(ج) واهه ۽ ڦاٽ:
اتر سنڌ ۾، شاهي واهه، لکي واهه، بيگاري واهه، سنڌو واهه، الهندو نارو، اڙل
واهه، ميرڻ واهه، خيرواهه، اڀرندو نارو وچولي ۾،
نصرت واهه، داد واهه، سدا واهه، ساڱرو واهه، مارک
واهه، شهداد واهه، شاهو واهه، راڄ واهه، نصير
واهه، سرفراز واهه، بگهاڙ واهه، خانواهه، ڀونڦاڙ
واهه، گهلو واهه،
سون سيري واهه،کيسانو واهه، ريڻ واهه، دانگي واهه،
صوبدار واهه، ڳاهورو واهه، ناگنا واهه، ساجنا
واهه، الله کنئي واهه، جمال واهه، غريب واهه، ڄام
واهه مبارڪ واهه هوندا هئا. ڏکڻ ڏي، خچر واه،
دنبالو واه، چرخيلو واه، دڌڪو واهه، ڏوڪيا واهه،
قاضيا واهه، مولچند واهه، علي بحر واهه، گجو واهه،
گاجا واهه، مير واهه، ماڻڪ واهه، امام واهه،
کورواهه، باگو واهه آهن. اڀرندي ڏي، کپرو واهه،
بان واهه، ٿر واهه، عمر واهه، شادي واهه، هيرل
واهه، ڇوڙ واهه، کيرا واهه، مٺڙائو واهه، دوسو
واهه، جمڙائو واهه اڃا به آهن. هنن واهن ۾ هڪڙا
سمن جي زماني جا کوٽايل ۽ ڪي ڪلهوڙن جي ڏينهن جا ۽
ڪي ميرن جي صاحبيءَ جا، وري ڪي انگريزن جي زماني
جا به آهن. نوان واهه سکر بئراج، ڪوٽڙي براج، گڊو
بئراج جي نالن سان سڏجن ٿا، جي پاڪستان جي
ايامڪاريءَ ۾ شمار ڪيا ٿا وڃن ۽ اڃا هڪ بئراج جي
رٿ پڻ آهي، جا اميد ته جلد عمل ۾ ايندي.(1)
*
سن 1852ع ۾ سر بارٽل فريئر اڀرندي ناري جي کاٽي
کڻائي ۽ ان مان ڄامڙو واهه کوٽارايو ۽ ڦليلي ۽
گهاڙ ڦاٽن جي پڻ مرمت ڪرائي.
*
سن 93 - 1892ع ۾ سرجيمس جمڙائو واهه جي رٿ تيار
ڪرائي جنهن ۾ جيمس آباد کان ڊگهڙيءَ تائين وهڻ جي
تجويز ڏيکاريل هئي، ۽ الهندي برانچ جمڙائو جي
شهدادپور کان تعلقي ٽنڊي الهيار کي آباد ڪرڻ لاءِ
رٿيل هئي. ڪم چالو ٿيو. واهه 1900ع ۾ تيار ٿيو ان
جو افتتاح بمبئيءَ جي گورنر سنڌ هرسٽ ڪيو هو.
*
سن 1870ع ۾ انگريزن شهداد واهه کي جو لٽجي ويو هو
ٻيهر کوٽارائي پاڻي وهڻ جوڳو بڻايو.
*
ٿر ڀاڱي ۾ عمر واهه، ٿر واهه، مٺڙائو، ڇوڙ واهه،
ڄام واهه، بان واهه، سر فريئر بارٽل جا کوٽايل
آهن.
*
سن 1856ع ۾ چوڌاري ملڪ ۾ وڏو ڏڪار پيو. جنهن کي
”ڇپني“ جو ڏڪار ٿا ڪوٺين. ڇپن معنيٰ ڇاونجاهه. ان
ڏڪار ۾ ڪڇُ، ڪاٺياواڙ، گجرات ۽ ٿر ٿهلجي ڏلهجي سنڌ
ڏانهن اٿلي پيا. ڏڪار اهڙا راڱا ڪيا، جو ماڻهو مال
ملڪيت، ڍور ڍڳا وڪڻي ويل وارڻ لڳا. مال ته اڪيچار
مري ويو هو، باقي وڪيائون، ڪٺائون ۽ کاڌائون پر
حالتون اهڙيون ڳنڀير ٿي ويون هيون جو پنجين روپين
پُٽَ ۽ ڏهن کان پنجاهه روپين تائين ڌيئون وڪڻي،
ماڻهن پيٽ جي دوزخ جي باهه ڍري ٿي ڪئي. انهن آيل
ماڻهن جي لاءِ انگريزن نوان رستا ٺهرائڻ ۽ نوان
واهه کوٽائڻ جون تجويزون ٺاهيون. جمڙائو به انهن
رٿن مان هڪ هو. جڏهن کوٽيو پي ويو، ته ماڻهو خوش
ٿيءُ ڳيت ڳائيندا هئا.
جيئي جمڙائو، جنهن جي کڄي پئي کاٽي،
جيئي جمڙائو!
ٿيندو ان سهانگو، پئسي لڳندي پاٽي،
جيئي جمڙائو!
اهو جمڙائو سن 1900ع ۾ تيار ٿيو. انگريز سرڪار حڪم ڪيو، ته جنهن کي جيتري
زمين گهرجي سو پنهنجو اوستائين نشان ڪري ڇڏي.
سرڪار سستي اگهه ۾ 25 روپين ايڪڙ سو به قسطن ۾
پئسا وٺڻ منظور ڪيا. سؤ ورهين ۾ پئسا پورا ڪري ڏيڻ
جي شرط تي ماڻهن زمينون کنيون.
(ج) 2- ڦاٽ:
اڳي ڦاٽن ۾ ڦليلي ڦاٽ جنهن جو منڍ ڳهلن جي ڳوٺ وٽان هو سو انگريزن بند
ڪرائي، نئون منهن ڄامشوري کان کڻايو ۽ مٿس
ريگيوليٽر رکايو. هن ڦليلي جو اصلي نالو ”پيل
پائيل“ ايرانين نالو رکيو ۽ احمد شاهه دُراني جي
وقت ۾ منجهانئس لشڪر هاٿين تي چڙهي لنگهيو هو. اهو
نالو فقط حيدرآباد لڳ استعمال ٿيڻ لڳو، پر
حيدرآباد جي خطي ڇڏڻ کان پوءِ هن کي ”گوني“
ڪوٺيندا هئا. چوندا هئا:
گوني، سدا آهي اونهي!
ٻيو ڦاٽ پڃاري هن کي به سڌاري سندس منهن ڄام شوري وٽان ڪڍايل آهي. ٻيا ڦاٽ
آهن: بگهاڙ، ڪلري، گهارو، اوچتو، حجامڙو، ڦراڙي،
مير ڄاڃيو، جي سڀ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪن ٿا. ڦاٽ انهيءَ
ڍوري کي چئجي جو درياءَ مان پاڻهي ڦاٽي نڪري ۽ ان
جي ڪابه کوٽائي نه ڪجي ۽ واهه جي معنيٰ اصل ۾ شهر
آهي، پر هاڻ هن نموني رائج آهي، ته پاڻيءَ جو
وهڪرو جو هٿراڌو کوٽايو ويو هجي.
انهن واهن ۽ ڦاٽن مان ڪي اڄ تائين موجود آهن، ته ڪي هميشه جي لاءِ ختم ٿي
ويا!
پوکون:
پوک جي لاءِ، پاڻي، مندون، مهينا، نکٽر/نکٽ/نڇتر، زمين ۽ اوزار وڏي ڳالهه
ڪڙم تمام ضروي آهي.
