سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سنڌ جو لوڪ ثقافتي ورثو

باب: 9

صفحو :13

 

باب نائون

سنڌ جا پراڻا هنر ۽ ڪاريگريون

هڪ روايت آهي ته: نصرپور جو شهر سن 989ع ۾ نصير مهاڻي، لوهاڻي درياءَ جي ڪپ تي ٻڌايو هو، جـيڪو اڄ تائين آباد آهي. مرزا شاهه حسن ارغون جي ڏينهن ۾ اهو شهر جهڙوڪ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هو. منجهس ست هزار ڪپڙي اُڻڻ جا آڏاڻا هئا، جن ۾ زنانين سٿڻن جي ڪپڙي جا نمونا: سوسيون، گربيون، موٺڙا، گلبدن، پٽ گربيون، ٺهنديون هيون، انهن کان سواءِ کيس، جي ڇپر کٽن مٿان پکيڙين ۽ اوڍين، اٺن ۽ گهوڙن جي گاشن مٿان رکي ٻڌا ويندا آهن، چاندنيون، پٽاهڙ اڳٺ، لونگيون، تسر، ململ، قناويز، ڪيتون [قيطون]، چادرون، کاڌي ۽ بافتو اُڻيو ويندو هو.

سن 1635ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني هن شهر مان فوجن لاءِ هڪ لک روپين جو رڳو بافتو خريد ڪيو هو. هتي انهيءَ زماني ۾ ايڪيهه هزار ڪوري رهندا هئا. ٻيو هنر ڪاشيءَ جو هو، جو هتي ته جام هو پر هالا، بلڙي، ٺٽي، سيوهڻ ۽ خيرپور ۾ به ان هنر جا ماهر ڪاريگر رهندا هئا.

ڪاشي:

        ڪاشيءَ جو ڪم هوبهو ڪنڀار جي ڪم جهڙو آهي. ڪاشيگر پهريائين ڳولي سـُـٺي چيڪي مٽي هٿ ڪندو آهي، پوءِ ان کي ڪـُـٽي ڀڃي ڀوري ميدي جهڙي ڪري پسائي ڳوهي، چاڻا يا پنوڙا جوڙيندو آهي. اهي پنوڙا چڪ تي چاڙهي جهڙي قسم جو ٿانءُ يا برتن گهربل هوندو اٿس، چڪ ڦيرائي تيار ڪري وٺندو آهي. فقط سرون، مـُـصليٰ (ڪتبا)، ڪارب (قالب) [ڍانچي/سانچي] ۾ وجهي ٺاهيندو آهي. انهن کي سـُـڪڻ کان پوءِ رنگ چاڙهيندو ۽ چٽ گل ڪڍندو ۽ مٿان هڪ لاک جهڙي مسالي جو پوٿو يا هٿ ڏيئي، اهي ٿانءَ کوريءَ ۾ پچڻ لاءِ وجهندو. ٽن ڏينهن کان پوءِ کوري کولي تمام سهڻا سهڻا ڪاشيءَ جا پيالا، ڪوپ ساسرون، گگهيون، گلدان، طباق، پاٽيون، سرون، مصليٰ،نيلون، رانديڪا، چڪلا، صندليون، ڪونڊا، جمنيون، دلا، دکيون ۽ ٻيو به سامان ڪڍي ٻاهر ڪندو آهي، جيڪو ڏُور ولايتن تائين وڃي وڪامندو آهي. ڪاشي، سيوهڻ ۽ بلڙي شهرن ۾ پڻ جوڙي وڃي ٿي.

مٺايون:

نصرپور ۾ بهترين کيرپڙا ڪيسر ملائي مان ٺاهيا ويندا آهن، ٻئي نمبر ۾ مٽيارين جو مائو ۽ کيرپڙا به مشهور آهن. هي هنر جنهن ۾ مٺايون به اچي ٿيون وڃن، ٿر جي گهڻن وڏن شهرن ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ڇو ته چؤپايو مال اتي گهڻو آهي. مٺائي ته هر ڪنهن هنڌ ٿوري گهڻي ضرور ٺاهي ويندي آهي.

