سنڌ- سياحن جي نظر ۾
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي
(قسط- 1)
سنڌ جي سر زمين تمام قديم زماني کان سرسبز شاداب ۽ خوشحال رهي
آهي. سنڌ جي سياسي تاريخ کان سواءِ، سنڌ جي
جاگرافي جي تاريخ به نهايت اهم اهي. سنڌ جي سياسي
تاريخ تي ته ٿورو گهڻو ڪم ٿيو آهي، پر سنڌ جي
تاريخي جاگرافي، سنڌ جي معاشي ۽ معاشرتي تاريخ تي
نه هجڻ جي برابر ڪم ٿيوآهي. ان جو هڪ سبب اهو به
آهي جو سنڌ جي تاريخ تي لکيل ڪتابن ۾ ان قسم جو
مواد تمام ٿورو ملي ٿو. ٻي حقيقت اها آهي ته ان
قسم جي تاريخ لکڻ لاءِ اسان کي سنڌ جي دڙن ۽ ڀڙن
مان نڪتل شيون مدد ڏئي سگهن ٿيون. ان کان سواءِ ان
قسم جو مواد انهن سياحن جي سفر نامن ۾ به ملي ٿو،
جيڪي قديم زماني کان سنڌ ۾ ايندا رهيا آهن. انهن
پنهنجي سفرنامن ۾ ان وقت جي سياسي حالتن،
جاگرافيائي حالتن، ماڻهن جي مزاج ۽ فطرت، معيشيت ۽
معاشرت جو ذڪر ڪيو آهي. هنن سنڌ جون حالتون بيان
ڪندي جيڪي تاثرات بيان ڪيا آهن، جن ۾ هنن جي
پنهنجي مزاج، ذهني لاڙن ۽ قومي خصوصيتن کي به دخل
آهي؛ انهيءَ ڪري هنن ڪيترا غلط انداز به لڳايا آهن
۽ غلط نتيجا به ڪڍيا آهن. ضرورت آهي ته انهن جو
جائزو ورتو وڃي ۽ انهن جي ڏنل ڳالهين جي ڇنڊڇاڻ
ڪري سنڌ جي هڪ اهڙي تاريخ ترتيب ڏني وڃي، جنهن ۾
سنڌ جي تاريخ جي مختلف دورن جي معاشي ۽ معاشرتي،
جاگرافيائي ۽ اقتصادي حالتن جو وچور هجي. انهيءَ
ضرورت کي نظر ۾ رکي؛ هتي سنڌ ۾ آيل سياحن جي
سفرنامن جو جائزو پيش ڪندي، سنڌ جي حالتن جي سرسري
بيان پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي ٿي.
سنڌ تي هر دور ۾ ٻاهرين قومن حملا ڪيا آهن ۽ وقت بوقت ڪيترائي
واپاري، ملاح ۽ سياح ايندا رهيا آهن. ٻاهرين قومن
مان سٿين، يوناني، ايراني، آرميني، چيني ۽ عرب
وغيره هتي آيا. انهن مان ڪن پنهنجن رپورٽن ۾ سنڌ
جو احوال آندو آهي.
سڪندر مقدوني
سن 327 ق.م ۾ يونان جو سڪندر مقدوني ڪابل ۽ سوات کان ٿيندو
پنجاب ۾ آيو. پنجاب ۾ راجاپورس کي شڪست ڏئي، سنڌ
مان لنگهيو. اُچ، بکر، نيرون ڪوٽ ۽ ٺٽي کان ٿيندو
سنڌ مان ٿي هليو ويو. هن سنڌ جي راجا سامبس، جيڪو
يادونسي ڪٽنب مان هو، کي شڪست ڏني. اُن کانپوءِ هن
هڪ لشڪر خشڪي رستي سان پنهنجي هڪ سپهه سالار
”ڪرايٽرس“ جي اڳواڻي ۾ مولالڪ کان مڪران روانو
ڪيو. ان ۾ هاٿي به هئا. ٻيو لشڪر، سامونڊي ٻيڙي
ذريعي پٽالا ۽ ڀنڀور کان، سنڌوندي جي ڊيلٽا ۽
مڪران واري ڪناري ڏانهن روانو ڪيو. ان ٻيڙي جو
امير البحر نيئرڪس هو ۽ ان ۾ يوناني، فنيقي ۽ مصري
ملاح هئا. نيئرڪس کي مڪران جي ڪناري تي رهندڙ ميدن
گهڻو نقصان پهچايو. سڪندر پاڻ سنڌ تي پنهنجي سپهه
سالار ”پيٿان“ کي پنهنجو نائب مقرر ڪري پاڻ حب
ندي4 جي اڀرندي علائقي کان ٿيندو، مڪران جي ڪناري
تي پهتو، جتي ميدن سندس مقابلو ڪيو. آخر بابل ۾
پهچي وفات ڪيائين. وليم ونسينٽ، نيئرڪس جو جهازي
سفر نالي ڪتاب مرتب ڪيو، جيڪو لنڊن مان 1797ع ۾
ڇپيو. ان ۾ سنڌ جي جاگرافيائي حالتن ۽ قديم شهرن
جو احوال ملي ٿو. نيئرڪس سنڌونديءَ جي ڊيلٽا جو
ڪوري جي نار کان، ايراني نار تائين معائنو ڪيو هو.
