باب ٽيون
لوڪ ناچ وارا گيت
”قدرت جو خلقيل هر ساهه وارو ”جيو“ جڏهن خوش ٿئي ٿو ته موج ۾ اچي ”ڪوڏ“ ڪري
ٿو. پکي کنڀ کنڊيري ناچ ڪن ٿا جيئن مور ڪوئل
وغيره آهن. مٺيون ٻوليون ٻولين ٿا. هرڻ ڪوڏ ۾ اچي
نچن ۽ ٽپن ٿا. هر ساهه واري وانگر دنيا جي هر کنڊ
۾ وسندڙ ۽ تمام ٻوليون ڳائيندڙ انسان، قومون ۽
ذاتيون پنهنجا الڳ الڳ قومي ۽ عوامي ڳيچ ۽ رقص رکن
ٿيون. جيڪي سندن وڏن خوشيءَ واري لمحن ۾ جوڙيا، جن
کي سندن هر لائق پيڙهي، اباڻي ميراث طور سانڍيو،
سنڀاريو ۽ سنواريو، اڳتي نئين پيڙهيءَ تائين
پهچايو. ان ريت سنڌ ۾ به هزارين عوامي ڳيچ ۽ سوين
عوامي رقص ۽ سانگ آهن، جيڪي اسان سنڌ واسين جي
اباڻي موڙي ۽ عوامي ميراث آهن.“(1)
ننڍي کنڊ جو هڪ مشهور پهاڪو آهي ته: ”سارو هندستان، گهر گهر ڍولڪ، گهر گهر
تان.“ هر ڪنهن ٻڌو ۽ سئو هوندو، پر جڏهن کان
پاڪستان ان کان ڇڄي ڌار ٿيو ته اها ميراث وٽس به
موجود رهي آهي.
قدرت طرفان ڪن قومن جي رت ۾ رقص شامل هوندو آهي. هنن کي خون جو دؤرو اهڙو
ميسر ٿيل آهي، جنهن جي ڦڙي ڦڙي ۾ لرزش، لچڪ ۽ پنبي
فطرتي هوندي آهي. ڪن چند عورتن کان سواءِ زال ذات
ناچ کي بيحد پسند ڪندي آهي، خود پاڻ به نچندي آهي
ته ٻين کي پڻ نچڻ جي ترغيب ڏيندي آهي. سنڌ اهڙو ڪو
خوشيءَ جو موقعو ورلي هوندو، جتي ڳائڻا ۽ ناچو نه
اچي حاضر ٿيندا هجن.
نچندڙ ماڻهن جي رت جي جزن جو جڏهن ڊاڪٽرن تجزيه ڪيو ته کين ڏسي عجب
لڳو ته: هنن جي خون جا سفيد ۽ ڳاڙها ذرڙا، ٻين عام
ماڻهن جي رت کان بلڪل گهڻا، مضبوط ۽ طاقتور، تڪڙا
تڪڙا چرندڙ ڦرندڙ هئا، هنن تي بيماريءَ جي جيوڙن
جو گهٽ اثر ٿيندڙ هو، هنن کي ڪا مونجهه فڪر يا
ڳڻتي وڪوڙي نٿي سگهي، ڇو ته هنن جي حياتي ناچ سان
۽ خوشيءَ سان وابسته هئي ۽ خود ئي ناچ جو مجسمو
هئا. مطلب ته سندن رڳ رڳ ۾ ناچ سمايل هو. کـِـلڻ،
ڳائڻ ۽ نچڻ هڪ خوش گذارڻ واري زندگيءَ جو سهڻو
طريقو آهي. ڳائڻو يا ڳائڻي، پنهنجي سريلي آواز سان
گڏ جڏهن نچڻ به شروع ڪندي آهي ته اصل سون تي سهاڳي
جو ڪم ٿي ويندو آهي. سڀڪنهن جي نظرن جو مرڪز بنجي
ويندي آهي. ماڻهو واه واه ڪرڻ، مرحبا، ۽ شاباس
وغيره جي ڌُم مچائي ڏيندا آهن ۽ هن جي ڪسب ڪمال جي
دل کولي داد ڏيندا آهن ۽ فرحت محسوس ڪري نرت
وجهندڙ تي انعامن جي پڻ ورکا ڪندا آهن.
سنڌو ماٿريءَ مان جي عين وچ مان سنڌو درياءَ ڪنهن البيلي نار جان
ڊولائتي لوڏ لڏندو، وروڪڙ کائيندو هلندو ۽ وهندو
رهي ٿو. سنڌ درياءَ جي آب ڪوثر تي ئي هن وادي
مهراڻ جي شادابي ۽ زندگيءَ جو انحصار آهي.
سنڌونديءَ جون لهرون سندس مضبوط ۽ نرم ڪنارن سان
ٽڪر کائي ترنم ۽ سازن جو آواز پيدا ڪن ٿيون، اهي
زنده دل اِنسانن جي نس نس ۽ لونءَ لونءَ ۾ اُڌما ۽
امنگ اوڀارين ٿيون. اهو ئي ڪارڻ آهي جو هن نديءَ
جي آب زمزم جهڙي پاڻيءَ جا پياڪ ڳائين وڄائين يا
نچن، ٽپن ۽ ڪـُـڏن ٿا. بس اهائي سندن زندگيءَ جي
زنده دليءَ جي زيب زينت آهي.
سدا سهاڳڻ سنڌ! جيئي وسي سنڌ! جا راڳن، ناچن، سازن سرودن ۽ پريمي
داستانن جو گهوارو رهي آهي. هتي سوز ساز وارا
افسانا، درد جي درمان وارا دفتر، خوشي ۽ رنج جي
امتزاج جا عـُـشاق، حسن ۽ حيرت جا رنگين ۽ رومانوي
قصا ۽ ڪهاڻيون سنڌ ملڪ جا خصوصي داستان آهن. جڏهن
هن جي سرسبز ميدانن ۾ چوڏهين رات آبتاب سان ماهتاب
اُڀري، نور جي ضيا پاشيءَ سان هن ديس جي ريشم نما
ارض مقدس تي ڪري ٿو اُهي ڪرڻا، پاري جي قطرن وانگي
بيقرار ٿي زمين جي چپي چپي جي بوسه و ڪناري ڪن ٿا،
پري پري تائين پکڙجي چانديءَ جي چادر ڪائنات جي
ڪنڊ ڪڙڇ تائين وڇائين ٿا، پوءِ هن قدرتي سازن جي
مٺڙن مزيدار سرن وارن آوازن گيتن کان مخمور ۽ مست
ٿي، سچين ۽ سادين دلين ۾، هرين ڀرين هينئن ۾ اوچتا
اُڌما ۽ اثر اُپجن ٿا، هر جاندار جنس جا جسم لرزش
۽ حرڪت ۾ اچي ناچ جو پيشواز پهري اچيو اڳيان الهن.