عاج:

ٽنڊي الهيار جو شهر، جيڪو ميرالهيار خان پٽ فتح خان، ڳاهوري واهه جي ڪپ تي سن 1864ع ۾ ٻڌرايو هو، هن اصل ڳوٺ جو نالو ڪنڊي مهاڻي جي وسي سڏبو هو. اتي عاج جي ڪاريگرن جا اٽڪل ٽيهارو کن دڪان يا ڪارخانا هئا، شهر جي هڪ بازار جو نالو اڄ تائين ”چوڙيگر بازار“ رکيل آهي.

ڪچو عاج، برما ۽ آفريقا کان واپاري گهرائي، پوءِ ان کي جنڊين تي چاڙهي چيري، وڍي ٽڪي منجهانئس. چوڙا، ٻانهيون، ڇڪا، ڍارا، رانديڪا، اڳٽ وجهڻيون، دٻليون، بٽڻ (ٻيڙا)، عطردان، گلابدا ۽ ٻيو عاج جو ڀرت ڪاٺ تي ڪندا هئا. عاج جڏهن مهانگو ٿيو ته هاڻ وري پلاسٽڪ (ڪافور) مان اهو ڪم ورتو ٿو وڃي. عاج جو ٿورو گهڻو ڪم حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ به ٿئي ٿو.

ٽڪون يا ڪچ:

هي ڪم به ٽنڊي الهيار ۾ خاص طرح ٿئي ٿو. سنڌ کان ٻاهر پاڻيپٽ پنجاب ۾ هن جا وڏا وڏا ڪارخانا آهن. ڇا ڪن جو سنهڙو پتلو شيشو ان کي پٺ کان شيهي جو هلڪڙو پردو چاڙهي بٺيءَ ۾ پچڻ رکن پترن ٺهڻ تي ٻاهر ڪڍن ته آرسيءَ وانگر پيو بکي ۽ منجهس منهن پيو ڏسڻ ۾ اچي، ان کي ڪچ يا ڪاچ ڪوٺين. ان جا ٻه قسم ٿين. جيڪو کڙ ٻڙاڻ تي هجي ته ان کي ”گلو ڪچ“ ۽ جيڪو شفاف هجي، ان کي چٽو ڪچ ڪوٺين، پوءِ ان ڪچ جا ڇٻا يا دَٻا ڀري ڳوٺن ۾ پورهيت زالن کي موڪلين، جي مختصر اُجوري تي ڪرنڊَ (پٿر) کڻي، انهن ڪاچ جي پترن کي ڪـُـرند جا نيشان وجهي مستطيل پٽين جي شڪل ۾ ڀڃن، جن کي وري همچورس هڪ ڀاڱي چار انچ جي صورت ۾ بيهارين، هڪڙيون عورتون اهو ڪم ڪن ۽ ٻيون وري ڪترون يا قئنچيون کڻي انهن چورس ٽڪرين جون ڪنڊو لاهي ڪوري انهن کي گول بنائين. انهيءَ گول جنس کي ”ٽـِـڪون“ ڪوٺيو ويندو آهي.

اهي ٽڪون گجن، چولن جي ڳلن، بوڇڻين، ٽوپين تي ڀرت سان ڀري قابو ڪيون وينديون آهن ۽ رات جو اهي ڏاڍا چمڪاٽ پيون ڪنديون آهن. اهي ٽڪون هن شهر مان ٿر ۽ ڪوهستان ۽ ڪن ملڪ جي ٻين ڀاڱن ڏي پڻ موڪليون وينديون هيون. اوچتو ٽڪن جو رواج گهٽجڻ لڳو ته ڪارخانا به بند ٿي ويا. هاڻ به اُڙيو ٿڙيو ڪو هٽ دڪان باقي وڃي بچيو آهي.