هن جيڪي ڪجهه ڏٺو، اهو قلمبند ڪندو ويو. سندس بيان
تي مشتمل مذڪور ڪتاب ويلم ونسينٽ مرتب ڪيو.
نيئرڪس جي جهازي سفر واري ڪتاب ۾ سنڌ جي شهرن جا جيڪي نالا ملن
ٿا، اُهي آهن: اسڪلنده، سوگدي، موسيڪانوس، پٽالا،
مينا ننگر ۽ مئوتا وغيره. وليم ونسينت ”سوگدي“ مان
مطلب ”بکر“ ورتو آهي ۽ ”موسيڪانوس“ مان مراد
”سيوهڻ“ ورتي آهي موجوده دور جي ڪن تاريخدانن
”موسيڪانوس“ مان ”اروڙ“ ”سوگدي“ مان ”سيوهڻ“،
”اسڪلنده“ مان ”اچ“، ”پٽالا“ مان ”نيرون ڪوٽ“،
”مينا ننگر“ مان ”ٺٽو“ ۽ ”مئوتا“ مان ”ماهوٽا“
(ضلعو لاڙڪاڻو) مراد ورتي آهي.
”ڪننگهام،“ هندستان جي قديم جاگرافي ۾ لکيو آهي، ته ”سنڊيمانا“
شهر وٽ جابلو قومن جي راجا سامبوس سڪندر جو مقابلو
ڪيو. مسٽر جي. ڊبليو. سمٿ گزيٽيئر ۾ ڄاڻايو آهي ته
”سامبوس“ مان مطلب آهي ”سمو“ يعني اهو راجا ذات جو
”سمو“ هو.
ان کان سواءِ يونان جي ٻين ماهرن به پنهنجي رپورٽن ۾ سنڌ جا
حالات بيان ڪيا آهن. انهن جو مختصر تعارف هيٺ ڏجي
ٿو:
سائيلاڪس
يونانين جي ڪاهه کان اڳ، ايران جي بادشاهه دارا هن کي سنڌوندي
جي وهڪري معلوم ڪرڻ لاءِ اٽڪ کان روانو ڪيو هو. هو
هڪ يوناني امير البحر هو. هن جيڪو سفرنامو تيار
ڪيو، اهو گهڻي قدر ٻُڌل ڳالهين ۽ اندازن تي مشتمل
آهي. هنن کي فقط اها خبر هئي ته سنڌوندي جي اوڀر
طرف ريگستان آهي.
هيڪتايوس
هن سن 500 ق.م ۾ سنڌوندي جو احوال ڏنو آهي. ڏيکاريو اٿس ته
سنڌوندي جي پريان ريگستان آهي. سنڌ جي رسمن، رواجن
تي به ٿوري روشني وڌي اٿس.
اوني سيڪرٽيوس
سنڌ ۾ اچڻ کان اڳ سڪندر هن کي جهاز جي ذريعي سنڌ جون حالتون
معلوم ڪرڻ لاءِ موڪليو هو، استرابو کانئس مدد ورتي
آهي.
ارسطو بيولس
هن سڪندرجي حڪم مطابق سنڌ جي سڪي ويل درياهه ”هاڪڙي“ جي سروي
ڪئي. هن هاڪڙي جي پيٽ جو معائنو ڪيو ۽ هڪ هزار
ويران شهرن جا نشان ڳولهي ڪڍيا، جيڪي ڪنهن وقت
هاڪڙي تي آباد هئا، آخري عمر ۾ پنهنجا حالات
قلمبند ڪيائين.
انهن يوناني ماهرن جي رپورٽن مان معلوم ٿئي ٿو ”سنڌ جا رهاڪو
گهڻي قدر سانوري ۽ ڪاري رنگ جا هئا، اونهاري ۾
ساريون ۽ جوئر ٿيندي هئي. سياري ۾ ڪڻڪ ۽ جَوَن جي
پوک ٿيندي هئي. ڪمند به ٿيندو هو ۽ ڪمند جي رس مان
ڳڙ ٺاهيو ويندو هو. هتي جا رهاڪو ڪپهه مان سُٽ ڪتي
ڪپڙو اُڻندا هئا. کين مختلف قسم جي دوائن ٺاهڻ ۽
زهرن مارڻ ۾ به مهارت هئي. هو اهو فن ڌارين ماڻهن
کان مخفي رکندا هئا.“
سنڌين جي سراسري عمر 130 سال هئي. منجهن ٻن زالن رکڻ جو رواج
عام هو. راجائون ته گهڻيون شاديون ڪندا هئا. ٻانهن
ٻڌڻ جو رواج به هو. هو پنهنجي راجائن کي ٻئي
ٻانهون مٿي کڻي سلام ڪندا هئا. راجا جڏهن ٻاهر
نڪرندو هو، ته عورتون رٿن تي چڙهي ساڻس گڏ هلنديون
هيون ۽ پويان ماڻهو دهل، شرنايون ۽ گهنڊ وڄائيندا
هلندا هئا. ڇوڪرين کي ننڍي عمر ۾ پرڻائڻ جو رواج
موجود هو. ستيءَ جي رسم به رواج ۾ هئي. ڪڏهن ڪڏهن
لاشن کي ڳجهن جي کائڻ لاءِ ڦٽو ڪندا هئا، جيئن ته
سنڌ ۾ انگور نه ٿيندا هئا، تنهنڪري شراب پيئڻ جو
رواج ڪونه هو.“
چيني سياح
قديم زماني ۾ سنڌ ۾ ٻڌ ڌرم جو وڏو اثر هو ۽ سنڌ جي شهرن ۾ ٻڌ
ڌرم جا ڌرمي آسٿان ۽ اسٽوپا موجود هئا. انهن ڌرمي
آسٿانن جي ياترا لاءِ ٻاهريان ماڻهو به ايندا هئا.