عوامي ناچن مان مراد اهي ناچ آهن، جيڪي وقت بوقت خوشيءَ جي پرڀن ۽ موقعن تي
يعني وهانئن، وڌاڻن، منهه مارڪن ۾ عام جام ڪيا ۽
ڏٺا وڃن ٿا. هر ناچ جو ڍنگ ۽ ڍار، ڌار ڌار آهي،
اُن جو ٻول ۽ سر، لئي ۽ تار پڻ الڳ الڳ آهي. اهڙا
ڪيترائي ناچ آهن، مگر انهن مان مشهور مشهور هت ڏجن
ٿا:
(الف) ڏاند ڏؤنڪا ناچ:
شادين توڙي طهرن جي موقعن تي وندرڪاڻ ماڻهو ڏؤنڪا ناچ به ڪرائيندا هئا. هن
ناچ جي پڻ ماڻهن کي ڪوٺ ڏني ويندي هئي، جيڪي ڄاڻو
هوندا هئا، سي ۽ ڏسڻ وارا اچي رات جو گڏ ٿيندا
هئا. رات جو هڪڙي کليل ميدان تي نکون ۽ تڏا پکيڙي
۽ دلو پاڻيءَ جو ۽ ڇلَ رکندا. ماني ٽڪي کائي
کارائي سڀئي ماڻهو اتي ايندا، پوءِ مڱڻهار يا
منجهائن هڪڙو همراهه دهل کڻي وچ تي بيهي ڍريڙي
ڍريڙي ”ڏانڊيا وڄت“ ڪندو. جنهن جون هي پنج
ماترائون آهن.
ڍينجان - ڍينجان - ڌينچڪ - تينچڪ - ڍين ......... وڄت پئي ٿيندي، ناچ جا
شوقين هٿن ۾ فوٽ - ڏيڍ جون ڊگهيون ڪاٺيون جنڊي
چڙهيل پاليسيون ووئنڻن وغيره جون، جن کي ڏانڊيا يا
ڏؤنڪا ڪوٺين، کڻي دهلاريءَ جي چوڌاري گهيري ۾ صف
ٻڌي پير پير سان ملائي نرت وجهندا ۽ ڏانڊيون
ڏانڊيي تي تار سان گڏ ٺوڪيندا ڦرندا ايندا.
پهرين صفت سبحان جي شروع ڪندا، جي هيءَ آهي:
اول نانءُ الله جو سو ته ٻانهان ٻيءَ نه لڳ، وو.........
لڳ ته ڀلي جي آسري، جنهن پر سارو جڳ، وو......
گهوريو گهوريو وڃان تنهنجي نالي تان،
صدقي صدقي سڄڻ! تنهنجي نانوَ تان.
اها صفت ڏاڍي جهيل گهيل ۽ دردي آواز سان ڪندا آهن.
تنهن کان پوءِ وڄت تکي لئي ۾ ٿيندي يعني:
ڌنتڪ - تنتڪ - ڌن تنا - تان - تان ..........
انهيءَ تي تکيرا تکيرا ڏؤنڪا وڄائيندا ۽ ڪافيون ڪڇندا، ڪلي ڪليءَ جي
حـصي حـصي کي وري وري چوندا، ٿلهه کي به گهڻيون
اٿلاڻيون ڏيندا ۽ لوڙائو سر ۾ هيٺيون ڪافيون چوندا
هئا:
(1) پاڻ ڏسڻ آيو پنهنجو تماشو، او، صورت جو سبحان، لا......
(2) واٽ وندر جي وڻ پيا ڏسيندا، ڇو ٿيون پڇو پنڌ پيرا پيرا......
(3) وهه واهه سڄڻ سائين عيد ڪرايئي، او، نينان خوب نظاري جي، الا.....
(4) ساڏي ويڙهي آيا ڪرين، وو، يار صبوح شام، لا........
تـُـڪ چئي ماٺ ڪندا وري ڪڇندا، ڏانڊيو وڄندو ايندو، پير پير سان
کڄندو ايندو، تار وٺڻ تي سڀئي ڦري اچي پول پٽ تي
رکندا، ٻئي تال تي ڏيڍي ڦيري ڏيندا، ٽيون تال اچي
ڦهه پٽ تي ڪرندا ۽ اُٿلاڻيءَ تي اُٿي کڙا ٿيندا.
اها ڏؤنڪن راند يا ناچ تيستائين ٿيندو، جيستائين
ڪڪڙ دَسَ (دف) هڻندا، پوءِ ٿيندو سڀڪو گهر راهي.
(ب) بحراڻي تي ڇيڄ ناچ:
درياءُ جي پوڄا هندو، سانوڻيءَ جي موسم ۾ نوان آيل پاڻي جڏهن اوج تي رسندا
هئا ته درياءَ شاهه تي ”ناريل جي ڀيٽا“ چاڙهيندا
هئا. ان لاءِ بحراڻو ڪڍندا هئا. هڪ جنڊيءَ جي منجي
نوار سان مڙهيل ان ۾ وڏو ٽامي جو ٿالهه رکي ان ۾
اٽي مان ٺاهيل ڏيئا گيهه سان ٻاري رکندا هئا ۽
ناريل، مصري، پتاشا ۽ ٻيون شيون ۽ خوشبويون رکندا
هئا، منجهس اگربتيون به ٻاري رکندا هئا، ان سڄي
ٽڪساٽ کي بحراڻو ڪوٺيندا هئا. پوءِ دهلاري بحراڻو
وڄت جيڪا تکي لئي ۾ ڪلواڙي جهڙي هوندي هئي. سا
وڄائيندا ۽ سڀئي پنٿي گهنگهرين سان جنڊيءَ چڙهيل
ڏؤنڪا هٿن ۾ کڻي، پڙ ڪري ڇيڄ هڻڻ شروع ڪندا هئا ۽
ڪي جهانج بيٺا وڄائيندا هئا. ناچو ڏانڊيا ڏانڊين
تي هڻي ناچ وجهندا هئا. ڏهن - پندرهن منٽن کان
پوءِ دهلاريءَ جي ٽـِـڪي وٺڻ تي ناچ بند ڪري چوندا
هئا: چئو؛ ” لال جا جاٽي، جهولي لال“ ٻيا بيٺل
چوندا ته ”جهولي لال“ اهڙيءَ طرح ناچ وجهندا.
