سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سنڌ جو لوڪ ثقافتي ورثو

باب: 16

صفحو :24

 

باب سورهون

انساني سڃاڻپ جا اکر

        سِرجيو/سِجريو معنيٰ مَني/نطفي جو ڳهڻ/ڳڀيرڻ ۾ قرار وٺڻ سنڪا يا سنگها/اميدواري = ٻار/حمل جو رحم ۾ رهڻ.

طِلف، طفل، ابهم، وهه جو ڦلو = تازو ڄاول ٻار.

ٿڌو ٻار = مئل ٻار ڄاول.

ڀُري پيل ٻار/وري آيل = ڄمي پوءِ مري ويل ٻار.

ڪِڪِڙو، ڪڪڙي، ڪِڪِو، ڪِڪِي، چوچڪو، ٻارڙو، ٻارڙي = ٿڃ ڌائيندڙ ٻار کي چيو ويندو آهي.

هونگرڙيو، ٿڃ سان گڏ کير به پيئندڙ ٻار کي چيو ويندو آهي.

کيرَ ڇَٽو = کير پياڪ ٻار مري ويل.

ڪلهو/ڳڀور = جنهن ٿڃ ڌائڻ ڇڏي هجي.

ريڙهڪ/سيرڪ = بانبڙا پائيندڙ ٻار. ڇوڪرو، نينگرو، ڳڀرو، ٽاٻر = پنجن سالن عمر وارو ٻار.

ڪونڌر، ڳرٽ، الڙ، ڇوڪراٽ، لسڙاٽ، لاسڙاٽ، ڏهن سالن جي/جو ڇوڪر.

گوڌو، نوجوان، مڇن جي ريهه وارو = پندرهن سالن جو جوان.

جوان مڙس، ڌڱ = ويهن سالن جو جوان.

مڙس، مرد، ماڻهو = ٽيهن سالن وارو ماڻهو.

ڪرڙوڍ، آڌيڙ، هٽيل، اڌڙوٽ = چاليهن سالن جو ماڻهو.

ڪراڙو، ٻڍو، پوڙهو، پريو چاليهن سالن کان مٿي اسي سالن اندر عمر جو ماڻهو.

پيرسن، جهونو، مڙهو، يڦ، جُهور، کٻڙاٽيون نڪتل اسي ورهين کان مٿي عمر جو ماڻهو.

ڇڙهو، ڪنوارو، لُنب، وانڍو = اڻ پرڻيل مرد.

ڇڙهي، ڪنواري لُنب، وانڍي = اڻَ پرڻيل عورت

گهوٽ، بنرو، بنو، لاڏو، لاڏلو = تازو پرڻيل بنري، لاڏي، لاڏلي = تازي پرڻيل عورت.

سگهرو، وَرُ، ڪانڌ = گهڻن ڏينهن جو پرڻيل مرد.

آسائتو/سيڪڙيات = اولاد ڄمڻ جي اميد رکندڙ = ٻچڙيوال، اولادي، عيالي، اولاد/وياءَ وارو ماڻهو يا زال.

نيٽو، ناگو = جنهن کي پيريءَ تائين اولاد نه ٿئي.

رنڙ/رنوڙ = جنهن مرد جي زال مري وڃي.

ٻه جويو = جنهن مرد جون ٻه زالون هجن.

ٽه جويو = جنهن مرد جون ٽي زالون هجن.

چجويو = جنهن مرد جون چار زالون هجن.

گهڻ جويو = وڌيڪ زالون رکندڙ مرد.

آهر =طلاقيل زال سان شادي ڪيل مرد.

کَدڙو/کڌام = مرداني طاقت نه رکندڙ.

مڄو = زال جي چوڻ تي هلندڙ مرد.

ديوث/بيغيرت = زال جي کٽي ڪمائي کائيندڙ.

ڇورو = جنهن ٻار جو ماءُ پيءُ مري ويا هجن.

ڇٺيءَ جو ڇورو = جنهن نينگر جو ڄمڻ سان پيءُ ماءُ مري ويو هجي.

پيرڙيو = اهو ٻار جنهن جا ڄمڻ وقت پهرين پير منبر کان ٻاهر نڪتا هجن.

پٽ/موڀي پٽ = پهريون ڄاول نينگر.

جاڙا/جڙوان = گڏ ڄاول ٻه نينگرَ.

ٽيڙوان = گڏ ڄاول ٽي نينگرَ.

پيٽ چٽو/ارڙ کرڙ = پويون ۽ آخرين ڄاول ٻار.

اَتوتي = هڪٻئي پويان ٻارَ ڄاول.

ٽکڙ = ٻن ٻارن جي مٿان ڄاول ٻار.

ندورو، نڌڻڪو = جنهن ٻار جو ڪو به مٽ مائٽ جيئرو نه هجي.

وڳروارو، سدورو، ڪرَ وارو، ڪُڙم وارو، ڪٽنبيو = اهو ٻار جنهن جا سڀ مٽ مائت جيئرا هجن.

پٽيلو = پرائو ڄاول ٻار، پاڻ وٽ سانڍيو يا نپايو ويو هجي.

سڳا ڀائر ۽ ڀيڻيون = جن جو ماءُ پيءَ ساڳيو هجي.

پيئيتا ڀائر ۽ ڀيڻون = جن جو پيءُ ساڳيو، پر ماٽيجا = مايون ٻيون هجن.

مائيتا ڀائر ڀيڻيون = جن جي ماءُ ساڳي ۽ پيءُ جدا جدا هجن.

ويڳا ڀائر ڀيڻيون = جن جو پيءُ ساڳيو، ته مائون جدا جدا ۽ ماءُ ساڳي ته پي ڌار ڌار هجن ]ڪي مڙس گهڻيون زالون پرڻجن ۽ ڪي زالون گهڻا مڙس ڪنديون آهن. انهن جو اولاد پاڻ ۾ ”ويڳا“ سڏائيندا آهن[.

ڪنائتو/سپڙ ڪنو - ڪنرا ڏيندڙ ماڻهو.

عورتن بابت:

ٻاگهي: وڏن ڪنن واري.

ڪِڪي/ڪِڪڙي = ڊوڙندڙ نينگري.

ڇوڪري/نياڻي = پنجن سالن جي عمر واري ڇوڪري.

ڪنواري، بالغ/بوراڪ = ٻارهن کان ارڙهن سالن جي عمر واري ڇوڪري.

ڪنوار/وينگس، ويرنهه، وني، لاڏي، بنري، ورني = تازي پرڻيل.

سهاڳڻ، جوءِ، زال، وريتي، لڏڻ، مهري = گهڻي وقت جي پرڻيل.

آسائتي، اميدن ڀري، سيڪڙيات = اولاد ڪاڻ اُڪنڊي.

سنڍ، ڇڙي ڇانڊ، وانڍي = اولاد نه ڄڻيندڙ زال.

ڳرَ کرُي، ٻه جيوي، گرڀڻي، ڳڀوراڙي، گرڀ ونتي، ڳرهاري، حامله، ڍُڪي، پيٽ سان، اميد سان = پيٽ واري زال.

سوريتي = ٻار ڄڻيندڙ زال.

ڇٽل، هٿ پير لڌل، آجي، آلوڙي ڇلوٿي، ڇلانتي ]چلو – چاليهو[ = ٻار کي جنم ڏيندڙ زال.

اينهوڙي، اهوڙي، پهريات = پهريون ٻار ڄڻيندڙ زال.

پُٽ - ماءُ = پهرئين ويم تي پٽ ڄڻيندڙ زال.

ڌيءُ ماءُ = پهرئين ويم تي ڌيءُ ڄڻيندڙ زال.

پٽن ماءُ = رڳو پٽ ڄڻيندڙ عورت.

ڌَڻ ڌيئي/ڌيئن ماءُ = رڳو ڌيئون ڄڻيندڙ زال.

ڇانگ ڇوڪرن، ڇلي ٻارن/گهيچر واري- جنهن عورت کي تمام گهڻو اولاد هجي.

ساگهر = گهر جا ماڻهو: زال مڙس ۽ انهن جو وياءُ.

ڏهاڳڻ، رن زال، رنڙِ، ڏنيل = جنهن جو مڙس مري ويل هجي.

ڦلاونتي = جنهن عورت جو مڙس مري ويو هجي، پر وياءُ نه پيدا ٿيو هجيس.

ٻه مڙسي = جنهن عورت جو هڪڙو مڙس اڳ ۾ مري ويو هجي ۽ ٻيو ڪيو هجيس.

ٽه مڙسي = جنهن عورت جا ٻه مڙس اڳ مري ويا هجن ۽ ٽيون ڪيو هجيس.

چؤمڙسي = جنهن عورت جا ٽي مڙس مري ويا هجن ۽ چوٿون ڪيو هجيس.

گهڻ مڙسي = جنهن چئن کان وڌيڪ مڙس ڪيا هجن.

طلاقي عورت/طلاقيل = جنهن عورت کي مڙس ٽي طلاقون يا ٽي کڙيون ڏنيون هجن.

 

مائٽيون، اهو سَهَو يا مٽ مائٽ:

پيءَ جي مائٽيءَ ۾:

پيءُ جو پيءُ = ڏاڏو

ڏاڏي جي زال = ڏاڏي.

ڏاڏي جو پيءُ = پڙ ڏاڏو.

پڙ ڏاڏي جي زال = پڙ ڏاڏي.

پڙ ڏاڏي جو پيءُ = تڙ ڏاڏو.

تڙ ڏاڏي جي زال = تڙ ڏاڏي.

پيءُ جو ڀاءُ = چاچو.

چاچي جي زال = چاچي.

پيءُ جي ڀيڻ = پڦي

پڦيءَ جو مڙس = پڦڙ.

ڌيءُ ۽ پٽ جي مائٽيءَ ۾:

پٽ جي زال = نُهن.

پٽ جو پٽ = پوٽو.

پوٽي جي زال = ننڍي نُهن.

پوٽي جو پٽ = تڙ پوٽو

تڙ پوٽي جي زال = ننڍي نُهن.

پٽ جي ڌيءُ = پوٽي.

پوٽيءَ جو مڙس = ننڍو ناٺي.

ڌيءُ جو مڙس = ناٺي/ڄاٽو.

ڌيءُ جي ڌيءُ = ڏهٽي.

ڏهٽيءَ جو مڙس = ننڍو ناٺي.

