باب تيرهون
فصل
اتم کيتي، وڌندڙ واپار،
نيچ نوڪري، پنڻ بيڪار!
هن ديس ۾ گهڻو ڪري پوک ٻه - فصلي ٿيندي هئي ۽ ڪٿي ڪٿي ٽيون فصل به ٿيندو هو،
جنهن کي آذائون سڏجي ٿو.
هڪڙي فصل جو نالو ڪَتي يعني خريف، جيڪي سنڌي مهيني ڪتي کان اتر ۽ وچ سنڌ ۾
پوکجڻ شروع ٿيندو آهي، هن ۾ ٻاجهر، وؤنڻ، جوئر،
ڪمند، نير ترَ، تماڪ، سڻي، مڪائي، گوار، ريڀڙ،
چڀڙ، ميها وغيره پوکيا ويندا آهن ۽ لاڙ واري حصي
۾، ناري ۾، لاڙڪاڻي ۽ جيڪب آباد ضلعن جي ڪن حصن ۾
وري ساريون پوکين، جن جا لابارا اسوءَ مهيني ۾
پوندا آهن.
ٻيو فصل، چيٽ يا ربيع، هن ۾ ٻيجهڙ ڪڻڪ، چڻا، مٽر، توريو، ڄانڀو، سرنهن ۽
ٻيون بوسي پوکون ٿينديون هيون. هيءُ آباديون ڪچي ۽
درياءَ جي ريٽ واري زمين يا سيلاب واريءَ زمين تي
ٿينديون هيون. ٽيون فصل،آرڻ يا آڌائون هو. آڌائون،
يعني جلدي اوڌ ڏيندڙ يا وڌندڙ، ڪٿي ڪٿي وارياسي
زمين تي برسات جي پوڻ کان پوءِ ريج رهيل هوندو هو،
ته هيءُ فصل پوکيندا هئا، ته کوهن تي ڀاڄي بڪر
پوکيو ويندو هو. هيءُ نهري يا پوهه جي مهيني ۾
پوکيو ويندو هو ۽ ڦڳڻ يا چيٽ ۾ کڄندو هو. هن ۾
گدرا، ونگا، ڇانهان وغيره ٿيندا هئا.
پوکون
کيتي، سر سيتي!
ٻاجهريءَ جو ٻج ڇٽڻ:
وٽائتي زمين کي هرَ ڏيڻ کان پوءِ ٻاجهر جي ٻج جي جهولي يا ڀاني ڀري، هاري هٿ
وڌائي پري پري تائين ٻج ڇٽيندو ويندو. اها سمڪ رهي
ته ڪهڙو پاسو يا ڪهڙو ٻارو ڇٽي ڇڏيو اٿم،ان لاءِ
ٻن چئن وکن تائين هرَ سان اوڙ اصل اوڙن جي ابتڙ
ڪڍندو، جنهن کي واڻي چون. واڻي ڪڍڻ مهل هيءُ اٺاڻو
ڏين:
هڻ پٽ! واڻي، اٿيئي رب ساڻي!
يا
هڻ پٽ واڻي، پاڻ سان رب ٿيندو ساڻي!
سانئر گهمائڻ:
جنهن جنهن ٻاري ۾ ٻج ڇٽي ڇيهه ڪندو، ته ان جي مٿان سانئر ڏيندو. سانئر، هڪڙو
چورسو ڊگهو گهڙيل تريل ڪاٺ ٿيندو آهي. جنهن جي وچ
۾ هڪ ڏڪ يا ڳن پيل هوندو آهي. اهو ٻه فوٽ کن ڊگهو
۽ مٿو کپيل هوندو اٿس. سَل چوڙ تي منجهس ٺوڪيل
هوندو آهي، ان جي کپيل مٿي ۾ رسو ڇڪي ٻڌي، اهو
پاڃاريءَ جي ڪرهي ۾ ناڙي ڇڏيندا. سانئر گهسڻ ڪري
جيڪو ٻج اوڙن ۾ پيل هوندو، سو ڍڪجي ويندو ۽ پکي
چڳي نه سگهندا. چوندا آهن ته:
سؤ هرَ ته هڪڙو سانئر!
سانئر کي، سهينور، سانوَر، سهاڳو يا ترُ نالن سان ڪوٺين. ڇٽيل ٻج واري مٽي
ڏانديءَ سان ٻنن تي چاڙهي ڇڏين ته ٻنا به ڦٽي ساوا
ٿي بيهندا آهن. جيڪو ٻج باقي بچيو، سو هرلي تي اچي
ڪونهر ڪري ڪني ۾ وجهي رڌي کائين. انهن کي اُهکت جا
ڪونهر ڪوٺين. ٻج ڇٽجي راس ٿيو، ته هاري ڍڳن هڪلڻ
وارو لڪڻ پڙ تي اڇلي چوندو ته ”اڄ اسان ٻنو
جهليو!“
ڇٽيل ٻج کي پهريون پاڻي پندرهن ڏينهن کان پوءِ ڏيندا هئا، ان کان اڳ واري
وقت کي چوندا ته ڪچي روڻيءَ تي يا ڀنجوءَ تي پوک
بيٺل آهي. اهو پاڻي جيڪو ڏين تنهن لاءِ چون ته هڪ
روڻي ڪيل آهي يا ڪانن وارو پاڻي ڏنل اٿس. وري ٻيو
پاڻي ڏيڻ تي چوندا، ته ڊڍي چؤنڪ ۽ نساري ۾ آهي.
انهيءَ پاڻيءَ کي ٻه روڻي به چون. انهيءَ پاڻيءَ
تي ڪاني جي چوٽيءَ ۾ هڪ ڳوڙهو ڊڍُ ٿي بيهندو ۽
پوءِ شڪل بدلائي چورس ڪعب شڪل وٺندو، جنهن کي چؤنڪ
چون. جلد ئي اَن جي داڻ داڻ جا نشان منجهانس ظاهر
ٿين ان کي نسارو چون جو نسري ٿيو سمورو سنگ، ڪي ته
ٽيون پاڻي به ڏين، جنهن ۾ سنگ کيرا ٿيل اڌ پڪا ٿي
بيهن. انهن کي آڀون ڪوٺين. ڪي کيرن سنگن جي نالي
چون ته هاڻ جيءُ پيو اٿن. ان کان پوءِ ٽن - چئن
هفتن کان پوءِ لوب (لاباري) لائق ٿين. جي پاڻي
پيارڻ ۾ ڪمي بيشي ٿي، ته ٻني لوب لاءِ وڌيڪ وقت
وٺندي، نه ته اڍائن کان ٽن مهينن تائين پچي راس ٿي
پوندي هئي.
ٻاجهر جڏهن کيرن سنگن تي ورندي آهي، ته ٻُور جهليندي آهي ۽ جي ٻُور نه
جهليائين، ته اَن هرگز نه ڪندي. کسي سنگ رڳو جهلي
بيهندي. جي مٿانئس ماڪ پئي ته تمام گهڻو اَن ڪندي
نه ته گهر کار ڪري ويندي، يعني گهٽ اَن جهليندي جي
برڪڻ يعني اتر - اولهه جي هوا لڳي ته اَن طاقت ڇڏي
ڏيندو هو.
ٻاجهر جون جنسون:
هڪڙي ”سَروُ“ يعني ان ڪندڙ ۽ ٻي ”ڪُرُو“ يعني اَن نه ڪندڙ. جيڪا رڳو گاهه يا
ڄاري جي لاءِ وهٽن جي کائڻ لاءِ پوکبي آهي ۽ جلد
اڀرندي رهندي آهي. سَروُءَ جو سلو سڌو سنئون
اڀرندو ويندو، پر جي ڪو مرض لڳس ته ڪروُ ٿي پوندو
يا ٻُگهه، نسرڻ کان پوءِ داڻو ماري ويندڙ، سَروُءَ
جون به ٻه جنسون آهن: هڪڙي ”نر“ ته ٻي ”مادي“. نر،
ٻاجهريءَ جو سنگ سنهون ۽ ڊگهو، پر داڻو سخت ٿيندو
آهي، ماديءَ جنس جو سنگ ٿلهو ڦوڦينڊو ۽ داڻو نرم
ٿيندو اٿس. ٻاجهريءَ جي پوک ۾ مڪائي ۽ ترن جا ڇاٽا
به هڻي ڇڏيندا آهن، ۽ اَڏن جي ويجهو سڻيءَ جون
ٻاريون ۽ ونجهين تي ميها ۽ ڇانهان، ريڀڙن ۽ چپڙن
جون چونگيون پڻ ڇٽي ڇڏيندا آهن، جن کي بريون به
چون. پکڙندڙ ولين ۾ وري ڪدوءَ جي ول منهه مٿان پئي
ويجهندي هئي. ٻاجهر آڀونءَ ۾ آئي ته مڪائي به
ڪلنگي ڪڍندي هئي.
ترن جون ڪٿي چونگيون هڻندا هئا، ته ڪٿي للهور پوکيندا هئا. ٻاجهريون سال ۾
ٻه ڀيرا به پوکيون وينديون هيون، پر سو تڏهن جڏهن
ڄيٺ جي مهيني ۾ مينهن وسندو هو ۽ زمين رجي ويندي
هئي، ۽ ٻي پوک نوَن پاڻين جي اچڻ تي سانوڻ ۾ سا
وَڪبي هئي. برساتي ٻاجهر جو هڪڙو لابارو سانوڻ ۾
ته سانوڻيءَ پوک جو اسوءَ ۾ پوندو هو. مينهن تي
جهنگ ۾ ٻيا ڏٿ به اڀري غريبن جي کاڌ خوراڪ بنبا
هئا، مثلاً سائون، مانڌاڻو، ڪرنگهه، مکڻي، ڀرٽ،
سيارڇ، چيڻو وغيره. ٻني پوکي اُن جي ڀليءَ ڀت
واهيت ڪندا هئا چوندا هئا، ته
ڪُني لٽائجي پر ٻني نه لٽائجي!
