سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سنڌ جو لوڪ ثقافتي ورثو

باب: 5

صفحو :8

 

باب پنجون

زيور يا ڳهڻا

”سنڌ جا زيور پنهنجي خوبصورتيءَ ۾ مـُـلڪان ملڪ مشهور آهن. موهن جي دڙي مان نڪتل زيورن بابت سرجان مارشل چيو ته: ”اهي اهڙا سهڻا جـُـڙيل آهن ڄڻ لنڊن جي سونارڪي بازار“ بانڊ اسٽريٽ ”مان اجهو هاڻ ٺهي آيا آهن.”سنڌ ۾ وسيل انيڪ ذاتين ۽ قبيلن وٽ پنهنجا پنهنجا الڳ الڳ زيور آهن. جي پنهنجي جڳهه تي الڳ الڳ سـُـونهن ۽ سوڀيا آهي.“(1)

سنڌ ديس جي گوري لاءِ ڳهڻا بلڪل ضروري آهن. پر دنيا ۾ اهڙا به ملڪ آهن، جتي زيورن جو زالون استعمال ڪونه ڪن ۽ چون ته اهائي سونهن سڌر آهي، جيڪا ڌڻيءَ سڳوري آدم کان اَرپي آهي. پاڪ - ڀارت ۾ طرحين طرحين جا زيور زالون ٺهرائي پائي، پنهنجي سونهن ۽ سينگار ۾ اضافو ڪن ٿيون. اڻ پاتل زيورن کي اهنڊ چون.

زيور لفظ جي معنيٰ هڪ عالم ڪئي آهي ته زيور اصل ۾، زيب + آور يعني زينت بخشيندڙ شيءِ جو ناو آهي. ڪن عالمن هن ريت چيو ته زيور جي معنيٰ زر + وَر يعني سون وارا ٽپڙ آهي. جن کي صفا سنڌيءَ ۾ اسين ڳهڻا ٿا ڪوٺيون، يعني جيڪي ڳهي يا گروي ۾ رکي ڪو ڪارج نباهجي. سچ پچ ته غريب ماڻهو زيور گروي رکي اوکيءَ ويل تي پاندي پوري ڪندا آهن، پر ڳهڻن جي لفظ جو اهو اشتقاق غلط ٿيندو ته ڳڻ + هاڻا يا ڳڻن وارا.

جيڪي زيور ڪنهن عضوي ۾ ٻه ٻه گڏ پيل هجن. مثال طور: ڳچيءَ ۾ دهري ۽ ڪٺمال ته انهن کي”ٻيلهڙ“ چون پر جي ٽي - ٽي گڏ هجن جيئن دهري، ڪٺمال ۽ چندن هار وغيره ته انهن کي ٽيلهڙ، چون. سڀئي زيور پيرن کان چوٽيءَ تائين سونا پيل هجن، ته انهن کي ”سوني ساهي“ يعني سون جي ”سايي“ ۾ ڪوٺين، يا سون ۾ جهنجهيل چون. زيور، گهڻو ڪري سون ۽ چانديءَ مان ٺاهيا ويندا آهن. ڳهڻا ٻن قسمن ۾ ورهايون ٿا: هڪڙا اڳوڻي زماني جا (الف) نشان سان ٻيا فئشني (ب) سان ڏنل آهن.(1)

الف - مٿي جا زيور: جهومر، ٽڪو، بنديا، چوٽيڦل، اَلي، ڏائي، ڏاڻ جو ڪنڍو، ٻٽيون ڏاڻيون، سڳين جا گر، ٽڪلو، مانگ ڏاڻيون، بينائون، مانگيڻو يا مانگوو، چوٽيون، پاسا، بڪل.

ب - فئشني: بڪل، پنون ۽ تاج، جهمرپٽو.

الف - ڪنن جا زيور: والا، واليون، جهالر، جهومڪ، پنڙا، لکون، منڌر يا منگر (مگدر)، نسبيون، جهمٽيون، الو لڪ، مرکيون، ڪيوٽيون، دُر، ٻندڙا، ڪنڍل، ڪرڪون، گوڪون، الولڪ، جندڙو، ڪنَ ڏاوڻيون يا ڪن دهريون، والڙيون، ڇلڙيون ۽ چيلهڪون.

ب - فئشني: ايرنگ، ٽوڪن، ڦل، ڪوڪا ۽ نيلم.