درياءَ شاهه تي يا ڳوٺ کان ويجهي وهندڙ واهه تي
رات جو اهي مـُـجراڻي وارو سامان درياءَ داخل ڪري
نچندا ٽپندا موٽي اچي پنهنجي ماڳ تي پهچندا هئا.
(ج) دُهـَـل تي جهمر ناچ يا هنبوڇي هڻڻ:
هي ناچ گهوٽ کي لانئن ڏيڻ بعد ٿيندو آهي. دهلاري دُهـَـل وڄائيندو پوءِ سڀئي
ننڍيون وڏيون، پوڙهيون پڪيون اتي ئي جهمر ۾ کپي
وينديون. هڪڙيون تاڙيون وڄائينديون ۽ ٻيون ”شابي
شابي“ پيون چونديون. ڪجهه وقت ماٺ ميٺ ۾ ناچ ڪرڻ
کان پوءِ هيءُ ناچ جا ٻول ٻولينديون:
ٿلهه: راڻا! تو مان راڄ ٿيندا راڻا! راڻل ڙي الهه آڻيندءِ راڻا!
گهوٽ! تو مان ڳوٺ ٿيندا راڻا! ..................
ڪلي: دهري گهڙايم سون جي ڙي راڻا! ..................
ٻانهين گهڙايم سون جي ڙي راڻا!
نٿ گهڙايم سون جي ڙي راڻا!
(۽ ٻين ڳهن ڳٺن جا نالا)
*
ست مامن جي ڪـُـلهي ســــت چاچن جي ڪـُـلهي، راڻا راڻا مور بلي ٿو ٽلي گجر
جو،
سو ته چاچن جـــي بلي ســــو ته مامن جي بـِـلي، دهري گهڙايم سون جي الهه لڳ
راڻا
راڻا تو مان راڄ ٿيندا راڻا تو مان لک ٿيندا.
اُترڙو ٿو لڳي، ٻڙي! واسرو ٿــــو لڳي،
اسين ماڻهو لاڙ جا،درياءَ جي پڇاڙجا.
*
ٿلهه: هليا ڪاهي اُٺن جون قطارون، جن کي ڳاڙهيون گلن سان مهارون،
رات رهي ويا سج نه اُڀاريئون، پرهه ڦٽيءَ جو منهنجو پنهل نيائون.
*
ڪلي: دهري تنهنجي سوا تولو، ملان مارن کي لهي اولو،
تون منهنجي ڀيڻ، مان تنهنجو ڀاءُ، پيءُ ٻنهي جو هڪڙو ماٽيجي ماءُ
هليا ڪاهي اُٺن جون قطارون ..................
(۽ ٻين ڳهڻن جا نالا)
(د)1- جمالو ناچ:
هي ناچ دهل تي يا رڳو تاڙين وڄائڻ سان به ڳايو ويندو آهي. جمالو، جتن جو هڪ
جوان، ڪاوڙجي لاڙ هليو ويو هو. جـَـتَ، زط، جاٽ يا
ڄٽ هڪ قبيلي جو نالو آهي، جا اُٺ لڏي ڏورانهن ڏيهن
۾ واپار سانگي سنڌ مان سامان سڙو کڻي وڃي
پهچائيندي هئي. جمالو جڏهن ڪاوڙجي نڪتو ته ان
زماني ۾ اعلان ڪرڻ ۽ ان کي ڳولي هٿ ڪرڻ لاءِ ماڻهن
جمالي جون وصفون ۽ اهڃاڻ ڳايا. جي هيءُ آهن:
ٿلهه: جمالو جتن جو هو جمالو!
ڪلي: لڙي ويو لاڙ ڏي هو جمالو!
جنهن کي سوني منڊي چيچ ۾ هو جمالو!
جنهن کي سائو لڪڻ هٿ ۾ هو جمالو!
جنهن جون اکيون رب رکيون هو جمالو!
جنهن جا ڏند دلبند الا هو جمالو!
جنهن جا پير پنج سير الا هو جمالو!
مون کي راڻل ته ريجهائي ڏيو هو جمالو!
مونکي پنهل ته پرچائي ڏيو هو جمالو!
اهو جمالو جڏهن موٽي آيو، ته هي تـُـڪون به شامل ڪيائون:
کٽي آيو خير سان هو جمالو!
لڙي آيو لاڙ کان هو جمالو!(1)
هي ناچ ننڍا وڏا، پوڙها پڪا سڀ ڪنهن خوشيءَ جي موقعي تي ڪن. هي سنڌ ملڪ جو
خاص ناچ آهي. هن ۾ جهــُـڪي جهـُـڪي هو جمالو،
وراڻي ڏبي آهي. نچندڙ بغل ٺوڪيندو، تاڙيون
وڄائيندو، ڦيريون پيو پائيندو آهي، بعضي گهيري ۾
گڏجي ناچ ڪن ته بعضي الڳ. پر هڪڙو ماڻهو ڪلي
کڻندو، ٻيا سڀ ورندي ۽ اُٿلاڻي ڏيندا ۽ نچندا آهن.
2. ٽـَـلو ناچ:
هن ۾ به جهمر لڳندي آهي. ناچ جا ٻول هيءُ آهن:
ٿلهه: دومني آچار ٽـِـلو! ڊومي آچار،
اُست بڊوڪو ڙي ٽلو است بڊوڪو
ڪلي: لئي لئي لاڙو ڙي ٽلو! لئي لئي لاڙو
اُست بڊوڪو ڙي ٽلو! اُست بڊوڪو.
(هه) موائي ناچ:
مغرمان جي وڄت شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ موائي ناچ ٿيندو آهي. هي حبشي/شيدي قبيلي
جو مخصوص ناچ آهي. انهن کان سواءِ ٻي ڪنهن کي ڪونه
اچي. ڇا ڪندا جو ٻه ٽولا هر هڪ ۾ پنجن کان وٺي
ٻارهن تائين ماڻهو ٿين. هر هڪ جي ڳچيءَ ۾ دهل پيل
هوندو، بعضي ڪي بنا دهل به هوندا. سڌيءَ صف ۾ هڪڙا
اتر کان ڏکڻ ڏي منهن ڪري بيهندا ۽ ٻيا انهن کان
پنجاهه قدمن جي مفاصلي تي ڏکڻ طرف کان اتر ڏي منهن
ڪري بيهندا. دهلن جي وڄت تي نـِـيڀو (ساراهه)
چوندا. هڪڙا نيڀو چوندا، ته ٻيا نيڀي جي وراڻي
ڏيندا. ٻئي ڌريون نچنديون نچنديون هڪٻئي سان اچي
ٽڪري سلامي (مجرو) ڏينديون ۽ وري نچندا نچندا اصلي
جاين تي وڃي بيهندا، جيستائين مغرمان سڪي تيار
ٿئي، تيستائين موائي ناچ پيو هلندو. ان جي وڄت
هيءَ هوندي.