يا
ٻنيون ۽ ونيون ڪن نرڄن ڇڏيون!
ٻاجهرين جا لابارا اسوءَ مهيني ۾ پوندا آهن.
نظم
اجهو اسوءَ جو مهينو آيو،
لاباري جو آهي سعيو.
اچو ٻنيءَ ۾ ڏسون هلي،
واه ٻني ٿي آهي ڀلي.
سنگ سڀيئي ڪيئن نه لُڏن ٿا،
پکي تن تي نچن ڪُڏن ٿا.
ڏسو ته ڪڙمي ڪيئن اچي ٿو،
خوشيءَ منجهان سو ڪيئن نچي ٿو.
هٿ سندس ۾ ڏانٽو آهي،
سنگ تنهن سان پيو ٿو لاهي.
ڏسو ته ڏانٽو ڪيئن هڻي ٿو،
سنگ لڻي پوءِ ڪيئن کڻي ٿو.
هڪڙو هڪڙو سنگ وڍي،
جهول تڏهن هو پنهنجي ڀري ٿو.
هاڻي تن مان اَن ڪڍي ٿو،
اَن ڏسي خوش ڏاڍو ٿئي ٿو.
ساراهي ٿو سندس وڏائي،
چئي ڌڻي تو ڪئي آ ڀلائي!
فصل کي هڪڙو نقصان فصل جا جيت پهچائيندا آهن ته ٻيو جانور پهچائيندا آهن.
ٻاجهر جا مرض:
پوکن کي هڪڙيون سماوي مصيبتون نقصان پهچائن ٿيون. جهڙوڪ: بارش، واچ، جهڪ،
طوفان، ٻوڏ ۽ سوڪ، ماڪڙ ٻيا جيت جنتر ۽ ڪيٽ ڪنڌر
پڻ. ڪيڙا، بوکڙو. پر جي سانوڻ ۽ بڊي ۾ مينهن نه
وٺو ته اُڏوهي يا موراهي به وٺندي آهي. مٿان مينهن
پيو ته مري وينديون ۽ تِڏ به زيان ڪندي آهي. بگ،
ٻاجهر ۽ جوئر کي لڳي، هوائن جي ڦيرگهير به پوکن کي
ڪنهن ڪنهن وقت نقصان پهچائيندي آهي.
موسم کري ته ڪري جهڪ،
زمين کري ته ڪري اڪ،
ماڻهو کري ته ڪري بڪ.
پيهو ٺاهڻ:
ٻه ٻيلنگهه، يعني ٻسانگيون ٿوڻيون جن جو ڳنڍ کان هيٺ حصو ٽي فوٽ کن ۽ ڦانگن
وارا ٻئي ڀاڱا 7 - 8 فوٽ کن مٿڀرا هوندا آهن. ٻه
انگهي اهي ٻيئي ٻيلنگهه هڪٻئي جي سامهون پوري
وڇوٽيءَ تي زمين ۾ اندر گُدي گُدي پوريندا ۽ پاسن
کان ڏڪورا ۽ پڃر رکي انهن جي مٿان ڪرڙن جو مور يا
جهڪُ، ٻوهه، سڻ يا کپ يا اڪارو وجهي، مٿان ڪانا
پکيڙي ڇت وانگي جوڙي ڇڏيندا. اهو پيهو ٻنيءَ جي وچ
تي اڏجي ڪپ تي يا مٿانهينءَ دڙيءَ تي ٺاهي
بيهارين. ڪي وري ڪنهن ٻٻر يا ڪنهن ٻئي وڻ کي ڇانگي
[جيڪو ٻنيءَ اندر بيٺل هوندو آهي] مٿانئن منهه
جوڙين.
کانڀاڻي:
سٽ جي وٽيل رسين مان ٺهيل هوندي آهي، ان جي وچ تي چلي يعني ڳوڙهي رکڻ جي
جاءِ ويڪري مڙهيل ٿئي، رسيءَ جا ٻه پاسا هڪڙو ٿلهو
۽ ڇوٽيرو ۽ ٻيو سنهو ڊگهيرو ٿيندو آهي. انهيءَ
ڊگهي پاسي واري رسيءَ جي پوڇڙي سنهڙي ٿيندي ويندي
تان جو ان جي آخر ۾ ”سيٽ“ ٻڌندا آهن. اهو سيٽ،
ريشم، سڻي يا آڪاري مان يعني اڪ جي ڪاٺين جي کل
ڇلي لاهي سڪائي ان مان ڦندڻ ٺاهين. جو ٺڪاءُ ڪڍڻ
جو ڪم ڏيندو آهي. ٻيو چيڪي مٽي ڳوهي ان مان ڳوڙها
يا گولا ٺاهي سڪائين.
هڪڙو هاري اها کانڀاڻي ۽ ڳوڙها کڻي مٿي پيهي تي بيهي ڳوڙهو چِليءَ ۾
رکي، کانڀاڻيءَ کي مٿان ڦيرائي ڦيرائي جنهن پاسي
پکين جا ولر ڏسندو ان پاسي ڳوڙهو ڦٽو ڪندو. ڳوڙهي
ڇٽڻ سان کانڀاڻيءَ جي پڇ مان وڏو ٺڪاءُ نڪرندو
آهي. پکي انهي ٺڪاءُ تي ڇرڪ ڀري ڀڄڻ لڳندا آهن.
ڪٿي وري پيش جو ٺهيل نوڙ کڻي ان جي پوڇڙي ۾ سيٽ
لڳائي، ٻنيءَ جي چوگرد ڦرندا ۽ ٺڪاءَ ڪڍندا وتندا
آهن. اڳي ڪو وقت هو ته لوهه جي نالي ۾ پوٽاش وجهي
مٿان ڊگهي سيخ هڻندا هئا، ته تڏهن به ٺڪاءُ نڪرندو
هو، پر اهو ڪم خطري کان خالي نه هو ڇو ته ڪڏهن
ڪڏهن نالي ڦاٽي پوندو هئي ته هڻندڙ کي زخمي ڪري
وجهندي هئي ۽ ٻيو پوٽاش جو خرچ به گهڻو ايندو هو.
ڪي ته خالي دٻن ۾ ٺڪريون ۽ پٿر وجهي چوڌاري اهو
دٻو ڇڻڪائيندا وتندا هئا، ته پکي ڀڄن. جهار گهڻو
ڪري صبح جو سويل ۽ شام جو واهيرن وير گهڻي ۾ گهڻو
حملو ڪندي آهي. تنهنڪري اهي ٻيئي مهلون هاريءَ کي
هوشيار ٿي جهار هڪلڻي پوندي آهي. جهار ۾: جهرڪيون،
ڳيرا ۽ ڪانگ وغيره پکي شمار ڪندا آهن. جهرڪين ۾
هڪڙو ننڍو پکي، جنهن کي ”ٻوڙي“ چون ڊڄڻ جوئي
ڪونهي، ڀلي ڪيترائي ٺڪاءَ ٿين پر لوڻو به ڪونه
هڻي، جيستائين ڪو مٿان اچي پويس.
بوتو بيهارڻ:
فصل کي بچائڻ لاءِ ڪن پوکن جهڙوڪ: ڪمند يا آرڻ جي لاءِ وري جهار هڪلڻ بجاءِ
”اوڙهيو“، ڏيکائو، گڏو، اُوڻو، اهوڙو، موٽڙو،
ڇرڪارو، اوڻو، نشانو، مولهيو، يا بوتو بيهاري
ڇڏين. ڇاڪن جو ٻه ڪاٺيون هڪٻئي مٿان آڏيون صليب
وانگر ٻڌي انهن تي چولو يا قميص وجهي ڇڏين يا ٺڪر
جي لوٽي جو ترو سيڙهي يا چن سان اَڇو ڪري، ڪاٺيءَ
جي چوٽيءَ تي اونڌو ڪري رکن، جيئن جانور يا چور
سمجهن ته ڪو ماڻهو بيٺو نظرداري ڪري.
جهار جي هڪل:
ٻنيءَ جي وچ تي پيهي اڏي، هاري کانڀاڻي کڻي پيو جهارَ هڪليندو. ڳوڙهو
کانڀاٽي ۾ وجهي، ڦيرائي ڦيرائي هڻندو. هر فصل تي
هڪل جا ٻول الڳ هوندا آهن.
جهار هڪلڻ تي نظم
پنهنجي پوک سنڀار، پراڻي پيهي تي چڙهي،
کِميا کانڀاڻيءَ سان ڪڍي ڪلپت جهار،
ڏيئي واڙ ويساهه جي ”سامي“ ڀرم نوار،
ته کڻين بيحد بار، انڀئي اکٽ اناج جا!
ٻاجهر پڪي ته جهارُ هڪلڻ جو سانباهو ڪن. پهرين پيهو ٺاهين.
ٻاجهر تي:
وَهيو ...... وَهيو...... وَهيو، هور وَهيو
(ٺڪاءُ)
ٻوڙي.... ٻوڙي...... کلا ٿئي. (ٺڪاءُ)
ڪٻر..... ڪٻر... ڪٻر ڪورياڻي،
اچئي ٿو ڳوڙهو، ڪندئي سوڙهو (ٺڪاءُ)
ٿر ۾: هولو...... هولو...... هولو. (هولو چون
ڳيري کي)
ڪڻڪ تي:
ٻلو...... ٻلو...... ٻلو. (ٺڪاءُ)
سارين تي:
ٻلو ..... ٻلو ...... ٻلو ......
(ٻلو چون چتونءَ کي)
مڪائي تي:
ڪاڻي ..... ڪاڻي ..... ڪاڻي.
لڪو ...... لڪو ....... لڪو (ٺڪاءُ)
(لڪو ۽ ڪاڻي چون ڪانگن کي)
جوئر تي:
هاها...... هاها....... کلا ٿئي.