الف - نڪ جا زيور: شورخي (سرخي) نٿ، مورکي نٿ، سورڪي نٿ، جمالڪي نٿ، جتڪي نٿ، بئنسري نٿ، ڇلائين نٿ، ڇڪائين نٿ، حيدرآبادڪي نٿ، وينڊو، ڇپرائون بولو، بئنسري بولو، موتيائون بولو، ڦلي، ڦلڪو، لونگڙو ۽ ڏاڻ.

ب - فئشني: فئشني نٿ، جهانءِ تي نٿ، چپٽيءَ واري انگريزي نٿ، واڳي ۽ هيرو.

الف - ڳچيءَ جا زيور: دهري، ڪٺمال، چندن هار، راڻي هار، نيڪلس، لاڪيٽ، هسُ، هسلي، ٻيجوڙا، دلپاڪ. کارڪ، تائيٿ، نموري واڙلو، سرڪنڍي، ڏندڙيون، جهرمر، چوبڪلي، ڏندريون، ڏندڪن کوٽڻيون، ڳچيءَ جا ٻيڙا (سرٽ)، سنگهر/سئنڪلي، دڳنيون، پتلا، ڍولڻا، مهرون ۽ طوق. مانڌريا، ويلا، سريون، ڏرگل، پونائڙيون، پنبڙيون، پوپٽ، مومن، ڪيوٽيون، درٻچا، ٻندا.

ب - فئشني: ڏورو، لڪڙي، لاڪيٽ، هار، گلوبند/ڳلپٽو.

الف - ٻانهن جي ڏوري جا زيور: ڏورڙا، ٻانهونٽا، ٻارکيون، کارڪون، ٽپٽا، بازوبند، ٽليون، جهاٻا، اُلهي ڪلهي ٻانهين.

الف - هٿ جي ڪرائي جا زيور: ڪڙولا، واڍولا، ڪاتريا، ڪنگڻ، منگليون، دستيون، چوڙا ٻيڙا، چوڙ، ڪنگڻيون، پؤنچي، هٿ گجريون، چنگل، وانئٽيون.

ب - فئشني: پٽي ۽ واچ.

الف - هٿ جي آڱرين جا زيور: ڇٽڙو، هٿ ونگيا، کيرول، ويڙهه، ڇڪائين منڊيون، ٽڪ واريون منڊيون، عقيقي منڊيون، ٻيلڙا، ڇلا ۽ آڱوٺڙا، پڏوڪان.

الف - پير جي پنيءَ جا زيور: پير ڪڙيون (ڪرف ڪنجيءَ تي ڪڙيون)، پوريون ڪڙيون، نهريون ڪڙيون، ڇـِـمڪي واريون ڪڙيون، پازيب، گهنگهريا، نورا، ڇير، سانٽا، سانٽيون، رول جهول، پٽيون، ٽوڙها، جهانجهر، وڇوڻا، پير ڇلا، پولڙيون، ڪاڍليا.

الف - پير جي آڱرين جا زيور: پولڙيون، پير منڊيون،اَڻوَٽ،آڱوٺا، ڇلا، ڇمڪيون، ڇلڙيون، وڇونئڙا، ويڍ، ورڻا، ڏيڍيون.

متفرقه: اڳٺ جون نريون ۽ وڃڻيءَ جوڳن جي چاندي يا سون جا هجن ته اهي به زيورن ۾ شمار ڪن.


 

زيورن جو نظم:

(1)

سترهين رات سنڀري آندا عمر ڪي سينگار
نٿ، بولو نياز سان، ڏانڻ سندا ڏار
ڪڙيون، ڪٺمالون ڪيتريون چوڙا چندن هار
مينڍي ڦل، مرڪيون ايرنگ آيا اَپار
وڇون، پونڇون، پيرن جون ڇيرون ڪن ڇمڪار
دهريون دُسريون، دلپاڪ جا درشن ٿيا ديدار
هس، ٻانهيون هيج مان، ڪنگڻ قربدار
ڪرولا، ڪتريا ڪيئي، تائيٿ ڪيائين تيار
اَليون، باليون اُتم آندائين، والڙين وڻڪار
ويڍ، ورڻا ڪيترا، دُرَ، ڏيڍيون ڌار
مڪ، جهمٽيون موچاريون، ڪرَ مزيدار
نسبيون، ڳل پٽيون ڳهن ۾ جوهر منجهه جنسار
ڦلڪا، ڦلڙيون ڪيتريون جن چٽ آهن چوڌار
ڇلا، منڊيون، آهرا، کيرول ميناڪار
والا، ڇلڙيون سون جا دلئو ڪجي درُ ٻچنجو ديدار
”علي محمد“ ڪيئن نه ڪريان سرتين سندي سنڀار
پائي گلي هار، مارئي ويهه نه محلات ۾.(1)

