ڪڇ جي حاڪم راءِ ديسل (1719ع-1752ع) جي ڏينهن ۾
سنڌ جي سرحدي علائقن سان ڇيڙڇاڙ ٿيندي رهندي هئي،
ان جي حڪومت کان پوءِ سندس پٽ راءِ لکپت جي
(1166هه-1175هه/1752ع-1761ع) به سنڌ ۽ پارڪر جي
علائقن تي حملي جي تياري ڪئي هئي، پر موت مهلت نه
ڏنس، کانئس پوءِ راءِ گوڙ جي (1175هه
1192هه/1761ع-1778ع) ڪڇ جو حاڪم ٿيو. ميان غلام
شاهه به اهو وقت مناسب سمجهي 9 ربيع الثاني 1176هه
(28 آڪٽوبر 1762ع) تي ڪڇ ڏانهن ڪاهه ڪئي. ڪڇ جي هڪ
وزير ديو ڪرن جو پٽ سيٺ پونجو هن مهم ۾ ميان صاحب
جو مددگار ٿيو، جنهن جي پيءُ کي راءِ لکپت مارئاي
ڇڏيو هو. ڪلهوڙن جي لشڪر لکپت کان ٽيهن ميلن تي
”سُندري“ جو قلعو فتح ڪري جاڙي جبل وٽ ڪڇ جي ڇهن
هزار فوج سان ويڙهه ٿي. ڪڇ جي فوج جا ڪيترا ماڻهو
هڪ وڏي توب جي چوڌاري بيٺا هئا ته اتفاقاً توب
ڦاٽي پئي ۽ سندن اهم اڳواڻ ۽ ٻيا ڪيترا ماڻهو مري
ويا. سنڌ جي لشڪر موقعو سولو ڏسي جبل تي چڙهي حملو
ڪيو- ڪڇ جو وزير ۽ ٻيا معزز سردار ۽ اڳواڻ اتي
وڙهندي مارجي ويا. هيءَ واقعو 9 شعبان 1176هه تي
ٿيو. ميان صاحب جون فوجون ڪڇ جي گادي جي هنڌ ”ڀڄ“
کان ٻارهن ڪوهن تي وڃي پهتيون. ڪڇ جي حاڪم سيٺ
پونجي هٿان صلح جو پيغام موڪليو، ٻنهي ڌرين صلح
قبول ڪيو. معاهدي تحت سسته ۽ لکپت جا بندر ميان
صاحب جي حوالي ٿيا ۽ طئي ٿيو ته راءِ جي ڀيڻ سان
ميان صاحب جي شادي ٿيندي.
ميان صاحب ڪڇ جي مهم کان پوءِ 2- رجب 1176هه (17 جنوري، 1763ع)
تي پنهنجي مرڪز شاهپور ڏانهن موٽي آيو.
افغانستان جي درٻار کي جڏهن هن فتح جي خبر پئي ته 20- ربيع
الثاني 1177هه ۽ پهرين جمادي الاول 1177هه جو
خوشنوديءَ جا ٻه پروانا ميان صاحب ڏي موڪليا ويا.
هوڏانهن سيٺ پونجو جيڪو معاهدي تي عمل ڪرائڻ لاءِ ڪڇ ۾ رهي پيو
هو، ان کي را3 پنهنجي هٿ سان زوريءَ زهر جو پيالو
پياري پورو ڪيو. اهڙي طرح عهد نامي تي عمل نه ٿي
سگهيو ۽ ميان صاحب ٻيهر پنجاهه هزار لشڪر سان
1128هه مطابق 1765ع ۾ ڪڇ تي ڪاهه ڪئي. هنن لکپت
کان وڌي ”موروي“ جو قلعو فتح ڪيو ۽ وڃي ڀُڄَ کان
پنجن ڪوهن تي پهتا.
ڪڇ جي راءِ ٻيهر صلح ڪري پنهنجي سوٽ ايسوجي جي ڌي ميان صاحب جي
نڪاح ۾ ڏني ۽ وڏي شان شوڪت سان هيءَ شادي 28 شعبان
1176هه مطابق 13 مارچ 1762ع تي ٿي. ميان صاحب هن
حرم کي ”سنڌ راڻيءَ“ جو خطاب ڏنو.
ڪڇ مان موٽي اچڻ تي گهڻي مٽي ۽ تيز هوائن جي ڪري پراڻي شاهپور
کي ڇڏي ميان صاحب نئين شاهپور جو بنياد وڌو.
عطر خان به پشيمان ٿي اچي حاضر ٿيو ۽ ميان صاحب جي عنايتن حاصل
ڪرڻ بعد همر ڪاب رهڻ لڳو. غلام شاهه ڪلهوڙي جي
درٻار مان انگريزن کي سنڌ ۾ واپار ڪرڻ جو پهريون
پروانو 22 سيپٽمبر 1758ع (18 محرم 1172هه) تي مليو
۽ ٻيو پروانو ساڳئي سال 11 آڪٽوبر تي مليو، جنهن ۾
محصول جو خاص رعايتون ڪيل هيون. لاک ۽ قلمي شوري
جو مقاطعو انگريزن جي حوالي هو. هو افغانن کان گرم
ڪپڙو پڻ خريد ڪندا هئا، جنهن مان کين وڏو معاوضو
ملندو هو.
مسقط جي امام سان ميان غلام شاهه جا خصوصي تعلقات هئا، ڇو ته هن
محمد مرادياب جو مسقط موڪليل خزاني جو وڏو حصو
ميان غلام شاهه کي واپس ڏياري موڪليو ۽ باقي رهيل
خزاني موڪلڻ جو وعدو ڪيو هو. ان ڪري مسقط جي سفير
کي قلمي شورو خريد ڪرڻ جي اجازت ڏني ويئي هئي.
جنهن تي انگريز واپارين ۽ ڪلهوڙا حڪومت جا تعلقات
بگڙي ويا. انگريزن ڪڏهن به ميان صاحب جي مدد نه
ڪئي ۽ نه ئي ڪا گهُر پوري ڪئي. ميان صاحب جي اعليٰ
انتظام کان خوش ٿي احمد شاهه ابدالي سنه 1181هه
(1767ع) ۾ ديري غازي خان ۽ ديري اسماعيل خان جو
انتظام به سندس حوالي ڪيو. ڪجهه وقت اهو انتظام
جهان خان جي حوالي ٿيو، پر ٻيهر 1183هه (1729ع) ۾
ديرو غازي خان ميان غلام شاهه جي هٿ هيٺ آيو. ميان
غلام شاهه کي تعميرات جو گهڻو شوق هو، ان ڪري سنڌو
نديءَ جي ڪپ تي نئين دارالحڪومت ٺاهڻ جو ارادو ڪيو
۽ ذوالقعد 1182هه مطابق مارچ 1729ع ۾ هڪ مضبوط
قلعو تعمير ڪرائي هڪ شاندار شهر جو بنياد وڌو ۽ ان
جو نالو ”حيدرآباد“ رکيو. ميان صاحب پنهنجي رهائش
لاءِ قلعي ۾ شيش محل جي نقشي تي هڪ محل ۽ ان ۾
ديوان خاص ۽ ديوان عام پڻ ٺهرايا. اڳ ۾ هن جاءِ تي
ڪنهن پراڻي شهر جا کنڊر هئا، جن کي ميان غلام شاهه
صاف ڪرائي قديم نيرون ڪوٽ جا سمورا نشان ۽ ڪي قديم
مقبرا به ڊهرائي ڇڏيا.
