سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سنڌ جو لوڪ ثقافتي ورثو

باب: 12

صفحو :19

 (الف) ڇٽ:

هڪ ٻارهن فوٽ ڊگهو، فوٽ - سوا ويڪري قطر وارو گول ڪاٺ، جنهن جو هيٺيون حصو اٽڪل چار فوٽ کن ڊيگهه ۾ ۽ ٿلهائي ۾ ڌوپ ڇٽي بند ٿيل وانگر ڏسڻ ۾ ايندو. مٿان ويڪراڻ ۽ هيٺ گولائي سوڙهي ٿيندي وڃي ڪند وٽ چهنبدار ٿي بيهندي، ان ڪاٺ جو مٿيون حصو فوٽ کن هڪجهڙي گولائيءَ ۾ پر مٿيون حصو البت ٿورڙو گهٽ گولائي وارو ٿي بيهندو آهي. ان کي نار جو مُهرو سڏبو ان ۾ ڇٽ جڪڙجي بيهندو آهي. ان مُهري جي وچ وارو کپو، ڇٽ کي پاڻ سان چهٽائي ٿو بيهي. سو هن طرح سان. ٻه تختا / پاٽيا / داٻڙا سل چوڙ ٿيل هڪٻئي تي آڏا رکيل تن جو وچ کَپي چورس يا گول ڳاڙک گهڙي مهري جي مٿان اُڪاري ڊڍر وٽ ٺوڪي ويهاريندا. ان جو لچڪو [گنبي يا چپر هڻي مضبوط ڪندا] لهي ويندو. پوءِ انهن جون پڇاڙيون اڌ گولائي ۾ ڇل وٺي رکندا. ٻن اڍائن فوٽن جي وڇوٽي وٺي انهن جي مٿان ٻه تاڙيون يا چورسا پٽين وانگر گهڙيل، اهي به ڇٽ جي ونگن يعني ونگڙين پٽين ۾ ٺوڪي ويهاريندا. اهي ونگون ٻن حصن ۾ ورهايل هونديون آهن. هڪڙيون مٿئين داٻڙي جي تاڙين ۽ اڌ گول پڇاڙين سان وڃيو ٿيون لڳن ۽ ٻيون وري هيٺئين تختي مان نڪتل تاڙين ۽ پڇاڙين کي سوگهو ڪنديون آهن. ٻنهي پاسن [هيٺين توڙي مٿين] ونگن کي ڳنڍي بيهارڻ جي لاءِ ”آرا“ جيڪي ٿوم جي ڳڙين جهڙا ڪاٺ جا ڪٻڙا يا چڪرا چوڙسل تي گهڙيل آهن، سي ڦهڪائي بيهاريندا آهن. انهن ڪٻڙن ۽ ونگن کي وري ڪاٺ جون ميخون سوراخن ۾ جن کي سوهڻ(1) يا سوئل چون، هڻي قابو ڪن، پوءِ اهو سڄو گولائي ۾ ٺهيل پڃرو بنجي پوندو آهي، جو آهي ڇٽ. ان ڇٽ سان مهري جي وچ وٽ هڪ ست - اٺ فوٽ ڊگهو ڪاٺ يا پاٽيو جو فوٽ ڏيڍ ويڪرو هوندو آهي، سو پڻ جڙي جٽي ڇڏيندا آهن. جنهن کي ڳاڌيءَ جو نالو ڏين. ان جي پڇاڙي ۾ اوٽڻو گهڙي سلي هڻن، ان کي ڪماڻ [پٽيلو] ڪوٺين، اهو ٺوڪي بيهارين ان ڳاڌيءَ وسيلي ڇٽ ڦرندو جو سڄي نار کي ڦيرائيندو آهي.

(ب) چڪر جي بناوت:

نار لاءِ ٻيو هڪڙو گول ڪاٺ جنهن کي لٺ چون، ان جي منڍ ۾ چڪر جڪڙيل هوندو آهي. هن لٺ جي چڪر واري پاسي ڊگهائي سنوالي ۽ پوڇڙ واري پاسي گهٽ رکندا آهن. ان گهٽيل پاسي ڏي اٽڪل ٽن - چئن فوٽن وٽ وچ ٿلهيرو ٿيندو اٿس. اُن اٿيل گولائي واري ڀاڱي کي ڊيڍي /ڊُڍي چون. اتي ڀانڊو کپندو آهي. هن لٺ جي پڇاڙي گولائي ۾ چهنبدار ٿيندي آهي، انهيءَ چهنب کي ”وَهو“ سڏين. لٺ جي منڍ ۾ چوڙسل ڪري، هڪڙو تختو چپرن سان سوگهو ڪري ٺهڪائي لڳائين. ان تختي مان اڙيون لنگهائي،ونگن جي وريل اڌ گول پٽين ۾ کوڙين. انهن کي سوهڻ هڻي ونگن جي منهن ۾ ”مکڙا يا ڏندا“ ونگن سان جوڙي جٽ ڪن، جن جون چهنبون هوبهو ماڻهوءَ جي ڏندن وانگي ڏسڻ ۾ اينديون آهن. جڏهن ڇٽ کي وهٽ ڳاڌيءَ اڳيان ٻڌي ڇڪيندو آهي، ته ڇٽ جا چڪر جي ڦرڻ تي، چڪر واري لٺ پٺيان ڀاندي به پئي ڦرندي آهي. چڪر، زمين سان لڳي روڪجي، نه بيهي تنهنڪري چڪر هيٺان کڏڙي کوٽي ڇڏين جنهن کي ”چهي“ چون.

چڪر ۽ ڇٽ ۾ هيءُ فرق آهي، جو ڇٽ کي ٻن اڍائن فوٽن جي وڇوٽيءَ تي ٻه تختا لڳندا آهن ۽ ونگن ۾ قابو ٿيندا آهن. جن کي اَرا يا ڪٻڙا پاڻ ۾ ڳنڍي بيهاريندا آهن، پر چڪر ۾ فقط هڪڙو داٻڙو [تختو] منهن ۾ هوندو آهي ۽ اراڪو نه ٿئي، بجاءِ ان جي ونگن سان مکڙا يا ڏندا شامل هوندا آهن. ڇٽ ٻائڙ [مقدار] ۾ وڏو ٿيندو آهي ۽ چڪر ان کان گهڻو ننڍو هوندو آهي. باقي بناوت جو نمونو ٻنهي جو گهڻو ڪري ساڳيو هوندو آهي.

(ج) ڀانڊي جي بناوت:

چڪر واري لٺ جي ڊڍيءَ وٽ سلَ سليندا آهن، جي ٻن قطارن ۾ ٿين. انهن ۾ اڍائي - ٽي فوٽ، چورس انچ - سوا جون پٽيون ٺوڪين جن کي ”اوڀارا“ سڏين. اوڀارن جي پڇاڙين ۾ چارفوٽ ڊگهيون ٻه - اڍائي انچن واريون چورس پٽيون چوڙسل ڪري ٺوڪي لڳائين. انهن پٽين کي ”ڦرهيون“ سڏيندا آهن. انهن ڦرهين کي گولائي ۾ قابو ڪرڻ جي لاءِ وري ونگڙيون پٽيون جن کي ”وَنگون“ چون. سوگهيون ڪري کپائين. هنن کي به چپرن ۽ گنين سان لٺ ۾ فٽ ڪن ۽ سوهڻ هڻي سوگهو ڪن تان جو سڄو پڃرو جڏهن بنجي وڃي، ته ان کي ”ڀانڊو“ چون. پر هرلي ۾ ان کي ڀاندي ڪوٺين. هرلي جي ڀانڊيءَ جو ٻائڙ يا مقدار جسم ۾ ننڍو هوندو آهي، پر نار جو ڀانڊو ٻائڙ ۾ وڏو هوندو آهي ۽ گهڻو پاڻي ڇڪي ٻاهر ڪڍندو آهي. ڀانڊيءَ ۾ ويهن تائين اوڀارا ٺوڪيندا آهن، پر ڀانڊي ۾ ٽيهن ٻٽيهن تائين به اوڀار لڳندا آهن. ڀانڊيءَ ۾ ڦرهيون ٻارهن کان سورهن تائين، پر ڀانڊيءَ ۾ سورهن کان ويهن تائين کپايون وينديون آهن. هن کي ڍينگو [ڍينگلو] به سڏين.

