سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سنڌ جو لوڪ ثقافتي ورثو

باب: 6

صفحو :9

 

باب ڇهون

ڀــِـرمن جو رواج

ڀرم، وهم ۽ سنسو ڇا آهي؟ ڳالهه هجيئي ڪانه، ماڻهو وِسهي ته ڪجهه ضرور آهي، تنهن کي، ڀرم ٿو چئجي! ڪي ماڻهو هن کي شرڪُ ۽ وسوسو به سڏيندا آهن. پر اهي عربي ٻوليءَ جا لفظ آهن، عربي ۾ سندن معنيٰ ٻي طرح آهي، تنهنڪري اهو بيان ڇڏي ڏجي ٿو، هتي انهن لفظن جي معنيٰ ۾ مطلب به ڀرم ۾ ئي شمار ڪيو ٿو وڃي.

        ڀرمن جي تاريخ تمام جهوني آهي. چون ٿا ته جڏهن حضرت آدم عليـه السلام کي بهشت جي ميون مان هڪ وڻ کي ويجهي وڃڻ جي منع ڪئي ويئي، تڏهن ابليس بيبي حويٰ کي انهيءَ وڻ جي ميوي کائڻ لاءِ ڀرمايو ته حويٰ جي دل ۾ هورا کورا يا سنسو پيدا ٿيو. ان ڏينهن کان وٺي اِنسان جي سرشت ۾ ڀرم توڙي وهم به واسو ڪيو.

        جيتوڻيڪ گهڻو وقت گذرڻ ڪري، ڀرمن ۽ سونسن جا به ڪئين ۽ ڪيترائي نمونا پيدا ٿي چڪا آهن ۽ ٿيندا پيا رهن. تن جو ڳاڻيٽو ڪرڻ محال آهي، ان هوندي به ڀرمن جي متن پڙهڻ سان اهو راز کلي پوي ٿو. شروع ۾ ڪيترن ڪاهل ماڻهن جو گذران انهن ڀرمن جي طريقن تي هو. انهن پنهنجي ڌنڌي کي چلڪائڻ لاءِ اٻوجهن کي ڀنڀلائڻ ۽ ڦاسائڻ لاءِ رٿون رٿيون، اٽڪلون ويڙهايون ۽ ٽيڪڙ ڪيا. مثلا= ڪنهن ماڻهوءَ ۾ مرشد ٿيڻ جي پد تي پهچندي به، “ڪاني ڪرامت جي روحاني طاقت ڪانه هئي، پر مريدن جو دائرو، ڪشادو ڪرڻ، پنهنجو گذر سفر سهنجو بنائڻ ۽ عيش عشرت جون سـُـکيون گهڙيون گهارڻ واسطي، ڪن ماڻهن کي حال محرمائيءَ ۽ ڪن کي رس ۾ شامل ڪري رکيو. پوءِ اهي چالاڪ ماڻهو، فاسفورس(1) کڻي مرشد کي نه مڃيندڙ ۽ گلا ڪندڙ جي لوڙهي ۾ اڇلي، هٿراڌو باهه ڏئي جهٽ کان اڳ غريب جو جهڳو جهڻ ڪري اچي ڪچهريءَ ۾ لاف هڻندا هئا ته ”جنهن هن سائينءَ کي نه مڃيو ۽ منجهانئس عيب ثواب ڪڍيا، تنهن جو حال ڏسو ته گهر کي باههِ وڪوڙي ويئي اٿس!“ انهيءَ نموني ماڻهن جو زوريءَ پاڻ ۾ اعتقاد رکائي، انهن ڊيڄوڙن لاءِ ڪي سوَڻ سڳڻ مقرر ڪري ڇڏيا، جي انهن جي ستن پيڙهين تائين هلندا آيا ۽ هلندا اچن:

        سائي سومار ڏينهن سهاڳڻ زال تيل ميٽ ڪري نه وهنجي، ٽي شيون ڪنهن کي به نه ڏجن،

ڌيءَ ڏند ڪرٽي ته نڀاڳ، پٽ ڪرٽي ته سڀاڳ!

        وري ڪن ڪارخانيدارن يا زميندارن ماڻهن جي اڻاٺ ۽ ڪم جي سرسائي ڏسي، چالاڪ ماڻهن کي هٿ وس رکي، انهن جي معرفت جاهل ۽ وسوڙلن مزدورن، ڪمين، ڪاسبين ۽ هارين نارين ۾ مشهور ڪرايو ته: هڪڙا ڏينهن سعد يعني سڀاڳا ۽ ٻيا ڏينهن نحس يعني نڀاڳا اٿوَ، تنهنڪري جمعي جي ڏينهن ڏکڻ طرف نه وڃجي ۽ منهن ڪاڻ يا فاتح خواني نه ڪجي، اربع ڏينهن اتر طرف نه وڃجي نه ته وڏو نقصان رسندو.

        ساڳيءَ طرح ڪن حرفتي زالن به پنهنجن ٽوڻن، تائيٿن (تعويز) ۽ ڳنڍين ڌاڳن رسن تي اعتبار رکائڻ خاطر عوام ۾ هينءَ پکيڙيو ته: ٻار کي نظر ٿي لڳي، ديون پرين جو ڇانولو ٿو پويس، پوءِ ٻاراڻو يا ڊيڄڙو ٿو ٿئيس وغيره.

        وهمن جو زور شور ڏسي چالاڪ ماڻهن جو به حرص وڌڻ لڳو. ڪن منڊين جي ٻڙن لاءِ پڌرو ڪيو ته هنن ٻڙن سان ماڻهن جون قسمتون ڳنڍيل آهن، ڪن وري خوابن ۽ بيمارين جا چڱا ۽ بڇڙا ويڃاڻا يعني تعبير ڪيا، ڪن بيمارين دفع ڪرائڻ لاءِ ڪڪڙن ۽ ڇيلن جا ڪاڍاڻا ڪڍايا، ٽه - واٽن تي تيل هارايا ۽ پڙهيا يعني ڪامڻ ڪڍائڻ جون صلاحون ڏنيون!

        ملن وري بيمارين جي علاج ڪرائڻ عيوض تپُ ٻڌائڻ، فال وجهائڻ، تائيٿ لکائڻ جا طريقا ڏسيا.

        نيٺ ته پوءِ ڪي رمال ۽ نجومي به نڪري ظاهر ٿيا، جن وري گرهن ۽ سيارن جي اڳيان پويان هئڻ جا ڊپ چاڙهي، ماڻهن جون متيون منجهايون.

        هن دنيا ۾ ڏسڻ ۾ آيو آهي ته جيڪي سست پنهنجي زندگي سهنجي گهارڻ جا خواهشمند هئا، تن هميشه اناڙين ۽ اٻوجهن کي پئي برغلايو آهي. اهڙين حرفتن ۽ حرڪتن ڪرڻ سان ڀرم ۽ وهم ماڻهن جي مٿن ۾ کپ کوڙي ويهي رهيا. هاڻ انهن جو علاج ڪرڻ نه رڳو مشڪل، بلڪ محال به ٿي پيو آهي. اهو ته ڪيئن دفعا ٻڌو سئو هوندوَ ته فلاڻي جاءِ، فلاڻو وڻ ۽ فلاڻو مقام ڏاڍو ڳرو اُگرو آهي! هاڻي ڏسڻو آهي ته ڏاڍو چون ڇا کي ٿا؟ ورندي آهي ته: انهيءَ ۾ جن آهن. چڱو، جي جن آهن ته اهو وڻ وڍي ڇڏيو ۽ جاءِ ڊهرائي ڇڏيو ته کٽڪو ۽ اُلڪو لهي وڃي! حجت ڪندا: ڏاڍي جاءِ ۽ ڏاڍي وڻ کي ڪيئن ٿو وڍائي ۽ ڊهرائي سگهجي، جتي جنات گهر ڪيو ويٺي آهي؟ جن هڻي ماري رکن! جڏهن انسان کي الله تعاليٰ سڀ شيءِ مٿان قادر ڪيو آهي ۽ اشرف المخلوقات جو لقب ڏنو آهي، ته پوءِ جنن کي خود انسانن جو خوف ڪرڻ گهرجي، پر نه آدم کي جنن کان ڊپ هجي! مرڻ جو ڏينهن هڪڙو مقرر ٿيل آهي. ان ڏينهن ئي مربو. باقي ٻئي ڪنهن کي مارڻ جي طاقت ڪانهي. ڇا اهو ڪونه ٻڌو اٿوَ ته ”موچڙن کان ته جن ئي ڀڄيو وڃن!“ تڏهن به توهان کي ايڏي بزدلي الائجي ڇو!(1)

        وهمي ماڻهوءَ کان دنيا جو ڪوبه ڪم ڪار ڪونه پڄي سگهندو. ٿوري گهڻي ڏينهن سندس وهم وڌي وڃي سوداءَ جي درجي تي پهچندو. اهو ماڻهو گهر ۾ ويٺي ويٺي پاڻهي پاڻ کي پيو ڊيڄاريندو ۽ پاڻ کي بيمار ۽ بيڪار بنائي رکندو. پور پچائي پچائي مٿي نگاهه ڪري دانهن ڪندو ۽ اهو اُٺ مٿي ۾ پيدا ٿيندس، ته جي اها ڇت منهنجي مٿان ڪري پوي ته پوءِ آءٌ ڪهڙيءَ واهه ويندس، هٿ ۾ کليل چاڪو يا ڇري کڻي چوندو ته جي هيءَ منهنجي پيٽ ۾ لڳي وڃي ته آءٌ ته اُڦت مري پوندس، وري ڀت ڏانهن ڏسي ڏسي چوندو ته جي اها ڀت ڦاٽي پوي ته منجهانئس ضرور ٻه اکيون ڏسڻ ۾ اينديون. اهي لاشڪ ته ڪنهن ديوَ جون هونديون وغيرهّ! ڏسو ته اهڙي قسم جو ماڻهو ڪيڏا نه خطرناڪ اُڊڪا دل ۾ سانڍيندو وتي! انهن وسوسن جي ڪري پاڻ ته گيدي، ڪانئر، بزدل ۽ ضعيف نحيف ٿيو پيو گذاري، پر سڄو گهر ئي سورن ۾ وجهي ٿو ڇڏي! ڪوبه ماڻهو، هن سان ڳالهائي ساءُ نه لهندو. ڇو ته وهمي ماڻهو، هرڪار ۾، هر ڳالهه ۾، هر وهنوار ۾ وهم ئي وهم پيو ڄاڻندو. تنهنڪري ان جي دل توڙي دماغ جو علاج ذري گهٽ ناممڪن ٿي پوي ٿو. جي توهان سندس ٻڪي ڦڪي ڪنهن ويڄ يا ويد کان ڪرائي ڏسندا، ته يڪدم اوهان کي چئي ڏيندو ته اهو دوا ۾ زهر ملائي ڏي ته پوءِ؟ اهو حڪيم منهنجو دشمن هوندو. توهان مون کان بيزار ۽ کٽا ٿيا آهيو....؟ ان نموني اٽلندو علاج ڪرائيندڙن جي به دل سست ڪري وجهندو. ”دنيا جي سمورين قومن، قبيلن ۾ سنوڻ ۽ ساٺ ڪيا ويندا آهن. انهن سمورن سـَـنوڻن جو بنياد انسان ذات جي ازلي وهمي فطرت آهي.“

ماءُ منهنجو جندڙو، کنيو خيالن

ڪوڙن، ڪذابن، ڏاگهن ڏڌي آهيان(1) (ڀٽائي)(2)

-------

 

الف - وهمن جا وسيلا

عام وهمن جو وستار:

        ڪنهن به اميد پوري ٿيڻ واسطي جنهن ۾ شادي ٿيڻ، پٽ ڄمڻ، بيماري ڇڏڻ لاءِ پيرن فقيرن ۽ قبرن مقبرن، وڻن ٽڻن ۽ دريائن تي مڃتائون مڃين، ڀيٽائون ڀيٽين ۽ سکائون ســُـکين ۽ باسون باسين!

        ڪي وري امام ضامن جو سوا روپيو، پنج آنا ۽ يا پنج پئسا ڳاڙهي اڳڙيءَ ۾ سبي تائيٿ ڪري، ٻانهن جي ڏوري ۾ ٻڌن. جڏهن مطلب پورو ٿئين تڏهن ان رقم جي مٺائي وٺي ورهائي ڇڏين.

        ڪن ڪن سکائن ۾ ڦنڊر، پڙ، جهنڊ (جاد)، ديڳ ڀت جي، مٺائي، روٽ ۽ ڏيندا آهن.

        ڪي وري مڃتا مڃڻ ۾ مشڪلڪشا (علي رضه) جو سوا پهري روزو رکن. اهو روزو رات جو رکي صبح جو سج اڀريي جو ڪاري ڊاک ۽ ڀڳڙن تي کولي ڇڏين.

ڌيءُ يا پٽ ٿيڻ بابت سـَـنوڻ:

        پيٽ ساڻ زال، ٻار جا رلڪا اڳواٽ سبندي آهي. جي رلڪو ڇوٽو ۽ چورس ٿيو ته ڌيءَ ڄمندي ۽ جي ڊگهو ۽ مستطيل ٿيو ته پٽ ڄمندو، رلڪن پٿريندي جي ڪو اوچتو ڇوڪر گهر اندر لنگهي آيو ته پٽ ڄمندو 7 سالن جي ڪا نينگري اندر آئي ته ڌيءُ ڄمندي.

        آهيڻي زال جي اُٿي هلڻ مهل پهريائين جيئڻو (ساڄو) پير کنيو ته پٽ پيدا ٿيندو ۽ جي ميئڻو (کاٻو) پير کنيائين ته ڇوڪري پيدا ٿيندي. هلڻ مهل اُڇت پير کنيئاين ته ڇوڪرو ٿيندو ۽ جي گهلجي گسرائي وک وڌائين ته ڇوڪري ٿيندي.