تـُـمبڪ - تـُـمبڪ - تمبان - تان تان ........
” نيڀو هن نموني ڏيندا“:
نريرا نچيزا (نور رَءَ نجزا)
نڪ بؤ ڪا نايو گوپا (نـَـڪـُـبوا اَناءَ الغوغا)
رفو ڪو يا مڙونگو (رؤ فڪم ويا مرحمڪم)
قيامت موٽو موٽو (قيامت مـُـوتـُـوا مـُـوتوا)
نيڀي جي وراڻي ۾ ٻي ڌر چوندي:
يا ويلو، يالا، يالا، پير محي الدين (يا ولي الله يا ولي الله سيد عبدالقادر
جيلاني - پير محي الدين)
(و) مسينڊو ناچ:
مغر مان، دف وانگر هڪ طرفي کل چڙهيل ٽي - ساڍا ٽي فوٽ ڊگهو گـُـندلي جهڙو
هڪڙو ڪاٺ جو ٺهيل ساز آهي. هن کي ڳاڙهي ڪپڙي جي
چولي پيل هوندي آهي. سندس مٿي واري وڄائڻ جي کل
اُٺ يا ڍڳي جي چمڙي مان ڪڍندا آهن. هي حبشين جو
مخصوص ساز آهي. هن کي سيڪي تاتي، واس ڌوپ ڏيئي،
پوءِ ميدان تي آڻي رکندا. وڄت واري جي چوڌاري دهلن
وارا حلقو ٻڌي پهلوداري ڪندا. انهن جي پٺيان چوگرد
گهيري ۾ نچڻ وارا نچندا آهن. مغرمان جي ناچ يا
راند ۾ هٿن ۾ مصراعون ٽين جون ٺهيل ڇڻڪيون ۽
ڇڄاريون، ڪانين ۽ ڪانهه جون ٺهيل تيليون جن ۾ اندر
پٿريون پيل هونديون ۽ سڀئي طرف بند هوندا اٿن. اهي
ساز به نچڻ ۾ شامل کڻندا آهن. ان کان سواءِ ڪوڏ
[سنک] ۽ نفيل [ڦاڙهي جو سڱ] به وڄائيندا آهن. وڄت
ڏيڍ تال ۽ يڪ تال هوندي آهي. ناچو پنهنجي چؤڦير ۽
مغرمان جي چوگرد ۽ ڌرتيءَ جي ڦيري وانگي جا سج ۽
پنهنجي چوگرد ڦري پئي] ڦرندا آهن. هيءُ ٻول هڪڙو
ماڻهو چوندو ۽ ٻيا ان جي اٿلاڻي يا دهرائڻ سان
جواب ڏيندا آهن.
وڄت: تنمبڪ تنمبڪ، تنمبڪ تنمبڪ.
ٻول:
مڪي سي آيا، مڪي سي آيا، ڪرامت گودلي آيا.
مائي مصران باغ بنايا، آج لي لي.
باغن وارو ٻولي ٿو - آدم دم جيئي!
يا مولاا يا مولاا - آڪينگر!
ماماگو سالب والي! - الا، ماماگو سالب والي!
مسالي يا لا مسالي سليما ماسليپر، الا، هو مسالي،
اي ڪاريگر ماما، توکي الله ڪري آندو!
اي چڪ انگا باگي ٽنڊي الا لا الـهه الا يارسول
الله، يا رسول الله! ڪاري موليٰ!
* * *
ڪنڊو لڳو نماڻيءَ جي پير
اسين ماڻهو لاڙ جا گو پينو آ ڪير؟
3. واهه ڙي ڪـُـئا! واهه ڙي ڪـُـئا! (لوڪ ڳيچ) جا ٻول:
ٿلهه: واه ڙي ڪئا واه، تنهنجو ڏاڍو تماشو!
ڪلي: ڪئي جا ڏند موچارا، ڪئي جا ڏند موچارا،
ڏندن مان ڪوڏيون ڪنداسين، راند جا سکيا ٿينداسين. واه ڙي ڪئا واه
ڪئي جون اکيون موچاريون، ڪئي جون اکيون موچاريون،
اکين مان ڏيا ڪنداسون، ڏسڻ جا سکيا ٿينداسين. واه
ڙي ڪئا واه
ڪئي جا ڪنَ موچارا، ڪئي جا ڪن موچارا،
ڪنن مان وڃڻا ڪنداسين، واءَ جا سکيا ٿينداسين. واه
ڙي ڪئا واه
ڪئي جا هٿ موچارا، ڪئي جا هٿ موچارا،
هٿن مان ڏويون ڪنداسين، وڌڻ جا سکيا ٿينداسين. واه
ڙي ڪئا واه
ڪئي جون ڄنگهون موچاريون، ڪئي جون ڄنگهون
موچاريون.
ڄنگهن مان چونيون ڪنداسين، کيڙڻ جا سکيا ٿينداسين.
واه ڙي ڪئا واه
ڪئي جو پڇ موچارو، ڪئي جو پڇ موچارو،
پڇ مان لڪڻ ڪنداسين، گهمڻ جا سکيا ٿينداسين. واه
ڙي ڪئا واه
ڪئي جا بج موچارا، ڪئي جا بج موچارا،
بجن مان گلم ڪنداسين، سمهڻ جا سکيا ٿينداسين. واه
ڙي ڪئا واه
هڪ نرتڪي/ناٽڪي، مٿين ٻولن تي هٿن جي اشارن سان ۽ چهري جي تاثرن سان لڏندي
لمندي ڪـُـئي جي تمثيل پيش ڪندو.
* * *
ٿلهه: آ ها! ڍڳو پير پيران، آ ها! ڍڳو پير
پيران!
ڪلي: ڍڳا ڪتي هلي پوک، مٿان سانوڻ جي مند،
ڍڳو هـَـرَ نه هلي! ڍڳو پير پيران!
آيا ڪـُـٽي جي ڏينهن، مٿان سانوڻ جا مينهن
ڍڳو هر نه هلي! ڍڳو پير پيران!
اهڙو مـُـکي بئمان، ڍڳو ڪاهي ڏنئين ڪوڙو،
ڳـِـڌئين اُجورو، جنهن جو ملهه به هزار - ڍڳو پير
پيران!