سڀ کان وڏي گهرج هاري يا ڪڙم جي آهي، جنهن ۾ هن جا ڍڳا هلٽ سلٽ سڀ اچي ٿو
وڃي.
الف - پاڻي ڏيڻ:
پوک ته پاڻي، اهو پاڻي مينهن جو هجي، کوهه جو هجي يا ڪنهن نديءَ توڙي نهر جو
هجي، پر هجي ضرور. مٿي اسان سنڌ ديس مان ڪن پراڻن
۽ نون وهندڙ واهن توڙي ڦاٽن جو بيان ڪري آيا
آهيون. سچ پچ ته پاڻي زمين تي پهچائڻ جي لاءِ
ننڍين ننڍين پاڻيءَ جي شاخن يعني واهن، واهين،
ڪڙين، ڪورن، گٺن، پارن، نالين، ڪسين، پيچن، ونجهين
۽ اڏن جي گهرج آهي. جي هر هنڌ پهچي آبادي ڪرائين
ٿيون ۽ ڪرائينديون هيون.
توهان اڳوڻن واهن کي يا انهن جي ڀڏن کي ڏسي خيال ڪندا، ته اهي واهه توڙي
ڪڙيا ڏنگڙا ونگڙا ڪيڏانهن جا ڪيڏانهن وٽ گهٽ
کائيندا نظر چڙهندوَ! انهيءَ جو ڪارڻ اهو هو، ته
جڏهن به ڪنهن وڏي ماڻهوءَ يا وڏيري کي ڪٿي ڪا زمين
جاگير يا زمينداريءَ طور حق ۾ ٿي آئي، ته ان زمين
کي آباد ڪرائڻ جي لاءِ انهيءَ ڪنهن وڏي واهه مان
نڪرندڙ شاخ کي انهي پڊ يا زمين ڏي ڪور، ڪڙيي يا
واهيءَ جي صورت ۾ کوٽائي ٿي آندو، پر جي وچ تي
ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ يا ننڍي مهاڳيدار جي پڻ ڇيڙ
ڇبيڙ، وٺ بيگر ٿي ڏني، ته پهريائين ان ڏانهن کاٽي
کڻائي ٿي ويئي، اتي پهچي وري وٽ کائي کوٽيندڙ اصلي
مرڪز ڏي ٿي ويا. ان ۾ سڌائي هڪجهڙائيءَ جو ڪو
ويچار ڪونه ٿي رهيو. رڳو ڪنهن پر پاڻي پهچڻ جي اون
۽ تانگهه هئي. اهو پاڻي ڇڙيو، پڌرو ۽ لڙ سڏيو
ويندو هو. انهن ڏينهن ۾ وڏا واهه چار مهينا ۽ ننڍا
ڪڙيا ۽ ڪورون اڍائي - ٽي مهينا مس وهنديون هيون ۽
پوءِ پاڻيءَ ۾ ڇنارا يا سنگهارا پئجي ويندا هئا.
(ب) 1- مندون ۽ مهينا:
مندون، چار ٿينديون آهن:
1- اونهارو: آرڙهه يا نهان هي مند اٽڪل چار مهينا هلندڙ آهي.
2- سيارو: سيءُ، هيءُ به چئن مهينن جي مند ٿيندي آهي.
3- سرءُ يا خزان: هيءَ ٻه مهينا کن هلندي آهي،
4- بهار: هيءُ پڻ ٻن مهينن جي مند آهي، پر هت بهار بجاءِ سانوڻي شمار ٿئي، ۽
اونهارو، سيارو ۽ سرءُ مشهور مندون آهن.
سياري ۾ سيءَ تمام گهڻا پوندا آهن. ماڻهو پنهنجا اوڇڻ بدلائي ڪپهه ۽ اُنَ جا
ڪن. اڪثر بند ٿيل جاين ۾ گهارين. نومبر کان وٺي
جنوري تائين سيارو هوندو آهي. گرمين يعني اونهاري
۾ لڪون ۽ جهولا گرم لڳندا آهن. ماڻهو هلڪو لباس
ڍڪين، پگهر بدن مان ريلا ڪري پيو وهندو آهي، بدن
تي آرايون نڪرن، ڪڏهن ته راتيون به سخت گرم
هونديون آهن. اهڙيون جو محمد صديق ۽ مسافر، انهن
جو هن نموني نقشو چٽيو آهي:
(1)
ويساک جو مهينو جنهن ۾ لُڪون ۽ جهولا،
ڄڻ آسمان اڇلايا ٿي گرم گرم گولا،
ڪن کي پکو هٿن ۾ ڪن جا کڏن تي کٽولا،
گذريو ٿي ڏينهن ڏکن ۾ ۽ رات جا به رولا.
هن مند جو مارچ کان جون مهيني تائين اثر رهندو آهي. سانوڻي، برساتون پيون ته
سانوڻيون ٿيون. سڄو ملڪ ڪشمير ٿي ويندو آهي. دل
بهار ٿي ويندي آهي، هيرون پيون لڳنديون آهن، پر جي
برسات نه پئي، ته ست مهينا آرڙهه ديوتا جو ڪوپ
ڇانيو رهندو آهي. باقي مهينا سرءُ جي موسم رهندي
آهي. هن ۾ تپاولي جام ٿيندي آهي. هن ۾ مڇر پيدا
ٿيندا آهن. کيرا پچندا هئا، چٽائون ٿينديون هيون،
پاڻي رڳو دٻن ۽ تلائن ۾ بچندو هو. جنهن تي مڇر آنا
ڦوڙيندا هئا ۽ موسمي تپ جو زور هوندو هو. لاڙ ڀاڱي
۾ ته جنسي ظلم هوندو آهي.
مثال:
لاڙ آهي ساڙ، سڄو ملڪ آزار،
پاڻيءَ ۾ آهن پونئرا، جو پيئي سو بيمار!
* * *
لاڙ آهي ساڙ سڄو ملڪ آزارا،
قسمت سانگ هٿ اچانگ اچيو اڙن ويچارا!
* * *
مطلب ته سياري ۾ سيءُ، آرڙهه ۾ آرايون، ڪنهن کي ساراهي ڪنهن کي ساراهيون.
سانوڻ جي انڌي کي سارو ملڪ سائو ڀانسجي!
* * *
گڏهه کي سانوڻ سريو ته هينگون ڏيئي هلايائين!
* * *
سياري جي منڍ ۾ وڃڻو کڻي اندر سمهجي،
سياري جي پڇاڙيءَ ۾ سَوَڙ کڻي ٻاهر نڪرجي.
* * *
اونهاري جي تتي ڏينهن، سانوڻيءَ جي وسندي مينهن،
سياري جي آڌي رات، شل پوي هنگڻ تات!
* * *
اُتر هاڻ اُتريو، اڌ سياري جو ڪتريو (ڦڳڻ مهيني ۾
چون)
* * *
اهي مٿيون چوڻيون آهن، جي مندن يا موسمن لاءِ ماڻهو بيان ڪندا آهن.
(ب) 2- مهينا:
اسان وٽ هن ملڪ سنڌ ۾ هندي، سنڌي، عربي ۽ انگريزي مهينا استعمال ۾ ايندڙ
آهن.
هندي:
چيٽ، ويساک، ڄيٺ، آکاڙ (آساڙ)، سانوڻ، بڊو (ڀادون)، آسو (ڪُوار)، ڪتي (ڪاتڪ)
ناهري (اگهن) پوهه (پوس)، مانگهه (مهه)، ڦڳڻ.