ويساهون ۽ ٺهڪڻو:

الف ويساهون، هڪ پڃر يا لڙهو نار کي بيهارڻ جي لاءِ چڪر جي ڏندن ۾ اٽڪائي کڻي پٽ تي رکندا آهن. ڊگهو پاسو زمين تي ڇوٽو پاسو ڏندن ۾ اٽڪيل هوندو اٿس. هن کي جهل به چون. نار بيهارڻ جو ڪم ڏيندو آهي. بگهاڙي يا ٺهڪڻو، ڪاٺيءَ جي اٽڪل ٽي - چار فوٽ پٽي يا پسر جنهن جي ٻن - اڍائي فوٽن تي وچ کان ٿورو مٿڀرو هڪڙو کپو ٿيل هوندو، ان کپي مٿان اڌ کن مايي جو ڪپي ڪڍي وٺن ٿا ۽ هيٺئين پاسي جي وري ڇل وٺي، بند ٿيل مٺ مان جئن ڏسڻي آڱر ڪڍي، ڪنهن ڏانهن اشارو ڪبو آهي. اهڙي شڪل جي ڪاٺي بنجي بيهي ٿي، پوءِ ان جو هيٺيون ڇيڙو کپُ ڪري، ڪنهن ٻاهُو يا ڪنهن پڃر سان ٻڌن ۽ باقي حصو ڀانڊي جي ڦرهين تي رکي ڇڏين. جيئن جيئن ڀانڊو پيو ڦرندو آهي، ته اها پٽي ڦرهين سان ٽڪرجي ”ٺڪٺڪ“ جو آواز پئي ڪندي. آهي انهيءَ ڪري هن کي ٺهڪڻو به ڪوٺين ۽ ڪي جهل به چون. هيءُ ڀانڊي کي پوئتي هٽڻ نه ڏيندو آهي. جي ڀانڊو پوئتي ڦريو ته سڀ لوٽا، جي پاڻيءَ سان ڀريل هوندا سي مالهه کي هيٺ ڇڪي وڃي تڙ ۾ خالي ٿيندا. انهن کي روڪڻ خاطر ٺه ڪڻي جو نار ۾ هئڻ ضرور ڄاتو ويندو آهي. انهيءَ کي ڀرڄل [برجل] به چوندا هئا.

مالهه:

آتهه [ڊڀن] کي سٽي ڪٽي، نرم ڪري انهيءَ مان رسو وٽي ٺاهيندا هئا. يا پيش جا ڦرها وٺي، انهن کي پُسائي سٽي ڪٽي انهيءَ مان ٻه نوڙ وٽيندا يا ڪاٻاڙ جي ٻن - ٻن رسن مان اُهي نوڙ ٺاهيندا. انهن نوڙن جي ٻاڙي هڪ فوٽ جي مفاصلي تي ڪاٺ جون گهڙيل ايرڙيون جيڪي ٻاڙي کن ماپ جيتريون ٻنهي پاسن کان کپيل چيپاٽڙيون هونديون آهن ۽ پاڃاريءَ جي مٿينءَ ڪونهاٽيءَ وانگر ڏسڻ ۾ اينديون آهن. تن جا ٻئي ڇيڙا ٻنهي نوڙن جي وڪڙن ۾ سڌائي ۾ ونگيندا ويندا ۽ جڏهن سڀ ايرڙيون پوريون ٿيون يا گهربل مقدار ۾ ايرڙيون ڳنڍ جي ويون، ته ان رسي جا پڇڙ پاڻ ۾ ڳنڍي، هار وانگر گول ڪندا آهن، جنهن کي ”مالهه“ ٿا ڪوٺين.

ان مالهه ۾ هڪ هڪ ايرڙي ڇڏڻ ٻاريءَ تي سنڊَ [لوٽا يا ڪنگريون] ٻي نمبر ايرڙي تي رکي مڃ [واڻ] جي نوڙي جي ٻاڙ سان سنڊ جي ڳچيءَ ۾ ڳاري ڏيئي وڪڙ چاڙهي، هڪڙو سنڊوڙيءَ تي ۽ ٻيو لسو ٻڌندا ويندا. سنڊ ٻڌجي ويندا، ته مالهه ڀانڊي تي چاڙهيندا پوءِ جيڪو به سُنڊَ ڀَڄندو پيو ته مالهه چڙهيي ئي ٻڌي ڇڏيندا. جي کوهاڏو هوندو ته ٽنگڻ مالهه چاڙهيندا جي تانگهو پڙواڏو هوندو، ته لڙڪيل مالهه جنهن کي نيساري مالهه پڻ چون. اها ڪم آڻين. پڙواڏي [کوهاري] جو پاڻي جي ڀاندي سان پيو ٽڪربو، ته مالهه کي گسڪڻ کان روڪڻ لاءِ ڦرهين سان ڇڪي ٻڌي ڇڏين. ان کي ”ٻائڙ ٻَڌو“ [ٻاڙوُ ڌو] هرلو سڏين، پر جي مالهه ڦرهين سان مالهيل يا ڇڪيل نه هوندي آهي، ته ان هرلي کي ”ڇاڙهو هرلو“ يا ٽرنگڻ چون. هرلي جو پاڻي نيسر کان هيٺڀرو هوندو ته ان کي نيسارو هرلو چون. کوهاڏن ۽ کوهن تي چاڙهيل مالهه ڪنهن پاسي رڙهي نه وڃي، ته ان جي لاءِ ڪنهن پڃر ۾ رسو ٻڌي، مالهه جي ڀر ۾ لڙڪائي ڇڏين. ان کي مالهيارو يا مالهيٽو سڏين. کوهه جي پاڙ جي ۽ مالهه کي روڪڻ واري ڪاٺيءَ کي باقَّهه چون. ياد رکڻ گهرجي، ته هرلي ۾ رڳو ڇٽ ۽ ڀانڊي ٿيندي آهي. ڇٽ ۾ جيڪي ڦرهيون هونديون آهن، تن جا ڇيڙا ڊگهيرا ڇڏيندا آهن، جي وري ڀانڊيءَ جي ڦرهين ۾ اٽڪي ان کي ڦيرائيندا آهن.

نار يا هرلي کي هلڪي ڪرڻ ۽ سريلي آواز ڪڍائڻ واسطي تيل جا پها ڀري وَهي ۽ ناهَور کي ڏيندا آهن. درياءَ جي هيٺ لهڻ تي پاڻي مٿي چاڙهڻ واسطي ٻچڙهه يا ٻيهڙ چاڙهيندا آهن. جنهن کوهه تي آمهون سامهون ٻه نار وهندڙ هوندا آهن. اُن کي جُنگ کوهه سڏجي ٿو. کوهه واري نار جي ڳاڌيءَ کي ٻانڀو چيو ويندو هو.