ريشم يا پٽ:

سنڌ ديس ۾ ريشم جي ابتدا ٽنڊي الهيار کان ٿي. جيتوڻيڪ پٽ جو ڪم حيدرآباد، ماتلي، ٽنڊي محمد خان ۽ ٽنڊي باگي ۾ به ٿيندو هو. پٽ جي واپارين کي پاٽولي يا ريشم فروش ڪوٺيو ويندو آهي. هي واپاري ”ڪچو ريشم“ ممبئيءَ کان گهرائيندا هئا ۽ اتي وري اهو چين ملڪ ۽ بخارا کان ايندو هو، چين ملڪ واري ڪچي ريشم کي ”ڳاڙهو گل“ ۽ بخارا واري کي ”اڇو گل“ ڪري سڏيندا هئا. هلڪي قسم کي ”بانٺ“ ۽ اُچي قسم کي ”گل“ ۽ کوٿ کي ”ڏَڪري“ چون.

ڪچو پٽ، اوبرن تي اوبي ان جون اول چڳون ٺاهين، پوءِ ان کي سوڍا ۾ مـَـني ديڳين ۾ ڪاڙهي، ڦرهن تي ڌوئي، پوءِ رنگ چاڙهين. ريشم تي گهڻائي رنگ چاڙهيا ويندا آهن(1)  جن جو ڪاٿو ڪونهي. رنگ چڙهڻ کان پوءِ وري به چڳن کي اوبرن تي چاڙهي، ڪاريگر گوڏن تي ويڙهيندا آهن، جن کي ”ڇڙيون“ چون. انهن ڇڙين کي ڪاٺ جي منڱرين ۾ وجهي موڙيندا يا نپوڙيندا آهن. ته مٽي ۽ دز نڪري ويندي آهي ۽ پٽ چمڪڻ لڳندو آهي. ڏڪريءَ مان جـُـتين، گجن ۽ بيرقن جا ڦندڻ يا ٽؤنرا ٺاهيندا هئا. ٻين ذاتين مان اڳٺ ڄار يا نوان، ڳانا، ڏورا، سڳيون، زيورن پوئڻ ڪاڻ بند ڌاف ڪلابات هڻي ننگ تيار ڪن. گهڻو تڻو ڀرت ڀرڻ ۾ ريشم ڪم اچي، جنهن ۾ سنوپريون زالون ڪپڙن تي هـُـرمچو ڀرين، جنهن ۾ سبوٽ، چؤمکي، ڀڳڙو، پيٽ ڦاٽو، مشڪرو، اڌڪوٽ، سڄو ڪوٽ، ڀرڻو، نانگڻ، توت، ول، بوندي، هار وغيره پورهڻي ڀرت ڪن ۽ انهن کان سواءِ کـِـيلَ، ڪنڊڙو، اُرمو ۽ وٽ به ڀرين.

پٽ جي ڪم تاريخ:

پٽ جي ڪم جي تاريخ ابتدا ٽنڊي الهيار کان ڪيئن ٿي؟ تنهن بابت هيئن چيو وڃي ٿو: مخدوم محمد اسماعيل اگهمي جيڪو اصل گجرات جو رهاڪو هو، سو سير سفر ڪندو جاوا، چين، بخارا، ڪلڪتي، دهلي، ملتان مان گهمندو اگهم ڪوٽ رسيو، هو پٽ جو وڏو ڪاريگر هو.(1) جنهن کي هاڻ اگهاماڻو سڏيو ٿو وڃي. اهو مهراڻي درياءَ جي ڪپ تي سمن سردارن جي گاديءَ جو هنڌ هو.(2) اتي اچي هڪڙو ديني مدرسو کوليائين. ان ۾ ٻين سان گڏ ڪڇ جي جاڙيجا، سما، راجپوتن جا ٻه راجڪمار هن جي پناهه ۾ اچي رهيا. هڪ جو نالو ماڻڪ جي ۽ ٻئي جو نالو ويڌا جي هو. پاڻ انهن کي مسلمان بنائي پاڙهي. اهو هنر پٽ ٺاهڻ جو، جيڪو هـُـن ڪيترن ئي ملڪن مان سير سفر دوران سکيو ۽ ان ۾ مهارت حاصل ڪيائين، سو هنن نو مسلم راجپوت نوجوانن کي سيکاريائين. جڏهن ڇوڪرا وڏا ٿيا ۽ شاديون ڪيائون ته پنهنجي اولاد کي اهو هنر به سيکاريائون. سندن گهڻو اولاد ٽنڊي الهيار ۾ اچي رهيو ۽ ٿورا ٻين مٿين شهرن ۾ وڃي رهيا. هنن پاٽولين کي جيڪي ماڻڪ جيءَ جو اولاد آهن، تن کي ماڻڪاڻي پاٽولي جيڪي ويڌاجيءَ جو اولاد آهن تن کي ويڌاڻي پاٽولي سڏيو وڃي ٿو. هينئر گهڻو ڪري سڀني پٽ تيار ڪرڻ جو ڌنڌو ڇڏي ڏنوآهي ۽ زمينون وٺي وڏا زميندار ۽ ڪارخانيدار ٿي ويا آهن.

رڱاوت:

هيءُ ڪم ٽنڊي الهيار، مٽياري، سعيدپور ٽڪر واري، ماتلي، بٺوري ۽ ميرپور ساڪري ۾ به ٿيندو آهي. هتي هندو کتري قوم هي ڪم تمام سٺي نموني سان ڪندي آهي. هن ۾ اجرڪون، سوڙون، پٿراڻيون، ملير، ريٽا، سوسيون رڱ رتيون، ڇيٽون، چادرون، پڙا، بگ، پيٽيون، چـُـنيون، ٻانڌڻيون، بونديون، دمچيون، لاوڻيون، رڱي تيار ڪندا آهن، انهن ۾ ٻانڌا پڙا، سرمائي بگ، ڪاريون ٻانڌڻيون ۽ دمچيون ڀينڊيون ٻڌي پوءِ رڱيندا آهن. رڱڻ جو ڪم هن ريت ٿيندو آهي.

هرهڪ ڌڙڪ تي ڏهه - ٻارهن ماڻهو واري ڦيري ڪندا آهن. پهرين ڪورو ڪپڙو ڌوئي نرم ڪندا، پوءِ اليجر [هليجر/هنجر] مسالي ۾ ٻوڙيندا، تنهن جي مٿان نير ڏئي ان جو پلاند تيار ڪندا ۽ مٿان ساڪڻ ٻرڪيندا. وري ان کي ڌوئي پوءِ ڇـُـريندا ۽ پوءِ کڙڪندس يعني مٿان ڀاڻ وجهي ڇڏينس، سڪڻ تي وري هليجر ڏئي رنگ چاڙهيندس. سڪڻ تي وري ڌوئندس. اهو هليجر مسالو رنگ پڪي ڪرڻ جي لاءِ بار بار پيا ڏيندا آهن، ٿوروئي رنگ هلڪو ٿيو ته هليجر ڏيندس. شاهه صاحب پڻ چيو آهي ته:

انهيءَ پڪي رڱاوت بابت لطيف سائينءَ چيو آهي ته:

رچــي جي ريٽو ٿيا، ڪين اُٻاٽجن اوءِ،

کنڀ نه کاري اُن کي، جي هالاري هوءِ،

توڙي ڌوٻي ڌوءِ، ته لالي لهي نه اُن جي.“(1)