خاص طرح سان چيني ياتري هتي آيا.
پهرين صدي عيسويءَ ۾ ڪيترائي ٻُڌ ڌرم جا راهب ۽ ڀڪشو چين ويندا
رهيا ۽ اتي ٻڌ ڌرم کي گهڻو ڦهلايائون. جڏهن ٻڌ ڌرم
چين ۾ گهڻو ڦهلجي ويو، تڏهن ڪيترائي چيني سياح ۽
ڌرمي علم سکڻ وارا شاگرد ڌرمي آسٿان جي ياترا ۽ ٻڌ
ڌرم جو علم سکڻ لاءِ سنڌ ۽ هند ۾ ايندا رهيا. اهو
سلسلو ٽين صدي عيسوي جي پوئين اڌ کان شروع ٿئي ٿو.
فاهيان
سڀ کان پهريائين فاهيان نالي سياح جو هتي اچڻ معلوم ٿيو آهي.
جنهن سنه 399ع کان هتي جو سير و سفر ڪيو؛ پر ان
سفر جو احوال ڪونه ٿو ملي.
سن ين ۽ هئي شينگ
ان کان پوءِ ”سن ين ۽ ”هئي شينگ“ هتي جو سفر ڪيو. انهن جو به ڪو
خاص احوال ڪونه ٿو ملي.
هيونسانگ
سڀني چيني سياحن ۾ وڌيڪ مشهور ”هيونسانگ“ آهي جنهن هزارين ميل
لتاڙي پندرهن سالن تائين هند ۽ سنڌ جو سير و سفر
ڪيو. هن پنهنجي سفرنامي ۾ پنهنجي مشاهدي جو احوال
ڏنو آهي. ان ۾ 138 ملڪن جي حڪومتن، ماڻهن، ريتن
رسمن، رهڻي ڪهڻي، عقيدن ۽ مذهبن جو احوال ملي ٿو،
انهن 138 ملڪن مان 110 ملڪ هن پاڻ گهميا ۽ 28 ملڪن
جو احوال ٻڌل ڳالهين مطابق لکيائين. سندس بيان مان
معلوم ٿئي ٿو، ته ان وقت هندستان قريباً 70 ملڪن ۾
ورهايل هو.
”هيونسانگ“ حڪومت کان اجازت وٺي چانگان مان نڪتو ۽ ليانگچون
(هاڻوڪي ڪانسومينوئي) پهتو. اتي تبت، هند ۽ سنڌ جا
واپاري ايندا رهندا هئا. هن اتي رهي واپارين کان
معلومات حاصل ڪئي.
”هيونسانگ“ ڏاڍا اڻانگا پنڌ ڪري ڪشمير پهتو. اهو 728ع جو
اونهارو هو. هن پنهنجو سفر جاري رکيو ۽ ٻڌ ڌرم جون
پوتر جايون گهمندو رهيو ۽ ڌرمي ماڻهن کان ٻڌ ڌرم
جي ڌرم جي تعليم حاصل ڪندو رهيو. هن انهي سنڌوندي
جي مٿئين حصي ۾ سن 628ع کان 631ع تائين ٽي سال
گذاريا. ان کان پوءِ هن اوڀر طرف جي مشهور درسگاهه
”نالندا“ ۾ پهتو، جتي ٻڌ ڌرم جي مشهور عالم ”سلا
بهادرا“ وٽ تعليم حاصل ڪيائن ان وقت ”نالندا“ ۾
ڏهه هزار شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا هئا. هن اتي
پنج سال رهي ڌرمي ڪتابن جو اڀياس ڪيو. ان کان پوءِ
وري هن پنهنجو سير و سفر شروع ڪيو، ۽ اوڀر ۾
”ڪاماريا“ (هاڻوڪو آسام) ڏکڻ ۾ ”دراوڙدا“ (مدراس)
۽ اولهه طرف ”لانگلا“ (هاڻوڪي بلوچستان جو ڏکڻ
اولهه) گهميو. هر هنڌ ٻُڌَ ڌرم جا آسٿان ڏٺائين.
جتي به ويو اتي جي عام ماڻهن، ڌرمي ماڻهن، اميرن ۽
راجائن سندس آڌرڀاءُ ڪيو.
”هيونسانگ“ پنهنجي سفر دوران سنڌ ۾ آيو. هو بيان ڪري ٿو: گجرات
کان اتر طرف ڀوائتو رڻ پٽ ۽ اوکا لڪ لنگهي اٽڪل
1900 تي (684 ميل) پنڌ ڪري سنڌ ۾ پهتاسون. سنڌ جي
گاديءَ جو هنڌ پي شين- ڦو- پولو (Pi-Shen-
Po- Pu- Lo)
آهي. دوارڪا پرساد شرما پنهنجي ڪتاب ”سنڌو سڀيتا
جو نظارو“ (ص 12) ۾ ايم راينالڊ جي حوالي سان لکيو
آهي، ته ”پي- شين- ڦو- پولو،“ ”وجنوپرا“ جي چيني
صورت آهي، جيڪو برهمڻ آباد جو اصلوڪو نالو آهي.