نار ]هرلو[  چاڙهڻ:

چاڙهيڪن جا ڏينهن آيا ته هر طرف هُرلا چڙهيا. هُرلي جا ٻه حصا ٿين: هڪ ڇٽ ۽ ٻي ڀانڊي. پڙواڏو کوٽجي تيار ٿيندو، ته ٻه اُڀا ڪاٺ جن کي ٻُنديون چئبو آهي، انهن کي مڇا، ٻسانگيءَ کان ٿورو مٿڀرو ڏيندا آهن. انهيءَ ٻه ڦانگيءَ جي ڳنڍ وٽ پوري وچ ۾ کپ ٿيل هوندو آهي، جنهن کي ناهور چون، انهن ٻُندين مٿان ڀانڊي جي لٺ سڌائي ۾ رکي، ان لٺ جا وَها يعني بدوڙي وانگر گهڙيل چهنبدار پڇاڙيون، هڪڙو هڪڙيءَ ۾ ٻنديءَ تي ۽ ٻيو وَهو ڀارونيءَ جي ناهوَر تي رکن. ڀاروني اها ڪاٺي هوندي آهي، جيڪا آنڪڙي وانگر يا گاڏيءَ جي اوٽڻي وانگر گونپاتي گهڙيل هوندي آهي. ان جي مٿئين حصي جي پڇاڙيءَ ۾ ناهور جي گڏِ ۽ ونگ واري پاسي مٿان ڇٽ جي ڪُندَ جي گڏ نپيل هوندي آهي، هن کي گوڏو به چوندا آهن. ڀارونيءَ کي روڪي يا جهلي بيهڻ واري ڪاٺ کي تراٺ [ڀرجهلو] چون، جيڪو ٻاهن سان ٽيڪ تي بيٺل هوندو آهي. پڙواڏي جي پڳهه برابر جيڪو ٻاهُو رکندا آهن. ان تي هڪڙو لڙهو جو ٻگهه پکي جي ڳچي ۽ چنهب وانگر پيو لڳندو آهي تنهنجو ڇيڙو جهلڻ يا ٻاهوءَ ۾ ڦاسائي ۽ چهنب وانگي جيڪو حصو هوندو، سو ڀانڊي يا ڀانڊي جي وچو وچ اُڀو ٿي بيهندو، جنهن تي پاڙڇي جو بند ٿيل سرو رکندا ۽ کليل حصو نيسر مٿان رکندس. پاڙڇو، نيساري وانگر هڪ ويڪرو گَهڙيل ڪاٺ جو دوڳ آهي. هن جي ڊيگهه ٻه - اڍائي فوٽ ۽ ويڪر فوٽ ڏيڍي هوندي آهي. اڌ فوٽ يا پورو فوٽ کَٻيل يا وچان مايو نڪتل هوندو اٿس. نيسر، به پاڙڇي وانگر کٻيل هوندي آهي. منڍ وارو پاسو بند هوندو اٿس ان تي پاڙڇي جي پڇاڙي رکيل هوندي آهي. نيسر جي ڊيگهه اٺ - نوَ فوٽ، ويڪر فوٽ ڏيڍ وچان مايو نڪتل يعني نپيل هوندي آهي، نيسر جو گهڻو ۽ ڊگهو حصو اڏ مٿان رکيل هوندوآهي. ۽ ٿورو ۽ مٿيون حصو پڙواڏي منجهه مٿڀرو هڪڙي ڪاٺي، جنهن کي ڪٻرَ [نيسراٽي] چون، ان مٿان رکيو ويندو آهي. ڪا نيسر کليل هوندي آهي ۽ ڪنهن جي مٿان ڏڪوريون [ننڍيون ڪاٺيون] ڏيندا آهن، ڪٿي نار کي ان مٿان جهَڪ وجهي ڀنجو ورائي ڇڏيندا آهن.

ب - ڇٽ چاڙهڻ:

تڙ سان هڪ اڳڙياٺ باهو ڀِڪ سان ڀتل هوندو آهي، جيڪوو پڙواڏي جي ڪنڌيءَ کي هيٺ ڪرڻ نه ڏيندو. ان تي ڀاروني يا گَوڏو رکيل هوندو. جيڪڏهن گوڏي ۾ گڏ هيٺڀري هوندي، ته ان کي گٽهڙو ڏيندا [چاپائي يا ڪاٺ جي دڪي] جنهن ۾ نئين گڏ نپيل هوندي، ڇٽ جي لٺ جي ڪُنڊ ان گِڏ ۾ وجهي ڇٽ اُڀو ڪندا ۽ سندس اَرا ڀانڊيءَ سان اٽڪي بيهندا. پوءِ مٿانئس ڪاڃڻ سڌائي ۾ سمهاريل هڪ ڪاٺ رکن، جا پيلپائن تي رکيل هوندي. ان جو هڪڙو پاسو سل چوڙ ٿيل مُن جا ٿوڻي آهي ۽ ٻيو پاسو پَخاني رکن [هڪ ٻسانگي ڪاٺي سامهون کتل]. ان جي ٻنهي ڦانگن جي وچ ۾ هڪ ڏڪ ٻڌن، جنهن کي وري پهاڄ [واتُوري] سڏين، تنهن جي مٿان ڪاڃڻ جو ٻيو ڇيڙو رکندا آهن. جو چورڻ ڦيرڻ ۾ سڻائو ٿيندو آهي. ان ڪاڃڻ جي وچ تي مڪڙو جو مڇي مارڻ جي ڪنڍيءَ وانگر ٿيندو آهي، سلُ ڪري ڪاڃڻ ۾ ٺوڪين.ان مڪڙي جي وڪڙ ۾ ڇٽ جي لٺ جو مٿيون پاسو روڪجي بيهندو آهي. مڪڙيءَ کي ڪاٺ مان گهڙيل ڪاٺي، [جنهن کي ٻنجو چون] ڪامِڻ جي کپ ۾ هڻي سوگهو بيهارين.

ج - پڙ ۽ منهه:

ڪاڃڻ جي ابتڙ نريءَ واري پاسي ڏانهن مٿان هڪ ٻيوڪاٺ جو ڪاڃڻ کان جانتا ننڍو هوندو آهي، سو پخاني ۽ ٻيءَ ٿوڻي مٿان سڌو سمهارين. ان کي لاٽڻ چوڻ، پوءِ انهن ٻنهي مٿان ڪاٺ ڪلا ۽ ڪک ڪانا وجهي ڇڏين، ان کي منهڙو [ٻاڏ] سڏين جو پڙ مٿان ڇانوَ ڪري بيهندوآهي.

پڙ، نار جو پڙ کوهاڏي [پڙواڏي] کان پرڀرو هوندو آهي، پر هرلي جو پڙ، کوهاڏي [پڙواڏي] جي ٻنهين مٿان ٺاهيندا آهن. پڙواڏي جي نريءَ مٿان تڙاٺ ٻاهو ته اڳ ۾ ئي رکيل هوندو آهي، انهن تي وري لڙها، پڃر ۽ ڏڪ [ڪايا] رکي، انهن تي ڪرڙن جو جهڪ [ڪرڙن جا ڀُرڪٽ] سِڻ، ٻُوهه / اَڪارو رکي ڀنجو ورائي سڌو ڪن، جنهن تي ڍڳو يا ڏاند، گاڏي سان ٻڌل پيو ڦرندو آهي. تنهن ٽُڪر يا گولائي کي پڙ ڪري ڪوٺين. پاڻيءَ جي ڇاٽ پڙ تي لڳي پڙ پسائي نه رکي، تنهنڪري ڇاٽ کي روڪڻ جي لاءِ پتر آڏي ڏين.

پتر هن نموني ٺاهين:

جنهن طرف پتر ڏيڻي هوندي، ان پاسي ٿوڻيون هڪٻئي کان وڇوٽيءَ تي کوڙي گَدُيندا، پوءِ ووڻانٺيون يا ڪانا، سٿي پکيڙي چار انچ کن بر واري پتر کي پٺيان وريو يا لڙهيو ڏيئي، جي به ڪانن ۽ ووڻانٺين مان لڙهن وانگر ور وراٽا ڏئي، نوڙين سان وڪوڙي ٻڌي ٺاهيندا، ۽ پتر کي پٺيان رکي ڇڪي انهن سان جڪڙيندا ۽ اهڙا ٻه وَر يا هڪ هٺڀرو ۽ هڪ مٿيرو ٻڌندس، پوءِ کڻي ٿوڻين سان ٺهڪائي ڇڪي ٻڌي ڇڏيندس.

پتر جي پوئتان ڍورن جا آهورا، ڪُتر جي ڪوٺي ۽ هارين جو سامان سڙو رکيل هوندو آهي. ڪي هاري وري ڇانولي جي لاءِ وڻ پوکيندا آهن، جن ۾ ڪنڊو، ٻَٻُر، سريل، پپر، بڙ، گدامڙي، ٻير، ڄار، کٻڙ وغيره هوندا آهن.