* * *
لوڪ ناچن جا ٻول:
هڪ ڳيچن جا ٻول، جن تي سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ناچ پڻ ڪيو ويندو آهي. ڪن
ٻولن تي هڪ / ٻه ماڻهو ناچ ڪندا آهن، ڪن ٻولن تي
ماڻهن جو ميڙاڪو رقص ۾ بهرو وٺندو آهي. سنڌ جي جدا
جدا ڀاڱن، جهڙوڪ: ٿر ۽ ڪوهستان ۾ اهڙا انيڪ لوڪ
ناچ ۽ لوڪ ڳيچ موجود آهن. جهڙو ٿر ۾ لمڪاڻ لو ۽
همرچو آهي(1)
.
ٿلهه: گـَـندڻ گـُـنديءَ مان رات ڪتو کڻي
ويو گـَـندڻ گـُـنديءَ مان ...
ڪلي: سس ڙي سس، تون ته ديڳڙي جي ڪس،
تون ته تـِـيڪي ڀرين طس - گندڻ گنديءَ مان ...
ڏير ڙي ڏير، توتي ڪاٺين جا ڍير،
توتي مکين جا ميڙ - گندڻ گـُـنديءَ مان ...
ڏيراڻي ڙي ڏيراڻي، تون ته ڀت رڌين ٿي پاڻي،
تون ته توڙ جي ويرياڻي - گندڻ گنديءَ مان ...
* * *
ٿلهه: وڻي پيو تنهنجو چولو وڻي پئي تنهنجي سڳي، دل منهنجي توسان لڳي.
منهن تو ڇا کان مٽيو، تو ۾ آهي ڪهڙي ٺڳي.
ڪلي: چوڙين چمڪار ڪيو، زلفن تير هنيو، ويتر لالي لبن کي لڳي.
منهن تو ڇا کان مٽيو تو ۾ آهي ڪهڙي ٺڳي؟
مٺا ماري ڇڏي، صفا ڳاري ڇڏيئي
ويتر هلندا بيهاري ڇڏيئي - ويٺي آهين ڪهڙي مڳي.
منهن تو ڇا کان مٽيو، تو ۾ آهي ڪهڙي ٺڳي.
* * *
ٿلهه: او رَليءَ وارا آدمي! رَلي ماڻهن جي ويئي:
ڪلي: او جمعدار منهنجي رلي، صوبيدار منهنجي رلي، حوالدار منهنجي رلي،
ڪاري ڌاڳي واري منهنجي رلي، هيڊيءَ پٽيءَ واري منهنجي رلي، اڇي
گڏيءَ واري منهنجي رلي
رلي وئي درياءَ جي پار، جنهن چاري چوڪيدار، جنهن جا چاري خبردار!
هاءِ مـُـلن جي پاڙي توکي وڃايم رلي!
هاءِ ڪورين جي پاڙي - توکي وڃايم رلي!
* * *
ٿلهه: ڀلاڙي ڀـَـتَ تون!
ڪلي: جيڪو ڀتُ ڪري ٿو ٻڙ ٻڙ - سو ڀي ڀـَـت نا،
جيڪو ڀت ڪري ٿو ڦڦ ڦڦ - سوڀي ڀـَـت نا،
جيڪو ڀـَـت ڪري ٿو ”شـُـون“ - ڀلاڙي ڀـَـت تون! ڀلاڙي ڀـَـت تون!
* * *
ٿلهه: ڪٿ وڃايئي رومال راڻا؟ - هو ڪريل اوطاق ۾.
ڪلي: دهري ته تنهنجي ڪين مان پايان، هو هار تي تڪرار - هو ڪريل اوطاق ۾.
* * *
ٿلهه: پاڻي نانا! ڀريندي، پاڻي ماما! ڀريندي.
ڪلي: انهيءَ هرلي جا چٽ گل سهڻا،
اما ڙي اما! انهيءَ هرلي جو مٺڙو پاڻي - پاڻي
نانا! ڀريندي....
* * *
ٿلهه: آئون جهلي جهلي بيٺيس خان کي - خان متان پوکين سالم چيڻو!
چيڻو واءَ جو هيڻو، چينو پاڻيءَ جو هيڻو!
ڪلي: چيڻو وڪڻي مون ته جهالر به گهڙائي - چيڻو واءُ جو هيڻو....
(۽ ٻين زيورن جا نالا)
* * *
ٿلهه: نينگر منهنجو ننڍڙو ڙي آءٌ پاڻ لوڏيان،
لوڏي لوڏي لس (لسٻيلي) وڃان ڙي آءٌ پاڻ لوڏيان.
ڪلي: آءٌ پيرل لولي ڙي، آءٌ حاڪم گولي ڙي،
سون سندو بنرو ڙي آءٌ پاڻ لوڏيان.
* * *
ٿلهه: هل منهنجا ڳوٺ وڏيرا! مون کي عمر بيگ ماري
ڏيانس ڏنڀ ٻاري.
ڪلي: منهنجي اکين ڏي نهاري، منهنجي نازن ڏي نهاري
ڏيانس ڏنڀ ٻاري.
* * *
ٿلهه: ڀڄ بلال ڙي! ڀڄ بلال ڙي!
ڪلي: ماڻهو هتي ڪين ڇڏيندءِ،
ايندين ويندين ڪين ڇڏيندءِ،
گهمندي ڦرندي ڪين ڇڏيندءِ - ڀڄ بلال ڙي.
* * *
ٿلهه: عمر آندي جڏهن مٺي مارئي - اڃا خطڙو ڪونه آيو.
ڪلي: ”دهري“ تنهنجي سر سدا سهڻي،
مون ڀانيو منهنجو ادل اچڻو - اڃا خطڙو ڪونه آيو.
(۽ ٻين ڳهن جا نالا)
ٿلهه: ڇڏ کل! ڇڏ چرچو! ڇڏ نشي جي نيشاني!
هار جيڏيون مونکي هنڌ تي وسريو!
ڪلي: هار خاطر مون ”ڀائر“ به گهرايا - هار مون کي هنڌ تي وسريو!
(۽ ٻين واسطيدارن جا نالا)
* * *
ٿلهه: لوٽو مون کي واري ڏي، لوٽو مون کي واري ڏي - پاڻيءَ ڀرڻ جو لوٽو!
ڪلي: دارونءَ دنگ پياري ڏي، دارونءَ دنگ پياري ڏي - اهو پاڻي ڀرڻ جو لوٽو!
* * *
ٿلهه: آسا پاسا، ڀڃ پاسا!
ڪلي: اوجهري ڪري گڙ گڙ، آنڊا ڪن ٿا ٻڙ ٻڙ،
پر دل گهري پتاشا - ڀڃ پاسا.........
* * *
ٿلهه: لاٽون نينگر جو، لاٽون ڇوڪر جو،
منهنجو ڳاڙهي ڏور وارو - لاٽون نينگر جو.
