سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سنڌ جو لوڪ ثقافتي ورثو

باب: 8

صفحو :12

 

باب اٺون

مذهبي ڏهاڙا ملهائڻ

سـَـيـُـن يا 15 شعبان جي رسم:

15 شعبان جي رات مسلمانن جا ٻار مشعال، متا يا ڏياٽيون [جيڪي ڊگهن ڪانن ۽ ڪاٺين جي پڇڙين تي اڳڙيون ويڙهي، تيل مان ٻوڙي ٻارين] پڻ ساڻ کڻي ڳوٺ ۾ ڦرن ۽ چون:

عيد مشعالو، دشمن جو منهن ڪارو،

اســـــان جـــــي نبيءَ جو منهن موچارو.

        شعبان جي مهيني جي آخر ۾، مسجدن ۾ قرآن شريف جا ختما ٿيندا آهن، انهن ۾ حاضرين کي کارڪون ورهائي ڏيندا آهن. اهي کارڪون ۽ ٻيون بازار مان خريد ڪيل گڏي، اڻٽيهين يا ٽيهينءَ رات جو انهن کي ڌوئي ڳڙڪيون ڪڍي، صفا ڪري، چيري ٻه اڌ ڪري پاڻي ۾ پسائي رکن، جي ڳري نرم ٿين، پوءِ ججهي کير ۾ کنڊ وجهي انهن کي رڌين ۽ صبح تائين ٺرڻيون رکن.

        15 شعبان جو کارڪون ۽ ڳڙکيون جيڪي کارڪن مان نڪرن سي مرد ماڻهو کڻي مقام تي وڃن ۽ پنهنجن مئل عزيزن کي ختمو بخشي اهي ختمي واريون بچيل کوٿون. قبرن تي نشانيءَ طور رکي گهر موٽن. چون ته انهن جو وڏو ثواب مئلن کي ٿو ملي. گهر اچي پهريائين فطرو ڏين.

        گهر اچڻ سان رڌل سئيون ۽ کارڪون جن کي کيرکارڪون [کيڪون] چون، سي کائي رات وارو روزو کولي، وهنجي ڪپڙا نوان يا اڇا اُجرا پهري، ٿين مسجد ڏانهن راهي. رستي ۾ هڪٻئي کي ڀاڪر پائيندا، دين ايمان جون مبارڪون ڏيندا، تڪبيرون ۽ نعرا هڻندا ۽ مولودن جا شغل پڙهندا مسجد ۾ پهچن. نماز پڙهي پوري ڪري اچي اوطاقن، اوتارن ۾ رس رهاڻيون ڪن. جتي ڳائڻا يا مولودي چڱي رونق لڳايو رکن. اهڙيءَ طرح زالون سڄو ڏينهن ٻارن کي ڊوڙائين ته فلاڻي فلاڻي گهر ۾ چنگي ڏيئي اچو ۽ ٻار خرچيون وٺندا کلندا ڪڏندا ڏينهن پورو ڪريو ڇڏين. ٽن ڏينهن گذرڻ کان پوءِ چون ته:

”عيد وئي اَڪن ۾، ماڻهو پيا ڌِڪن ۾.“

حشر جو ڏينهن

ڪتابن ۾ آيو آهي ته: ڏهين تاريخ محرم مهيني جي، الله تعاليٰ آدم عليه السلام کي بيبي حوا سان ملايو، حضرت سليمان عليه السلام کي تخت واپس ڏياريو، حضرت يونس عليه السلام کي مڇيءَ جي پيٽ مان نجات ڏياري، حضرت يوسف عليه السلام سڳورو پنهنجي پيءَ حضرت يعقوب عليه السلام سان مليو، حضرت ابراهيم عليه السلام لاءِ نمرودي آڙاهه سرد ٿي گلزار بنجي ويو. حضرت عيسيٰ عليه السلام کي دشمن جي ڦاهيءَ کان الله تعاليٰ پاڻ وٽ گهرايو، پر حضرت امام حـُـسين رضي الله عنها حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليـه وآله وسلم جو ڏهٽو، ڪربلا جي ميدان ۾ يزيدي لشڪر هٿان اُڃ ۽ بک ۾ معصومن سميت شهيد ٿي ويو. اهو جمعي جو ڏينهن ۽ محرم جي ڏهين تاريخ هئي. اسان اهو ڏينهن سوءُ (ڏک) جو ڏينهن ڪري ملهايون ٿا. هن ملڪ ۾ چند ماڻهن کان سواءِ ان ڏينهن تي ماڻهو گهرن ۾ دانگي ڪونه چاڙهين، چون ته دانگي يزيد جي ماءُ چاڙهائي هئي ۽ مٺيون مانيون پچارائي ورهايون هيون، ته حسين شهيد ٿيو، هاڻ يزيد جي حڪومت گهڻو جٽاءُ ڪندي، وغيره.