        ڳڀوراڙي زال، سونهن ڪڍي، ته نياڻي ايندي، پر جي ڪوجهي ٿي ۽ بدن ۾ ڳرندي ويئي ته پٽ ايندو.

        ڪي وري زالون هن نموني آزمودا لهنديون آهن: ڳرکـُـريءَ زال [پيٽ واري عورت] جي مٿي تي ڪک يا ڪپهه جو ٻڙو اهڙيءَ طرح رکنديون آهن، جيئن کيس سماءُ نه پوي. پوءِ جي سينڌ مٿان هٿ ڦيرايائين ته نينگري، ۽ جي نڪ چپ تان هٿ گهمايائين ته نينگرو. هڪڙي ٿانءَ هيٺان ڪئنچي ۽ ٻئي ٿانءَ هيٺان ڪپَ يا چاڪو ڍڪي رکنديون ۽ ڍڪي زال کي چونديون ته هنن ٻنهي مان هڪڙي ٿانءُ کڻي سنئون ڪر. جي قئنچي وارو ٿانءُ اُٿلايائين ته ڌي ۽ جي ڪپَ وارو ته پوءِ پٽ.

        گرڀڻي زال جي اوائلي ٿڃ مان ٻه ڪپهه جا پها ڀري، پاڻيءَ ڀريل ٿانءَ ۾ وجهن جي پها ٻڏي ويا، ته پٽ ملندس، جي ترندا رهيا ته ڌيءَ، ڳورهاڙي جي ٿڃ جوگوهو ڀت تي هڻائين ۽ ان جي مٿان پاڻيءَ جي لار نائين، جي ٿڃ ڀت تان ميسارجي ويئي ته ڇوڪري ۽ جي بيٺي رهي ته پـٽڙو، ساڳي طرح ٻه - جيئي زال جي ٿڃ، تريءَ تي چڍو ڪري، ان ۾ماڪوڙي ڇڏين، جي ماڪوڙي تري نڪري ويئي ته پڪ نينگري اٿس ۽ جي ڦٿڪي ڦٿڪي اتي مري ويئي، ته پيٽ ۾ نر ٻار اٿس.

        اهي آزمودا يا پرکون ان ڪاڻ وٺنديون آهن، جو چون ته پٽ - ماءُ جي ٿڃ ڳوري ۽ گهاٽي ٿيندي آهي ۽ ڌي - ماءُ جي ٿڃ ڇڊڙي ۽ هلڪي ٿيندي آهي.

ڳورهاڙي زال جي ٿڃ ڏهي وٽي ۾ وجهي ٽه - واٽي تي رکن، جي پهريائين ڪو مرد يا ڇوڪر اچي لنگهيو ته نر اولاد ڄمندس، پر جي ڪا عورت يا ڇوڪري اچي لنگهي ته مادي اولاد ملندس.

        چون ته جيڪو مرد رات جو کٽ جي تانگهه [واڏڻ] ڇڪيندو، ان کي ڌيون ملنديون.

 

ٻار صفا نه ڄمي ان جا سـَـنوَڻ:

        ڪنهن ويائل زال جي گرم اورَ (ڄر) تي سڪڙيات زال چڙهي ويندي ته سنکا ٿينديس.

پٽ ڄڻڻ جا خاص سـنـوَڻ:

        پيٽ سان زال، نئون ڪپڙو ٽئين، پنجين، ستين ۽ نائين يعني اِڪي انگن وارن مهينن ۾ اوڍيندي ته پٽ کي جنم ڏيندي، سج لهڻ کان پوءِ ٻه جيئي زال نه ڪنهن گهاٽ يا تڙ تي وڃي، نڪي پاڻي پرڀ ڀري. قبرستان يا مئي ماڻهوءَ جي جنازي تي به نه وڃي، نڪي رات جو ڪنهن قبرستان وٽان لنگهي. پر جي اهڙي ڳورهاري زال اوچتو ميت تي وڃي ته جوڙيءَ يعني ڪفن جو ڌاڳو ڪڍي چيچ سان ٻڌي ڇڏي.

        ڪي ٻار جو ڀڳل ڏند ڪپهه ۾ ويڙهي کڏ تي اُڇلي چون ته ڏسون اول ڏند ٿو ڄمي يا پٽ ٿو ڄمي:

        حامله جي سوانجهڙي [سهنجڙي] جون شيون اڪي مهيني ۾ وٺبيون ته پٽ ٿيندو.

ويم ڪرڻ ۾ دير پوڻ جا سـَـنوَڻ:

        گل مريم، جو عرب ملڪ مان حاجي سڳورا تبرڪ ڪري آڻيندا آهن، سو سوريتيءَ جي سيرانديءَ کان پاڻيءَ جي ڀريل ٿانءَ ۾ وجهي رکن، گل ڦنڊندو ته ويم يڪدم ٿي ويندو. سوانجهڙي واري زال جو مڙس، ڇٽيندڙ زال جي وڇاڻي وٽان اڍائي ٻرانگهون سامهون هلي، وري اڍائي ٻرانگهون پوئتي هٽي اچي سهنجي يا ڇٽڻ لاءِ دعا گهرندو ته جهٽ ڇوٽڪارو ٿي پوندو. ويم جي تڪليف کي آسان بنائڻ لاءِ حلال جانور ذبح ڪرائي، ان جي رت جا ڇنڊا سوريتيءَ جي نراڙ ۽ ٻاهرئين دروازي تي هڻائيندا آهن. جنهن جاءِ ۾ ويم ٿيڻو هوندو آهي، ان جي چئني ڪنڊن تي پيٺل ڪارا مرچ ڇٽي ڇڏين. هڪڙيئي هٿ ۾، ستن گهرن مان ان جا داڻا پني، اهو اَن هڪ ئي هٿ سان جنڊ ۾ وجهي پيهي، ماني پچائي کارائينس ته جلد پاسا آجا ڪري. ستن قسمن جا اَن گڏي، جهوليءَ ۾ وجهي ڪنهن مادي گڏهه جي اڳيان جهولي جهلي بيهن، گڏهه کائي جڏهن ڦونگهارو هڻي ته باقي بچيل اَن جا داڻا ڳڻين. جيترا داڻا، جنهن جنس جا گهٽ بچندا، اوترا ڏينهن ويم ۾ دير پوندي. پسيءَ جو وَٽو منجيءَ هيٺان رکي، ان منجيءَ تي سوريتيءَ کي ويهاري، ستن کوهن جو پاڻي آڻي ملائي وهنجارين ته جهٽ شفاياب ٿيندي. ويم ۾ چرڪائي ٿئي ته چون ته ڳرکـُـريءَ ڪنهن گهوڙيءَ جي پڇاڙيءَ واري رسي اورانگهي آهي.

ويم جي سوکائي لاءِ:

        ويم وقت، گهرجي اڱڻ ۾ زالون گول چڪر ٺاهي بيهنديون آهن، ته جلد هٿ پير لهي، خاص طرح ستين، سترهين ۽ ستاويهين تاريخ تي ويم سڻائو ٿيندو آهي.

        چون ته حامله زال مينديءَ ۾ هٿ وجهندي ته ٻار گونگو پيدا ٿيندو!

ڄم بابت چوڻيون:

        ڌيءَ، سئين پيرين ڄمندي آهي، پر پٽ اونڌو، ڌيءُ جو ڄمڻ نڀاڳ ۽ پٽ جو ڄمڻ سڀاڳ ليکيو ويندو آهي. پوڻيٺي [پهرياتي] جي پٽ ڄمڻ تي هلائين ته ڌيءَ ڄائي آهي. [متان دماغ تي خوشيءَ کان اثر ٿئيس]. ڪا سيڪڙيات [سڪايل] جا پٽ جي مٽيءَ جي پنوڙي ملڻ ڪاڻ آتي هوندي، ته ان کي جي ڌيءَ ڄائي ته به چوندس ته پٽ ڄائو اٿيئي جيئن دل هول نه ٿئيس.

ٻار ڄمڻ کان پوءِ جا سـَـنوَڻ: ڪي قبيلا نئين ڄاول ٻار کي، پاڻيءَ ۾ گڏهه جي لڏ وجهي پوءِ وهنجارين. ڪي سون يا چاندي پاڻيءَ ۾ ڌوئي اهو پاڻي ٻار مٿان هارين ۽ ببا به انهيءَ پاڻيءَ سان ڌوئارائي پوءِ ٿڃ پيئڻ ڏين. ٻار جو سوني منڊي يا ڇلي سان وات ڪڇين ته ننڍو ٿئي.

        پٽ ڄمڻ تي ٻاهرين دروازي جي سردري ۾ نم جي ٽاري ۽ بصر جي ڳنڍ، ڪڄَ کان ٻڌي ڇڏين. در جي چانئٺ وٽ ننڍڙي کڏ کوٽي پاڻيءَ سان ڀري ڇڏين. ان ۾ ڪارا مرچ به گڏين. جئن لاڻ نه لڳي ۽ ٻاهران ڪو اوٺو يا مٿي ميرو ماڻهو اندر اچي، ته پير پسائي پوءِ اندر گهڙي. ڌيءَ جي اورَ چلهه ۾ يا دلي هيٺان ۽ پٽ جي اورَ گهڙامنجيءَ هيٺان يا ٽه - واٽي تي کڏ کوٽي پوري ڇڏين. ويم واري گهر ۾، مڻڪن وارو يا مالها وارو ماڻهو اچڻ ڪونه ڏين. پر حيض واري زال به گوشو ڪندي آهي. نڪي گهوڙيءَ جا سنج اندر رکڻ ڏين جيستائين ڪ ِ چلو (چاليهو) پورو ٿئي. ڪي ماڻهو ويائل زال ۽ ان جي نئين ڄاول ٻار کي گڏهه جو ليڏوڻو پاڻي ۾ نپوڙي وجهي ۽ ان ۾ تلوار جي ڌار گهي پيارين. ان لاءِ چون ته ماءُ کي اهو پاڻي پيارڻ ڪري ان جو اثر ٿڃ رستي ٻار ۾ پهچندو ۽ اهو ٻار وڏي هوندي تلوار جي ڌڪن جي پرواهه نه ڪندو ۽ گڏهه جهڙو نٺر ٿيندو.

ٻار جو نالو رکڻ:

        ڪي بروقت رکن، ڪي ٽئين ڏينهن ۽ ڪي ڇٺيءَ تي (پٽ جي حالت ۾ ڇٽيءَ تي نالو رکندا آهن).

آچر ڏينهن ڄاول ٻار جو نالو:

        آچار يا آچر، سومر ڏينهن، سوامر يا سومر، اڱاري ڏينهن، اڱڻ يا اڱاريو، اربع ڏينهن، اربو يا ارباب، خميس ڏينهن، خميسو، جمعي ڏينهن، جمعو يا جمڙو رکيو ويندو آهي.

هندو ماڻهو ڏينهن جي نالن تي:

        منگل مل، ٻڌر مل ۽ جمڙو مل نالا رکندا آهن.

محرم واري مهيني ۾ ڄاول ٻار جو نالو:

        محرم، صفر واري مهيني ۾، صفر، ربيع الاول واري مهيني ۾، عرس (هن مهني کي عرس، يعني نبي ڪريم صه جن جي ڄمڻ يا خوشيءَ وارو مهينو چون)، ربيع الاخر واري مهيني ۾، يارو، يار محمد، يارل،(1) رجب واري مهيني ۾، رجب، رجو ۽ رجب علي يا لکانو، لکيءَ ڏنو ۽ لکو.(2) شعبان واري مهيني ۾، شعبان، شعبان بخت، برادي(3) ، شبراتي، رمضان واري مهيني ۾، رمضان، رمو، شوال واري مهيني ۾، شوالو، ذوالحج واري مهيني ۾، حاجي، حاجن، حاجو ۽ ڌين جا نالا حاجاڻي ۽ حاجو ۽ حاجل رکن، عيد رات ڄاول ٻار پٽ جو نالو عيدو، عيدن ۽ ڌيءَ جو عيدَ، ڪي وري موسمن وارا نالا رکن سانوڻ، سارنگ، بادل، ملهار ۽ مينهن ۾ ڄاول جو نالو مينهل يا مينهون پڻ رکن.

باس باسيل ٻارن جا نالا:

پيراڻو، پيرو، پيران ڏنو، (پيران ڏتي) پير ڏنو، شهڏنو (شاهڏني)، شاهو، شاهن، فقيرو، فقير بخش، قلندر بخش، شهبازي، لال ڏنو (لال ڏني)، سڪيلڌو، مڱيلڏو (سڪيلڌي، مڱيلڌي) پنيلڌو، پينيل، سڪو، سڪڻو، مڱڻ، مڱيو، پنيو، هندن ۾ دولهه ڏنو، موٽيو دريانو وغيره.

اميدن ڀريا نالا:

تورپيو، اوڀايو، الهه بچايو، (بچائي) نيڀندو، جيئندو (جيئندي) سگهو، حيات (حياتان) وسايو (وسائي) جيئو (جيئان) جڙيو، الهه جوڙيو، الهه رکيو (الهه رکي)، الهه ورايو (ورائي)، بنرو، بنو، سکيو (سکي) ستابو (ستابي) پوڙهو (پوڙهي)، پريو، ڇٽو (ڇٽي) متارو (متاري)، مچندو (مچندي)، ساهو، سڀاڳو (سڀاڳي) ۽ ماڪرپيو وغيره نالا رکن.