وائي:
ادا، پيهي وارا يار! پنهنجي پوک سنڀار،
متان جهٽي نه وڃنئي جهار!
ڏاند ته تنهنجا ڏُٻرا، ڏيندن سگهه ستار!
ٻنا ٻڌج ٻاجهه سين، واهج هرُ هيڪار،
سلا تنهنجا ساوا تن جي نرتئون ڪج نهار!
سگهو وٽائج سُٽ جو، خاصي کانڀاڻي ڌار،
پوڇڙ وٽائج پٽ جو، جاڳي هڪل جهار!
اديون ”عبداللطيف“ چئي ستر رک ستار،
لڏيان دار بقاءَ ڏي، ڪلمي ساڻ قرار!(1)
سنڌ ۾ انيڪ فصل پوکيا وڃن ٿا، هر علائقي ۾ جدا جدا ۽ ڪي هڪجهڙا فصل ٿين ٿا:
ٻيون پوکون:
سڻي:
اڳي سنڌ ۾ سڻي جام پوکي ويندي هئي، هن جا گل تورئي رنگ تي ٿيندا هئا
۽ پوک ۾ اهي گل گلزاري ڪري بيهندا هئا. سونهن جي
لاءِ به هاري ٻه - چار ٻاريون پوکيندا هئا ۽ فصل
تيار ٿيڻ کان پوءِ ان جي ڪانيءَ تان کل ڇلي لاهي
پوءِ ڪتب آڻيندا هئا. پهاڪو مشهور هوندو هو ته،
اهڙو ملوڪ آهي، جهڙا سڻيءَ جا گل!
مڪائي:
هيءَ پوک ٻاجهرين کان به اڳ پچي راس ٿيندي آهي. مڪائي جا پن ۽ ڪانا
وهٽن کي ڪُتر ڪري کارائين. جي ڪي ماڻهو هرلن تي
گهمڻ وڃن يا سنگت ساٿ اوچتو اچي نڪرندا، ته وڏيءَ
دل وارا هاري انهن جي چاڪري ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي
ٻنيءَ جي سوغات مڪائي ڀڃي آڻي، هرلن تي ڍڳ ڪندا،
پوءِ ڍينگر ساڙي سموري مڪائي کنڀن سوڌي انهن ۾ پچڻ
واسطي وجهندا. ڍينگر سڙي ختم ٿيا ته اها سڙيل
مڪائي ڪنهن لوٽي، ڪني يا دَٻي اندر اڌ - منو ڪلاڪ
ڍڪي بند ڪندا ته جئين ٻاڦ ۾ رجهي (پچي) وڃي ۽ دم
کائي، پوءِ سڀني کي اجازت ملندي ته هاڻي کنڀ کوهي
سنگ صفا ڪري کائو. سائين جي اها مڪائيءَ کائي ڏسو،
ته سڄي ڄمار چپ چٽيندا وتو! مڪائي جي مٺي ماني ۽
مٺو ڀت به رڌي کائبو آهي. اَن جي اڻاٺ ۾ ماڻهو
مڪائي کي به اَن جي بدران کائيندا آهن ۽ ڦُلا به
ڀڃندا آهن.
ترَ:
ٻاجهر جي ڏينهن ۾ هاري تر به پوکيندا آهن. ترن جو فصل جڏهن تيار
ٿيندو آهي، ته تر گهنگهرين جي اندر هوندا آهن.
تنهنڪري هنن جون ڪانيون لڻي سٿا ڪري رکن ۽ ترن ڪڍڻ
مهل ڪپڙو وڇائي ان مٿان ڪانيون ڇنڊڻ سان ترَ ڇڻي
هيٺ اچي ڍير ٿين. ترن جون ٻه جنسون ٿين: هڪڙا اڇا
تر ۽ ٻيا ڪارا. ٻنهي کي گڏي ڪتب آڻين. ترن مان تر
بوڙيندا، ريوڙيون، ترن جي ڌاڻي، ترن جي ڇوري،
ٺاهين هنن مان تيل ڪڍي دوائن ۾ ڪم آڻين ترن جو تيل
طاقت وارو ٿئي.
وونئڻ:
”وونئڻن جو اصل وطن سنڌ آهي، سپت سنڌوءَ واري حڪومتي دؤر ۾ سنڌ جي
آبادگارن وٽ وونئڻن جون انيڪ جنسون هيون. سن 2500-
2000
ق.م ڌاري سنڌو سلطنت جي پوکي راهي ڪندڙ لوڪن، سپت سنڌوءَ جي سمورن دريائن جي
ڪنڌيءَ ۽ ڪنارن سان ۽ سنڌوءَ جي ڇاڙن سان گڏ، انيڪ
آباديون/ڳوٺ قائم ڪري ڪپهه پوکڻ شروع ڪيو، سن
2000- 1800ق.م ڌاري، انهن سنڌو لوڪن ڪڇ ۽ گجرات جي
روهن ۽ ڪوهن جي دامن واري زمين تي ڪاري ۽ ڀوري
ڪپهه جي پوک شروع ڪئي، انهيءَ زمين ۾ هوا مان گهم
چوسڻ جي وڌي صلاحيت هئڻ جي ڪري، ڪاري ڪپهه جي سُڪي
پوک شروع ٿي، اِن ريت، سنڌو سلطنت جي انهيءَ
ڏاکڻين صوبي جي ڪپڙي جي صعنت جي ترقي ٿي ۽ دنيا
سان واپاري ناتا وڌيا.“
(1)
وونئڻن جي ٻج کي ڪڪڙا چئبو آهي. اهي هن نموني پوکين. رات جو انهن کي
پسائڻ جي لاءِ ڪنهن ڳوڻ ۾ وجهي اها ڪنهن ڍوري جي
آڏ ۾ ٻوڙي رکندا آهن ۽ صبح جو، کيڙيل زمين ۾
ڇٽيندا هئا. انهن وونئڻ کي سنڌي وونئڻ سڏيندا هئا.
وونئڻ جا سلا ٿيا ته گڏ ڪڍڻ شروع ٿي يعني وچ مان
ٻيا اڀرندڙ گاهه ۽ سلا سوري ڪڍي وٺبا هئا. گُڏ ڪڍڻ
لاءِ ماڻهن کي بروقت روڪڙا ٽڪا ڏيڻا پوندا آهن.
اڄڪلهه سنڌي وونئڻ رڳو نوابشاهه ۽ نوشهري جي آسپاس
ٿورا ڪي گهڻا پوکيا وڃن.(1)
”سنڌ ۾ هن وقت ٽنڊو ڄام، ڪوٽ ڏجي ۽ سڪرنڊ جي وونئڻن جي تحقيقاتي
مرڪزن، رحماني، قلندري، ناياب 78، ريشمي، شاهين ۽
ڪرسو نو، سڪرنڊ ۽ ديسي نرم تيار ڪيون آهن. جيڪي
سنڌ ۾ عام جام پوکيون وڃن ٿيون، اهي جنسون سنڌي
وونئڻن ۽ ٻين وونئڻن جي جنس کي ملائي پيدا ڪيون
ويون آهن.“(2)
وونئڻن جي ڇٽ کيڙ به ٿئي، ته ناڙي کيڙ به ڪن. هنن جو پهريون وارو
ڀرپور لهندو آهي، ۽ پوءِ ايڪڙ تي چند مڻ مس مس
لهندا آهن. هنن لاءِ ڏهه - ٻارهن هر ڏبا آهن، هنن
جو ريشو ڊگهو ۽ نرم آهي ۽ اگهه به وڏو اٿن. سنڌي
وونئڻن تي گهڻي محنت ڪانه ڪرڻي پوندي هئي. ٻه - ٽي
اُبتا سبتا هرَ ڪڍي ٻج ڇٽي ڇڏبو آهي. پوءِ پنج -
ست ڀيرا منجهانئن چونڊائي ڪئي ويندي هئي. پاڻي ملڻ
تي، برسات پوڻ تي پيا نوان گوگڙا ڦٽندا هئا. گوگڙا
سڪي سونگڙيون ٿينديون هيون، جن مان زالون ڳاٽيون ۽
ڪانبا ٻڌي ڦٽيون ڪڍي وٺنديون هيون. وونئڻن جي
چونڊاڻيءَ جا به زالن کي بروقت پئسا ڏنا ويندا
آهن. وونئڻ پاڇاٽا ٿيا يا ڀيليا ته هاري انهن جو
وونئڻاٺيون وڍي ٻارڻ جي ڪم، منهه ۽ پترن جي ڪم
آڻيندا هئا. وڍڻ کان پوءِ جي ڪا بارش اچي نئي ته
وونئڻن جون رهيل وونئڻاٺيون ٻيهر ڦُٽي پونديون
هيون ۽ گوگڙا جهلينديون هيون ۽ تمام گهڻو مال
اڳئين کان وڌيڪ منجهانئن پڙپئندو هو. مثال.
اَن جي تان ڪنڍي ڀلي!
وونئڻ جي تان سُنڍي ڀلي!
وونئڻن جا مرض:
وونئڻن کي لڳندڙ مرض ٻن قسمن جا آهن:
1. جيت، 2. ڪينئان
رس چوسيندڙ جيت: ٿرڙو اڇو، ٿرڙو ڀورو، سائو مهلو، اڇي مک ۽ جونءُ هن ۾ اچي
وڃن ٿا.