هُرلن ۽ نارن تي نظم

رک نگاهه نهور تي، جهلڻ نه جهلندياس.
ٻاهو عضوا عجيب جا، ڪاڪيون ڪاهيندياس،
ونگ سنگ واٽون وندر جون، سهجون سڀ ڪجانس،
اوڀارو اڻڄاڻ کي، گنبي گوڏو ڏجانس،
ڦرهي پنهنجي ڀرسان، ورَ ويڙهي ورندياس،
ارڙيون، ارڙا، نه ڪجو، مهل تي ملندياس،
ڀاڳي ساڳيا سٽهل جا، تنهن جي شال ٿيندياس،
پاڙڇ پن پريت جو، اوڇڻ ٿي ڌرندياس،
نيسر پنهنجي ڀرسان، ٻاري ٻاجهه ڪندياس،
چئيءَ کي چڱو ڪري، وڃي ڏاتر ڏات ڏجانس،
ڀاروني به ڀلن جي وڃي، گولي گس ڪندياس،
ترياٺ سان تڪڙي وڃي، ماروءَ کي ملندياس،
مُهر ري محبوب جي، چڪر ٿي چلندياس،
آڌاڳيءَ لئه عجيب جي، واڳي ٿيو وتندياس،
هڻي مڪڙو محبت جو، ڪاڃڻ ٿي پوندياس،
لاهه منارا آب جا، پاڻي ڇو پڇندياس،
تار به تند عشق جي، وڃي ”لٺ“ تي لوچيندياس،
ٿاهر، ٿڙ ٿنڀريءَ جو وڃي، ته ٽوٽڻ تي ٽوڙيندياس،
جانب جوهر جيءَ جو، وڃي ڏورڻو ڏوريندياس،
ڪانءَ، به ڪانگيرو ڪيو، وڃي پڙاٺ تي پوندياس،
پيس ڪڍ قرب جي، ڳاڌيءَ سر ڳهندياس،
دعا ڪريو مون ڀائرو، وڃي نار اڳيان نوند ياس،
آکي ”الهداد“ عشق منجهاران شال مولا سان ملندياس!(1)

 

ٻيون حقيقتون:

1. جاڙا نار: هنن ۾ وهٽن جي وهڻ جا ٻه پڙ هوندا آهن: ٻه ڀانڊا، چار پاڙڇا ٻه ٻه ڀانڊن جي وچ ۾ ٿين ۽ پنجين ٿئي نيسر. هنن جي پاڻيءَ کي ٻناري جو پاڻي ڪوٺين.

2. ٻيهڙ نار: پاڻي تمام هيٺ هوندو آهي، ته تري ۾ هڪڙو نار يا هرلو چاڙهي ان جو پاڻي مٿي پڙواڏي ۾ آڻي، وري انهيءَ تي ٻيو نار يا هرلو چاڙهي پوءِ اهو پاڻي زمين جي سڌائي تي آڻين. اهڙا ٻيهڙ گونيءَ تي گهڻا چاڙهيل هوندا آهن. جڏهن پاڻي تاڙ ڏيئي ويندو آهي، ته پاڻيءَ جي ڪا ٻٽ انهي طريقي سا پوري ڪندا آهن.

3. هرلو: نار کان گهٽ پاڻي ڇڪيندو آهي، هرلي جي پڙواڏي ۾ جي گهڻو پاڻي هوندو، جنهن ۾ ڀانڊي اڌواڌ ٻڏي بيهندي آهي ۽ گهڻي پاڻيءَ ڪري مالهه گسڪڻ لڳندي آهي، ته انهيءَ مالهه کي ڀانڊيءَ سان ڇڪي ٻڌي ڇڏيندا آهن. اهڙي هرلي کي ٻائڙ ٻڌو يا ٻاڙوڌو هرلو چون. جي پاڻي هيٺ هوندو، ته ڇاڙهو هرلو ۽ جي پاڻي نيسر جي برابر هوندو، ته ان کي ”نيسارو هرلو“ ڪوٺين، ٻائڙ معنيٰ ڀانڊي جو مقدار يا قطر جي ماپ.

4. نار جي نري: واهيءَ يا ڪسيءَ مان پاڻي اچڻ بند ٿيو يعني پاڻي ڇڄي ويو ۽ سنگهارو پئجي ويو، ۽ پوک کي هڪڙي پيچ جي ضرورت هوندي، ته هاري اصلي پڙواڏي تان هرلو پٽي، ڪڙيي يا ڪور تي ٻه آمهان سامهان ٻاهُو سڌا رکي، انهن مٿان پڙ ٺاهي، هرلو واهائيندا هئا، اهڙي هرلي کي ”لانگڙيو“ ڪوٺنيدا هئا.

5. ٻيلهڻ: ڪي هاري وري هڪڙو وڌيڪ هرلو جتي واهه ۾ پاڻي گهڻو هوندو هو يا ڪنهن ڍنڍ، تلاءَ يا کڏ مٿان چاڙهي ان جو پاڻي پنهنجي ڪڙيي ۾ آڻي پوءِ اصلي پڙواڏي وارو هرلو هلائيندا هئا. اهڙي ٻٽي هرلي چاڙهي پاڻي پهچائڻ کي ”ٻيلهڻ“ ڪوٺيندا هئا.

6. جاڙا هُرلا: ڪٿي ڪٿي جاڙا هُرلا به وهندا هئا، پر انهن جا پاڙ ڇا گڏيل نه هوندا هئا، هرڪو پنهنجي پنهنجي پڙ تي پيو وهندو هو، پر منهه هڪڙوئي هوندو هئن. پراڻي هرلي کي ڍينگو يا ڍينگلو ڪري ڪوٺيندا هئا.

ڪافي:

ٿل: ڇا ڳاڌي ڇا ڳٽڪار، ڇا اسان جو ارٽ وهي آڌار تي

 

وهندا روز وڃن ٿا يارو، ٻڌائون ڏاند بگو ۽ ڪارو،
پاڻي پاڙڇ ڀريو نيسارو،آئي آنڌيءَ جي وار:
ڇا اسين ڪاهي پياسين ڪوڏار تي!

 

نوان ناؤڪا ٻنا ٻهاري، ٻِروڻي ٿي هرهڪ ٻاري،
هارين هَرَ هٿ چونيا واري، سلن جو سينگار:
ڇا اسين ڪوڏيا جوئر جي ڪار تي!

 

پنهنجي پوک رسايائون رانهي، هر هڪ هاري سينو ساهي،
ڊڍي چؤنڪ ڪئان پيا ڪاهي، لڳو واءُ وڻڪار:
ڇا اسين موڙهين ٻڌڻ جي مار تي!

 

آخر ڪي سنگ نسري آيا، مٿان مڪڙن مورچا لايا،
هيٺان هارين هُل مچايا، داڻن جا ڌڌڪار:
ڇا سڀ ٿيا سَٽڻ جي سار تي!

 

پوک پرت جي ثابت هوندي، ڌڪو ڌومون مور نه کيندي،
هر برک کان بازي نيندي پاڻيءَ جا پلتار:
ڇا رَکَ نيڻن جي نار تي!

 

”امين محمد“ عبرت آهي، نيٺ وڌائون لابار لاهي،
ڳاهه ٻڌائون ڳوڌا ڳاهي، وائر جي وسڪار:
ڇا اسان داڻا نيا درڪار تي!(1)

 

ڪافي ٻي:

ٿل: دم دم جا ديدار، اپر اسان جي نار تي.

 

بگا ڏاند ٻڌائون ٻيئي، تن جي ڳالهه ڪريان آئون ڪيهي،
وهن ڌارون ڌار، ڳاڌيءَ جي ڳِٽڪار تي!

 

ڀاروني هڪڙي چڪريون ٻيئي، آرا انهن جا آهن اهيئي،
وهن باروبار وو لٺ واري للڪار تي!

 

ڦرهيون ونگڙيون آهن اوڀاريون، ارڙيون سُو هن مالهه موچاريون،
جهَلڻ جا جهلڪار، وو لوتن واريءَ ڌڌڪار تي!

 

ڊُڍي چؤنڪ جوئر جا نِسري، ڳنا تنهن جا ماکي مصري،
کيرن جا به خمار، وو آهن پيهي واري پونجار تي!

 

ڪانگن ڪانگيرو وَهين واهيرو، ڪٻرن ڳيرن ڪيو اچي گهيرو،
ڳوڙهن جا وسڪار، وو جهرڪين جي جهونگار تي!