ڌيءُ توڙي پٽ جا ساهرا = سيڻ، سڄڻ.

گهوٽين جي ڪانڍ تي آيل = ڄاڃي.

ڪنواريتن جي نينڊ تي آيل = ماڃي.

ماءُ جي مائٽيءَ ۾:

ماءُ جو مڙس = پيءُ.

ماءُ جو پيءُ = نانو.

ناني جي زال = ناني.

ناني جو پيءُ = پڙنانو

پڙ ناني جي زال = پڙناني.

پڙناني جو پيءُ = تڙ نانو.

تڙ ناني جي زال = تڙناني.

ماءُ جو ڀاءُ = مامو

مامي جي زال = مامي.

ماءُ جي ڀيڻ = ماسي

ماسيءَ جو مڙس = ماسڙ.

پيءُ جو ٻيو پٽ = ڀاءُ.

ڀاءُ جي زال = ڀاڄائي.

ڀاءُ جو پٽ = ڀائٽيو

ڀائٽيي جي زال = ننڍي نُهن

ڀاءُ جي ڌيءُ = ڀائٽيي.

ڀائٽيءَ جو مڙس = ناٺي.

پيءُ جي ڌيءَ = ڀيڻ

ڀيڻ جو مڙس = ڀيڻيويو.

ڀيڻ جو پٽ = ڀاڻيجو

ڀاڻيجي جي زال = ننڍي نهن.

ڀيڻ جي ڌيءُ = ڀاڻيجي.

ڀاڻيجيءَ جو مڙس = ننڍو ناٺي.

چاچي جو پٽ = سؤٽ

سؤٽ جي زال = ڀاڄائي.

چاچي جي ڌيءُ = سوٽ

سوٽ جو مڙس = ڀيڻويو.

مامي جو پٽ = ماروٽ

ماروٽَ جي زال = ڀاڄائي.

مامي جي ڌيءُ = ماروٽ

ماروٽ جو مڙس = ڀيڻيويو.

پڦيءَ جو پٽ = پڦاٽُ

پڦاٽ جي زال = ڀاڄائي.

پڦيءَ جي ڌيءُ = پڦاٽ

پڦاٽ جو مڙس = ڀيڻيويو.

زال جو پيءُ = سهرو

سهري جي زال = سس.

سهري جو پٽ = سالو

سالي جي زال = سالي وني ]سالوي[ڀينرو.

سهري جي ڌيءُ = سالي

ساليءَ جو مڙس = ڀائو، سنڍوُ.

مڙس جو پيءُ = سهرو، سهري جي زال = سُس.

سهري جو پٽ = ڏير

ڏير جي زال = ڏيرياڻي.

سهري جي ڌيءُ = نِڻانَ

نِڻانَ جو مڙس = نراڍو يا ننڌو.

مڙس جي ٻي زال = پهاڄ.

انساني عضون جا نالا:

سنڌي ٻوليءَ ۾ بدن جي حصن، عضون ۽ انگڙن جا نالا هي آهن: اسان جو پِنڊو، بدن يا بت مکيه ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. ان جي مٿئين حصي کي سرُ، سري، سسو يا ڳاٽ ٿو ڪوٺجي ۽ هيٺين حصي کي ڌڙ، ڍڍر ۽ ڍڍري سڏيو ويندو آهي. جن ۾ وري جدا جدا ننڍا ننڍا عضوا اچي ٿا وڃن.

الف - ڳاٽ جا عضوا (وڏا):

ڳاٽ ۾ ڳچي، مُنهن، وات، نڪ، اکيون، ڪَن ۽ مٿو.

(1) ڳچيءَ جا انگڙا (ننڍڙا عضوا):

ظاهر ٻاهريان

پٺيان ظاهر

مَنجهيان

هڪي يا لڪي، مڻڪو، سسي.

ڪنڌ، ٻه ٻنڌيون، ٻنڌين جي وچ واري کڏ يعني ڪياڙي.

نڙي، نرگهوٽ يا گگههَ ٻه ساهه جون رڳون.

(2) منهن جا انگڙا:

ظاهر ٻاهريان: ٻه ڄاڙيون، کاڏي، ]هيٺئين چپ هيٺان کڏ يعني تڏي[، ٻه ڳل يا ڳٽا، ٻه لؤڻا، ٻه لؤندڙيون، نراڙ، نلاٽ/للاٽ/پيشاني.

(3) وات جا انگڙا:

ظاهر ٻاهريان

منجهيان

ٻه چَپ هِيٺيون ۽ مٿيون، ٻه واڇون

ٻٽيهه ڏند، جن ۾ چار هؤڙون ۽ چار ڏانٺون، موراهيون يا مهارون (ڏندن جي جڙن جو ماس) ڄڀ يا زبان، ٻه مٽون، ڪاڪڙو ۽ ڪاڪڙي، تارون، ٻه ڪَليون يا ڳلڦڙا، ٻه ڄاڙين واريون هڏيون جن کي هڙٻاٽيون يا ڦٻڙاٽيون چون.

(4) نڪ جا انگڙا:

ظاهر ٻاهريان: بيني، ٻه ناسون ]سوراخ[ٻه چوٽيون ]ناسن مٿان پردا[

(5) اکين جا انگڙا:

ظاهر ٻاهريان

منجهيان

ٻه پپوٽيون يا ڇپر، چار اکين جون وٽون ٻه هيٺيون ۽ ٻه مٿيون، ٻه تُنرا، ٻه وڻيون ٻه پونجهڙيون، ٻه کوپا.

ٻه دوڏا (سفيد حصو) ٻه تارا (ڪارو حصو) ٻه ماڻڪيون يا پتليون (نظر جا وچ)

(6) ڪن جا انگڙا:

ٻاهر ٻاهريان: ٻه ڪنارا يا مٿيون وٽون، ٻه ڪوڪڙا، ٻه پاپڙيون، ٻه نسبيون، ٻه جندڙا، ٻه ٻوگها ]سوراخ[.

(7) مٿي جا انگڙا:

ظاهر ٻاهريان

منجهيان

کوپري، ٻه ڪپاٽ، ڪاپار، ٻه چوٽيون، ٽڪڻ، ٽپرُ يا ٽپڻ

مغز، ميڄالو

ب - ڌڙ يا ڍڍر جا عضوا (وڏا):

ڌڙ ۾: ڇاتي، پيٽ، پٺي، چيلهه، ٻانهون ۽ ٽنگون.

(1) ڇاتيءَ جا انگڙا:

ظاهر ٻاهريان

منجهيان

هسلي، هنجي يا هنجلي، سينو، ٻه ببيون ]زالن جي حالت ۾ ٻه ببا[، بدن جي کل/چمڙو، ٻه پاسراٽيون/ پاسريون.

ڀانڊو، جؤنرا (ڦڦڙ ۽ جيرو گڏ) دل يا هينئون، هڏن جون ڪماڻون، شريان (ڳاڙهو رت واهيندڙ نلي) نس (ڪارو رت واهيندڙ نلي).

(2) پيٽ جا انگڙا:

ظاهر ٻاهريان

منجهيان

کل يا چمڙو، دُن، بڀريا

معده ]وڏو آنڊو[، آنڊا، بُڪيون (گرده) تِري يا هنيانچو

(3) پٺيءَ جا انگڙا:

ظاهر ٻاهريان: ڪرنگهو، ٻه چؤنڪ، ٻه ڦڻيون ۽ ٻه پٺا.

(4) چيلهه جا انگڙا:

بيٺ، ڪرنگهي جي هڏي (زناني حالت ۾) منجهان خاص زالاڻا، نهائين، ٻه چَڏا، چَڏن جو (ڳيهڻ يا ڳڀيرڻ، بڙودو يا رحم. وچ چُڏ، چير يا چيپاٽ، سُوڪ، سُوسڙي، (ٻه نرا. مثانو (مُٽ جي ٿيلهي). (پيشابخانو)، ٽپڙ: (مرداني حالت ۾) ٻه نرا، مثانو (مُٽ جي ٿيلهي) لُلُ يا لوٿڙو، مُٽڻ نالي، آنورا يا خصيا. ڦوڪي گِيِدي، مقعد.

(5) ٻنهي ٻانهن جا انگڙا:

ظاهر ٻاهريان: ٻه ڪلها، ٻه ڪڇون، ٻه کنجون. ٻه ڏورا ]ڏورن جا پٺا[. ٻه ٺونٺيون.

منجهيان: ٻه اِرڪون (ٺونٺن جي چوٽيءَ جا هڏا) نرين جي هڏين ۾ ٿئي ]مِکُ[. ٻه بُڪ، ٻه نريون، ٻه ڪَرايون، ٻه ڀيڏيون، ٻه هٿ.

هرهڪ هٿ ۾: هٿ جي پٺ، تري، پنج آڱريون: چيچ، ٻاچ، وچين، اشهد يا ڏَسڻي، ۽ آڱوٺو (هٿ جون آڱريون ڇڪي کولجن، ته ان کي چئجي بُجو يا ڀونڊو پر جي ڏوڙيون ڪري وڪوڙي کولجن، ته ان کي چون چنگل.

هرهڪ آڱر ۾: ٽي گريون، هڪ ٽڻي، ٻه ڏوڏا، هڪ پور، ٽي سنڌ، هڪ نَهن: ننهن جا ٻه ناٿا ]ڪنارا[. آڱوٺي ۽ ڏَسڻيءَ آڱر جي وچ واري ڪنڊ کي ڪُرنڊ ڪوٺين ۽ ٻين آڱرين جي وچ وارين ڪنڊن کي ٻيانگڙيون سڏبو آهي. آڱوٺي ۽ ڏسڻي آڱر جي ڇڪيل ماپ کي ٻاڪُو. آڱوٺي ۽ وچين آڱر جي ڇڪيل ماپ کي بليس. آڱوٺي ۽ ٻاچ آڱر جي ڇڪيل ماپ کي ٻاچو. آڱوٺي ۽ چيچ آڱر جي ڇڪيل ماپ کي ٻاڙي، گرانٺ يا وِهِيٽ چئبو آهي.