        اسان جي ملڪ ۾ اڳي ماڻهو ڪاريون/ماويون سٿڻون يا صدريون نيروٽين کان يا ڪي ڪپڙا نيرا به ڪرائي کوڙائي پائيندا هئا، جي ڦاٽڻ کي ڦاٽي ويندا هئا، پر رنگ ۾ رولو ڪونه پوندو هون. اهي به هالاري رڱيل چيا ويندا هئا. مٿين هنرن کي ”سمواتري هنر“ پڻ چيو ويندو هو. ڇو ته لوهاڻي ۽ مهراڻي دريائن جي ڇاڙهن واري ڀاڱي کي يعني نصرپور کان اگهاماڻي تائين جيڪو دواٻو هو، تنهن ۾ سماٽ ذاتيون رهنديون هيون ۽ هيءُ انهن جا هنر ڄاتا ويندا هئا.

جنڊي(2) :

هيءُ ڪم هالا، خانوٺ ۽ ڪشمور ۾ جام ٿئي ٿو. جيڪي ڏيهي ماڻهو ڪم ڪن تن کي وگهامل چون. هن ڪم جا ڄاڻو بروهي ماڻهو به آهن، جي هڪ هنڌ ويهي ڪم ڪونه ڪن. ڪڏهن ڪـِـٿ ته ڪڏهن ڪِـٿ. جنڊي تي ٻٻر، گيدوڙي، ٻيا ڪاٺ به ڪم اچن، پر هن ڪم جي ڏانءُ جو ڪاٺ باهڻ [بهڻ] وڻ مان نڪري ٿو. بـَـهڻ جا ئي وڻ سنڌو درياءَ جي ڪناري وارن ٻيلن ۾ جام آهن. [بـَـهڻ باهڻ بهن] کي چون ئي پـَـهڻ، هيءُ نرم به آهي ۽ جهالائو پڻ آهي. جنڊيءَ مان هي گهرو سامان ٺهندو آهي: کٽون، پينگها، هندورا، پلنگ، ڪرسيون، ٽيبلون، منجيون، بنب [دلن جا ڍڪ] ، سونگا، سونگيون، دٻلا، ڊبليون، فريم، اڳٺ وجهڻيون، مخبا، ويلڻ، چڪلا، اکرلا، مهرلا، مهريون، چوٿايون، پاٽيون، وڃڻين جا ڳن، ڏويون، مانڌاڻيون، رانديڪن ۾ ٻارن جا گاڏا، اِٽيون ڏڪر، طهر وارن جا چمٽا، جهنجهڻا، چوپڻيون، گلدانيون، ڪپڙن ٽنگڻ جا گهوڙا، گلاس دانيون، لڪڻ ۽ ڏنڊا، گنج، پاٽوڙا، ڳنيون، ڏؤنڪا ۽ ٻيا ڀي اڪيچار نمونا ٺهن ٿا.

وارن مان جڙيل سامان:

هن ديس جي اُڀرندين ڀاڱي کي ”ٿر“ ڪوٺين. اتي چؤپايو مال ڍڳيون ڍڳا، ٻڪريون، رڍون ۽ اُٺ، گڏهه جام ٿين. هيءُ ڀاڱو برسات تي مدار رکندو آهي. جي وٺو ته مال ميو متارو جي نه اُٺو ته مال جي وڃي پوڇڙي بيهندي آهي ۽ ملڪ ڏڪار هيٺ اچي ويندو آهي. ججهي مال ڪري رڍن جي اُنَ مان: ڪمرون، ڏها، کٿا، کٿيون ۽ تلَ ٺهن، ٻڪرين جي ڏاس مان: رسا، خرزينون، کرڙيون، فراسيون ۽ کرڙا جڙن، ۽ اوجا، جوال، کريٿا، ٽنگڻ، مرئيول، تاڪيون به ٺهن. اٺن جي مـِـلس مان: پڻ فراسيون، ٻوجها، ٽپڙ ٺاهين.