ڳرا نالا:

        ڪي ماڻهو پنهنجن وڏن جا نالا ڪونه رکن، چون ته ٻارن کي انهن نالن وٺي چوڻ سان، جٺ ڦٺ ڪرڻ سان وڏن جي نالن جي بيحرمتي ٿيندي. ڪي چون ته انهن جا نالا ڳؤرا آهن، ٻار بيمار ٿي پوندا ۽ اهو نالو رکيو وڃي، ته ٻيو به لاڏڪوڏ جو نالو ضرور رکڻ گهرجي. ڪنهن بيمار جو نالو ڪونه رکن، وسوسو ٿئين ته متان اسان جو ٻار به بيمار نه گذاري. ڪنهن بخيل، ڏوسي، ڪنجوس ۽ بدنام جو نالو ڪونه رکن، متان اُن جي نالي جو اثر ٻار تي پوي. ڪنهن نپٽي نانگي جو [جنهن کي اولاد نه ٿئي] نالو ڪونه رکن، ڌڻ ڌيئن جو هجي، ان جو نالو رکڻ به عيب سمجهن، جنهن جو نالو مشهور آهي ۽ ڳوٺ جو چڱو مڙس، سردار، پٽيل، نواب، مير، پير، مرشد ۽ مالڪ هوندو ته ان جو نالو هن جي ڪاوڙ جي پوڻ جي ڊپ کان ڪونه رکن. يا چون ته جيئرن جا نالا جيئرن تي ڪيئن رکبا! جيڪو جواني ۾ گذر ڪري وڃي ان جي نالي رکڻ کان به پاسي ڪن.

ٻار جي حفاظت جا سـَـنوَڻ:

        ٻار جو هنڌ اگهاڙو ڪونه ڇڏين، ٻار کي جي اگهاڙي هنڌ تي سمهارين ته پهرين هنڌ کي ٽي ڌَڪ يا ٽي ٿڪون هڻي، پوءِ ٻار سمهارين. ستل ٻار جي سيرانديءَ ڪپ يا ڪاتي يا ڏوئي رکي ڇڏين، جي اهي هٿ نه اچن ته لوهه جي سيخ يا ڪو لوهه جو ٽڪرو رکن، جي نه ته غئبات جو اثر ٿيندو.

ٻار کي سمهارڻ واري هنڌ جا سـَـنوڻ:

        وچ هنڌ ۾ وهاڻو رکي ڇڏين، مٿان اوڇڻ وجهي هنڌ ڍڪين. ڪاٺ جي پٽي يا ڦرهيءَ (فرحي) تي ”ياسين“ قرآن جي سورت لکائي، پينگهي جي سيرانديءَ سرائي ۾ لڙڪائي ڇڏين. ڪي وري سڪل کل ڄاهي جانور جي ڪنڊن واري، پينگهي جي سرائي ۾ ٽنگين يا بگهڙ جي کل جو ٽڪرو يا تائيٿ لکائي، ٻار جي ڳچيءَ ۾ ٻڌن. ٻار کي چانڊوڪيءَ ۾ يا هونءَ به اڪيلو ڪين ڇڏين، متان مٿس پرين جو پاڇو پوي!

ٻار جي روڄ راڙي بند ڪرڻ جا سـَــنوَڻ:

رات روئڻي، هڪڙو جيت آهي، سو جيئرو جهلي، سڪائي، اڳڙيءَ ۾ ويڙهي، ٻار جي ڳچيءَ ۾ ٻڌي ڇڏين. ست آڱر پاڻيءَ جي لوٽي ۾ وجهي، ٽڪار مهل يعني سانجهيءَ جو ٻار مٿان گهوري، اهو پاڻي ٽه - واٽي تي گول دائري ۾ هاري، وچ تان مٽي کڻي، ان ۾ ست ڳڙيون ڦٽڪي يا ست ڪڻا لوڻ ۽ ٽي ڳاڙها مرچ ملائي، وري به ٻار مٿان ست اُبتا ست سبتا ڦيرا ڏيئي، گهوري، اهو ڪمام باهه ۾ ساڙين.. صبح جو اهو ساڙ ۽ ڦٽڪي ڪڍي، ٽه - واٽي تي وڃي ڦٽي ڪن. مهاڻن جو مڇيءَ ڦاسائڻ وارو ڄار، ستل ٻار جي مٿان پکيڙين. ٻارَ جي سيرانديءَ هيٺان ڏينهن جو ڏيئو ٻاري رکن ۽ رات جو اهو ڏيئو ڪاڪوس ۾ وڃي اُجهائين. ۽ چون ”ٻار نه روئي، ڏيئو ٻري“ ٽڪار ٽاني يعني سج لٿي مهل اشهد آڱر دانگي يا تئي جي پٺ تان ڪاري ڪري، ٻار جي منهن تي لينگهو ڪڍن. ٻار جا رلڪا اُس ۾ سـُـڪندي، جڏهن سج اورانگهي وڃي، يعني سج اُڪري وڃي ۽ اتيئي پيا هجن، ته اهي کڻي، شام جو ورندڙ چؤپايي مال خاص طرح ٻڪرين جي پيرن ۾ اڇلي وجهن، جي مٿانئن وکون واري وڃن، اهڙن رلڪن تي سمهڻ ڪري ٻار جي راڙ بند رهندي!

ڪـُـهائي:

         ڪُ معني خراب + ويائي معنيٰ ويم. جيڪو ٻار پورا مهينا ماءُ جي پيٽ ۾ روڪجي نه سگهي ۽ اڳ ۾ ئي ضايع ٿي پوي، ان کي ڪـُـهائي يا اسقاط حمل چون. اهڙي ٻار ڪيرائيندڙ ماءُ لاءِ چون ته ڦسڪڻو روح اٿس يعني خسيس شئي تي سڌ ڪري ٻار ڪيرائيندڙ آهي.

ڪهائيءَ جي روڪ جا سـَـنوڻ:

خچر جي ڳچيءَ ۽ پڇ جا وار ڪتري، سڳو وٽي چيلهه ۾ ٻڌجي، ٽامي جا سڪا نوَ (9) يا يارهن (11) ٽنگ ڪري پوئي يا ڳوٿريءَ ۾ سبي چيلهه سان ٻڌجن. گهوڙيءَ اڳيان ٻه ٽويا ڪوبه اناج رکجي، کائي جڏهن اڌ تائين پهچي ته اهو اَن کڻي وٺجي، وري پاڻيءَ جي بالٽي يا ڏول ڀريل اڳيان رکجيس. پاڻي پي جيڪو بچائي، تنهن اوباري پاڻيءَ ۾ اهو اناج ڌوئي سـُـڪائي، اها ڪهائي ڪندڙ زال خود پنهنجي هٿ سان اناج پيهي اٽو ڪري. پوءِ ان پيٺل اٽي جي چپٽي، روز کاڄرو اٽي سان ملائي، ٻار سرجڻ يا سجرڻ واري ڏينهن کان وٺي، ويندي ويامڻ تائين اهو کائيندي رهي. اها زال صابڻ سان بدن مهٽي نه وهنجي، نه ڪپڙا ڌوئي. مکڻ نه کائي نه اُن کي هٿ لائي. ڪنهن جانور يا عورت جي ويم کي نه ڏسي. گهڻو نه گهمي. ريشمي ڪپڙا نه پائي. لوهه جي ڪڙي ٺهرائي ڏائي پير ۾ وجهي ڇڏي.

ٻار نه بچي تنهن جا سـَـنوَڻ:

        جڏهن ڪو ڪاڄ ٿئي ته سڪڙيات ماءُ مردن جي ڇني ۾ اچي گونگي ٿي هٿ ٽنگي بيهي، پوءِ جيڪي مليس يا عيد ڏينهن عيد گاهه تي وڃي در اڳيان گنگي ٿي پني اتان به جيڪي مليس، انهن پئسن سان ٻيا پنهنجا پئسا گڏي سونو جيئندڙو [ڪنَ جوڳهه] ٺهرائي ڪنَ ۾ وجهي ڇڏي. جيڪا زال پاڻ ڇنو يا عيدگاهه پني چڪي هجي، سا پاڻ ٻيءَ اهڙيءَ سڪڙيات کي ڪجهه به نه ڏي! سڪڙيات مئل ماڻهوءَ جي گهر تيستائين نه وڃي، جيستائين جنازو کڄي وڃي ۽ ڪڙي ڪني يعني مئل ماڻهوءَ جي ڪانڌپي جو ڀت، ٽيجهو، ختمون، ٻاراهو وغيره نه کائي. ڪنهن سهاڳڻ يا ٿڌي پيٽ واري زال (جنهن جو ننڍڙو اولاد ڪڏهن نه مئو هجي) تنهن کان سندس اوڍڻ واري ڪپڙن مان ڪو ٽــُـڪر وٺي، ان جو پوتاڙو يا رلڪو ٺاهي اڳواٽ رکي. ٻار ڄمڻ مهل ان ڪپڙي ۾ ويڙهي وٺجي يا کيس صفا ڪري، پوءِ ان ۾ ويڙهجي، ڦاٽڻ تائين اهو ڪپڙو ڪم آڻجي، ٻڏل ٻيڙي جي لوهه جي ڪڙي ٺهرائي ٻار جي پير ۾ وجهجي. ٻار جو ننڍي هوندي ئي مڱڻو ڪري ڇڏجي.

ٻار جي بچڻ جا سـَـنوَڻ:

ڪچو ڪـُـنو مٽيءَ جو وٺي، اُن ۾ اوَر وجهي، ڳاڙهي ڪپڙي سان منهن ٻڌي، ٻن قبرن جي وچ تي يا ٽن ائنٺن جي مفاصلي تي وڃي پوري ڇڏجي. ٻـُـڏيءَ ٻيڙيءَ جي لوهه مان سڪڙيات لوهه جي ڪڙي ٺهرائي، ڏائي پير ۾ وجهي. وڏي ڪاغذ جي چوڌاري سورت ”ياسين“ لکائي، ان پني جو وچ گولائي ۾ ڪتري، جئن ٻار ماءُ جي پٽيان نڪري ته ان ڪاغذ جي پور مان اُڪري اچي ٻاهر پوي. ڪنڀار کان ڪچي مٽيءَ جي گرڻ ٺهرائي، ڄمندڙ ٻار ان جي خال مان لنگهائي وٺجي، ڪي وري ڪؤڙا ۽ خراب نالا ٻار جي بچڻ لاءِ مٿس رکندا آهن: ٽوهه، ليڏو، کٻڙ، اڪ، نم، ڪرڙ، ڪنڊو، گهمڻ، ڪؤڙو، مرچو، ڪانڊيرو، ٻٻر، لئو، ماڪوڙو، بصر.

ٻار بچڻ خاطر ان ٻار جي اورَ باهه ۾ ساڙي ڇڏين، اورَ مان سئي ٻوڙي، ان ٻار جو بولو يا نٿڙي ڏائي پاسي ٽوپين، پٽ هجي ته نٿو، بولو، ناٿو، نٿر ۽ ڌيءَ هجي ناٿي يا بولي نالو رکن. ٻيا وري بچڻ لاءِ ٻار جا دُر باسين ۽ ڪن ٽوپين. ان جو نالو دُرو، دُورو ۽ ڇوڪري دُري ۽ دورخاتون ٿئي.

ٻار بچڻ ڪاڻ ٻار کي وڪڻڻ وارو سنوڻ:

        ٻار ڄمڻ واري جاءِ کي جي دري هوندي ته ٺهيو نه ته هٿراڌو دري ڀت مان ڪڍي، نئين ڄاول ٻار کي ناڙو موڙي پوءِ دائي يا ڪا سهاڳڻ زال دريءَ مان ڪڍي اچي گهر جي دروازي تي بيهي چوندي ته ”آءٌ هي ٻار وڪڻان ٿي، آهي ڪو وٺڻ وارو؟“ پوءِ ٻار جو مامو، چاچو، يا ڪو ٻيو مائٽ، چوندو ته هن جو ملهه ڇا آهي؟ مائي چوندي ته پاءُ بصرن جو يا لپ لوڻ جي يا چپٽي مرچن جي، پوءِ مائي کي انهن مان هڪ شئي پلاند ۾ ڏيئي ٻار اندر گهر ۾ کڻي ايندا. جي پٽ هوندو ته نالو: بصر، مرچو، لاڻو، وڪيو ۽ ڌيءَ هوندي ته بصران وڪائي يا ڪؤڙي سڏيندس. اهو ٻار جنهن شئي تي وڪاڻو هوندو، اها ڪڏهن به ڪنهن کي سوال ڪرڻ تي يا گهرج پوڻ تي گهر ڀاتي نه ڏيندا.

پهرئين ٻار، ڌيءَ مٿان پٽ ڄمڻ جا سـَـنوڻ:

        پهرئين ٻار ڌيءَ کي مٿي جي پوئين حـصي يعني ڪياڙي مٿان گاٺ جو گول چندو هوندو ته سـَـوَڻ ڳنڍيندا ته هن ٻار مٿان پٽ ڄمندو ان چندي کي ”پڳ ور“ چون. جنهن کي پهريون ٻار ڌيءَ هوندي ته اهي سـَـوَڻ خاطر ڌيءُ جون والڙيون ڪونه ٽوپائيندا آهن، چوندا ته جڏهن ڀاءُ ڄمندس تڏهن اهو پاڻهي واليون ٺهرائي ڪنن ۾ وجهندس. ڪي ماڳهين نياڻيءَ جا ڪن ئي ڪونه ٽوپائين، جيستائين ڪ ِ پٽ ڄمي، جي ٻيو نمبر ٻار نه بچندو آهي ته، ٻئي ٻار جي ڄمڻ شرط انهيءَ جي پٺن تي مٺاڻ يا کنڊ مکي پهرئين ٻار کي چٽارائيندا آهن ۽ نئين ڄاول ٻار جو منهن پرڻ سان پهرئين کي ڏيکارين ته جيئن پاڻ ۾ ريس، حسد ۽ آڙو نه ٿئين. ڪي وري نئين ڄاول ٻار جي پٺيءَ مٿان ڏونگهي جهلي ڀوري پهرين ٻار کي کارائين.