 

آيو نيسر پاڙڇ ۾ پاڻي، مرشد اچي ٿيڙم ساڻي،
سا جوئر پڇايم جار، وو آهن ڪم ”سچل“ جا ڪلتار تي!

 

ڪي جاڙا نار يعني ٻٽا نار انهن کي ڪوٺين، جن جا پڙ ٻه ۽ پڙواڏا به ٻه هوندا آهن ۽ نيسرون به ٻه هونديون آهن، جي ٻئي هڪڙي اڏ ۾ پاڻي آڻيندا آهن ۽ جن نارن جو پڙواڏو هڪ ۽ پار ٻه، پاڙڇا چار ۽ نيسر هڪ هوندي آهي، ان کي ٻنارو چون هرلو چڙهي دنگ ٿيو ته درياهه شاهه جو روٽ باسي پچائي ورهائي کائيندا هئا.

زمين ڪمائڻ:

اصل نه پوکيل زمين کي نئين ورن [نهور] سڏين. هاري انهيءَ زمين جو پهريائين جهنگ وڍيندو يعني بيٺلن يا اُڀريلن وڻن، ٻوٽن، ٻوهن، جهلن، اڪن، ڪرڙن وغيره کي پاڙئون ڪڍي ڇڏيندو. ان کي ڪوٺين ”جهنگ وڍڻ.“ پوءِ اهو وڍيل جهنگ ڪُهڙيون [کوڙيون] ڪري هڪ هنڌ گڏ ڪن جن کي ”ڪُوهڙ“ ڪوٺين. ڪُ + هريه، ساوا ڍينگر، ڪجهه سڪيرڙا ٿين، ته انهن کي باهه ڏيئي ساڙي ڇڏين. چون ٿا اها ڇار يا رک آبادي کي ڀاڻ جهڙي اوڄ ڏيندي آهي. ڪُوهڙن ساڙڻ کان پوءِ، ديوين، ڪنڊين ۽ ٻين وڻن جون پاڙون جن کي لاههَ سڏين ٿا، سي ڪوڏارن/کهيڙن سان کوٽي ڪڍي کڻي ڍڳ ڪن. لاهه ڪڍيل زمين کي هوشياريءَ سان هر ڏبو آهي. لطيف سائين چيو آهي ته:

لاهن کان لاڙو، ڪيو ڪين جنهن،

هرڪلي ۽ ناڙو، ٽئي تنهن ٽڪر ٿيا. (ڀٽائي رح(1) )

لطيف سائين فرمايو آهي ته:

کيڙيندي کَتن ۾، اکيون جاءِ ڪجن،
ٽولُ ٽٽي هيڪڙي، ٿئي ٽول ٽڙن،
ڍڳا چيڪ چرن، هاريءَ هر ڪلهي تي.(1)

بعضي ڪي ٻنيون ڳوٺن کي ويجهڙيون هونديون آهن ته ڪُوهڙي ساڙين ڪونه بلڪ انهن جو، چوڌاري لوڙهو ڏيئي گهٽَ بند ڪري ڇڏين، جيئن چؤپايو مال ڀيل ڪري نه سگهي. اهي ڍينگرن جا پورُ ٻياني تي کڻي وڃي لوڙهي ۾ سٿيندا آهن. لاهه ڪڍي دنگ ڪيائون ته نيسر جي سڌائي ۾ مٽي يا ڀنجو ٻڦي، ٻاڦي [دڙو ڪن] ان مان اَڏ کوٽي وڃي ٻنيءَ جي وچ تائين ڇڏين. پوءِ ٻني واري زمين کي ٻارن ۾ ورڇين.

اڳي ڪيڻون ڪونه هونديون هيون، تنهنڪري جيڪي ٻارا جهڪاڻ يا جهول ۾ هوندا هئا ته انهن کي اتيئي اَڙا ٻنا ٻڌي کڻي هر ڏيندا هئا.

اَڏ مان ونجهيون، پيچون ۽ انهن جا آوانڌا، ڳنڍا ۽ ٻارن لاءِ ناؤڪا ۽ کنڌيون کوٽي، پيچ جو رستو جوڙيندا هئا. انهن جا ٻارا، ننڍا وڏا، گول ٽيڏا، چورس ٽڪنڊا نمونن جا هوندا هئا. رڳو اها ٽيٽ رکي ويندي ته منجهن پيچ سولي ٿي سگهي ٿي يا نه!

ونگارون:

کاٽي کڻڻ، لاهه ڪڍڻ، هرَ وهڻ جي لاءِ گهڻو ڪري ونگارون [آبتون] ڇيڙون وغيره ٿينديون هيون. زميندار ڪا آبت ڪرائيندو يا ڪو ڪامورو ڇيڙ گهرندو هو، ته ان کي بيگر ڪوٺيندا هئا ۽ اتي آيل ماڻهن کي ايل سڏيندا هئا.

جيڪو ونگار وهرائيندو هو، اهو سڀني لاڳاپي وارن هارين کي ڪوڏرن ۽ جوڙن سميت اچڻ جي ڪوٺ ڏيندو هو ۽ اُن ڏينهن تي تاهري [چانورن ۾ ڳڙ وجهي] جون ديڳون لهرائي کارائيندو هو. ونگار، هڪ ڏينهن کان وٺي، ٽن ڏينهن تائين هلڻ جو رواج هو ۽ ڏاندن کي پڻ گاهه پٺو ڏنو ويندو هو.

سڀني آبتن ۾ هَرن وهڻ واري آبت رؤنشي واري هوندي هئي، ڇو ته ان ۾ ڏاندن جي جوڙن جي ڀَلائي ۽ ڍِلائي جي پرک پوندي هئي. ڪيترا ماڻهو اهو تماشو خاص طرح ڪم سيڙهائي به هلي اچي ڏسندا هئا: وچ زمين ۾ اڳهين هڪڙي ڪنگري پوري  ڇڏيندا هئا ۽ ڀلائڻ خاطر ٻيون به ڪيتريون ڍڳڙيون مٽيءَ جون ڏسڻ ۾ پيون اينديون هيون. سڀڪو جوڙي وارو ڪا ڍڳڙي تاڙ ۾ رکي اتان مهڙ شروع ڪندو ته شايد اتي ئي وچ ٿيندو ۽ ڪينگري نڪرندي، پوءِ هلندي وٺ - وٺان ۽ هل هلان هرَ به هڪ ساريڪا ڏيندا ويندا وچ ۾ مانجهو نه ڇڏيندا ڇوته هاريءَ جي ڄاڻپ جي خبر هرَ ڏيڻ سان پئي پوندي. اهڙي تاهوت هوندي جو ميل پنڌ تي يارن جو ڪڙڪو پيو ٻڌڻ ۾ايندو، تان جو جيڪو پهرين وچ واري جاءِ تي پهچي ڪنگري ڪڍندو هو اُن هاريءَ کي پٽڪو ٻڌائيندا ۽ اُن جي جوڙي جي بلي بلي پئي پوندي. انهن آبتن ۾ هاري ڏاندن کي سينگاري سجائي اچي وهائيندا هئا. هرَ اهڙا گهاٽا ۽ اونها ڏيندا هئا، جو ٻنجو ڦري ڌوڙ ۽ دز ٿي ويندو هو.

هر جي بناوت:

هرُ، چوني/ ڦار کان سواءِ سڄو ڪاٺ جو ٺهيل هوندو آهي. هن ۾ هڪ پاڃاري، ته هن جي ڊيگهه اٽڪل پنج فوٽ ۽ ويڪر اڍائي فوٽ کن ٿئي. هيءُ هرَ جو منڍ وارو حصو آهي، باقي حصا هيٺ ٿين.

پاڃاريءَ جي مٿين گهڙيل ڪاٺي کي ڪونهاٺي [ڪونهٽ ڪاٺي] چون ۽ هيٺينءَ ڪاٺيءَ کي تراٽ سڏين. ٻنهي کي پاڻ ۾ ملائي مضبوط رکڻ جي لاءِ ٻه ڪاٺيون وچ ۾ اٽڪل ٻه - اڍائي فوٽ اور ڀريون سل چَوڙ تي سوگهي رکڻ لاءِ ٺوڪيل هونديون آهن، جن کي ”ٿنڀڙيون“ ڪوٺين.