ڳهن جو نظم:

(2)

سوني ساهه، تيلهر(1) تنهن کي ننهن سر موتي مڙهياس
بئنسر، بولا، نٿ، نموريون، سينڌ ٽڪي سر جنهور جڙاياس
جهڳمڳ جهومڪ، جهالريون گجر ڪاڻ گهڙاياس
دُر، ڪـُـر، دُهرا دُربچا، روپَ ڳهين رنگ لاياس
ڏيڍيون، ڪوڪيون، پاڪن، پنڙا ڪنين تي ڪان جهلاياس
مرڪيان، مهريان، اَوَر مٺڙا سر سوني ڏاوڻ ڏاياس
ڏر، توڏر، چاڳ ڀتڪيون، مينڍي ماڻڪ، موتي مک ڳتياس
نورا، ڀؤنرا، نانگلا، ٻيا هار، هسين ڳر پاياس
ڪنڍيان، ٻنڌيان، ٻارتا سهجان ساهه سيباياس
پئنچان، سنگيان، واه وَنگئڙا، پوڄ پٽهڙيون ٿي چمڪلين سر چاياس
ايڪ داڻي، ديکو دوسري، تؤ سي طلسمي طوق بڇاياس
ڪٺمالون قيمت ڳؤريون، تن تي لعلون سر لٽڪاياس
ٻانهين، ٻانهونٽا سونهن ٻانهون بازو بند بناياس
ڪنگڻ، ڪرولا، ڪتريا تنهن وڌ واڍولا آياس
جهرمر، جهانجهر، پيرن ڪڙيون، پازيبا، گهنگهريا، گجريون وچ تن وچڙياس
ننهڙا، وڇوئان، بهوت منڊيان گجر لئي گهات گهڙاياس
بورينڊا ”ابراهيم“ چئي جوڙ چڱيءَ جهڻڪاياس
مانگهه، ڦليان، ڇالي ڇلا، چوڙا چلڪي چٽڪاياس
بيحد بڇاياس، گلم، غلاف ۽ گاديون(2)

 

ڳهن جو نظم:

(3)

وٺا مينهن ملڪ تي جيئن گوندر ويا جار ميان
موريا ڪک ملير ۾، آهن سرها ٿيا سنگهار ميان
ٻڪريون چاريون، ولر واريون، ٻي رڍن جي رڙڪار ميان
جيءُ ساري ٿو جن کي منهنجو، آءٌ اُڪنڊيس تن اپار ميان
پونم ياد، ڪريان فرياد ٿو اندر ڏئي اوڇنگار ميان
ڪر سڻايون سومرا، هيءَ بند مان ڪڍ بندڪار ميان
کيئندس اڇوُن، پيئندس پڇون، سرتين سين سردار ميان
تو جي رضا، مڃيان نه قضا، بت نه باسي بار ميان
ڪين پهريان پٽ پاڻ کي، آهم لوئيءَ جي للڪار ميان
ورڻ، کيرون، ونڊيون ويهي، نه وجهندي ماڻڪ کان مروار ميان
ڪنگڻ، ڪڙولا، ٻانهن ٻانهوٽا تنهنجا مان نه وجهان موچار ميان
سڳيون تنهنجون سونيون گهوريان، نه ڪريان گجرين مان گذار ميان
ٻارکيون، ٻانهن ۾ ڪريان، تنهنجي پؤنچن ڪين پچار ميان
دستيون، تنهنجيون دل ۾ نه پيئيون ننهڙا وجهان نه نار ميان
ڪڙيون، وڇونئڙا، پيرن پيڙا، نه ڪريان نورن سان نروار ميان
پازيب، ڪڙين ريب، ڪر گهنگهر پنهنجا غار ميان
جهـِـرمڙيا جهوڙي، وجهه تون پوڙي، تن تي من نه ڪري منٺار ميان
آءٌ دُر نه وجهان دولت تنهنجي، هسُ نه هڪيءَ تي هار ميان
چمڪيليون چوڙي، جهانجهر جون، نه وجهان عطرداني اظهار ميان
ڪٺمالون، نه وجهان لعلون، نه تنهنجي تائيٿن تار ميان
مٺڙا آڻيو ڪنڍيون پوئن، سرتين ڌاران سسيءَ نه سونهن
                        جي ڪرين حرف هزار ميان
طوق، دوسري، چـِـمر، چپيتي سي نه ڪريان سينگار ميان
نٿ گهڙائي، ڏاوڻ ڏائي، نه وجهان تنهنجو ڪـُـنڍڙو منجهه ڪاپار ميان
مينڍين ڦل، پٽيون گل، تنهنجي بينائن کان بيزار ميان
ايڪ داڻي، وجهان نه ڏاڻي، ڏوڏر نه تنهنجا ڏار ميان
بازوبند، وهان نه ٻنڌ، جن منجهه لعلائي لغار ميان
ڪرڪون، پتنگ پايان نه ڪنين ڏيڍا نه وجهان تنهنجا ڍار ميان
پيڪن پنڙا ڪوڪيون ڪٿائي ڪريان دُرٻچ تنهنجا ڌار ميان
واليون تنهنجون وير نه وجهندس نه ڪريان چتن سين چانگار ميان
ماڙيون تنهنجون مون نه قبوليون، ٿرَ ري ناچي نار ميان
وطن منجهه ”ولي محمد“ چئي، ڪن سرتيون منهنجي سار ميان
ڇڏ تون زورو، ٿيندو ٿورو، ڪندا سامَ ئي هٿ سنگهار ميان
                        ساري وٺندا سومرا حق سڀئي حقدار ميان
اهي پـُـرس پروڙج پار ميان، ته ڪونهي هيءُ جڳ جيئڻ جو.(1)