* * *
ٿلهه: ڀلو موري راما! - سجنا کيلو،
ڪلي: اِن ڪراچي جائون، ٿارا گهرالي آئون - آ سجنا کيلو!
* * *
اڙي ڀلا موري راما! تو هيل پنڻ ڇڏيو.
* * *
اڄ ڪالهه بلي بلي! - اڄ ڪالهه بلي بلي!
* * *
ٽڪو وٺي ڦيري ڏي، او ، بلال ڙي!
* * *
ٻارن کي ننڊ ٿي اچي - اَهين ڀلائي ڪري گهر هلو!
* * *
ٿلهه: هاءِ هوءِ وڇون کاڌي
ڇو ته ڇوري گهمڻ وئينءَ
الو ڀلو وڇونءَ کاڌي
ڇو ته ڇوري هنڌ تي ستينءَ؟
* * *
هوڪلڙي! هوڪلڙي!
آڏي ڏڪر پاڏي، ڏڪر پاڏي - هو ڪلڙي!
* * *
ڇوريءَ کي آنو ڏي - ڇوري کي ننڊ نه ٿي اچي.
مون سمر کنيو ساڻ - هل ٻچيءَ جا ٻار ڏسو!
* * *
هنيل هنيل ڙي، ڪوهيل ڪوهيل ڙي
* * *
الهه لک ٿورا هوتن جا، اله لک ٿورا ڀائرن جا!
* * *
آؤ تون ڀنگ پيوڻ - نشا ٿيندءِ!
* * *
او، ڀلاڙي ڪامڻ ڪـُـتي، ڪنَ ڇنڊيندي اچي!
* * *
ککر کائي ويئي، ٻوٿ سڄائي ويئي،
واليڏني جي ووڻن مان، ککر کائي ويئي.
* * *
آيل اما! مئن نه ڄاڻا نينهن ڪهڙا!
* * *
عليل مست ڪڪڙ! ڪنهن ته گنوائي؟
وڃي پڇو پاڙي مان - ڪا اتي ڪڪڙ آئي
ٻيو ته ڪم ڪونه هوس، لياڪو پائڻ آئي
عليل مست ڪڪڙ!
* * *
ماسي ڙي حليمان! جيءُ مريو وڃان جيءُ
ڳاڙهو هندورو جي، - هندورو چـِـيهه چيهان.
* * *
ٿلهه: هل ڪچوري، نين نينا!
ڪلي: پڪوڙو مٽياري وارو، ڪچوري مهناز واري - نين
نينا!
پڪوڙو مسالي وارو، ڪچوري چڻيءَ واري - نين نينا!
* * *
هـِـنڊُوڙي گـِـڊ بال، ڀلا مائي هنڊوڙي.
* * *
اُٺان نو آڪرو لڳو، ماڻهو سڀ سنڌ کي ڀڳا.
ڍور وڪڻي، ڍڳا وڪڻي، وڪڻي ڪاٺ ڪلا - اُٺان نو ....
* * *
منهنجي نئين رلي ڙي، رلي آپ مسلمان!
* * *
وه واه سوڌا، لوڻ سـَـلوڻا، کائي ڏسو لوڻ
تـَـلوڻا!
* * *
ڪوٽڙيءَ جا هليلا، ڏاڍ مٺا هليلا.
وٺي کاءُ هليلا، آني پاءُ هليلا - ڪوٽڙيءَ جا
هليلا.
* * *
آيل ڙي ڀٽونڙي کاڌي، مريو وڃي ماندي.
سس وڃڻي واءُ ويٺي واري - مريو وڃي ماندي.
* * *
ٻٽو گڏهه جوڳين جو، الا ساميڙا، الا جوڳيڙا.
* * *
بيهه ته ماما گڏيا هلون، ٽيشن سوڌا گڏيا هلون.
* * *
ٿلهه: الا، ڇيڙو ڇڏي ڏي! پکي ڇيڙو ڇڏي ڏي!
ڪلي: لونگي لاڏل جي لک جي ڇيڙي تان قربان - الا
ڇيڙو ڇڏي ڏي.
* * *
ٿلهه: بولو ڙي بولو ننگر شهر جو.
ڪلي: جنهن جون قيمتي لعلون مور ڙي - بولو ڙي بولو
.....
* * *
مون کي اباڻن موڪلي چنڙي، سا ڪئين پايان هن راڄ ۾،
مون کي اباڻن موڪليو ڪنجرو، سو پائي گهمان هن ديس
۾.
* * *
ٿلهه: حقو هالاري جو هار، حقو هالاري جو هار.
ڪلي: نڙ گهرايم نصرپور مان، جنهن جي ٽوپيءَ تي
جنسار - حقو
* * *
ڪمانگر چيڻو ڪيئن ڇڙبو؟
جنهن جي الهه پوري ڪندو - چيڻو پاڻهي ڇڙبو.
* * *
دنبو ڇا ٿو گهري؟ - دنبو لوسڻ ٿو گهري.
* * *
ههڙو حرامزادو بي وَڙو، چغل پاڙي مان ڪڍ.
نيئي ٻٻر سان ٻڌ - ههڙو حرامزادو بي وَڙو.
* * *
ٿلهه: نه مار منهنجيءَ ڪڪڙ کي حرامزادي تون!
ڪلي: ڪڪڙ منهنجي نيڪ نمازڻ، بي نمازڻ تون.
* * *
ڏيڏري ٿي ڏار کائي، لڪيو ڇپيو ڏار کائي! - ٻلو
ويٺو ٻور کائي!
* * *
ٿلهه: جل فقيرو محموداڻي، جل فقيرو.
ڪلي: سانولو فقيرو وڃي سوَڙ ۾ سـُـتو،
اوهان ڳائيندي ڏٺو - محموداڻي....
* * *
الڪان ڪانءُ، بـَـڊي جو ڪانءُ - الا ڀلاڙي، بڊي جو
ڪانءُ!
چيڻا ڪيوين ڇڙيندي؟ -
چيڻا ايوين ڇڙيسان يار، چيڻا.
ٿلهه: ڌؤنرو کاءُ مائي! ڌونرو.
ڪلي: هيءَ به چوي ڌؤنرو کاءُ، هوءَ به چوي ڌؤنرو
کاءُ
ڪانه چوي ٿي مکڻ کاءُ - خان چوي ٿو ٻانهين پاءِ!
* * *
ناري جي مڇي - جهينگو!
درياءَ جو پلو - جهينگو!
لوڙ، لوڙ، ليان، ناري جي مڇي - جهينگو!
* * *
هـُـش ڀٽاري گونري، لـُـڏي ڪـُـڏي گونري.
* * *
نور نور سانڊو، ڙي گدڙ مونکي کائي.
