سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سنڌ جو لوڪ ثقافتي ورثو

باب: 15

صفحو :22

باب پندرهون

پالتو جانور

        سنڌ جي ٻهراڙين ۾ گهڻو ڪري انسانن سان گڏ ڪي جانور جن کي وهٽ ڍور وغيره نالن سان سڏيو وڃي ٿو سي گڏوگڏ گذارين ٿا: انهن ۾ سواري لاءِ اُٺ، گهوڙا، خچر ۽ گڏهه ڪم ايندا آهن. ۽ ٻيو آهي چؤپايو مال، جنهن ۾ وري مينهن گانءِ، ڳئون/ ڍڳي، ٻڪري ۽ رڍ اچي ٿيون وڃن، جن جو کير کاڌو ٿو وڃي. پالتو جانورن لاءِ ٻُچڪر، ڳِٽڪر، ڇيڇڪر، هُشڪر، چچڪر، هونگر، کڳي، الغار ۽ سينڍ وغيره.

        اُٺن جو کير به پئجي ٿو ڇاڪاڻ ته اُٺ حلال جانور آهي. هن جو کير ٻرهال جي بيماري [جنهن ۾ پيٽ گهڻو ٻاهري نڪري ايندو آهي] جي لاءِ اڪسير هوندو آهي. چؤپائي مال جا نرَ جن کي وري پاڏا، سانهه، ڍڳا، ڏاند ۽ ڍڳا، ٻڪر گهيٽا وغيره ڪوٺيو ٿو وڃي، تن جو گوشت ذبح ڪرڻ کانپوءِ مسلمان ۽ ٻيون قومون کائين ٿيون ۽ انهن مان ٻيا جيڪي ڪارج سرن ٿان تن جو الڳ الڳ احوال ڏجي ٿو. سواري وارن وهٽن جون ماديون به سواري جي ڪم اينديون آهن، جهڙوڪ: ڏاچي يا اُٺ، گهوڙي، خچري ۽ گِڏِهه، سواري يا چڙهيءَ جي سڀني وهٽن کي گڏي يڪي نالي سان ”پاوَنگ“ ڪوٺبو آهي.

اُٺ:

سينگاريائون سيد چئي، ڪرها منجهان ڪوڏ.

        اُٺ به پالتو جانور آهي. هن جي ماديءَ کي اُٺ، ڏاچي، ڏاگهي، اُٺڻي، ناق وغيره نالن سان ڪوٺيو ويندو آهي.

هن جو نر ماديءَ کي کينسي کينسي هُشائي پولهه تي ويهي پوءِ لڳ ڪندو آهي ۽ ان جي سار ۾ پهريائين بوڊ يعني سنهڙي آلت داخل ڪندو ۽ ويهي جهوٻا ڏيندو. بونڊ ٿلهي ٿي پوندي اٿس. اوٺار، هن کي اولي اولي اوليهي جو مخرج سان آواز ڪري شهوت يا مستي پيدا ڪرائيندا آهن. اُٺڻي ڦرجڻ کان پوءِ ٻارهين مهيني ويامندي آهي. گهڻو ڪري سياري جي موسم ۾ ڦربي آهي ۽ وري سياري ۾ ئي ويامندي آهي. ڦرجڻ جي معنيٰ آهي ڦرجهلڻ. نر، ڦر کي گؤنرو ۽ مادي کي گؤنري سڏيندا آهن. اسلامي روايت موجب هڪ اٺڻي، پهريائين حضرت صالح عليه السلام نبي سڳوري جي ڏينهن ۾ پيدا ٿي جنهن ساڻ گؤنرو به گڏ هو.

ننڍپڻ يا ڄمار بابت: کيرڌائڪ ڦر کي گؤنرو، پوءِ کيرو، پوءِ اٿور، جنهن کير پيئڻ ڇڏيو هجي، پوءِ سرل، پوءِ ڪنواٽ، پوءِ توڏو، آخر ۾ ٻُور اُٺ چون. ڄمار موجب ٻه ڏندو ٻهاڻو يا دوڪ [ٻن - ورهين ڄمار جو] چئو ڏندو يا چوڳو [چئن ورهين جو] پانجاريو [پنجن ورهين جو] ڇٺ، ڇڳو، ڇهه ڏندور [ڇهن ورهين جو] اٺن ورهين کان پوءِ نڪتل ڏند ڀڄي پوندا اٿس ۽ وري انهن جي جاءِ تي ٻيا ڏند نڪرندا اٿس. انهيءَ ايامڪاري ۾ ڪُنڊاريل ڪوٺيندا اٿس. نون سالن جو ٿيو ته ڪانٽيو اَٺن سالن ڄمار جو نيش، نون سالن جو ڪانٽيو نيش سڏينس جنهن کان پوءِ پُور [جوان] جو نالو ڏينس، جوانيءَ کان پوءِ اَمروش، يارهن سالن عمر جو ۽ پوءِ اَرموش تيرهن سالن جو پڪڙوٽ آخر ۾ کڳو، يڦن جنهن جا ڏند توڙي ڏانٺون مڙئي ختم ٿي ويندا آهن. ماديءَ کي گؤنري ٻهاڻ، پوءِ اُٺڙي لڳ کي ويجهي پوراف لڳي ويل اُٺ کي ڍڪي پوءِ ويامو، آخر ڄمار ۾ پوڙهي ڏاگهي، فرتوت نالا چونس.

اُٺن جا نالا: شاهه ڀٽائي جي رسالي مان ۽ ٻين شاعرن جي ڪلام مان اُٺن جا جيڪي نالا مليا آهن سي هيءُ آهن: ڏاگهو، چانگو، توڏو، موڏو، روڏو، ليڙو [ڪول واهه ديس جي اٺن جو نالو آهي] ڪرهو، پالهه [ٻن ٿوهن واري اُٺن جو نالو، جي آڳاٽي زماني ۾ به سنڌ ۾ موجود هئا]، بودو، بوتو، ميو ۽ بعير ۽ شُتر، گهڻن اٺن جي گڏ هجڻ يا اوٺي ڌڻ کي وڳ [گلو/گائو] چوندا آهن. اُٺن چارڻ واري کي اوٺار نالي سان سڏين. اُٺن جي ليٽڻ جي جاءِ کي آليٽ ۽ ويهڻ جي جاءِ کي جهوڪ ڪوٺين.

اٺن جا نسبتي نالا:

ڍاٽي اُٺ ڍٽ يا ٿر جي ڍٽ واري حصي جي اُٺن کي سڏين. اُهي ڊگها سنهڙا، رنگ جا ڀورا، ڏسڻ ۾ سهڻا ۽ هلڻ ۾ تکا هوندا آهن.

”سڄڻ ڍاٽي اٺ جيئن، ٿُلها نه ٿيندا“(1)

ٿر جون ڊٻون يا ڀٽون، جي سوين فوٽ اتانهيون آهن، تن تان لهي ۽ چڙهي ويندا آهن. اُٺ کارائي، ڪارا، وار گهنديدار، هنن جا ڪياڙ وڏا ۽ ويڪرا ٿين. اُٺ سنڌي، ڳرا وڏا، رنگ جا ڳاڙها ٿوٿان، بار ڍوئڻ جو ڪم، نارن ۽ هرلن ۾ وهن، سواريءَ جي لاءِ پڇ ٻڌي مهري ڪبو اٿن. طاقت ۾ مڙن اٺن کان گهڻا آهن، بر مڙو: اهو اٺ جنهن جي ماءُ سينڌڻ ۽ پيءُ ڪاڇي هجي.  اُٺ مڪراني، ڇوٽڙا، ٻوٿڙي سنهڙي، بدن جا هلڪا، ڏسڻ ۾ ڪوجها. اُٺ بختي، بغدي لاڏو (بلخي)، اتفاقي ڪو ڪو ڏسڻ ۾ ٿو اچي، نه ته هنن جو بڻ (نسل) ذري گهٽ ختم ٿي چڪو آهي، ڪي چون ٿا ته اهو ٻن ٿوهن واري اٺ جو نسل آهي.

اُٺن جا رنگ: پور ڳاڙها، ڪارا، بگا، ساوا، ڪڻڪ رنگا ۽ ڀور، آدم.

ڪم ڪاروارن اُٺن جا قسم:

هڪڙا مهري، جن تي سواري ڪئي ويندي آهي، ٻيا لاڏو جن تي بار ڍويو ويندو آهي، ٽيان وهو، جي نارن، هرلن، چيچڙن، جانڊاهين، گهاڻن ۽ گاڏين ۾ وهندا آهن.

پنڌ: اُٺن کي ڪچي مان [جڏهن ڪنواٽ يا سرل هوندا آهن] پنڌ سيکاري مهري يعني سواري ڪرڻ جي لائق بنايو ويندو آهي. اُٺن جي هڪليندڙ ۽ سيکاريندڙ کي جت ڪوٺيو ويندو آهي. اسان جي ديس ۾ هيءُ ماڻهو هوشيار پنڌ ڏيندڙ يا جت آهن ۽ هئا: غلام حيدر جروار ڳوٺ آمري ٽنڊي الهيار وارو، رحيمڏنو شورو کٿڙ وارو، مريد، عثمان ۽ عرس جروار ۽ قاضي ڪمال بڪيرن وارو. اُٺ جي پنڌ کي ٽور به چئبو آهي، جنهن ۾ وک، وچڙال، قدم، لُرَ، پوزر، ۽ ڀاڄ يعني سراڙيَ هلڻ جا قسم اچي وڃن ٿا.