سنڌي:
محرم، صفر، عرس، يارهين، هڪڙو خالي، ٻيو خالي، [ننڍو يار، وڏو يار] لکانو،
براد، رمضان، شوال، ذوالقعد، ذوالحج.
عربي:
محرم الحرام، صفر، ربيع الاول، ربيع الاخر يا ربيع الثاني، جمادي الاول،
جمادي الثاني، يا جمادي الاخر. رجب المرجب، شعبان،
رمضان المبارڪ، شوال، ذوالقعد، ذوالحج.
انگريزي:
جنوري، فيبروري، مارچ، اپريل، مئي، جون، جولائي، آگسٽ، سيپٽمبر، آڪٽوبر،
نومبر، ڊسمبر. ڏينهن جا نالا پڻ هن نموني اچن ٿا.
هندي:
شڪر وار، سنيچ وار، آرت وار، سوم وار، منگل وار، ٻڌ وار، وهسپت وار.
سنڌي:
جمعو، ڇنڇر،آچر، سومر، اڱارو، اربع، خميس.
مُندن ۽ مهينن واريون چوڻيون:
چيٽ آهي پيٽ!
* * *
ڪتيءَ هلي ڪؤنڇا ڪيا، هاڻ چلي آيو چيٽ!
* * *
ڄيٺي مينهن، پوڻيٺيءَ پُٽَ، ڪن ڀاڳ ڀرين کي ملن!
* * *
بڊي جا ڌاما کائي ٻانڀڻ ڦوس ڏي ته مک مري!
* * *
بڊي جي چٽائن جو چٽيو، مائتن جو پٽيو سگهو سائو نه
ٿئي!
* * *
ڪتي آهي ڇتي ڪتي، رڳو وٺ وٺان آهي منجهس!
* * *
ناهري ڏي ٻهاري ته سج وڃي پهري!
* * *
پوهه لاڻالوهه، کَلڙ کوهه!
* * *
مانگهه رُهيون، ڌڏن ڌنارن جون ڳُيون!
مانگهه، لٿي تانگهه!
* * *
ڦڳڻ ڦوهه لٿو سارو، راتيان سيارو ڏينهان اونهارو
نکٽ يا نڇتر يا نکشتر:
آبادي ڪندڙ يا پوک ڪرڻ وارن لاءِ اهو ضروري هوندو آهي، ته نکٽن(1) کان واقف هجن ۽ انهن جو لهڻ اڀرڻ سڃاڻن، ڇو ته رات جو آڌيءَ
مانجهيءَ پوک جي واهيت ڪرڻ، پاڻي ڏيڻ، جوڳون
بدلائڻ جو تعلق تارن سان رکندا هئا، تنهن کان
سواءِ ڪن گرهن ۽ تارن جو سڌو سنئون اثر پوکن تي
پوندڙ هوندو آهي. سندن سڃاڻپ جا مشهور معروف هيءُ
نکٽ هئا:
1. ڪهڪشان يا کيرڌارا، جنهن کي سنڌ جا ماڻهو نوح نبيءَ جي ٻيڙي به چوندا آهن
ڪي وري هن کي تارن جي گَسڙ به چوندا هئا.
2. قطب تارو، هيءُ هڪ هنڌ بيٺل تارو آهي ۽ سر اتر طرف بيهندو آهي. تنهنڪري
اُتر جي آڌار تي ٻيون ڏسيون (طرف) به سهي ڪري
وٺندا هئا.
3. ڪتيون: ڪتيون سنجها ۾ اڀرڻ لڳيون، ته لس ٻاجهريون پوکيندا هئا. هن کي ڊاک
جو چڳو ۽ پروين به چوندا آهن.
4. ٽيڙو. ٽي تارا لام ۾ ۽ انهن جي هيٺان ٽي تارا آڏا اُڀا هوندا آهن.
نکٽ سڀ نئي ويا، ٽيڙو اُڀا ٿئي
5. ائٽ تارو اڀرندو ته مال کير گهٽائي ڇڏيندو. هي تارو بڊي ۽ اسوءَ جي مهينن
۾ اڀرڻ شروع ڪندو آهي. خود سمنڊن جو پاڻي به لهي
ويندو آهي. جيڪي جيت ٻرن کان ٻاهر رهندڙ هوندا
آهن، سي مرڻ لڳندا آهن. هن کي ٻيا نالا به ڏين ٿا
جهڙوڪ: بي سرو، اگٿ، سهيل يمني وغيره. هنن جي اڀرڻ
تي ڪنڊين ۾ سڱر پچندا آهن ۽ گيدڙيون ڳاڙهيون لال
ٿينديون آهن.
6. کٽ. چار تارا رامبس شڪل ۾آهن، اها کٽ قطب تاري جي چوڌاري ٿي ڦري. کوهه ۽
ڀٽون، هڪ تارن جو ميڙ آهي، هن جا اڳيان تارا
ڀٽونءَ جي مڇن وانگر اڌ گولائي تي ۽ پويان تارا
ڏنگ وانگر مٿئين پاسي وريل هوندا آهن. چون ته:
*
ڀٽون ڪڍي نهانئين، (دنُ)
*ته
پوک وڃي ڇانهين. (هنداڻو)
ڇانهين جي ولين پوکڻ جي لاءِ ڀٽونءَ جو اڀرڻ بهتر وقت لڳندو اٿن. ڀٽونءَ جي
ڪاپار واري ڀاڱي اڀرڻ تي درياءَ ۾ پلو وڌڻ شروع
ڪندو هو ۽ ڏينهن پڻ وڏا ٿيڻ لڳندا هئا.
7- ايٿ يا ڪُلڪ تارو. هن جي اڀرڻ تي واهن جي پاڻين ۾ حَنارو پوندو هو. پاڻي
واهن جا پاڇاٽا ٿي ويندا هئا.
8- ٺينگو تارو، نواڙ يا وهائو تارو، آڌي تارو ۽ لڌا ٻه گڏوگڏ هلندڙ تارا پڻ
جوڳن جي مٽ سٽ ڪرڻ لاءِ سندن وقت ۽ نشانن جي سڃاڻپ
ڪرائيندڙ هئا.
ڌرتيءَ جو اهو ٽڪرو جيڪو پوک لائق هجي، جتي مند آهر فصل پوکي سگهجي.
زمين:
زمين جي ورنن جا قسم:
نئين نڪور ڌرتي يا زمين کي ”نهوَر“ ڪوٺين. اڳي پوکي وري ڇڏي ڏنل زمين کي
”کرڙ“ چون. بنا ريج واري زمين کي اروٺ، ڪرءُ يا
اَريج، درياءَ جي ڀرواري ريٽ، پڪي زمين سڏين ۽
چيڪيءَ زمين کي ٽاڪ يا رِپَ نالا ڏين. انهن کان
سواءِ ٻيا قسم هيءُ آهن: بٺ، جنهن ۾ ڪو سلو نه
اُڀري، قدرتي بيٺل گاهه واري کي ريل چون ۽ جنهن ۾
ٿورڙو گاهه هجي، ته ان کي آڍوري ڪوٺين. دڙ، ٻِسر
پُٺ وارياسي، بوب ڪلراٺي، ڪلراٺي اڇي ڦليءَ يا
اُئي، ڪلر مٿان گجيءَ وانگي بيهندي آهي، جنهن ۾
غريب ماڻهو ڪپڙا وڃي ڌئندا آهن. جنهن مان گهڻو
پاڻي واهڻ سان هن کي مٺو ۽ آبادي لائق بنائي سگهجي
ٿو ۽ ٻي ٿئي ڳاڙهو يا ڪاروڪلر. هن ۾ لوڻ تمام گهڻو
هوندو آهي، تنهنڪري ڪَکَ وغيره ٿين، ٻي خاص آبادي
ڪانه ٿي سگهندي آهي. لاڙ ڀاڱي جي ڪا زمين مٺي
ڪلراٺي آهي، جنهن ۾ ڪمند ۽ ساريون ڀليون ٿينديون
آهن. پٿريلي يا ٽاڪرو زمين ته ڪا ڪوهستان جي آهي.