ڪينئان: چٽڪمرو ڪينئون، سائو ڪينئون، گلابي ڪينئون، پن ڪتريندڙ ڪينئون، جڏهن
ته اڄڪلهه آمرڪي ڪينئون سُنڊي وونئڻن جي فصل سان
هاڃا ڪيا آهن. جڏهن ته برسات، مينهن جي ڪري پاڻي
بيهڻ سان اهو مرض تهان زور وٺندو آهي.(2)
جوئر:
جوئر يا جوار گهڻو ڪري اتر سنڌ ۽ ڪوهستان ۾ پوکي ويندي آهي، پر هتي وچولي
سنڌ ۾ به ٿوري گهڻي پوکي وڃي ٿي. هن جا ڪيترائي
قسم آهن. اُٻهري، باڊڻ، اڇڙي، اڇو بازيگر هن جو
سنگ وڏو ٿيندو آهي ۽ ڪمان وانگر هوندو آهي. اڇو
ڪارتُهو (تري)، اڇو گرگلو، اڇي ڪوڏي يا کڏري،
ٻٽڙي، هن جي ڇلڪي ۾ ٻه ٻه داڻا ٿيندا آهن، بغادر
يا بغدار يا بگدار، اڇي کلڻ، ٻهارو، ڪاري توري،
ڪُنڍي يا ڇٻي توري، مٺي، ڪاڻي اڇي، سٺڙي يا ذات،
ڳاڙهي ديسڙي. هن جي سڪن ڪانن کي ڪانگڙ يا ڪڙٻ ۽
ساون ڪانن کي ڳنا ڪوٺين. جوئر جا ٻچڙ ڪن يعني سنگن
مان داڻا ڪڍي ڍڳ ڪري رکن. اڳي ته اگهه ٻه اڍائي
روپيا مس هوندو هوس، هاڻ ته جيترو اگهه ٻاجهر جو
اهوئي اگهه جوئر جو آهي. جوئر جا ڦلا به ٽڙڪائي
ٺاهين.
تماڪ:
تماڪ گهڻو ڪري بڊي جي مهيني ۾ پوکيندا هئا، ڇو ته اهو مهينو تماڪ کي
تيز ڪرڻ جي لاءِ چڱو ليکيو ويندو هو. هوڏانهن بڊي
جي مهيني ۾ وري واهن جو پاڻي تاڙ ڏيڻ شروع ڪندو
هو. ڪڙين ۾ ڍهيون سانگهارا پئجي ويندا هئا. پر
تڏهن به سرويچ جفاڪش هاري هن کي به نه ڇڏيندا هئا.
تماڪ پوکڻ واسطي زمين جا کڙيا ٺاهيندا يعني ننڍڙا
ٻنا لاڳيتا جن جي وچ ۾ پاڻي بيهڻ جي ناري، کرين ۾
ڀاڻ به ڏيندا هئا. اهو ٻاڪرو ڀاڻ هوندو هو. جي
ڏسندا هئا ته تماڪ بيزور ٿيندو وڃي، ته انهن جا
ڪڙيا يعني شاخون ڀڃي ڇڏيندا هئا، فقط يڪي ڏانڊيءَ
تي پن وڌڻ لڳندا هئا. پر پاڻيءَ جي ڪا ٻٽ ڪري به
هن پوک کي شڪست ملندي هئي. هاري ڀانئيندو هو ته
گهٽ ۾ گهٽ ٻه پوسارا ڏيانس. هڪڙو ته آسانيءَ سان
ڏيئي ويندو هو، باقي ٻئي پوساڙي لاءِ ڏاڍا سور
پٽڻا پوندا هئڻ. اڳي دؤر ۾ مڙس هوندا هئا مهمير،
سو هلاڪيءَ کان هرگز ڪين ڪيٻائيندا هئا. جهٽو هڻي
پاڻيءَ جو پورائو ڪندا هئا. جهٽو هن طرح هنيو
ويندو هو. جتي واهه يا ڪڙي ۾ پاڻيءَ جا دُٻا ڏسندا
هئا ته ان کي لوهه جي پترن پڻڇن يا بالٽين ۽ چمٻرن
سان ڌوڪي ڌڪي آڻي نري يا ڪسيءَ ۾ ڪٺو ڪندا ۽ پوءِ
هرلو وهائي پويون پيار ڪرائي وٺندا هئس. جي پاڻي
نه پهتو ته بجر ٿي پوندو. تماڪ پنڊين ۾ بند ڪيو
ويندو هو جنهن ۾ رڳو تماڪ جا ڏاٺا ۽ پن هوندا آهن.
تماڪ مان ٻيڙيون ٺهن ۽ موالي ماڻهو چلم ۽ حقي جي
ڦل ۾ وجهي ٽانڊو چاڙهي ڪش ڪڍن.
ڪمند:
سنڌ جي لاڙ واري حصي ۾ ڪمند (ڪماند) جام ٿيندو هو ۽ کائڻ واسطي
استعمال ٿيندو هو. هاڻي جتي به شگر ملون آهن، اتي
جي آسپاس وارن سڀني تعلقن ۾ ڪمند جي پوک ٿئي ٿي.
هن جون گريون ڪپي انهن جو اک وارو پاسو مٿي جهلي
رنبي سان اڌوگابرو زمين ۾ پوريندا آهن. جڏهن
ماڻهوءَ قد جيڏو ٿيندو آهي، ته ڪهاڙين سان پاڙن
کان ٿورو مٿڀرو وڍيندا اٿس ۽ سنڍين کي پاڻي ڏيندا
آهن، ته وري ڦٽي پونديون آهن. انهن کي ”اور يا
اُول“ ڪوٺين. پهرين پوک جو ٻج ٽي سال کن هلندو
آهي. تنهن ۾ پهريون وارو ڀرپور لهندو اٿس ۽ ٻئي
سال ”اور“ وارو ڪماند گهٽيل هوندو آهي ۽ ٽئين سال
هلڪو فصل لبندو اٿس. ڪماند کي ڀاڻ جي گهرج تام
گهڻي هوندي آهي.
ڪڻڪ ڪماند مڪئي، ٻي پڻ کيتي ڪُل،
ڀاڻ ٻاجهئون نه مچي، تون ڳالهه اها نه ڀُل.
ڪماند کي ڀاڻ ڏيئي پُڙا ڪري ڇڏيندا آهن. سياري جي سيءَ تي وڌيڪ ميٺاڄ منجهس
پيدا ٿيندو آهي. ڪمند مان گُڏ به ڪڍائي ويندي آهي.
مٺي هئڻ ڪري جانور توڙي ماڻهو ڀڃي زيان ڪندا آهن،
تنهنڪري هن کي مضبوط لوڙها ڏنا ويندا آهن، اوڙها ۽
نشان به لڳائيندا آهن.
ڪمند جا ٻه قسم ٿيندا آهن: هڪڙو بانٺي جنهن جي کل سخت ٿئي جيڪو کنڊ لاءِ ملن
۾ وڃي ۽ ٻيو کائڻ جو ڳاڙهو توڙي سائو. ڪمند مان ڳڙ
۽ مُستي [ڳاڙهي کنڊ] به ٺاهين. مٿيون مانڀو مٺا ڀت
ڪماند جي رس يعني ڳڙ مان بنائين ڳڙڌاڻيون ۽ وڙا به
ڳڙ جا ٺهن.
(1)
سنڌ ۾ ڪمند ٻن موسمن ۾ پوکيو ويندو آهي.
پهرين: 15- آگسٽ کان سيپٽمبر جي آخر تائين
ٻيو: 15- فيبروري کان مارچ جي آخر تائين
ڪمند جون ڪيتريون جنسون پوکيون وڃن ٿيون، جن ۾ ٽيٽرون، بي.ايل4، پيار ۽ ٺٽا
10، آهي ٺٽا 10 جي مهل سر واڍي نه ڪئي وڃي ته اها
نسريو اچي ۽ فصل طاقت ڇڏيو وڃي.(2)
ساريون:
ساريون ناري، لاڙ توڙي اتر الهندي سنڌ ۾ پوکيون وينديون آهن. سارين
مان وري چانور ٿيندا آهن. جن جون ڪيتريون ئي جنسون
آهن: ڪنگڻي، سٺڙيا
]
جي سٺ ڏينهن ۾ پچي راس ٿيندا آهن
[ٽمڙيا،
موتيا، گنجا، رتڙيا، باسمپتي، سڳداسي، رنگوني،
جوشي [ٽهڪايل]، بيگمي، کارائي، پرمل، کورواهي،
نارائي، جڄڻي، ڇڄرائي، سداگلاب ۽ بنگالو، بدڙيون،
بازيڪر، بارو، باسپتي، ججئي، اڇڙائي، اڇا ڀوپائي،
اڇا ٻڙانگ، اڇا گلاب، بوئيدار، بگري وغيره.
ساريون پوکڻ:
”ساريال فصل، سنڌ جي اُتر ۽ لاڙ واري ڀاڱي ۾ هزارين ورهين کان پوکيا
وڃن ٿا. سن 2500 ق.م
ڌاري اُتر سنڌ ۾ سارين جا ڀلا فصل ٿيندا هئا.“(1)
پهريائين ٻج پنج ڇهه سير، زمين جي هڪ ويسي يا اڌ ويسي ۾ ٻاريون ٺاهي
پوکبو ۽ ڳائو ڀاڻ ڏبس، جيڪو ٽي چار انچ زمين کان
مٿڀرو بيهندو، پوءِ ڏيندس پاڻي. اهو ٿيو ٻيجارو،
اهو پندرهن ڏينهن ۾ سلن جي صورت وٺندو. پوءِ هٿ
سان ڇڪي ڪڍي، انهن جا گرڙا يا موڙهيون يا موراڙيون
مٺ ۾ جهلي، کيڙيل زمين ۾ روت ڪندا يعني رنبي سان
کڏ کوٽيندا ان ۾ سلو ويهاريندا. پر جي پاڻي بيٺل
هوندو ۽ زمين گپ واري هوندي ته هٿ سان ئي رُنبيندا
ويندا ۽ سڄي زمين ۾ سلا ويراج ٿيڻ کان پوءِ ڪم
لٿو.