اها دهري سونهي گوڙ جي پيو گهٽ گهيڙ تي - واهه ڙي
ماما مار گدڙ کي - اهو نور نور سانڊو، ڙي گدڙ مون
کي کائي.
* * *
ٿلهه: جيجان، جمعدار جي جـُـتي، ڙي ٻول ميان!
جيجان، جمعدار جو لوڏو، ڙي ٻول ميان!
جيجان، جمعدار جو ڀاڪر، ڙي ٻول ميان!
* * *
ماکي مـِـٺي - ڀڃ ڪـَـڙولو، ماکي مـِـٺي - ڀڃ
ڪـَـڙولو!
* * *
ماکي مٺي ڏاڍي يارو! ماکي ڪيئن ڇڻندي؟
* * *
ٻار ٻچا پاسي ڪريو - مائي مريڙو پٽي.
ڍور ڍڳا پاسي ڪريو - مائي مريڙو پٽي.
هاري ناري پاسي ڪريو - مائي مريرو پٽي.
* * *
گهـِـن گهـِـن گهـِـنا - بوڙينڊا.
اديون منهنجو آيو سکر کان، ادي ميڏا آيا سکر ڪون
گهن گهـِـن گهنا - بوڙينڊو.
* * *
ماما مولينا! ڪڍ ڪـُـتي پاڙي مان. صوبيدار کي ٿي
ڏاڙهي، جمعدار کي ٿي ڦاڙي.
اها ايندن کي ڏاڙهي، اها ويندن کي ڏاڙهي
ڪتي ڪاهي ڪتي ڪڍ ڪوٽ مان!
* * *
کـِـل مان ٻڏي پئي آ، کـِـل مان،
هل کـِـل مان، ٻڏي پئي آ کـِـل مان.
* * *
ٿلهه: ڀت به پٽرو چاق به ناهينا، کير وجهيو ويٺي
کائيان - چاق به ناهيان!
ڪلي: نيرانيءَ مونکي پيهون به رڌي ڏيو،
کنڊ وجهيو ويٺي کائيان - چاق به ناهيان!
* * *
جهنگراڙ ٻلو، ڇـِـپي ويو، بازار ٻلو - ڇپي ويو!
* * *
کينهوڙو، منهنجي راند جو، کينهوڙو، منهنجي کيڏڻ
جو.
کينهوڙو ڏيئي مون ]وينڊو[ گهڙايو، لڳس ڏيڍ هزار -
کينهوڙو.....
* * *
کينهوڙي وارو بچي، کينهوڙو ڏي ته کيڏڻ وڃان!
* * *
او، لالڻ وڇونءَ کاڌي - ڇو ته ڇوري گهمڻ ويئي؟ ڀت
جي پاڙ ۾ هو، الا
* * *
ٿلهه: ڳاڙهي سائي جهنڊي ڏيکاري
ٽيشن جا بابو! ڀري وڄاءِ، اها سيٽي ڀري وڄاءِ.
ڪلي: ٽنڊي مان گاڏي ڇٽي، ميرپور ڌاري،
ميرپور جا بابو! سيٽي وڄاءِ! ڳاڙهي سائي جهنڊي
ڏيکار“
* * *
ماما جي ڪـُـتي - ڇوڏو!
ڏاڙهياڙي ڪـُـتي - ڇوڏو!
* * *
هير مَ پاڻيءَ وڃان، ماما ڙي مولينا!
گهڙو گهڙي تي ڀڃان، ماما ڙي مولينا!
* * *
(ز) سانگ ناچ:
”سانگ ناچ ۾ ٻولن جي حساب سان ننڍيون وکون کڻندي، مـُـنهن سان تاثر،
هٿن سان اشارا، پيرن سان ڊولائتيون وکون کڻندي
نرت/رقص ڪرڻ سان گڏ سانگ (بهروپ) ڌاريو ويندو آهي
۽ تمثيل پيش ڪئي ويندي آهي. اها شيءِ ڄڻ هڪ نموني
جو، عوامي ٻولن تي ناچ وارو ناٽڪ هوندو آهي.“(1)
مثال طور: هڪڙو ناچو مـُـهري مٿي تي رکي ان جي مٿان پاڻيءَ جو ڀريل گهڙو
رکي، گهنگهرن وارو ڏؤنڪو هٿ ۾ کڻي پيرن ۾ ڇير ٻڌي
نچڻ شروع ڪندو ۽ هيءُ ٻول چوندو.
1. سانگ:
پاڻيئڙي تي ٿي وڃان، ڙي مٺڙا! پاڻيئڙي تي ......
هن کوهر جو کارو پاڻي، مٺڙي تي ٿي وڃان،
سنجُ ناهي مـِـٺي تي - گهڙو گهڙي تي ڀڃان - ڙي مٺڙا پاڻيئڙي
تي......
* * *
نارو ڪيئن ترندي، ڙي مٺڙا! ڍورو ڪيئن ترندين؟
هن ڍوري جو تار پاڻي، تار منجهان ترندي، ڙي مٺڙا! نارو ڪيئن.....
ترندي ترندي نچندي ڙي مٺڙا! نارو ڪيئن......
* * *
2. سانگ:
هڪڙو ڇوڪر اُٿي چوندو: ماما يا چاچا مونکي پرڻاءِ. جواب ۾ ٻيو چوندو
ته زال پوڙهي آهي، وري ڏند ڪينهس - اها به ڪار.
ٻول: ماما مڱيوآهيان ڙي چاچا تڳيو آهيان.
سرمي سينگار کان ڇٽو آهيان
اَبا زال پوڙهي آهي .......
ڏندڻ مساڳ کان ڇٽو آهيان - ڙي ماما مڱيو آهيان.
* * *
3. سانگ:
پيٽ ۾ ڪپڙا مٿان ڦـُـسي وڏو ڀـَـڀُ ٺاهي اهو ماڻهو اکيون پوري ليٽي
پوندو:
ٻول: هاءِ ماما کي ڇا ٿي ويو؟ ماما کي.....
هڪڙو پڇندو ڇاڇا کاڌو اٿس؟
جواب:
ديڳ جي دال کاڌئين، هيترو سيرو کاڌائين،
ڪڪڙ جو ٻوڙ کاڌئين، کارو مانين جو کاڌائين،
هاءِ ماما کي ڇا ٿي ويو؟ ماما کي.........
* * *
4. سانگ:
هڪڙي زال گونگي ٿي پيٽ تي ڪپڙن جي ڳنڍ ٻڌي، ڳورهاري ٿيڻ جو سانگ ڪندي، سور
کائيندي، (ويم جي سورن جي اَهل ڪندي) ۽ پيٽ ڏي
اشارا ڪندي، نچندي، ٻيون مايون پهرين مهيني کان
وٺي نائين مهيني تائين هن جي ڪلين ۾ نالا
ڦيرائينديون آهن.
