿو ڪريان ته، مان دائود ملز جو مالڪ آهيان مون کي
گهٽ گاريون ٿيون ملن جيتريون سيٺ کي مل ۾ ملنديون
آهن. معاشري ۾ منهنجي عزت آهي“
”مان به پلنگ تي سمهان ٿو. مون وٽ بنگلا ۽ نوڪر چاڪر آهن. مون
کي ٻار ٻچا آهن زال آهي. هڪ اڌ رکيل آهي. مان به
سوشل آهيان.“
”پر .... پر....“
”پر- ڇا-؟“
”چريا! مل جو ٽائيٽل تنهنجي نالي هرگز ڪونهي؟“
”ٽائيٽل سان ته پريشانيون ٿيون اچن. ان ڪري مون اهو ٽائيٽل سيٺ
دائود جي نالي ڪري ڇڏيو آهي“.
”سيٺ دائود جڏهن به چاهي، پنهنجي سموري دولت ڪنهن به وقت ڪنهن
رفاهي اداري کي ڏيئي سگهي ٿو“.
”ناممڪن“
”ڇو-؟“
”اها تجربي جي ڳالهه آهي“.
”مون کي مڃڻو پيو ته، دائود ملز تنهنجي آهي. فقط تنهنجي“.
”ها- دائود ملز منهنجي آهي. حبيب بئنڪ منهنجي آهي. آدم جي
انڊسٽريز به منهنجي آهي- سڄي دولت منهنجي آهي. رڳو
منهنجي اها مجبوري آهي، جو ضرورتون محدود آهن. مان
ايتري پئسي کي ڪنجوسيءَ سان استعمال ڪندو آهيان.
جيئن سهگل ۽ گوڪل وارا ڪندا آهن- مون کي ته دولت
جو حساب به ڏيئڻو ڪونهي!!!“
مان ماٺ ٿي ويس. ان جي ماءُ مونکي ٻانهون ٻڌي چيو: ”اَبا تون ئي
مڃ. هن کي ته بک ۽ بيروزگاري چريو ڪري وڌو آهي.
تون ته سياڻو ۽ عقل وارو آهين“.
- مان ماٺ ٿي ويس.
(2) بُڻ
”يار گوتم-“
”ها.“
”ٻڌو اٿم ته، تو ريکا کي ڇڏي ڏنو.“
”ها- يار! کيس ڇڏي ڏنم.“
”ڇو-؟“
”يڪسانيت مان ته تنگ اچي ويو آهيان. هونءَ به ريکا کانسواءِ
ٻيون به ڇوڪريون آهن؛ فيڪلٽي آف آرٽس ۾. هون4 به
منهنجي شاندار پرسينلٽي کان اُهي امپريس آهن. سيتا
کي ڏس. ڪامپليڪس جو شڪار آهي، مون سان گڏ شيلا کي
ڏسندي-!
”پر هاڻي-؟“
”يار! ٻين کي به وارو ملڻ گهرجي. بس، اڄڪلهه وري به سيتا کي لفٽ
ڪرائبي“.
”هيلو گوتم. هيلو سانوڻ“
”هيلو سيتا“ اسان ٻنهي گڏجي چيو: ”اچ، اسان ٻيئي توکي ياد ڪري
رهيا هئاسين“.
”چڱو جو ياد ته اٿو مانوَ. مان جلديءَ ۾ آهيان. ڏاڍو جلدي ۾، هي
وٺو منهنجو ۽ لال جي انگيجمينٽ جو ڪارڊ، پليز!
ٻيئي ضرور ڀيڻ جي وهانءَ ۾ اچجو.
مونکي لڳو ته: ڪارڊ ۾ ڪيترا بجا ڇپيل هجن ۽ گوتم جو مُنهن هجي.
(3) لوڪ ورثو
آڌيءَ ويل اٿيو ۽ پيءُ جي مٿان اچي بيٺو.
سندس بيمار پيءُ سالن کان موذي مرض سان جنگ ڪندي ٿڪيو هو، سندس
جسم مٺ کن رهيو هو ۽ اکڙندڙ ساهه وڃي بچيو هوس. هن
پراڻي انگوڇي کي کڻي، مريض جي چيلهه ۾ ٻڌو ۽ مريضن
کي پنهنجي جوان هٿن ۾ کڻي ورتو. پوءِ گهر جي ستل
ٻين ڀاتين کي ڏٺو. اُهي پڻ ڌنڌلڪي ۾ ويران قبرون
نظر آيس. هو ٻاهر نڪري آيو.
ٻاهر ڪجهه نه هو. گهٽيون ويران ۽ اُداس هيون. پريان چوڪيدار جو
آواز پيس. هو تيز قدمن سان ٻه- ٽي گهٽيون مٽائي
وڏي روڊ تي پهچي ويو. پوءِ تيزيءَ سان رائيس ڪنال
ريگيولٽر مٿان پهچي ويو. هيٺ ماٺو ۽ ميرو پاڻي هو.
پاڻيءَ مان اٿندڙ اُٻر مريض کي بيچين ڪري وڌو. هو
ڪيترو وقت بيٺو رهيو.
”پٽ! مون کي پاڻيءَ ۾ اڇلي ڇڏ“
پيءُ جو ڪمزور آواز ٻڌم. بت ۾ ڪنبڻي اچي ويم. هٿن ۾ ست نه رهيو.
خوف کان دل جي رفتار وڌي ويئي.
”پٽ! ڇا ٿو سوچين. اڇلي ڇڏ“
هُنَ مريض جي طرف ڏٺو جيڪي ڊگهي مرض کان تنگ ٿي اهڙي قدم کڻائڻ
تي مجبور هو، پر هو اڃا فيصلو نه ڪري سگهيو ته مان
ڇا ڪريان؟
”پٽ! هن ئي هنڌ بک ۽ بيماريءَ کان تنگ آيل مون پنهنجي پيءُ کي
اڇليو هو- تون به مون کي هت ئي اڇلي ڇڏ ۽ هاڻي تون
به ظاهري ڏيک ويک خاطر مون کي اُڇلي ڇڏ....
ها اڇلي ڇڏ“.
”نه- نه مان توکي اذيت جو موت نه ڏيندس. اچ- ته هلي ٻيئي تنهنجي
مرض سان گڏجي جنگ جوٽيون“
- اُن کان اڳ ئي هو رضا ڪري ويو هو!؟‘
|