(6) ٻنهي ٽنگن جا انگڙا:

ظاهر ٻاهريان: ٻه ٻنڊڻ جي ٻاهر نڪتل هوندا ته ]خاص زالاڻي حالت ۾[ ٻه ڦَڙيون. ٻنڊڻن جو هڏو ٻه ڍاڪ. ٻڊڻن جي پاڙ وارو سنڌَ ٻه دڏون. ٻنڊڻن کي ڌار ڪندڙ سنڌو ڦوڪ يا ٻوڪ ٻه رانون. رانن جو اندريون پاسو ٻه سٿرون. ٻه گوڏا، گوڏن مٿان ٻه ڍڪڻيون. گوڏن هيٺان ٻه کُچون يا ڦنجون، ٻه پنيون، ٻه ٽنگ جون نريون، ٻه مُرا.

ٻه پير. هرهڪ پير ۾: پير جي پُٺ، کڙي، پير جي تري، پٻ. پير جو پنجو. پير جون پنج آڱريون. پير جي آڱرين جا نُهن. پير جي آڱرين جا سنڌ، پير جي آڱرين جي پور.

ج- وارن جو بيان:

زالن جا وار:  ڇتڙا يعني ڇڙيل وار. ڄَتُون يعني نراڙ مٿان سنهڙا وار. مينڍا يعني ڪنن مٿان وار جي ڳتيل هوندا آهن. چوٽيون ]مٿي جي سڱن وٽان نڪتل ڳُنڌيل چڳون[. وانگوڙو ]ڪياڙيءَ مٿان ونگيل وراڪيل وار[. ڀنڀا ]ڪارا ڊگها وار[ بڇون ]سينڌ جي اڳ وارا وار[ سينڌ ]مٿي جي وچ کان ٻنهي پاسي اٿليل وار[ ڀرون ]اکين جي کوپن مٿان وار. ڀنجر يعني اکين جي ڇپر يا پپوٽيءَ جي وٽ وارا وار[ پنبڻيون، ]اکين جي هيٺينءَ وٽ وارا وار[

مُڇون مردن جا وار: مٿئين چپ مٿان وار. شهپر يعني مٿئين چپ مٿان ڊگها وٽيل وار. تڏي يعني هيٺئين چپ هيٺان وار. ڏاڙهي ٻُچي، يعني کاڏيءَ تي وارن جو مُچو. ڏاڙهي ٽڪچي ]کاڏي ۽ ڳلن تي ڌار ڌار بيٺل ڇڊا وار[ ڏاڙهي چاپئين ]منهن تي ڳلن ۽ کاڏي سان ڀرئپ ۾ برابر بيٺل وار[ ڏاڙهه يعني ڏاڙهيءَ جا هيٺ لڙڪيل ڊگها وار. بغل يعني، ڪڇن جا وار. ڪُچا ]نهائينءَ مٿان اُڀريل وار[

عيبن يا وِڏن وارا لفظ:

(الف) اک جا عيب:

ڪاڻو: هڪ اک سان ڏسندڙ.

نپٽ انڌو: ڄائي ڄم کان نه ڏسندڙ.

انڌو: ٻنهي اکين سان نه ڏسندڙ.

ٻاڏو: هڪ اک جو تارو مٿڀرو ٻيءَ جو هيٺڀرو، هرهڪ کي ٻيڻي/ٻٽي اولڙي ۾ ڏسندڙ.

ٽيڏو يا تاڏو: اکين جا تارا ويڻين ۾ يا ونين ۾ پيٺل، ترڇو ڏسندڙ هرهڪ شيءِ جو اولڙو ٽيڻو ڏسندڙ.

رونجهو: اکين جا ڀرون ۽ پنبڻيون کٿل.

جهانپو: ويجهي رکيل شيءِ نه ڏسندڙ.

چونچو/چنجهو: اکيون سنهڙيون ۽ اندر پيٺل.

ٿرڙو /ٿانئرو: ڪڪيون اڇيون اکيون ۽ نوچ ڪري ڏسندڙ.

شيرو: اکين جا تارا ناسي رنگ وارا.

شمرو: اکين جا تارا نيري رنگ وارا.

جهانورو /جهرلو: اکين ۾ وار نڪتل گهٽ نظر سان ڏسندڙ.

دوڏر: اکين جا دوڏا ٻاهر تي نڪتل.

اکروٽ: وڏين ۽ ڦاٽل اکين وارو.

 

(ب) مٿي جا عيب:

مٿير: وڏي مٿي وارو.

ڏيڍو: پاسيري مٿي وارو.

ڏونگهالو: ڪنگري وانگر مٿي وارو.

گنجو: مٿي جا وار صفا چٽ.

ٺوڙهو: مٿو ڪوڙايل.

موڏو: مٿي جو وچ وارن کان خالي.

روڏو: مٿي تي سنهڙا ۽ ڇڊيرڙا وار رکندڙ.

 

(ج) نڪ جا عيب:

نَڪِرُ: وڏي نڪ وارو.

مِنو: ننڍڙي نڪ وارو.

بُرو: بينيءَ وٽان نڪ ڇڻيل.

بِنو: وچ نڪ، هيٺ هني وانگر جهڪيل.

ناسونڊو: نڪ جون چوٽيون پکڙيل.

گهُڻو: نڪ مان ڳالهائيندڙ.

 

(د) ڪَنَ جا عيب:

ٻوڙو: صفا نه ٻڌندڙ.

ڍَٻر: وڏي سڏ ڳالهه ٻڌندڙ.

ڪرو/ڪولهو: هڪ ڪن ڪپيل، چپيل يا لتل رکندڙ.

ٻُٽو: ٻنهي ڪنن کان آجو.

لڙڪو: ڪنن جي پاپڙين وٽان گوشت جا ذرا وڌيل.

ڪن ڦاڙ: وڏن ڪنن وارو.

ڪن چير: ڪن چيريل.

 


 

(هه) وات جا عيب:

گونگو: صفا نه ڳالهائيندڙ.

واڇر: ويڪري وڏي وات وارو.

چپر: هيٺيون چپ لڙڪندڙ.

ڊولو: مٿيون چپ مٿي وريل.

لِٻو: اڳيان ڏند ڀڳل.

ڀڏو: ڏند توڙي ڏانٺون ڀڳل.

کنڊو: اڳيون ڏند اڌ ڀڳل/اڳيون هڪ ڏند ٻئي تي چڙهيل.

چور ڏندو: اڳين ڏندن جي پٺيان به ڏندَ نڪتل.

ڏندرو: اڳيان ڏند ٻاهر تي نڪتل.

ڏاندار: بيڊولا ڏند ]سڌي گولائي ۾ نه رکندڙ[

کيرو: ڄائي ڄم وارن ڏندن وارو ]جي ڀڳل نه هوندا[

مِٽر: مٽا ڦوڪيل، ڳل ٻاهر تي نڪتل.

هَڪَڙُ: ڳِمي ڳِمي ڳالهائيندڙ، ”ري“ اکر کي ”ڙي“ يا ڙي اکر کي ”ري“ يا هڪڙي اکر بجاءِ ٻيو اکر وٺندڙ.

ٻاتو: آواز ڌڌڙائي ڪڍندڙ، هَٻَڪي هَٻَڪي ٻاتائي ڳالهائيندڙ.

ٻتڙ: هڪڙي اکر کي ٻه ٻه دفعا اڌورو چئي ڳالهائيندڙ.

 

(و) ڌَڙ جا عيب:

ڪونڌ: سسيءَ لٿل.

گڪو: ڇاتي اندر پيٺل ڪرنگهو ڪمان وانگر ٿيل

ڪٻڙو: چيلهه وٽان ورکائي نميل/اُپٻيٽو ٿيل.

چَڍُر: ٻئي ٽنگو ڪپيل.

ڇڇ، چَڍوُ، پيٽرَ/پيٽوڙي: پيٽ ٻاهر تي نڪتل ۽ ڦوڪيل.

ٿلهو: سڄو بدن ڦوڪيل.

متارو: بدن ٻل سان ڦوڪيل.

ڌمتال: قداور ۽ ڳري بدن وارو.

ٻانڊو: سڪلڙو، سنهڙو سيپڪ.

ڄامڙو يا بندرو: قد ڪاٺيءَ جو ڇوٽو.

ڊمڪو: ٿلهيرو ۽ بندرو.

منڌرو: قد بت جا سڀ عضوا تمام ننڍڙا رکندڙ.

لنبو/لانبٽ: سنهڙو ۽ ڊگهو.

کُسرو: بدن تي ڇاتي ۽ منهن ۾ مڇون ۽ ڏاڙهيءَ جا وار نه رکندڙ.

بُبر: ببيون وڏيون ۽ اُٿيل.

دُنَر: دُن وڏو ۽ ٻاهر تي نڪتل.

پيلر: خصيا يا آنورا وڏا رکندڙ.

لُٽر: آلت يا نس ڊگهيءَ وارو.

ڪَڪَو: بدن جا وار هيڊا ڀورا ڳاڙهيرا رکندڙ.

جنڙو: بدن جا وار اڇا کل ڪوڙهين جهڙي اڇي رکندڙ، هي ماڻهو رات جو اونداهيءَ ۾ چٽو ڏسي ۽ ڏينهن جهانورو ٿي هلندو آهي.

کيرو: بدن ۾ حسن نه رکندڙ ڇهڻ سان ڪا خبر نه پويس.

ليڙو: جنهن جي سنڌن ۽ ماس ۾ هڏ نه هجي.

کرکنو: پنهنجي مرضي موجب ڪم نه نڪري، نه هلي سگهي. ٿاٻڙندو هلي.

کدڙو: جنهن کي کڙائي انگيز مڙساڻي طاقت نه هجي.

ڀوش: بدن تي گهڻا ۽ گهاٽا وار رکندڙ.

جاٽولي: اها زال جنهن جا ڇتا ڇڙيل ۽ پکڙيل هجن.

 

(ز) ٻانهن ۽ ٽنگن جا عيب:

رونٽڙو: هڪ هٿ کا بيڪار.

رونٽو: ٻنهي هٿن کان بيڪار.

ٺُٺُ: هٿن جون آڱريون نه رکندڙ.

ڇاڱو: هٿ ۾ ڇَههَ  آڱريون رکندڙ.

ٺونٺر: هڪ ٻانهن ٺونٺ تائين نه هجيس.

ڏاٽو، ڏڦر، ناکوٽو: هٿن پيرن جا نُهن وڏا رکندڙ.

ٻانهو ٽڙيو: هڪ ٻانهن ڪُلهي تائين نه هجي.

ٻانهوٽيو: ٻئي ٻانهون ڪلهن تائين نه هجنس.

ڏاڦڙ: ڊگهن پيرن وارو.