بيان: جڙي يا الڙ ڪنواٽ کي ناسن جي چوٽين ۾ ٽونگ ڪري، ناڪيلي يا لاٽي، جا شطرنج جي مهري، ٽنگيءَ جهڙي ٿيندي آهي ۽ ڪاٺ مان گهڙيل آهي نڪ جي ڇوٽيءَ ۾ وجهي، ان جي مٿئين حصي ۾ سٽ جو ڏورو، [جنهن کي چمرِ چون] وڪڙ ڏيئي سوگهو ڪن. ڪن اُٺن کي ٻنهي پاسن جي چوٽين ۾ ناڪيليون پائين ۽ ڪن کي هڪڙي پاسي جي هڪڙيءَ چوٽيءَ ۾، پوءِ سٽ يا ڏاس جو وٽيل پنج - ڇهه پرهه رسو جنهن جون پڇاڙيون سنهڙيون ٻگسو ٿين، انهن پڇاڙين کي دُواليون سڏين، سي انهيءَ چمر ۾ ٻڌي قابو ڪن. هاڻي انهيءَ رسي کي مهار ڪوٺيو ويندو [ڪي هيدي به چونس] انهيءَ مهار جي اِشاري تي اُٺ اوڏانهن مڙندو، جيڏانهن آهي مهار پئي تڻڪبي. [ڇڪبي] اُٺ کي اورسو ڪن [مهار اڇلائي، ابا ابا، ڪري مهار ڪنڌ تي اڇلي، ڪنڌ هيٺ ڪرائي مهار وجهن.] بعضي ڪي اُٺ نَڪَ جا نرجا [ڏاڍي نڪ وارا هوندا آهن] يا اَهنڊ ۽ مست هوندا آهن، سي لاٽي توڙي مها رکي ذرو به نه ليکيندا آهن، ته اهڙن اُٺن کي ”هڏتر/ترَهڏ“ هڻندا آهن. ڇا ڪندا جو گهوڙي يا ڍڳي جي پڇ جا وار پاڻيءَ ۾ ڪاڙهي ڪؤنرا ڪري، انهن مان چمر وٽي، پوءِ نڪ جي چوٽيءَ کان ٿورو مٿڀرو ڳل وٽ ٽونگ ڪري اها چمر اتي وجهندس ۽ ان سان مهار جون دواليون ڳنڍيندا، بس پوءِ ڪهڙو به اڙٻنگ اُٺ هجي، ترهڏ لڳل هوندس ته سوار جي حڪم هيٺ هلندو. مجال جو ڪا مستي به ڪري سگهي! بَرو يا برنگو، اهو اُٺ جنهن جي نڪ جا بر ڇڻي ويندا آهن، ته انهن کي وري ڇلڙيون يا پٽ جون وٽون وجهي مهار ٻڌندا آهن ۽ ڪن کي سينگار جي لاءِ چانديءَ جون ڇلڙيون ٽوپي وجهندا آهن.

پنڌ سيکاريندڙ سوار يا جت، اُٺ جي ڪمر مٿان ٿوهي لڳ رلي وٽي رکي ڪَشَنَ سان پيٽ کان ڇڪي ٻڌي سُڪ ڪري ڇڏيندو آهي ان کي ”ٻرهو“ سڏين. پوءِ لڪڻ کڻي ٻرهي تي چڙهي اُٺ هڪليندو، جڏهن پنڌ سکي تيار ٿيندو ته مٿانئس رکندا گاشو، بنان گاشي واري اُٺ کي ”اولاڻو“ وهٽ ڪري ڪوٺين. جي پاکڙي وارو گاسو نه هوندو آهي، ته انڊو يا ٻنڊو ڪري [اُٺ تي ڳوڻيون يا رليون ٿوهي مٿان ڊگهيون پکيڙي انهن کي تنگ سان ٻڌي] پوءِ چڙهن. مهري اُٺ جو گاسو: اُٺ جي اگهاڙي پٺيءَ تي ”ٽپڙ“ رکي، ان جي مٿان ٻڻگ يا جهل، تنهن تي توشڪ يا زيرگاديون، جي ٻه ٿينديون آهن، هڪڙي جا ٿڙا اُڀا جهلي، تن تي پاکڙو رکندا آهن. پاکڙو، ڪاٺ جي پسرن کي لوهه جا پٽ لڳل دمدمي يا موريءَ وانگر جڙيل ٿئي ٿو. اڳئين ڀاڱي کي آگوا يا ڀرڻو، وچ واري گول ڪمان کي ”اگهوڙي“، ۽ پوئينءَ ڪمان کي چؤنڪ چون ٿا، پاسن وارين پٽين کي ”پسرون“ سڏين، جي پيڪڙن سان قابو هونديون آهن. اهو پاکڙو رکي، هڪڙي ويڪري پٽاهڙ اڳئين حصي جي پسرن تان اُڪاري اُٺ جي پيٽ وٽان ڇڪي ٻئي پاسي جي پسر وٽ آڻي سوگهي ٻڌن. ان پٽاهڙ کي ”تنگ“ سڏين. پسرن جي ٻنهي پاسي خاني خاني لڳ ٻه ٻه چمڙي جون وڍيون، جي ڪل چار هونديون آهن، ٻڌبيون آهن، جن کي ”دوال“ ڪوٺين. انهن جي ڇيڙي ۾ لوهه يا پتل جا اڌگولائيءَ تي اڌ فوٽ، منڊيءَ وانگي ٺهيل ”رڪيب يا پاڳوڙا“ هوندا آهن. انهن جي کانچي مان دوال مٽي لوهه جي زبانن سان ڀچي قابو ٿين ٿا. پاکڙي سوگهي رکڻ واسطي هڪ ٻيڻو يا هيڪوڻو سوٽي رسو ڳچيءَ وٽان ڦري، پاکڙي کي پويان ڍرڪڻ يا سرڪڻ کان روڪيندو آهي، ان کي اڳوٺ، گوربند [گلو بند] چون. پٺيان هڪڙو پڇڙڪ يا ٽوڙهو، پڇ جي پوڇڙيءَ ۾ ٻڌي، پڇ کي ڪمان ڪري پاکڙي جي پسر ۾ اٽڪائي ڇڏيندا آهن. پاکڙي کي رسو ”پڇلانگ“ چون، پڇ وارو ٽوڙهو، جي لاڏوءَ اُٺ کي ٻڌل هوندو، ته ماڻهو ان کي سواريءَ جو اُٺ سمجهي مٿس مسافري ڪندا آهن. سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ چوڻي آهي ته: ”پڇ ٻڌي مَهَرِي ڪيو اٿن“ جنهن جو مطلب مقرر ڪم جي لائق ناهي. پاکڙي مٿان هڪ سوَڙ يا ٻٽي رليون ۽ انهن جي مٿان چادر يا ٽوال يا کيس يا چمڙي جي نطعه جا هيڊي رنگ جي چادر وانگر هوندي آهي پکيڙي، ڪشڻن يا ڏورين سان انڊو، گاسي جي ڳنڍ کي چئبو آهي. سُڪ ڪري ٻڌي. پوءِ جت اڳئين خاني ۾ لڪڻ کڻي چڙهن ۽ پوئين خاني ۾ سواري ڪندڙ کي چاڙهڻ جي لاءِ اُٺ کي هشائيندو. جڏهن مٿس چڙهي پير رڪيبن ۾ وجهي ويهندا ته اُٺ کي ڳٽڪر ڪري اُٿاريندو ۽ منزل طرف هڪلڻ لڳندو. اُٺ کي ويهارڻ واسطي ”هُش هُش“ چون، ڪنهن گهٽ گهيڙ يا لاهه تان لهڻ مهل ”جيت جيت“ ڪن. اٺن جي وڳ کي هڪلڻ مهل هونگر ۾ چون ”اَپ... هو... اَپ“ ۽ بيهارڻ لاءِ اهڪارو يعني اي.... هي... اي... هي چون.

جڏهن ته لطيف سائين اٺ تي سواريءَ وارو آواز هن ريت ڏنو آهي:

هَاهُر ڪندو هل، ته کجايون کرن کي.(1)

مهري اُٺ جي سينگار جو سامان: سنجڻ مهل اُٺ کي ساج [ساز] يعني [سينگار واريون شيون] به وجهندا آهن: جهڙوڪ: ٻوٿ تي چانديءَ يا سٽ جو نقطو يا مهرو، ڳچيءَ ۾ جنوئي [جا ٽڪنڊي تائيٿن جي قطار، سٽ جي ڏوريءَ ۾ پوتل سڄي گردن کي ڦري ايندي آهي.] جنهن جي وچ ۾ هڪڙو چانديءَجو جهاٻو پيو لڙڪندو آهي، هن کي گوهر به چوندا آهن، ٻيون چانديءَ جون روپيون ڳانيون، موتين جون سهيليون، سرون ۽ لڙهيون جڙت جڙيل، ڀرت ڀريل هونديون آهن ۽ ڪن تي گهنگهريون ۽ ٽؤنر ٽانڪيل هوندا آهن. اهڙا اُٺ ڪنهن گهوٽ جي سرگس يا ترگس ڪڍڻ جي سواري هيٺ يا ميلي ملاکڙي ۾ ڀڄائڻ جي بهاري واسطي شوقين ماڻهو سينگاري چڙهندا آهن.