ٻار جي چـُـرپـُـر بابت وسوسا ئي ڳالهيون:

        جي ڪو ٻار ستي گهڻو مٿي پيو نهاريندو، چوندا ته سندس ڪپڙا يا  رلڪا ڌوئي مٿي سڪڻا وڌا اٿوَ تنهن ڪري مٿي ٿو نهاري. ٻار آرس پيو موڙيندو يا ڪرَ پيو ڀڃندو ته چوندا ته ڪپڙا زور سان نپوڙيا اٿوَ تڏهن پيو وٽ پيچ کائي! ٻار، ستي ننڊ ۾ نڙيءَ مان ڪو چيچاٽ ڪيو يا ساهه کڻندي ڪا سنهڙي سينڍ ٻڌڻ ۾ آئي ته چوندا ته: ماڻس پيٽ تي (پيٽ ۾ هئڻ واري مدي ۾) ڪو پکي رڌل کاڌو آهي، جنهن جو آواز پيو نڪري! ٻار جي پيٽ ۾ هوندي جي ٻارَ جي ماءُ کي ڀٽونءَ يا وڇونءَ ڏنگيون ته چوندا آهن ته انهي ٻار جي ڄمڻ تي، مٿس ڀٽونءَ جي ڏنگ جو اثر نه ٿيندو.

گهڻا ٻار نه ڄمن، ان لاءِ سـَـنوڻ:

        ٻارن جي ماءُ آخرين ٻار جي اورَ مٿي تي رکي چوندي ته ”هاڻ مونکي ٻار نه گهرجن“.

جلد جلد ٻار نه ٿيڻ جا سـَـنوڻ:

        ساهڙي ويائل زال جا ڀانئي ته کيس جهٽ جهٽ ٻار نه ٿئي. اها جنهن کٽ تي ستل هجي، ان جي ننڊ ۾ هوندي، انهيءَ جي کٽ کي ٽي ڀيرا ريڙهبو: اڌ وک کن اڳڀرو ڌڪي، وري ڇڏي ڏبي، وري ٻيو ڀيرو ريڙهي، ڇڏبي ۽ ٽيون گهمرو ڌڪبي ته پوءِ ان کي سگهو سگهو ٻار نه ٿيندو.

ٿڃ وڌائڻ جا سـَـنوڻ:

        ٻار جي ماءُ ٻڪريءَ جي اوجهري رڌي ڍڪڻ ۾ وجهي کائي ۽ گهر کي ٻهاري به پئي ڏيئي. سهائي آچر ڏينهن ڦلا ڀـُـڃي، جهوليءَ ۾ وجهي ڦڪيندي به وڃي ۽ ٻهاري به پائيندي وڃي.

ٽکڙ ٻار جا سـَـنوڻ:

        ٽه+ کڙ يا ڪڙهه، ڪڙهه معنيٰ ڪک به آهي يعني ڪک مان ٽيون ٻار نڪتل. عام طرح پيٽ مان ڄاول ٻار کي زالون ڪک مان نڪتل به چونديون آهن، ڪي وري ان کي ٽپوڪڙ ٻار به ڪوٺين. ٽن ڌئين کان پوءِ پٽ ڄمي ته انکي ٽکڙ پٽ چون، جو چون ته ناناڻن جي سـُـڃ ڪري ڇڏيندو، ٽن پٽن جي مٿان ٽي ڌيءَ ڄمي ته ان کي ٽکڙ ڌيءَ سڏين، اها به نڀاڳي ليکين. اهڙي ٽکڙ ٻار جي نڀاڳائي دور ڪرڻ جي لاءِ ان جو مٿو ڪونه ڪوڙائين، نار جي ڀانڊيءَ مٿان چاڙهي ٻئي پاسي اُڪارين. ان جي ڄمڻ تي گهرَ جي نيساري مان تلي وهائين. ان کي ٻوڪي ۾ وجهي کوهه ۾ وارين، ڄمڻ وقت سڳي پڦي، جي اها نه هجي ته ڀيڻ يا ماسي يا چاچي ستل ٻار جي پاسي ۾ ناريل ڀڃي ويٺلن کي ورهائي ڏي. ڇوڪري کي ٽن سالن تائين پٽڪو ٻڌڻ ڪونه ڏين. ڪي نڪ ٽوپين ۽ اڍائين مهينن تائين ساڳيءَ جاءِ کان ٻاهر ڪونه ڪڍن، ٽکڙ ٻار کي مـُـنڊڻ ڪاڻ نانو يا مامو، بنان کاڌي پيتي جي لوهار کان لوهه جا ڪنگڻ هٿن ۾ ۽ ڪڙيون ٻار جي پيرن ۾ وجهڻ لاءِ ٺهرائي اچي پائي. مامو يا نانو، ٽامي جو ٽڪو ڪٽارائي، ان مان ننڍڙي وٽڙي ٺهرائي، تنهن ۾ ڪٽي مهٽي، ان ٻار کي کائڻ ڪاڻ ڏي. ٽکڙ ٻار جي ڄمڻ وقت روهي يا ڪو پٿر ڀڃي ڇڏين.

ٻارن جي اگهائي جا سـَـنوڻ:

        عام ماڻهن جو خيال آهي ته جي باسيل سـُـکان نه ڏبي ته ٻار بيمار گذاريندو. ٻار جي ماءُ ماکي کائيندي ته ٻار گونگو ٿيندو. ٻار جي ماءُ ڏونگهي کائيندي ته ٻار جوجهير (پيٽير) ٿيندو. ٻار جي پيٽ ۾ هئڻ تي جي سندس ماءُ تي جنازي جو پاڇو پيو ته ٻار کي ڪنگي يعني ٻاراڻي سلهه ٿيندي. ٻار رڳو پيو روئي يا اونڌو سمهندڙ هجي ته ان کي نڀاڳو ٻار ليکين!

        ٻار سگهو نه ڳالهاءِ ته ڪانگن جو وٽاريل اَن کارائجيس. ٻار کي گهڻي گگ ٿئي ته مانيءَ ٽڪر گگ مان ٻوڙي، ڪتن ڪانگن کي ڏجي. ڪپورَ ٽاندن تي پچارائي کارائينس. مـُـٽندڙ ٻار کي جنڊ جو پڙ چٽائين يا جنڊ جو نائو (اڳڙي) پاڻي ۾ ڇنڊي اهو پاڻي پيارين يا ڳوهيل اٽي وارا هٿ ڌئاري پيارين. اُماڙي يا اُلانبيءَ تي پيشاب ڪرائين. رات جو ننڊ ۾ ستي ڏنڀينس. ٻار ڪنڌ نه جهلي سگهي ته ٻڪريءَ جي ڪنڌي جو گوشت ماڻس کي کارائجي. ٻر چيلهه نه جهلي سگهي ته اُن کي سهائي سومار ڏينهن مامي هٿان ست مهرين جا ڌڪ آهستي آهستي چيلهه تي هڻائجن يا ڪوسي ڪوسي ماني ڪنجهي جي وٽي مٿان رکي ڇڏجي ۽ وٽي ۾ جيڪو مانيءَ جو پگهر ٿئي سو ٻار جي چيلهه تي مکجي، تسبيح تي لک صلواتون پڙهائي ان تسبيح جو سڳو ڪڍي ٻار جي چيلهه سان ٻڌجي.

رات جو هنڌ ۾ هنگندڙ ٻار جا سـَـنوڻ:

        اهڙي ٻار کي گابي يا ٻڪريءَ جي پٺيءَ تي ابتو ڪري ويهارين، يعني ٻار جو مهن جانور جي پولهه ڏانهن ٿئي. اهو سـَـنوڻ شام جو ڪن ۽ نالو وٺي چون ته ”هي جانور هنگي رات جو ۽ ٻالڪ هنگي ڏينهن جو.“

ڏانوڻ پيل ٻار جا سـَـنوڻ:

جيڪو ٻار چئن - پنجن سالن جي عمر جو ٿي به پنڌ نه ڪري ته ان لاءِ چون ته ڏاوَڻ پيا اٿس، سي ڪپائي ڇڏيوس. ڏاوڻن ڪپڻ جو کرمٽ هيءُ آهي: سٽ جو رسو ٻار جي ٽنگن ۾ ونگي، مامي کي ڏاٽو هٿ ۾ ڏين ته اهو سٽ جو پيل ڏاوَڻ ڪپيس. گهر ۾ پرڀرو بـُـسري (ڳڙهاڙي) پاٽ سان ڍڪي رکن، مامو ڏاوَڻ ڪپي بـُـسري کڻي وٺي ڀڄندو. ڀاتي ٻالڪ کي چوندا ته: ڊوڙي جهلينس. جي ٻار انهيءَ مهل پوئتان نهاريو ته ڊڄڻو ٿيندو، جي مامس جي پوئتان ڀڄندي ٿاٻو کاڌائين ته سدائين ڌڪا ڌوما پيو کائيندو پر جي تڪڙو هليو ويو، ته ڀڄڻ جو ڇوهو ٿيندو. ڪي وري هن کرمٽ ۾ ڊڀن جي نوڙي ڏانوڻ ڪري ٻار جي پيرن کي ونگين ۽ مامي کان ڪپارائين. ٻار پنڌ ڪري ته ڪوهر ورهائين.

ڏندن ڄمڻ بابت وسوِسا ئي ڳالهيون:

چون ته ڪنهن به ٻار کي اول مٿيان ڏند ڄاوا ته ناناڻن جي لاءِ چڱا ٿيندا يعني منجهن ڪو ماڻهو مرندو يا ڀونگو ڀينگ ٿيندن.

مرڻ بابت وسوسا ئي ڳالهيون:

مهري اُڀي ڪري رکبي ته ڪو ماڻهو مرندو. خواب ۾ ڏند ڪرندو ڏسبو ته به ماڻهو مرندو. خواب ۾ ڪنهن مئل ماڻهوءَ کاڌو گهريو ته صبح جو لولي پڪل تي بصر جي ڳنڍ ۽ مرچ رکي ڪنهن فقير کي ڏين يا جهنگ ۾ ڪنهن سائي وڻ هيٺ ڇڏي اچن. مئي ماڻهوءَ جي وهنجارڻ لاءِ جيڪو ميٽ ڀڃن، سو بجاءِ ڪنهن ٻئي هٿوڙي جي، مهري سان ڀڃن، چون تهائين نه ڪبو ته مئو وري ٻئي کي پاڻ ڏانهن ڇڪ ڪندو. انهيءَ ميٽ جا (جنهن سان ميت کي تڙ ڏبو) ڀورا پهرين پاٽ ۾ وجهن پوءِ مٿان پاڻي نائي ميٽ ڀڄائين.

تيرهن تيزين (تيجين) جا سـَـنوڻ:

        گهڻو ڪري تيزيون يعني تکيون تاريخون، انهن کي تيجون به چون. صفر مهيني جون پهرينءَ کان وٺي تيرهين تاريخ تائين اهي تيز يا نحس تاريخون آهن. انهن ڏينهن ۾ ڪن خاص ڪمن کان گوشو ڪن. انهي تاريخن ۾ جيڪڏهن جي ڪي ماڻهو پاڻ ۾ وڙهيا ته سدائين ڪين ٺهندا. ڪنهن وٽ کاڌي جي توڻ کٽي ته ٻارهن مهينا پيو گاپاٽا کائيندو. انهن ڏينهن ۾ قرض کڻڻ، اوڌر ڏيڻ، سفر ۽ شادي ڪرڻ کان به لنوائيندا آهن.

تيرهن تيزين ۾ مئل جا سـَـنوڻ:

انهن تاريخن ۾ جيڪو ماڻهو مري ته ان جي قبر جي سيراندي توڙي پيرانديءَ لوهه جون ڪليون کوڙي انهن ڪلين ۾ چوڌاري اڇا سگا ويڙهي تاڃي ڪڍي ڇڏيندا آهن، ڪي بٺيءَ جي چوڌاري ننڍو ٻنڙو مٽيءَ جو ٺاهي پاڻيءَ سان ڀري ڇڏين. جنهن جاءِ يا پٽ تي لاش رکن ته اتي به ڪليون کوڙي ڇڏين. ميت کي جتي وهنجارين ان جاءِ کي ”حد“ چئبو آهي، اتي چريءَ وانگي کڏ کنيل هوندي آهي، ان ۾ اَڪَ جي ٽاري وجهي پوءِ لٽي ڇڏين. جيڪي زالون اُن جي پٿر تي سياڪو ڪرڻ يا پير ڏيڻ اچن ۽ جڏهن گهرن ڏانهن واپس وڃن ته سڀئي پنهنجون جتيون ڇنڊي، پوءِ پيرن ۾ وجهي گهر ڏانهن راهي ٿين، اتي پهچي پهرين پئيءَ يا موريزم وڃي، پوءِ گهر ۾ اندر گهڙنديون آهن. ۽ مرد ماڻهو مقام تان موٽڻ بعد مرداڻي پٿر تان ٿي مسجد مان ٿي پوءِ گهر ويندا آهن. اهڙي مئل لاءِ چون ته “قبر ۾ ڪفن ٿو کائي، جي سـَـنوڻ نه ڪبا ته سڀني گهر جي ڀاتين کي ڇـِـڪ ڪندو يعني سڀئي لاڳيتا هڪ ٻئي جي پوئتان مري ويندا.

پنجڪين مئل جا سـَـنوڻ:

هر هڪ مهيني جي پنجين، پندرهين ۽ پنجويهين تاريخن کي ”پنجڪيون“ ڪوٺين. انهن تاريخن تي جيڪو مرندو تنهن سان به تيرهن تيزين ۾ گذريل واري ماڻهوءَ واريون پريون يا سڳڻ ڪندا آهن، جي اهڙي مئل ماڻهوءَ جي ڪٿي ڳالهه نڪتي ته زالون يڪدم چونديون ته ”شل قبر ڏي ڪن هجنس.“

صفر مهيني پوري ٿيڻ تي، هڪڙي گهڙي ۾ پئسو وجهي، اهو ٻاهر ڀڃي ڇڏين. صفر مهيني ۾ به ماڻهو نه ڪنهن کي اُڌارو ڏين، نه اُڌارو وٺن. صفر مهيني ۾ تمام گهڻو لوڻ وٺي رکن. جيڪو ٻارنهن مهينا هلي، ڇو ته انهيءَ لوڻ هلائڻ ڪري توڻ ۾ گهٽتائي ڪين ٿيندي.