ان ۾ جتي ريتائتي زمين آهي، ان ۾ برسات پوڻ تي
جوئر جو فصل جام ٿيندو آهي. آباديءَ هيٺ آيل زمين،
پاڻي نه ملڻ ڪري آبادي سڪي وڃي ته ان کي ورڻو
ڪوٺين، پر ٻرنهه انهيءَ زمين کي چون جنهن کي ريج
ڪرائڻ کان پوءِ ٻئي سال پوکڻ جي لاءِ ڇڏجي.
مٿانهين زمين کي چاڙهه واري زمين ۽ هيٺانهين کي
جهڪاڻ يا جهول واري زمين، دوآبي واري زمين کي
ٻيگهو يا ٻلهار زمين، ٻن ٽڪرين يا ڀٽن واري
هيٺانهين زمين کي ماٿري يا وادي چون، جبلن مٿان
سڌي زمين کي مٿانهون پٽ، ڳوٺ جي ڦِٽل زمين کي پڊُ
ڪري ڪوٺين. بنجر، غيرآباد يا نوبتي زمين کي سڏين،
بوڀر، سنهي مٽيءَ واري زمين جنهن ۾ مُرئي تائين
پير اندر دٻجي وڃي. ارڇي جُوءِ، جتي گاهه ۽ مال جو
ڪو چارو نه هجي، اوتاڙ اُچٽ، مٿانهين زمين، اُکرڻ،
ريج سڪي ويل زمين، ائنٺو، هڪ ڀيرو آباد ڪيل زمين،
ڀاڙت، ٿڪل زمين جنهن کي ڀاڻ جي ضرورت هجي، اوبٽ،
هيٺ مٿانهين زمين، اوساءِ، چيرن ۽ ڦوڙن واري زمين
جيڪا سڪڻ کان پوءِ ڦاٽي پوندي آهي.(1)
اوڌو وَٽو، سنئين سڌي زمين. سرڪاري طرح زمين جا ٽي
قسم آهن: هڪڙي قبولي جيڪا مالڪن جي هٿ قبضي ۾ آهي،
آباد ڪن ٿا ۽ ڍل ڀرين ٿا، ٻي ناقبولي ائين پيل
سرڪاري زمين جا ڪنهن اڃا خريد نه ڪئي آهي، ۽ ٽئين
”بندشي“ جيڪا سرڪار جي شرطن جي پورائي نه ٿيڻ ڪري
نه مالڪ جي آهي ۽ نه سرڪار جي، جڏهن مالڪ شرط پورا
ڪندو، ته سندس ٿيندي.(2)
زمين جي ماپ:
اڳي هڪڙي ننڍي قسم جي ماپ رائج هوندي هئي، جنهن ۾ پير پير ڀرسان رکي ماپ ڪئي
ويندي هئي ۽ ٻي وري هٿن، ٻاڙين ۽ گرانٺن سان ماپ
ٿيندي هئي.
مثلاً: ٻه مٺيون برابر هڪ هٿ، (1) (ٻه مٺيون فوٽ جي برابر آهن)
ڏيڍ هٿ برابر هڪ نري،
پنج نريون برابر هڪ پرهه.
(ڀتين ۽ نکن جي ماپ ۾ اها جدول پڻ ڪم ايندي هئي)
چار آڱر برابر هڪ ڇاڙڪي،
چار ڇاڙڪيون برابر هڪ هٿ
[ڪپڙن ماپڻ ۾ اها جدول ڪم ايندي هئي]
وڏي قسم واري ماپ جيڪا گهڻي زمين جي لاءِ استعمال ٿيندڙ هئي،
ويهه ويسا برابر هڪ جريب،
ٻه جريب برابر هڪ ايڪڙ. (ايڪڙ برابر 4840 چورس وال)
(خاص زرعي زمين لاءِ اها جدول آهي)
ٻاڙي يا گرانٺ، آڱوٺي جي چوٽيءَ کان چيچ جي چوٽيءَ تائين ڇڪيل مفاصلو آهي.
ٻه سڏ برابر هڪ ميل،
ٻه ميل برابر هڪ ڪوهه،
چار ڪوهه برابر هڪ جوجن.
(هيءَ جدول پنڌ جي لاءِ زمين جي ماپ ظاهر ڪندي آهي)
جيڪا زمين آبادي هيٺ اچي ويندي هئي، تنهن کي ”ٻني“ ۽ جيڪو ٽڪر آبادي ڪرڻ کان
رهجي ويندو هو، ان کي ”ائنٺو“ ۽ جنهن ٽڪر ۾ گاهه
پوکيل هوندو هو يا قدرتي طرح گاهه پيدا ٿي پوندو
هو، ته اُن کي ڪڻڇو يا ڪوڇو ڪوٺيندا آهن. ڀٽن ۽
ڊٻن واري زمين ڊٻوڙ ۽ دڙين دڪين واري زمين کي
”دَڙ“ سڏيو ويندو آهي.
ٻيون ماپون:
ويسي ۾، ٽي پڪيون وکون يعني جيڪو پير پهرين کڻجي وري انهيءَ تي ٻيون وارو
اچي ته اهو مفاصلو ويسي برابر ٿيو. تنهنڪري ڪي هن
نموني زمين جي ماپ ڪندا آهن: اڍائي گرانٺون برابر
هڪ نري، پنج نريون گهنڊو يا ڀُرهه، ويهه گهنڊا
ويسو، ٻه ويسا جريب، ٻه جريب يا چاليهه گهنڊا هڪ
جي لاءِ ايڪڙ، ستن کان ڏهن جريبن تائين هڪ نمبر يا
ڪئي ويندي هئي. ڏهن کان ويهن جريبن تائين هڪ نمبر
ليکيو ويندو هو.
کوهن جي لاءِ ماپ:
هڪ ڀاڪر برابر پُرهه.
پُرهن سان کوهن ۽ رسن جي ڊيگهه معلوم ڪجي ٿي (اڍائي وال برابر پُرهه).
ڀتين جي ماپ لاءِ:
ڀتيون اڳين، اوڏ گنب جون وجهندا هئا. ٺونٺ کان وچين آڱر جي ڇوٽي تائين ”نري“
شمار ڪندا هئا، ۽ ٺونٺ کان هٿ جي وچين آڱر تائين
ماپ آڻي، وري پوئتي موٽائي هٿ جي ڪرائيءَ جي
ڀيڏيءَ تائين ماپ کي نري ڪوٺيندا هئا. اها نري هڪ
وال جي برابر آهي.
قبرن جي زمين جي ماپ:
پير پير جي ڀر ۾ رکي نوَ پير هڪ قبر جي ماپ ڳڻبي هئي. گهوڙن جون وکون پڻ پير
پير جي ڀر ۾ رکي ماپيندا هئا ته ڪهڙي گهوڙي جي وک
وڏي آهي.
کانٽي يا کامن جي ماپ:
ماڻهو هٿ اُڀوڪري سڌو ٿي بيهندو ته ان جي اها پانچ (ڊيگهه) ٻن گزن جي برابر
ٿيندي ۽ سيني تائين هڪ گز (وال) شمار ڪن. ٻه پُرهه
برابر هڪ گز (اول) آهي.
