سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سنڌ جو لوڪ ثقافتي ورثو

باب: 12

صفحو :17

باب ٻارهون

پاڻي ۽ پوکون

        سنڌي سٻاجهڙن کي، قدرتي وسيلن مان ٽن طريقن سان پاڻي ملندو رهيو آهي،“ انشاءَ الله تاقيامت ملندو رهندو.

1- پاتالي پاڻي:

        ڌرتيءَ کي هيٺ کوٽڻ سان هيءُ پاڻي ملي ٿو. مثلا= کوهن وسيلي ۽ هاڻ ٽيوب ويلن رستي. سنڌ جي اترئين حـصي ۾ اهي کوهه ٽيهن کان چاليهن پرهين [والن] تائين هيٺ کوٽيل هوندا آهن، ۽ اڀرندي طرف يعني ٿر ڀاڱي ۾، پنجاهه کان سٺ پرهين تائين کوٽجن ٿا، وچولي ۾ وري ويهن کان ٽيهن پرهين تائين کوهيون توڙي کوهه کوٽيا ويندا آهن، پر لاڙ واري ڀاڱي ۾ ته ٻن کان پنجن پرهين تائين ويئرون يا [کوهيون] کنئيون وينديون آهن.

        کوهن جي تري ۾ پاڻيءَ جا نار يا وهڪرا هوندا آهن. کوهه پنهنجي مقرر حد تائين يعني جيستائين مٿس هوا جو داٻ موجود هوندو، انهن وهڪري وارن نارن سان ڀرجي بيهندو، پوءِ منجهانئس ڪيترو به پاڻي پيو ڪڍبو ۽ ڪجهه وقت ڇڏي ڏبس، ته وري ساڳي ڪرَ وٺي بيهندو ۽ جي پاڻي ڪڍڻ ماڳهين بند ڪري ڇڏبو ته اندريان نار وهڪرو ڦيرائي ويندا ۽ باقي بيٺل پاڻي ڪنو ٿي نيٺ سڪي ويندو. کوهن جو پاڻي، ماڻهن، وهٽن، پکين جي پيئڻ جي ڪم به اچي ٿو تنهن کان سواءِ مٿس آبادي به ٿئي ٿي، جنهن کي واڙي يا آرڻ به چون. ڪن کوهن جو پاڻي کارو، ڪن جو ٻاڙو ۽ ڪن جو مٺو ٿيندو آهي.

        ٿر جا کوه تمام اونهان ٿيندا آهن، تنهنڪري ٻوڪن يا نارن بجاءِ ڪوسن يعني وڏن ساندارن وسيلي جن کي پاڏا، سان يا اُٺ ڇڪيندا آهن، پاڻي ٻاهر ڪڍن، اتر ۾ کوهن مان پاڻي نارن رستي ٻاهر آڻين ۽ وچولي ۾ نار، دٻا، گهڙا ۽ ٻوڪا استعمال ڪن، جي ورت(1) واري پاڻي ڇڪين.

عـــمر آيــــو اوچتو! ڏورانهن ڏٺائين،

ويس ورت هٿن مان، روح ۾ رُنائين،

چڙهندي چيائين، ڇنـــو سڱ سرتئين. (ڀٽائي رح)

2- مينهن وسيلي پاڻي:

        برسات، بارش يا مينهن اونهاري توڙي سياري سنڌ ۾ وسندو آهي. سانوڻي وارا مهينا: ڄيٺ، آکاڙ، سانوڻ ۽ بڊو ليکيا ويندا آهن. انهن ۾ لڙ پڻي گهڻو چاڙهه کائيندو آهي. ڇو ته انهيءَ وسَ واريءَ ڦيريءَ تي چار ئي مهينا درياهه دمجي وهندو آهي، ۽ ڳــَـئي پئي پوندي اٿس. ٿر ۽ ڪوهستان ته آهن ئي ڪڻ تي انهيءَ مينهن جي پاڻيءَ تي، ٿر جي ٻاجهر ۽ ڪوهستان جي جوئر گوها ڏيئي گونچ ڪڍنديون آهن. سياري ۾ نـِـهان جيتري بارش ڪانه پوندي آهي. مينهن وسڻ جو ڪوبه ڪاٿو ڪونهي. وسي ته ست ست ڏينهن پيو پوي ۽ ٻوڙ ٻوڙان ڪري ڇڏي ۽ جي نه، ته لاڳيتا ٽي - ٽي، چار - چار سال بنهين بس!

3- (الف) دريائن جو پاڻي:

        سنڌو ندي مان نڪرندر نهرن [ڇاڙهن] ڦاٽن ۽ واهن جو پاڻي سنڌ جي گهڻي حـصي کي سرسبز ۽ شاداب ڪري ٿو. هتي هڪ درياءُ سنڌو ندي وڏي ۾ وڏو درياءَ آهي، هن کي سنڌ ملڪ جي ماءُ ڪوٺيو ٿو وڃي، جنهن جون ڌارون ديس جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچي ويون آهن. ٻي آهي حب ندي، هيءَ ندي ڪراچيءَ جي الهندي طرف کان اٽڪل 160 ميل هالار جبلن مان نڪري، قلات کي سنڌ کان ڌار ڪري ڪراچيءَ جي ڪياماڙيءَ وٽ عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. مٿس گهڻي آبادي ڪانه ٿئي، ڇو ته هن جو وهڪرو ڪٿي ڍرو ته ڪٿي تڪڙو هوندو آهي ۽ آبادي لائق سندس ڪنارن تي زمين ڪانهي رڳو ٽڪرن جي وچ مان وهندڙ آهي، ۽ ٽي آهي لياري ندي، هيءَ اڳ وهندڙ هئي، پر هاڻي پنجاهه سالن کان وٺي سڪل ٿي رهي ڪڏهن ڪڏهن مينهن جو پاڻي منجهس تلاءَ ٺاهي بيهندو آهي.

(ب) نئين:

        برسات جي ڏينهن ۾ هالار جبلن مان هيٺيون نيون به وهي اچي سنڌو نديءَ جي ڀرپ ڪن ٿيون. اُهي هيءُ آهن: نئي موهن، نئن مسن، نئن بازڪنجو، نئي گاج، نئي بارڻ ۽ نئي ملير. نئين ۾ پاڻي تمام تيزيءَ سان وهندو آهي، تنهنڪري هنن تي به پوک ڪانه ٿيندي آهي. البت جي نئين کي بند (ڊئم) ٻڌي ريگيوليٽرن وسيلي پاڻي واهين ۾ پکڙين ته ڪوهستان جو گهڻو ڀاڱو آباد ٿي وڃي. هوند ڏڪار جي راڪاس جو ڪوهستان ۾ نالو ٻڌڻ ۾ نه اچي. پر ڪير اهي ڪشالا ڪري ۽ ڏک پٽي! نئن ملير تي باغ ۽ واڙيون آهن ۽ ڪجهه آبادي به ٿيندڙ آهي.

 


 


(1)  ورت: رسو: کوهه مان پاڻيءَ جا ٻوڪه ڇڪڻ وارو رسو. (نظرثاني ڪندڙ)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org