سڀئي ماڻهو چڻا، مڱ، چؤنرا، مٽرن جا ڪوهر اُٻارين، ڪي انهن ۾ ڪڻڪ به ملائين، اهي ڪوهر ۽ چڻن جي نياز سڄو ڏينهن پاڻ به کائين ۽ مسجدن ۽ اوتارن، پڙن ۾ به موڪلين، پر ڪي ڀت به رڌي کائين.

        ننڍڙا ٻار صبح جو اُٿي گهر گهر ۾ ”حشر جون پايون“ پنڻ وڃن. جن کي زالون ويهاري، منهن ڌوئاري، اکين ۾ سرمو ۽ مٿي تي تيل جي تري مکين ۽ پائي پائي هٿ ۾ ڏين. انهن پئسن مان ٻار پاڻيءَ جون سبيلون لڳائن ۽ حشر ڏينهن (10 محرم) تي نياز ڪن.

        مرد ماڻهو، صبح سان اٿي مقام تي وڃن، مائٽن جي قبرن تي مٽي وجهي يا وجهائي تربتون سڌارين ۽ سنوارين، مٿان پاڻيءَ ڇٽڪار ڪرائين، ڪي قبرن کي لنبائين، قبرن تي گل وجهن، ناز بوءَ جا پن وجهن ڪٿي ڪٿي کٻڙن جا ساوا پن رکن ۽ مٿن مصليٰ (ڪتبا) رکن قل پڙهي بخشي واپس گهر اچن. ڪي وري مسجدن ۾ وڃي خدا ڪارڻ نفل پڙهن ۽ قرآن شريف جو ختمو ڪڍي، امامن جي روحن کي بخشين ۽ مٺائي ورهائين.

        شيعا مسلڪ جا ماڻهو، ڪن جاين اڳيان جهنڊا* کوڙي رکندا آهن. انهن کي امام جو اوتارو يا امام واڙو سڏين ۽ ڪي انهن کي پڙُ به ڪوٺين. انهن پڙن تي يا اوتارن ۾ سڄو ڏينهن نقارا (نغارا) پيا وڄندا آهن، جن کي امام جي نوبت ڪري ڪوٺين. وڄت کي ياحسين جو ڏؤنڪو، هسواري، ٽاهو، ڊڍ يا ڍنڍ چون. نغارن سان گڏ دهلاري ۽ شرنائي وارو به هوندو آهي. شرنائي ۾ پڙ، نوحه ۽ زاريون ڳائين ۽ ڍانڍين کان پٽارائين. شيعا مسلڪ جا ماڻهو حشر جي ڏينهن ڪارا ڪپڙا ڍڪين، کٽون اونڌيون ڪن ۽ مٿي ۾ خاڪو (ڇار) وجهن. پنهنجن پڙن تان تعزيه يا ظهورا ڪڍن. ظهورن ۾ هي شيون هونديون آهن.

1. تابوت: ڪربلا ۾ امام حسين عليه السلام جي روضي مبارڪ جو نمونو هوندو آهي.

2. سيجون: سينگاريل کٽون جن تي بستري مٿان اعليٰ قسم جو وڇاڻو هوندو آهي امام قاسم لاءِ ڪڍي ويندي آهي.

3. پينگهو: سڄو جنڊيءَ جو رانديڪن سان خاص امام علي اصغر جي ياد ۾ ڪڍي ويندي آهي.)

4. ڍير: ڪاٺ جي تختن جي پنينَ ۽ گلن سان سينگاريل قبر جو نمونو يا ڪنهن منجيءَ مٿان ڪمان وانگي ڪاٺيون ٻڌي، انهن ۾ ڪپڙن جا ليهه وجهي بٺيءَ جو نمونو.