پوکيءَ جا اڳوڻا اوزار
1- نار يا هرلو:
هنن کي واهي پاڻي هيٺان واهه مان ڇڪي، مٿي چاڙهه واري زمين کي پياربو آهي ۽
ان پوک کي چرخي پوک چئبو آهي.
2- هَرُ:
هن سان زمين کي کيڙي هيٺيون پاسو اٿلائي مٿي ڪبو آهي، جيئن زمين وڌيڪ طاقت
واري ٿئي ۽ سلا سولائي سان اڀرن.
3- سانئر / سانور / ترُ / سهاڳو:
هن جي زمين مٿان گهمائڻ سان ٻج ڍڪجي ويندو آهي ۽ زمين پڻ سنئين ٿي بيهندي
آهي.
4- وٽوهڙ:
اڳ ۾ هن سان وڏا وڏا ڀتر ڀڃندا هئا ۽ هاڻي ان جي عيوض گِرڻي يا ريڙهو ڪتب
آڻين ٿا.
5- ڪهاڙو:
هيءُ نار مٿان اڏاوت وارو ڪاٺ ترڻ (ڇلڻ) ڪاٺين ڦوڙڻ ۾ ڪم ايندو آهي.
6- ڪهاڙي:
هن سان جهنگ وڍيندا آهن ۽ ڦرن ڦلن لاءِ چاري جون ٽاريون ڪپيندا آهن.(1)
7- ڪوڏر:
هن سان زمين جي کوٽائي، بندن، ٻنن وغيره جو ڪم ڪيو ويندو آهي.
8- ٻياني يا ٻيانو:
هن سان ڍينگهرن جا پُور کڻي لوڙهو ڏبو آهي، يا ڪهڙ (کوڙيون) کڻي سٿي ڪري
ساڙيون وينديون آهن.
9- رنبو:
هن سان گاهه ڪڍڻ ۽ گُڏ ڪرڻ ۾ ڪم ايندي آهي.
10- ڏاندار يا ڏانداري:
هن سان ٻنن تي مٽي چاڙهي ويندي آهي.
11- ڏانتو / ڏانٽي:
هن سان ڪانن مان سنگ لڻي (ڪپي) ڌار ڪبا آهن ۽ ڪانن کي اڙئون لڻبو آهي.
12- هٿڙي ڪهاڙي:
هن سان ڍڳن واسطي گاهه مان ڪتر ڪندا آهن.
13- گاگڙو / ڪونڊو:
هن ۾ ان ڀري مٿي کڻي وائربو آهي.
14- ٽنگڙيءَ:
هن سان اَن جو پڳر اٿلائبو آهي ۽ واءُ نه هئڻ جي حالت ۾ ٽنگڙيءَ سان ڪاڏر
مٿي اڇلي اُڇلي به اَن وائرين.
15- ڪيڻ:
هن سان مٽي ميڙي زمين جي جهول يا جهڪاڻ ڀري ويندي آهي ۽ دڙيون پٽيون وينديون
آهن، ڪيڻ هڻڻ جو رواج سن 1933ع کان پوءِ هتي شروع
ٿيو، جڏهن سکر بئراج وهيو ڪيڻ جي پاسن وارين نوڙين
کي انگهائي، چوندا آهن.
16- کهيڙو:
هن سان گاهه ڪڍڻ، ڇانڀو وڍڻ، ٻٿن جون پاڙون ڪڍيون وينديون آهن.
17- پاهوڙي:
هن سان نار جو پِڙ صفا ڪرڻ، وٿاڻ صفا ڪرڻ ۽ انُ ريڙهڻ جو ڪم ورتو ويندو آهي.
هنن سڀني اوزارن کي گڏي ڪڙميءَ جو هلٽ سلٽ چون.
نظم
ٻج نه پوکي جي ڪو هاري،
سڪون کائڻ لئه عمر ساري.
پوءِ اکين سان ڏسون نه اَن،
ڀاڄي ميوو گل نه پَن.
ڪپاهه جي ڪو پوک نه ڪري،
ڪٿان جيڪر پنهنجي سري.
ڪپڙا هوند نه ڪڏهن ملن،
بت ڍڪڻ لئه ماڻهو سڪن.
ڪاريگر جي پوءِ هوشياري،
ٿئي اجائي پل ۾ ساري!
ڇاڪو سبي ڇاڪو ڀري،
استادي ڪيئن ظاهر ڪري.
ڄانڀو سرهه نه هاري پوکي،
تيل نه ڪنهن پر ملي توکي.
ڪڙمي ڪم کان ڪري انڪار،
ساري دنيا ٿئي لاچار.
ڪڙمي ڪم وڏا ٿو ڪري،
ڄاڻ نه اهڙي هو ٿو ڌري.
ڪڙمي جي تعليم وٺن،
چڱو سڌارو جيڪر ڪن.
ڪَڙمت:
ڪڙمت ۾ سڀئي ونڊيدار، ڍور ڍڳا، وهٽ وانا، کيتي ٻاڙيءَ جا اوزار يعني هلٽ سلٽ
سڀئي اچي وڃن ٿا کيتيءَ جو پهرين ڪم حضرت آدم عليه
السلام ڪيو. اهو پهريون ڪڙمي هو. هاري، هرَ جي
هلائيندڙ کي چئجي، نار واهيندڙ کي ناري سڏين. اَڏن
جا آوانڌا اڻٻنڌا لوڙهي ۽ ٻانڌا ٻڌي، تنهنڪري
ڪوٺينس ٻانڌ يا ٻانڌياريو. زمين کيڙي چيري ڦاڙي
ٿو، ان ڪري چونس کيڙائو يا کيڙيارو. اَن جي رانهه
سنڀالي، تنهنڪري راهو يا راهڪ به سڏينس. پراڪرت
ٻوليءَ ۾ کيتيءَ کي چون راڌي ان نالي ڪري راڌو
يعني پوک ڪندڙ ڪوٺجي. ٻنيءَ جي نگهباني ڪري ۽
واهيت به ٿو ڪري، ان سبب ڪري واهي به چوندا اٿس.
سڄو هلٽ سلٽ سنڀالي ٿو، تنهنڪري سندس نالو ڪڙمي به
آهي. ٻيا نالا ختم ٿي چڪا آهن. اوٽيڙو، ٻنير
وغيره.
هارين جا اصلاح:
پنهنجي رانهه پوکي وارو آهي؟
ڪهڙو اڳيون جوڙو وهيو آهي؟
ڪهڙي ٻناري جي ڪتر هنئي اٿس؟
ڪهڙا ڏاندار جا ٻنا ڪڍيا اٿئي؟
ڪهڙو ٻناري جو پاڻي ورايواٿئي؟
ٻنيون ۽ ونيون ڪن مَڄُن وڃن!
زميندار:
زميندار معنيٰ زمين رکندڙ يا زمين جو مالڪ. هيءُ مرضيءَ جو مالڪ هوندو آهي
ته پنهنجي زمين پاڻ پوکي يا ٻي ڪنهن کي پوکڻ جي
لاءِ لاپي تي، ايريي تي، مقاطعي تي هارپي يا
سيريءَ تي به ڏيئي ڇڏي. سريءَ ۾ زميندار هاريءَ کي
مهيني سر مهيني پگهار ڏيندو رهندو ۽ پيدائش جو پاڻ
مالڪ بنبو آهي. مقاطعي تي، هاڻي زمينون ڏنيون ٿيون
وڃن، جنهن ۾ هڪ سال کان وٺي، ويندي ويهن سالن
تائين زمين في ايڪڙ مقرر روپين تي ڏنو وڃي ٿو.