 

(4)

 

سسئيءَ جي شاديءَ جو هو کٽين منجهه خمار
لکيي ويل لانئن جي سسئيءَ ڪيو سينگار
ڪني پائي ڪيوٽيون، دلپاڪ وجهي اَپار
نٿ، بولو، نسبي، ڏانوڻ جي ڏهڪار
ڏونرا سونهن ڏانوڻ ۾ اَليءَ جي آڌار
زري، پوپٽ زلف وسين ڪارا منجهه ڪپار
ماڻڪ موهيڙا منهن ۾ موتين جي مقدار
ڪٺمال دهري ڪنڌ ۾ دلپاڪ وجهي دلدار
نورن اتي ناٽَ ڪيا جهرمر ڪري جهالار
وجهي وڇون وينڍن کي، هلي ٿي هوشيار
پنڙا ڪڙيون پريءَ سان هيرا مـُـڪئون هزار
ٻانهين هيس ٻانهن ۾ سرلين جي سنوار
موريون، دُر، منگواليون منڊي هئي موچار
جهاٻا سونهن جهوڙن سين، بازوبند بهار
ڪتريا، ڪڙولا قيمتي، سو هس کڻي هيڪار
پانچ وڌا پيرن ۾ ڪنگڻن جي ڪڻڪار
تسبيح پڙهي تائيٿ تي، طوطن جي تنوار
چنگل پاتا چتونءَ سين، چوڙا چندن هار
مينڍي ڦل موچارا، جڙيا سان جنوهار
وريلي پنهنجي واڍولي سين، کيرول جي خمار
ڪڙو، نڀائو قرب مان حـُـور پاتو هار
ڪنجي، مينڻ، ڪؤنچَ وَٽَ، ڦلڙيءَ کي ڦلڪار
ڪرڪون، ڪرَ، قلب ۾ ڪـَـلـِـمـُـين جي قطار
نرمل وڌو نونهڙو، ڇيرن ڪئي ڇمڪار
چوٽيءَ ۾ چتونءَ جي، سونهن سڳيون صدبار
عطر مکيو اکين تي خوشبو ڪري کينڪار
سسئيءَ سينڌ سنواري، آرسيءَ منهن اُجار
مينڌري رکي مومل ٿي، ڪيچيءَ سندي ڪنوار
ٻانهيون تنهن سان ٻيلهه هيون چؤ طرف چوڌار
ساراهيان تنهن سبحان کي، جو ڏيهه ڌڻي ڏاتار
جانيءَ ڪاڻ ”جوکيو“ چوي، تون غافل ٿي نه گذار
تنهن لکيي جي لغار، پرٽ ملي هئي پنهل کي.