”اتر سنڌ ۾ پهرين جون 10- آگسٽ تائين، سارين جون مختلف جنسون جهڙوڪ:
اري 8، اري 6، دي آر 82، ڊي آر 83، ڊي آر 92،
سداحيات ۽ لطيفيءَ جا رونبا ڪيا ويندا آهن. جڏهن
ته ڏکڻ سنڌ [لاڙ] ۾ 20- مئي کان 15- جولاءِ تائين
رونبو مڪمل ڪيو وڃي ٿو. لطيفي چانور خوشبودار ٿين،
اُتر سنڌ ۾ ڪنگڻي ۽ لاڙ ۾ رتڙيا چانور جام ٿين.“(2)
جيڪو ٻج کڙيل زمين ۾ هٿ سان ڇٽين ته ان کي ”ڪورڙ“ ڪوٺين، پر جي ريج
ٿيل زمين تي ٻج ڇٽي مٿان هر ڏين، ته ان کي ”داڦ“
چون. رُتڙيا، مٿانهين زمين تي نسرن، گنجا، سخت
زمين تي. ٻيجاهو يا ٻيجاريون، آکاڙ جي مهيني ۾
ٺاهين. اسوءَ مهيني ۾ سراسري لابارا پئجي ويندا
آهن. اٽڪل سارين کي پچڻ ۾ ٽي مهينا لڳندا آهن.
لابارو بيٺڙ پاڻيءَ ۾ ول يا پلال لڻي ڪندا آهن.
لابارو تڏهن وجهن جڏهن سنگ گهنڊ هڻندا يا لڙڪي
ڏوڙا ٿيندا. ساريون گهڻي پاڻيءَ، ڪلراٺي زمين تي
ڀليون ٿينديون آهن. پر ڪو ڪو ڪلر اهڙو ٿيندو آهي
جتي سلي اڀرڻ جي اميد نه هوندي آهي، ته اتي ”اَرو“
ڪن يعني ڪلر کي گهاٽا هرَ ڏيئي پاڻيءَ سان ٻارا
ڀري ڇڏين. پوءِ اتي جيڪو گاهه ۽ ڪک ڪانا پيدا ٿين
تن کي هرَ ڏيئي زمين دوز ڪن. وري پاڻي ڀرين، تان
جو ٻٽي ڀيرا انهيءَ نموني ڪلر کي پاڻي ڏين، گاهه
کي سائي ڀاڻ وانگر منجهس ئي دَٻي ڇڏين، تان جو اها
زمين پڻ پوک لائق بنجيو وڃي.
سارين جي ولين کي پرار/پلال چون. جيڪي سارين جون سُنڍيون لڻڻ کان
پوءِ رهجي وڃن، انهن کي ٻُئي چون. سارين جا تهه
اڇا ته اندران چانور ڳاڙها نڪرن ۽ جي تهه ڳاڙها ته
چانور اڇا ڏين. چانورن مان ڀت ۽ مانيون تيار ڪري
کائبيون آهن. ڀلي ۾ ڀليون ساريون، ايڪڙ تي ويهه مڻ
کن لهنديون آهن. هاڻي هڪڙو نئون ٻج ”اِري“ چانور
جو سڄي ملڪ ۾ پوکيو ٿو وڃي اهو ايڪڙ تي سئو مڻن
کان به وڌيڪ ٿو لهي. سارين جي پوک کي هڪ شاعر
”فاضل قائميءَ“ هن نموني ساراهيو آهي:
نظم
ڇوڪر هوڏي ذرو نهار،
ڏس سارين جي پوک تيار.
* * *
ڪڙميءَ ڪونهي سک جو خيال،
پورهيي ۾ رهي هر حال.
* * *
محنت جو هي مليس ڦل،
فصل سندس تان ڀلون ڀل،
* * *
ساوڪ ڏاڍي سونهن ڪري ٿي،
ڏٺي سڀن جي دل ٺري ٿي.
* * *
پسجي پڪل ان پريان ئي،
ڌرتي گاهه سان آهي ڇانئي.
* * *
سنگ لڏن ٿا جي چوڌاري،
پيارو تن کي ڄاڻي هاري.
* * *
ساهه سئون ٿو تن کي ڄاڻي،
مور نه ڀانئي سو مٽ ناڻي.
* * *
سنگن مان جو اَن ٿئي ٿو،
تنهن سان پنهنجو گهر ڀري ٿو،
* * *
چئي ٿو منهنجي روزي آئي،
سکي گذر لئه خدا ملائي،
*
نظم
سمو هڪ سهائو صبح جو عجب هو،
هئي واندڪائي گهمڻ لئي سبب هو،
زير نظر هڪ ڪمال ڪسب هو،
زراعت سندو فن توجه طلب هو،
ڪچيون ساريون ڪٿ، ڪٿي هو نِسارو،
ڪٿي گهنڊ وريل هئا، ڪٿي هو لابارو.
لٿي فصل تي ٿيا دوباريءَ جا سعيا،
پاڃاريون کڻي هرَ پئي هارين سنباهيا،
اچي پنهنجا پنهنجا ٿي جوڙا ڊُڪايا،
ڏٽا ٻڀڪريون ڏيئي، وراڻا ورايا:
ڪنهن جات ٻولي، هنيو ڪنهن ٿي نعرو،
نظارو هي سارو لڳو ٿي پيارو.
-
سارين جا مرض:
رائي، ڪڪي، گڏر، روڙو، ڪوئو، سيانتو ُهيءُ پن ڪتريندڙ جيت آهي، ڪنگي
يا ڪنگيري [هيءُ ڪينئن جو قسم آهي،] جهڙ ۾ پيدا
ٿئي، اُس نڪري ته مري وڃي. سندس رنگ ڳاڙهيڙو ٿئي
پهرين پنن کي ۽ پوءِ سنگن کي وٺندو آهي.
”اڄڪلهه ساريال فصل لاءِ نقصان ڪار جيت، اڇي پٺي وارو مهلو، پن
ويڙهو ۽ گڏر آهن، سنڌ ۾ پيلو گڏر، گلابي گڏر، اڇي
گڏر ۽ پٽيرو گڏر آهن. جڏهن ته سڄي دنيا ۾ 800 کان
مٿي جيت مشاهدي هيٺ آيا آهن، جيڪي ساريال فصلن کي
نقصان پهچائن ٿا.“(1)
موڪي
نيون پوکون
چيٽ:
هيءَ پوک اڳ درياءَ جي سيلاب تي ٿيندي هئي. جنهن سان گڏ ٻيون به پنجڙ بوسي
پوکون ٿينديون هيون، پر هاڻ سکر بئراج، ڪوٽڙي
بئراج ۽ گڊو بئراج واهن جي تيار ٿيڻ تي سڄي سنڌ ۾
موڪي پوک ٿيڻ لڳي آهي:
ساوڪ سري جي سهڻي بئريج جون بهاريون،
چانور ۽ ڪڻڪ ساريون، پوکون مڙئي پياريون،
سائينءَ ڪيون سجايون، ڪڙمين سنديون ڪمايون.
هيءَ آبادي اُنهن واهن تي انهيءَ ڪري گهڻي ٿئي ٿي جو واهن جو پاڻي
مٿانهون آهي ۽ زمين هيٺانهين آهي، تنهنڪري، ايڪڙ -
ٻيڪڙ کان سواءِ هر هنڌ پاڻي موڪ ٿو پهچي. واهن ۾
مين ڪينال مان برانچون، براچن مان سونهيون يا
شاخون، ڊسٽري بيوٽريون ۽ مائينرو ۽ انهن مان واٽر
ڪورس ۽ ڪڙيا ٿا نڪرن، جي سمورو ملڪ آباد ڪريو
ڇڏين.
نظم:
راحتون ۽ رس رچڻ وارا وري، رونقون ۽ رنگڙا ڪئين
چيٽ ۾.
چهچٽا چوڌار آهن اڄ عجيب، جهار هڪلي هيج مان هاري
غريب،
کيت ڪڻڪن جا پچڻ وارا وري، واه سونهن سنگڙا ڪئين
چيٽ ۾!
ڄاڻ ڪڻڪن ۾ پيا لابارڙا، لائيءَ خاطر لوب تي
لايارڙا،
اڄ سڀان آهن اچڻ وارا وري، ٿا وڻن دڳ دنگڙا ڪئين
جيٽ ۾!
هر طرف کان هير ۽ هٻڪار آهه، گام گلشن ۽ چمن گلزار
آهه.
ڀؤنر ۽ پوپٽ نچڻ وارا وري، خوب ٻهڪن جهنگڙا ڪئين
چيٽ ۾!
قرب ڪؤڙين ۽ ڪرم قادر ڪيا، مال ۽ ”مجذوب“ مارو خوش
ٿيا،
مُلڪ تي ميڙا مچڻ وارا وري، دل چري ڪن چنگڙا ڪئين
چيٽ ۾!(1)
ڪڻڪ جي ڇٽ:
هڪڙي ٿئي ڇٽ کيڙ يعني هٿ سان ٻانهن ڊگهاري، ٻاجهريءَ وانگر ٻج ڇٽبو
آهي، ٻي ٿئي گُڙٻي، ريج ٿيل زمين تي ٻج ڇٽي، مٿان
هرَ ڏيئي ڇڏين. اهو ٻج تڏهن ڇٽيندا آهن، جڏهن
سڏندا آهن ته موسم نڪريو ٿي وڃي ۽ ٽي آهي ناڙي،
هرَ جي هروٽي پٺيان لوهه جو نڙو لڳل ٿيندو آهي،
هرَ پيو هلندو ۽ نڙي مان ٻج هيٺ وهي اوڙن ۾ پيو
پوندو ايندو ۽ ٻج پاڻهي ڍَڪبو ويندو. نه ته مٿان
سهاڳو گهمائيندس.
چيٽ:
سرءُ جي مند پوري ٿيڻ کان پوءِ چيٽ [ربيع] پوکڻ شروع ڪن، ڪي ٻيجهڙ
پوک ڪن يعني تيلي ٻج پوک لاءِ بوسي زمين تيار ڪن.