مقاطعي جا شرط دستاويز تي لکي رجسٽر ڪيا وڃن ٿا.
هر سال جي رقم اڳواٽ يا ڪل رقم اڳواٽ ورتي ويندي
آهي. مقاطعيدار ڪوشش ڪري ڪڙم پنهنجو رکندو آهي.
ٻانڌاڻي/ايريي تي، ڏهن جريبن وارو نمبر چاليهن
روپين ۾، ٻارهن جريبن وارو نمبر پنجيتالهين روپين
۾ ويهن جريبن وارو نمبر پنجاهه روپين ۾ ڪڏهن ڪڏهن
اهو سٺ روپين به ڏنو ويندو هو. ويهن جريبن کان مٿي
نمبرن جي ماپ ڪانه ٿيندي هئي. ايريي جي رقم وصول
ڪرڻ جو مدو کري کنئي ٿيندو هو. رانهه ٺهي ته
زميندار به اچي پرَ پکيڙيندو هو. جي روڪڙا پئسا نه
مليا، ته چالو اگهه ۾ اوتري پئدائش مئا رائي کڻي
ڌار ڪندو هو. بعضي ٻانڌاڻي يا ايريي جا روڪڙا پئسا
به ڏنا ويندا هئا. هارپي تي زمين، هن ۾ جي زميندار
هاريءَ کي کڻت کڻائيندو هو، ته مجيريءَ جو حصو به
پاڻ کڻندو هو نه ته ٻي ڪنهن موديءَ کي اهو حصو
ملندو هو. جيئن هاڻي تقاوي ڏني ٿي وڃي، پر اها
زميندار خود پاڻ ٿو ڏي. جي زمين ٿوري هئڻ سبب
زميندار اها پاڻ پوکڻ لڳندو هو، ته ان کي آبادگار
/ ڪاشتڪار ڪوٺيو ويندو آهي. زمين جي ڍل، ”داڻا
بندي“ موجب ڏيندو. يعني سرڪاري امين جيترو ڪاٿو
ڪندو، اوترا ڪاسا، يا خرار ان جا سرڪار کي جمع
ڪرائيندو. پر گهڻو رواج زمين هارپي تي ڏيڻ جو آهي
ڇاڪاڻ ته رڳو يَڪَ فصلي پوک ٿيندي هئي. وڌ ۾ وڌ ته
ڪو هاري برسات تي آڌئون / آرڻ کڻي پوکيندو هو.
هينئر براجن جي ڪرامت آهي جو اسان جي ملڪ ۾ ٽه
فصلي پوک ٿي رهي آهي. هارپي ۾ ڏنل زمين جي لاءِ
هيءُ شرط هوندا هئا: ڍل، لاپو (لاڀ)، رسائي، بيگر،
ڇيڙ ڏنڊ ۽ سرڪاري رڪب يا ٻنڌياڻ زميندار پاڻ
ڀريندو هو. ڪمدار ۽ اوطاق جو خرچ تور ۾ ايڪتال /
ساڍي چال پيدائش کڻندو هو، زمينداري مال لاءِ گاهه
پهچائڻ هاريءَ جي کنڌي هو، گهر جي لاءِ ڪاٺيون
آڻڻ، آبت / ونگار تي جوڙي سوڌو حاضر ٿيڻ “کاٽي
کرڙي ته سدائين هاريءَ جي حصي ۾ هوندي هئي. ان کي
زمينداري ابواب چوندا هئا. بٽئي مهل سڀ ابواب ڪاٽڻ
کان پوءِ زميندار اڌو اڌ يا ٻه حصا پاڻ کڻندو هو ۽
هڪڙو حصو پيدائش جو هاري کي ڏيندو هو. هاريءَ وٽ
ڍڳن جو جوڙو ضروري آهي، کيڙي هاريءَ جي حصي ۾ ٻج
زميندار جي حصي ۾ ايندو آهي. پر لاڙ واري ڀاڱي ۾
مهانگو ٻج جهڙوڪ ڪمند جو ٻج ”اڌو اڌ“ تي آهي. يعني
ٻج جو اڌ زميندار ڀريندو ۽ اڌ هاري ڀريندو آهي. جن
هارين وٽ جوڙو نه هوندو آهي، ان کي سرڙيو هاري
چوندا آهن. فصل جو چوٿون حصو سندس حصي ۾ ايندو
آهي.
هارين تي نظم
منهنجي ديس جا پيارا هاري،
واه ٻني تو آهي سينگاري.
هاري ٻنيءَ ۾ دل سان ڪمائن،
جوٽيو جوڙا، هر هلائن،
جبل هجي يا ڀوري واري،
منهنجي ديس جا پيارا هاري،
واهه ٻني تو آهي سينگاري.
فصل پوکڻ جو ڪريو سعيو،
اَڏون ٺاهيو، پاڻي واهيو،
ڏينهن هجي يا رات انڌاري،
منهنجي ديس جا پيارا هاري،
واهه ٻني تو آهي سينگاري.
مُند ۾ هرڪا پوک ڦٽي ٿي،
جوئر ٻاجهر سنگ ڪڍي ٿي،
ووئنڻن ڪئي آ واهه بهاري،
منهنجي ديس جا پيارا هاري،
واهه ٻني تو آهي سينگاري.
سنڌو ساوڻ موج ڪري ٿو،
پلٽيو پلٽيو پٽ ڀري ٿو،
ٻيلا ٻيلا، ٻاري ٻاري،
منهنجي ديس جا پيارا هاري،
واهه ٻني تو آهي سينگاري.
غلام رسول ٿي سياڻو هاري،
رُت سارين جي آهي پياري،
ڏس وڃي پئي ڪونج قطاري،
منهنجي ديس جا پيارا هاري،
واهه ٻني تو آهي سينگاري(1).
مجيري:
مجيري انهيءَ ماڻهوءَ کي چيو ويندو هو، جيڪو هاريءَ کي کڻت کڻائيندو هو.
يعني کيتي ٻاري لاءِ ٻج، هر ڦار وغيره جي ٺپاڻيءَ
جو خرچ شاديءَ غميءَ تي پهچ سارو ڏوڪڙ ۽ کاڌي لاءِ
ورو (ورهيو) يا توڻ ۽ لٽو ڪپڙو به، گهڻو ڪري مجيري
تي ڏيندو آهي، جنهن جو خرچ فصل لهڻ تي هاريءَ جي
حصي مان ڪٽيو ويندو آهي. اڳي [1947ع کان اڳ] هٿ
واڻيا يا مودي هوندا هئا، جي هاريءَ جي سموري پورت
ڪندا هئا ۽ سندن ونڊي ٻڌبي هئي جا بٽئي ٿيڻ تي
انهن کي ملندي هئي، جنهن ۾ نفعو نقصان سڀ سندن سر
تي هو. جي هاريءَ کي سندس زميندار ئي کڻت کڻائيندو
هو، ته اهو سندس نه رڳو زميندار پر مجيري به سڏيو
ويندو هو ۽ زمينداريءَ سان گڏ مجيرپ جو حصو به
کڻندو هو.
ونڊيون:
چوڻي آهي ته:
”پاڇو آدم قد اچي، تڏهن به هاري پيو هڄي!“
ٻنيءَ تي ٻه - ٽي ماڻهو ضرور ڪم ڪندا هئا، تنهن کان سواءِ اُٺ ڍڳا به ڪم
ڪندا هئا، تنهنڪري انهن سڀني جون حصا پتيون رکيون
وينديون هيون، انهن کي ونڊيون چوندا هئا.