ٻول:
الا! گونگي ڪيئن ڪندي؟
الا! گونگي ڪيئن ڪندي؟
گونگيءَ کي پهريون مهينو پيٽ،
امان! آڻي ڏي تون ميٽ،
الا! گونگي ڪيئن ڪندي!
گونگيءَ کي ٻيو مهينو پيٽ،
کائي کٽاڻ، پئي لم ليٽ،
الا! گونگي ڪيئن ڪندي!
گونگيءَ کي ٽيون مهينو پيٽ،
گهري ساڳ، آيو چيٽ،
الا! گونگي ڪيئن ڪندي!
گونگيءَ کي چوٿون مهينو پيٽ،
ڏي پئي آتون، جهلي پيٽ،
الا! گونگي ڪيئن ڪندي!
گونگيءَ کي پنجون مهينو پيٽ،
گهوٽ نهاري ٿو اک ٽيٽ،
الا! گونگي ڪيئن ڪندي!
گونگيءَ کي ڇهون مهينو پيٽ،
گهري سون جو ٿي سيٽ،
الا! گونگي ڪيئن ڪندي!
گونگيءَ کي ستون مهينو پيٽ،
ڀري درگاهه ڏي پئي ڀيٽ،
الا! گونگي ڪيئن ڪندي!
گونگيءَ کي اٺون مهينو پيٽ،
آيو اسو، آيو ڄيٺ،
الا! گونگي ڪيئن ڪندي!
گونگيءَ کي نائون مهينو پيٽ،
سبي رلڪا ويٺي هيٺ،
الا! گونگي ڪيئن ڪندي!
(خاص زالاڻو سانگ آهي)
5. سانگ:
ڪا شئي يا سرون کڻي چلهه ٺاهي ان جي مٿان ٿانءُ رکي، جيئن ڪو کاڌو
تربو آهي.ان وانگي هٿن کي هلائينديون ڪنديون ۽
نچنديون آهن.
ٻول:
ٿلهه: پلو ڇا ۾ تريندي؟ - پلو تئيءَ ۾ تريندي.
ڪلي: دال، دل جو حال متوءَ پڪانان، پلو ڇا ۾ تريندي - پلو.......
گوشت، دل جو دوست متوءَ پڪانا. پلو ڇا ۾ تريندي - پلو.....
* * *
6. سانگ:
هڪڙو ماڻهو ڪپڙي جي ڪـُـنڊ کي ڳنڍ ڏيئي، ان ۾ مٺ بند ڪري رکي، اهو
هٿ ڪـِـڪو بڻائيندو ۽ ڪڪي جي تنجڻ، مکڻ، دُڪي
کارائڻ جا نمونا نچي نچي ڏيکاريندو.
ٻول:
اوئان، اوئان ڙي، رات ڄائو مورڙو.
تيل جي تـِـري تارونءَ تي مکجانس،
سرمي جي سرائي اکين ۾ وجهجانس،
ڳائي مکڻ جو دُڪو ڏجانس - اوئان اوئان ڙي رات ڄائو
مورڙو.
* * *
7. سانگ:
هڪڙوماڻهو اوڪڙو ويهي پٽ ۾ ڪا شئي ڳولڻ لڳندو ۽ هيڏانهن هوڏانهن
ٽپڪيون ڏيندو.
ٻول: سئي وڃايم - اتي نهار ڇوري! اتي نهار!
ڪلي: مائٽ منهنجا زوراور، سئي وڃايم - اتي نهار ڇوري! اتي نهار!
ڀرت ڀرڻ جي سئي وڃايم، - اتي نهار ڇوري! اتي نهار!
مائٽ مونکي ماريندا، سئي وڃايم - اتي نهار ڇوري! اتي نهار!
* * *
8. سانگ:
هڪڙي زال هٿ کي پٽي ٻڌي نچندي به سور کان دانهون پئي ڪندي.
ٻول:
ٿلهه: آيل ڙي منهنجي آڱر ڏکي، حيلو ڪريو ته منهنجي آڱر ڇٽي.
ڪلي: ڪراچيءَ ويس، حيدرآباد ويس، ڪوٽڙي ويس
دارون ڪونه لڳي - حيلو ڪريو ته منهنجي آڱر ڇٽي.
* * *
9. سانگ:
هڪڙو ماڻهو ٿيندو گدڙ، ٻن ماڻهن کي ڳچيءَ ۾ ڳراهه وجهي ڪتو ڪري جهلي
بيهندا، پوءِ ڪتن جي بڇ گدڙ تي ڪندا، ڪتا ڏاڙهيندا
۽ گير ڪندا گدڙ ڏند ڏيکاريندو ۽ کيکراٽيون ڪندو.
پڇاڙيءَ ۾ ڪتا مٿان چڙهي ويندس.
ٻول:
ٿلهه: واه ڙي ماما! مار گدڙ کي، وٺ ڙي ماما! مار گدڙ کي.
گدڙ مئو پيو گس گهيڙ تي - واه ڙي ماما مار گدڙ کي.
ڪلي: اها دهري سونهي گدڙ جي زال کي - گدڙ مئو پيو گهٽ گهيڙ تي - گدڙ مئو
پيو
واه ڙي ماما! مار گدڙ کي.
* * *
10. سانگ:
ڪا شئي آڏي رکي ان جي پٺيان پوتاڙو يا پٽڪو وٽي رکي بلا ٺاهنيدا.
پوءِ هڪڙو لٺ کڻي ان کي مارڻ جي ڪوشش ڪندو.
پڇاڙيءَ جو ٺڪاءُ ڪرائيندس لٺ.
ٻول:
ڪينگر ۾ ڪوراڙ، ٻڙي ڪينگر ۾ ڪوراڙ!
سا ته منهنجي ڀاءَ ماري - ڪينگر ۾ ڪوراڙ!
* * *
11. سانگ
]کڳي
هڻڻ[:
هڪڙو ماڻهو ڪڇون ٺوڪيندو، ٻانهون لوڏيندو ۽ نچندو نڙي گنگهي ڪري هي
ٻول چوندو پڇاڙي ۾ کاڏيءَ کي ابتو هٿ هڻي ٽڙاخ
ٽڙاخ، جهڙو آواز ڪڍندو.
هين جهين گوگو کنگهڪار ڪري، ايگ به ايگو!
اي پلو ماني! اي مائي ملوڪان! اي نارو ڍورو!
ايگ به ايگو!
-------
|