ميان صاحب لکي پڙهي نه سگهندو هو، پر ملڪي انتظام رکڻ جو ماهر
هو. هن پنهنجي عقلمندي ۽ دانائي سان وري سنڌ کي
متحد ڪري؛ ان جو حڪمران ٿيو ۽ افغانن جي مقرر ٿيل
خراج کي ويهن لکن مان گهٽائي چوڏهن لکن تي
آندائين. سندس دور ۾ ملڪي آمدني ۽ واپار ۾ واڌارو
ٿيو ۽ ملڪ معاشي خوشحالي طرف وڌڻ شروع ڪيو. ميان
صاحب فالج جي حملي سبب 1186هه (1772ع) ۾ وفات ڪئي.
ميان غلام شاهه جي گذاري وڃڻ کان پوءِ سندس پٽ
ميان سرفراز خان (1186هه-1189هه\1772-1776ع)
سنڌ جي حڪومت سنڀالي. سندس والده ايراني هئي، ان
ڪري فارسيءَ جو وڏو ڄاڻو ۽ ڪلهوڙن حاڪمن ۾ پهريون
صاحب ديوان شاعر ٿيو. سندس تخت نشينيءَ کان اٽڪل
ٻه مهينا پوءِ احمد شاهه ابدالي 20- رجب 1186هه
(7- آڪٽوبر 1772ع) تي قنڌار ۾ وفات ڪئي. جيئن ته
سنڌ افغانستان جي هٿ هيٺ هئي، ان ڪري ميان سرفراز
پنهنجي هڪ نامياري امير ۽ فوج جي اڳواڻ مير بهرام
خان ٽالپر کي عذرخواهي لاءِ قنڌار موڪليو. جتان
نئين حاڪم تيمور شاه (1186هه-1207هه\1772ع-1793ع)
طرفان ميان صاحب لاءِ حڪمرانيءَ جي سَند، قيمتي
وڳو ۽ ”خدايار خان“ جو خطاب عطا ٿيو. ديرن جي
حڪومت به کيس ئي ملي.
ميان سرفراز ٻه دفعا ڪڇ تي پڻ چڙهائي ڪئي. پهريون دفعو شعبان،
1188هه (آڪٽوبر 1774ع) ۾ سندس لشڪر ”چوباريءَ“ مان
ڪنٺ ڪوٽ پهتو ته ميان سرفراز جي اتي جي ٺاڪر جي
ڌيءُ سان شادي ٿي. ڪڇ جي راءِ گوڙ جي مقابلو نه
ڪيو ۽ وڏي شان سان ميان صاحب جو استقبال ڪيائين.
هي صورت حال ڏسي ميان سرفراز سمورا فتح ڪيل علائقا
ڇڏي گجرات ۽ پارڪر کان ٿيندو شوال 1188هه (ڊسمبر
1774ع) ۾ سنڌ پهتو.
”انشائي عطارد“ مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪلهوڙن جي لشڪر شهر ويران
ڪري ڇڏيا ۽ بي انتها مال غنيمت هٿ ڪيو. ڪنٺ ڪوٽ جو
حاڪم، جنهن اطاعت قبول ڪئي هئي، ان جو نالو دائود
جي جاڙيجو هو. لاکا ڳڙهه جو قلعو به ڪلهوڙن جي
لشڪر کي ڏسي خالي ٿي ويو ۽ قلعي جو حاڪم ڀڄي ويو.
رستي ۾ پاڻيءَ جي بيحد اڻاٺ هئي. پارڪر جا حاڪم
راڻو خانجي، ڊهڪر جي ۽ جيواجي هئا، جن ميان سرفراز
جي آڻ مڃي. صاحبزادو ميان محمود به لشڪر سان گڏ
هو. ڪڇ تي ٻيو حملو ڪڏهن ۽ ڪيئن ٿيو، ان بابت ڪا
به ڄاڻ ڪانه ٿي ملي.
ميان يار محمد خان ڪلهوڙي پنهنجي دور ۾ بلوچستان مان پنهنجن
مريدن جو هڪ وڏو تعداد سڏائي پنهنجي لشڪر کي مضبوط
ڪيو هو. انهن ۾ ٽالپر سردار مير شهداد خان ٽالپر
وڏو نالو ڪڍيو ۽ ان بعد سندس پٽ مير بهرام خان
ڪلهوڙن جي سڀني حملن ۽ فتحن ۾ بلوچن جي لشڪر سان
گڏ وڏي همت ۽ جرئت جو مظاهرو ڪندو رهيو ۽ ميان
سرفراز جوبه مخلص ۽ وفادار هو. پر راڄو ليکي ميان
تي وڌيڪ حاوي هو ۽ هن بدگمانيون پيدا ڪرڻ ۾ خاص
ڪردار ادا ڪيو ۽ سندس ئي چرچ تي ميان سرفراز مير
بهرام کان جي ڌيءُ جو سنڱ گهريو. ٽالپرن جواب ڏنو
۽ چيو ته اهو اسان جي روايتن جي خلاف آهي. اهو
بنياد هو جتان بدگمانيون شروع ٿيون. ديوان گدومل
به ميان سرفراز کي سمجهايو ته مير بهرام سان دشمني
نه پيدا ڪريو. پر معاملو وڌي ويو نيٺ صلح جي نوبت
آئي. ميان سرفراز خان پنهنجي هٿ سان قرآن شريف تي
عهد نامون لکيو، جنهن موجب ”مير بهرام خان جي عزت
حرمت برقرار رکندو ۽ مير بهرام ۽ مير صوبدار کي سڀ
کان وڌيڪ سمجهندس ۽ هو به مون ۽ ميان مير محمد سان
وفادار رهندا.“
مير بهرام سڄي قصي کي سمجهي به پاڻ معاهدي تي سچو رهيو. مير
بجار حج تي روانو ٿيو ۽ مير صوبداري پيءَ سان گڏ
رهڻ پسند ڪيو. 15 جمادي الآخر 1189هه (13، آگسٽ
1775ع) تي مير بهرام خان جيئن درٻار ۾ سلام ڪرڻ
ويو ته راڄوليکي، الله بخش جنهجهڻ، ڄام فيروز
ٽالپر، محراب جتوئي جي صلاح سان حسين مرراڻي جي
هٿان ميان سرفراز کيس شهيد ڪرائي ڇڏيو. دروازي تي
سندس پٽ مير صوبدار خان به موجود هو. جنهن اها خبر
ٻڌي راڄو ليکي جي پت الله بخش کي ماري وڌو پر پوءِ
ميان سرفراز جي ماڻهنمير صوبدار کي به شهيد ڪري
وڌو، کيس ۽ مير بهرام خان کي خدا آباد نئين ۾
جاهالن جي ويجهو آهي، دفن ڪيو ويو ۽ الله بخش
ليکيءَ کي ميان غلام شاهه جي مقبري جي اڳيان دفن
ڪيو ويو.
مير فتح علي خان، جيڪو مير بهرام خان جو سوٽ هو. پنهنجي عزيزن
جي شهادت جي خبر ٻڌي پنهنجي همراهن سان خدا آباد
تي حملو ڪيو ۽ قلعي ۾ اندر داخل ٿي ويو. سرفراز
خان دريءَ مان پيرين ۽ مٿي اگهاڙو ڀڄي اچي
حيدرآباد جي قلعي ۾ پهتو. سڀني اميرن سرفراز خان
جو ساٿ ڇڏي ڏنو ۽ اچي مير فتح علي خان سان مليا،
جنهن سرفرار جي ننڍي ڀاءُ محمود خان کي تخت تي
ويهاريو ۽ تڪڙ ۾ حيدرآباد جي قلعي ڏي روانو ٿيو ۽
ستن ڏينهن ۾ قلعو فتح ڪري سرفراز خان کان قلعي جون
چاٻيون وٺي کيس قيد ڪري ورتائين. پر حڪومت جي ڪنهن
به شيءَ تي پنهنجو تصرف قائم نه ڪيائين ۽ مير بجار
خان جو انتظار ڪرڻ لڳو. راڄو ليکي موقعي جو فائدو
وٺي سمورا اختيار پنهنجي هٿ ۾ ڪري ورتا ۽ سندس ئي
حڪم سان عطر خان، ميان غلام نبي ۽ ميان عبدالنبي
قيد ٿيا. هن سمورو خزانو پنهنجن ساٿين ۾ ورهائي
ڇڏيو. راڄو ليکي پاڻ کي اڃا به مضبوط ڪرڻ لاءِ
محمد خان کي تخت تان لاهي ميان نور محمد جي فرزند
ميان غلام نبي کي تخت تي ويهاريو، جنهن جي ماءُ
جوڻيجا قبيلي مان هئي ۽ جوڻيجا مير بجار ۽ ٻين
ٽالپرن جي خلاف هن جا مددگار ٿي سگهيا ٿي.