هارين ۾ هڪڙو، خاص هر ڏيڻ جي حوالي هوندو آهي، ٻيو پاڻي ورائڻ ۽ ٻارن ۾
پاڻي پيارڻ تي ٽيون ڪتر ۽ هرلي هڪلڻ ۽ جوڳن کي
مٽائڻ ۽ وهٽن وانن جي نظر داري پيو ڪندو هو.
جي ڪنهن زميندار جا گهڻا هاري هوندا هئا، ته هرهڪ کي پنهنجي پنهنجي جڙَ يعني
ٻني ٽڪر ڌار ملندو هو. هرهڪ جڙ ۾ پنج - ڇهه ايڪڙ
زمين آبادي هيٺ ايندي هئي.
هر هڪ هُرلي تي ڇهه ونڊيون ويهنديون هيون. جي آباديءَ ڪرڻ کان اڳ نبيري پوءِ
اسم (ائٽ) چاڙهيندا هئا. هرهڪ ونڊيءَ ۾ وري چار کر
يا پايا ڳڻيا ويندا هئا. پايا هن طرح ورهاست ڪندا
هئا: پنجن - ڇهن سالن جي عمر واري ڇوڪر کي هڪ کر
يا هڪ پايو ملندو هو. اهو مال چاريندو هو يا
ڏانداري ڪڍائيندو هو، ڍڳن کي گاهه ۽ ڪتر ڏيندو هو،
لاههَ ڍوئيندو هو،ان کان وڏو سٻرٽ يا سرٽ نينگر
اٺن - ڏهن سالن ڄمار وارو هوندو هو، ته ان کي ٻه
کر يا پايا ڏنا ويندا هئا. ان جو ڪم ڏهائي ڪرڻ،
ماني آڻڻ، کير پهچائڻ، وهٽ کولڻ ۽ ٻڌڻ، رنبو،
ڪهاڙي ڦار ٺپائي اچڻ وغيره جهڙا ڪم ڪندو هو، تنهن
کان وڏو ڳرٽ پندرهن - ارڙهن سالن جي ڄمار وارو، ان
کي ٽي کُر/ٽي پايا ملندا هئا. اهو ڪچو جوان ڪري
ليکيندا هئا ۽ اهو هر ڪم ڪار ۾ ٻانهن ٻيلي ٿي
بيهندو هو يعني پاڻي وارئيندو هو، هرَ وهندوهو،
جهنگ وڍائيندو ۽ ٻنا ٻڌارائيندو هو. انهيءَ کان
پوءِ ويهن - پنجويهن سالن جي عمر واري کي ڦوهه
جوان شمار ڪندا هئا ۽ ان کان وٺي ويندي ڪرڙ وَڍ
تائين، ونڊيءَ جا چار پايا يا سڄي ونڊي مقرر ڪيل
هوندي هئي. اهو سڀئي ڪم ڪندو ۽ پوک جي پوکائي ۽ ٻج
ڇٽڻ ۽ واهيت به مٿس هوندي هئي. اهو انهي اهري تي
ڇڏيل يعني مٿين ماڻهن مان کيس ڪهڙي جي مدد جي
ضرورت ٿيندي، ته ان کي آڻي پاڻ وٽ بيهاريندو هو.
ماڻهن کان پوءِ وهٽن جون ونڊيون هن طرح مقرر ڪيل
هيون.
هڪ ڏاند جو هڪ پايو ۽ جوڙي جا ٻه پايا، پر جي جوڙو ڀلو هوندو هو ته ٽي بعضي
چار پايا به کڻندو هو. اُٺ جا ٻه پايا هئا، پر
ڪنهن ڪنهن اُٺ جا ٽي يا چار پايا به ڏنا ويندا
هئا. جهڙو وهٽ تهڙي ونڊي هوندي هئي. هڪڙي سڄي ونڊي
مجيري کڻندو هو. مطلب ته ڇهن ونڊين مان ٽي ونڊيون
ٻنيءَ بلي ته ٽي ونڊيون زميندار واسطي هونديون
هيون. ونڊين ۾ ڪو رولو پوندو هو، ته امين يا ٽياڪڙ
جيڪو نبيرو ڪندا هئا، سو سڀئي قبول ڪري اُٿندا
هئا. ونڊين ورڇڻ کان اڳ گُڏ، آهت، اولياءَ جو رڪب،
خيرات جو مڻ مڻ ڪڍي ڌار ڪندا هئا.
آهت ۾ واڍو، جيڪو نار، هرلو ۽ هر وغيره مرمت ڪندو هو، مينگهواڙ، جيڪو
نيٽو،ناڙو، وڍي، ڳلي، ڳنڍ ٽوپو ڪندو هو، ڪنڀار،
جيڪو لوٽا، ڪنگريون، دلا، مٽ ۽ ٽڀا، دکيون ۽ ڪنيون
ڏيندو هو، حجام جيڪو هارين جي سيرپ يا سنوارت اچي
ڪندو هو، سڀ شامل هوندا هئا. آهت جي معنيٰ آهي،
آئي ويل مدد ڪرڻ. ڪي ماڻهو پنهنجو پاڻي وڪڻي ٻين
کي ڏين. اهو پاڻيءَ جو جيڪو روڪڙو عيوضو ملي،
انهيءَ کي حقابو چون يعني ”حق ِ آب“ معنيٰ پاڻيءَ
جو حق.
پوکن جا طريقا:
آڳاٽي دور ۾ پوکن جا هي طريقا هئا:
1- چرخي پوک:
زمين مٿي ۽ پاڻي هيٺ هوندو هو، پوءِ واهن، ڍنڍن، ڍورن، تلائن ۽ ڦاٽن جي
پاڻين تي نار يا هرلو چاڙهي، پاڻي مٿي ڇڪي آبادي
ڪرائي هئي.
2- موڪي پوک:
زمين هيٺ پاڻي مٿي هوندو هو. هن پوک جو رواج گهڻو ڪري سنڌ جي لاڙ واري ڀاڱي
۾ هوندو هو ۽ اڃا به ڪٿي ڪٿي آهي. براجن نڪرڻ کان
پوءِ، ته سنڌ جي گهڻي حصي ۾ هي موڪي پوک ٿيندي ٿي
رهي، رڳو ڪڙيي يا واٽر ڪورس کي ٽڪي ڏيڻ سان پاڻي
زمين ۾ اچي پوي ٿو ۽ پوک ٿئي ٿي.
3- چاهي پوک:
کوهن تي نار چاڙهي سنڌ جي اترئين حصي ۾ پوک ڪئي ويندي آهي ۽ ٿر واري ڀاڱي ۾
کوهن مان ڪوسن وسيلي پاڻي ڪڍي، آبادي ڪندا آهن. ان
کي ولڙيون چون. جن ۾ ڀاڄي بقر وغيره پوکيو ويندو
آهي.
4- باراني پوک:
هيءَ پوک برسات جي پاڻيءَ تي ٿيندي آهي. سنڌ جي ٿر واري حصي ۽ ڪوهستان ۾
مينهن جي پاڻيءَ تي پوک ٿيندي آهي.
5- سيلابي پوک:
سانوڻيءَ ۾ جڏهن سنڌو ندي اُٿلون ڪندي هئي، ته درياءَ جي ٻنهي ڪنارن لڳ ميل
- ٻن ۾ زمين رجي ويندي هئي ۽ جڏهن پاڻي لهي وڃي
ڪرون وٺندو هو، ته هاري انهيءَ ريج ٿيل زمين تي
بوسي پوکون ڪندا هئا. هينئر درياءَ کي وڏا بند ٻڌل
آهن ۽ ڪيترا وڏا وڏا واهه نڪتل آهن، تنهنڪري اتفاق
سان ڪا ٻوڏ يا اُٿل ٿي ٿئي.