بارگير لاڏو اُٺ جو پلاڻڻ: پهريائين اُٺ جي پٺيءَ تي ٽپڙ، ان جي مٿان پلاڻ رکندا آهن. پلاڻ، هڪ چؤڪنڊياري شڪل جو سنج آنڪو يعني قبر وانگر مٿي اُٿيل ٿو ٿئي ۽ ٿوهي کي گهيرو ڪري بيهندو آهي. اهو، ڪاريگر ڪانههَ سٽي ڪُٽي اُن ۾ وجهي اينڊ يا بوتو ڀريندا آهن. ان جي مٿان کرڙي يا ڳوڻ جو پوش چاڙهين ۽ هيٺان ڳوڻ جو استر ضرور ڏين. هن جو اڳيون حصو ڀرڻي وانگر ٿورو مٿڀرو اُٿيل ٿيندو آهي، جنهن ۾ ٻه ڪاٺيون منڌيئڙي وانگي هڪٻئي سان آڏ پاسيريون گهڙيل ۽ سبيل رهنديون آهن، جن کي ڪتبَ ڪوٺين. اهي ٻيئي ڪاٺيون ڪشڪن يا چمڙي جي زيهن يا سوٽي پڪين ڏورين سان پاڻ ۾ ٻڌل هونديون آهن. بگهاڙين مٿان پلاڻ جي پاسن کان گول ڳنين واريون ڪاٺيون پڻ بوتي اندر ڳنڍيل رهنديون آهن. انهن ڪاٺين کي بُڄ يا بجون سڏين ۽ پلاڻ جي پوئينءَ ڪاٺيءَ کي کونٽي [ڪئونٽ] ڪوٺين. پلاڻ جي کرڙيءَ مٿان ٽِنڊ ڪاڻ ڪوڏ ۽ ٽؤنر ٽانڪين. اهو پلاڻ، ٽپڙ مٿان رکي، هيٺان پيٽ سان پٽهڙ يا تنگ سان ڇڪي قابو ڪن ۽ پوءِ ان مٿان ڀرڪيون، اناج جون ڳوڻيون رکي لڏين. ڪي پرده نشين عورتون جڏهن ڪيڏانهن وڃن ته پلاڻ تي پوش سان ڪجاوا رکائي مٿان انهن تي چڙهي شادي مرادي تي وڃن،. ڪجاوا بنان پوش به اُٺن تي ٻڌبا آهن.

ڪجائو: ڪاٺ مان گهڙيل ڦرهين يا پٽين جو هڪڙو پڃرو آهي. جنهن کي چار پاڳا ٿين ٿا، جن ۾ اهي ڦرهيون سل چوڙ ڪري ٺوڪي ويهارين، هن جا ٻه حصا آهن، هرهڪ حصي کي ”کُٿو“ چئبو آهي. هڪڙو کُٿو اُٺ جي [ٿُوهي جي] هڪ طرف ۽ ٻيو کٿو ٻئي طرف کپي بيهندو آهي. اهي ٻئي حصا منڌيئڙي وانگر، ڪجائي جي ڪتبن سان ڳنڍيل هوندا آهن. پاڳن ۾ لوهه جا ويڪرا ڪُنڍا ٺوڪيل هوندا آهن جن ۾ اُڀا ڏنڊا گول گهڙيل وجهي، انهن جي مٿان ڪاٺين جي گهڙيل ڇٽي رکندا آهن، تنهن جي مٿان وري ڳاڙهي حلواڻ ڪپڙي جو سرائون پوش جنهن تي ڪتر يا ڪٽاهه جا ٿڦ ٿڦيل هوندا آهن، جن کي پاسن کان گڏيون به رکيل هونديون آهن، سو لڙڪائبو آهي. انهيءَ ڪجائي ۾ ڇهن کان اٺن تائين زالون ويهي سگهنديون آهن. ڪجاوا ڄڃ جو مَرڪَ ڪري سمجهيا ويندا آهن. جڏهن ڪجائي وارو اُٺ اٿي هلندو آهي، ته ٻه ماڻهو هڪڙي طرف هڪڙو، ٻي طرف ٻيو ڪجائي جو اوهار /اَهار [توازن] جهلي هلندا آهن. ان لاءِ پاسن کان رسن جا ٽوٽا ٻڌي ڇڏيندا اٿس.

لاڏو اُٺ جي ٽنڊ جو سامان: ٻوٿ تي، ڏاس مان ٺهيل موڙ، جن تي ڪوڏيون ۽ ٽؤنر به ڏانڪيل هوندا آهن، اهي مکراڻي وانگي ٻوٿ تي پکڙي بيهندا آهن. ڳچيءَ ۾ ڪوڏن سان ڳانيون، ڳانڍيا، ٽليون، ٽلا، پيٽ جي پاسن کان پٽهڙن وارا جهاٻا ۽ تليارا، جن کي تريارا به چون ۽ گوڏن مٿان ڇيرون به ٻڌندا آهن، جن جي چمڪي تي اُٺ مگن ٿيو پيو هلندو آهي.

اُٺ جوٽڻ: اُٺ گهڻو ڪري نارن، هرلن، گهاڻن، چيچڙن، جانڊاهين ۽ اُٺ گاڏين ۾ جوٽيا ويندا آهن. ٿر واري حصي ۾ اُٺن سان هرَ به ڪڍندا آهن ۽ ٿر جا هندو ڀاڀڙا شادين ۾ سرگس اٺن تي ڪڍن ۽ ڀيرون رکي وڄائين.

        اُٺ کي نار يا هرلي جي ڳاڌيءَ اڳيان بيهاري، اکين تي کوپا چاڙهي مٿان وال - ڏيڍ ڪپڙي جي پٽي، جنهن کي ”اکياڙي“ سڏين سا کوپن تي رکي، ڪياڙيءَ پٺيان ڇڪي ٻڌي ڇڏين، جيئن ڪجهه به ڏسي نه سگهي ۽ پڙ تي پيو وهي. ڪنڌ مٿان مدُهوءَ تي ٺٺ رکندس، جنهن ۾ پنڊي يا پيڙهو، جنهن مٿان ڪاٺ جون چڪڙيون جڪڙيل هونديون آهن، انهن ۾ کَپ کَپ ٿيل هوندا آهن، جن کپن جي وچ ۾ ڳاڌيءَ جون ڪنڍون ڦاسائي رکن، پيٽ کان تنگ وانگي هڪ چمڙي جي وڍي ڇڪي ڪُنڍن کي بلائتو ڪندا ۽ ڳچيءَ ۾ ڪنڌاٽ وجهي ڪندس آسرو الله جو!

گهاڻي جي بناوت:

        سڄو ڪاٺ جو ٺهيل هوندو آهي. ڪاٺ جي چار فوٽ کن ڊگهي، ٻه فوٽ قطر واري ٿڙي، ان کي مڇيل پاسي کان کپي، چلمچيءَ وانگر ٻن ڀاڱن ۾ وڏا کانچا سليندا آهن. هيٺيون پيالي وارو تنگ البت ڪجهه سوڙهو ۽ مٿيون موڪرو ۽ ٻنهي جي وچ ۾ سوڙهي ڪنگڻي رهندي آهي. اُن ٿڙيءَ جو ترو گُدي گُدي زمين اندر پوريندا آهن ۽ اُن جي مڇيل پاسي جي ڪنارن تي کَپ ڪري چار ريلوي سليپرن جهڙا ڪاٺ سل چوڙ وسيلي هڪٻئي تي ٺهڪائي ڦهڪائي رکندا آهن، جن کي چؤنڪي چون. اهي چارئي ڪاٺ، ٿڙيءَ مٿان جڪڙيل هوندا آهن. انهيءَ ٿڙيءَ جي سوراخ يا ڳاڙک ۾ گهاڻي جي لٺ، جنهن جي چوٽي ڪنڊُ ۽ هيٺان دکيءَ واري گولائي ڏنل هوندي ۽ پاڻ مهري وانگر سڄي گولائي تي گهڙيل ٿئي ٿي. ان لٺ جي ڪنڊُ تي، پيالي جي گولائي واري ٽونگ وارو مڪڙو رکي، هڪڙي ٿاڦي يعني ايسوٽي جهڙي ڪاٺيءَ سان سرائيءَ وسيلي ڳنڍيل رکندا آهن. يعني ٿاڦي ۽ مڪڙي جون پڇاڙيون انجيس وانگر هڪٻئي ۾ کُپي بيهنديون آهن ۽ آرپار سوراخ سڌائيءَ ۾ ٿيل هوندو اٿن. ان ۾ لوهه جو ڪير يا ڪِلو وجهي، هنن ۾ لچڪدار ڳانڍاپو قائم ڪندا آهن، گهاڻي جي وهڻ وارو حصو جنهن ۾ هڪ ٻيلهه کي ٻسانگي ڪاٺي، انبوريءَ جي وات وانگي چؤنڪيءَ هيٺان ٿڙي سان ٽڪرجي گسي پئي ڦِرندي، اُن ٻيلهه جو ٻيو پاسو لسو پاٽيي وانگي هوندو، جنهن کي ڳاڌي ڪوٺين، ڳاڌيءَ جي ٻاهرين پڇاڙيءَ تي چار ڳاڙک چوڌاري ڪري انهن ۾ چار ڏڪ ٺوڪي، پوءِ انهن ڏڪن کي واجهه سان واڻي ڇٻي جي شڪل بنائي، ان جي وچ ۾ آلي مٽي يا سرن يا پٿرن جا ٽڪر رکي، ڀرپ يا ڀراءُ ڪن. ڳاڌيءَ جي پوري وچ ۾ هڪڙو سل سلي، ان ۾ هڪڙي چورس دامن کپائي ٺوڪين، ان کي ”ٿنڀي“ سڏين. ٿنڀيءَ جي چوٽيءَ کان ٿورو هيٺڀرو ٻه سوراخ ۽ ان جي مٿان ٿاڦيءَ جي تري کان ٿورو مٿڀرو ٻه سوراخ ٿين. انهن سوراخن ۾ هيٺ توڙي مٿي ٻه ڪاٺ جا گهڙيل ڪلا جن کي ڏورڻيون سڏين، گهرگهلا ڪري پائين ۽ پوءِ هيٺئينءَ توڙي مٿئينءَ ڪلي يا ڏورڻيءَ کي ناڙي، واجهه يا نيٽي سان ناڙي ڇڏين، ته ڳاڌيءَ جي ڀراءُ جو زور لٺ جي ڪُنڊ تي وڃي پوندو ۽ تارازي يا ساهميءَ جي ڪاني وانگر ڳاڌي وچو وچ ٿي بيهندي، ۽ ڀراءُ وٽان هڪ ڪَڍَ ۽ ڳاڌي ۽ ٿنڀيءَ جي وچ وٽان ٻي ڪَڍَ نڪري، وهٽ جي پنڊيءَ ڏي وينديون. گهاڻي واري اُٺ کي ڪنڌاٽ ڪونه وجهن، پر ڳچيءَ جو رسو مڪڙي ۾ وراڪي ڇڏين. اهڙي نموني اُٺ پيو ڦرندو ۽ گهاڻي ۾ پيل ٻج پيو پيڙهبو. هڪ ماڻهو چؤنڪين مٿان ويهي ميڙو ورائيندو يعني جيڪو مليدو ٻاهر ڪنارن تي اُڀري ايندو، ته ان کي ريڙهي هيٺ ڪرائيندو ويندو، تان جو سمورو ٻج پيڙهجي ويو، ته ان جو تيل، ٻئي هيٺين پيالي واري سوراخ ۾ گڏ پيو ٿيندو. پوءِ اُٺ بيهاري، ڳاڌيءَ کي هيٺان سر يا ڪاٺ جي دوڳيءَ جي تڏَ ڏيئي بيهاري ٻج مان ٺهيل نار رنبي سان کرچي ڪڍي ڌار ڪندو ۽ تري ۾ پيل تيل تيلانڊي يا لوهه جي ڪُپڙي سان ڀري ڀري ٻاهر دکيءَ ۾ وجهندو. ڪجهه رهيو ته اڳڙي جنهن کي نائو ڪوٺين، سا ٻوڙي ڪڍي نپوڙيندو. گهاڻي ۾ تر، ڄانڀو، کوپرو، سرنهه، توريو ۽ ڪڪڙن جا ٻج پيڙهيا ويندا آهن.