گهوڙا سينگاري ڪڍڻ:

        امام حسين عليه السلام جي گهوڙي جو نالو ذوالجناح ۽ حضرت عليءَ جي گهوڙي جو نالو دُلدُل آهي سڀ شيون سينگاري ڪڍن. ذوالجناح جو جلوس سڀ ڪڍن. ذوالجناح جو سينگار بهترين هوندو آهي، پٺيءَ تي هيلخوري مٿان بهترين زريدار جهل، ان جي مٿان مقيس ۽ چانديءَ جي تارڪشي يا زردوزيءَ تي تل ۽ ٿڙا هوندا. انهن جي مٿان هنو چانديءَ جي تار تي مڙهيل مرد ڇل سان هوندو ۽ هني سان چانديءَ وارا دوال ۽ پيتلي رڪيب، مٿان ريشمي گاشو جنهن جو ٻڌڻ جو تنگ پڻ چڪمدوزي سان هوندو آهي، پاسن کان ٻه سپرون يا ڍالون جن مٿان جڙاءُ دار مـُـٺين سان تلوارون مياڻ يا کپن ۾ پيل پاسيريون جڪڙيل هونديون. هڪ چاندي جي هٿ واري ڪلس [چوٽيءَ] وارو جهنڊو جنهن جي ڪندري رڪيب ۾ اتڪيل مٿان سائي بيرق پئي ڦڙڪندي، هني جي ڀرڻي ۾ پاڳ يا ڇٽ کپايل هوندو. گهوڙي جي دونار تي سونيون دهريون ۽ سرون هڪٻئي مٿان ٻڌل سڄي ٻوٿ کي وڪوڙي بيهنديون، ڳچيءَ ۾ جنوئي جهاٻن سان ڳلخور سرواڳ لغام، مـُـڇي پتلي سان، ڳانيون گهنگهرن موتين ڀرت سان ۽ چانديءَ جون هونديون آهن. پٺيءَ تي چانديءَ جي دُمچي ڪپڙي جي دُمچيءَ مٿان پستنگ سان پئي جهرڪا ڏيندي آهي. گهوڙي جي سـُـنبن کي ڳاڙهو يا گلابي ڪري نورا پازيب وجهن. اهو گهوڙو دڙهن سان پٽ وليندو هلندو ۽ ماڻهو چوندا آهن ته ماتم ڪندو ٿو هلي. هلندي هلندي ڪنهن مسجد يا حويليءَ جي چانئٺ تي پڻ مٿو ٽيڪيندو هلندو آهي. انهن پڙن تي مرثيه خوانيءَ جون مجلسون به ٿينديون آهن ۽ ماڻهو نوبت تي پٽيندا (ماتم) به آهن.

جلوس ۾ ماڻهو مرثيا، لولي، نوحو، سلام، فاتحه ۽ فرياد ڏک واري سـَـر ۾ پڙهن:

مرثيو:

ڪربلا جي قتل جي ڪر ڪا خبر، اي آسمان!

ڪيئن ڏٺئي نيزن چڙهيا شاهن جا سر، اي آسمان!

*       *        *

اي خدا جا لاڏلا سردار سروَر يا حسين!

مرتضيٰ موليٰ عليءَ جا ماهه منور يا حسين!

نائين رات جو امام قاسم جا مرثيه پڙهندا آهن، ڏهينءَ صبح جو امام علي اصغر جا مرثيه ۽ لوليون چون(1) .

لولي:

اصغر ويو هاڻ ڏيان ڪنهن کي لولي، هاءِ!

اصغر ويو خالي ڪري منهنجي جهولي، هاءِ!

*       *        *

سرائيڪي ۾:

شادي تيڏي دا بند عجب هي پالا

ڄاڃي تيڏي دا بنرا ويس هي ڪالا

*       *        *

آءُ منهنجا اصغر!

لوڏي سمهاريئين، آءُ منهنجا اصغر!، کير پيارئين آءُ منهنجا صغر!

رانديڪا تنهنجي راند جا بابا! آءُ ته ڏيکارئين، آءُ منهنجا اصغر!

مرثيو:

کير پيڻ وارو ٻچو، جنهن جو مري کير ري

اُن جي امان اُن جي غم سر پٽي روئي مري!

*       *        *

جڏهن لڳو حلق ۾ اصغر کي تير

زخم کان اُن جي لڳو ٿڙپڻ صغير!