جيئن ته هيونسانگ گجرات کان سنڌ ۾ داخل ٿيو، انهيءَ ڪري يقيناً
هو پهريائين برهمڻ آباد ئي آيو هوندو، جنهن جو
نالو البيروني ”بهمنوا“ لکيو آهي. هي شهر اروڙ کان
پوءِ ٻيو نمبر گادي هئي، ۽ هن ۾ ٻڌ ڌرم جي اڪثريت
رهائش پذير هئي. ”پي- شين- ڦو- پو لو“ ۽ ”بهمنوا“
جي صورت معلوم ٿئي ٿي. ٿي سگهي ٿو، ته ”بهمنوا،“
”بهمن آباد“ جي سنڌي صورت هجي ۽، ”شو- تو- لو،“
”شودر“ جي چيني صورت معلوم ٿئي ٿو، هتي جي زمين
اناج اپائڻ لاءِ ڏاڍي ڀلي آهي. هتي ڪپهه، جوئر ۽
ٻاجهري تمام گهڻي ٿئي ٿي. هتي سون، چاندي ۽ ٽامو
تمام گهڻو آهي، ڍڳن، رڍن، اٺن، خچرن ۽ ٻين جانورن
لا3 چارو به هتي جهجهو آهي. ان کان سواءِ اڇو،
ڪارو ۽ جابلو لوڻ به جام آهي. مختلف جاين تي اهو
لوڻ دوائن ۾ به ڪم اچي ٿو. ماڻهن جو سڀاءُ سخت ۽
پورالو آهي، پر اهي ايماندار ۽ سنوان سڌا آهن. پاڻ
۾ ڪونه ٺهن. پڙهن ٿا، پر بنا مقصد جي. ٻڌمت جا
پوئلڳ آهن. هتي ڏهه هزار ڀڪشو ٽڙيل پکڙيل آهن.
انهن ٻڌن مان ڪيترا سچ جا ڳولائو سالڪ ويران جاين،
جبلن ۽ ٻيلن ۾ دنيا کي تياڳ ڪيو اڪيلا پيا رهن ۽
ارهت واري منزل ماڻڻ جي آس ۾ رات ڏينهن پيا جالين.
هتي جو بادشاهه شوتولو (Shu-
To- Lo)
ذات جو آهي، ۽ نهايت ايماندار، مخلص ۽ ٻڌ ڌرم کي
مان ڏيندڙ آهي.
هو اهو به ڄاڻائي ٿو، ته ”گوتم ٻڌ سنڌ ۾ به آيو هو. مهاارهت
اپاگپتا
(Upagupta)
به سنڌ ۾ آيو هو، ۽ هتي ٻڌ ڌرم کي وڌيڪ پکيڙيائين
جتي جتي هو ويو، اتي اسٽوپا ٺهيل آهن. هونئن ٻيا
اسٽوپا سنڌ ۾ جتي ڪٿي نظر اچن ٿا.“ ماڻهن جي رهڻي
ڪهڻي ۽ خوشحالي بابت لکي ٿو:
”سنڌو درياءَ جي ڪنارن سان تمام گهڻا ماڻهو آباد آهن. هو مال
چاري گذارو ڪن ٿا. هو نه شاهوڪار آهن، ۽ نه سڃا
آهن. هتي جي ماڻهن بابت چيو وڃي ٿو، ته سرڪش هئا؛
پر هڪ ارهت منجهائين ظالمانه رجحان ختم ڪري ڇڏيو.
ان ارهت جي پوئلڳي ۾ ماڻهن پنهنجا مٿا ڪوڙائڻ شروع
ڪيا ۽ ڌرمي زندگي گذارڻ لڳا. پر ڪيتريون پيڙهيون
گذري وڃڻ کان پوءِ هينئر انهن جي اولاد ڌرمي
زندگيءَ کان پري ٿي وئي آهي ۽ دنيوي زندگي گذارين
ٿا.
هيونسانگ موٽي فيبروري 645ع ۾ چانگان پهتو 664ع ۾ گذاري ويو.
آرميني جاگرافيدان
آرميني جاگرافيدان ۽ تاريخ نويس موسيٰ خوريني
(Mosses Chorenazi)
چوٿين يا پنجين عيسوي ۾ جاگرافيءَ بابت هڪ ڪتاب
لکيو. ايراني حڪومت سان سانيءَ جي سياسي ورهاست جو
ذڪر ڪندي هن ڏاکڻن ضلعن ۾ مڪوران (مڪران) ۽ سنڌ
سان گڏ ”دي بول“ ذڪر ڪيو آهي.
هن مان معلوم ٿئي ٿو، ته ”ديبل“ جي نالي سان ٻه بندر هئا هڪ
دريائي بندر ۽ ٻيو سامونڊي ۽ ٻئي هڪ ئي نالي سان
سڏبا هئا. ان مان اهو به واضع ٿئي ٿو. ته ديبل شهر
به هو، ته علائقو به.