سڪرات جا سونسا:

ڌن واري يا دولتمند ماڻهوءَ جي سڪرات ڊگهي ٿي پوندي آهي، ته ان جي ڇاتيءَ تي سون يا روپين يا نوٽن جون سٿيون يا ڳوٿريون جهلي رکي ڇڻڪائين ته ساهه سولو وڃيس. هندو ماڻهو پوٿي ۾ پيل يعني سڪرات واري کي چون ته ”پرائي پرڪر“ يعني ڪلمو پڙهه ته ساهه سولو نڪرئي. ڪو ڪنوارو مرد گذرندو آهي ته ان جي هٿن پيرن کي ميندي لائي، لاش کي موڙ ٻڌي جنازو کڻن. چون ته هن جو لانئون قبر سان آهن.

حرف ڦيرائي چوڻ وارا سونسا:

خاص طرح زالون، ڪي حرف ۽ جملا ۽ لفظ سونسي پوڻ سبب ڦيرائي ڳالهائينديون آهن: رات جو ميٽ کي چون ”اڇڙو“ لــُوڻ کي چون ”مٺو، ٽانڊي کي چون ”جاڳتو“، سئي کي سڏين سبڻي، بيمار کي چون ”سکالو“، سدا خوش، بي مزي، مار کي ڪوٺين ڊينب، ياسين سورت جو نالو ڪونه وٺن [ڇو ته سڪرات واري ماڻهوءَ تي پڙهي ويندي آهي] چون ته ”قرآن جي اها سورت جنهنجو نالو نه وٺجي“. ٻار پيٽان ڪري پوي ته چون ڪهائي، ڏيئي وسائڻ کي ڪوٺين ته گلڪر. گهر ۾ ڪير نه هجي ته چون ”خير ڪو آهي“. گهر مان نڪري وڃي ته چون ”اُسهيو آهي“. تپ کي چون ”ڪوسو“، ”ڪڻس لڱ سڄر“ يا لڱ ٿيا اٿس يا تؤنس ٿي اٿس، کير هارڻ کي چون کير وڌاءِ ڇڏ. پٽ کي پٽين ته چون ”دشمن جو ڪنڌ ڀڄئي.“ چڱيءَ چال واري کي ”ڇٽيهه لکڻو“ يا ماءُ کير پي ڄائو. مئل ٻار ڄمي ته چون ٿڌو ٻار يا وري آيو يا کير ڇٽو، يا ”سرکتو“. ويامڻ کي چون پاسا آجاڪرڻ، يا هٿ پير لهڻ يا ڇٽڻ. ڍڪي يا پيٽ سان زال کي چون ڳرکري، ڳؤرهاري، ٻه - جيئي (ٻن ساهن سان) اميد واري، پيٽ واري.

ڪنهن مسجد، مقام، وڻ ۽ جاءِ جنهن ۾ جنن ڀوتن جو واسو سمجهن ته انکي ڏاڍو يا اگرو ڪوٺين، جنهن زال جو مڙس جيئرو هجي، ٿوري وقت ۾ اولاد نه ٿئيس ته سڏينس ”وَر سهاڳڻ“ هميشه لاءِ اولاد نه ٿئيس ته سنڍ، ور سهاڳڻ کي ڪو ڪپڙو يا زيور لاهي رکڻو هجي، ته چونس ته وڌاءِ رک! هلندي ٻار ڪريو يا ڌڪو کاڌائين ته چون اُٿ ماڪوڙي ماري وڌءِ! ڪو ماڻهو سڙيو ته چوندا ”ٺريو“ آهي، انڌي کي چون ”اکين وڏو“، ٻوڙي کي چون ”ڪنن ڳرو“ يا ”ڍٻر“ چوري ڪندڙ ٻار کي چون ”پردي ۾ ڄاول“، ڪفن کي چون ”جوڙي“، گهر سڃي ٿيڻ کي چون گهر مسيت، ٿلهي ٿيندڙ ٻار کي چون ”سڳا وڌا اٿس.“ اڀري ٿيندڙ ٻار لاءِ چون ته ”سنڍي ماس جي نٿو چاڙهي، مري ويل نيڪ لاءِ چون چولو مٽايائين، اک پوريائين، جهان ڇڏيائين، پيالو پيتائين، برقعو مٽايائين، بهشت گهڙيو. ٿڃ ڇڏائڻ کي چون ٿڃ مٺي ڪرائڻ، گهڻو وقت سڪرات هلڻ واري جي نالي چون ”الله سان ڳالهيون اٿس، مئل لاءِ پير ڏيندڙ زالون چون ته وڃون ٿيون ”فلاڻي جي سک تي.“ ماڻهو ڪو جيل ۾ پيو ته چون ته ”فلاڻو ڍڪجي پيو آهي“. پوڙهي يا پيرسن ماڻهن ڪاڻ چون ته به قبر ۾ پير لڙڪايو ويٺو آهي، يا مانا کائي مٿي آيو آهي، يا ڀڳيءَ ڀر تي آهي، ڊپ ڏيارڻ واسطي چون ته ميان! مري ٻه - ٺپيءَ (قبر) ۾ پوندين. زالن کي دعا ڪرڻ لاءِ چون سداءِ چوٽي ٿڌي هوندءِ، [مطلب ته مڙس جيئرو هوندءِ، سدائين پئي وهنجندينءَ] ٻار ۾ ڪو عيب يا وڏ ٿي ته چون چنڊ گرهڻ ٿي اٿس يا پرين جو پاڇو پيو اٿس! ٻار کي دوا پيارڻ مهل چون پيءُ محبت جون ستيون ڪـُـئن کي چون گهر ڌڻي، ٺٺڙيا يا ڊڊڙيا اونڏر (نه ته وڌي ويندا). بيماريءَ مان اُٿيل ماڻهوءَ جي پهرين وهنجڻ لاءِ چون صحت جو پاڻي نايو اٿس، سنئين لڱين ٿيو آهي يا پاڻ ڀرو ٿيو آهي.

(ب) ڀرمن جون بيماريون:

علاج جا نمونا:

لڳت جي حساب واري بيماري لاءِ، ميانوال فقيرن يا جنائي فقيرن کان جن ڪڍائين. ٻي بيماري لاءِ، ڪامڻ، پڙهيا ۽ ڊوهه ڪڍائين. نانگ بلا جي چڪ جي لاءِ، مانڊو ويهارين. وڇونءَ جي ڏنگ واسطي جهاڙ وجهائين. اک، ڪنَ ۽ ڏاٺ جي سور لاءِ ڪيئان ڪڍائين. بيمارن کي اوليائين جي قبرن تي جاڳو ڪرائين. مٽين جو پاڻي پيارين. عام بيمارين واسطي فالون وجهائين، تائيٿ (تعويز) لکائين، ڌاڳو ڦيڻوڪرائين. ڪنهن مسجد يا قبر تان هٿ ڦيرائي بت کي مکين يا قبر جي مٽي ”خاڪ“ ڪري کائين ۽ ڳاري پيئن، ڇتي ڪتي جي چڪ واسطي شيخ ريحاڻ تان پاڻي پڙهائي آڻي پيارين ۽ سڄي بت کي مکين، جڏهن گهڻيءَ ۾ وڃي پوي ته نير ٻڏل ڪپڙو مٿانس وجهن ته مريو وڃي. سنڌن جي سـُـور، پيٽ جي ســُـور ۽ ڪن جي بيمارين لاءِ ڏنڀ ڏيارين ۽ نجومن کي هٿ ڏيکارين.

ٻارڙن جي بيمارين بابت ٻيا سنوڻ:

ڪنگي يا ٻارن جي سلهه بابت چون ته ”ٻار کي ٻلي ٿي اورانگهي تڏهن اها بيماري ٿي ٿئي“. ٻار کي نڙ اولاربو ته ٻار سنهڙو ٿيندو، تنهنڪري اُلاريل نڙ کي چڪ هڻي پوءِ پٽ تي رکجي. مئل ماڻهوءَ جي جنازي جو ٻار تي پاڇو پوندو ته به ڪنگي ٿيندي. ڪنگي واري ٻار کي آچر جي ڏينهن ڪوريءَ جي آڏاڻي جي تر هيٺان ٽي ڀيرا اُڪارجي. ڪنگي واري ٻار کي آچر جي ڏينهن ٻين پاڙي وارن گهرن مان ڪٽ جا ٿانوَ آڻي انهن ۾ تورجي، ائين ٽي آچر جا ڏينهن لاڳيتا ڪجن. ڪنگي واري ٻار کي چڻن ۾ تورجي، اهي چڻا واهه يا کوهه ۾ ڦٽا ڪجن، پوءِ جيئن چڻو پاڻيءَ ۾ پيو ڦنڊندو، تيئن ٻالڪ ويندو ٿلهو ٿيندو. ٻلي جهلي، ڪنگي واري ٻار کي ان جي مٿان ويهاري وهنجارجي. ڪنگي واري ٻار کي جمعي جي ڏينهن مسجد ۾ آيل جماعتين جي جـُـتين ۾ توريندا آهن ۽ ٽي ڀيرا ائين ڪن. سهائي سومر ڏينهن تي ڪنهنجي ڪڻڪ چورائي، اُها پـُـسائي، ڌاڳن ۾ پوئي انهن جون سرون ٻار جي ڳچيءَ ۾ هٿن جي ڪرائن ۽ پيرن جي مرن مٿان ٻڌن. ڪي ٻار کي چانديءَ ۾ تورين، ته ڪي نمازين جي موچڙن ۾ تورين. سهائي سومر جي ڏينهن تي ڪتي جي سسيءَ مٿان ٻار کي جهلي وهنجارين. پـُـسيءَ جي وٽن ۾ تورين. عاج جا ٻه چوڙا ٻنهي ٻانهن ۾ وجهي ڇڏين. سهائي آچر ڏينهن موچيءَ کان چمڙي جون وڍيون چيرائي، ٻار جي ٻانهن ۽ ٽنگن ۾ ٻڌن. ان ٻار کي ٻوڪي ۾ سمهاري يا ويهاري کوهه ۾ ڍارين، ڪي چون ته ننڍو ٻار هنڌ تي ستل هوندي مٿان ڪنجهي جو وٽو گهمائبو يا ٻئي ڪنهن کي ٿانءُ ڏيڻو هوندو ۽ ٻار مٿان ٻانهن ورائي ڏبو يا ڪنهن جي ٿانءَ ۾ ٻار کي کارائبو يا ٻار واري منجيءَ هيٺان ڪنجهي جو ٿانءُ پيل هوندو، ته ٻار کي ڪنگي ٿي پوندي. پر ڪنهن ٻار جي اڳيان ڪنگيءَ جو نالي وٺڻ سان به ڪنگي ٿي پوندي آهي. ڪنگيءَ ۾ ٻار کي پهريائين سنهون بخار پيدا ٿيندو ۽ پوءِ بدن ۾ ويندو ڳرندو، ان جو مٿو ۽ پيٽ ويندا وڌندا ۽ وڏا ٿيندا ۽ ڳري وڃي هڏن جو پڃرو بچندو. سهائي آچر تي مينهن جو آلو ڇيڻو آڻي، ٻار کي ان سان توري، پينگهي جي سامهون اهو ڇيڻو ڀت تي ٿڦي، ابتي ماڻهوءَ جي شـِـڪل وانگي ٺاهي ڇڏجي، ڪي وري ٻار کي سج سامهون جهلين، پوءِ جيترو پاڇو ٻار جو ڀت تي پوي اوتري قد جيترو ڇيڻو ٻار جي بوتي وانگر بنائي ٿڦين. چون ته جيئن ڇيڻو سڪندو ويندو تيئن ٻار مچندو ويندو. ڳوٺ جي کڏ يا تلاءُ جيڪو ٻار ڏٺو نه هجي، سهائي آچر رات جو جهرڪين جاڳڻ کان اڳ اَسر جو بنا ڳالهائڻ جي چپ چاپ ان تلاءَ تان چيڪي مٽي يا پٿر کڻي اچجن ان سان ٻار کي توري، اوتري مٽي ڪٽي ڳوهي پينگهي سامهون ٻار جي ابتي شڪل، ٽنگون مٿي ٻانهون هيٺ ڪري مٽي ٿڦي ٺاهجي. جيئن ٻار جي ان تي نظر پئي پوندي ۽ مٽي پئي سڪندي تيئن ٻار ويندو چڱو ڀلو ٿيندو. ٻلو پڪڙي ان کي ٻار جو چولو پارائي مٿان ٻار جهلي وهنجارجي، پوءِ اهو چولو لاهي کڏ کڻي پوري ڇڏجي. مئل ڪتي جي کوپريءَ مٿان ٻار کي وهنجاربو رهجي، جيستائين سڌري، سهائي آچر جو ٻه اَڪ جون تڙيون (ڪاٺيون) آڻي ٻار کي ماپي، ٻار جيڏا ٽڪرا ڪري ڇانوَ ۾ سڪڻ رکجن، جيئن ڪاٺيون سڪنديون، تيئن ٻار چڱو ڀلو ٿيندو ويندو. قبر وانگي زمين ۾ کڏ کوٽي ان ۾ 5 - 10 منٽ ٻار کي سمهاري پوءِ ڪڍجي. ٻار جي مامي جي جاءِ جي ڇت کي ڳڙک ڪري، ست ڀيرا ٻار اُن مان آڻجي ۽ نجي.