مير بجار خان حج تان موٽي قلات ۾ اچي مير نصير خان بروهي سان
مليو ۽ سندن پڳ مٽ ياري قائم ٿي. مير قلات کان
شڪارپور پهتو، جتي سندس پٽ مير عبدالله خان ۽ ٻيا
بلوچ سردار استقبال لاءِ موجود هئا. انهن سڀني
ڪلهوڙن جي ظلمن کان مير بجار خان کي واقف ڪيو.
انهي4 وچ ۾ راڄو ليکي مري ويو ۽ سندس پٽ تاجو ليکي
پيءُ جو جائنشين ٿي سمورا اختيار پاڻ سنڀالي ورتا.
مير بجار خان جنگ ڪرڻ جي خلاف هو، ان ڪري پنهنجو
لشڪر ۽ توبخانو وٺي اهل عيال سميت وڃي عمرڪوٽ جي
قلعي ۾ رهيو. تاجو ليکي به لشڪر وٺي ميان غلام نبي
کي ساڻ ڪري ٽيهه هزار لشڪر سان عمرڪوٽ روانو ٿيو،
مير بجار جنگ نه ڪئي، قلعو ميان غلام نبي جي
ڪارندن جي حوالي ڪري، انتظار ڪيو ته صلح جي ڳالهه
ٻولهه هلندي، پر ٻه مهينا ڪو به رابطو نه ٿيو ته
هن تاجو ليکي کي مقابلي لاءِ للڪاريو.
ميان غلام نبي به جنگ جو حامي نه هو، پر تاجو ليکي لشڪر وٺي
لانياري (ضلعو سانگهڙ تعلقو سنجهورو) جي ميدان تي
مقابلو ڪيو. جنگ هلندي ميان غلام نبي، مير بجار ڏي
نياپو ڪيو ته جنگ ۾ منهنجي مرضي شامل نه آهي. تاجو
ليکي کي خبر پئجي ويئي ۽ ميان غلام نبي کي شهيد
ڪري وڌائين.
مير بجار خان کي ميان غلام نبي جي موت جو افسوس ٿيو، هن لاش کي
عزت سان تابوت ۾ حيدرآباد تدفين لاءِ روانو ڪيو ۽
پاڻ خداآباد نئين ۾ وڃي رهيو.
مير بجار ٻيهر سرفراز خان کي تخت تي ويهارڻ جي سوچ پئي ڪئي.
انهيءَ وچ ۾ ميان غلام نبي جو ڀاءُ عبدالنبي
حيدرآباد ۾ هو. سرفراز خان، ان جو پٽ محمد خان،
ڀاءُ محمود خان ۽ چاچو عطر خان قلعي ۾ نظر بند
هئا. جڏهن ماڻهو غلام نبي جي ڪفن دفن کان واندا
ٿيا ته ميان عبدالنبي پنهنجي مامي رکيل خان جوڻيجي
کي، جيڪو حيدرآباد جو قلعيدار هو، حڪم ڏنو ته
نظربندن کي قتل ڪيو وڃي. رکيل خان پنهنجي مقرر ڪيل
جوڻيجن نگهبانن، چوڪيدارن ۽ جلادن جي مدد سان کين
قتل ڪري ڇڏيو. اهو قدم ان ڪري کنيو ويو ته ٽالپر
سردار هاڻي مجبور ٿي ميان عبدالنبي کي سنڌ جو حاڪم
مڃين ۽ ڪوبه سندس مقابلي ۾ جانشينيءَ جو دعويدار
نه ٿي سگهي.
مير بجار خان به مجبور ٿي ميان عبدالنبيءَ کي ئي گاديءَ تي
ويهارڻ جو فيصلو ڪيو. ميان عبدالنبي حيدرآباد مان
پيغام ملڻ تي هالا ڪنڊيءَ پهتو. ٻئي ڏينهن غوث
الحق حضرت مخدوم نوح رحه جي درگاهه ۾ مير بجار
پنهنجن هٿن سان ميان جي سر تي حڪومت جي دستار ٻڌي
۽ درگاهه کان دعا گهرڻ بعد وڏي شان شوڪت سان کيس
ميان سرفراز خان جي محل ۾ نئين خداآباد ۾ اچي
ويهاريائون.
مير بجار خان ٽالپر ملڪي انتظام پنهنجي هٿ ۾ رکي، ان کي درست
ڪرڻ ۾ لڳي ويو ۽ تاجو ليکي ۽ ٻين مخالفن کي معاف
ڪري ڇڏيائين.
ڪلهوڙن جي پاڻ ۾ اختلاف ۽ خونريزيءَ واري دور ۾ سندن افغان
حاڪمن سان رابطي ۽ خراج ۾ به سستي ٿي هئي ۽ محمود
خان ميان غلام نبي ۽ ميان عبدالنبي جي حاڪميت بابت
به افغان درٻار کان ڪا راءِ نه ورتي ويئي هئي.
انهن حالتن کي سامهون رکندي، احمد يار خان جي پٽ
عزت يار خان ڪوشش ڪري تيمور شاهه کان سنڌ جي حڪومت
جو پروانو حاصل ڪري ورتو.
عزت يار خان، افغانن، قلات، ملتان، شڪارپور ۽ دائودپوٽن جي مدد
سان ٽيهه هزارن جو لشڪر گڏ ڪري روانو ٿيو. مير
بجار ۽ ميان عبدالنبي ارڙهن هزار فوج سان خداآباد
نئين کان روانا ٿي لکي ۽ شڪارپور جي وچ ۾ حمله
آوارن سان دوبدو ٿيا. عزت يار جنگ هارائي ڀاڄ
کاڌي.
افغان لشڪر وڃي شڪارپور جي قلعي ۾ لڪو، مير بجار شڪارپور تي به
قبضو ڪيو، پر افغان سردارن کي عزت ۽ خلعت سان
روانو ڪيائين. پر افغان امير تيمور شاهه جي ڪاوڙ
ڍري ڪري نه سگهيا ۽ وڏو لشڪر وٺي سنڌ تي حملي ڪرڻ
لاءِ نڪري پيو. مير بجار اڳتي وڌي استقبال ۽
ملاقات جو اظهار ڪيو. جنهن سبب تيمور شاهه پنهنجي
سوچ بدلائي ميان عبدالنبي جي نالي سنڌ جي حڪومت جو
فرمان جاري ڪيو ۽ کيس ”معتمد الدوله شاهنواز خان
فيروز جنگ“ جو خطاب، خلعت، سوني جهل سان هاٿي ۽
عراقي گهوڙا پڻ عطا ڪيا. ان سان گڏ تيمور شاهه
خراج ۽ لشڪر جي چڙهائي جي خرچ جي پڻ گهر ڪئي. جيڪا
مير بجار ۽ ميان عبدالنبي قبول ڪئي.