کُرڏڙو: هڪڙو پير بيڪار.

کُرڏو: ٻئي پير بيڪار.

منڊو: دُڏ تائين ٽنگ بيڪار.

منڊڙو: گوڏي تائين ٽنگ بيڪار.

لنگڙو: منڊڪائي هلندڙ.

لولو: ٻنهي ٽنگن کان معذور.

ٽنڊڙو: هڪ هٿ بي طاقتور/سڪل هجي.

ٽُنڊو: هٿ بي طاقتو يا معذور هجي.

پنگلو: ٽنگون ٻانهو چوري نه سگهي.

بڊي، ڀڀري: ٽنگون ۽ ٻانهون ڪپيل.

هنجهڙ: مُري سان ٻئي پير جي جَهڙ هڻندڙ.

مور: جنهن جون آڱريون ڦريل هجن.

ٻاچر: پير جي ٻاچ آڱر، چيچ کان به ننڍڙي رکندڙ.

ليپر: هٿ يا پير جون آڱريون ڳنڍيل.

 

(ع) ڪنڌ وارا نمونا:

اُڪنو: ڪنڌ هيٺ ڍُرڪيل.

ڏونگهو: مٿو ويهاريل نه هجي.

لوٽير: مٿو بي ڊولو هجي.

مُڇر: وڏين مڇن وارو.

ٻُچي: کاڏيءَ تي وارن جو مُچو رکندڙ.

ٽڪچي: کاڏي ۽ ڳلن تي ڇڊا وار رکندڙ.

جهپتال/جهپ: ڊگهي ڏاڙهي رکندڙ.

ڏاڙهيال: ڏاڙهي ۽ مٿي جا وار گڏيل هڪجيترا رکندڙ.

 

(ط) انسانن وارا آواز:

چودگار: ٿورو ٿورو ڪري کائڻ جو آواز.

ڦوڪو: وات مان زور سان هوا ڪڍڻ جو آواز.

سڻڪاٽ: نڪ مان مٿي ڇڪڻ جو آواز.

سَهڪڙو/سؤنڪو: ساهه جي تڪڙي کڄڻ جو آواز.

نيساسو، شوڪارو: وڏي ساهه کڻڻ ۽ ڇڏڻ جو آواز.

سُڏڪو، ڏُسڪو: روئڻ کي هڪدم بند ڪرڻ جو آواز.

نوسُ نوسُ، ناسڪو: نڪ مان تڪڙو تڪڙو هوا ڪڍڻ جو آواز.

ٽُش ٽُش، ٽشڪو: زالن جي کلڻ جو آواز.

ٽَهه ٽَهه، ٽهڪڙو: ٻارن ۽ مردن جي کلڻ جو آواز.

رڙَڪو: وَات ۾ رائي، سنهي پٿري وغيره جي پيسجڻ جو آواز.

چَٽڪو: چُمڻ ۽ چٽڻ جو آواز.

ڀُوڪر: چَپن جو چپن تي وڄائڻ جو آواز.

ڀڀڪر: هيٺيون چپ وات ۾ وجهي ”ڀه ...... ڀه.... ڀه“ جو وهٽن کي بيهارڻ جي لاءِ آواز ڪڍبو آهي.

ڏيڪر: ڏندن جو ڏندن تي ٺڙڪڻ جو آواز.

هوڪر، هوڪريو: پري کان سڏ جو آواز. ]پڇاڙي ”او“ جو ڊگهو آواز ڪڍبو آهي[

لَش لَش، لشڪو: بيتارو هلڻ جو آواز.

ڪِنجهڪو: بيمار ماڻهوءَ جي چنگهڻ جو آواز.

پُوڪار: پري کان تڙي ڏيڻ يا پڇڻ جو آواز. ]متان ويو آهين؟ خبردار! [.

ڀڻ ڀڻ، ڀڻڪو: وات مان نڪتل ٿورڙو آواز.

ڦرراٽ، رَڙهاٽ: ٽٽڻ جو لاڳيتو آواز.

هوُنگڙيون: ٻالڪن جي خوشيءَ جو آواز.

ڪُڻڪ، ڪُڻڪو: ٻار جو ننڊ مان اٿڻ جو آواز.

ڦنُڪي: نڪ مان ٻاهر هوا ڪڍڻ جو آواز.

اوڪارو، اُٻڙڪو: اُلٽي يا قئي ڪڍڻ جو آواز.

اوڳرائي: هاضمي جو آواز.

ڏاڪار: ڍؤ ڪرڻ جو لاڳيتو آواز.

گهُٽڪو، گهوٽو: وڏي ڍُڪ ڀرڻ جو آواز.

ٽؤنڪار: لاڳيتو کنگهڻ جو آواز.

سُس پُس، ڦِسڪو: ڪنن ۾ ڳالهائڻ جو آواز.

للڪار: جنگي نعري هڻڻ جو آواز.

جهُونگار: هري هري ڳائڻ جو آواز.

سُرڪو، شُرڪو: وڏيءَ سرڪ ڀرڻ جو آواز.

آهٽَ، سَرڙاٽ: ماڻهوءَ جي هلڻ جو آواز.

 

(ش) شوشاٽ: اوچتو ڌڪ لڳڻ جي ڪري سو/شو جو آواز وات مان  نڪرڻ:

شرڙاٽ: گهڻي پاڻيءَ جي اوچتو وهڻ جو آواز

 

(ي) جاندارن جا آواز:

ڀڙڪو: پکيءَ جي اوچتي اُڏامڻ جو آواز.

ڦڙڪو: پکين جي پاڻ ۾ وڙهڻ جو آواز.

تنوار: تترن جي ٻولڻ جو آواز.

ڳٽڪار، ٽيڪڙو ٽيڪڙو: بلبلين جي ٻولڻ جو آواز.

ٻٽيڪو: ڪَٻرين جي وڙهڻ جو آواز.

ميڪڻ، ميڪون: ٻلين جو آواز.

رنڀون، رانڀاٽ: ڍورن جو آواز.

ڍڪون: مينهن جو آواز.

ٻيڪڙاٽ: ٻڪرين جو آواز.

ٻُورَ: ٻڪر جو ٻڪريءَ ڦرڻ مهل ڪيل آواز.

ٻَڙڪو: ٻڪر جو شهوتي آواز.

ٻيڪاٽ: رڍن جو آواز.

ڪڪڙوڪو، ٻانگ يّادَس (دف): ڪڪڙن جو آواز.

گروڙ يا چينگهار: هاٿيءَ جو آواز.

چيٽون: لڌڙي جو آواز.

راڙيون: شينهن ۽ رِڇن جو آواز.

ڪڏڪار، ٽاڏيون: وهٽن جي ٽپڻ ڪڏڻ جو آواز.

چين چين: ڪئن.

ٽران ٽران: ڏيڏرن جو آواز.

ڪَيڪَڙاٽ: گدڙن جو آواز.

کيکراٽ: ڦيڪراري يا لومڙيءَ جو آواز.

گگهوگهو: ڳيرن جو آواز.

گٽ گٽ گون: ڪبوترن جو آواز.

رون رون، رونگاٽ: آر، تڏ، ڪُت جو آواز.

ڦٿ ڦٿ، ڦٿڪو: پکيءَ جي ڦاسڻ جو آواز.

چُون چُون: پکين جي ٻچن جو آواز.

ڪڙٻاٽ: گهوڙن جي ڊوڙ جو آواز.

گُنجار: ڀؤنر جي اڏامڻ جو آواز.

ڳٽڪر، ڳٽڪار: وهٽ کي هڪلڻ جو آواز.

ٻُچڪر، ٻَچڪار: وهٽ کي بيهارڻ جو آواز.

هُشڪر: اُٺ کي ويهارڻ جو آواز.

هُونگر، هوڪر: ڍورن کي سريلي آواز سان هڪلڻ هلائڻ جو آواز.

ٽاپي يا لُرَ: اُٺن جي ڊوڙ جو آواز.

پيلڪ يا لُرَ: هاٿيءَ جي ڊوڙ جو آواز.

ٽؤنڪار: ٽڪلي پکيءَ جو آواز.

ٽاڙهڪو: اُٺن جي وڳ جي هلڻ جو آواز.

لات: پکين جي مٺي ٻولي ڪرڻ جو آواز.

پُوڪر: گهڻن پکين جو گڏيل آواز.

لَڪ لَڪ: ڪتي جي پاڻي پيئڻ جو آواز.

هِڻڪو، هڻڪاري: [ذيل هڻڻ] گهوڙي جو آواز.

گهڻڪو، هِينگ: گڏهه جو آواز.

گِڙڻ، گوڙ: اُٺ جو آواز.

گجڪار: شينهن جو آواز.

چَهَڪار: چيهن پکين جو آواز.

هُڏڪار: مرونءَ/سوئر جو آواز.

ٻرڪ، ٻوٻاٽ، ڦونگهه، ذيل: هرڻ جو آواز ]جدا جدا موقعن تي[

سِينڍَ: نانگ جو آواز.

ڏاڪار: ڏيڏر جو آواز.

ڪان ڪان، ڪانگيرو: ڪانگن جو آواز.

چرڙاٽ: پکي چٻرن جو آواز.

گهُوئوگهُو: چٻ جو آواز.

سُرڙاٽ: جيتن جي سرڻ يا رڙهڻ جو آواز.

جهنگڻ، ڀڻ ڀڻ، ڀڻڪو: مکين جو آواز.

اَوناڪ، ڀؤنڪ، ڀؤنڪاٽ: ڪتن جو آواز.

ملهاري: ميٽي پکيءَ يا ملهالي پکيءَ جو آواز.

ڪرڪر، ڪرڪو: بلا جو آواز.

بُهسڻ، اونائي، اوناڙ: بگهڙ ۽ گدڙ جو آواز.

بَگهاڙو: گهڻن بگهڙن جو آواز.

ڪؤنڪاٽ: پلونگڙن (گلرن) جو آواز.

ٽَاپ ٽَاپ، ٽپڪو: گهوڙي جي سُنبن جو آواز.

ڪَرڪ ڪَرڪ، ڪرڪو: ڪونجن جو آواز.

جهرڙجهرڙ، جهينگر: جهرڪين جو آواز.

جهينگارو: جهينگن يا گانگٽن جو آواز.

چانگار: چَتون يا طوطي جو آواز.

لپڪو، لامارو: پکيءَ جي جَهٽَ هڻڻ جو آواز.