چيچڙو: هيءُ سڄو لوهه جو ٿيندو آهي. سندس لوهه جون ٿلهيون موٽيون وزندار گراريون ٿين، جن جي وچ ۾ ڪماند جا بل وجهي، انهن جو رس ڪڍيو ويندو آهي. انهيءَ رس مان ڪجهه، ڳڙ توڙي مستي ۽ کنڊ جڙندي آهي. هن ۾ به اُٺ جوٽبو آهي.

گاڏي: سنڌ ڏيهه ۾، اڳي اُٺ گاڏيون ڪونه هونديون هيون، هاڻي رواج پيو آهي ۽ مڪرانين ئي هتي اُهي گاڏيون سڀ کان پهرين هلايون. اُٺ گاڏيءَ ۾ اُٺ کي جوٽڻ کان اڳ اکين تي کوپا  [اکياڙي] چاڙهين، مدهوءَ تي کڙائُو، ڪاٺي يا هنو رکن. اهو هنو اوڏن جي مٽيءَ کڻڻ واري ڪجائي وانگر ابتو رکيل يا ڏاڪائين رهل وانگر پر ابتو رکيل هوندو آهي، هيٺان پنڊي هوندي اٿس، جنهن ۾ بارڪش لڳل هوندا آهن، جن ۾ گاڏيءَ جا پول جوٽن جي سنگهرن سميت اچي گڏجن ٿا. انهن کي سوگهي رکڻ جي لاءِ پڇ وٽان ۽ پيٽ وٽان وڍيون ڇِڪِي ٻڌندا اٿس. گاڏي خود هڪ مستطيل تختو جنهن جا ٿورا پاسا اُٿيل ٿين موٽر وارن رٻڙ جي ڦيٿن تي سراين مٿان رکيل هوندي آهي.

اُٺ جو بيان:

آڻي ٻڌم وڻ جاءِ، مانَ مکڙيون چري،
ڪُڌا تورو ڪرهو، لڪيو لاڻي کائي،

 

ان ميي سندي ماءِ!، مون ڳالهڙين ڳوڙها ڪيو. (ڀٽائي رحه)

        اُٺ جو کاڌو جهنگ آهي، جتي اُڻائو يا اَڏاوِڻيو ڇيڪ پيو چرندو آهي. کٻڙ، ڄار، نم، ٻٻر، لئي لاڻو جيڪي ايندس سو ويندو رڙڪيندو، جي مالڪ ڪو گاهه ڪري ڏنس ته اهو به ڪين ڇڏيندو. جنهن ۾ بصر جا پن، ڄانڀو، سرنهه لڪ کڙڪتر به کائي ويندو آهي. هيءُ حلال جانور آهي، هن کي ذبح ڪري هن جو گوشت ماڻهو کائيندا آهن، پر اسان جي سنڌ ۾ اُٺ جو گوشت ماڻهو ڪونه کائين. ڪي ماڻهو اُٺين جو کير ڄمائي ڌؤنرو ڪن، جنهن کي ”اُست“ سڏين ۽ اڻ ڄاول کير کي آخڪي چون. اُٺ توڙي ان جي ڏاچيءَ کان ساڳيو ڪم ورتو ويندو آهي، يعني سواري، بار لڏڻ، سنجڻ ۽ جوٽڻ جو. ڏاچيءَ جي ويامڻ کان پوءِ هن جو کير ته ماڻهو کائيندا آهن، پر اهو نڪو ڪاڙهبو آهي، نڪي ڄمائي ڌؤنرو ڪبو آهي. اهو کير ٻرهل ۽ هيانچي واري ماڻهوءَ کي ماتا جي بيماريءَ کي ظاهر ڪرڻ واسطي پياريو ويندو آهي. هن کي اوٺو کير ڪوٺين، اُنهيءَ کير ۾ جي ڏاچيءَ جو پڇ گهمائي پوءِ پيئبو ته ڏاڍا دست ٿي پوندا آهن جن کي اُتيسار جا دست سڏين.

        اُٺ پنڌ ڪري ٿڪجي ايندو آهي، ته جت ان کي ڳڙ پاڻيءَ ۾ ڳاري ۽ لوڻ ملائي پياريندو آهي، ته ٿڪ ڀڄي پوندو اٿس.

اُٺ کي پيٽ ۾ ٻه کليون ٿينديون آهن. جڏهن به پاڻي پيئڻ جو وجهه لڳندو اٿس، ته ٻيئي کليون يا اوجهريون پاڻيءَ سان ڀري ڇڏيندو آهي ۽ مچندو آهي، ته ٿوهي تي چرٻي وري ويندي اٿس. ٻٽي ڏينهن ڪٿي جي چارو يا پاڻي نه ملندو اٿس، ته ٿوهي جي چرٻي ۽ ٻيءَ کليءَ جو پاڻي اندران ئي اندر ڳاري پنهنجي ڪتب آڻي جياپو ڪندو آهي. هن کي ”سُڪيءَ جو ٻيڙو“ به ڪري ڪوٺين. ان جو ڪارڻ هيءَ آهي، ته رڻپٽ يا صحرا ۾ مُسافري ڪندي، جي مسافرن کي ويجهيءَ ڇڪ ۾ پاڻي ڀوا نه هوندي آهي، ته هڪڙي اُٺ کي ڪهي انجي کليءَ مان پاڻي ڪڍي پي مرڻ کان بچندا آهن. اُٺ قافلن جي صورت ۾ تمام گهڻو سامان کڻي، پري پري جا مفاصلا ۽ منزلون پٽيندا هئا. انهن ڏينهن ۾ لاريون، گاڏيون ۽ جهاز وغيره ڪين هئا. اُٺ راڳ جو به شوقين آهي. عرب ملڪ ۾ حُدِنحواني ۽ سنڌ ۾ ٻيلهڻ جي گيت ڳائڻ تي رات جو تکو هلندو ۽ گهڻو پنڌ ڪندو آهي. سياري ۾ اُٺن کي مستي ٿيندي آهي، وات مان گجوڙ پيا ڪرندا اٿن ۽ ڏند پيا ڪرٽيندا آهن. اهڙن اُٺن کي مست اُٺ سڏين. اها مستي گهڻي شهوت کان ٿيندي اٿن. اهڙن اٺن کي پيرن ۾ نير پيڪڙا يا پيند زيريون يا ڏاوڻ، بغلن ۾ بغليون لوهه جون ۽ ونگ وجهي سوگهو ڪندا آهن. ٻوٿ تي ٻوچو يا ٽنگڙو ٻڌي ڇڏين ته چڪ نه هڻي:

نوَ نير، ڏهه ڏاويڻون، پندرهن پينڊ پياس،
بگهاڙيون بغلن ۾، لکين لوهه لڳياس،

جڏهن سڄڻ ياد پياس، ته ڇرڪ ڇنائيين هيڪڙي. ڀٽائي رحه)

چون ٿا ته مينڌري سومري جو اُٺ، وڳهه ڪوٽ کان ڪاڪ لنڊاڻي تائين رات وچ ۾ ٽي - چار سئو ميل هڻي موٽندو هو! اڄڪلهه اُٺن جي قيمت ٽن - چئن سون کان هزارن ٻن هزار روپين کان به وڌي ويئي آهي. هن وقت پاڪستان ۾ اٽڪل اَٺ لک اُٺ ٿيندا. اُٺن جي ويهڻ جي جاءِ کي جهوڪ ۽ مسافريءَ وارن اٺن جي ويهڻ جي جاءِ کي کوڙي ڪوٺين. اُٺ جي آواز کي گوڙ يا گڙ [گڙڻ مصدر مان] ۽ هن جي ڇيڻي کيج ليڏوڻا [پولڻا، ڦولڻا] سڏين ۽ تِيڪ کي گسي چون. اُٺ جي عادت آهي ته جي مٿس بار پيو لڏبو ته به رؤنڪندو، پر جي بار مٿانئس پيو لاهبو تڏهن به پيو رِنگندو. انهيءَ ڪري چون ته اُٺ ڀريو به رنگي ته سکڻو به رڙي!

جڏهن سبيا ٿي ٻورا، تڏهن رڙيا ٿي گورا

لطيف سائين چيو آهي:

اڳي اُٺ رڙن، مون ڀيري ماٺ ٿي

        اُٺ جي پيرن کي داڦوڙا سڏين. اُٺڻي کي ڦر نه ڌائي وڃي ان لاءِ ٿڻن تي جالنگ چاڙهين.