چيٽ جي پوک لاءِ زمين کي ڪتيءَ ۾ ئي گهڻو پاڻي
ڏيئي رجائي ڇڏين ۽ پوءِ پوک بوهيارا ڪري اڀرڻ
لڳندي آهي. ۽ بوسي آکاڙ جي مهيني ۾ لابارا وجهن.
اوڙا يا سٿريون ڪري رکن، ڪڻڪ جون جنسون بوجري،
ڪهڻو، هن جو داڻو سخت ۽ ٿلهي ڳڀ وارو ٿئي ٿو.
تڏري، سنهڙي جيري جهڙي ٿئي، رڙي، داڻو سخت پر
ڊمڪڙو ٿئيس. ٺوڙهي، هن جي سنگ تي سوئا سوئا ڪونه
ٿين. هاڻي وري هڪ نئون ٻج جنهن کي پاڪ - ميڪسيڪو
ٿا سڏين، سو پوکيو ٿو وڃي. اها ڪڻڪ ايڪڙ تي
ستر-اسي مڻ لهي ٿي. پر داڻو سنهڙو اٿس ۽ رنگ ڳاڙهو
۽ اَٽو ميرانجهڙو اٿس. اصلي ڪڻڪ، گهڻي ۾ گهڻو ته
ٻٽيهه 32 مڻ ايڪڙ تي لهندي هئي.
”اڄڪلهه سنڌ ۾ ڪڻڪ جي جنسن مان، انڊس 66، پاڪ 70، بليو سلور، لڪورا، نوري،
ڊبليو ايل 711، سوناليڪا، پيون، زيڊ.اي 77، ٽنڊي
ڄام 83، مهراڻ 89، انمول 91، آبادگار 93 پوکيون
وڃن ٿيون.
ڪڻڪ جي پوک اُتر سنڌ ۾ 7- نومبر کان 30- نومبر تائين ۽ ڏکڻ سنڌ ۾ 1-
نومبر کان 20- نومبر کان تائين مڪمل ڪئي ويندي
آهي.(1)
ڪڻڪ مان کاڄرواٽو، ميدو خميرو، ڏارو يا ٻاٽ،
نشاستو ۽ سوجي ٺهندا آهن، ۽ منجهانئن ڀت، ماني،
لئي، لپئي، ڏارو. بسڪوٽ، حلوو، سيون، سيرو،
مالپڙا، مليدو، پوريون ۽ پڪوان وغيره ٺهندا آهن.“(2)
ڪڻڪ جا مرض:
”ڪڻڪ جون بيماريون، ”پن رتي“، پيلي رتي، ڏانڊي واري ڪاري رتي آهن،
زرعي ماهرن جي مشورن سان صحيح تايخ تي پوک ڪرڻ سان
اهي مرض نٿا ٿين.(3)
ڪڻڪ، چڻن ۽ توريي جا مرض ساڳئي قسم جا آهن. رتي،
جا ماڪ پوڻ ڪري پيدا ٿيندي آهي ۽ داڻو کوکلو ڪري
ڇڏيندي آهي. پارو، مالهو ۽ تڏ، ٻڻڪ يا ڌڻڪ، هن ۾
سنگ ڪارا ٿي ويندا آهن.“
چڻن، السي ۽ ترن جي مورجڻ وقت، جي کنوڻ يا وڄ جو چمڪات ٿيو ته انهن
پوکن ۾ ڪينئون پيدا ٿي پوندو آهي، ٻيو جيت آهي،
اِلي يا اِليون جو به تيلي ٻجن کي نقصان رسائيندو
آهي.
لابارو:
ان آهي ته ايمان آهي!
کرو:
لاباري شروع ڪرڻ کان اڳ ديرو [خرمن يا کرو] ٺاهيندا. ڇا ڪندا جو پڪو
پٽ ڏسي ان مان جهنگ وڍي دڙيون ڪڍي، ڇلي کرڙي لسو
ميدان ڪندس. ڪي هاري لاباري وجهڻ کان اڳ هُرلا به
جهُلائيندا آهن يعني انهن جو ڪاٺوڙ لاهي هڪ هنڌ مڏ
ڪري رکي بي اونا ٿي، پوءِ لاباري ۾ هٿ وجهن.
لاباريا يا لاهيارا:
سڀڪو پنهنجي حَڙَ [پوکيل زمين] لاءِ لاباري وجهڻ جي لاءِ لاهيارن کي ڪوٺ
ڏيندو. هنن جي اچڻ تي انهن مان هڪڙو مرد ماڻهو يا
خود هاري ڪانا ڪپڻ لڳندو، جنهن کي ڪانڙيو ڪوٺين.
اهي ڪانا کوڙا يا سٿريون ڪندو ويندو. پوئتان
لاهياريون زالون ڏانٽي سان، ڪانن مان سنگ وڍينديون
کاري يا ڪانبي ۾ وجهنديون وينديون، جڏهن کارويا
ڪانبو ڀريو ته وڌي وڃي کري تي پنهنجي ڍڳڙيءَ تي
لاهينديون. شام جو، لئلن [وڍيل] سنگن جون هاري
اوڻا ۽ پتيون يا اوکت ڪندو. ڄڻيءَ وڻيءَ کي ٽي پتي
ملندي. زالون اهي سنگ کڻي گهر ۾ آڻي انهن کي ڏنڊن
سان ڏانگورا وجهنديون سٽي، ڪُٽي هڻي ڌاڃوڙا ڪڍي
رکندن. پوءِ اهو اَن سوڻ خاطر پاڻ به ماني پچائي
کائين ته پنهنجائپ توڙي پاڙي پتيءَ کي نئين وٽ ڪرڻ
لاءِ پاٽي ڏيڍ ڏين. ڪانڙيي کي ڏهين پتي ڏيندا هئا.
دَن:
لُدل ڪانا ڀاڪر ڀري گڻندن ۾ يا ٻنڌڻن ۾ ٻڌي گڏا ٺاهيندا، هرهڪ گڏي
جو پنجويهه يا ٽيهه سير وزن ٿيندو آهي. اهي گڏا
هڪٻئي مٿان سمهاري سٿيندا ويندا ته پوءِ ان کي
ڦيڙهو يا دَن سڏين، پر ڪانا اڀا ۽ سوڙها ڪري رکندا
ويندا ته پوءِ ان کي يا سٿو سڏين. انهن جي چوڌاري
لوڙهو ڏيئي ڇڏين ۽ ضوررت سارو مال کي چاري لاءِ
ڏين. بعضي برسات پوڻ تي ٻاجهري جا بنهرَ يعني
سنڍاري وري به پٽي پوندا آهن.
ڪٿي ڪانڙيي کي سورهين پتي ملندي هئي ۽ ڪي هاري يڪو لابارو وجهڻ
بدران جيڪي سنگ پڪل ڏسن سي لڻي، پٽ تي ڪانا وڇائي
تن جي مٿان ڍڳ ڪري رکندا آهن [خاص ڪري ٿر ۾] ۽
مٿانئن ٻيا ڪانا پکڙي انهن سنگن کي ڍڪي رکن انهيءَ
کي ڪرَهي ڪوٺين. ڪي ٻُڻنگ لڻن يعني بيٺڙ ڪانن جي
چوٽين مٿان سنگ لڻي وٺن.
هاري پهرئين ڏينهن لُدل سنگن مان ڪجهه ڇندي ڦوڪي اَن ڪڍي، اُن ۾ ڳڙ
وجهي لوٽي يا ڪني ۾ وجهي رڌي، سڀني کري وارن کي
کارائيندا آهن. انهن کي گوگي جا ڪوهر ڪري ڪوٺين.
چون:
گوگا چوهاڻ، ڀريا تنهنجا ماڻ،
ڪنڊي ڪرڙي تي تنهنجي آڻ.
يا
گوگا چوهاڻ، ڀريا تنهنجا ڀاڻ.
ٻيڙا ٻني لائجان:
لابارن ۾ لُنڊيون لتاڙڻيون پونديون آهن. بلائون سڀ گوگي جي حڪم هيٺ
آهن، تنهنڪري اُن جي نالي تي خير ڪڍندا هئا. هونئن
به ڪک هيٺان، لک پيو آهي. ڪک آهن بلائون لک آهي
انسان جي زندگي!
ڪڻڪن جي لابارن ۾ ڪانڙيو ڪونه ٿئي. زالون سج چڙهي نڪرنديون، ڇوته ٺار ۾ ڪڻڪ
لبي نه سگهندي آهي. بيٺل ڪڻڪ جون ڪانيون مٺ ۾ جهلي
پاڙ کان مٿڀرو ڪپڻ لڳنديون ۽ جهول ڀرنديون
وينديون. ڪڻڪن جا لابارا زالون ۽ مڙس گڏجي ڪندا
آهن. ڪڻڪ جي ڪانيءَ کي ناڙي چون.
نظم
پٻن کڙي پيهي تي بيهي، پلپل ڪريان پُوڪار،
ڪانوَ تڙي تو طرف منجان ٿي، من ڪو پهچئي پار!
رونبا نڪتا اوڀر نڪتا، نڪتو پئي ڄڻ ساهه،
ساوَن مان پيلا ٿيا تيلا، لاب پيا ٿيو ڳاهه،
تڏهن به تون آئين نه مسافر، ڪهڙي ڏيانءِ ميار!
وائرُ ۾ ڇڄ ويهه ويهه ڀيرا، ڄڻ ٿي هٿ مان ٿڙڪيو،
پيارو پورهيو بار لڳو پئي، توريءَ هڏ هڏ ٽڙڪيو،
تن ميرو ٿيو ڌوڙ وسائي، چيڙهه وڃايم وار!
ديرا ميرا لڳن مسافر، تو نه ڪيو جي ديرو،
اوطاقن ۾ اوندهه ڀانيان، پيو نه جي تنهنجو پيرو،
من منهنجي کي ڪين وڻن ٿا، توريءَ اَن انبار!