ٻرور: ٻاٻيهل پکيءَ جو آواز.

ٽيڪڙو: نوريئڙي جو آواز.

 


 

(ڪ) بيجان شين جا آواز:

جيڪي به شيون گسرن، گسڪن، ٽَڪرن، ڦاٽن، وڍجن، چپجن، ڪٽجن، پيسجن يا ڪنهن به ٻيءَ ريت آواز ڪڍن ٿيون، هتي تن جو ذڪر ڪجي ٿو:

ڦس ڦس، ڦسڪو ڦوس: هوا جي نڪرڻ جو آواز.

کَٽ کَٽ، کَٽڪو: ڪنهن شيءِ جي ٺوڪڻ جو آواز.

ٽڻئونٽڻئون، چينگهار: چَڙن جي کڙڪڻ جو آواز.

چرڙ چرڙ، چيڪٽ: چيڪلن، چاڪن ۽ ڦيٿن جو آواز.

ٽَڙ ٽَڙ، ٽڙڪاٽ، ٽڙڪو: ڦلن ڀڳڙن ڀڄڻ ۽ لوڻ جو باهه ۾ پوڻ جو آواز. ۽ ٿلهي ڪپڙي ٽاٽ وغيره جي ڦاٽڻ جو آواز.

زو زو، زُوڪو، زوڪٽ: هوائي جهاز جو آواز.

کرُ کرُ، کرُچو: تئي يا ڪڻاهيءَ ۾ کُرپي جي گسڻ جو آواز.

کڙکڙ، کڙڪو: گاڏيءَ جي ڊوڙڻ جو آواز.

گهِڙ گهِڙ، گهڙڪو: ريل گاڏيءَ جي هلڻ جو آواز.

ڌچَر، ڌمچڪڙ: جنگي طبل وڄڻ جو آواز.

جهَر جهَر، جهرڪو: بتي يا باهه جي وسامڻ جو آواز.

کُڙ کُڙ، کُڙڪو: ٿائن جو آواز.

سَٽ سَٽ، سَٽڪو: ڪپڙن کي ڌَڪن هڻڻ جو آواز.

ٺَڪ ٺَڪ، ڪُٽڪو: ڪنهن شيءِ ڪُٽڻ جو آواز.

ڀُونڀاٽ: کانڀاڻيءَ جو آواز.

ڳَئي: درياءَ جي وهڪري جو آواز.

گوڙ: سمنڊ جي پاڻيءَ جو آواز.

شپ شپ، شپڪو/زپڪو: چهبڪن ۽ لڪڻن جي لڳڻ جو آواز.

ڌڙم: ڳري شيءِ جي مٿان کان هيٺ ڪرڻ جو آواز.

شرشر، شرڙاٽ: هوائي جهاز اُڏامڻ يا پيشاب ڪرڻ جو آواز.

چين چين، چيچاٽ: جتي يا بوٽ جو آواز.

گهوگهو: ڏُڌ ولوڙڻ جو آواز.

گهوگهاٽ: ڪانڀاڻي ڦيرائي هئڻ جو آواز.

سِرڪ: پير ترڪڻ جو آواز.

چرڪ: گوشت يا ماس ۾ ڪاتي، نيزي ڀالي چُڀڻ جو آواز.

گهُپ: ڏڦي، چاڪو، ڪاتيءَ جي اُڀي لڳڻ جو آواز.

ٽُٻڙڪو، ٽُٻڙڪ: گلاس، لوٽي، وٽي يا ڪنهن ٿانءَ جو اندران پاڻيءَ ۾ ڀرجي نڪرڻ جو آواز.

ڇُلڪ ڇُلڪ، ڇُلڪو: پاڻيءَ سان اڌوري ڀريل ٿانءَ مان نڪرندڙ آواز.

ڇم ڇم، ڇمڪو: زيورن ۽ گهنگهرين جو آواز.

ڊُڙ ڊُڙ، ڊُڙڪو - گُڙ گڙ گُڙڪو: نڙَ سان چلم جي ڦوڪ ڀرڻ جو آواز.

زَپڪو، زيپٽ: موچڙن لڳڻ جو آواز.

زُو زو، زوزاٽ: پکي اُڏامڻ جو آواز.

ڀان ڀان: خالي ٿانون رَڇن ۽ گهڙن ۽ مٽن جو آواز. (خالي مغز واري ماڻهوءَ جي مغز جو آواز).

شون شون: پچندڙ گوشت يا ڪباب جو آواز.

گَٽ گَٽ، گُٽڪو: گُگهيءَ مان نئندڙ پاڻيءَ جو آواز.

سَر سَر، سَرڪو: نئين ڪپڙي پائڻ جو آواز.

شَپ شَپ، شَپڪو: پٽڻ ڪٽڻ جو آواز.

ٻِٻِ: چماٽ جو آواز.

کڻ کڻ، کڻڪو: ڪوڏين ۽ پئسن کڙڪائڻ جو آواز.

گسڪو: ڪنهن شيءِ جي گسرڻ جو گسرڻ جو آواز.

شون شان، شوڪو: وڻن جي ٽارين جو آواز.

دٻ دٻ، دٻڪو: کُڏ مٿان هلڻ جو آواز.

ٿڦ ٿڦ، ٿڦڪو: ماني يا ڇيڻي ٿڦڻ جو آواز، پاڻيءَ ۾ ٿاڦوڙا هڻڻ جو آواز.

ٽش ٽش، ٽشڪو: پاڻيءَ جي کجڻ جو آواز، کير جي ڪڙهڻ جو آواز.

ٽَهڪو، کجوڙو: پاڻيءَ جي ڪوسي ٿيڻ جو آواز.

چيڪٽ: دروازي، دريءَ جي کلڻ جو آواز.

ڌَؤن ڌَؤن، ڌؤنڪو: ڌمڻ جي هوا ڀرجڻ جو آواز.

سَرڦر: ٻهاري ڏيڻ جو آواز.

چر چر، چرڙاٽ: قلم جي کلڻ جو آواز کٽ تي ويهڻ چرڻ جو آواز.

وَاڪو: ڪهاڙيءَ سان وڻن کي وڍڻ جو آواز.

ٺڙڪ ٺڙڪ، ٺڙڪو: ڪنهن مشين جي هلڻ جو آواز.

گَهَڪو: ڪنهن شيءِ جي گسڻ جو آواز.

ڦَهڪو: مٿان کان هيٺ ڪرڻ جو آواز.

کڙ کڙ، کَڙاهٽ: سڪل پنن جو آواز.

وَسڪو، وسڪارو: مينهن پوڻ جو آواز.

ڪَڙڪو: عورت جي جهيڙي ۽ پاڻيءَ جي تکي وهڻ جو آواز.

چُپ چُپ، چڀڪو: سئو، سئي، ڪنڊو، تير وغيره جي لڳڻ جو آواز.

چرڪ چرڪ، چرڪو: اوچتو چهڪ اچڻ جو آواز.

گهَر گهَر، گهَرٽو: ڏنڊي ڪونڊي جي گهوٽڻ جو آواز.

گِسراٽ: ڪنهن شيءِ جي ڌرتيءَ تان گهلجڻ جو آواز.

رين رين، رينگاٽ: هرلي يا نار جو آواز.

چِنگهه: بار هيٺان اچڻ يا ڪوڏر هڻڻ وقت نڪرندڙ آواز.

شُرشُرڙ: داغ ڏيڻ، گهڻا مرچ کائڻ ۽ ڌوٻيءَ جو ڪپڙن سٽن جو آواز.

ڀڙ ڀڙ، ڀڙڪاٽ: بتي ۽ باهه جي اُٿڻ جو آواز.

بڀڙ، ڀنڀٽ: وڏي مچ ٻرڻ جو آواز.

شُوڪو: ريل گاڏيءَ جو پري کان آواز.

کِڙڪاٽ: درين درن جو هوا جي زور تي نڪرندڙ آواز.

چيچڙاٽ: گهاڻي، پينگهي ۽ چيچڙي جو آواز.

زوزاٽ: تکي زوردار هوا جو ڪنهن شيءِ سان ٽڪرڻ جو آواز.

ٽاڄا، ٽاهو: دهلن جو آواز.

دڌڪو: اوچتي پاڻي وهڻ ۽ اُلٽي ڪرڻ جو آواز.

ٽِڪ ٽِڪ، ڌڪ ڌڪ: واچ هلڻ جو آواز.

سِرڪ سِرڪ سِرڪ: پيرَ گسائي هلڻ جو آواز.

ڦڦ ڦڦ، ڦڦڪو، ٻڦڪو: ٻاڦ جي نڪرڻ جو آواز.

دڦڪو: دهل تي هٿ هڻڻ جو آواز.

دَڪ دَڪ، دَهڪو: دل جي هلڻ جو آواز.

ٺُڙ ٺُڙ، ٺُڙڪو: شين جي هڪٻئي سان ٽڪرڻ جو آواز.

ڇَڻڪ ڇڻڪ، ڇڻڪو: جهنجهڻي يا دٻي ۾ ٺڪريون وجهي وڄائڻ جو آواز.

چَس چَس، چسڪو: ڌائڻ يا ڪنهن شيءِ جي چوسڻ جو آواز.

کِڙکِڙ، کَڙڪو: نئين پني اٿلائڻ يا ڪپڙي جي اُکيلڻ جو آواز.

گِڙگِڙ، گِڙڪو، گڙگاٽ: پاڻيءَ جو سوڙهي گهٽ مان وهڻ جو آواز.

گرُ گرُ، گُرڙاٽ: جنڊ مان اَن پيهڻ جو آواز.

سُوسُو، سُوساٽ: ٿڌي واءُ لڳڻ جو آواز.

ڌِٻڪو، ڌٻڙاٽ: ڀت يا ڪنهن ڳؤري شيءِ جي ڪرڻ جو آواز.

ٺاهه: گوليءَ جي ڇٽڻ جو آواز.

ٺڪاءُ: بندوق يا باروت جو آواز.

ڇَڇَڪو: مينهن يا پاڻيءَ جو ٿورو وقت آواز ڪرڻ.

سُرڪو: پاڻياٺ پيئڻ جو آواز.

چٻڪو: کائڻ جو آواز.

چَرڪو: گاهه کائڻ جو آواز.

ڀڙڪو ڀڙڪ، ڀڙڪ: باهه جي اوچتي ٻرڻ جو آواز.