ٻارن جو ڊيڄڙو:

هن کي ٻاراڻو به ڪوٺين. هن ۾ ٻار جو ساهه منجهندو به آهي. ڪن حالتن ۾ مائٽ خود ٻار جي ڊيڄارڻ جو ڪارڻ بڻبا آهن. روئندڙ ٻار ماٺ نه ڪندو ته ڊپ ڏيندس ته فلاڻي بلا ٿي اچيئي ماٺ ڪر، نه ته جيجائو هائو ۽ رات جي ماءُ کڻي ويندئي. ٻاگهڙ، پئي اچي، اهي ڳالهيون ٻڌي اوچتو ٻار چپ ٿي ويندو آهي. اها ماٺ به هن بيماريءَ جو سبب آهي. ڪي ٻارن اڳيان جنن ڀوتن ۽ اگرين جاين ۽ مقامن جون ڳالهيون ڪندا آهن. اتفاق سان ٻار اتان لنگهندي ڊڄندو آهي ۽ مٿس بيماريءَ جو حملو ٿيندو آهي. انکي گهڙيالو يا گهڙولي جو کرمٽ ڪن: ڪنهن ڪونڊي يا پاٽ جي وچ تي جهنگ جو ڇيڻو ٽانڊا يا موئڙو ٻاري رکندا. ان جي مٿان چونري يا دَکي يا دلي اونڌي ڪري رکندا، پوءِ ان جي مٿان زناني جتيءَ جو پادر اونڌو رکي، ان جي مٿان ٽڦڻي رکي ٻار جو ساڄو هٿ مٿانئس رکائي پاڻيءَ جو لوٽو ڀري ٻار جي هٿ تان هاريندا، ته پاڻي پاٽ ۾ اچي پوندو. ڪي وري ٽه - واٽي جي مٽي کڻي ست ڳڙيون لوڻ، ست آڱار ۽ ست مرچ ٻار تان گهوري پاڻي ۾ وجهي، اهو پاڻي دلي مٿان رکيل موچڙي ۽ چمٽي تان نائين. پاڻي پاٽ ۾ پوڻ سان گهٽڪا ڏيندو يعني “گهٽ گهٽ” جو آواز ايندو، جي اهو آواز نه آيو ته ڊيڄڙو نه آهي. ٻاراڻي لاءِ ٻار کي نرڙ تي ڏنڀ ڏيارين، ٻار جو چولو ابتو ڪري، سندس سيرانديءَ کان ڪليءَ ۾ ٽنگين يا منهن رکڻي يا دُنبدار تي ابتو ڪري وجهن. ٻار کي ماڻس جي ابتي چولي ۾ سمهارين، ڳاڙهو بصر گهوٽي پيارين، بصر جو پاڻي ڪڍي ڪڇن ۽ چڏن کي زور سان مکين، هڱ به سونگهائين. ڪڻڪ جي اٽي جا ست گلولا ٺاهي، ٻار تان گهوري رات جو باهه ۾ وجهن، صبح جو اهي سڙيل گلولا ڪڍي ٻار کي ڏيکاري کـُـڏ تي اڇلي ڇڏين. اڌوڙيا مار وارو پاڻي ٻار جي پيرن کي مکين يا اُن پاڻيءَ سان وهنجارين.

اڌوڙ / مار ِ جا سونسا:

مينگهواڙ، چمڙي جي رڱڻ جي لاءِ وهٽن جي ڇوڙي ۾ ٻٻر جي ڇوڏي هريڙون ۽ چن ٻيا مسالا پاڻيءَ ۾ وجهي، ان سان ڇوڙو(کـَـل) ڀرين، انکي اڌوڙ چئي اُس ّ۾ ّست ڏينهن ٽنگي ڇڏيندا آهن، جڏهن اهو پاڻي مچي ڌپ ڪندو آهي تڏهن ان پاڻيءَ کي مار جو پاڻي ڪوٺيندا آهن.

ڪي ٻار جو ڊيڄڙو، ڪنهن ڊيڍ، چهڙي يا ڀنگي کان پڙهائين. ڊيڄڙي واري ٻار کي ٽه - واٽي تي سمهاري، پيٽ مٿان پادر گهمائين. اُٺ جي پيٽ هيٺان لنگهائين. ڪنهن ڍڳي جي ڪن کي ٽڪو ڏيئي، تازو رت ڪڍي ٻار جي پيٽ کي ملين.

ڪن ٻارن جي عادت هوندي آهي ته ننڊ مان ڇرڪ ڀري يا روئي اُٿندا آهن. ان لاءِ ٽوڻائي کان ڌاڳو وٽائي ٻڌن. ڪي وري اهڙو ڌاڳو چمڙي جي کل ۾ سبي تائيٿ (تعويز) ڪري ڳچيءَ ۾ ٻڌن يا ست سچيون ڪوڏيون پڙهائي هار ٺاهي ڳچيءَ ۾ پائين. ٻار جي سمهڻ وقت پادر اونڌو ڪري سيرانديءَ کان رکي ڇڏين، گهگهه پکي (چٻرو يا چٻ) جو کنڀ تعويذ ڪري ڳچيءَ ۾ ٻڌن، لوهه جو ڇلو ٺهرائي ٻار کي چيچ ۾ وجهي ڇڏين.

ماتا ۽ ان جا سـَـنوڻ:

هن بيماريءَ کي ٿرمائي، سيتلا، ماتا، کهنبڙي مائي وغيره نالن سان ڪوٺيو ويندو آهي. هيءَ وچڙندڙ ۽ نگري بيماري آهي. ان لاءِ به سـَـنوڻ ڪن، علاج ڪونه ڪرائين. ماتا واري ٻار جي اڳيان ٻانهون ٻڌي بيهن، جيڪي گهري سو آڻيو حاضر ڪن. ماتا جي بيماريءَ کي هندو ماڻهو ديوي سمجهي، واس ڌوپ ڪن ۽ ڇوت ڇات کان پري رکن. ڪا هندو زال واڃاڻي يا سوٽاري گهرائي، هن کان لولي ڏيارين. ماتا واري وٽ، پيٽ واري زال کي اچڻ ڪونه ڏين. ماتا واري کي اکين ۾ سرمو يا سوئڙو پائين ۽ بت تي ڇڙڪائين. هن بيماريءَ کي هڏ ڦوڙ بيماري ڪوٺين، چون ته هيءَ بيماري جي ڪنهن کي اڳ ٿيل نه هوندي ته قبر ۾ به ٿيندي، ۽ نه ڇڏيندي. ماتا واري گهر ۾ گهر جا ڀاتي نئون ڪپڙو ڪونه ڍڪين. گهر ۾ ڀتَ يا ٻوڙ کي داغ ڪونه ڏين. ڪي ٻارهين ڏينهن ”ٿڌو“ ڪن، يعني بيماري جي ڇڏڻ تي ڇنڊو هڻن، ڇنڊي هڻڻ کان پوءِ مٺا لولا رات جو پچائي، صبح جو ورهائين. ڪي پندرهين ڏينهن ماتا جي ڪڙين لهڻ کان پوءِ، مريض جي مٿي تان پاڻي نائين، وهنجارين. وهنجارڻ کان پوءِ ڇلو، ڪرو يا ڪڄ ختم ٿئي. ان ڏينهن ڦڪا يا الوڻا چڻا رڌي ورهائين. چلهه ۾ پاڻي وجهي، اُجهايل ڪاٺيون، اَڱر، ڪيري، رک يا ڦلهير کڻي وڃي کڏ يا وهندڙ واهه ۾ اڇلائين، ۽ چون ته ”ٺريءَ پنهنجو ٺار ڪيو“. اُن چلهه تي وري رڌ پچاءُ ڪونه ڪن. زالون، جيڪي واهه کوهه يا درياءَ تي رک ڪيري ڇڏڻ وڃن، سي پاڻيءَ ۾ ٽٻي ڏئي ٿڌيون ٿي پوءِ گهر اچن. جڏهن گيدوڙي ۽ نم جي وڻن جي پنن تي ويهي ماتا وانگر گهٻ گهٻ ٿيل ڏسن، تڏهن چون ته ”هاڻ ماڻهن مان نڪري، ماتا وڻن تي وڃي چڙهي آهي.“ ماتا لاءِ لولي يا اوراڻو هن طرح چون:

پيو ته اٿئي امانُ، ننڍڙو ٻار،

تنهن جي مٿان رکجان هلڪڙو بار!

ماتا، دهل دماما وڄي ڇير، سيتلا، آيم سولي پير،

ماتا، پهرين ڏهاڙي پرگهٽي، ماتا ڏوجهي ڏينهن ڏاتار،

ماتا، ٽيجهي ڏهاڙي مائي منائي، چوٿين ڏهاڙي چاڙهه،

ماتا، پنجين ڏهاڙي وسي جا بيٺم، پاڻيءَ تي ٿي مٽيار،

ماتا، ڇهين ڏهاڙي ڇلڙو ڇڏايم، ٿي لاڻن کان هوشيار.

ارڙي/همبسڙا ٿيڻ جا سـَـنوڻ:

”هن بيماريءَ ۾ ساڳيا ماتاوارا سـَـنوڻ ڪيا ويندا آهن. گهڻو ڪري اها بيماري ننڍن ٻارن کي ٿئي. بيمار جي ويجهو ڪنهن کي وڃڻ ڪونه ڏين. بيمار جي ڪمري جي ٻاهران نم جا ساوا پن ڇـُـڳن ۾ ٻڌيو ڇڏين. گهر جي صفن ۽ اڱڻ جي ڇٽڪار ڪن. جيئن بيماري ٿڌي ٿئي.(1)

گهوٻي يا کرٽييءَ جا سـَـنوڻ:

هن کي گهٻرو به چون. هن ۾ سڪي ڀڪَ واري کنگهه ٿيندي آهي. نڙي ويهي رهندي آهي. آواز گگهو ٿي ويندو آهي. بعضي کنگهندي کنگهندي هوڪ ڊگهو ساهه ڪوڪ سان کڄندو آهي. هي پڻ وچڙندڙ بيماري آهي. ٻارن کي يارهن - ٻارهن سالن عمر تائين ٿيڻ جو امڪان آهي. چون کرٽيو جنهن اُڪاريو، سو نئون ڄائو. کنگهندي کنگهندي اتائين، ٿيندي آهي، يعني دم چڙهي ويندو آهي، ٻن - ٽن منٽن کان پوءِ دم وري هيٺ لهندو آهي. ٻار ڳرندو ويندو، کنگهه سان گڏ اُلٽيون به ٿينديون آهن. هن جو مدو وڌ ۾ وڌ اڍائي مهينا ٿيندو آهي. بعضي چانڊوڪين جو کرٽيو وري چانڊوڪين ۾ ڇڏيندو آهي ۽ اونداهين جو اونداهين تائين هلندو آهي.

سؤ سالن جي ڪنڊي جي وڻ جي پاڙ هيٺان سهائي آچر تي ٻار کي لنگهائجي، پاڙ ڪا ٻاهر نڪتل نه هجي، ته کوٽي ظاهر ڪري ان هيٺان گسرائجي. ان وڻ جو ڇوڏو ڌاڳي ۾ ٻڌي ڳچيءَ ۾ پائجي. آچر جي ڏينهن اروڙيءَ تان ٻار جي ماءُ پراڻي اڳڙي ڳولهي آڻي پنهنجي گندي يا چنيءَ تي سبي ٿڦي رکي، ان اڳڙيءَ جي چتي ٻار جي چولي تي پڻ هڻي ڇڏي. نوريئڙو رڌي ان جو شوروو پيارين، ڪارِي گڏهه جو کير پڻ پيارين. ڪڻڪ جو اٽو، ڳـُـڙ پاڻيءَ ۾ ڳوهي، لولا ٺاهي ڪڙو تيل ساڙي، ان ۾ تري ٻار کي کارائين. ٻار کي گيهه، ڏڌ، کنڊ کائڻ نه ڏبي آهي ۽ ٿڌ ۾ نه سمهاربو آهي.

گهوٻي جي لاءِ کرمٽ:

گهوٻي کي ختم ڪرڻ لاءِ سنوڻ طور سرَ جا ٻوڙا ڪپي ان جو رسو وٽي يا مٺ ۾ جهلي کرٽيي واري جي ڳچيءَ جي چوڌاري ڦيرائي، پوءِ ڏانٽي سان اهو ٻوڙو ڪپيندا به ويندا ۽ چوندا ”گهٻو ڪپيان؟“ ٻيو بيٺل چوندو ته ”ڪپ، ڀلي ڪپ.“ اهو کرمٽ صبح شام ٻپهرن جو ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا ڪندا آهن.

ننڍي ٻار جو مامو ڊڀن جي نوڙي، ٻار جي ڳچيءَ ۾ وجهي، ان نوڙيءَ ۾ ابتو ڏانٽو ۽ سبتي ڪاتي وجهي چوندو ته ”ڀاڻيجي جو گهوٻو وڍيان؟“ هو يا ڪو ٻيو چوندو ته ”وڍ، وڍ!“ ائين ٽي دفعا ڪندو، وري ابتي ڪاتي ۽ سبتو ڏانٽو نوڙيءَ ۾ وجهي، چوندو ته ”مامو گهوٻو وڍي“ وري به ڇوڪر پاڻ يا سندس پاران ٻيو ڪو چوندو ته ”وڍ ڀلي وڍ!“ ائين ٻه ٽي ڀيرا ڪندو. اهو کرمٽ پورو ڪري، گهوٻي واري جي ڳچيءَ تي ناناڻي گهر جي دانگيءَ جي ڪارنهن يا چـُـلهه جي ڪاراٺ کڻي مکيندو. ٽه - واٽي تي، ٽي مٽيءَ جون ڍڳڙيون ٺاهي، انهن جي مٿان گهٻي واري کي ٽپائين. کرٽيي جو علاج ڪونه ڪرائين. زميندار کان سڳو وٽائي ٻڌن. لال ڪٻر (مينا) جهلي پاڻيءَ ۾ ٽهڪائي اهو پاڻي پيارين. مامي هتان ٽلي يا مٽر گهرائي ڳچيءَ ۾ پائين. نينڻ ٻوٽي جا ڏينا ڇني ڳچيءَ ۾ ٻڌن. چون ته ”ڪنهن ساهواري يا جانور کي لوهه اُلاربو ته ان کي کنگهه ٿيندي“.