چيني سياح ڪياتان
هن جاگرافيدان ۽ سياح ڪئنٽن کان ايراني نار تائين جڳهن ۽ بندرن
جا نالا ڄاڻايا آهن. هن ”تي يو“ جو ذڪر ڪيو آهي،
جنهن ۾ هڪ وڏو درياءُ ”مي لان“ آهي. ائين ٿو معلوم
ٿئي”مي لان“ ”مهراڻ“جو چيني اچار آهي، ۽ ”تي يو“
”دي بول“ جو چيني اچار آهي.
عرب سياح
ڪيترن ئي عرب تاريخ نويسن، جاگرافيدانن ۽ سياحن پنهنجي ڪتابن ۾
سنڌ جي شهرن، جاگرافيائي حالتن معيشت ۽ رهڻي ڪهڻي
، جو ذڪر ڪيو آهن. انهن مان ڪن عرب سياحن جي بيان
جا اقتباسات هيٺ ڏجن ٿا، جن پاڻ سنڌ جو سيرو سفر
ڪيو، ۽ پنهنجي اکين ڏٺو احوال پنهنجي ڪتابن ۾ درج
ڪيو. انهن سياحن ۽ سندن ڪتابن ۽ سفرنامن جا نالا
هيٺ ڏجن ٿا:
(1) سليمان تاجر
هن پنهنجو سفر نامو ”سلسه التواريخ“ سنه 23هه (851ع) ۾ لکيو.
(2) ابوزيد حسن سيرافي
هو ايراني نار جي بندر”سيراف“ جو رهاڪو هو، جنهن ڪري سيرافي
سڏيو ويو. هن سليمان تاجر جو سفر نامو پڙهي،ان جو
تڪمله الڪتاب الثاني؟جي نالي سان لکيو. سندس ڪتاب
۾ 264هه سن ملي ٿو.
(3) ابودلفا مسعود بن مهلهل ينبوعي
هو بغداد کان ترڪستان آيو، ۽ اتان چين ويو. چين کان نڪري تبت،
ڪشمير ۽ ملتان کان ٿيندو سنڌ ۾ آيو. سنڌ مان ٿي
ڏکڻ هندستان ويو. سندس زمانو 331هه کان 388هه
تائين آهي. سندس سفرنامي جا ٽڪرا ابن نديم جي
الفهرست، يا قوت حموي جي معجم البلدان۽ قزويني جي
آثار البلاد ۾ آيل آهن. سندس سفر نامو، سليمان
تاجر جي سفر نامي سان گڏ 1745ع برلن ۾ ڇپيو.
(4) بزرگ بن شهر يار
هو ٽين چوٿين صدي جي اوائل ۾ ٿي گذريو. هو جهازدان هو. ۽ پنهنجا
جهاز عراق کان سنڌ هند جي بندرگاهن تائين آڻيندو
هو.
(5) يعقوبي
احمد بن ابي يعقوب بن جعفر، عباسي حڪومت ۾ انشا جي آفيس جو
آفيسر هو. هن ٻين ملڪن سان گڏ سنڌ ۽ هند جو سير
وسفر به ڪيو. سنه 487هه ۾ وفات ڪيائين. هن ”ڪتاب
التاريخ“ نالي ڪتاب لکيو. جيڪو ”تاريخ يعقوبي“ جي
نالي سان مشهور آهي.
(6) مسعودي
هن25 سال دنيا جي مختلف ملڪن جو سيروسفر ڪيو سنڌ ۽ هند ۾ به
آيو. سيرو سياحت ختم ڪرڻ کان پوءِ 332هه ۾ ”مروج
الذهب“ نالي ڪتاب لکيائين. ان جو سڄو نالو ”مروج
الذهب ومعاون الجٰواهر“ آهي ان کان سواءِ ٻيا ڪتاب
به لکيائين، جن مان فقط ”التشبيهه الاشراق“ هن وقت
موجود آهي.
(7) اصطخري
ابو اسحاق ابراهيم بن محمد فارسي اصطخري، بغداد جو رهاڪو هو.
ڪيتررن ئي ملڪن جو سير وسفر ڪيائين. سنه 340هه
(951ع) ۾ سنڌ ۾ به آيو، هتي سندس ملاقات مشهور
سياح ۽ جاگرافيدان ابن جوقل سان ٿي. جاگرافيءَ ۾
سندس ٻه ڪتاب مشهور آهن: الاقاليم ۽ ”المسالڪ“.
المسالڪ الممالڪ ۾ سنڌ جو احوالو به ملي ٿو.
(8) ابن حوقل
بغداد جو واپاري هو. سنه 331هه (943ع) ۾ بغداد کان روانو ٿي،
يورپ، ايشيا ۽ آفريڪا جا ڪيترائي ملڪ گهميو. سنڌ ۽
هند ۾ به گهميو. هي پهريون سياح ۽ جاگرافيدان آهي
جنهن سنڌ ۽ هند جي ڊيگهه ۽ ويڪر ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي
۽ سنڌ جو نقشو تيار ڪيو. هي سنڌ جو پهريون نقشو
آهي، جنهن ۾ سنڌ جي دريائن ۽ شهرن جو محل وقوع
ڏيکاريل آهي.
(9) بشاري مقدسي
شمس محمد بن احمد بشاري، بيت المقدس جو رهاڪو هو. مراڪش کان
تاشقند تائين اسلامي ملڪن جو سير وسفر ڪيائين. سنڌ
۾ به آيو. پر اڳتي نه ويو. 20- 22سالن جي سياحت
کان پوءِ پنهنجا مشاهدات قلمبند ڪيائين ۽ ان ڪتاب
جو نالو ”احسن القتاسيم معرففتہ الاقاليم“
رکيائين. هن ۾ مسلمان ملڪن جو نقشو به ڏنل آهي،
جنهن ۾ سنڌ جو نقشو به ڏيکاريل آهي. چوٿين صدي
هجري جي آخري سالن ۾ وفات ڪيائين.