 

اُٺ جون بيماريون:

ڇالي، اک جي مٿان ڳوڙهو نڪري پوندو اٿس، پوزو، پوڄو، يا پوڄن، پير مٿان ڳوڙهو نڪرندو اٿس، ان کي چون، پر اهو جڏهن ڦاٽي پوندو آهي، تڏهن ان کي ”راڦو“، ڪوٺين. ڏورو يا ماڇو، پوئين ٽنگ ۾ سيٽ ٿئي، ٽنگ ورائي هلي نه سگهندو آهي، رندو، اُٺ جي قبضيءَ کي ڪوٺين، هن ۾ چهنبدار پولڻا پيٽ مان نڪرندا اٿس. گر، پٽڙيون [زڪام] ڪڇ لڳڻ، بڊَ يعني ڪوڙي لڳڻ، گگهي يعني گهٽو، کنڀ واءُ، ڪمري، هن بيماريءَ ۾ ڏڪي ڏڪي مس مس اُٺ اٿندو آهي. کرڪارو، بندجي پوڻ، ٿاٻو وغيره بيماريون ٿين. خفتين وٽ انهن جا علاج به موجود هوندا آهن. جي اُٺين کي وهرُ ٿيندي آهي ۽ ٻين وهٽن سان کؤسنديون ۽ کسنديون آهن، ۽ انهن کي هلي وڃي ڊيهه هڻنديون آهن، جنهن مان سمجهيو ويندو آهي، ته مادي ڦرجڻ جي لاءِ آتي آهي. بڊ هڻڻ، هن ۾ اُٺ جو ڪڇو ٽنگن سان گسي ڦٽ ڪندو آهي. ايبي، اُٺ جي نڙيءَ ۾ ڳوڙهو نڪري پوندو آهي. ايڏر، اُٺ جي ڪوڙي جو هنڌ گاٺ پوڻ سبب سخت ٿي پوندو آهي. اُوڙو، اها اٺ جي بيماري آهي، جنهن ۾ ٽنگن ۽ ڪوڙي جي وچ وٽ پيٽ ۾ ڳوڙهو نڪرندو اٿس. اُڇلو، اها بيماري جنهن ۾ ”بکو“ يا دُڏو يعني پوئين ڄنگهن جو مٿيون حصو ويندي پٺيءَ تائين پيو ڏڪندو آهي. بغلي، اُٺ جي اها بيماري آهي، جنهن ۾ اُٺ جي رانَ پيٽ سان گسي گسي ڦٽ ڪري وجهندي آهي.

گهوڙو:

گهوڙن ۽ گهوٽن، جيتڻ ٿورا ڏينهڙا. (ڀٽائي)

اونکُرا: گڏهه، خچر ۽ گهوڙي کي گڏي چئبو آهي. اسان گهوڙي جو بيان ڪريون ٿا، زميندار ۽ ڀاڳيا گهوڙا شوق ڪري پالين.

گهوڙن جا نالا: هيءُ به پالتو جانور آهي. هن کي فارسي ٻوليءَ ۾ تمام گهڻن نالن سان سڏبو آهي: مثلاً حنگ، خَتلي، خوشخرام، اسپ، حَيوُن، آبرش، تيزگام، تگاوُر، نريان، بادپا، بارو، آتش بان، آتش پا، آتش عنان، ايراق، بانشو ۽ باد رفتار گهوڙو. نريان، ماديان گهوتڪ، ڪان، ڪيڪانڊ، ڊڊو ايڌ، ڊاکڙو، ٽپرو ۽ ٽُٽون نالن سان سڏيو وڃي ٿو. پر سنڌي ٻوليءَ ۾ نيلو، نيرو، تازي، ترڪي ۽ ايراني گهوڙو سڏيو وڃي ٿو. هن جي ماديءَ کي گهوڙي، بامني، بودلي، تري، ناز، نيلي وغيره نالن سان ڪوٺين ٿا. ٻيا وري رنگن ڪري نالا آهن: روجهي، بادامي ۽ ڪبوتري ۽ ٻانڍوڙي، ڪڇي نسل جي گهوڙي سڏجي.

ڪنڌ ڊگهي ڪاسو چَري، رنگ روجهي رؤدار،
اهڙين پارين ”عنات“ چوي ڏاتر مون ڪا ڏيار.

 

هن ۾ ڪي ڪي گهوڙا اڻپاڻيارا هوندا آهن.

گهوڙن جا رنگ:

ڪميت هيءُ گهڻن ئي قسمن جا ٿين ٿا: ڪارنيرو ڪُميت، مڪڙو ڪُميت، ديناري ڪُميت وغيره. خاص طرح ڳاڙهي پڪي رنگ وارو گهوڙو ڪميت ڪوٺبو آهي.

ڪبوتريو: سليٽي رنگ وارو هن جا ٻيا قسم آهن: سپيو ڪبوترو ۽ ديناري ڪبوتريو.

ديناري: جنهن جي بدن تي، روپين کان وڏا دٻڪ دٻڪ يا گول نشان ٿيندا آهن جي جدا جدا رنگن جا ٿين ٿا.

چينو:

اڇو ۽ ڪارو رنگ ملي سائيرو پيو ڏسڻ ۾ ايندو آهي، هن کي کيسائون به ڪوٺين ۽ سائو چينو به چون. بدن تي اڇا اڇا ڪوڏين جهڙا چٽا هوندا اٿس. سڄو بدن چينيءَ جي ٿانءَ وانگر چلڪڻو ڏسڻ ۾ ايندو آهي.

بُورَ:

        به چيني گهوڙي کي چون ۽ اشهرا خضر به.

سنجاف:

سفيد هلڪو پيلو، ٿورو خاڪي مائل رنگ ميرانجهڙو ڪو ته نوريئڙي رنگ جهڙو به ٿئي، سنجاف جي گهوڙن کي جافون يا جابون گهوڙيون نالي سان سڏين.

نقرو يا بگلو:

سفيد تيز اڇو، جيئن ڪنهن ماڻهوءَ کي اسين ڀورو يا جنڙو چوندا آهيون. جيڪو اُس تي ڏسي ڪونه سگهندو آهي. اهڙي رنگ واري کي ڀولي چون. هن گهوڙي جون اکيون به اڇيون ۽ ڪچيون ٿينديون آهن، سُت پيو وهندو اٿس.

انبلک / ابلق:

هي نالو، آسمان ۾ ڪارا ۽ اڇا ڪڪر گڏ هلندا ڏسي ڏنل آهي. ساڳي طرح جي سرمي سان لڙڪ گڏ وهندا آهن، ته انهن کي به ابلق چوندا آهن، پر گهوڙن ۾ اڇا ڪارا يا اڇا ڳاڙها دٻڪ هوندا ته ان کي ابلق ڪوٺيو ويندو آهي. تنهنڪري ڳاڙهو ابلق ۽ ڪارو ابلق هن جون خاص جنسون سڏبيون آهن.

سرخو/ اشهب:

هيءُ لفظ ئي اسان وٽ غلط استعمال ٿئي ٿو. ڇاڪاڻ ته سرخ جي معنيٰ آهي ڳاڙهو پر سرخو چون اڇي گهوڙي کي جنهن لفظ جو اصلي لفظ ”صوفو“ يعني اُن جي رنگ جهڙو هو، پوءِ بدلجي سرخو ٿيو آهي. هن رنگ جو گهوڙو اڇو ميرانجهڙو ٿئي ٿو، اکيون ۽ پڇ ڪارا ٿيندا اٿس. ڪن کي ڪارن وارن جي لغار پڻ هوندي آهي، جيڪا گهڻن سفيد وارن ۾ جيري يا کٿي وانگر گهوڙي جو رنگ بنائي رکندي آهي. هن جا قسم، سرمائي سرخو، چينو سرخو ۽ سائو سرخو ٿين.

مڪڙو:

يعني مڪڙ جي رنگ جهڙو، پيلاڻ تي يا ڪجهه ساواڻ تي تکيرڙو يا ميٽائون رنگ ٿيندو اٿس: هن جا قسم: موتيو مڪڙو ديناري مڪڙو ۽ ٻيا به ٿين.

ادهم/ڪارو:

هن کي مشڪي به چون، پر هوندو نپور ڪارو آهي. جي ڪجهه هڪلو ڪارسرو ۽ ڳاڙهاڻ ڏانهن مائل هوندو آهي يا گهاٽو ناسي رنگ هوندو اٿس ته ان کي به مشڪي ڪوٺين، اشهب ادهم، ميرانجهڙو گهوڙو.

سمندُ:

هيءُ مڪائي جي داڻن جي رنگ جهڙو ٿيندو آهي، هن کي پڪو پيلو رنگ به چئي سگهجي ٿو. هنجون بشڪون ۽ پڇ ڪارو هوندو آهي، هن کي ڪي پيلو يا پيئڙو به سڏين. هن کي جي منهن تي اڇو بانو يا چٽو هوندو آهي ته پوءِ ان کي يزيدي سَمندُ سڏين. پر ڪنوٽيون، بشڪون ۽ نريون ڪاريون هجنس ۽ پٺيءَ تي ڪارو پٽو هجيس ته ”شينهن سمندُ“ سڏيو ويندو آهي. اهڙي رنگ جي هڪڙي شينهڻ سمندُ گهوڙي، پير سائين پاڳاري جي خاندان ۾ مشهور هئي.

”تن جا آڇارج اهڃاڻ، جي مٿي پيئڙن پهريا“

بور/اشقر:

بور نالي چون ”بور آهي شهزور“. هلڪڙي ڳاڙهي سونهري رنگ کان وٺي، ويندي گهاٽي ڳاڙهي رنگ تائين سڀني گهوڙن کي بور بنائين. هن جا قسم آهن: ناسي بور، اڇن ڇانين واري کي چينو بور چئبو. ٽامائي رنگ واري کي، روجه رنگو [رانجهو يا رونجهو] ڪوٺيندا آهن.