چمڙي جو سامان:

مال جي چمڙي مان: گيهه جون دٻيون، چيپون، تيل جا دٻا، ڪونجيون، پاکڙا، هنا، حقا، نطعون، پخالون، سانداريون، رونڍا، نيٽا، سيٽ، وڍيون، جتيون، موزا، کٿا، جالنگ، ٿرا، ٿڙيون، بيڊڪون، گلاس تلوارن جون مياڻون، ڪتابن جا جلد وغيره ٺاهين. تازي چمڙي مان زيلن، بمن [نقارن] دهلن ۽ پيرن دفن، کنجرين تي کل چاڙهي مڙهي وڄائين. ننگر پارڪر ڏي هنرمند زالون موتين جي تمام نفيس پوچ ڪن، جن ۾ دعا سلامت جا ڦوٽا، لونگ ۽ سوپاريون به موتين جي پوچ ۾ مڙهي موڪلين.

رليون:

سنڌ جي ٿر ۽ وچين ڀاڱي ۾ تمام سهڻيون بهترين رليون به سگهڙ زالون سبن، جن ۾ ڪاڪا رلي اُٺ جيترو ناڻو لهي. رلين جا گهڻائي قسم آهن.ڪتر تي رلي، ڪٽاهه تي رلي، ٽڪرين تي رلي، ڀرت تي رلي. رلي جا ٻه پڙ ٿين، هڪ هيٺيون جنهن کي لسو پڙ چون. ٻيو مٿيون، جنهن تي هنر ۽ ڪاريگري ٿيل هوندي آهي. ٻنهي پڙن جي وچ ۾ سنهڙي ۽ ٿوري ڪپاهه يا پچ يعني اڳڙيون ٿڳڙيون جن کي ليهه چون، وجهي رليءَ کي توپي جي ڀر ۾ ٽوپو ڏيئي ڏاڍي ڪن. پلاندن تي اُڀيون پٽيون انهن جي مٿان گڏيون رکي رلي تيار ڪن. جا ماڻهوءَ جي ڊيگهه جيتري ٿئي. رلين جا نالا: ڪانگ پيري، کجيءَ تي، لهر تي، لسي، فرش گل، وڇونءَ ڏنگ، مڇيءَ پتو، مڇيءَ ڦوٽو، بازر، چوپڻ، چنڊ تارو، نٿ بولو، اُٺ ڪجائو، ڀت ٽپ، لوڙهو ٽپ، گدري ڦار وغيره.

ٿانءَ:

        اسان جي ملڪ ۾ ڪنڀار ڪاريگر جتي ڪٿي رهن ٿا، جي چڪ تي مٽي جا پنوڙا رکي ٺڪر جا ٿانءَ جوڙي انهن کي داڳ ڏيئي چٽ گل ڪڍي پچائي وڪڻن ٿا. اهي ٿانءَ ڳاڙها ٿيندا آهن ۽ ماڻهو ٺوڪي وڄائي پوءِ وٺندا آهن، ته متان گوگهيتو يا سير يا ٽنگ نه هجين. پر دادو ضلعي ۾ جوهي تعلقي جي مٽي، ميٽوڙي رنگ تي اڇي ٿيندي آهي، اتي جا ڪنڀار انهيءَ مٽي مان جيڪي ٿانءَ دلا، مـَـٽَ، گهگيون، ڪونڊا، جمنيون ڪوزا وغيره ٺاهين ٿا، سي پڪي کان پوءِ، سفيد رنگ جا هوندا آهن ۽ منجهن پاڻي ڏاڍو ٺرندو آهي. ان کان سواءِ ڪونڊيون، طس، ڪنا، پاٽيون. سڻڪون، لوٽا، ٽڀا، ٽڀيون، دَکيون وغيره به ٺاهين.

ڪکن ڪاڄرن مان جوڙيل  شيون:

لاڙڪاڻي طرف ڊڀن جي تيلن مان. اڏاوت ڪرڻ ڪاڻ پکا، ۽ وڃڻيون، ڇڄ، ڪونڊا، سپ، ٻهارا، ٿلهين ڪانين مان چکون وغيره ٺهن.