اڃا اها آفت مس ٽري ته سن 1194هه ۾ ميان عبدالنبي جوڌپور جي
راجا جي مدد سان مير بجار کي مارائي وڌو، جنهن
پنهنجي عقل دانش ۽ طاقت هوندي به حڪومت پنهنجي
مرشدن جي خاندان ڪلهوڙن ۾ برقرار رکي هئي.
ميان عبدالنبي مير بجار جي پٽ مير عبدالله خان ۽ ٻين ٽالپر
اميرن جي ڊپ کان قلات ڀڄي ويو ۽ پٽن کي جوڌپور
موڪلي ڏنائين. مير عبدالله خان ڪلهوڙن جي خاندان
هڪ خداترس شخص ميان صادق علي پٽ اسلام خان کي
حڪومت جي گاديءَ تي ويهاريو.
انهيءَ وچ ۾ جوڌپورجي راجا بجي سنگهه ۽ ميان عبدالنبي بروهين جي
لشڪر سان اوڀر ۽ اولهه کان سنڌ تي حملو ڪري ڏنو.
پهريائين مير عبدالله خان نظاماڻين، جمالين ۽
لغارين جي مدد سان، جوڌپور جي فوج کي ماري ڀڄائي ۽
بي انتها مال غنيمت هٿ ڪري سنڌ موٽيو.
ميان عبدالنبي به حملو ڪري لاڙڪاڻي پهتو. مير عبدالله لشڪر سان
مقابلو ڪيو. ڪيترائي بروهي ۽ جتوئي سردار مارجي
ويا. ميان عبدالنبي ڀڄي ويو قلات پهتو ۽ اتان
تيمور شاهه جي درٻار ڏانهن روانو ٿيو.
مير عبدالله خان ٽالپر خدايار خان جي زماني کان مقرر ٿيل موتمار
محصول پيشڪش ۽ سرشماري ختم ڪري ڇڏيا. جنهن تي سنڌ
جي ماڻهن خوشيون ملهايون. مير عبدالله خان پنهنجي
وڏن مير شهداد، مير شهداد، مير بهرام ۽ مير بجار
جو لائق سپوت بهادر ۽ عقلمند هو، هن ماڻهن کي قرب
۽ خلوص سان پنهنجو ڪيو هو.
ميان عبدالنبي جي درخواست تي تيمور شاهه پنهنجي هڪ سردار مدد
خان کي، جنهن جو اصل نالو دلاور خان اسحاق زئي هو،
سنڌ فتح ڪري ٽالپرن کان ملڪ ڦري ڪلهپڙن جي حوالي
ڪرڻ جو ڪم رکيو.
مدد خان سنڌ ۾ جيڪي ظلم ۽ قهر ڪيا اهي سنڌ واسي ڪڏهن به وساري
نه سگهندا. ميان عبدالنبي ۽ سندس ڪارندا به ڦرلٽ ۾
شامل هئا.
ميرن جو پاڻ ۾ اختلاف ٿي پيو. اهي عمرڪوٽ وڃي رهي پيا. نيٺ مدد
خان ميان عبدالنبي کي پنهنجي حال تي ڇڏي افغانستان
هليو ويو. ملڪ ۾ ڏڪار پئجي ويو ۽ اهڙي وبا پکڙي
جنهن رهيل ڪسر به پوري ڪري ڇڏي.
ميان عبدالنبي مير عبدالله خان سان صلح ڪري، ٺڳيءَ سان کيس ۽
مير فتح خان کي قيد ڪري قتل ڪرائي ڇڏيو. هي واقعو
1196هه ۾ ٿي گذريو. ميان عبدالنبي، مير عبدالله
خان کان پو3 ڌڱاڻي جتوئي کي مختيار بنايو ۽ کيس
”لاکا وٽ“ جي جاگير ڏنائين. پر هو ميرن جي مقابلي
۾ سامان ۽ توبون ڇڏي ڀڄي ويو ۽ آخر پيش پئي جند
ڇڏيائين.
ميان غلام نبي ٻيهر ٽيهه هزار لشڪر گڏ ڪري محمد حسن کهاوڙ کي
’اميرالامراءَ‘ جو لقب ڏيئي، ميرن سان مقابلي لاءِ
موڪليو. هالاڻي وٽ ميرن گهٽ تعداد هوندي به کين
شڪست ڏني ۽ محمد حسن کهاوڙ خيري خان مريءَ هٿان
مارجي ويو ۽ ميان غلام نبي قلات ڏانهن منهن ڪيو.
ميان عبدالنبي سنڌ جي حڪومت حاصل ڪرڻ لاءِ مدد ڪرڻ جي واعدي تي
عمرڪوٽ جوڌپور جي راجا کي ۽ ڪراچي بندر ۽ سنڌ جون
ڪجهه آباد ۽ زرخير زمينون قلات جي واليءَ کي ڏيئي
چڪو هو، جنهن جي بدلي ۾ 1197ه ۾ ٻنهي ڌرين فوجون
تيار ڪري سنڌ ڏانهن منهن ڪيو، پر پوءِ واپس موٽي
ويا، مير فتح علي خان 1198هه (1782ع) ۾ حيدرآباد
جو قلعو به فتح ڪيو ۽ ڪلهوڙن جي حڪومت سندن نا
عاقبت انديشي ۽ وعدي خلافين سبب هميشه لاءِ ختم ٿي
ويئي.
ڪلهوڙن جي ابتدائي دور ۾ سنڌ مغلن جي هٿ هيٺ هئي ۽ ٻن حصن ۾
ورهايل هئي. اترئين حصي کي ”بکر سرڪار“ چئبو هو.
هي ملتان صوبي ۾ شامل هو. ٻيو ڏاکڻيون حصو جنهن جو
مرڪز ٺٽو هو. هي هڪ ڌار صوبو هو. جنهن ۾ پنج
سرڪاريون هيون.
سرڪار سو.
سرڪار چاچڪان.
سرڪار سيوستان
سرڪار نصر پور
سرڪار چڪر هاله.
جڏهن ته سرڪار بکر ۾ ٻارهن پرڳڻا شامل هئا.
اروڙ، سکر، چانڊڪا، جتوئي، درٻيلو، سنگهر، سيوي، فتحپور،
گنجابو، کهڙي جو ڪُن، ڪاڪري ۽ ماٿيلو.
ٺٽي ۽ بکر جي آمدني ڪلهوڙن جي دور ۾ اٽڪل اسي لک روپيه هوندي
هئي.
ڊاڪٽر مڪرجيءَ جي ڪٿ موجب کاڌي جي مکيه شين جي سراسري قيمت اٽڪل
ڏهه آنا في مڻ هئي. هن مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته،
ڪلهوڙن جي دؤر ۾ زمين جي ڍل اٽڪل 53 لک رپيه ڪَٿي
وئي آهي. ان ڪري ڪل پيداوار جو ملهه زمين جي ڍل جي
ٽيڻ يعني اٽڪل 160 لک رپيه ٿيندي ۽ ڏهين آني في مڻ
جي حساب سان ڪل پيداوار اٽڪل 165 لک مڻ ٿيندي ۽
زمين جي سراسري پيدائش 12 مڻ في ايڪڙ فرض ڪندي،
اهو معلوم ٿيندو ته ان وقت پوک هيٺ ايندڙ زمين
سالياني 21 لک ايڪڙ ٿيندي.