گهوڪو: هوائي جهاز جو آواز.

گجگوڙ: ڪڪرن ۽ مينهن جو آواز.

 

(ل) غلائي يا گهٽتائي ڪرڻ وارا لفظ:

سنڌي ٻولي ۾ روزمرهه اهڙا به لفظ استعمال ٿيندڙ آهن، جن کي دڙڪو، دهمان، گار، تَڙي، جُٺ، رعب، پِٽَ ۽ ڄَمت ڪرڻ وغيره لاءِ ڪتب آندا ويندا آهن. انهن ۾ هڪڙا خاص عورتن لاءِ ۽ ٻيا عورتن توڙي مردن واسطي گڏيل ۽ ٽيان رڳو مردن لاءِ نجا پجا آهن.

عورتن جي لاءِ خاص آيل لفظن پويان بريڪٽ ۾ ]مؤنث[ لکي، خاص مردن لاءِ پويان بريڪيٽ ۾ ]مذڪر[ لکيو ويو آهي، باقي گڏوچڙ جيڪي لفظ آهن، تن جي پويان ڪجهه به نه ڏنو ويو آهي.

لفظ ۽ معنيٰ

لفظ ۽ معنيٰ

لفظ ۽ معنيٰ

ڀنڊ: چنبڙڻ ۽ چهٽڻ وارو

ران ذاتيو: طور طريقن ۾ عورتن وانگر هجي

نامرد: جنهن ۾ مرداڻي طاقت نه هجي

ٻنڊ: وڏو لُچ

کدڙو: نامرد

اُٻهرو: تڪڙو

تِيسر: تيسي وارو

جوءِ جو مهاري: جنهن جو واڳون/مهارون زال جي هٿ ۾ هجن

ائونٿرو: اوٿرو، حرڪتي

هوڏي، هوڏير: هوڏ وارو

بي مڙسيو: جنهن ۾ مڙسي نه هجي

منهن چاڙهه: هر ڳالهه ڳالهه تي ڪاوڙ ڪندڙ

هٺيلو: ضديرو

ڪنٽور/ڪنٽار: ڳالهه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪرڻ وارو

ماڪو: هر ڳالهه تي نه ڪرڻ وارو

ٻِچاپِڙو: چور ۽ ساڌ، ٻنهي سان پورو، سڀني سان پورو

اتاولو: بي صبرو، بي قرار

لٻاڙي: اجائي بڪ ڪرڻ وارو

تِرڪتالو: نخرو ڪندڙ

چِلولو: کيچلو

بي بڻو: پوءِ ڍائو

تِرڪتالڻ: نخري واري

هيفي تخم: حيض وقت ڄاول

ٽانڊيءَ تپڻو: چيڙاڪ

دولابي: ٺڳ

حرامي ڦر: لچ ڇوڪر

جَتُ: اوٺي

فريبي: مڪار، دولابي

ميسڻو: اندر جو چالاڪ

جتڻ: اُٺيون ڪاهيندڙ عورت

دوکيباز: فريبي

تالڙو/تالر: نخريباز

ڳُجهڙيو: مخفي

پرمتڙيو: بيوقوف، ٻئي جي صلاح تي هلندڙ

دالڙو: ڏهائي لاءِ منهن ويڪرو

اڳڙيءَ کنيل:

کِٽَ: شرارت، کينچل

چَڪلائي: فاحش عورت کي هلائڻ وارو

وات ڦاٽوڙو: گهڻو ڳالهائيندڙ

ناخلف: نالائق

چَڪلائڻ:

وات ڦاٽي:

نادان: بيوقوف

چوراٽو: عادتي چور

وائکو: خلاصو

ندورو: چنڊو

جواري: جوا ڪندڙ

وات جو ڇوٽ: بيحيا

ناسونڊو: بي حيا

جوارڻ:

ڏڦير: شڪاري

پَت ويو: بي اعتبار

هٿڙيباز: کيسي ڪٽڻوارو شودو

اتيت: سُڃو، هيڻو

پوڍائو: بي مزاج بي مروت

حرامي: لچ شرارتي

اگلو: ميرو

ڪنهن نه ڪار جو:  بيڪار

حرامڙي:

ساڙ سڙيو: ريسارو

بيڪار: نڪمو

ناقص: نيچ

راڄ رُلايو: برادري مان نڪتل

نڪار: بي ڪمو

ماڻهپي مان نڪتل: حيوان

رتان وڇوڙو:

بي تارو: سرتار کان ٻاهر

تالر: نخريباز

ندس:

کينچلو: حرڪتي (کيچلو)

بي پتيو: بيشرم

نٺر: نود، بي چيو

ڀاڄوڪڙ: گوسڙو

ٻوٿ ڪارو

ڇاڙتو: پڇ لٽڪائو

ڀاڳوڙو: گوسڙو

من کٽو: نااميد

پَٺوُ: ڇاڙتو

ڪَپوٽ: نالائق پٽ

ڀؤنترو: وايومنڊل

ڪسبياڻي: ڀڙوي

بيچيو: نافرمان

اوڳر: موڙهل اڻ ڄاڻ

ريزالو: ذليل

اُڌريلَ: ڀڄائي آندل زال

ڪُند ذهن: موڙهل موڳو

هٿ ٺوڪيو: سچو

بدنيت: پليت

اڻاسو: بي نڪو

مڇو: وڏين مڇن وارو

کوٻلو: وچ ڪٽيو، دَلو

اناڙي: جاهل

ابت پيرو: ڪُڌا ڪم ڪرڻ

ڀاڙين چڪاڻو:

چهٻر: وات ڦاٽل

مڇلو: فاحش

ديوث: بيغيرت

اتامڙو: تڪڙو

چُهڙو: ٻالو

بي غيرت: بي لڄو

ڏاڙهيءَ ڪوڙيو: بدنام

چؤنڪ چنڊو: نڀاڳو

ٻُهرَ: گهڻي ناز سبب خراب ٿيل ٻار

مٿي اگهاڙو: بي شرم

چڪرڏنڊو

هلڪو: ٽرڙو

جهتي باز: جهٽ هڻندڙ

کُنڊو: بدنيت منافق

ڦڏائي: ڦڏو ڪندڙ

کٿريل: وائڙو، موڳو

وائڙو: پريشان

ڦيٽهڙ: ڦيٽاڙو وجهندڙ

سرکاپائو: مٿو کائيندڙ

چنڊال: نڀاڳو

چرٻٽ: اڌ چريو

چوتان: بيوقوف

چنڊالڻ: نڀاڳي

انان مست: چريو

الڪان: بيوقوف

واهيات: بيهودو

الف اگهاڙو: نانگو

جلوان: گهران ٻاهر نڪتل

لانبڙ: گهڻو بيوقوف

لوفر: بدمعاش

چڍوُ: پيٽو

ڪُڌو: دغاباز

لاغرض

چڍري: پيٽي

ڪُلڇڻو: خراب ڪم ڪندڙ

الغرض

پيٽوڙي: گهڻو کائيندڙ

ڀورڙو: اٻالو

بي کرو

حرامخور: حرام کائيندڙ

ڏئيت: راڪاس هٻڇي

ٺڳ دليءَ جو

ڪهاڙو: تکو

تريناڪ: عيار

ٺڳڻ دليءَ جي

ڦاڙي ڦاڇڪو:

نود: ضدي

شودو: ٺڳ

ماءُ جو وڌيڪ:

جاٽولو: ڇڙواڳ

ٺوڳي: دوکيباز

ليڙ پيو:

پاکنڊي: ڪپيتيو

بشني: لليجو ڳنڍيڇوڙ

ٽيٽ مڪڙو: گهڻو ڳالهائيندڙ

هُوڙه: موڳو

چارسؤويهه: ٺڳي دولاب

ليلهرُ: بيڪار

بودلو: موڳو

لليجو: جيب ڪترو

چنڊو: نڀاڳو

ٺُٺ: سُڃيو

مُردار: مئل، ناپاڪ

ڇسو: نه وڻندڙ

ٻٽُور: نه وڻندڙ

بي تميز: بي افعال

ٻوگهلو: ڀورو، سادو

لغور: کيچرو

ناظرف: بي حياءُ

منحوس: نڀاڳو

ڌوُتو: ڀڙوو

بيعقل: چريو

اڍنگو: بي لڇڻو، بدفضيلت

کانچ: ڦڏائي

بد دماغ: چيڙاڪ، مغرور

سونڊ منهون: ٻوٿ سڄيل

ٻهروپيو: ٻه روپ رکندڙ

ڀٽو: ڀوڪ، بيوقوف

رُکو: بدمزاج، خشڪ

ارڏو: ضدي، ڪرڙو

لاٻڙ چَٽوَ: بڪ بڪ ڪندڙ

هاڙهه، ڇُڇُ: ڪاٽڪو

ٿُڪو: بيڪار

شاهينگ: ڦورو

لفنگو: لوفر

گيدي: ڀڙوو

هوروالو: ڊپ وارو

لانڊارو: گدلن جي گهل

بَدوُ: بدشڪل

ٽوٽ: بي افالو

لانگ ڇوٽو:

بدوئڻ: بدشڪلي

هڙ تڙيو: رولو

لنگوتاڙو: لاءِ پاءِ بيهندڙ

بيڊولو: جسماني بيهڪ سٺي نه هجي

اڙٻنگ: ضدي، سرڪش

لُچ: لوفر

شيطان: شرارتي

گيڏ: ڇيڳرو

چُلهه مٽڻو: بدلڇڻو

اِبليس: وڏو شيطان/ لعنتي

ڇيڳرو: بدافعالو

ڏگري کنيل (مونث)