اصغر جي مرثين کان پوءِ وري اڪبر جو مرثيو پڙهن:

جڏهن اڪبر مظلوم کي گهايل ڏٺو گهوڙي،

رڻ کي ڇڏي خيمي طرف منهن هليو موڙي!

امام قاسم جا مرثيه جي نائين رات چون:

قاسم جي چاچي ڪئي دعا ميندي مبارڪ قاسما!

سڀ ڄاڃي ماڃي رڻ رهيا مينديءَ مبارڪ قاسما!

*       *        *

قاسم وني کي وهانءَ جي ميندي ٿي لائجي،

رت جون نديون گلاب ٿو گهر گهر وسائجي!

*       *        *

وهانءَ وڳي سان جڏهن رڻ ڪٺو قاسم ونو،

ٻانهين ڀڃي منهن پٽيو، اُن جي ونيءَ رت رُنو!

*       *        *

شام جو تعزين کي گهوم لاءِ پڙن تان کڻي نڪرندا ۽ خلقون خدا جون پويان پيون هلنديون، رستي تي نوحه چوندا جن تي پٽ (ماتم) پئي پوندي.

نوحو:

آئي عرش مٿان اوڇنگار، هڪ نينگر ننڍڙي ٻار!

اڄ ساٿي ساٿ سنڀايو وڃن، منهنجا مائٽ ماڳ مٽايو وڃن!

شام جو پنجين بجي وري هيءُ مرثيو پڙهن:

ڪربلا جو واءِ ڏاڍو واقعو،

هائي ڪڏهن ٿيو ڪونه اهڙو حادثو!

رباعي:

جي ڪربلا ۾ آب گهريو ٿي شهه زمن،

تان تنهن کي اُت هيئن ٿي چيو ظالمن،

حاڪم جو حڪم آهي ته پاڻي، بشر پين،

مور پين پکي پين ۽ شتر پين،

ڪافر به جي پين ته نا ڪنهن کي منع ڪجؤ،

مگر آل مصطفيٰصه کي نه پاڻيءَ ڦڙو ڏجو!

سلام:

شاهه شهيدان حسين، توتي صلاوت و سلام!

دين ۽ ايمان حسين، توتي صلوات و سلام!

فرياد:

ٿيا ڪربلا ۾ محشر، فرياد يا رسول!

لهه سار تن جي سروَر فرياد يا رسول!

حسين ڪاڻ مديني ۾ مصطفيٰ ٿو روئي،

امام آءُ وري هرهڪ جدا ٿو روئي.

فاتحـا:

مومنا چئو متفق ٿي مصطفيٰ تي فاتحه!

نهر وقت فاتحه پڙهن ۽ چهلم (چاليهي) تي هيءُ مرثيه پڙهن:

مرثيو:

چنڊ چڙهيو ماتم جو موٽي ٿي قيامت ٿي قيام،

اڄ وري جهوليا جهنڊا نڪتا نشان آيا امام!

ڪي ماڻهو محرم جي ڏهن ڏينهن ۾ سبيلون قائم ڪن. ماڻهن کي ٿڌو ۽ مٺو شربت پيارين. حشرَ ڏينهن ڪي زالون گهر ۾ ويهي قرآن شريف، نفل ۽ تسبيح پڙهي ثواب امامن کي بخشين، پر ڪي پنهنجن گهرن ۾ امام جون مجلسون ڪن، جن ۾ ڪوهر کارائين، شربت پيارين ۽ پڙ يا اوسارا چون. ڪي سيدن ۽ پيرن جي حويلين تي وڃي پٽين ۽ اوسارين. زالون هن قسم جا پڙ چون.

جهنڊن ويلي روئي مصطفيٰ، جنهن جا ڪـُـٺا آهن ڪـَـلها!

هئي هئي حسين، ماتمي حسين!

*       *       *

”تابوتن“ ويلي گهوٽ ٿي ڪٺو،

هاءِ قاسم لاءِ ڪڪر نير ٿي وٺو!

*       *       *

سڪيلڌا اصغر! آءُ ته پينگهو لوڏيانءِ،

آءُ ته پينگهو لوڏيان، تنهنجي جيجل روءِ زارو زار - سڪيلڌا اصغر ....

*       *       *

”گهوڙن“ والي پاڻي آڻ، هئي هئي روئي سڪينا!