اُکريءَ ۾ منهن پائي ويٺي، مهري ٿي کڙڪايان،
آهٽ پائي ڇرڪ ڀري، اک ور ور در ۾ پايان،
مايوسيءَ کان ان ڪڻن کي، ڏيان ٿي ڪيڏي مار!
آس وڃائڻ واري ناهيان، ڇوته ڳهيلي آهيان،
تڏهن ته دم دم دڳ واجهائي پئي ٿي دل پر ڀايان،
نيٺ ته هڪ ڏينهن ايندين، ”دکايل“ پاڙيندين اقرار!
ان ڳاهڻ
هلر هڪلڻ:
هلر لاءِ جدا پٽ گهڙيو ويندو آهي. ٻٿ ٻوڙا پاڙان ڪڍي، پوءِ ان ميدان جي وچ ۾
هڪڙي مني يا ٿوڻي کوڙبي آهي، ان کي ميڙهه چون.
ميڙهه جي ڀر ۾ سنگن جا سُپ ڀري آڻي لاهين. پوءِ
ٻاجهر جا هجن يا ڪڻڪ جا، ڪڻڪ ته ناڙيءَ سوڌي آڻي
گڏ ڪن. ميڙهه واري ڪاٺيءَ جي تري ۾ هڪ لوهه جو ڪڙو
يا سينهون ٺاهي وجهن. ان ڪڙي يا سينهي ۾ ٻه رسا
ٻڌن مٿئين رسي کي ميلهو يا مالهو ڪوٺين. ٻنهي رسن
جي وچ ۾ ڳراها جوڙين، جن ۾ وهٽن جون ڳچيون سوگهيون
ڪري ٻڌن. سڀني وهٽن تي ٻوٿاڙا چاڙهين يا ڇڪو ٻوٿ
تي ٻڌن. گهڻو ڪري ڏاند هلر ۾ هلن، پر ڪٿي ڪٿي ٻيا
جانور يا ڍينگر به ڪتب آڻين. ميڙهه جي ڀرواري کي
ميڙهي ڍڳو ۽ آخر واري کي پوڇنڊ وارو وهٽ ڪوٺين.
هڪڙو هالارو ڳاهو يا ڳاهيندڙ ماڻهو پٺيان لڪڻ يا
بانٺو کڻي ڍڳن کي پيو هڪليندو ۽ هلندو. جنهن ۾ اها
خبرداري ۽ سجاڳي ڪندو ته ڪو وهٽ ڇيڻو ته ڪونه ٿو
لاهي، جي لاهي ته هٿ ۾ وٺي پري اڇليندو ۽ ڪنهن جو
ٻوٿاڙو ڍرو ٿيو، ته ڇڪي ٻڌندو. کيپ هڪڙو ڳاهجي چڪو
ته نئو پڳر وجهندو يا ڳاهيل ڳاهه پکڙي ويو ته ان
کي ريڙهي ٽوپ ڪندو. اهو ڪم پاهوڙي يا ڏانداريءَ
سان ڪندو رهندو. هلر اٽڪل ڇهه ڏينهن کن هلندي آهي.
واهو هلر هلڻ مهل هيءَ اُٺاڻا ڏيندو: اهي ڏاڍي
جهيل، بلند ۽ سريلي آواز سان چوندو. پري کان اهو
آواز دل کي ڏاڍو پيو سيبائيندو آهي ۽ نار جي رينگٽ
وانگر پري پري تائين پيو ٻُرندوآهي.
اُٺاڻا يا پهلوڻا:
اَلهي مَلهي هلر هلي!
* * *
هَلي ملهي ڏاندا، وهي ٿيا واندا!
* * *
الله جوڙيا، ڪنهن نه موڙيا!
* * *
هَلي مَلهي، هر هلي، ڳاهي ڳوڌي!
* * *
ميڙهي متو، ان ۾ گتو،
اَن ڀريندي ڌڙوائي ٿڪو!
* * *
هل هلايون، ڀلن ڏاندن ڀليون ڳاهيون،
ڪر ڀلايون، ڀلن ڏاندن ڀليون ڳاهيون!
ڪڻڪ جي هلر ڪي ڍينگرن مٿان بار رکي ۽ اڳيان هڪ وهٽ اُن جي گهلڻ لاءِ
ميڙهه ۾ ٻڌي هلائيندا آهن. اُن لتاڙيل ان کي ڳاهه
ڪوٺين. پوءِ اهو سمورو اَن بُلرن، ٻِٽن، ٻُوچڙن،
ٻوري، بُهه، ڪنڌرن، ڪڏن يا ڪڏرن، پرارو وغيره سوڌو
وائرڻ جي لاءِ گڏ ڪن. ڪڻڪ جو ان لاباري ڪرڻ کان
پوءِ لاهيارا سٿريون کڻي ويندا آهن، باقي جيڪي
ٻارن ۾ ڪري پوندو آهي، سو غريب ماڻهو چونڊي پنهنجي
ڪم آڻيندا آهن، ان کي ”چونڊو“ چون. ڦٽين جا به
پڇاڙيءَ ۾ چونڊا ڪرائي، پوءِ وونئڻ ڀيلائي ڇڏيندا
آهن، يعني وهٽن کي چرڻ جي خاص اجازت هوندي آهي.
ان وائرڻ/اوڌڻ:
هوا يا واءُ ڇڙڪبو ته گاگڙن يا وڏن ڇڄن ۾ جن کي ڪونڊا به ڪوٺين، اَن
جا ڀري، مٿي ٻانهون جهلي لار ڪري اَن لاهڻ، اوڌڻ
يا وائرڻ شروع ڪن. جنهن پاسي واءُ گهلندو، تنهن جي
مٿينءَ واري تي ٿي بيهن. ان سان گڏ ٻٽ، بُلر ۽ ڪڏا
هيٺ ڪرندا ويندا، باقي ٻُوهي، تُهه، بُهه اُڏامي
پري وڃي پوندا. اُن ڪريل اَن کي ٻَچو، آوت يا آورت
چون. ان سان گڏ ٻُچر يعني جن سنگن ۾ اَن ناهي يا
پکين کائي ڇڏيا آهن، سي آڳرتا ريڙهي پري ڪن ۽ ٻنگ
يا ٻڻنگ يعني ڪچو ان به وائرڻ ۾ نڪري ويندو، پوءِ
اُن اَن جي ڍڳ کي ”ڇُڙڪ“ ڪوٺين، جي هوا نه لڳندي
آهي، ته اَن جي ڍڳ کي ٽنگڻين سان مٿي اڇلي اُڇلي
وائرين، هن ۾ گهڻي ڏکيائي ٿيندي آهي. اهو طريقو
بلڪل اڻانگو ۽ ديرائتو آهي. واءُ لڳڻ جي لاءِ هي
اٺاڻو ڏين:
لڳ لڳ حاجي گاگڙا!
ڇوڙ واءُ جا ڌاڳڙا!
هڪ جڙ جي اناج کي ٻَچو چون، پر گهڻين جڙن جو اناج گڏيو، ته پوءِ
انهن کي ”رانهه يا راهه“ سڏين. رانهن جي سنڀال
ڪندڙ ماڻهوءَ کي ڪانگتڙو ڪوٺين. ننڍي رانهه کي
”ڌڙ“ سڏين. انهن کي چوڌاري ليڪو يا آڻ ڪڍن ته ڪير
چورائي نه وڃي. ان ليڪي کي ”رک“ چون ڪي اَن جو ٻنو
ٻڌي ڇڏين. سرڪاري ڍل نه ڏيڻ جي حالت ۾ اُن ان کڻڻ
تي بندش وجهڻ جي لاءِ ”ٺپو يا اگڻي“ هڻي ڇڏين. اهو
ٺپو هڪ ڪاٺ جي ڦرهيءَ تي اکر لکيل هوندا آهن، جي
ڦٽين يا اناج تي مٿان پاسن کان مٽي پکيڙي،ان تي
اهي کپيل يا نپيل اکر هڻي نشان ڪندا آهن.
ڪنڍي اناج:
هلر هلي بس ڪندي ۽ اناج وائرجي دنگ ٿيندو آهي، ته ڪي غريب ماڻهو
ڪنڍيءَ جو اناج هٿ ڪرڻ لاءِ ان کري واري جاءِ تي
پهچي زمين ڪجهه هيٺڀري ولي ان مان داڻا ڇاڻي ڪڍي
اچي پيٽ گذر ڪندا آهن. ڪنڍي جو مطلب آهي زمين ۾ آڏ
پاسيرا پوريل داڻا.
ان جي تور ۽ بٽئي:
ان مئيندڙ کي مئتو يا مهتو سڏين يا ڌڙوائي چون. ڌڙ ٿيو اَن جو ڍڳ + وائي،
معنيٰ آواز ڪندڙ، جيڪو ٿانءُ يا جهول ڀري تورين ان
کي ڌڙو سڏين ۽ مخالف پاسي کي وَٽَ چون. مشهور آهي
ته،
اگهه کٽيو کائجي، پر ماڻ کٽيو نه کائجي!
مڻ به وَٽَ يا تورا آهن يا ماپڻ جا هٿڻ وغيره، جنهن ڏينهن پيدائش جي
بٽئي ٿيندي. ڌڙوائي ڪاٺ جو ٽويو يا ڪاسو ٺهيل
ٿانءُ کڻي جيڪو جانورن جي چاري واري ٺڪر جي ڪونڊي
وانگي هوندو آهي. ڌڙوائي جهيلدار سر سان ٽويا ڳڻڻ
شروع ڪندو. هڪڙو هاري ان ريڙهي ويجهو ڪري پيو
ڏيندس. هن نموني ڳڻپ ڪندو:
ڳڻپ ماپ:
او....... هيءُ......... بابرڪت! (هڪڙو)
او هيءُ ڪل جو ڀلو!
او...... هيءُ...... جوڙو! (ٻه)
سائين ڪندو سجوڙو!
او..... هيءُ...... ٽي!
ڀري ڀري ڀائرن کي ڏي!