مٿي ڏنل سياحن جو زمانو ٽين ۽ چوٿين صدي هجري آهي. يعني هنن
پنهنجي ڪتابن ۽ سفرنامن ۾ جيڪو سنڌ جو احوال ڏنو
آهي، اهو ٽين چوٿين صدي هجري (نائين ۽ڏهين صدي
عيسوي) جو آهي. سندن ڪتابن ۾ سنڌ جي سياسي، مذهبي،
اقتصادي ۽ معاشرتي حالتن ۽ سنڌين جي رهڻي ڪهڻيءِ
جو جيڪو احوال ملي ٿو، ان مان ڪجهه اقتباسات هيٺ
ڏجن ٿا،
بشاري مقدسي، احسن التقاسيم ۾ لکيو آهي:
”هي ملڪ تجارت جو اهم مرڪز آهي. هتي سون، جڙي ٻوٽين، دوائون،
مصري ۽ چانور گھڻي تعداد ۾ ٿين ٿا. عجائبات به
تمام گھڻا آهن. شيون سستيو ۽ گھڻيو آهن. ڪتل ۽
ڇونهارا به گھڻي تعداد ۾ ٿين ٿا. ماڻهن ۾ عدل.
انصاف ۽ سياسي شعور آهي. هتي اهڙيون شيون لهن
ٿيون، جيڪي ٻئي هنڌ ڪو نه ٿين ٿيون. بازارين ۾
قسمين قسمين سامان وڪامي ٿو. واپاري وڏو نفعو
ڪمائين ٿا. سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ (منصوره) اهم ۽
بلند مرتبه شهرآهي. ان کان سواءِ ٻيا به عمدا شهر
۽ اهم مرڪز آهن. ماڻهو ايماندار ديانتدار۽ امن ۽
عافيت سان زندگي گذاريندڙ آهن. ڏاکڻو حصو سمنڊ سان
ملي ٿو. هڪ درياءُ ان جي وچان لنگهي ٿو. ملڪ جي
وڏي ايراضي ميداني آهي. پوک گهڻو ڪري برسات تي
ٿئي“ بشاري مقدسي”منصوره“ بابت لکيو آهي.
”سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ ۽ مرڪزي شهر آهي. پکيڙ ۾ دمشق جيڏو آهي.
عمارتون ڪاٺيءَ ۽ مٽيءَ جون آهن؛ پر جامع مسجد پٿر
۽ سرن جي آهي ۽ تمام وڏي عمارت آهي. عمان جي جامع
مسجد وانگر ان جا ٿنڀا ساڳ جا آهن. شهر جا چار
دروازا آهن: سامونڊي در، طوران در (موجوده گجرات
جو قديم تجارتي بندرگاهه)، سندان در ۽ ملتان در.
سنڌونديءَ جي هڪ شاخ شهر کي گهيرو ڪيو بيٺي آهي.
شهر جا رهاڪو سليقي وارا، ذهين، هوشيار، سخي،
اخلاق وارا، نرم دل ۽ اسلام جا پابند آهن. علم جو
فيض عام آهي. واپار ۽ ڪاروبار نفعي وارو آهي.
مختلف آب هوا جا ميوا ملن ٿا. سيارو سخت نه ٿو
ٿئي، پر مينهن ڏاڍو پوي ٿو. هي شهر ڪيترين عجيب
غريب خصوصتين جو مالڪ آهي، ڀليون مينهون آهن. عمدو
ڪپڙن ۽ کمبائتي نوڪ جون جتيون ٺاهيون وڃن ٿيون.
ماڻهو سنڌودرياءَ جو پاڻي پيئن ٿا. جامع مسجد وچ
تي آهي. رسم و رواج عراق سان ملن جلن ٿا، پر گرمي
سخت ٿئي ٿي. مڇر به ڏاڍا آهن.“
سنڌ جي مشهور بندرگاهه ديبل بابت بشاري مقدسي لکي ٿو:
”سامونڊي ڪناري تي واقع آهي. ان جي چوڌاري لڳ ڀڳ سو ڳوٺ آهن،
جن جي آبادي گهڻو ڪري هندو آهي سمنڊ جون لهرون شهر
جي فصيل سان اچي ٽڪرائجن ٿيون. سمورا رهاڪو واپاري
آهن سنڌي ۽ عربي ڳالهائي وڃي ٿي. هي سنڌ جو
بندرگاهه آهي. حڪومت کي ان مان تمام گهڻي آمدني
ٿئي ٿي. ان جي لڳ مهراڻ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. ماڻهو
سليقي وارا ۽ خوش آهن.“
مسعودي، مروج الذهب ۾ سنڌ جي سر سبزي بابت لکيو آهي:
”منصوره جي علائقي ۾ جيڪي زمينون ۽ ڳوٺ اچي ٿا، انهن جو تعداد
ٽي لک آهي، جنهن ۾ ٻنيون، وڻ ۽ وسندڙ لاڳيتا ڳوٺ
آهن.“
”کجور ٿئي ٿي- ڪمند ٿئي ٿو صوف جي شڪل جهڙو هڪ ميوو ٿئي ٿو،.