نظم

مارئي تنهنجي ملڻ لئي سنجافون پلاڻيون سومري:
سرخين، سمندَين سنج پيا ٿو عمر انبلکون اونڌري،
ڀل ڀليون بورون، باداميون بودليون هلن پنڌيري،
ڪُميتن، ڪَبوترين سان اٿيو، چينائڻ چڻا چري،
سُمند سراڙيندي وڃي ”سونهارو“ چئي ناز ناچ ڪري،
روجهي کي رؤ ڌاران نٿي ساعت هڪ سري.
مشڪيءَ تي مارئي، ٿو ڇڏي سوين سينگار سَندري.
عاشق ٿيو عمر سومرو سو ٿو ويڙهه ڏي وري،
تنهن سان ٻه ٽي پير ڀري، ڪر ڪا ملڻ جي مارئي!

 

گهوڙن جون نشانيون: پنج ڪلياڻ، جي ڪنهن گهوڙي يا گهوڙيءَ جون چارئي نريون اڇيون يا چارئي پير ڌوتل ۽ دوناڙ تي اڇو چٽو/بانو هوندو ته ان کي پنج ڪلياڻ ڪوٺين. اهي نشانيون ڪنهن به رنگ جي گهوڙي کي ٿي سگهن ٿيون.

پدم: پنج ڪلياڻ گهوڙي جي سنبن مٿان ڳاهين تي اڇيون منگليون ۽ ڪارا پٽا هوندا، ته اهو پدم چئبو.

تيرگوش: هلڻ ۽ ڀڄڻ ۾ ٻئي ڪن پوئتي ورائي ڀڄندڙ گهوڙو.

تيرگوش ڳڙهي: اتر سنڌ جو ڇوٽڙو گهوڙو پوئتان ڪن واري ڀڄندڙ.

ڪنڍل يا ڪنڍڙيو: ڪنهن جون ڪنوٽيون ڀڄڻ مهل هڪٻئي سان ٽڪري بيهن ۽ اڳيان جهڪيل هجن.

مينهن ڦريو: هڪڙي رنگ مٿان ٻئي رنگ جون ڦڙيون يا ٻڙيون ٻڙيون ڏسڻ ۾ اچن.

اڙل: ڊگهين بشڪن جي ايال وارو گهوڙو جو ٽهڻو، ٻهاڻ ۽ ڪڏڻو هوندو آهي. بودليو، ڪارو پنج ڪلياڻ جنهن جون پويون ٽنگون جهڪيل هونديون.

اَٺ منگل: اهو گهوڙو، جنهن جي پيشاني، پڇ، بشڪون اَيال، ڇاتي ۽ چار پير اڇا هوندا آهن.

بگلو: اڇي رنگ جو گهوڙو جنهن جي بدن تي سنهڙا ڳاڙها ٽٻڪا هجن.

داڦڙ: اهو گهوڙو، جنهن جو هڪڙو پير اڇو هجي.

اَل: سرخ رنگ وارو گهوڙو.

اسڪول: جنهن جي سڄي ۽ کٻي هڪ هڪ ٽنگ اڇي هجي.

اُبت ڏاڻيو: اڳين ٽنگ جو کاٻو ۽ پوئين ڄنگهه جو ساڄو پير يا اڳين ٽنگ جو ساڄو ۽ پوئينءَ جو کاٻو پير يا ٽنگ اڇا ڌوتل هجن.

سبت ڏاڻيو: اڳيون ٻئي ٽگون يا رڳو پويون ٻئي ٽنگون سفيد هجن.

گهوڙن جا ڪم: گهوڙا توڙي گهوڙيون سواريءَ، بار کڻڻ ۽ گاڏيون ڇڪڻ جي ڪم اچن، جنگ ۾ ته ڪم ئي گهوڙا ايندا هئا، جن جي لاءِ شاهه چيو آهي:

گهوڙن ۽ گهوٽن، جيئڻ ٿورا ڏينهڙا،
ڪڏهن منجهه ڪوٽن، ڪڏهن راهي رڻ جا!

 

اولاڪ:

هنن گهوڙن تي ٽپال کڻي پهچائي ويندي هئي ۽ جن گهوڙن تي بار لڏيو ويندو آهي، تن کي ”بارگي يا بارگير“ گهوڙا ڪري سڏين ٿا.

گهوڙن جا عجيب ۽ غريب ڪرتب، سرڪسن ۾ به ڏيکاريا ويندا آهن.

ڄم:

گهوڙيءَ کي سٺي بڻ جهلڻ لاءِ اجورو ڏيئي ميڙائيندا آهن. هن جي پولهه تي چڙهي گهوڙو ڦريندو آهي، ڦرجڻ معنيٰ ڦر جهلڻ. هيءَ ٻارهين مهيني گهوڙي ويامندي آهي. هن جي نر ڦر کي وڇيرو ۽ ماديءَ کي وڇيري سڏين. اها وڇيري جڏهن وڏي ٿي ڦرجڻ جي ايامڪاريءَ ۾ ايندي آهي، تڏهن ان کي ٻهاڻ ڪوٺيندا آهن. وڇيرو ٽن سالن جو دوڪ، ٻه ڏندو يا سرل سڏبو آهي. پوءِ چوڳ چؤڏندو يا چؤسالو چون ان کانپوءِ پنجن سالن جو پانجاريو، اٺن سالن جو گهوڙو اٺور، ۽ بودڪي، ڇهن سالن جي گهوڙي سڏبي آهي، تيرهن سالن جو ڀور جوان هوندو آهي ۽ پوءِ پوئتي هٽڻ لڳندو آهي.

سنجڻ ۽ پنڌ سيکارڻ:

گهوڙن کي پنڌ سيکاريندڙ کي سئس سڏبو آهي. سئس پهريائين گهوڙي کي سنجيندو، ڇا ڪندو جو وات ۾ لوهه جو لغام جنهن جي لوهه جي ڪڙين ۾ سُٽ جون واڳون پيل هونديون، سو وات ۾ ڏيندس، جي شوخي اڙٻنگ گهوڙو هوندو، ته اَٽيرڻ ڪندس يعني لوهه جو الياڻ جنهن جون چهنبڙيون خاردار (ڪَنڊن جهڙيون) ٿينديون آهن، ٿورڙيءَ ڇڪ اچڻ سان ڪاڪڙو روڙي ڇڏينديون آهن، سو وجهندس. لغام الياڻ ڏيڻ کان پوءِ کاڏيءَ هيٺان مڇيءَ سان هڪڙي پٽهڙ يا ٻٽو رسو ٻڌي، اڳين ٽنگن جي وچ مان ڇڪي آڻي پيٽ وٽ تنگ سان سوگهو ٻڌن. ان کي ”لَوند“ چون. بعضي چمڙي جي وڍي پڻ لَوند طور ڪم آڻين. پوءِ چوندا ته هاڻي گهوڙو قواعد ۾ آهي.