ٻاراڻو /اُم الصبيان جا سنوڻ:

هيءُ هڪ ٻارن جي نمونيا جو قسم آهي. سڻڀ کائي مٿان پاڻي پيئڻ، ٻاهر ولهه تي ٻار جو سمهڻ، گرم بدن واري کي ٿڌو پاڻي پيارڻ، سيءُ لڳڻ، ماءَ جنڊ  پيهي يا مانيون پچائي ٻار کي يڪدم ٿڃ پياريندي ته ان جي اثر ڪري، ته هيءَ بيماري ٿيندي آهي. هن حالت ۾ ٻار سهڪندو آهي، ڇاتيءَ ۽ سيني ۾ سور هوندو اٿس، پاسن ۾ کڏون پئجي وينديون اٿس، ساهه ڌچڪي سان پيو کڻندو آهي. بدن تي بخار، اکين ۾ ڳهر هوندي اٿس، ببو نه وٺندو.

ان لاءِ ڪيوڙي جا ساوا پن لسيءَ ۾ اوٻاري، اهي گرم گرم ڇاتيءَ ۽ پاسن تي ٻڌجن. سيڙڪي ڄار(1) جا پن پٽي ڪٽي ٻاجهريءَ جي اٽي سان ملائي، ان جي ماني گهڙي هڪڙو پاسو پچائي ۽ ڪچي پاسي تي تيل مکي مٿان سنهڙي هيڊ ٻُـرڪي ٻار جي پاسن ۽ سيني تي ٻڌجي، صبح جو کولي ڇڏجي. گيدوڙي جا پن لسي يا جهڻ ۾ ٻڙڪائي سهسائيندا ڪري ٻڌجن. هن لاءِ ڪي ڦيڻو وجهائين، صبح جو باک ڦٽيءَ مهل ۽ شام جو ٽڪار مهل ڦيڻي وجهڻ وارو، ٽانڊي تي گگر وجهي ڌوپ ڪندو ۽ ان جي دونهن جي ڀرسان ٻار کي جهلي، ڪپڙي جي پلاند سان هن کي ڇنڊيندو ۽ پلاند مٿانس ڦيرائيندو رهندو.

ست سچليون ڪوڏيون وٺي، جهاڙ واري کي ڏين، جو ڌوپ ڪري انهن کي پڙهي واپس ڪندو. اهي ڪوڏيون ڌاڳي ۾ پوئي هرهڪ ڪوڏيءَ جي وچ ۾ ٿوم جي ڳڙي ۾ وجهي، پوءِ ٻار جي ڳچيءَ ۾ ٻڌندا آهن. ٻار جي چولي تي جهڙ وجهائي اهو کيس پارائيندا آهن. لوڪڙ جي بڪي تازي يا سڪل ٻار جي ڳچيءَ ۾ ٻڌن. تلور پکيءَ جي گـُـجي تازي يا سڪل ٿوري پاڻيءَ ۾ وجهي، ان ۾ ٿورو ڳڙ وجهي ڪاڙهي، چمچي سوا جيترو پاڻي، ٻار کي سـُـتي ڪري پيارين. ماکيءَ برانڊيءَ ۾ وجهي چٽائين. مڇيءَ جو تازو يا سڪل ڳڃ (ڱيهه) سيڙڪي ڄار جا پن، سوئا، جاڻ، ڇڄ جي ڪشي جي ڳنڍ، ارڙسو ۽ ڳڙ گڏي ڪاڙهي، پوءِ ٺاري، صبح ۽ شام ٻار کي پيارين. هن کي ست ڊڀي سـُـتي چون. صبح پهر اڪ جي پيلي پن تي جيڪي ماڪ جا ڦڙا ملن، سي گڏي ٻار کي چٽائين. چون ته ”جي چڱو ڀلو ٻار اهي ماڪ جا ڦڙا چٽيندو، ته يا ڄمار کيس ٻاراڻو نه ٿيندو. ابتڪنڊڙي(1) ڪاڙهي، ان جي ستي پيارين. سهي جو رت به ٿورو پيارين. سهائي آچر جي ڏينهن ڪنجهي جي وٽي ۾ ڪڙو تيل وجهي، ان ۾ ٽامي جو پئسو رکي، پوءِ اهو وٽو ٻار جي دن مٿان رکي، ڪپ يا ڪاتي جنهن تي عاج جو ڳن چڙهيل هجي، ان ڳن سان پئسي کي وٽي ۾ ڦيرائجي ۽ جهاڙ پڙهجي. کرمٽ پوري ٿيڻ کان پوءِ پئسو جهاڙ واري زال کڻي ويندي ۽ تيل ائٽ کي مکي ڇڏين. هن کي ٻاراڻي يا لاڳاڻي جو هٿ هڻڻ چوندا آهن.

سهائي آچر جي شام جو ڪنجهي جي وٽي ۾ ٿورو ڪڙو تيل وجهي، ٻار جي پينگهي يا منجيءَ هيٺان رکي ڇڏين، صبح جو اهو تيل کڻي وڃي ڪنهن سائي اڪ جي ٽاريءَ مٿان هاري ڇڏين. اڪ سڪڻ تي ٻار چڱو ڀلو ۽ تندرست ٿيندو.

نڙيءَ جي سور، ڪليون ۽ ڳلاڦن ڀرجڻ جا ديسي ٽوٽڪا ۽ سـَـنوڻ:

هن ۾ ڳلاڦا خراب رت جي گڏ ٿيڻ سان ڀرجي پوندا آهن ۽ نڙي سور ڪندي آهي. چون ته جي پيشاب مٿان پيشاب ڪبو ته نڙيءَ جون ڳوڙهيون ڀرجي پونديون ۽ ڪنهن جي گونهه مٿان هنگبو ته به ائين ٿيندو. ان لاءِ ٽه - واٽي تي ويهي ناناڻي گهر جي چلهه جي ڇار نڙيءَ تي مکين، لوڻ، ڇيڻي جي ڇار سان ملائي ڪنهن عورت کان ڪليون ڀڃائين. هٿ جي آڱوٺي ۽ ڏسڻي آڱر واري وچ واري ڪرنڊ يعني وڇوٽي واري چمڙيءَ جي ڳوڙهين کي مهٽين.

ڪلين لاءِ ديسي ٽوٽڪا:

ڪليون ڀڃندڙ زال اشهد آڱر لوڻ ۽ ڇار سان ڀري اندر وات ۾ وجهي، نڙيءَ جي ٻنهي پاسن تي زور ڏيئي ڳوڙهيون ڀڃندي ۽ چوندي ”ڪوئليون/ڪليون  ڀڃان؟“ ۽ ٻيو ڪو چوندو ته ”ڀلي ڀڃ“. ته رت پونءِ نڪري ايندي ۽ آهستي آهستي سور به لهي ويندو. ڪاٺ جي ڏوئيءَ جو ڳن ڪر ۾ وجهي ڪوسو ڪري، ڪنهن ڪپڙي ۾ ويڙهي نڙي کي ٽاڪور ڪن. اُٺ جي گسي ۾ ٿورو لوڻ وجهي ڪوسو ڪري لپڙي ٺاهي ڳچي کي ٻڌن. بصر کارائين، ٻاجهر جو ڏريو يا دال اونگهي رڌي ان جا ڪوسا ڪوسا ڍڪ ڀرائين، السي کير ۾ رڌي ٻڌن. ايريال جي پن تي هيڊ ٻرڪي باهه ۾ پوئي اهو به ٻڌن.

نڙيءَ جو پٽ يا ڪنڊڙي جا سـَـنوڻ:

هن جي ڪري ٻار ٿڃ نه وٺندو آهي. الٽيون پيو ڪندو آهي، ان لاءِ ڪنڊڙي جو هٿ هڻبو. هن کي پٽ به چون. نڙگهٽ وٽ هڪ ڇلر وانگر وکو اڀري بيهندو آهي. نڙي سور ڪندي آهي، پوءِ ڄاڻو زال پيٺل لوڻ مان آڱر ڀري ان پٽ کي ڦيهي ڇڏيندي آهي. ڪي وري ڦوٽا، ڦودنو اُٺ جي ليڏوڻي جي سڙيل ڇار سان گڏ ڪٽي، ملائي، سفوف ٺاهي، ان سان سـَـنوڻ ڪنديون آهن. اهو سـَـنوڻ صبح ۽ شام ڪيو ويندو آهي، ننڍي ٻار کي ”تپاشير، ڦوٽا: ڦودنو گهوٽي يا لڙهي ستي ڪري پيارين. لڪڇپ ۾ ناناڻي گهرَ جي دانگيءَ جي ڪاراٺ آڻي ڳچيءَ کي مکين.

ڪاڪڙي ڪـِـرڻ جا سـَـنوڻ:

ڪاڪڙو گرميءَ جي اثر ڪري يا گهڻي بار کڻڻ ڪري لهي پوندو آهي، جنهن کان هلڪي هلڪي ٽؤنڪار بيٺي هوندي آهي، ماڻهو موڳو ٿي پوندو آهي. ڪاڪڙي کڻڻ لاءِ صبح جو نيراني آڱوٺو ڪاڪڙيءَ هيٺان رکي، انکي مٿي ٽي - چار زور ڏجن، ائين ٻه - ٽي ڀيرا ڪرڻ گهرجي، پاڻي ۾ لوڻ وجهي ان جا غرورا ڪرڻ گهرجن. ڪاپار جا وار ڪوڙائي چتي ڪڍائي ان تي مکڻ رکي، مٿان ڪپهه جو پهو پکيڙي رکجي. ان کي مکڻ جي پني رکائڻ چون. لوڻ جي ڪڻ ٿوري ٿوري چوسڻ گهرجي. ڳوڻ وکر جي پني چاڙهين، جنهن ۾ ڳوڻ وکر، سينهڙو، کؤنر، اُٺ جي ليڏوڻي جي ڇار، ميٽ، ڪنڊيءَ جا پن، نر ڦوٽو، ننڍا فوٽا، سڀئي ڪٽي سنهون ڪري، ڪپڙي ڇاڻ ڪجن، پوءِ پاڻيءَ ۾ ملائي لئيءَ وانگر ضماد ٺاهي، چتيءَ مٿان رکجي ان جي وچ تي آڱر ٽنبي خال رکجي. اها چپڙي پاڻهي چنبڙي ڪاڪڙو مٿي کڻي وٺندي.

وائل يا اک جي لاڻ لڳڻ جا سنوڻ:

اوچتو واءُ لڳڻ ڪري اک ۾ ڪٽر، ڪک، مٽي يا ڪو سنهڙو جيت پئجي ويندو آهي کٽڪندو ۽ ڏاڍي تڪليف ڏيندو آهي. ان کي هرٽ/ سرٽ يا وائل چون. انهيءَ کان سواءِ اوچر، گهوتر، ماهيڙ، پتاشو، انب، ۽ موريسر اکين جي لاڻ لڳڻ واريون بيماريون آهن. ان جو سـَـنوڻ هن نموني ڪن. عورت جي ڪن جو والو پنڙ يا گول منڊي ان کي ٺڪر جي پاٽ ۾ پاڻي وجهي پسائي، پوءِ اک جو ڇپر مٿي کڻي ڳن انهيءَ جاءِ تي ڪجهه زور سان ڦيرائينديون، چونديون ته ”هرٽ / سرٽ ڀڃان / وائل ڀڃان؟“ جواب ۾ اڳلو چوندو ته ”ڀڃ، ڀڃ.“ ائين ٽي دفعا ڪن. اک تي ڪپڙو رکي ڦوڪ ڏيئي، چون ته ”ڪک هجي ته تري وڃي ڀتر هجي ته ڀري وڃي. ڪي جهرڪي کي ڀونڊو ڏيارين، ڪي چانور اک جي پونجهه تاتنري ۾ ڇـَپـَـرَ پٽي رکي سمهي پون. ڪوسي ڪر اڳڙيءَ ۾ وجهي ٽاڪور ڪن.

اک جي آنڙيءَ جا سـَـنوڻ:

چون ته ڪنهن جو ٽورو تڪبو يعني چئبو ته ”هڻ، هيڏو يا هيترو!“، ٻيو هڪٻئي جي ڀرسان ويهي ڪاڪوس ڪبو ۽ جي ان گونهه ۾ ڪاٺي نه کوڙبي ته هڪ رتائتي ڳوڙهي اک جي هيٺينءَ يا مٿينءَ وٽ ۾ نڪري پوندي، جنهن کي آنڙي چون. ان جي ڇڏڻ لاءِ ڪرفتيءَ ۾ ڪاٺي کوڙي چون ”آنڙي گونهه ڪانڙي، اڄ مون کي سڀاڻي توکي“ ست ٻير جا پن اک تان گهمائي ٻير جي ڪنڊي سان ڀت ۾ ڳنڍي ٽنبي ڇڏين. ڀت مان پراڻو اڱر کوٽي ڪڍي گهي آنڙيءَ تي مکين. جيڪو مرد ٻه زالون پرڻيل هجي، ان جي گهر مان اَڱر آڻي گهي مکين. ڪوريئڙي جي اڇي ڄار آنڙيءَ تي چنبڙائين. ڪاري مس به مکين. جهونيون سوپاريون ساڙي، گهوٽي ضماد يا ليپ ڪري، آنڙيءَ تي ٿڦين. ٻوهه جي ڪاٺيءَ جو ڏندڻ ڪري اهو ڪاڪوس ڪرڻ کان پوءِ ڪرفتيءَ ۾ ٽنبين. ٻه - جوئي مرد جي گهر جي ڀت يا لوڙهي کي رات جو ڏندن سان ڪٽين. ٻير جا ست پن، هڪ هڪ پن اک تان گهمائي ٻير جي ٻيو پيٽ واري زال ست سرايون پڻيءَ جون ۽ ست سرايون سوئڙي جون آنڙيءَ واري کي ابتي يعني ڏائي هٿ سان وجهندي آهي. يا ست پن ٻير جا آنڙيءَ تان گهمائي جيڪو در سج جي سامهون هوندو، ان ۾ ٻير جي ڪنڊي سان ٽنبي ڇڏين ته جيئن پن جلد سڪن ۽ آنڙي ختم ٿئي. ڪنڊي ۾ پوئي لوڻ جي ٿانءَ ۾ وجهي ڇڏين. انهن جي سڪڻ تي آنڙي ڇڏي وڃي.