        نوابشاهه ۽ بوبڪ واري پاسي ڪڻڪ جي تيلين مان دٻڪيون، پنڊيون، ڍاڪمان ٺاهين.

        ڪوهستان ڏي پيش يا ڦيش جي ڦرهن مان نکون، تڏا، ڇتريون، واڻ، ڇٻيون، ڇاٻون، پاٽ، وڃڻيون، دٻڪيون [پنڊيون]، کيٿر، ڇٻا، ڇڪا وغيره جوڙين.

اترسنڌ ۾ مڃ گهڻي ٿئي ٿي، ان کي سٽي ڪٽي واڻ ٺاهين جنهن سان کٽون، پينگها ۽ موڙا واڻين.

لاڙ ڏي، پاڻي تي گهڻي پن ۽ سرَٿين، انهن مان تڏا، توئنريون، گهرن جي اڏاوت لاءِ پکا جوڙين، کٻڙن ۽ لين جي ڪاٺين مان کارا، کاريون، ۽ ڊڀن مان نوڙيون وٽي ٺاهين. سچي سـَـرَ مان کٽن جو سنهو واڻ ٺاهين.

کٽون واڻڻ:

        جتي جتي جنڊيءَ جو ڪم ٿيندو آهي، اُتي زالون کٽون، ڪرسيون، موڙها، منجيون سنهي واڻ سان گلڪاري وارن گلن، چنڊن ۽ چوڪن سان واڻينديون آهن(1) .

ٽوپيون ٺاهڻ:

        سنڌ جي انيڪ ڳوٺن ۾ سنڌي ٽوپيون ٺاهيون وينديون. هالا، سعيدآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻو ان هنر ۾ ڪامياب ۽ هاڪارا آهن(1) .

اجرڪ:

        اجرڪ جو ڪم هالا، مٽياري، نصرپور ۾ بهترين ٿيندو آهي. ان کان علاوه ڪپڙي ٺاهڻ جا اڏاڻا جن تي کاڌي ٺاهي وڃي ٿي، سي پڻ هنن شهرن ۾ گهڻا آهن(2) .

 

------


(1)  رڱاوت جو طريقو: سفيد رنگ ڪاڻ ڪچو ريشم صابڻ ۽ سوڍا ۾ ڌوئبو هو ۽ ڪاري رنگ ڪرڻ لاءِ ان کي انجڻين سان گڏ ڪاڙهي ڪارو ڪندا هئا ۽ لتاڙي لتاڙي رنگ پڪو ڪندا هئا. پٽ کي ڳورو يا وزندار رکڻ لاءِ ڪلمي شورو يا ڳڙ به وجهي ڪاڙهيندا هئا. (ليکڪ)

(1)  انهيءَ زماني ۾ تمام الله وارا گذرسفر لاءِ ڪونه ڪو هنر سکندا هئا. (ادارو)

(2) هاڻي ڊهي ڀڙڀانگ ٿي ويو آهي،ضلع بدين ۾ موجوده شهر گلاب لغاري تعلقي ماتليءَ لڳ آهي، اتي وڃڻ ويجهو ۽ سواريءَ ملڻ وارو رستو ٽنڊي الهيار کان آهي. (ليکڪ)

(1)  نظرثاني ڪندڙ پاران اضافو آهي. (ادارو)

(2)  جنڊي جا اوزار آهن، پر ڪاٺ ڇلي گهڙي گول ڪري ان تي رنگ چاڙهين ان کي جنڊي چون. حقيقت ڪري اهو جنڊيءَ جو ڪم چئجي ته صحيح آهي. (ليکڪ)

(1)  نظرثاني ڪندڙ پاران اضافو آهي. (ادارو)

(1)  ايضاً.

(2)  ايضاً.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org