او.... هيءُ...... چار!
مولا ٻيڙا ڪندئي پار!
او...... هيءُ...... پنج!
لڳي ويندا گنج!
اهڙي طرح واڪ ڏيندو پيو مئيندو. ڪي وري اتي تُڪون ۽ ڪَٿون پيا ڪندا،
ته سورهن خرار ٿيندا، نه نه ويهه خرار پيا ڏسجن
وغيره. رانهه جا ڄاڻو ته رڳو رانهه جي چؤڌاري پير
پير جي ڀر ۾ رکي ڦري اچي ٻڌائيندا آهن ته هيترو
اناج آهي!
جي ڪنهن هاريءَ دل لائي پورهيو نه ڪيو هوندو، سندس رانهه گهٽ بيٺل
هوندي مٿس قرض جون چار ڪوڏيون چڙهيل هونديون، ته
ڌڙوائي ڳڻپ ۾ ڀوڳ ڪندو ۽ چوندو:
او....... هيءُ....... بابرڪت! يا بها برڪت
الائجي روڻيءَ ۾ رُلايئه!
او..... هيءُ.... جوڙو!
ڪي الائجي سُمهي سڪايئه!
او..... هيءُ...... ٽي!
ڪي الائجي جهار کان جهاٽيئه! [جهٽايئه]
او..... هيءُ....... چار!
ڪي الائجي لائيءَ ۾ لُٽايئه!
او...... هيءُ....... پنج!
الله ڪري ڏيندءِ گنج!
اَن مئجي پورو ٿيو ته وڏو واڪ ڏيندا ته فلاڻي جا هيترا خرار ٿيا. ڪي
هاري، رانهه مٿان نريون هڻي ڪاٿو ڪندا هئا،
پنجويهن ٽوين جو خرار بيهندو هو.
ٻهيون بانڊڻ:
ماپ ٿي ته ڪڍندا پهرين خدا ڪارڻ، ڪنهن ڀرواري پير، اولياءَ يا درويش جي
ڀاني، پوءِ آيل فقير فقراءَ کي به پاٽي - ٻه
پاٽيون ڏيندا. ان کانپوءِ اهت وارن کي ڪاسبين کي
حصو ملندو. جنهن ۾ مينگهواڙ، ڪنڀار، لوهار ۽ حجام
هوندا. پوءِ ورڇبيون ونڊيون، وهٽن جي ڌار، هارين
جي ڌار، مجيريءَ جي ڌار ۽ زمينداري حصو ڪڍي ڪندا
ڌار. جنهن جي پورت نه ٿي، ته مجيريءَ جي حصي مان
ڏيئي ڪندا پورائي. هاري به ٻچن جي قوت لاءِ مجيري
کان منٿ ڪري وٺندو داڻا ڪڻا ۽ ٿيندو پڪو قرضي.
پوءِ مهيني سر مهيني مجيريءَ کان ”ورو“ (ورهيو)
پيو وٺندو نه ته مليل اناج آڻي گهر ۾ گنديءَ يا
پليءَ ۾ رکندو. گندي مٽيءَ جي ٺهيل هڪ نادي آهي،
جنهن جي تر ۾ هڪ سوراخ جنهن کي آئڻ چون. ان کي
اڳڙيءَ جو ليڙو ڏئي رکن ضرورت سارو ان مان ان
ڪڍندا آهن. قرضي هاري مجيريءَ کي چوندو ته رهيل
حساب آئندي ”ڪوڏر“ تي ڏيندس. مطلب ته وتئه اچي
ڪمائي پئسا لاهيندس، پر ايندڙ سال تي! تور ۾
ٻائيتاليهه سير مڻ جا توري کڻندا هئا،پر ايڪتاليهه
وڪڻندا هئا. محنتي هاريءَ کي مجيري پٽڪو ٻڌائيندو
هو يا ويهه روپيا روڪڙا ڏيندو هو. شين جي تورڻ ۽
مئڻ جون هيءُ کنڌيون (جدولون) رواج ۾ هيون:
جدولون
1- سون تورڻ جي:
چار مڱ برابر هڪ رتي،
اَٺ رتيون برابر هڪ ماسو،
ٻارهن ماسا برابر هڪ تولو يا دُڪو.
2- وکر تورڻ جي:
پنج تولا برابر هڪ آنو،
چار آنا برابر هڪ پاءُ،
چار پاءَ برابر هڪ سير -
اڍائي سير برابر هڪ ڌڙي،
ٻه ڌڙيون برابر هڪ پڻڪي،
چاليهه سير برابر هڪ مڻ -
اَٺ مڻ برابر هڪ کنڊي.
3- اناج مئڻ جي:
چار چوٿايون برابر هڪ پاٽي،
چار پاٽيون برابر هڪ ٽويو،
چار ٽويا برابر هڪ ڪاسو،
سٺ ڪاسا برابر هڪ خرار،
اٺاويهه مڻ برابر هڪ خرار.
4- ناڻي جي ڳڻپ جي:
پنج ڪوڏيون برابر هڪ دمڙي،
ٻه دمڙيون برابر هڪ ڪسيرو،
ٻه ڪسيرا برابر هڪ آڌيلو،
ٻه آڌيلا يا ٽي پايون برابر هڪ پئسو،
ٻه پئسا برابر هڪ ٽڪو،
ٻه ٽڪا برابر هڪ آنو،
ٻه آنا برابر هڪ ٻياني،
ٻه ٻيانيون برابر هڪ پائلي،
ٻه پائليون برابر هڪ آڌيو،
ٻه آڌيا برابر هڪ روپيو.
پندرهن روپيا برابر هڪ گيني، [مهر، اشرفي، ۽ ساورن].
آباديءَ جي سڄي ڪاروهنوار تي چيل هڪ نظم
ڍَڪيندو ڍول اچي شل هي ڏڏ ڏهاري،
چريي هن چنگل تي ڪندو صاحب ستاري،
هاڻ ٻُڌ ته ٻڌايان تولي هي حال هڪواري:
وٺي ڀر ڀِڙي جي وڃي ڪيم ڪُڙمت ڪراري،
پٽي کوهي پوک ڪيم سهجئون سوڀاري،
چاڙهيم اچي چاهه مان هت نار نرواري،
ٿاڪ، ٿِکڙ، ٿنڀڙيون، ٿنڀا پرت ڀري پاڃاري،
ڍوئي مالهه نماڻي،پاڻيءَ لوٽن لهنواري،
ڳاڌيءَ جي ڳٽڪار تي لاتم للڪاري،
چاهه سان ”چنگل“ چئي لاتم بر ۾ بازاري،
پٽن تي پوش پيو ٿي ساوڪ سونهاري،
کٻڙن ۾ کڙڪا ٿيا ڪئي ڪندن ڪوهياري،
بس صاحب سينگاري، هي ڌرتي ڌوڙ ڀري کڻي!
* * *
لڱين سڱين سهڻو ڏس ڪڪڙو ڪوهيارا،
هڪڙا ليٽڻ لٺ تي ٻيا ڪن پِڙَ تي پسارا،
هن جا قدم قرب ڀريا هئا سدا سوڀارا،
اکياڙيون اکين تي هيس هت کوپا موچارا،
”چنگل“ چئي چريي جا ڏس چؤڌاري چارا،
ماريا تنهن ميل ڪيئي نر هڻي نارا، (نعرا)
اَوَجهڙ عاقل ڳوٺ جا ڪل ڏاند ٿيا ڪارا،
حاصل به همٿ ڪئي پر ويا وري وسوڙل ويچارا،
جنهن جي سوڀ ستار ڪري تنهن سان ڪهڙا ٽڏَ ٽارا،
ڪَڪڙي پنهنجي قرب سان سڀ سور يا سنگهارا،
چهُيءَ تي ”چنگل“ چئي هئا چڪري جا چمڪارا،
مُهرو ڳاڌيءَ وچ ۾ پيو ڪري وَڪڙ ۽ وارا،
لٽ ليٽي ڌوڙ ۾ آيا عشقئون اوڀارا،
ڦرهيون ڏس فراق جون تنهن سان ونگڙا ويچارا،
لڳيون گنبيون گوندر جون تن سان ڳجهن جا ڳارا،
نهوَر ناز ڦِٽا ڪيا لٿا ڀاروڻيءَ ڀاڙا،
ڪانءَ به رکيو قرب هو ڪيا سوئل سنڀارا،
جَهلڻ جيءُ جهوري وڌو سڀ کنيائين سر بارا،
پڙئن تي پَڙ ٻاٽن سان ڪيا ڪڪڙي ڪنارا،
مالهي مالهه محبت جي پوئي کڻي سر کارا،
اڏَوَهي امانُ ٿي ڀري ٻاجهه ڀريا ٻارا،
هڻ لپا چاڙهه ٻنا او ڪوڏر وارا!
هرَ وُڙهاسين حُب مان کڻي چونيون ۽ نارا،
وڍي ڪاٺ ڪهاڙيءَ سان ٺاهيم منهه موچارا،
خوشيءَ مان کانڀاڻيون وٽي جهار ڏنم جهارا،
پچي ڪڻڪون راس ٿيون پيا لس لابارا،
ڳاهه ٻڌاسون فراق جا وڇڙيا ڪڻا ويچارا،
ڏيئي ڇڄ ڇوهه سان ٺاهيم ڌڙا ڌڌڪارا،
هاڻي مرشد موچارا، اولا لاهه اکين جا!(1)
هارين جا اصطلاح:
پنهنجي رانهه پوکي وارو آهي!
ڪهڙو اڳيون جوڙو وهيو آهي؟
ڪهڙي ٻناري جي ڪتر هنئي اٿس؟
ڪهڙا ڏاندار جا ٻنا ڪڍيا اٿئي؟
ڪهڙو ٻناري جو پاڻي ورايو اٿئي؟
ٻنيون ۽ ونيون ڪن مَڄُن کان وڃن!
-------
|