لغام مٿان سرواڳ، جا پڻ سُٽ جي هوندي آهي ۽ ڪنن پويان ڪياڙ وٽ اٽڪي بيهندي. دونار تي مڇي هوندي، تنهن جي مٿان مکراڻو به ٻڌن يا ته نه، ڳچيءَ ۾ ٻگخور جو هن کي سوگهو ڪندو ۽ پوئتان سرڪڻ نه ڏيندو. پٺيءَ تي هڪڙو نيرو ڪپڙو جنهن کي ميل خور چون، سو رکي ان جي مٿان نود جو ٺهيل تل، تل مٿان ٿڙا يا ٿڙيون [ٿڙا وڏا ٿيندا آهن، ٿڙيون ننڍيون] رکبيون پوءِ انهن تي هنو رکبو آهي هنو گيدوڙي جي ڪاٺ مان ٺهيل هوندو آهي ۽ ان جي اڳئين حصي کي ”ڀُرڻو“ جو ڏٻي مينهن جي سڱن وانگر يا انگريزي اکر ٽي وانگر هوندو آهي، پٺينءَ ڪاٺيءَ کي اگهوڙ، پاسن کي پسرون، هني جي وچ ۾ هڪڙو چمڙي جو فوٽ سوا ٽڪر، جنهن جي ميخ پٺ ويڪري هوندي آهي ۽ اها ڪوڪن ۽ ميخن سان اگهوڙيءَ ۾ لڳل هوندي ۽ اڳ ٽڦڻيءَ وانگر سوڙهو، چم جي ڪشي سان ڀرڻي ۾ قابو ڪيل هوندو آهي، ان کي چون مرد اڇل يا مرد شل. اهو بعضي چانديءَ جي تارن سان يا ڀرت ڀريل يا لسو هوندو آهي، هني جي مرد اڇل هيٺان هڪڙو چمڙي جو پٽو ورائي گهوڙي جي پيٽ هيٺان ڇڪي، هني جي پاسي ۾ لوهه جي زبانن سان قابو ڪندا آهن. ان کي؟ تنگ چون، جو سڀني سنجن کي سوگهو ۽ بلائتو ڪري بيهاريندو آهي. پوءِ هني مٿان کيس، چادر يا ٽوال چؤڻو ڪري رکي ان کي به ٻئي پلاننگ سان ڇڪي پختو ڪندا، هني جي پسرن ۾ چمڙي جون وڍيون لوهه جي زبانن سان لڙڪيل هونديون آهن، جن کي ”دوال“ چون. انهن دوالن ۾ لوهه يا پتل جا رڪيب يا پاڳوڙا جي منڊيءَ نموني تي البت ٺهيل پيا لڳندا آهن، سي دوالن ۾ پيا لڙڪندا. اهي رڪيب ٻه هوندا ۽ ٻنهي پاسي اٽڪيل رهندا آهن. اڃا به هنو ڍَرڪي يا گهِرڪي نه وڃي، تنهن لاءِ هڪڙو ڪپڙو جو رڱ رتل هوندو آهي يا ڳاڙهو حلواڻ، اٽڪل ٻه پرهيه کن هوندو آهي، سو گهوڙي جي پڇ هيٺان اڙڪ ڏئي آڻي هني جي ڪڙن ۾ قابو ڪندا آهن. وڏا ماڻهو وري لونگيون ڦيري ٻڌندا آهن. بهرحال انهن کي ”دُمچي“ نالو ڏنو اٿن. دمچي، گهوڙي جي دُنب تي پکڙي نه بيهي، تنهن لاءِ وري هڪڙو ٻيلهڙو وانگر چمڙو يا ٻيڻو ڏورو ان جي وچ ۾ روڪڻ واسطي ڳنڍيندا آهن، جنهن کي ”پُشتنگ“ ڪوٺين. انهيءَ نموني جيڪي ٽپڙ گهوڙي مٿان رکن، تن کي ”اُڙدڪ يا سنج“ ڪوٺين. هني مٿان ڪپڙو ٻڌي رکڻ کي ”گاشو“ چون. ڪي وري هني جي سنجن بجاءِ زين رکندا آهن. زين سڄي چمڙي جي ٺهيل هوندي آهي، جنهن ۾ هيٺان تل جو نمد پاسن ۾ رڪيب دوالن سميت هوندا آهن. فقط ميل خور رکي ان جي مٿان رکبي آهي. گهوڙو سنججي تيار ٿيو، ته سئس يا سوار لڪڻ هٿ ۾ کڻي، پير رڪيب ۾ وجهي، هڪڙو هٿ بشڪن ۾ جو واڳ سوڌو هوندس، ٻيو هٿ هني جي اگهوڙيءَ جي آڌر تي ٽيڪي، لانگ ورائي چڙهي ويهندو آهي ايال يا بشڪون گهوڙي جي ڪنڌ جي وارن کي چئبو آهي. ڪو وري اڙي سان چڙهندڙ واڳ جون ٻه ڳليون ٿين، هڪڙي هن پاسي ته ٻي هُن پاسي واري سڏبي آهي. جيڪڏهن ڪو شوخ شرير گهوڙو هوندو آهي، ته سوار کي خاص موزا پيرن ۾ پيل هوندا آهن، جن جي پاسن کان اُڀيون ميخون ظاهر بيٺل هونديون آهن، جن کي مهميزون سڏين، اهي مهميزون گهوڙي جي بغلن ۾ هڻي هن کي نرا کڻڻ يا مٿي اُڀرڻ کان روڪيندو آهي. نه ته رڳو اَڙيون (اريون) پيو هڻندس.

بار واري گهوڙي جا سنج:

        پر بار کڻڻ وارن گهوڙن کي وري هن ريت سنجِيندا آهن. پهرين ميل خور، ان جي مٿان ٽپڙي يا تل، ان جي مٿان ”ٻنهي“ يا مَلهو، هن ۾ ڳوڻيون يا بُهه ڀريل هوندو آهي، يا اڳڙين ڀريل وريي وانگَي جيڪو لوهه جي چمٽي وانگر پيو ڏسبو. مٿان رکي ان تي وري ٻيون ٽپڙيون يا ڳوڻيون رکي، ڇڪي تنگي ٻڌي سوگهو ڪندا آهن. پوءِ مٿانئس بار کڻڻ جو کڙيو، خرزين ٻورو يا ٻوجهو رکندا آهن. ساٽي ماڻهو وري مڇيءَ جو ٽنگڙ رکن ۽ اڳ کان بل ڏيئي چڙهي ويهن.

گهوڙي جو پنڌ:

گهوڙي جي هلڻ کي ٽور سڏين. جنهن جا ڪيترائي قسم آهن، دُگام، چرل، وچڙال، رَلو، ڇوٽو مُنِ، مُنِ، چوٽي، ڇؤٽ، آوار يا رؤ، تنهن کان مٿي ويرَ ڪرڻ ڪوٺين.

وکون:

        مادريو، چئوباز، چئو بار مٿي لس هلندڙ، وارڙيو، وارڙيو ويريو چوٽ، ٽور، سرارو، وک کاري هلندڙ هوندو ته لؤنڊڪ، اڌ سراري، ڊَڪ، ”گهوڙو کري ته ڪري ڊڪ!“ جي رَلي ۾ پير کاري هلي ته ٻٿڙ چون. ڊڪ ۾ پير گهلي کڻندو آهي. گاڏي واري گهوڙي جي پنڌ کي ڊُگ، تراٽ چون. ڇڏائي ڀڳل گهوڙي جي ڀاڄ کي، گيالف يا ميدان چون ۽ ان جي سنبن جي آواز کي ڪڙٻاٽ ڪوٺين. اسان جي پٽ ۾ گهوڙن جا سئس سوار هيءُ ٿيا آهن:

سوار:

        سنڌ ۾ مشهور گهوڙا سوار رهيا آهن، انهن ۾ پريو پنهور دنبالو، مرزو لغاري ڳوٺ سعيد خان لغاري، وسايو ماڇي ويٺل بودو ماڇي، شير محمد فقير ويٺل ڍير لڳ ڦلهڏيون، بچو سهتو ٽنڊو باگو، قادن شاهه ميرواهه، استو جمعو حجام ۽ استو متارو حجام ٽنڊو الهيار، جعفر شيدي محبت ديرو، عيدو مڱڻهار پير جو ڳوٺ، مرزو ڪالرو ويٺل ڏتو ڪالرو تعلقو ٽنڊوالهيار.

گهوڙن جا ٻيا ڪم:

        اسان مٿي چئي آيا آهيون ته گهوڙا، سواريءَ ۽ بار کڻڻ جي ڪم اچن ٿا، پر گاڏين ۾ به وهندا آهن. جنهن گاڏيءَ ۾ گهوڙو جوٽيل هوندو آهي، تنهن کي گهوڙي گاڏي چئبو آهي، ۽ جن گاڏين تي ماڻهو سواري ڪندا آهن، تن کي ٽانگو، ٽم ٽم، وڪٽوريا يا وڏي گاڏي سڏبو آهي، ۽ جن گاڏين تي بار ڍوئبو آهي، تن کي گهوڙي بار گاڏي ڪوٺين. گهوڙي گاڏين جو رواج انگريز حڪومت جي ڏينهن ۾ هتي پيو هو.

        جيڪو گهوڙو گاڏي ۾ هلائڻو هوندو آهي، ان کي اول ڪيڙيندا يا ڀؤن يا ڀانءِ ڏيندا آهن. يعني اکين تي لغام واري آنڌاري چاڙهي ڳچيءَ ۾ هسلي يا طوق وجهي، انهيءَ جي ڪنڍن ۾ رسا وجهي، سي ڪنهن تختي سان يا پاٽيي سان وڪوڙي، ان تختي تي ڪوچوان چڙهي بيهي گهوڙي جي لغام جون رئنون هٿ ۾جهلي، چهبڪ کڻي، گهوڙي کي هلڻ سيکاري گاڏيءَ جي وجهه جو بنائيندو آهي. گهوڙو تيار ٿيو ته وڌيڪ پٺيءَ تي پنڊي رکي ان جي بارڪشن ۾ گاڏي جا پول ڦاسائي ۽ ڳچيءَ واري طوق سان چمڙي جا جوٽا ڳنڍي، سي پولن جي پڇاڙيءَ وارن ڪنڍن ۾ اٽڪائيندا ته گهوڙو، گاڏيءَ کي ڇڪڻ شروع ڪندو.

جنگي گهوڙا:

        گهوڙا خاص طرح جڏهن جنگ جي ميدان ۾ ڪم ايندا هئا، تڏهن انهن کي ”غازي مرد“ جو لقب مليل هوندو هو. حضرت عليءَ عليه السلام جي گهوڙيءَ کي ”دلدل“، امام حسين جي گهوڙي کي ”ذوالجناح“ ۽ رستم پهلوان ايران جي گهوڙي جو نال ”رخش“ هو. حضور نبي ڪريم صلي الله عليه و آله وسلم جن، جنهن گهوڙي تي چڙهي معراج ڪيو، تنهن کي ”براق“ ٿا ڪوٺين. گهوڙا جنگين ۾، دشمن جي لشڪر سان لتن ۽ چڪن سان وڙهندا هئا، پنهنجي سوار جي زخمي ٿيڻ يا مرڻ تي ان جي ڪمربند ۾ چڪ وجهي آڻي پنهنجي ڇاوڻيءَ ۾ ڇڏيندا هئا.