جنهن کي ليمون چون ٿا. اهو ڏاڍو کٽو ٿئي ٿو. ان
کان سواءِ هتي هڪ ٻيو ميوو به ٿئي ٿو. جنهن کي انب
چيو وڃي ٿو. اگهه سستا آهن. عيش آرام جون سموريون
شيون موجود آهن،“
امير طبقي جي پوشاڪ ۽ وضع قطع بابت اصطخري لکي ٿو:
”امير طبقي جا ماڻهو ڊگها وار رکائين ٿا ۽ پهراڻ پائين ٿا. سندن
رهڻي ڪهڻي هندو راجائن سان ملندڙ جلندڙ آهي.“
واپار بابت مقدسي، احسن التقاسيم ۾ لکيو آهي:
”منصوره مان کنڀاتي جتيون ٻاهر موڪليون وڃن ٿيون، ان کان سواءِ
هاٿي، عاج جڙي ٻوٽيون ۽ ٻيو اوچو سامان به ٻاهر
موڪليو وڃي ٿو.“
قُسط، ڪاري رنگ هي هڪ ڪَوڙي ڪاٺي آهي، جيڪا انهن ڏينهن ۾ مرهمن
۾ وڌي ويندي هئي، ۽ مختلف بيمارين ۾ دوا طور ڪتب
ايندي هئي. سنڌ ۾ ان کي ”ڪني ڪاٺي“ چيو ويندو آهي؛
عرب ان کي قُسط ڪوٺيندا هئا. ”لسان العرب“ ۾ آيو
آهي، قُسط ڪاٺي هندستان مان آندي ويندي آهي، ۽ واس
ڏيڻ ۽ دوائن ۾ ڪتب ايندي آهي. قسط، اترين علائقن
مان سنڌو درياءَ جي ذريعي پهريئين منصوزه جي منڊين
۾ ايندي هئي ۽ پوءِ هتان ٻاهرين ملڪ ڏانهن ويندي
هئي. بزرگ بن شهريار، ”عجائب الهند“ ۾ لکيو آهي:
”مون کي حسن بن عمرو بيان ڪيو، ته هن منصوره ۾”ڪشمير زيرين“
(اٽڪ جو اتريون جابلو علائقو، جتان ڪشمير کان پوءِ
سنڌو درياءَ لنگهي ٿو.) جا ماڻهو ڏٺا. ڪشمير زيرين
۽ منصوره جي وچ ۾ خشڪيءَ جي رستي سان ستر ڏينهن جو
پنڌ آهي. ڪشمير زيرين جا ماڻهو ”قسط“ ڪاٺيءَ جا
بُنڊ درياءَ ۾ لوڙهين ٿا، ۽ پاڻ انهن تي ويهي
لنهواروهلن ٿا. هو قُسط جا بنڊ هڪ ٻئي سان ڳنڍي
تختو جوڙين ٿا، جيڪو تقريباّن چار سو سير ٿئي ٿو.
انهي تختي جي چوڌار کل چاڙهي ڇڏين ٿا، ته جيئن
ڪاٺيءَ تي پاڻيءَ جو اثر نه ٿئي. اهڙيءَ طرح مضبوط
تختو ٺاهي، ان کي درياءَ ۾ لاهي، ماڻهو ان تي چڙهي
لنهوارو لڙهي، چاليهن ڏينهن جو دريائي سفر ڪري،
منصوره پهچن ٿا. انهيءَ عرصي ۾ قسط جي ڪاٺي محفوظ
رهي ٿي، ۽ ان تي پاڻيءَ جو ڪو به اثر نه ٿو ٿئي.“
مذڪوره سياحن سنڌ جي علمي حالتن ٿي به روشني وڌي آهي. هنن سنڌ
جي عالمن ۽ مدرسن جي تعريف ڪئي آهي. ان زماني ۾
سنڌ ۾ حديث جي تعليم جو وڏو اهتمام هو. بشاري
مقدسي لکيو آهي:
”مسلمانن ۾ گهڻو ڪري اهل حديث آهن... وڏن شهرن ۾ حنفي فقيهه به
آهن، پر هتي مالڪي ۽ حنبلي ڪونهن، ۽ نه وري معتزله
آهن.“
منصوره جي سنڌي عالم، سنڌ جي هڪ راجا جي چوڻ تي سنڌي زبان ۾
قرآن شريف جو سنڌي ترجمو ڪيو، ۽ سنڌي زبان ۾
اسلامي تعليبات متعلق هڪ نظم لکيو. اهو بيان بزرگ
بن شهريار پنهنجي ڪتاب عجائب الهند ۾ تفصيل سان
آندو آهي. قرآن شريف جو اهو پهريون ترجمو آهي،
جيڪو سنه 270هه (883ع) ۾ سنڌي زبان ۾ ٿيو.