ڪونهاٺي ۽ تراٽ جي ڇيڙن وٽ مٿان کان هيٺ سڌائي ۾ آرپار ٻه وڏا ڳاڙک سليل هوندا آهن، جن ۾ ڏيڍ فوٽ کن ڊيگهه جا ٻه ڪلا جن کي ڏورڻا سڏين، ڍڳن جي ڳچين کي قابو رکڻ واسطي گهرگهلا ڪري وجهندا آهن.ڪونهاٺيءَ جي پوري وچ تي منجهانئس هڪ ڪاٺ جي بونبڙي اٿيل هوندي آهي. ان کي ڪَرَهو ڪوٺين. جنهن ۾ هرَ جي هرنيه ڪاٺي، چمڙي يا ڪنهن رسي سان ناڙو وڪوڙي ڇڏيندا آهن.

ٻيو، باقي هيٺيون حصو ان مان هڪ چار - پنج فوٽ مستطيل گهڙيل ڪاٺي، جنهن جي اڳئين حصي ۾ هڪٻئي کان پوري وڇوٽيءَ تي چار - پنج سليل سوراخ ٿين. ان ڪاٺيءَ کي هرنيه سڏين. هن جي پڇاڙي هروٽي ۾ ۽ منڍ پاڃاريءَ جي ڪَرهي ۾ قابو ڪن. هرنيا جي سوراخن ۾ مخروطي ڪِلو گهڙي وجهن، جن کي ڪُڪري ڪوٺين، جنهن ۾ ناڙو ونگي، پوءِ ڪَرهي ۾ قابو ڪندا آهن. ٽيون آهي هروٽو، هن ڪاٺيءَ جو مٿيون حصو ٿورو وٽائتو ۽ چورسي وانگر تراشيل گهڙيل هوندو آهي، اهو ٻه فوٽ مٿڀرو آهي ۽ هيٺيون ٽڪر وري ڊڍ دنبڙيءَ وانگر ٿلهيرو گهڙاٽ ٿيل ڪُڙهجي پاسن کان ڇل ورتل هيٺ چنهبڙيدار گولائي ۾ ڇليل هوندو آهي. اٽڪل ڇهه انچ تر کان مٿي ان ۾ آڏ پاسيرو ڏرو کونپيل آهي، جنهن ڏري کي ”قوت“ چون. جنهن ۾ ڦار يا چُوني گهوٻو هڻي سوگهي ڪندا آهن. گهوٻو، ڪاٺ جو چپر وانگر هڪڙو گٽڪو آهي، جو لوهه جي چونيءَ کي ان ۾ روڪي ٿو رکي. اُن قوت واري ڏري مٿان جيڪو سل هوندو آهي، ان ۾ هرنيه جي چوڙ ڦاسائي رکي ويندي آهي ۽ ان چوڙ کي پٺيان هڪ ڪاٺي جي جڙ هڻي، مضبوط ڪيو ويندو آهي. ان ڪاٺيءَ جي جڙ کي وري چچڙي چون.

ڦار/چونيءَ جي بناوت:

هر جي چوني نانگ جي ڦڻ وانگر ٿيندي آهي ۽ لوهه مان ٺهيل آهن ۽ چهنبدار هوندا آهن، جو زمين آسانيءَ سان چيري سگهندا آهن. هاڻي ڪَنر هرَ به نڪتا آهن، جن جي بناوت هروٽي ۾ ٿوري ڦريل آهي.

هرَ جي ڀاڱن جو وچور:

ڪَرهو ڪُونهاٺيءَ جي وچ واري بونبڙي. اوڳ يا اوڳهه، اها چپر آهي، جا هرنيه ڪاٺيءَ جي هروٽي ۾ ٺوڪڻ سان جي گهڻي سل ۾ وڇوٽي بچندي آهي ته هرنيه سان گڏ هڻي هن کي سُڪ ڪري بيهاربو آهي.

ڪُڪُري:

اها ڪاٺ جي گهڙيل گولائي واري مخروطي ڪِلي جيڪا جنڊ جي هٿئي وانگر هرنيه جي سوارخن ۾ وڌي ويندي آهي. چچڙي، اها چپر يا جڙ يا ميخ، جيڪا هرنيه جي هروٽي واري سل ۾ پڇاڙي وجهڻ سان ان جي پٺيان واڌ ۾ لڳائي ويندي آهي. ٿنڀڙيون، اهي ٻه پٽيون جيڪي پاڃاريءَ جي ڪونهاٺي ۽ تراٽ کي پاڻ ۾ ڳنڍي بيهارين ٿيون. چوني، لوهه واريءَ جو اٽڪل ست - اٺ سير وزن ٿيندو آهي. ناڙو، اهو چم جو رسو، جيڪو هرنيه ڪاٺي کي پاڃاريءَ ۾ ٻڌڻ جي لاءِ ڪتب ايندو آهي.

ڏانداري جي بناوت:

هن ۾ هڪڙو ڊگهو لسو لڙهو ڳن وانگر پيل هوندو آهي. هڪ گهڙيل چورسي واري ڪاٺيءَ ۾ سلچوڙ تي فوٽ ڏيڍ جا ڏنڊا (پٽيون) ٺوڪيل هوندا آهن. ڏانداري ٻه ماڻهو ٻنيءَ جي ٻنن تي ڀنجوءَ [مٽيءَ] چاڙهڻ جي لاءِ ڪتب آڻين. ڳن ۽ چورسي واري سنڌ وٽ هڪڙو ٽوڙهي [رسو]  ٽڪر ٻڌن، پوءِ هڪڙو ڳن واري پاسي کان زمين ۾ جهوڪيندو ۽ ٻيو ٽوڙهو ڇڪي مٿي ڪندو.

هرَ ۾ ڏاند جوٽڻ:

پاڃاريءَ جي ٻنهي پاسن ۾ ڍڳن جون ڳچيون وجهي ڇيڙن وارن ٽونگن ۾ ڏورڻا وجهندا، ته ڳچيون لوهه ٿي وينديون، پوءِ انهن ٻن ڍڳن مان هڪڙو ٿيندو آندرو، جنهن جي سڱن ۾ رسيءَ ٽڪر پيل هوندو آهي، ان کي چون اوسيرَ، ۽ ٻيو ٿئي ٻاهرو ڍڳو. اوسير ڇڪڻ سان آندرو بيهي رهندو ۽ ٻاهرو ڦري ايندو آهي. نه ته به هڪل تي آ.... آ.... آ چئبو ته ٻاهُرو ور کائيندو ۽ آندروءَ کي وري اُڏو... اُڏو... چون ته ويجهو ٿي هلندو.

ڪو ڍڳو سڱن جو ڏاڍو هوندو آهي ۽ رسيءَ جي ڇڪ تي نه بيهندوآهي، ته اهڙي اهنڊ ڍڳي کي ”نٿ“ هڻندا آهن: ڇا ڪن جو، نڪَ جي بينيءَ ۾ ڪنهن چهنبدار تکي گهڙيل ڪاٺيءَ سان بُولِي وانگر ٽونگ ڪري، ان ۾ وارن مان وٽيل ڏورو وجهي ڇڏيندا آهن، اها ٿي نٿ. ان ڍڳي جو رسو نٿ واري ڏوري يا مُهري واري ڏوري ۾ اٽڪائي رکن. جيئن ٿورڙئي ڇڪ تي اهو ڍڳو هلي يا بيهي رهي.

*        *          *

پوکين تان ڪي پوک، جيسين پاڻي اٿئي ٻار ۾،
وٽ به ويندءِ نڪري، سُڪي ٿيندي سوڪ،
جتي لڻندو لوڪ، تتي سڪندين سنگ کي.

 

هرَ ڏيڻ:

هَر ٻن قسمن جا ٿيندا آهن: هڪڙا سُڪيءَ جا ته ٻيا سائيءَ جا.