 

(5)


ساراهيان سچو ڌڻي جو صاحب رب ستار چوان
ايرنگ آڱوٺي، اَلي اوجر، بئنسر بولو ڌار چوان
بازوبند، بولو بئنسري طوق تسر تعويذ طوئي ڌار چوان
سوني سنگهر سانچو سري، سڳي، سرباهه، سينڌر يار چوان
چوڙا، چوڙي، هسي، هار هلائي، زر زيور ڌار چوان
زنجير ظاهر، ڪنگڻ، ڪنٺا، ڪنڍو ڪار چوان
ڪٺمال ڪرڪون، ڪڙي، لڙهي، لڙڪا ڌار چوان
لئون، لکون، لعل لالي، مين منڊي مهندار چوان
مور، منگلي، موڙ، موراکي، مالها مڻڪو ڌار چوان
مڻيو، موتي، مهرَ، مرڪي، مانگهه وڏي موچار چوان
رچ، ريهه، نورا، نسبي، نٿ نموريون، ويڙهه، والي ڌار چوان
والا، واڳي، در ديداري، ٻيڙو ٻانهين، ٻنڌا ٻانهوٽا ڌار چوان
پٽي، پتلو، پنڙو، پؤنچي، پيچ، پوتل پارڙا پار چوان
ٻانهن رکي، ٻورو، ڪسوٽي، ڪناري، ڪوڪو، ڪيوٽي ڌار چوان
ڍولڻ، ڍارو، ڏاوڻي، ڏوري، گهار، گهات، گهنڊي ڌار چوان
ڇٽ، ڇڳي، ڇمڪا، ڇڪو، ڇلو، ڇپر، ڦلي، جهالر جهومڪ ڌار چوان
لطف ڪجانءِ تون ”لعلڻ“ چئي، صاحب رب ستار چوان.(1)

 

(6)


منٿ مڃ تون مارئي ڏيئين پٽ پٽولا چار
ڪنگڻ، ڪٺمال، ڪڙيون، منڊيون ميگهه ملار
پٽي پازيب، پنڙا، واڳيون ڏيئين و ستار
جهالر، جهومڪ، جهمٽيون، ڏس جهانجهر جا جنسار
دلپاڪ، دولي، دستيون، واه دهريءَ جو ديدار
ڪتريا، ڪنڍا، هٿ گجريون، چرخيون چندن هار
ٽوڙها، وَرَ، وِڇوها، مالها پائي مينُ موچار
والا، واڍولا، ورڻا، اڻوٽ، ڪئين انبار
مانگ، منگليون، مورنٿ ۽ هسي حسندار
ٻانهين، ٻانهوٽا، ٻارکيون، چوڙا ڏس چوڌار
پٽي، پتلي، پارڙا، سڳيون سونهن وار
وينڊو، ويڙهه، واليون، مرڪي دُر، دينار
نورا، اَلي، نسبيون، سوئڙيون سوَ هزار
تند، پارڙا پيرڻو، سوني لئون ستار
لعل، کٽڻ ڦل، کارڪون، چوٽيڦل چمڪار
ٽڪلي، ڦلڙي، سنگهيون، ٿي ڇير ڪري ڇمڪار
ڏاوڻي ڏيئين ڏاج ۾، سا دلئون پائي دلدار
ڳانا سونهن ڳچيءَ ۾، تعويذ تهدل تيار
بئنسر، بولو بي بها، بازوبند بهار
ڇلا، پوپٽ، ڏورڻا، سونا سرٽ سچار
ايرنگ ”اميد علي“ چئي ڪيوٽيون ڪارونڀار
روپا سونا طوق جن ۾، ٽڪن جو جنسار
سي پائي ڪر پسار، مارئي محل منهنجي ۾.(1)

 

(7)