پاڻيءَ پياسي سڪينا، هاءِ علمدار الله آڻيندءِ!

*       *       *

سيجن والي لڳئي نه ڪوسو واءُ،

هاءِ اصغر مڪي ۾ موٽي آءُ!

*       *       *

تنهنجي ”آيل“ روئي زار زار، سر تان چادر لاهي پچار!

شهادت جي رات، هاءِ حسين غم هو، غم ۾ ماتم هو!

*       *       *

تنهنجي ”جيجل“ ٿي روئي رت زار و زار،

سو ته سيجن ويلي موٽي آءُ امام

هاءِ پينگهو خالي ڏسيو سر پٽي تنهنجي ”ماءُ“!

*       *       *

”نيزن“ والي شير هو او قاسم ڪارو ويس،

قاسم ويو پرديس!

*       *       *

ڪربلا سارو ساٿ، روئي زار و زار

مؤمنا ڪريو ماتام!

قاسم جا طنبو لـُـٽيائون - ڪربلا سارو ساٿ...

(۽ ٻيا ظهورن جا نالا)

*       *       *

هئي، واءِ، هوءِ! امام ويرين ويڙهيو.

”تابوت“ آيو منهنجي شاهه جو، شاهه پاڻ نه آيو.

مٺيس ڪهڙي رڻ رهيو - هئي، واءِ، هوءِ امام ويرين ويڙهيو!

*       *       *

هاءِ مسلم جا دلدار، ڪوفي، شير شهيد ٿيا.

گهوڙن والي شير هو، مسلم جا دلدار - ڪوفي، شير شهيد ٿيا.

*       *       *

رَئي چڙهي آسمان، ملڪن ڪيو ماتام،

”گهوڙو“ گهوٽ پلاڻيو - رَئي چڙهي آسمان، ملڪن ڪيو ماتام.

*       *       *

هاءِ اڪبر گهوڙي چڙهي آءُ،

هئي ناحق ماريا، جوڌ جواني ويئي، سر جي تاج ويئي.

”گهوڙن“ والي، هاءِ اڪبر گهوڙي چڙهي آءُ-

*       *       *

هاءِ ”موڙن“ ٻڌڙا، ويندا ڏورانهان،

هاءِ هاءِ نيراڻا وڃي رانيا، سيد پري وڃي رانيان،

هاءِ هاءِ امر الله جي وڃي رانيا!

*       *       *

هاءِ هاءِ مڃيئون رب جي رضا!

ناحق ماريا ڪوٺي ڪـُـٺڙا

چڙهي ٿن ڪمانُ، منهنجا وارث ڪريو ڪا ورڻ جي.

*       *       *

هاءِ هاءِ مٽي پوءِ لٽجو!

سيج نه ماڻي، منهن ڏسڻ ڏي - هاءِ هاءِ .....

ڪوٺي ڪٺڙا، منهن ڏسڻ ڏي - هاءِ هاءِ.....

*       *       *

هاءِ هاءِ بيبي! قاسم ڪئي آهي سڃ نسب،

ناحق ماريا لال، اڄ ٿا لال لڏين - هاءِ هاءِ .....

*       *       *

هاءِ مدينو سڃ ويران! ڪربلا ۾ ڪوٺي ڪـُـهايئون

جهنڊن والي مدينو ويران - ڪربلا ...........

*       *       *

هاءِ هاءِ شاهه مڪي ۾ موٽي آءُ،

هاءِ ”جيجل“ ساريا ٻئي ڪبوتر ويا، روئي آيل ماءُ!

يا حسين شاهه مڪي ۾ موٽي آءُ!

*       *       *

گهوم ۾ سڀني پڙن تان ڦيرو ڪندا ۽ جهنڊن کي ڦيرا پڻ ڏيندا هلندا. جيئن سج لڙو ٿيندو ويندو، تيئن رباعيون، سلام، فرياد ۽ فاتح پڙهي وڃي مقرر جاءِ تي نهر ڪندا.

 

--------


*  اهي جهنڊا هر محرم مهيني جي پهرين تاريخ، مرمت ڪري نين بيرقن ۽ چولين سان سينگاري وري چاڙهين. (ليکڪ)

(1)  ڏهين جي رات تائين امام اصغر جي نيت ڪري ماڻهو ننڍڙن ٻارن کي مٺي کير جون وٽيون ڀري پيارين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org