سڪيءَ جاهر:

سڪيءَ جا ڪيترائي هرَ زمين کي ڏبا آهن، ته جيئن زمين جو هيٺيون حصو اٿلي مٿي اچي ۽ ڪيمائي جزا ظاهر ٿي بيهن، پهريون ڀيرو هر ڏيڻ کي کيڙ چون، ٻيو هر ڏين ته ان کي ٻيلهه ۽ ٽئين کي ٽيلهه يا اُٿار سڏين. ۽ سائيءَ جا هرَ به زمين کي گهڻا ڏيئي مٿان سانور گهمائي ڇڏيندا آهن، سائي زمين جڏهن وٽ تي ايندي آهي يا ڳيري پکي جي کنڀن جي رنگ [ورن تي ڀوري ڏسڻ] ۾ ايندي آهي تڏهن هرُ ڏيئي آئيٽڻ [ٻج ڇٽيندا] ڪندا آهن. جي زمين ڍِلي يا ٿَڪل هوندي آهي، ته ڄَمُ يا ڀاڻ وجهي، پوءِ مٿان وري هرَ ڪڍندا اٿس. آڳاٽي ڏينهن ۾ ڄمَ ڳوٺ جي اروڙين وارو سڪل سڙيل گند ڪچرو هوندو هو. هينئر ته اهو ڀاڻ استعمال ٿئي ٿو في ايڪڙ 25 - 30 گاڏيون ورڇيون وينديون آهن. ايڪڙ ۾ ڍڳڙيون ڪندا ويندا، پوءِ ڪوڏار سان پکيڙي مٿان هرَ ڏين. چون ته: ”ڀاڳئون وڃي پر ڀاڻئون نه وڃي!“

سائيءَ جا هرَ:

زمين آلي ٿي وٽائتي يا آڍوڪي ٿي يا ڳيري کنڀ جهڙي ڀوري ڏسڻ ۾ آئي، ته ان کي ٻج ڇٽڻ جا هر ڏيندا هئا، ۽ جي وٽ چڙهي ويئي زمين سوڪ کاڌي ته هاريءَ جو سمورو پورهيو پاڻيءَ ۾ هليو ويندو هو. تنهنڪري هاري هزارين ڪم ڇڏي بلڪ مئل ماءُ به ڇڏي وٽ کي وڃڻ نه ڏيندو هو.

زمين جو ڀاڳ آهي هرَ سان.

*        *          *

ٻولاڻا:

ٻني چئي ته تون مون کي جهنگ ۾ سنوار،
ته آئون توکي شهر ۾ ڪرايان سينگار.

 

زمين جو ڀاڳ ته آهي هرُ.

 

هرَ شروع ڪرڻ مهل ڏنل اُٺاڻا:

*        *          *

الله توهار، لڏي ويا لوهار!

هاري جيڪا پهرين هرَ جي رَهڙ يا اوٽ کرڙ زمين کي ڏيندو، ان کي اوڙ سڏين. اهي اوڙون ڏيندو ويندو اٽڪل ٻه وکون کن اڳتي وڌي، اوڙ ڏيئي انهيءَ وارو وچ زمين جو اوڙن سان ڀريندو. اهڙي ڀريل ٻن وکن واري زمين کي ”جَاٽَ“ چون. ٻن اوڙن جي وچ واري اُٿيل ٻني کي ”او مهرو“ چون، جا ٽن کي اوڙن يا ڇپرن سان ڀرڻ مهل به اُٺاڻا ۽ پلهاڻا ڏين.

جاٽين جڙيو، ڀاڳين ڀريو،

هاري ڏاند جو بخت وريو،

ڪلمو محمد ﷺ تي پڙهيو.(هاري ڏاند، جيڪو هرَ ۾ وهي)

*        *          *

جاٽ، وٺ الله ۽ ٻنيءَ جي واٽ!

*        *          *

جاٽ، اها اٿئي رب جي راضپي جي واٽ!

*        *          *

جاٽين جوڙيا، ڪنهن نه موڙيا،

جن ٻڌا، تن ڇوڙيا.

هرهڪ ٻاريءَ جي هڪ طرف کان هرَ ڏيڻ شروع ڪري، جڏهن انهيءَ ٻاري جي ڇيڙي يا جاٽ پوريءَ ٿيڻ تي پهچي، وري پوئتي موٽ کائبي آهي. ان سيرانديءَ واري زمين کي، هاري ساڻ، سارڻ ۽ ساڻو نالن سان سڏيندا آهن. اتي پهچي ڍڳي کي کٻي.... کٻيءَ جي هڪل ڪندا، ته ڏاند يڪدم ڦري اڳينءَ اوڙ جي ڀر ۾ اوڙ ڪڍندو هلندو، ساڻ وٽ به پهچڻ تي اُٺاڻا ۽ پهلوڻا چون.

ڦِر بابا، ساڻ تي!

*        *          *

ساڻ، سچو رب سُڃاڻ، ڪلمو محمد تي آڻ!

ڪلمي جوڙيا ٿيا ثمرين سجوڙيا!

*        *          *

کٻي پٽ ساڻ، پهرين ڏينداسين واٽ الله جي

پوءِ کيئنداسين پاڻ.

*        *          *

ساڻ، اٿئي سڄاڻ!

انهن جاٽن، جي اوڙن ڀريندي جي وچ ۾ ڪا وڇوٽي رهجي ويئي، ته ان کي ”مانجهو اُميرو يا ڀاڱو“ سڏين ۽ جنهن زمين کي هرُ اچي ويو، ان کي ”کَڙ“ ڪوٺين، پوءِ ان کَڙ ٿيل يا کِيڙ جي ويل زمين يا کيڙي ٿيل جا اُڀا ٿيل کڙا يا ڀتر وٽوهڙ سان ڀڃي ڀوري ڇڏيندا هئا. هر جي هرهڪ وراڻي کي اوسير سڏين. مشهور پهاڪو ته: ائين آهن جيئن کيڙيءَ ۾ کڙا! هاري اميري، مانجهي يا حصي جي رهجي وڃڻ ۽ وري ان کي ڀرڻ مهل هيءُ پهلوڻا ڏيندا آهن:

آءُ ڀٽارا! ڀاڱي ۾ ڀائيوار ٿيءُ!

هرَ هڪ هاري سهنجائتو هلائيندو آهي، پر ٻه - ٽي ڄڻا ٿيا،  ته ڳالهين ۾ ڏينهن ڇٽو. انهيءَ تي چون: گهڻين هارئين هَرَ نه هلي، گهڻين زالين گهر نه هلي! ٿر ملڪ جي هرَ کي ٿري ماڻهو اَرئو ٿو ڪري ڪوٺين جو هلڪو ٿيندو آهي.

*        *          *

جيترو هر، تيترو ڦر،

*        *          *

سڀڪال ڳال، هرَ نال.

هرَ ڏيڻ سياري سونُ، آ کاڙ چاندي،

سانوڻ، ڀورهيو تاوَڻ، بڊي جو هرُ بادي.

*        *          *

آکاڙ سونُ يا سانوڻ چاندي،

۽ بڊي، ڪو ٿو ڀٽڪي بادي.

*        *          *

جهَل ڪُلهو، ته ٿين ٿلهو!

*        *          *

ڪلمي سان وَهي، ته لوڏو نه لهي!

*        *          *

ڪلمن جا جوڙيا، جن ٻڌا تن ڇوڙيا!

*        *          *

پاڻي واهي اچڻ:

جنين ڏاند نه ٻج، تن به تنهنجو آسرو،

اول ڏيئين انهن کي، پوءِ اوڀارين سج! (ڀٽائي رح)

هاريءَ پاڻيءَ جي ليڪي وهي اچڻ جي سُڌ سُئي ته سُک ڦٽي پوندس ڪوڏر ڪلهي تي رکي ميل - اڌ پنڌ ڪري وڃي اڳ وٺندس. ڪڙمي يا نَيڙَ جي وچ ۾ ڪو ڍينگر، ڀتر، زنبوٽو هوندو ته هٽائيندو ۽ جي ڀڪ ڪريل هوندي يا آڏ يا ڪا ڇاٻ هوندي، ته سوريندو صاف ڪندو پاڻيءَ جو گس گهڙيندو ايندو تان جو واهي آڻي ڪسيءَ يا ناريءَ مان اُڪاري پڙواڏي جي گهڙيالي ۾ گڏ ڪندس. گهڙيالو ڀريو ته جوٽيندو وهٽ کي هرلي يا نار ۾.