اکين جي ڇوت جا سـَـنوڻ:

چون جنهن ٻار جي اکين ۾ اوَر جو پاڻي پوندو تنهن جون اکيون هميشه ڳاڙهيون رهنديون. ان لاءِ مـُـڃ جي نوڙي آڻي ان جي هڪڙي پاسي ڪپهه ويڙهي، انکي تيل ۾ ٻوڙي، پوءِ وٽو پاڻيءَ جو ڀري. ڇوت واري کي گهنڊ گهنڊالو ڪرائي، پوءِ نوڙي جي ڪپهه واري پاسي کي ٻاري، ان پاڻي جي وٽي مٿان جهلي بيهن ۽ بيمار کي چون ته پاڻي ۾ چتائي ڏس. ڪپهه مان تيل جا ٽيپا پيا پاڻيءَ ۾ ڪرندا، پاڻي جي سطح پئي ڇمڪندي تيل ڪرڻ بند ٿيو ته سـَـنوڻ به بند ڪندا آهن.

اکين اُٿڻ جا سـَـنوڻ:

پيرن جا اڱوٺا ٻڌي ڇڏين. ان کي آرسي ڏسڻ ڪونه ڏين ۽ مکڻ کائڻ کان منع ڪن. ٿڌي دلي واري پاڻيءَ سان هرَ هرَ اکيون ڌوئين.

بيمار ٿيڻ جا سـَـنوڻ:

ڪنهن گهر تي چٻرو يا چٻ ويهندي ته گهر وارا بيمار ٿيندا. ڳئون جو مٽاڳو کڻي ڪنهن جي در اڳيان اڇلبو جيڪو پهريون ماڻهو ان کي اورانگهيندو سو بيمار ٿيندو. جنهن گهر جي چلهه ۾ ڪارا مرچ سڙندا سي بيمار پوندا.

پيشاب جي بيماريءَ جا سـَـنوڻ:

جيڪو ٻار اُماڙي يا اُلانبي هٿ ۾ کڻي ڦيرائيندو، سو رات جو هنڌ ۾ پيشاب ڪري اُٿندو. جي چوانتي کڻي هلندو ته به پيشاب ڪندو.

”هنڌ ۾ پيشاب ڪرڻ واري ٻار کي “”هنڌ ۾ مٽڻ“ کان روڪڻ لاءِ ديسي ڪڪڙ جي بيدي جي کل کي تئي تي سيڪي، جڏهن ڀوري ڪاراڻ مائل ٿئي ته، تئي تان لاهي پيهي ڪري دٻلي ڀري رکبي آهي. ان مان ذرو رات جو ٻار کي کارائبو ته هنڌ ۾ مٽڻ بند ڪري ڇڏيندو.(1)

ڪک يا سنهڙين ڦرڙين وارو مرض جا سـَـنوڻ:

هن بيماريءَ ۾ چيلهه ۽ پيٽ جي چوڌاري هزارين ننڍڙيون ڦيسڙ ڦرڙيون پيدا ٿينديون آهن. ان لاءِ چون ته ٻهاري جو ڪک بدن کي لڳي ٿو ته ٿئي ٿي. تنهنڪري ٻهاري مان ڪک ڇني ان کي ٿڪ هڻي اڇلي ڇڏين. خوني ماڻهوءَ يا اُن جي ڪنهن مائٽ کان پاڻيءَ تي ڦيڻا وجهارائي ان جا ڇنڊا هڻن. خوني کوهه، موري يا واهه (جتي ڪو ماڻهو ٻڏي مئو هجي) ان هنڌ جي مٽي کڻي، ڦرڙين مٿان ٿڦين، ميٽ پڙهائي پسائي گهاٽوڪري ٿڦين.

ڇڪي پوڻ جا سـَـنوڻ:

ڇڪيءَ جا ٻه قسم آهن: هڪڙي ابتي ڇڪي ۽ ٻي دُن ڇڪي.
(الف) اُبتي ڇڪي بادي شين کائڻ ڪري پوندي آهي. ان لاءِ ڇڪي واري کي اونڌو سمهاري پنيون، سٿرون، چيلهه ۽ پٺا لتاڙائجن. گول ننڍڙا ڀتر کڻي ڪپڙي ۾ ويڙهي پنين جي وچ تي ڇڪي ٻڌجن. پيرن کان دُڏ تائين ٽنگن کي ڪپڙو ڇڪي ويڙهجي. چيلهه کي ڇڪي سندرو ٻڌجي. ٻائوري وڻ جا پن گهوٽي رس ڪڍي، ان ۾ گيهه وجهي پيارجي. هٿن ۽ پيرن جي ترين کي تيل جي مالش ڪجي.

(ب) دُن ڇڪي جا سنوڻ:

گهڻو بار کڻبو، نالي/ڪسي ٽپبي يا ٿاٻو آيو، ٽپ ڏنوته هيءَ ڇڪي پئجي ويندي. دُن هيٺان شهه شريان ٿڙي وڃي پاسو وٺندي، هٿ سان ڇهبو ته ڳنڍو لڳندو، تنهنڪري ٽنگون پيون وسامنديون، کاڌو ڪين جيورندو، (لڳندو) بت ضعيف ۽ پيو نجهرندو ۽ بي آرامي وڌندي ويندي. هن لاءِ بـُـڪيون يا پنيون ڇڪي ٻڌائين. ٻيو ڇڪي آڍائين، جنهن کي”هٿ هڻڻ“ چون. پٽ تي رلي پٿاري نيراڻي بيمار کي سنئون سمهاري تيل يا پاڻيءَ سان پيٽ مکي، پوءِ ابتا سبتا هٿ جا زور ڏيئي ٿڙيل ڳنڍو دُن هيٺان آڻيندا. ڪا ڇڪي ڪک ۾ ويهي رهندي آهي، ته ان کي اُبتو هٿ هڻي ان جو ناڀون ڇڪي ويجهيون ڪندا آهن، جيڪي زالون توڙي مرد مکيندا آهن. ڇڪي آڍڻ ۾ ٽنگون ٻانهون زورائتيون مکين. هٿن ۽ پيرن جون آڱريون ڇڪين، چيلهه تي پير رکي کاٻي ٽنگ ساڄي ٻانهن پٺن پويان ڇڪين ۽ وري کاٻي ٻانهن ساڄو پير ڇڪين. ڇڪي واري جا آڱوٺا وارن يا اڇن يا ڪارن سڳن سان ٻڌن. ڀتر گرم ڪري دُن تي ٽاڪورين، دن مٿان پاڻيءَ ڀريل گهڙي يا گهڙو رکن. سٿرن ۽ پنين تي لتون ڏيارين. ڪي ڇڪيءَ جا عادتي، ٽامي يا چانديءَ جا ڇلا ٺهرائي آڱوٺن ۾ وجهن. ڦوڳ وڻ جا پن جهاروٽي يعني گرم ڪري دُن تي ٻڌن. مريض کي ڇڪي ٻڌڻ کان پوءِ گيهه ۾ اڌ تولو ڪارا مرچ ڪٽيل وجهي پيارين. وڏف ۽ جوهر جون ٽڪيون کارائين. ڪي وري مـُـري کان چار آڱر مٿي ماپ ڪري ٻاهرين پاسي پوپي سان ڏنڀ ڏين.

وائي سـُـور جا سـَـنوڻ:

سچليون ڪوڏيون ست داڻا ڪاري ڌاڳي ۾ پوئائي، کٻي پير ۾ ٻڌن.

مٿي ۾ ڦٽ يا ڦرڙيون نڪرڻ جا سـَـنوڻ:

مٿي ۾ ڦٽ ٿي پون ته ان کي پت چون، چون ته جي مٿو ڪوڙائي يڪدم نه ڌوئبو ۽ ڪنهن ڪتي جي نظر ان ماڻهوءَ جي روڏ تي پئجي ويئي ته پِتَ نڪرندا.


(1)  فاسفورس هڪ اهڙو ڌاتو آهي جيڪو کليءَ هوا تي يڪدم ٻري پوندو آهي. (ليکڪ)

(1)  هن باري ۾ هڪ ڳالهه ٻـُـڌايان، جا پڙهندڙن جي دلچسپيءَ جو باعث ٿيندي: هڪڙي ماڻهوءَ کي رات جو مقام وٽان لنگهندي، هڪڙيءَ قبر مان باهه جي لاٽ وانگي روشني نڪرندي نظر آئي. اها ڳالهه هن ڳوٺ وارن سان وڃي ڪئي. وهمي ماڻهو انکي “ڏاڍو اُگرو مقام” چوڻ لڳا. بر وقت، ان لاٽَ ڏسڻ لاءِ هڪڙي ڊاڪٽر کي چيائون- جنهن جو اهڙين ڳالهين ۾ صفا عقيدو ڪونه هو- هن هڪدم چيو ته مونکي اها قبر ڏيکاريو ۽ انهيءَ ۾ ضرور انساني فاسفورس شعاع ڪري رهيو آهي. جڏهن اتي پهچي قبر کوٽائي ڏٺائون ته ڊاڪٽر وارو قياس صحيح نڪتو. قبر جي هڪ وٿي مان هوا جي داخل ٿيڻ تي اهو فاسفورس ٻري رهيو هو ۽ اها حقيقت ڊاڪٽر سڀني کي سمجهائي، مگر تنهن هوندي به جيڪي ڀورڙا ڀرمي ماڻهو هئا. سي ڦيرو کائي چوڻ لڳا ته اهو گنهگار بندو هوندو، مٿس قادر جو قـَـهـَـر ٿيل آهي. هن کي ملائڪن دوزخ مان هڪ دري ڪري ڏني آهي ۽ قيامت تائين پيو انهيءَ عذاب ۾ سڙندو ۽ پڄرندو. مطلب ته ڪيترين حالتن ۾ وهمي ماڻهو يا وسوسو ڪندڙ ماڻهو عقل جي ڳالهه مڃڻ جي اهليت وڃائي ٿا ويهن! (ليکڪ)

(1)  نظرثاني ڪندڙ پاران اضافو آهي. (ادارو)

(2)   وهم ۾ ورتل ماڻهن جو مسئلو هميشه کان منجهائيندڙ پئي رهيو آهي. هاڻ جي انهن کي ڪنهن ٽوڻائي ڦيڻائيءَ، لوڀي ٺوڳيءَ، نجومي رَمال، ڀوپي ٽوٽڪائي ۽ مـُـلن ميانوال جي حوالي ٿو ڪجي، ته هو يڪدم پنهنجي چالاڪي ۽ تجربي جي آڌار تي سڀني جي مٿي ڪوڙڻ ۾ ويرم ئي نٿا ڪن! تنهنڪري تمام ضروري آهي، ته ماڻهن کي ماڻهپو سيکارجي، موحد بنائجي ۽ خوداعتمادي پيدا ڪري باهمت، بيخوف ۽ حوصله مند زندگي گذارڻ جو موقعو ميسر ڪري ڏجي. سندن دلين مان هر قسم جو ڀرم ۽ سونسو جو اڻڄاڻائي ۽ جهالت جو نتيجو آهي، اُکوڙي ڪڍجي. ڇو ته علم ۽ ڄاڻپ جي روشنائي، جهالت جي اونداهيءَ جا سڀ نشان هڪدم غائب ٿيو وڃن. جيڪڏهن منهنجي هن ادنيٰ ڪوشش وسيلي، جنهن ۾ مون سنڌي سماج جي ڪن عام ڀرمن ۽ وسوسن جي پڌرائي ڪئي آهي ۽ جيڪي اڄ به عوام ۾ مروج آهن ۽ ڏينهن ڏورا ۽ رات چؤڻا ٿيندا وڃن. انهيءَ جهالت جي ٻاٽ ۾ حقيقت جو ڪوبه ڪرڻو داخل ٿيو، ته آءٌ پنهنجو پورهيو صاب سمجهندس.

(1)  هن مهيني کي يارهينءَ وارو مهينو معنيٰ سيد عبدالقادر جيلانيءَ جي ڄمڻ وارو مهينو ڪوٺين. (ليکڪ)

(2)  رجب واري مهيني کي لکاني وارو مهينو به چون. (ليکڪ)

(3)  شعبان مهيني کي براد يا برات وارو مهينو چون نبي ڪريم جن جي پهرين شادي هن مهيني ۾ ٿي هئي. (ليکڪ)

(1)  نظرثاني ڪندڙ پاران اضافو آهي. (ادارو)

(1)  جنهن جا پيلي رنگ جا پيرون ٿيندا آهن ۽ جنهن جا ڳاڙهي رنگ جا پيرون ٿيندا آهن، تنهن کي راتڪي ڄار چون. (ليکڪ)

(1)  ڊاماهو/دماسي کي اُبتڪنڊڙي به چوندا آهن. هن جو عرق ڪشيد ڪڍي پيئڻ سان پراڻي کان پراڻي خارش به ختم ٿي ويندي. (نظرثاني ڪندڙ)

(1)  نظرثاني ڪندڙ پاران اضافو آهي. (ادارو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org