اها سموري آبادي ڪلهوڙن جي محنت ۽ ڪشالي جي ڪري ٿي هئي. سنڌ ۾
واهن جو پهريون معمار ميان نور محمد ڪلهوڙو هو،
جنهن سنڌو نديءَ جي ساڄي توڙي کاٻي ڪنارن تي واهَن
ذريعي آبپاشيءَ کي فروغ ڏنو. 1719ع کان وٺي سنڌ جي
اترئين علائقي ۾ واهه کوٽائڻ شروع ڪيا. ”گھاڙ
واهه“ جون ٽي مکيه شاخون آبپاشيءَ جي هن عظيم
معمار جي ڪري وجود ۾ آيون. ”نورو واهه“ تي به اهو
نالو هن جي پٺيان پيو ۽ ”شاهه جي ڪَڙِ“ وري هن جي
نامياري وزير شاهه بهاري کوٽايو هو. هن چانڊڪي
پرڳڻي ۾ ٻيا به ڪيترا واهه کوٽايا هئا. ميان نور
محمد جي وقت ۾ ”ڏاتي جي ڪر“ پنهنجي وقت جي هڪ
دولتمند شخص ڏاتي کهڙي کوٽايو هو. اتر سنڌ ۾
”بيگاري واهه“ جي مکيه شاخ ”نور واهه“ به ڪلهوڙن
جي دور ۾ کوٽائي ويئي هئي. نوشهري ڊويزن ۾ ”نصرت
واهه“ به ميان نور محمد جي وقت ۾ نصرت خان چانڊئي
کوٽايو هو. ”مراد واهه،“ ”باگ واهه“ ۽ ”فيروز
واهه“ به هن جي ٽن خاص ۽ مشهور درٻارين مراد
ڪلهوڙي باگي سيال ۽ فيروز ويراڙ کوٽايا هئا. نصرت
واهه جنهن ۾ انهن ٽن واهن جون ڪي شاخون اچي ٿيون
وڃن. هاڻوڪي روهڙي ڪئنال جي هڪ مکيه شاخ بنجي پيو
آهي. ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته ڪلهوڙن واهه کوٽائي
سنڌ کي وڌيڪ آباد ۽ سرسبز ڪيو. هنن جا ٻيا به
ڪيترا واهه کوٽايل مشهور آهن. انهن ۾ وڌيڪ مشهور
حيدرآباد ضلعي جو سرفراز واهه آهي، جيڪو ڪلهوڙي
حاڪم ميان سرفراز خان کوٽايو هو. ڪلهوڙا حاڪم واهن
جي کوٽائي مرمت ۽ صفائيءَ تي تمام گهڻو خرچ ڪندا
هئا جو سنڌ جي خوشحالي ۽ سرڪاري ڍلن جي جلد ۽
وقتائتي وصولي جو دارومدار آبپاشيءَ تي سمجهندا
هئا. ان ڪري واهن ڏي تمام گهڻو ڌيان ڏيندا هئا،
جنهن ڪري سندن دور جو خزانو ڀريل هوندو هو.
ڪلهوڙن ۽ مغلن جي وقت جي زرعي پيداوار ۽ زرعي زندگيءَ بابت ڪوبه
معتبر بيان ڪونه ٿو ملي، سواءِ ان جي ته سنڌ جي
ڏاکڻي علائقي ۾ شالي چانور تمام سٺا ٿيندا آهن ۽
ميوا خاص طرح انب تمام مشهور آهن. ان کان سواءِ
ڪڻڪ، ڀاڄيون ۽ گهوڙن ۽ چوپائي مال جو سائو گاهه به
تمام گهڻو ٿيندو هو ۽ هيءَ سرسبز زمين تمام گهڻي
آسودي ۽ خوشحال هئي. کاڌي خوراڪ جون شيون گوشت،
ڪڪڙ، رڍون ۽ مکڻ تمام گهڻو سستو ۽ جام ٿيندو هو.
گهورا ۽ چوپايو مال سنڌ ۾ تمام گهڻو هو. ماڻهن کي
خبر ڪانه هئي ته ڏڪار ٿيندو ڇا آهي. مکڻ، لاک ۽
قلمي شورو پرڏيهه موڪليو ويندو هو. ڪلهوڙي حاڪم
ميان نور محمد ڪلهوڙي، نادرشاهه جي سنڌ تي حملي
ڪندڙ پنجن لکن ماڻهن جي لاڳيتو سورهن ڏينهن اميرن
جهڙي شاندار مهماني ڪئي، پر کوٽ جو نالو نشان به
پيدا ڪو نه ٿيو. سنڌ هڪ ننڍو پر آسودو ۽ آباد ملڪ
هو.
ڪلهوڙن جي وقت جو، ڍلن جي سلسلي جو ڪو به ڌار رڪارڊ ڪو نه ٿو
ملي، پر اندازو اهو لڳايو ويو آهي ته سرڪار کي ڍلن
مان ڪل اسي لک رپيه ملندا هئا.
سنڌ ۾ صنعتي پيداوار ۾ سوٽي ڪپڙو، ريشمي ڪپڙو، اوني ڪپڙو ۽ چمڙي
جون شيون مشهور هيون. ٻين مکيه صنعتن ۾ جنڊيءَ جو
ڪم، عاج تي اُڪَر، اسلح سازي، ڪاشيءَ جون سرون ۽
ٿانو به پرڏيهي ناڻو ڪمائڻ جا اهم ذريعا هئا.
پرڏيهي واپار، بکر ۽ شڪارپور کان افغانستان سان
کيرٿر جي مولا لڪ کان بلوچستان ذريعي، ايران سان
ٺٽي کان ننگرپارڪر ۽ ڪڇ گجرات، ڪاٺياواڙ سان ٿيندو
هو.
ڪلهوڙن جي دور جي بندرن ۾ لهري بندر، اورنگا بندر، شاهه بندر ۽
وستا بندر مشهور هئا، جتان ايران، مسقط، آفريڪا،
بحرين ۽ ڪڇ ڏانهن واپاري ٻيڙا ايندا ويندا هئا ۽
اتان مال کڻي مٿين بندرن تي آڻيندا هئا.
سنڌ جي آدمشماريءَ جو جائزو وٺڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته مغلن جي
دور ۾ لڳ ڀڳ ويهه لک هئي. ڪلهوڙن جي اوائلي دور ۾
اها آدمشماري وڃي ٽيهن لکن کي پهتي هئي. جيڪا پوءِ
گهٽجڻ شروع ٿي.
سنڌ جو وڏو شهر ٺٽو هو، جنهن جي آبادي ٻن اڍائي لکن جيتري هئي.
ان کان سواءِ نصرپور بکر ۽ شڪارپور وڏا شهر هئا.
ڪلهوڙن جي اوائلي دور ۾ مغلن جي حڪومت هئي، ان ڪري سنڌ ۾ سندن
نالي جا سونا سڪا، مهرون، چانديءَ جا سڪا رپيه ۽
ٽامي جا سڪا، جن کي ’دام‘ ۽ ’فلوس‘ چيو ويندو هو،
هلندڙ هئا.
ان کان پوءِ نادرشاهه ۽ افغان حاڪم احمد شهاه دراني جي نالي سان
سڪا ڪلهوڙن جي انتظام هيٺ رائج هئا، جنهن جو ذڪر
اڳ ۾ ٿي چڪو آهي.
ميان نور محمد ڪلهوڙي جي وفات (1167هه/1353ع) کانپوءِ سندس وڏو
پٽ محمد مراد ياب خان (1167هه-1753ع/1170هه-1757ع)
۽ ان کان پوءِ ميان نور محمد جو پنجون نمبر پٽ
ميان غلام شاهه 1170هه-1753ع کان 1186هه-1772ع ۽
ان کان پوءِ سندس پٽ ميان محمد سرفراز خان
(1186هه-1772ع/1189هه-1776ع) سنڌ جا حاڪم ٿيا.