سنڌ جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي بابت سيرافي لکيو آهي:
”سنڌ ۽ هند جا ماڻهو روزانو نيرن کان اڳ ڏندڻ ڪندا آهن، ۽
وهنجندا آهن؛ پوءِ کائيندا آهن... ڪو يه شخص ڏندڻ
۽ سنان کان سواءِ ماني نه کائيندو آهي.“
ابن فقيهه پاڻ سنڌ ۾ ڪو نه آيو هو، پر هن جي ڪتاب ”الاعلاق
النفسيه“ ۾ سنڌ ۽ هند جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي بابت
احوال ملي ٿو. هن ”سيراف“ سنڌين کي ماني کائيندي
ڏٺو هو. لکي ٿو:
”هتي هڪ گروهه (سنڌ جا هندو) آهي، جيڪو گڏجي کائڻ کي عيب
سمجهندا آهن، ۽ هر هڪ جدا جدا کائيندو آهي، انهن
ماڻهن جو هڪ گروهه، جيڪو سو ماڻهن تي مشتمل هو،
جڏهن سيراف آيو. ۽ هڪ وڏي تاجر سندن دعوت ڪئي،
تڏهن هر هڪ شخص لاءِ جدا جدا ٿالهي مهيا ڪرڻي پئي
، جيئن هو اڪيلا کائي سگهن، اتان جَي اميرن لاءِ
روزانو دستر خوان ۽ ناريل جي کل جي ٿالهيءَ جهڙو
ٿانءُ ٺاهيو ويندو آهي. جڏهن کاڌو ايندو آهي، ته
انهيءَ ۾ کائيندا آهن، کاڌي کان فارغ ٿي، اهو دستر
خوان، کل واري ٿالهي ۽بچيل کاڌو پاڻيءَ ۾ اڇلائي
ڇڏيندا آهن. ٻئي ڏينهن وري نئين ٿالهي بنائي ويندي
آهي.“
ان زماني ۾ ڪن ٽوپائي والين پائڻ ۽ گوڏ ٻڌڻ جو رواج هو.بشاري
مقدسي لکيو آهي:
”هن ملڪ ۾ وڏن وارن رکڻ جو رواج آهي. ماڻهو پهرياڻ پائين ٿا، ڪن
ٽوپائين ٿا. جيئن هندن ۾ رواج آهي. واپارين ۽
عالمن کان سواءِ سڀ ماڻهو گهڻو ڪري هيٺ تي گوڏ ٻڌن
ٿا.“
سيرافي، مردن جي زيورن پائڻ جو ذڪر ڪيو آهي. لکي ٿو؛
”هندستان وارا ٻه لونگيون استعمال ڪندا آهن؛ ۽ مرد عورت سڀ سون
۽ جوهرن جڙيل ڪنگڻ ۽ زيور پائيندا آهن.“
ٻن لونگين مان ڀائنجي ٿو، ته هڪ لونگي مٿي سان ٻڌندا هئا ۽ هڪ
گوڏ طور ڪتب آڻيندا هئا، جيڪو رواج اڄ تائين آهي.
سليمان تاجر جي بيان مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ ڪارو ڪاريءَ کي
مارڻ جي رسم قديم زماني کان موجود آهي. هو شاديءَ
جي رسمن ۽ ڪارو ڪاري جو ذڪر ڪندي لکي ٿو:
جڏهن شادي وهانءُ ڪندا آهن، تڏهن پهريائين سلام دعا شروع ڪندا
آهن، ۽پوءِ سوکڙيون پاکڙيون موڪليندا آهن بعد ۾
طبل ۽ جهانجهه وڄائي شاديءَ جو اعلان ڪندا آهن،
جيتري قدر به ٿي سگهندو اٿن، مال ۽ دولت ڏيندا
آهن. جڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن عورت کي وٺي اچي بدڪاري
ڪري، ته بدڪاري ڪندڙ عورت ۽ مرد ٻئي قتل ڪرڻ سڄي
ملڪ ۾ ضروري سمجهيو ويندا آهي. جيڪڏهن ڪنهن
ماڻهوءَ زبردستي عورت سان زنا ڪئي، ته اڪيلو مرد
قتل ڪيو ويندو آهي؛ پر جيڪڏهن عورت جي رضامنديءَ
سان بدڪاري ڪيائين، ته مرد ۽ عورت ٻئي قتل ڪيا
ويندا آهن.“
عرب سياحن جي سفرنامن ۾ هندو جوڳين پنڊتن ۽ ڀڪشن جي عبادتن،
رهڻي ڪهڻي ۽ تپسيا جو ذڪر ملي ٿو. هندو ڌرم جي
عقيدن ۽ پوڄا جي نمونن جو احوال به ملي ٿو.
نجومين، ڪا هنن، هندو فلاسافرن، حساب جي ماهرن،
واپار جو حساب ڪتاب رکڻ جي ڄاڻن ۽ ماهر طبيبن جو
احوال به ملي ٿو. اهو به بيان آيو آهي، ته سنڌي
عالمن بغداد وڃي عرب عالمن جي مدد سان سنسڪرت ۾
لکيل طب، حساب نجوم فلڪيات جي ڪتابن جا عربي زبان
۾ ترجمان ڪيا. اهو به ڏيکاريو ويو آهي، ته شطرنج ۽
چوپڙ راند سنڌ جي ڏاهن ايجاد ڪيون. تمثيلي ڪهاڻين
جا ڪتاب به سنڌ ۾ لکيا ويا، جن مان ڪي عربي ۽
فارسي زبانن ۾ ترجمو ڪيو ويو. مذڪوره عربي ڪتابت
مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ سنڌي زبان مختلف
صورتخطين ۾ لکي ويندي هئي ۽ سنڌي زبان ۾ شعر ۽ ادب
موجود هو. |