ساراهيان سچو ڌڻي جو صاحب رب ستار
منڍ مـِـڙن جو مصطفيٰ جو تـِـک لنهگائيندو تار
هردم وسن هينئين ۾، ڀرين اهڙا پار
منهن ۾ مڻيا محبوب کي، ٻيا وڇوڙا ويچار
گل ٻڌانس گهنگهريا، ٻيو جهرمريو جڙادار
پيرن ۾ پدمڻيءَ کي، هيون ڪڙيون ڪرفدار
ڇڻنس نورا ڇڻاٽ ڪيو، ٻيون جهانجهرون جنسار
ٻڌائونس ٻانهين، ٻانهن رکيون ٻانهن ۾ ٻيو درس جوڙائي ڌار
ڪنگڻ، ڪڙولا، ڪيوٽيون، ٺهيو ڪنس ٿيون ٺار
ويڙهه، واڍولا، ڪتريا، ٻي پاولڙن پچار
مهرون، منگليون مادريا، ٻيا دستين ڪيا ديدار
ڪنڍي، ڏاڻي، ايڪداڻي، عجيب کي، مٿان لـِـکَ لغار
سڳا ٿيا سڳين ۾، ٻيا ڪيئين چوٽيڦل چوڌار
مڙهيا هئا ڪي مينڍن ۾، ڪي مينڍيڦل مڻهيار
ڇلي، وَرڻي ڇمڪو لاتو، ٻڌس کيرولن کينڪار
ميناڪاري منڊيون هئس هٿن ۾ هزار
ڏيڍيون، جهمٽيون ڏک ڪري، لائي لئون لغار
پاڪ رکائون پاٻوڙا، ٻيا درٻچا ديدار
نٿ، وينڊو نڪ ۾ هئس ڦلڙيون ڦيردار
ڪرڪون، ڪنٺا، نسبيون نسبت جون، هئس ڪنڍو منجهه ڪپار
ڏاڻيون، ڏاندڻيون ڪيتريون، ٻي هئي بولن جي ڀـَـلڪار
ڪـُـرُ ٻـُـندا تنهن ڪامڻ کي، ڪيا والڙن واپار
سيبي ساجن کي اُتي، غوڪؤن غم گذار
کڻن ٿا خوشيءَ سان بيک ايڏائي بار
بدڪن واري، پؤنچن واري لعلون لک هزار
مالها، ڪنڍيڙو، منهن سڄ طوق، تهڪ، ٻي لڙڪن سندي لار
هٿ گجريون، تنهن حاڪم کي، هئي ڍولڻ جي ڍلڪار
نو سـَـري، مانگ، ٻيڙو ڇانڀ، ٽوٽيون ٽـِـڪڙا، ٻيا چاڳ چندن کي چار
اَ لــُـو لڪ، ويلهو جهـَـل ڪري پاتائين قرب مان، ڪيا سانوليءَ سينگار
اَڻوَٽ، آڱرٺا، زيور، زيوريون، ٻيا جوڙن جا جنسار
ٽوڙها، ٽيلهڙ، ڏورڻا، ٻيئي بازوبند بهار
رتي، رانهي، رِڻڪرا، ٻي هئس گلن جي گلزار
سونهان، سينڪلي، سورخيون، ٻيون هئس چرکڙيون چوڌار
امل ماڻڪ، موتي مرجان، ٻيا هئس ايرنگن اپار
ياقوت، زمرد، هيرو، جواهر، جنهن جي هئس لنءَ لنءَ منجهه لغار
ڪلي، ڪوڙ، ڪچ، ڪپت، اوهين سيهي لهجو سار
پيش، پارس، پارڙا پريت مان هئي کلي ڪئي کينڪار
دنيا، دولت، دمڙي، پرپائي نه هلندي پار
قسمت، ڪروڙ، ڪسوٽي، توهين ماسا ڪجو مدار
سوين سينگار سورٺ کي، ڏنا هئا ڏيهه ڌڻي ڏاتار
هن به سڀئي ساڙيا سلکڻيءَ، ڏسي ڌڙ سسيءَ کؤن ڌار
ڪئين خان کپي ويا، جن کي هنيون ڪلنگيون منجهه ڪپار
هميشه ”حاميد“ چئي، هوندو خالق خلقڻهار
پوءِ ڪلمو جن قرار، هونداسين ايمان سين.(1)

 

(8)


سهڻي لهي سر ڪيا خماري خوابن تي
چنڊ چوڏهينءَ چمڪيو جهـُـليو جهـُـولن تي
پانچ پيرا، گهنگهريا، وينڊا وڇوڙن تي
نورا، ڪڙيون، جهانجهر، ڇم ڇم ڇيرن تي
وَر، کيروليون، ورڻا ون ون واڍولن تي
ڪنگڻ، گينيون، ڪڙولا، بازوبندن تي
چوڙا، ٻيڙا، ٻانهيون اڇيون عاجن تي
منڊيون مڙهيون، مينا جڙيون ڇلا ڇاپن تي
ڪنڍي، دهري، ڪٺمال، هس هار چندن تي
تائيٿ گهڙيا، جوهر جڙيا چٽ چاندين تي
سونا دُر سهڻا، پئنچون پنڙن تي
ڏيڍا، وريا، والڙيون جهالر جهمڪن تي
منگليون، مرڪيون پئڪڙا، پڏون پائڪن تي
ڪر، پوپٽيون پتريون مقو منڌيئڙن تي
ڪوڪيون،نسبيون، ڪتريا، جهومڪ جهـُـڙن تي
نماڻي نٿ پائي هئي بينا بولن تي
ڏاڻ، ڏاڻي ڦلڙي، جنهن ڀير ڀؤنرن تي
ڏنگو ڏاڻ، زريءَ ساڻ، ڪنجي ڪڙن تي
سوني رپي سينڌ پٽي، ڇم ڇم ڇيرن تي
ٽڪلو راڻيءَ جو جڙيو جلسو جلسن تي
املهه ماڻڪ، اشرفيون قيمت ڪـُـندن تي
پايو پائي پدمڻي ڦير وڏي ڦلڪن تي
دهرا، درٻچا، سريا سهڻا سهيلين تي
چوڙيون، چپڪليون، اَليٽپُ اکين تي
سينڌ ڦل، سڳي سهڻي، واه ويڙهيل وارن تي
موتي مڻيا، زيور ڳڻيا، ليکا لعلن تي
تنهن نماڻيءَ کي ”نالي چڱو“ چئي، رهيو رُوحن تي
ڪلمو قائم ٿيو راس رسولن تي
سا ويٺي لانئن تي، گهوٽ گهمي گهر آئيو.(1)