خناس: شيطان

نرڄو: نڪ جو ڏاڍو

دَلو: ڪُٽڻ پڙوو

احمق: بيوقوف

نِرلڄو: جنهن کي لڄ نه هجي

ڪَڃَر: ڀڙوو

گڏهه: بيوقوف

رذيل: ڪميڻو 

ڀاڙيو: بزدل

مُهانڇڙو: لڄارو، شرميلو

ڪِڇرو: گدلو

ڀڙوو: ڪُٽڻ دلال

نالائق: بدفضيلت

کونچرو: حرڪتي، شرارتي

لوٺيو: چُتو

خبيث: شيطان

واترادو: بڪ ڪندر

گانڊو: بزدل گيدي

خبيثياڻي: شيطان عورت

الهڙ: سيکڙاٽ

ٽرڙو: هلڪي طبيعت وارو

کارو کٻر: بدافعالو

مهڻيان: مهڻي هاب

ٽپوُس: هلڪي طبيعت وارو

کَرُ:  گڏهه

ڀيڻيان: ڀيڻ تي گار

ٻيجي تخم: حرامي

کريل: ڦٽل بدلڇڻو

ڌيجان: ڌيءَ تي گار

ڪميڻو: رذيل

بي سؤنتو: ڏنگو

لورو: گهٽ ذاتيو

نانگو: اگهاڙو

رنگيلو: ٽرڙو

هفت رنگي: بدچال عورت

رنگو: بدچال مرد

دُپستو ڄٽ: ٺپ ڄٽ

پليت: ناپاڪ، نجس

موڳو: وائڙو، منجهيل

مئو: نڀاڳو

بدمعاش: آواره

مورک: جاهل

ماريو: مڄو

لنگور: بدچالو

بيوقوف: بي عقل

مصيبت پيو: آفت پيو

بي شرم: بي حيا

ٽيڙ: بنيادي حرامي

نپٽو: بي اولاد، منحوس

بي حيا: بي شرم

فصل ٻٽيرو: ٽان ٽان ڪندڙ

مجهول: سست، جاهل

ڀوڪ: بيوقوف

گونهه خور: گلا ڪندڙ

نامعقول: نامناسب

مردود: ڌڪاريل

بدلڇڻو: خراب لڇڻن وارو

گنوسڙو: گسائيندڙ

مرون: سوئر

بي محابو: لاپرواهه

سپڙڪنون: ڪو به چڱو ڪم نه ڪندر

نڪمو: خراب

نڪ وڍيو: بيغيرت

اُٿا - مار:

ذليل: گهٽ ذات

بي نڪو: بي شرم

مڇڏ: نه ڇڏيندڙ

ٽِڪو: خسيس مرد

مغرور: ضدي

مٽر: چوپائي جي لٺ

ٽڪي: خسيس عورت

لاپرواهه: غرض نه ڪرڻ وارو

بي ڌيانو: ڌيان نه ڏيندڙ

بڇڙو: ڪنو خراب

سرڪش: بي چيو

بڪبڪيو: واترادو

بي تالو: تال سر جي بنا

بي ساکو: جنهن تي اعتماد نه ڪري سگهجي

بڪواتو: بڪ بڪ ڪندڙ

بدافعال: خراب عمل ڪندڙ

بدشڪل: خراب صورت

انڌو: نابين، بيشرم

کُواجو: کدڙو

بي برڪتو: نه وڌڻ وارو

بدفضيلتو: اخلاق نه هجي

بزدل: ڊڄڻو

ڪين ٿيو: ڪجهه نه ٿيو

بي مانُ: بي عزت

گينواريل: ڏڏ

نڀاڳو: چنڊو

ڪُپتيو: بي ايمان

پيٽ چٽو: گهڻو کائيندڙ

ملعون: لعنتي

ڦاٽوڙو دهل: راز نه رکندڙ

تيرنهن تالو: نخرا ڪندڙ

مشڪرو: مذاق ڪندڙ

مُٺو: ڦاٿل

هَنپو: مصيبت ماريل

هچارو: ويچارو

بدڪاريو: خراب ڪم ڪندڙ

بد عادتو: خراب عادت وارو

ڪوچڙو: گندو

لعين: لعنتي

سوئر: مرون

ڪجسو: جنهن مان چڱائي نه ٿئي

چغل: گلاخور

چغلخور: گلا ڪندڙ

گلا خور: لڱائي ڪندڙ

نمڪ حرام: وفا نه ڪندڙ

خنزير: سوئر

 

 

(م) ننڍڙن ٻارن واسطي:

تِيڪر

ٽِٽر

ڦوُسر

مُٽڻو

هَنگڻو

ڊڄڻو

روئڻو

چِڙڻو

جهيڙاڪ

ڦڏائي

سنگهر

پِچِرُ

گِگِرُ

چَڪرُ

لترُ

بي ايمان

ڪُپتيو

 

ڪي سمجهاڻيون:

سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪن لفظن ۽ جملن جون معنائون ۽ مطلب ڦرندا ٿا رهن. سبب ته هر پنجاهه ورهين کان پوءِ ٻولين ۾ ڪن لفظن جو واهپو متروڪ ٿيندو آهي ۽ وري ڪي نوان لفظ يا اسم نئين مخرج سان انهن جي جاءِ والاريندا آهن. اهڙي طرح چوڻيون، محاورا ۽ اصطلاح به ڦرندا گهرندا رهن ٿا. جيئن ته:

-  تپيدار هڪ لفظ استعمال ڪندا آهن جو رشوت جو حقيقي ڀاءُ آهي. پر انهيءَ کي چون: ”لاپو“. اصل لفظ ”لاڀ“ ان مان لاڀو ۽ پوءِ بدلجي ٿيو آهي لاپو.

- ”ٻاٻيس“ چيو وڃي ٿو قرب يا پيار کي. هن جو اصلي لفظ آهي: ٻار کي ماٺ ڪرائڻ جي لاءِ چوڻ: ”بابا، بس، بابا، بس“ جو ڦري ٻاٻيس ٿيو آهي.

- الهڙ جي معنيٰ آهي نئون يا جڙو، جيڪو جانور وهٽ يا ڍور ڪيڙيو نه ويو هجي يا ڀؤن نه ڏنل هجي، ان کي چئبو آهي. پر اصل لفظ اٿس ”اَلهه تو آهر“ يعني الله جي مدد ۽ ڀروسي تي. لفظ گهٽجي گهٽجي هاڻي ”الهڙ“ اچي پهتو آهي.

- چئبو آهي ته هاڻي انبن شاخون جهليون آهن. شاخون ته ٽاريون آهن، پوءِ هي شاخون ڪهڙيون؟ هنن جو اصلي لفظ ”اُساڪيون“ آهن يعني جيڪي انبڙيون اُس تي وڻ منجهه ئي پچي ڳاڙهيون ٿيون آهن.

- فلاڻو ماڻهو ”سکالو“ آهي يعني بيمار آهي، هن جو اصلي لفظ اَسگهالو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ته پوري سگهه نه اٿس.

- ٻليءَ ”رُهنڊڙا“ هنيا اٿس. اصلي لفظ ”نُونهنڊڙا“ يعني ٻلي جي نَهن جون رهڙون آهي.

- ڪلهي ڪاٺي، هاڻي چئجي ٿو: ”ڪنواٽي“ ڪنڌاٽ، ڪنڌ جو ڪاٺ آهي. ساهه ٻاهر ڪڍڻ کي ڦوڪ ۽ ساهه اندر ڇڪڻ کي پساهه ٿو چئجي.

- تڪڙي ساهه کڻڻ کي سهڪڻ. ڊگهو ساهه ٻاهر ڪڍڻ کي نيساسو ٿا چون. پر ڊگهو ساهه اندر کڻڻ کي دم گهٽڻ ٿا ڪوٺين.

- بوسي پوک، هيءُ سياري وارين پوکن جو نالو آهي، پر اصل لفظ آهي ته زمين کي گهڻو پيچ ڪرائڻ، هاري، خريف جو بچت وارو پاڻي زمين کي ڏيئي رجائي ڇڏيندا هئا، پوءِ سياري ۾ ان ريج تي جيڪا پوک ڪندا هئا، تنهن کي بوسي سڏڻ لڳا. ٻيو هنديءَ ۾ پَوهه جي مهيني کي پوس چئبو آهي، ۽ اهي پوکون پوسي به سڏيون وينديون هيون، ڇاڪاڻ ته پوس جي مهيني ۾ زور وٺنديون، پوسي، ڦري بوسي لفظ ٿي پيو.

- نڪ مان تڪڙو ساهه کڻڻ کي ”ناسون هڻڻ“ نڪ سان واس وٺڻ کي ”سونگهڻ“ نڪ سان پاڻياٺ کي مٿي ڇڪڻ کي ”سڻڪڻ“ نڪ مان ميل هيٺ ڪڍڻ کي ”سينگهڻ“ چئبو آهي.

(الف) چوڻيون:

ماڻهو چڙ ۾ اچي ٻي ڪنهن کي چئي ڏيندو آهي، ته وڃ ”ڦاڙهيءَ ڦاڇڪو“ اصلي چوڻي آهي: ”ڦاڙهيءَ پوئان ڇڪن“ جابلو ماڻهو ڦاڙهي جي مادي ڦاڙهي جي شڪار لاءِ رلندا وتندا آهن ۽ ان جي شڪار تي ڇڪن هوندا آهن.

”ننگ جون پاڙون دوزخ ۾“ پهاڪو ڏنو ويندو آهي. پر اصلي آهي ته: ”جي ننگ پارڻو ته دوزخ ۾ به“ يعني ڪيڏي به تڪيلف سهي ٻار ٻچا پالبا.

”آسر پوٽيون ڳالهيون“ هن چوڻي لاءِ ڪن سمجهيو آهي، ته آسرمل جا پوٽا اهڙيون ڳالهيون ڪندا هئا، جي نه ٿيڻ جهڙيون هونديون هيون، پر ائين ناهي هن جو مطلب آهي: اهڙيون ڳالهيون ٿو ڪري، جهڙيون ايشور جي پوٿيءَ ۾ لکيل آهن. ]خدائي صحيفن واريون ڳالهيونـ[ اِيشوَر پوٿيون.

”لَيڙ پيئو“ هيءَ گار آهي يعني جنهن جو پيءُ ليڙو هجي، منجهس مرداني طاقت نه هجي، ته اِهو ماڻهو ”ليڙ پيئو“ ليکبو.

”ماءُ جو وڌيڪ“ هيءَ به گار آهي، يعني ماءُ جي پرڻي کان به اڳ ڄاول يا وڌيڪ ڄاول، جنهن کي ٻين لفظن ۾ حرامي چئجي.

پهاڪا

اصلي

نوان

- جيئن دير تيئن خير!

جيئن دير تيئن انڌير!

- ٻه ڀائر ٽيون ليکو!

ٻه ڀائر ٽيون کيٽو!

- لٺ کڻجي ڀاءُ پاران شاهدي ڏجي خدا ڪارڻ!

شاهدي ڏجي سنگت پاران لٺ کڻجي ڀاءُ خاطر! يا مهل تي هڻجي موچڙو باڪره ڪجي ڪوڙ تي.