ايئن سمجهجي ته ميان سرفراز جي معزولي کان پوءِ حڪومت نالي ماتر
ڪلهوڙن جي پر مڪمل اختيار ليکي ۽ ٽالپر اميرن جي
هٿ ۾ رهيو. انهن جن ڪلهوڙن حاڪمن کي تخت تي
ويهاريو، انهن ۾ ميان محمود خان (1189هه/1776ع)
ميان غلام شاهه جو ٻيو نمبر پٽ ان کان پوءِ ميان
نور محمد جو ڇهون نمبر پٽ ميان غلام نبي
1189هه/1776ع کان 1190هه 1776ع ۽ ان کان پوءِ سندس
ڀاءُ ميان عبدالنبي 1190هه/1777ع کان 1199هه/1784
۽ ڪجهه وقت صادق علي خان شامل آهن. اهي سمورا
افغان حاڪمن جا ڏن ڀرو هئا، سندن دؤر ۾، سنڌ جي
ٽڪسالن ٺٽي، بکر ۽ حيدرآباد مان مٿيان سمورا
ڪلهوڙا حاڪم اڳ وانگر افغان حاڪمن جي نالي جا سون،
چاندي ۽ ٽامي جا سڪا ٺپي سنڌ ۾ جاري رکندا هئا.
ميان نور محمد ڪلهوڙي تائين ٺپيل سڪن جو ذڪر اڳ ۾
ٿي چڪو آهي.
محمد مرادياب جي حڪومت جو سونو سڪو بهاولپور جي توشي خاني ۾
موجود آهي، جيڪو افغان حاڪم احمد شاهه جي بادشاهي
جي سن جلوس 8 يعني 1168هه ۾ بکر مان جاري ٿيل آهي.
هن سڪي جي هڪ پاسي هي فارسي شعر لکيل آهي:
”حڪم شد از قادر بيچون باحمد بادشاهه
سڪه زن برسيم وزرازاوج ماهي تابماهه“
هن قسم جي شعر لکڻ جو رواج مغل دور جي حڪمرانن جي وقت کان جاري
هو، جنهن کي نادرشاهه، احمد شاهه ۽ ٻين افغان
حاڪمن پڻ برقرار رکيو.
هن سڪي جي ٻئي پاسي روايتي لکڻي ۽ ضربخاني جو نالو هن ريت لکيل
آهي.
”جلوس ميمنت مانوس- 8 ضرب بهکهر“
هن سڪي جي سائيز هڪ انچ کان معمولي گهٽ آهي، جڏهن ته وزن 5-53
گرين آهي، جيڪو ايراني اشرفي جي برابر آهي.
احمد شاهه جي نالي بکر مان جاري ڪيل هڪ ٻيو سونو سڪو پڻ
بهاولپور جي توشي خاني ۾ موجود آهي، جنهن جي وچ ۾
گول دائري اندر هيءَ عبارت لکيل آهي:
”احمد شاهه در دران“
جڏهن ته ان جي چوڌاري ساڳيو مٿي ذڪر ڪيل فارسي شعر لکيل آهي.
سڪي جا پاسا ڪٽيل آهن.
ٻئي پاسي جي لکت اڳ ۾ ذڪر ڪيل سوني سڪي جي ٻئي پاسي جهڙي آهي.
صرف سنه جلوس جي بدران ”1177“ هجري سن لکيل آهي.
هي سڪو ميان غلام شاهه جي دور جو آهي. هن سوني مهر
جو وزن 168 گرين آهي.
ساڳئي قسم جا چانديءَ جا سڪا بکر جي ضربخاني جا ٺپيل ملن ٿا،
جيڪي احمد شاهه جي سن جلوس 8 کان وٺي ملن ٿا. هنن
جي لکيت به بلڪل ساڳي مٿئين ذڪر ڪيل سڪي وانگر
آهي. صرف فارسي بيت ۾ ”زن“ جي بدران ”زد“ لکيل
آهي. هنن سڪن جو وزن 176 گرينکان 178 گرين تائين
آهي. سائيز هڪ انچ کان معولي ننڍي اٿن. (سڪو
نمبر-1)
هي سڪا 1168هه کان وٺي، 1180هه تائين لاڳيتو ملن ٿا. 1181هه ۽
1182هه جا سڪا اڃا تائين نه لڌا آهن، جڏهن ته وري
سنه 1183هه ۽ 1184هه جا سڪا ملن ٿا ۽ احمد شاهه جي
آخري ٻن سالن 1185هه ۽ 1186هه جا سڪا هٿ اچي نه
سگهيا آهن.
مٿي ذڪر ڪيل بکر جي چانديءَ جي رپين مان هڪ جنهن تي سن جلوس-9
لکيل آهي، عام طرح لکيل نالي ”بهکهر“ جي بدران
”بهکر“ لکيل آهي.
بکر مان جاري ٿيل ”احمد شاهي فلوس“ يعني ٽامي جو سڪو ميان نور
محمد ڪلهوڙي جي حڪومت کان پوءِ جو نه مليو آهي.
ٺٽي جي ضربخاني مان ميان نور محمد جي زماني جو سڪو
نه مليو آهي. جڏهن ته ان کان پوءِ جا چانديءَ جا
ٿلها ننڍي سائيز جا رپيا مليا آهن. هنن سڪن تي
سنئين پاسي ٽن قطارن ۾ ساڳيو فارسي بيت لکيل آهي،
جيڪو احمد شاهه دراني جي اڳ ۾ ذڪر ڪيل سڪن تي آهي.
اُبتي پاسي جي لکت به ساڳي آهي. صرف ضربخاني جو نالو بکر بدران
”تته“ لکيل آهي ۽ سن 1171هه اٿس.
هن سڪي جي سائيز منو انچ ۽ ون 176 گرين آهي. (سڪو نمبر-2) ساڳئي
قسم جا سڪا سنه جلوس 14 (1173هه) ۽ سنه 1174هه جا
پڻ مليا آهن، جيڪي سڀئي انڊين ميوزيم ڪلڪتي ۽ برٽش
ميوزيم لنڊن ۾ موجود آهن.
احمد شاهه 1160هه/1747ع کان 1186/1772ع جي نالي ڪلهوڙا حاڪمن
سنڌ جي ضربخانن مان جيڪي سڪا جاري ڪيا هئا، انهن
مان صرف مٿي ذڪر ڪيل سڪا هن وقت تائين ملي سگهيا
آهن.
احمد شاهه پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي پنهنجي پٽ تيمور شاهه کي سنه
1170هه/1757ع ۾ سنڌ، ديره جات ۽ پنجاب جي علائقن
مٿان نظام (گورنر) مقرر ڪيو هو. سندس ان حيثيت سان
سنڌ مان جاري ٿيل ڪجهه سڪا پڻ مليا آهن، جيڪي سندس
احمد شاهه جي دور حڪومت ۾ سنڌ مٿان سنه
1170هه/1757ع کان سنه 1176هه/1772ع تائين ”نظام“
هجڻ جو پختو ثبوت آهن.
تيمور شاهه نظام جي حيثيت ۾ رڳو بکر جي ضربخاني مان ئي سڪا جاري
ڪيا آهن. هن پنهنجي سنڌ مٿان گورنري جي پهرئين سال
جيڪو سڪو جاري ڪيو هو، اهو چانديءَ جو آهي، جنهن
تي بکر جي بدران ”ضرب سنڌ“ لکيل آهي. سڪي جي هڪ
پاسي.
”بعالم يافت سڪه تيمور شاهه نظام
بحڪم خدا و رسول انام“
فارسي شعر لکيل آهي، جنهن جي معنيٰ ٿيندي ته: ”دنيا کي حاصل ٿيو
سڪو حڪومت ڪندڙ تيمور شاه جو، خدا ۽ انسانيت جي
پيغمبر جي حڪم سان.“
بيت جي لفظ ”نظام“ جي هيٺان سنه 1170هه لکيل آهي. هيءَ سموري
لکيت هڪ ٽيڻي گول دائري ۾ آهي. جڏهن ته ٻئي پاسي
به ساڳئي طرح ٽيڻي دائري ۾ هيءَ روايتي عبارت لکيل
آهي.