وهٽ واهڻ:

وهٽ جي آڌاري، [اَلڙ يا جڙ] اَڻَهو هوندو، ته ان کي اول ڀؤن ڏيندا. ڀؤن ڏيڻ ۾ وهٽ کي يعني رسو ٻڌي، اکين تي کوپا چاڙهي آنڌاري ٻڌي، پوءِ ابتو سبتو گول چڪرن ۾ ڦيرائيندس. هڪ ماڻهو وچ ۾ بيهي رسو جهليندو ۽ هڪڙو پويان پيو تڙيندس، جي ڪا ارڏائي ڪيائين، ته گهڻو وقت ڀؤن ڏياريندس ته جيئن هر قسم جي گههُ ڇڏي ڏي. جڏهن ڪڙي پڪو پختو ٿيو، ته پوءِ هرلي ۾ هلائيندس.

هرلي ۾ جوٽڻ:

ڳاڌي اڳيان وهٽ بيهاري اکين تي ٻٽاکوپا جي ڊڀن ۽ پيش مان، ناريل جي ڏونگهين وانگي ٺهيل هوندا آهن ۽ پاڻ ۾ جُٽ هوندا آهن، سي اکين مٿان رکي، انهن جو ڪشو سڱن پويان يا ڪياڙي وٽ ڇڪي ٻڌي، مٿانئن وري وال کن ڪپڙي جي پٽي جنهن کي آنڌاري يا ٻٽ چون، ڇڪي ٻڌندس، جئن ڪابه شيءِ ڏسي ٽاهه نه کائي ۽ پيو وهي. ڍڳو هوندو ته ڪونهٺ يا ڪلهي تي ۽ اُٺ هوندو مدوءَ مٿان ٿوهي جي اڳيان پنڊي رکندا، جا ڊڀن سان ڀريل ۽ مٿان ڳوڻ يا چمڙي جي کل چڙهيل ۽ تنهن جي مٿان ڪاٺ جون چؤڪڙيون، ايرڙين وانگر جڪڙيل هونديون، تن جي پاسن ۾ لوهه جا ڪنڍا يا بارڪش لڳل هوندا آهن. ان پنڊي کي ٺٺ به سڏين، پوءِ ڳاڌيءَ مان نڪرندڙ ٻه رسا، جن کي ڪڍ ڪوٺين، سي پنڊيءَ جي بارڪشن ۾ سوگها ۽ مضبوط ڪري ٻڌن [رسن جا پوڇڙ ڳاڌيءَ جي ڪاٺ ۽ پٽيلي ۾ قابو هوندا آهن ۽ ان جو وچون ڏورو ٿيل حصو بارڪش مان اُڪرندو آهي] وري انهيءَ ڪڍ جي رسن کي وهٽ جي پيٽ هيٺان وڍيءَ سان ڇڪي بلائتو ڪن، جيئن ڪَڍَ گسڪي يا کسڪي نه سگهي. ڪي وري ڪڍَ جي وڍ وجهڻ کي روڪڻ جي لاءِ وهندڙ وهٽ جي ٻاهرئين پاسي ڪاٺيءَ جي پسر ٻڌن ۽ ڪي چمڙي جي پٽي يا وڍي ٻڌندا آهن، جنهنڪري وهٽ جو بدن ڇلجي يا ڏکوئجي نه سگهندو هو.

وهٽ جي ڳچيءَ ۾ ڪنڌاٽ [ڪنڌ وارو ڪاٺ] جيڪو چورسي وانگر چمٽي جيئن ڳچيءَ ۾ سولو بيهي. ڪنڌاٽ جي لڙهي جو پڇڙ مهري سان ڍڳي جي سڱن واري رسي سميت اٽڪيل رهندو، ۽ ٻيانيءَ وارو حصو ڳچيءَ ۾ وجهي ان کي جوٽو يا ڏورڻو وجهي ڇڏين. هيءُ رڳو گولائي ۾ هلڻ لاءِ هوندو آهي. هن جو ڪو زور يا بار وهٽ کي کڻڻو ڪونه ٿو پوي. گهڻو ڪري اُٺ نار ۾ ۽ ڏاندَ هرلي ۾ ٻڌندا هئا. وهٽ جوٽجي تيز ٿيو ته هاري چوندو:

هاڻي آسرو الله جو،

پاڻي درياهه شاهه جو.

يا

پاڻي فلاڻي واهه جو.

پوءِ ڪندو ڳٽار: شابس پٽ! هل ڀٽارا. وهٽ وهڻ شروع ڪندو ۽ جي ڇوڙيندو ته ٻچڪار [ٻُٽڪار] ڪري، پٺي ٽپري پوءِ کوليندس.

ٻنيارا وهٽ ۽ جوڳون:

جوڳن ۾ ٽي ڍڳا ۽ هڪڙو اُٺ يا چار ڍڳا رکندا هئا، جي واري واري تي هرلي يا نار ۾ وهندا هئا. هرهڪ وهٽ ٻه - ٻه پهر لاڳيتا وهندو هو. رات ڏينهن ۾ اَٺ پهر شمار ڪندا هئا، تنهنڪري ٽن ڪلاڪن جو هڪ پهر ليکبو هو. ڏاند جيڪو هرَ ۾ هلندو هو، تنهن کي ”هاري ڏاند“ ۽ جيڪو جوڳ ۾ وهندو هو تنهن کي ”جوڳي ڏاند“ يا جوڳيڙو ۽ جيڪو ڏاند پاڻيءَ جي ڇڄڻ تائين اُڌارو آڻيندا هئا، ان کي ”پاڻيهارو ڏاند“ ۽ ڪي ڏاند وري ڪاسڪيءَ تي آڻيندا هئا. جن جو اجورو کڙي کنئي کان پوءِ سورهن ڪاسا ڏيئي پورو ڪبو هو. پاڻيهاري ڏاند جو اجورو ٻه پايا هوندو هو. انهن ڏينهن ۾ ڪڙيا اڍائي يا ٽي مهينا وڌ ۾ وڌ وهندا هئا. روڪڙ ۾ انهن جو اجورو هن ريت هو، ڍڳو 25 روپيا، اُٺ ٽي پايا يا 30 روپيا جي هرلي ۾ وهندو هو، پر جي نار ۾ وهيو ته پوءِ 50 روپيا روڪڙا به ڌڻين کي ملندا هئا.(1)

ريج ڪرڻ:

هرلو وهيو ته ريج ڇٽو، پاڻي اَڏ مان ونجهين ۾ آوانڌن ۾ ۽ اتان ناؤڪن ۾، ۽ اتان ٻارن ۾ گڙگاٽ ڪندو پيو وهندو. پهرئين پاڻيءَ کي ڀنجو ڀرائڻ ڪوٺيندا هئا، تان جو سڄي ٻني رجائجي [ريججي] ويندي هئي، انهيءَ وقت جو نظارو جيڪو نار جو سچل سرمست چٽيو آهي، سو مٿي پڙهي آيا آهيون. زمين پوک کان اڳ هڪڙو ڀيرو ريج ٿي يا پاڻي پيتائين ته ان کي ”روڻي“ ۽ ٻه ڀيرا پيتائين ته ٻه - روڻي سڏيندا هئا ۽ ٽيون وارو هوندو هو، جي ٽي ٽي. پهرئين پيچ کي ڪَچي روڻي به ڪوٺيندا هئا، جيڪا ڀنجوءَ کي آلي ڪرڻ جي لاءِ هوندي هئي.


(1)  لطيف سائين لفظ سوهڻ استعمال ڪيو آهي. هُو جي واڍي واڻيا، سي سوهڻ سڀ سڙيا. (نظرثاني ڪندڙ)

(1)  هي نظم سگهڙ الهداد جو چيل آهي. (ادارو)

(1)  هي نظم فقير امين محمد جو چيل آهي. (ادارو)

(1)  هيءُ نظرثاني ڪندڙ پاران واڌارو آهي.

(1)  نظرثاني ڪندڙ پاران واڌارو آهي. (ادارو)

(1)  هيءَ پراڻي دؤر جو اجورو هو. (ادارو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org