- مڙس ٿجي يا مڙس جي پاڙي ۾ رهجي!

مڙس ٿي مڙس کي پاڙي مان ڪڍجي!

- رنون رب رُلايون ڏاڙهين ڪهڙا ڏوهه؟

رنون راڄ ريجهايون ڏاڙهين ڪهڙا ڏانوَ!

- ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا

ڏاڍي جي لٺ بندوق برابر!

- جهڙو حال حبيبان، تهڙو پيش پريان

جهڙو حال حبيبان تهڙو پير پادر ۾

- وار ته ڦڻي نه ته ڪوڙائي کڻي

زال ته ڦڻي نه ته ڇڏ کڻي

- انڌ وٺ، منڊَ وٺ، پر ننڍ وٺ

پراڻي جتي جهوني زال مٽائجي سال بسال!

يا پراڻي جتي، جهوني زال، مٽائجي هر سال.

- ابي چاڙهي، ادي چاڙهي مون نه چاڙهي ته ڪنهن نه چاڙهي!

ابي چاڙهي ادي چاڙهي پوءِ به بک مرڻ، وڏي شرمساري!

- ماني ڍؤ تي موچڙو گهٽ

موچڙا ۽ ڍؤ تي ماني جِي ناهي پڪ

- مڙس ته ضدي نه ته ڇڏي ڏيوس

مڙس ته ڦڏائي نه ته ڪهي ڇڏيوس

- اشراف پنهنجي شرم ۾ ٿو مري

حرامڙو هڻي ته ٻه ڀاڱا کڻي

جي ڀانئين صرفو ڪريان ته پَٽ هنڊاءِ

جي ڀانئين نالوڪڍايان ته ٺاهه ٺڳي جو ٺاهه

- سپ نه ماري سپ جو سيراف ماري

نڪي سپ ماري نڪي سيراپ ماري ڏينهن پورن جو ٿو پاپ ماري

- درياءَ ڀر تي ڇوڪر ڪُڏي اڄ نه ٻڏي سڀان ٻڏي

براج پاڻي لئه هاري رڙي اڄ نه مري سڀان مري!

(ب) وڌيڪ معرب لفظ:

اهي لفظ جي ڦٽلن دڙن ۽ کنڊرن وانگر پاڻ ۾ فارسي يا عربيءَ جي ليهه ٿا رکن، پر معنيٰ ۽ مطلب ۾ ڪو ڦيرو ڪونه آيو اٿن.

لاڇوٽ: بروقت

لاپرواهه، لاغرض: بي ڌيانو

قتل قيام: هرگز نه

حي حرام: بلڪل حرام

زن طلاق: هرگز نه

الفابيئون: صفا نه (ڪين ڪڇيو)

يا باقي: صفا نه، خير ئي خير

اُم کي ويا: هميشه جي لاءِ ويا

خفا خون: بلڪل خون

الچپ من الماٺ: ماٺ ئي ماٺ

جُتي ڄکات (زڪوات): جُتي زڪوات ۾ ڏيڻ.

نئون نڪره: نئون نڪور. وغيره

(ج) غلط جملن جو استعمال:

-       ”ٽوپي مٿي ۾ پائي يا وجهي پوءِ نڪر“ چوڻ غلط آهي. ٽوپي مٿي ۾ اندر پئجي ڪانه سگهندي، پر مٿو ٽوپيءَ ۾ اندر پيل هوندو آهي. چوڻ کپي: مٿو ٽوپيءَ سان ڍڪي پوءِ نڪر.

-       ”جُتي يا بوٽ پيرن ۾ پائي پوءِ وڃ“ چوڻ غلط آهي. جُتي يا بوٽ پيرن اندر پئجي نه سگهندو. پر پير جتيءَ منجهه پيل هوندا آهن. چئجي ته: پير جتيءَ سان ڍڪي پوءِ وڃ.

-       ”بتي يا ڏيئي کي ٻار“ چوڻ غلط آهي. بتي ۾ جڏهن باهه اندر وجهبي تڏهن ٻرندي. چوڻ گهرجي: بتيءَ يا ڏيئي جي وٽ ٻار.

-       [در پور يا در ڏي] غلط آهي، پر چئجي: در بند ڪر.

-       [ڪلف ڏي] غلط آهي. پر چئجي: ڪلف پاءِ ڪنڍي ۾.

 

(د) اکرن جي کوٽ:

هن ٻوليءَ ۾ اِملا ۾ گهڻو ڪري ڪن حرفن جي کوٽ محسوس ٿيل آهي، جن جي لاءِ وڌيڪ اکرن جي الف - ب تهجي ۾ ضرورت آهي. مثال:

لفظ:

سَنهي: نِهه اکر پنهنجي سر الڳ آهي.

ڳالهه: لِهه اکر پنهنجي سر الڳ آهي.

پڻهين: ڻِهه اکر پڻ پنهنجي سر الڳ آهي.

سمهه: مُهه اکر پنهنجي سر الڳ آهي.

ڳاڙهه: ڙهه اکر پنهنجي سر الڳ آهي.

مٿيان مخلوط اکر آهن ۽ آواز پنهنجو يڪو ڪڍن ٿا.

(2) ي مجهول، يا ي معروف ۾ فرق ڏيکاريل نه آهي.

سُڃاڻي، سُڃاڻي، سِئين، سِئين.

هن ۾ ڏسَندا ته اڀي زير ڏئي اسان ياي مجهول کي ڌار ڪيو آهي، پر اُڀي زير دستوري طرح مروج ناهي.

(3) او، اوَ وارا آواز سهنجائيءَ سان نٿا معلوم ڪري سگهجن، اوکو، هن کي اَوکو به چئجي ٿو.

پُورو، پورو. وغيره

(4) نُون غنه:

چين، چوين، سَنڌُ، سَنَدَ.

        ڪا نشاني مقرر ڪانهي. اعرابن مان آواز سڃاتو ٿو وڃي.(1)

لکڻ:

        سنڌي ٻوليءَ جي صورتخطيءَ ۾ ڪيترا لفظ غلط لکيا ٿا وڃن، جن کي درست ڪري لکڻ لاءِ هيٺ پيش ڪجي ٿو:

غلط

صحيح

ياداشت

ياداشت

ڪارروائي

ڪاروائي

مختيار

مختار

سهولت

سهوليت

همٿ

همت

جرئت

جراءَت

ذات ضمات

ذات جماعت

زائفان

ضائفه

اضافو

اضعافو

سمڪ

سمعڪ

جُسو

جُثو

سمر

ثمر

سان ستي

سانحه سطحي

هاج

حاج

ميراثي

ميراسي (هن لاءِ چيو ويندو آهي، ته راڄ کين ورثي ۾ مليل آهن، تنهنڪري ميراثي سڏبا آهن - ورثي ملڪيت ٿيندي آهي نه ماڻهو! پر جي غلام هوندا ته ورثي ۾ اچي سگهن ٿا.(1)

وسيت

وصيت (مئي ماڻهو جي ڪيل هدايت)

هاسيڪار

حاصل ڪار

ملاکڙو

ملهه آکاڙو

شڪيلا

ثقيلا (ڳؤرا)

(هه) گهڻي معنيٰ رکندڙ لفظ:

گهڻا: اڪثر، اَجهاڳ، اڻکٽ، اکٽ، ڪثير، بيحد، بيشمار، بي انت، بي حساب، بي عدد، اڻڪٿ، انڇر، انيڪ، ڪينجهر، گنج، اَپار، بي پايان، اڻڳڻت، مُئو، جام، ججها، تمام، اڻميا، کِچ، لاتعداد، حشام، هجوم، قدرڪون، انبوهه، انبار، جوق درجوق، خلقون، ميڙ، ميڙا، ڀينڀا، ڳچ، ڳپل، اُڙد، دلَ، ڪٽڪ، کوڙ، ڳڻپ کان ٻاهر، ڪاٿي کان ٻاهر، ولر، وڳر، ڳارا، رانهون، ترڇٽ پٽ نه پئي، رانجهن، رنگ، نڪوي مٿو نڪو هو. ڍير، گدام، نُونر.

خبر: سُڌ، ڪلَ، سماءُ، ٽيٽ، کُڙڪ، سڻڪ، سمڪ، پتو، ٻيٽ، واءُ، وانئٺ، ڪرَ، گم.

قياس: ترس، رحم، ديا، ڪرپا، ٻاجهه، مهر.

احسان: منگهيه، ٿورو، مهرباني.

ظلم: پاپ، بيداد، بغداد، ناحق، ويل، انڌير، ستم، انرٿ، انياءُ، هَچا، ڪِيس، قهر.

دستور: نمونو، ڍنگ، ڊول، طريقو، رواج، ريت.

واسطي: لاءِ، لئه، براي، بابت، ڪاڻ، ڪارڻ، خاطر، بابت

ور: مڙس، مرد، ڪانڌ، ڀتار، پتي، آهر.

جوءِ: زال، عورت، اسٽي، استري، پتني، ضائفان.

ڪنوار: وني، بنري، وينگس، لاڏي، لاڏلي.

گهوٽ: ونو، بنرو، بنو، لاڏو، لاڏلو.

بوءِ: خوشبوءِ، هُٻڪار، ڇٽ، ڌپ، کک، هوٻارو، سُڳنڍ، ايناڻ، بانس

ڳر کُري: ٻِجيوي، گرڀڻي، ڳڀوراڙي، گرڀ ونتي، ڳرهاري، حامله، ڍُڪي، پيٽ سان، اميدَ سان، پيٽ واري.

بيوقوف: مورک، ڇسو، ڀُوڪ، نامعقول، مجهول، ناظرف، بي تميز، گڏهه، اوڳو، موڳو، گيڏ، جاهل، بي سمجهه،نادان، نالائق، احمق.

--------


(1)  هن لاءِ سنڌي عالمن جي ڪاميٽيءَ جي ضرورت آهي، جي پاڻ ۾ گڏجي املا جي لفظن کي انهيءَ نموني مقرر ڪن، جيئن پڙهندڙ کي ڏکيائي محسوس نه ٿئي. (ليکڪ)

(1)  ميراثي جي اصلي صورتخطي ميراسي آهي. هن جو اشتقاق آهي: مير + راس. مير معنيٰ وڏو. راس معنيٰ راڳ. يعني راڳ جو ڄاڻو، ماهر گويو. (ادارو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org