”جلوس ميمنت مانوس سنه احد ضرب سند“
هن سڪي جي سائيز انچ کان ڪجهه گهٽ ۽ وزن 176 گرين اٿس. (سڪو
نمبر-3)
تيمور شاهه نظام جا ٻيا سڪا به ساڳئي قسم جي لکيت وارا آهن ۽
وزن ۽ سائيز به ساڳي اٿن، پر انهن تي ”ضرب سنڌ“ جي
بدران ”ضرب بکر“ لکيل آهي. (سڪو نمبر-4)
هن قسم جا سڪا سنه 1173هه، 1177هه، 1178، 1181هه، 1182هه،
1183هه، 1184هه، 1185هه ۽ 1186هه جا رڪارڊ ڪيا ويا
آهن.
تيمور شاهه جي نالي جا مٿي ذڪر ڪيل سڪا احمد شاهه جي دور ۾ سندس
نالي سان جاري ٿيل ٻين سڪن سان گڏ هلندا هئا.
احمد شاهه جي گذارڻ کان پوءِ سنه 1186هه/1772ع ۾ تيمور شاهه
افغان جو بادشاهه ٿيو ۽ سنڌ به سندس پتيءَ ۾ آئي.
تيمور شاهه (1186هه/1772ع کان 1207هه/1793ع) افغانستان جي حڪومت
حاصل ڪري سنڌ ۾ ميان سرفراز ڪلهوڙي کي ئي سنڌ جي
حڪومت تي برقرار رکيو هو، جنهن ڏن ڏيڻ ۽ افغان
حاڪمن جا سڪا سنڌ جي ضربخانن مان ٺپڻ وارو وعدو
پورو ڪيو.
بکر جي ضربخاني مان ٺپيل تيمور شاهه جو سونو سڪو جيڪو هن وقت
تائين لڌو آهي، سو سنه 1196هه جو آهي، جنهن جي
سنئين پاسي فارسي بيت، چئن سٽن ۾ هن طرح لکيل آهي:
”چرخ مي آرد طلا ونقره از خورشيد و ماه
تاڪند برچهره نقش سڪه تيمور شاه.“
معنيٰ ته: ”دنيا جي گردش آندا سون ۽ چاندي، سج ۽ چنڊ وٽان، جنهن
تي پلٽيو ويو چٽُ تيمور شاهه جي سڪي جو.“
سڪي جي ابتي پاسي بادشاهه لاءِ
دعا ۽ ضرب خاني جو نالو، سن سميت هن ريت اُڪريل
آهي:
”جلوس ميمنت مانوس سنه 1196 ضرب بهکهر“
هن سڪي جو وزن اٽڪل 170 گرين ٿيندو، هي سڪو بهاولپور جي توشي
خاني ۾ موجود آهي. (سڪو نمبر-5)
تيمور شاهه جي سونن سڪن جهڙا چانديءَ جا سڪا پڻ نظر اچن ٿا،
جيڪي هن وقت تائين صرف 1189هه ۽ 1190هه جا مليا
آهن. جن جي سبتي پاسي ساڳيو شعر چئن سٽن ۾ لکيل
آهي. پر ابتي پاسي روايتي لکڻي بدران ٽن مختلف
قسمن جي دائرن ۾ صرف ”ضرب بهکهر“ ۽ سن لکيل آهي.
(سڪو نمبر-6)
تيمور شاهه جا بکر مان جاري ڪيل چانديءَ جا سڪا به تمام خوبصورت
آهن. هنن جي سبتي پاسي وچ ۾ ”سڪه تيمور شاهه“ ۽ ان
جي چوڌاري ساڳيو فارسي بيت لکيل آهي. سڪي جي ابتي
پاسي وچ ۾ محرابي ليڪن ۾ عام روايتي لکڻي، ضربخاني
جو نالو ۽ سن لکيل هوندو آهي. هي سڪو سائيز ۾ هڪ
انچ کان ڪجهه گهٽ ۽ هنن جو وزن 172 گرين کان 177
گرين تائين آهي. هي سڪا تيمور شاهه جي حڪومت جي
پهرئين سال 1186هه کان وٺي ڪلهوڙن جي حڪومت جي
آخري سال يعني 1199هه تائين جا سواءِ هڪ سال سنه
1194هه جي عام جام ملن ٿا. (سڪو نمبر-7)
مٿي ذڪر ڪيل سڪن جهڙا ڪجهه سڪا اهڙا به مليا آهن، جن تي سموري
لکيت، وزن ۽ سائيز ته ساڳي آهي، پر انهن تي ”بکر“
جي بدران ”ضرب سند“ لکيل آهي. (سڪو نمبر-8)
ساڳئي قسم جي ڪجهه سڪن تي جيڪي وزن ۽ سائيز ۾ ڪجهه هلڪا آهن،
”ضرب حيدرآباد سند“ پڻ لکيل نظر اچي ٿو. هنن جي
سائيز منو انچ ۽ وزن 117 گرين آهي.
هن قسم جا سڪا سائيز ۾ ننڍا آهن، جڏهن ته سڪن ٺاهڻ وارو لکيت جو
ٺپو وڏو هوندو هو. ان ڪري پاسي وارا اکر ڪٽجي ويل
آهن. هنن سڪن تي ڪو به سن لکيل نه آهي. (سڪو
نمبر-9)
تيمور شاهه جا بکر مان جاري ٿيل ڪجهه ٽامي جا سڪا پڻ مليا آهن،
جن کي ”فلوس“ چيو ويندو هو. هنن سڪن جي سبتي پاسي.
”تيمور شاهي فلوس“
۽ ابتي پاسي، ”ضرب بهکهر“ يا ”ضرب بکهر“ لکيل آهي. هن قسم جي
سڪن تي سنه جلوس 8 ۽ 9 يعني هي 1194هه ۽ 1195هه جا
آهن. جڏهن ته ڪجهه سڪن تي هجري سن 1194 ۽ 1198 پڻ
نظر اچي ٿو . هن قسم جي سڪن جو وزن 192، 200، 247،
249 گرين رڪارڊ ڪيو ويو آهي ۽ سائيز ۾ هڪ انچ کان
ٿورو گهٽ آهي. (سڪو نمبر- 10)
مٿي ذڪر سمورا سڪا جيڪي مغلن ۽ پٺاڻن جي نالي سان سنڌ جي ٽڪسالن
مان ڪلهوڙن جي دور ۾ جاري ڪيا ويندا هئا ۽ سڄيءَ
سنڌ جي واپار ۾ ڪم ايندا هئا.
مغلن جي دور حڪومت ۾ سنڌ جي ضرب خانن کان سواءِ پوري هندستان جي
ٻين به ڪيترن شهرن ۾ ضربخانا موجود هئا، جتان پڻ
سڪا ٺپجي سندن پوري بادشاهيءَ وارن علائقن ۽ سنڌ ۾
هلندڙ هئا. انهن ۾ داراالخلافت دهلي، جنهن کي
شاهجهان آباد چئبو هو ۽ اوٽاوا، اٽڪ، اجمير،
اُجين، احمد آباد، ارڪات، اسلام آباد، اعظم نگر،
آگرو، الهه آباد، اوڌ، اورنگ آباد، برهانپور،
بريلي، بنارس، پٽنه، پشاور، جوڌپور، جيپور،
جهوناڳڙهه، ديره جات، ديره، سرهند، سورت، فرخ
آباد، قنوج، ڪابل، ڪشمير، گواليار، لاهور، لکنو،
مرشدآباد، ملتان، نارنول وغيره مشهور هئا. مغلن
کان پوءِ نادرشاهه ۽ افغان حڪمرانن احمد شاهه ۽
تيمور شاهه جي نالي جا سڪا ڪلهوڙن جي دور ۾ سنڌ جي
ضربخانن مان جاري ٿيل هلندا هئا. ان کان سواءِ
هندستان، افغانستان ۽ ايران جي ٻين به ڪيترن
ضبرخانن مان جاري ٿيل سڪا سندن سمورن علائقن ۾ سنڌ
۾ رائج هئا.