 

(9)


ساراهيان سچو ڌڻي جو صاحب رب ستار
بادشاهه هو بلوچ، جو ٻاروچاڻو ٻار
سسي هئي ڀنڀور ۾ صورت جي سردار
موديءَ سندس مورت ڏِٺي نازڪ ۽ نروار
واڻيو وري آيو جنهن ڏنا پنهونءَ کي پار
ڪيائين نيڪي نار جي آهي ڌوٻياڻي ڌاڪيدار
سڻي بات بلوچ اها ٿيو غازي ترت تيار
وڃي پڳين لڳو پيءَ کي ٻيا ڀرجهل هئس ڀارَ
گهريائين موڪل ماءُ کان ڪري آزيون انتظار
سيٺ منهنجي سودو ورتو آهي واڻيي سو واپار
ٻٽ ويندس ٻاٻيهي سان هاڻ هلي آءٌ هـِـڪوار
راضي ٿي رخصت ڏنائونس ڪيائون ڪوشش قرار
عطر مشڪ عمدا کنيائين کٿوري خوشبودار
لالڻ ليڙا پلاڻيا، ترت ٿيو اُت تيار
ورتائين واٽ وندر جي لاٿئين ڀنڀور ۾ بار
پڇائي در ڌوٻيءَ جو بيٺو نوڪرن سان نروار
پگهار پڇيائين ڪينڪي تنَ کي لڳي هيس تار
سسئيءَ ساجن ڏٺو جنهن کي ٻري آگ اندار
جيڏيون منهنجو جوڙ آهي من ڏياري ڏاتار
پاڻ ڌڻيءَ پريت جي وت ورهه اندر وار
ڪيائين سڱ سسيءَ جو ٿيو نالي سو نروار
پيئي خبر ”خميسو“ چئي، ماڻهن ۾ موچار
مبارڪون مليون مرد کي واڌايون ٿيون گهر گهر وار
ڪيائين سعيو شاديءَ جو اهو وري ويچار
گهرايائين سونارا شهر جا جي ڏاها هئا وينجهار
آڻي ڏيو ساهي سسئي لئه مون کي عمدي عجبدار
زر زريون ياقوت ٻيا آڻي ڪيائون حاضر هيرا جنوهار
سسئي اُٿي سونهن خاطر پاتا ساز وڏا سينگار
پائي ويٺي پيرن ۾ وَرَ، وڇون منڊيون ميناڪار
نازَ ڪريو ٿي نورا پائي جهانجهر جهمڪي دار
پازيب پيرن ۾، ڪڙيون وڏيون ڪرفدار
مينا ڪاري ملمعو مٿن هو چٽيو چٽڻهار
گاذر ٻڌا گهنگهر يا هيج منجهان هيڪار
امل منڊي آ هيرو، آهن آڱر ۾ اسرار
کيرون، ورڻو خوشيءَ مان آهي سهراڻو سماچار
ونيءَ پايون وڇونئڙيون ٻيون باداميون بيشمار
ڇوريءَ پاتا ڇلڙا، منڊيءَ سان جال ۽ جڙاوار
مرڪي پائي ٿي منگليون چوڙا چمڪيدار
ڪنگڻيون پاتائين قرب جون، کنج وڏيءَ خمار
ڏِکَ ٻڌائين ڏؤنرڙا، جن تي رکيو هو سوناري سينگار
ٽـِـپٽو هو ٽـِـڪن سان چمڪيو ٿي چوڌار
ٻڌائين ٻارکيون ٻانهن ۾، جن ۾ گهنگهرو گلزار
ٽؤنر ٽليا ٿي تن جا جي جهاٻن سين جنسار
لڪائي پاتئين ڇاتيءَ تي ڪو هينئين مٿي هار
دلپاڪ هئس دل تي هسُ ڳچيءَ هيڪار
ڪامڻ ٻڌي ڪنڌ ۾ دهري وڏي ديدار
عجب هئي ايڪداڻي، جنهن گينيون لک هزار