آبادي لاءِ آڳومت ڪرڻ:
جنهن وقت جي اسين ڳالهه ڪريون ٿا، ان وقت سنڌ ۾ گهڻي ڀاڱي چرخي پوک ٿيندڙ
هئي. تنهنڪري آڳومت به چرخي پوک بابت پيش ٿا
ڪريون.
ڪنهن به زميندار ڪنهن به هاريءَ کي زمين هارپي تي ڏني، ته هاري پهريائين وڃي
زمين ”ٺپيندو“. يعني ان نمبر جي ڪنهن هنڌان ڪجهه
جهنگ وڍي ڇڏيندو. ان کي ڏسڻ سان پتو پوندو هو، ته
نمبر ڪنهن پوکڻ جي لاءِ وٺي ڇڏيو آهي. چاڙهيڪن جا
ڏينهن ويجها ايندا هئا ته ڪنهن اُڀڪپريءَ يا ٽاڪ
تي سڻائو سهنجو گهيڙ ڏسي يا ڪنهن پراڻي ڀاڏ مٿان
اسم چاڙهيندو يا ته ماڳهين نئون سئون
پڙواڏو/کوهاڏو اتي کڻائيندو جتان، سولائي سان سندس
زمين ريج وٺي سگهي.
پڙواڏو کڻڻ:
هاري مليل زمين جو ٽئنچ وٺي وهندڙ واه يا ڪڙيي جي ڪنڌي لڳ ڪڙيي مان ڪسي يا
نالي ڪڍي، سهنجيءَ جاءِ تي پهچي پندرهن کان ويهن
فوٽن جي ڊيگهه ۽ ويڪر ۾ کامو (کڏو) کڻندو. اهو هيٺ
لڳندڙ پاڻيءَ واري نريءَ جي تري برابر کوٽي
بيهاريندو ڪي ته وري ان کان به ڪجهه هيٺڀرو
کوٽيندا آهن، ته متان لٽ / ريٽ اچي ترو ڀري مٿي نه
ڪري ڇڏي. پڙواڏي کوٽڻ مهل ۽ نريءَ کوٽڻ وقت اهو
خيال رکندا هئا، جي زمين سخت ۽ پڪي هوندي هئي، ته
نري سرنگهه وانگر گجهٽ ۾ کڻندا هئا، يعني اها ڪسي
اندران ئي اندران وڃي پڙواڏن ۾ پوندي هئي ٺهندو.
اهڙي پڙواڏي کي کوهاڏو به ڪري ڪوٺيندا هئا. انهيءَ
نموني زمين ولڻ سان مٿان ٻاهن رکڻ جو گهڻو بچاءُ
ٿيندو هو. ٻاهُو / ٻانهو اهي ڪاٺ آهن، جي پڙواڏي
جي ڪنارن سان لڳائي رکندا هئا، ته ڀِڪون هيٺ ڪري
پڙواڏي کي ڀوري نه ڇڏين ۽ اسم بيهارڻ ۾ پڻ آساني
ٿيندي هئي. پڙواڏي کي هنن حصن ۾ ورهايو اٿن:
پڙواڏي جي وچئين حصي کي ”تڙ“ چوندا آهن.
جنهن جاءِ تي ڪنگر يا لوٽا پاڻيءَ سان ڀرجي مٿي وڃن، ان کي گهڙيالو چوندا
آهن، پڪين سرن سان اوساري ڪيل کي کوهاڏو چون، پوءِ
ان پڙواڏي جي آمهون سامهون ٻن پاسن کان هڪجيڏا ڪاٺ
گدي گدي زمين ۾ پورين ۽ انهن مٿان گڏون هونديون
آهن، جن تي نار جو وهو، ڦرندو آهي ۽ گڏين کي ناهور
[ناڪور] چون.
تڙ ڇا آهي:
تڙ هن نموني ٺهندو آهي. پڙواڏي/کوهاڏي مٿان ٻاهُو سڌا ڪري رکندا جي ڪو هيٺ
مٿي هوندو، ته ان کي هيٺان ڪاٺ جون دوڳيون، سرون
يا ڇاپائيون ڏيئي سڌو بيهاريندا. اهي اهڙي طرح
سمهاربا هئا، جيئن وچ وارو ڀاڱو کليو رهي. ٻاهو
ڇوٽو يا ڪمزور هوندو هو ته ان کي هيٺان اُڀيون
ٽيڪون يعني ڪاٺ جا کنڊڻا يا ضامن ڏيئي ڇڏيندا هئا.
ان وچ واري کلئي حصي کي تڙ چئبو هو ۽ ان تي ئي نار
يا هرلي جو ڀانڊو يا ڀانڊي رکي ويندي هئي. تڙ جي
هڪڙي پاسي ٽي ٻاهو ۽ ڪپر سان لڳ هڪڙو ٻاهُو پڙاٺ
وهاڻي ڏيئي رکبو هو. پڙواڏي جي سيرانديءَ تڙ جي
ڪنڌيءَ لڳ ٽڪرائي رکيل ڀرواري ڪاٺ کي ”ڀرجهلو“
چوندا آهن، ان جي ٻئي پاسي ڀاروني جي ٽيڪ کي
”جهلڻ“ چون، ڀرجهلي مٿان ڪانگ جو پڇ سوگهو ڪندا
هئا. ٻاهن جي مٿان لڙها، انهن مٿان پڃر ۽ پڃرن
مٿان ڏڪ رکي پوءِ انهن تي کِپُ، ڪرڙن جو جهڪ،
ٻُوهه ۽ سڻ رکي، مٽي وجهي پاسا بند ڪندا هئا.
پڙواڏي جي انهيءَ ڍڪيل ڀاڱي کي ڳجهٽ چوندا هئا.
پڙواڏي واري مٿئين سموري ڪاٺوڙ کي مڏ چيو ويندو
هو. نئين پڙواڏي جي کڏي کي تڙ ۽ پراڻي پڙواڏي جي
کڏي کي ڀاڏ چوندا هئا. هاري پوءِ اوٺو ملائيندو
يعني زمين جون دڙيون دڪيون ڪڍندو. ان کان پوءِ جي
بگهڙ / بکري / وکري [معنيٰ ٿوري پوک] ڪرڻي هوندي
هيس ته گهڻي مٿاماري نه ڪندو هو، پر جي ڪٿي اولو
[ٻنيءَ جي جهڪيل ڪنڊ] هوندي هئي، ته ڪڙون [وڏا
بند] ٻڌندو هو جيئن پاڻي ڍوري نه ڪري وڃي ۽ ٻيڙ
بندي [چوڌاري لوڙهو] به ڏيئي ڇڏيندو هو، يا ته رڳو
آڙو [ننڍو بند] چوڌاري ٻڌل ڪافي سمجهيو ويندو هو.
نار يا هرلي جي بناوت:
نار وڏن ٽن ڀاڱن ۾ ورڇيل آهي: 1. ڇٽ، 2. چڪر ۽ 3. ڀانڊو. اهي ٽيئي ڀاڱا
ملائي انهن کي نار ٿو چئجي.
سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته:
نَوَ نوداڻي نَوَ حقا ته هرلا سُڪا،
نَوَ نوداڻي ڏهه حقا ته هُرلا پڪا(1)
|