انهن ۾ ملتان، بهاولپور، پشاور، ديره، ديره جات، سرهند، لاهور،
ڪابل، هرات، قنڌار ۽ ڪشمير خاص طرح شامل آهن.
مٿي ذڪر ڪيل هندستاني، ايراني ۽ افغاني سڪن کان سواءِ ڀرپاسي جي
ٻين خودمختار حڪومتن جا سڪا پڻ واپاري ڏيتي ليتي ۾
استعمال ٿيندا هئا، انهن ۾ ڪڇ، جيسلمير، جوڌپور،
جيپور، بيڪانير، نوان نگر، پوربندر، جهوناڳڙهه ۽
گجرات جي سڪن جو پڻ واهپو هوندو هو. مٿي ذڪر ڪيل
سڀني قسمن جا سڪا سموري سنڌ جي مختلف حصن ۽ قديم
آثارن مان لڌا آهن، جيڪي انهن جي هن سرزمين تي
رائج هجڻ جو ثبوت آهن.
نتيجو: سنڌ جا ڪلهوڙا حڪمران پاڻ کي عباسي سڏائيندا هئا، ڪيچ
مڪران کان سنڌ ۾ آيا ۽ پيري مريديءَ مان وڌندي وڃي
سنڄي سنڌ جي حڪومت هٿ ڪيائون ۽ هندستان جي مغل
حاڪمن جا تابعدار هئا. مغلن جي ڪمزور ٿيڻ بعد
نادرشاهه افشار، احمد شاهه ابدالي ۽ ٻين افغان
حاڪمن جو ڏن ڀريندڙ هئا. بلوچستان مان لڏي آيل
ٽالپر سندن فوج جو مرڪزي حصو ۽ اڳواڻ هئا. سندن
باهمي اتحاد ۽ اعتماد ئي ڪلهوڙن جي حاڪميت جو سبب
هو، جيڪو اڳتي هلي ٽٽي پيو ۽ سندن طاقت ڪمزور ٿي
پئي ۽ اهي ڏار وڌندا وڃي ڪلهوڙن جي زوال جو سبب
بنيا.
سنڌ ڪلهوڙن جي دور حڪومت ۾ وري متحد ٿي هڪ ملڪ جي شڪل اختيار
ڪئي. ملڪي وڻج ۽ واپار کي ترقي ملي. ڪلهوڙا حاڪمن
جي واهن کوٽائڻ ۾ دلچسپي وٺڻ ڪري، سنڌ هڪ زرخيز ۽
خوشحال ملڪ ٿي پيو. حاڪمن ۽ جاگيردارن جي آمدنيءَ
۾ اضافو ٿيو ۽ غريب ڪڙمي ڪاسبي پڻ خوشحال ٿيا. سنڌ
۾ بلوچ قبيلن جي اچڻ ۾ اضافو ٿيو ۽ انهن کي
جاگيرون ڏيئي نوازيو ويو.
ڪلهوڙن جي حڪومت جي شروعات کان نادر شاهه، احمد شاهه، تيمور
شاهه ۽ سندن فوجي سردارن جهان خان ۽ مدد خان سنڌ
تي ڪاهون ڪري جيڪا ڦرلٽ ۽ ڪوس ڪيو، ان کي سنڌ واسي
ڪڏهن به نه وساريندا. اهو سنڌ جي تاريخ جو هڪ
سياهه ۽ بدترين باب آهي.
ڪلهوڙن جي حڪومت جي شروعاتي دور ۾ مغل حڪمرانن جا جاري ڪيل سون،
چاندي ۽ ٽامي جا سڪا هلندڙ هئا. ٺٽي ۽ بکر ۾
ضربخانا قائم هئا، جتان اهي سڪا ٺپي سموري ملڪ ۾
هلايا ويندا هئا. انهن کان سواءِ هندستان، ايران،
گجرات ۽ ڪڇ جا سڪا پڻ هتي رائج هئا.
نادرشاه جي هندستان تي حملي ۽ مغلن جي هارائڻ کان پوءِ سنڌ تي
پهريائين نادرشاهه ۽ پوءِ افغان حاڪمن احمد شاهه ۽
تيمور شاهه جي حڪومت قائم ٿي ۽ انهن جي نالي جا
سون، چاندي ۽ ٽامي جا سڪا ٺٽي بکر ۽ حيدرآباد جي
ٽڪسالن مان ٺپي سموري سنڌ ۾ هلايا ويندا هئا. انهن
سان گڏ هن دور ۾ پڻ هندستان، ايران، افغانستان، ڪڇ
۽ گجرات جا سڪا هلندڙ هئا.
مٿي ذڪر ڪيل سمورن سڪن تي فارسي رسم الخط رائج هئي. ڪجهه سڪن تي
عربي عبارتون پڻ لکيل هونديون هيون. هن وقت تائين
ڪلهوڙا دور جا اٽڪل ويهه کن نمونا حاصل ٿي چڪا
آهن، پر اهي سمورا هندستان جي مغل حاڪمن ايران جي
نادرشاهه ۽ افغانستان جي احمد شاهه ۽ تيمور شاهه
جي نالي سان جاري ٿيل آهن. ڪلهوڙا حاڪمن جو پنهنجي
نالي سان جاري ٿيل ڪو به سڪو نه مليو آهي، جنهن
مان معلوم ٿئي ٿو ته هنن پنهنجي نالي سان ڪوبه سڪو
جاري نه ڪيو هو.
مددي وسيلا
* R.B. Whitehead
Catalogue of Coins in the Punjab Museum Lahore
Volume, II
At the Clarendon Press, Oxford, 1934
* R. B. Whitehead
Catalogue of Coins in the Punjab Museum Lahore,
Volume, III
At the Calrendon Press
Oxford,
1934
* Colin R, Bruce, John s, Deyell,
Nicholas Rhodes, William F, Spengler,
The standard guide to South Asian Coins and
Paper Money, since 1556 A. D, Krause
Publications Iola, Wiseansin, 1982.
* مير علي شير قانع ٺٽوي، تحفتہ الڪرام (سنڌي)
ترجمون: مخدوم امير احمد
سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد- 1957.
* رحيمداد خان مولائي شيدائي، جنت السنڌ
سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد- 1958ع
* غلام رسول مهر، تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دور حصو ڇهون.
مترجم: يار محمد ابن حيات پنهور ۽ شمشير الحيدري. جلد پهريون.
سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد- 1963ع
* غلام رسول مهر، تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دور حصو ڇهون، جلد ٻيو،
مترجم: يار محمد ابن حيات پنهور ۽ شمسير الحيدري.
سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد- 1964ع.
* ميان نور محمد ڪلهوڙو، منشور الوصيت ودستورالحڪومت (فارسي)
بتحقيق: سيد حسام الدين راشدي.
سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد- 1964ع
* ڊاڪٽر ايس- پي- ڇٻلاڻي، سنڌ جي اقتصادي تاريخ (1592ع-1842ع)
سنڌي ترجمون: سراج الحق
سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد- 1958ع.
* مرزا عباس علي بيگ، خدايار خاني ميان سرفراز خان عباسي،
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو- 1980ع
* سڪن جي ذاتي ذخيري جي مشاهدي جي تحقيق مان پڻ هن مضمون لاءِ
مدد ورتي ويئي آهي.
|