دانـَـهه ٻڌي دهري جنهن ۾ جڳليون جوهردار
ٽـَـڪا ڏنائين ٽداڻيءَ تي ٻي ڪٺمال قيمتدار
طلب هئي تائيٿ جي جنهن جي چانديءَ جو چمڪار
سسيءَ سريون پاتيون ٻيا جوري مٿي جنسار
ڪيڏا ڪم ها ڪنڍليءَ تي جنهن ۾ هئي لونگن جي للڪار
پري پاتيون پالڙيون ٻيا بندا ٻهڪدار
ڪـُـر پاتائين ڪنن ۾ ٻيا اِرنگ عجبدار
ڏاهيءَ ڏيڍيون پاتيون ۽ پنڙا پوشدار
جيڏين جوڙ جهرمر لائي کڙيا کٽڻهار
ڊيل ڏيڍا پاتا ڪري سونهن وڏا سينگار
نازڪ پاتو نڪ ۾ بولو بئنسر دار
لـُـڏن لعلون تنهن ۾ جي لهن لک هزار
لکياڻيءَ لونگڙو پاتو ڦلڪو ڦيريدار
نٿ نهاڻيءَ پاتي وينڍو وڏي ويچار
ڪنجيون هيس ڪلف سان جي ڀريون بيشمار
ڦيردار ڦلڙي جنهن تي جڙاءُ ۽ جنسار
مڻيا موتي تنهن جا جنهن ۾ هيري جي هـُـٻڪار
پوتا هئا پوئڻ واري ساري ڪنهن سنگهار
ڏانگ ڪڍيائين ڏاڻ ڪنڍو منجهه ڪپار
سينڌ پٽي سر مٿي جنهن ۾ ڏاڻيءَ ڪيو ڏيکار
عجب تنهن جي اَلي هئي جنهن ۾ لارن جي للڪار
دٻڪ دانـَـهه ويڙهيو جو وڏو وقفدار
مينڍيڦل ملوڪ کي چوٽيڦل چڱي آچار
چوٽو سندس چؤسرو جنهن ۾ سڳيون جو سينگار
جهوڙا جهاٻا تنهن ۾ جئن گل ٽڙن گلزار
ڪئين هيون ڪچ ڪوڏيون گوندريون گينوردار
”خميسو“ چوي خانوندا، تنهنجي آهه اختيار
مـُـرهين مون ڌڻي تون صاحب رب ستار
عيب اگهاڙن تون ڍڪين، ڍڪج ڍڪڻهار
مرڻ ويل منهنجي تون سوکي ڪج سڪرات:
ڪلمو جن جي وات، سي مرڪن ميڙي محمد جي.(1)
 

------


(1)  نظرثاني ڪندڙ پاران اضافو آهي. (ادارو)

(1)  ڪن ڪن زيورن تي مينا چڙهيل هوندي آهي، جن کي ميناڪاري ڪوٺين. ۽ غريب ماڻهو چانديءَ جي زيورن تي ڳاڙهو رج چاڙهائي پائيندا آهن. (ليکڪ)

(1)  نظم نمبر 1 سگهڙ علي محمد جو چيل آهي. (ادارو)

(1)  تيلهر معنيٰ نئين ڪنوار

(2) نظم نمبر 2 سگهڙ ابراهيم جو چيل آهي (ادارو)

(1)  نظم نمبر 3 سگهڙ ولي محمد جو چيل آهي. (ادارو)

(1)  نظم نمبر 5 لعلڻ فقير جو چيل آهي. (ادارو)

(1)  نظم نمبر 6 اميد علي سگهڙ جو چيل آهي. (ادارو)

(1)  نظم نمبر 7 سگهڙ حاميد علي جو چيل آهي. (ادارو)

(1)  نظم نمبر 8 فقير نالي چڱي جو چيل آهي. (ادارو)

(1)  نظم نمبر 9 سگهڙ خميسي جو چيل آهي. (ادارو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org