ذوالجناح:

        امام حسين عليه السلام جي گهوڙي جو، ٻارهين ٻارهن مهيني يعني هر سال ماه محرم ۾، امام جي شهادت کي دل تي تازي رکڻ جي لاءِ ذوالجناح جو سرگس ڪڍيو ويندو آهي، ۽ ان کي سٺي نموني سينگاريو ويندو آهي ۽ اهو سينگار هن پر هوندو آهي: هن گهوڙي تي گهڻو ڪري پنج سنجي رکندا آهن. پنج سنجيءَ ۾، سنجن کان سواءِ گهوڙي جا ڳهه يا ساج به شامل هوندا آهن، جهڙوڪ: تل ۽ ٿڙا زريءَ يا مقيس يا پٽ جا ڀرت ڀريل ٿين. پهرين زريفت يا چمڪندوزيءَ تي جهل ان جي مٿان تل ٿڙا، پوءِ هنو ٽنگي ۽ ڍوال به چانديءَ جي تارڪشيءَ تي ڀريل هوندا، هني جي ڀرڻي ۾ پاڳ يا دَستار ٻڌي ويندي آهي، هني جي ٻنهي پاسن کان ڍالون يا سپرون مع تلوارن سوني يا چانديءَ جي قربانن يعني مٺين سان، مخمل جي مياڻن يا کُپن ۾ پيل، مٿان پاسيريون ٻڌل رهنديون آهن. گهوڙي کي ڳچيءَ ۾ ڳانيون، هسليون،  سرواڳ، ڳلخور چانديءَ جي جنوئي ۽ ٻيا ٽپڙ يا ڳهه چاندي جا پڻ وجهن. جي چانديءَ جي تائيٿن ۽ نُٻدين سان جڙت جڙيل هوندا آهن. ان کان سواءِ موتين جون سرون لڙهيون تائيٿ ڪٺمالون ۽ چندن هار پڻ وجهندا آهن، گهوڙي جي دونار تي سون جون دهريون ۽ رومال ريشمي به ٻڌن، پيرن يعني سنبن کي گلابي يا ڳاڙهو رنگ ڪري، انهن ۾ پازيب، نورا چانديءَ جا پائين. پٺيءَ تي دنب مٿان چاندي جا ڦل دمچيءَ سان گڏ ٻڌن، جي وڏا ويڪرا تائيٿ هوندا آهن ۽ ٽي هڪ طرف ته ٽي ٻي طرف دنب تي پکڙيل رهن ٿا. اهو گهوڙو هرهڪ پڙ تي جهنڊي ۽ مسجد ۽ ڪنهن اولياءَ الله ۽ سيدن پيرن جي حويلين جي چانئٺن تي مٿو ٽيڪيندو رهندو آهي. هن کي امام بارگاهن مان سينگاري ڪڍندا آهن.

سرڪس جا گهوڙا:

گهوڙا سرڪسن ۾ به عجيب ۽ غريب ڪرتب ڏيکارين ٿا. جهڙي رنگ جو رومال گهرجي، اهو رنگ آڻين. پيتي پٽي يا ڌرتيءَ مان پوريل شيءِ کڻي اچن، پنهنجي ماسٽر جي چهبڪ يا اوڳيءَ جي اشاري تي ڪيترائي جانبازيءَ جا ڪم ڏيکارين ٿا.

گهوڙي جو بيان:

گهوڙي جي پيرن کي سنب، گهوڙي جي ڇيڻي کي لڏ، هن جي آواز کي هڻڪار ۽ جڏهن زورائتو آواز ڪندو آهي ۽ نڪ جون ڇوٽيون پيون لڳنديون اٿس، تڏهن انهيءَ آواز کي زيل چون. اڳيان پير مٿي کڻي ته انهن کي دڙها ۽ پويان پير مٿي کڻي اُڇلي ته انهن کي پستيون هڻڻ سڏين. گهوڙي کي پنج واتي يا پنج هٿي بلا ڪري ڪوٺيندا آهن. ڇاڪاڻ ته اڳين توڙي پوين ٽنگن سان ته وڙهي، پر وات سان به چڪ هڻندوآهي. گهوڙي جي اڳئين پير ۾ هڪ رسو وجهي ٻڌجي ته ان رسي کي اڳياڙي ۽ جي ٻنهي اڳين پيرن ۾ ٻه رسا وجهي ٻڌجي، ته انهن کي ”دُدستي“ چون. پوئين ڄنگهه جي هڪ پير ۾ پيل هڪ رسيءَ کي ”پڇاڙي“ ۽ ٻنهي ڄنگهن ۾ پيل ٻن رسين کي ”دُپري“ سڏين. گهوڙي کي گهڻو ڪري ڇيڪ يا اجلا نه ڇڏين. گهڻو ڪري لغام يا ڳچي ۾ ڳراهو رسو يا ٻوٿ تي ٻوٿاڙو ڏنل رسو هوندس، جي چرندو ته پير ۾ ڊگهو رسو وجهي پاڍي ڇڏيندس. جيئن رسي جي ڊيگهه جيتري ٻائڙ ۾ چوڌاري ڦري پيو چرندو، جي پاڍيندس، نه ته پوءِ پيرن ۾ ڏاوڻ يعني ٽوڙهو وڪوڙي وجهندس يا نير يا شڪيل هڻندس. هڪڙي گهوڙي تي چڙهي ۽ ٻئي گهوڙي کي واڳ کان وٺي هلڻ کي ڪؤنتل ڪوٺين، پر گهوڙي تان لهي واڳ کان جهلي هلڻ کي گهوڙو ڏورڻ چوندا آهن. گهڻن ڊڊن جي آواز کي ”ڊيڪار“ چون. جتي گهوڙو ٻڌجي ان جاءِ کي ڪُڙهه يا طنبيلو ڪوٺيو ويندو آهي. جي اهو اونداهو هوندو بونئر يا بهرو چونس.

گهوڙن جو کاڌو:

گهوڙو گاهه برسيم، لوسڻ، ڪتر ڪانا ٺوٺا چرندو آهي. جنهن جاءِ تي اهي سندس کائڻ لاءِ رکن اتي ڪاٺين جي آڏ ٺاهين ان جاءِ کي ”اورٺو“ ڪوٺين. ڪن گهوڙن کي مالڪ روزانو ”داڻو“ به ڏيندا آهن يعني ٻاجهر يا ڪڻڪ جا داڻا توبري ۾ وجهي، توبرو هڪ ڳوٿريءَ وانگر ڊگهيرڙو ڳوٿرو يا ڪؤنٿرو يا پاهوڙو آهي، جنهن جي ترَکي اڌ تائين چمڙو ۽ مٿيان کرڙي وانگي ڏاس جو جڙيل ٿئي ۽ اُٻنگ وانگر ڪشو پيو هوندو اٿس. هن کي ان سان ڀري گهوڙي جو وات اندر وجهي، ٻوٿ مٿان ۽ ڪنن پٺيان ڪشو اٿلائي ڇڏين ته بيٺو چرندو آهي، ۽ جڏهن اهو توبرو خالي ٿئي ته هڻنڪندو آهي، ۽ مالڪ ٻوٿ تان توبرو لاهي وٺندو اٿس.

اسان وٽ چوڻي آهي ته ”ٽٽوءَ کي ٽارو، تازيءَ کي اشارو“ ٽٽو چئبو آهي، بندري ڇوٽي قد واري گهوڙي کي، جيڪو ڍرو هلندو آهي، ان کي ٽارن يعني ڇڙين ڇانڀن، تلهڙن، لڪڻن، لٺين، ڌڪن سان پيا هڪليندا آهن، پر تازي يعني عربي، عراقي يا ترڪي گهوڙي جي نسل وارن کي رڳو اَڙي هڻبي ته واءُ ٿي ويندو آهي. اهي گهوڙا ڀلا ۽ قداور ٿيندا آهن. جن گهوڙن کي ميڙائڻ واسطي سانهه ڪري بيهارين تن کي چون ته اهو گهوڙو ”ڏرند“ آهي، يعني گهوڙين تي پوندڙ يا ڦرندڙ آهي.

گهوڙن جون بيماريون ۽ علاج:

گهوڙن کي ڪيتريون ئي بيماريون ۽ مرض ٿين ٿا، جي ڄاڻو ماڻهو ڏسي سڃاڻي انهن جو علاج ڪندا آهن، تن مان هيءُ مشهور آهن.

چڪار:

سنب مٿان ڳوڙهو نڪري پوندو آهي، جنهن کي ڏنڀ ڏيندا آهن، ته آهستي آهستي نسوئجي ويندو آهي.

هڏڙي:

نريءَ يا گوڏي ۾ نڪرندي آهي، هن کي به ڏنڀ ڏيندا آهن.

رس پاڻي: سنبن مٿان مُچا مُچا ٿي بيهندا آهن، انهن کي ڏنڀ ڏيئي ڇڏائين، بعضي انهيءَ رس مان هڏ به پيدا ٿي پوندو آهي.

باديو: گوڏن ۾ هوا يا پاڻي ڀرجي پوندو آهي، هن لاءِ ڏنڀ به ڏين ۽ گهوڙن کي دوائون به کارائيندا آهن.

ڪامون/ڏندن جون مهارون ڀرجڻ:

هنن ڀرجڻ ڪري چُري نه سگهندو آهي، اندران مهارن جون سيرون ڇوڙيندا آهن.

ماڇو: اڳينءَ ٽنگ ۾ ٿئي ٿو، وهٽ سڌي ٽنگ ورائي نه سگهندو آهي، هن ريت ڏنڀ ڏين. ڇا ڪن جو، جنهن ٽنگ ۾ ماڇو هجي ان جي ابتڙ پاسي واري ڪن جي پاڙ ۾ ڪوڪو تپائي نبض تي رکي ڏنڀ ڏين.

سرگهيل:

هيءُ زڪام وانگر آهي، هن جي لاءِ ٻاجهريءَ جي ماني پچائي کارائين، آڏيريءَ جي ڏينن جو واس ڏين يا ڪاريون اڳڙيون نير ٻڏليون ساڙي انهن جو دونهون نڪ ۾ ڏين.

سرگهيل هڏ ڦاڙ:

        هن ۾ وهٽ اکين مٿان يا نڙيءَ وٽان ڦاٽي پوندو آهي، هن واسطي دوائون ۽ مالا ڏيندا آهن.

سرگهيل سڪو:

        گهوڙو ڊوڙائي ڊوڙائي يڪدم پاڻي پيارڻ ڪري ٿيندو آهي.

پونهار: پوئينءَ ڄنگهه ۾ ٿيندو آهي، ڄنگهه ڇڪجي بيهندي يا منڊي ٿي پوندي آهي.

بند: هن جي معنيٰ آهي چوڪڙو، ٿڪجي پوڻ ۽ عضون جو ٻڌجي پوڻ. تنهڪري وهٽ وڌيڪ هلي نه سگهندو آهي، رڳو پيو ٻڌ ڏيندو آهي. هن جي لاءِ کٿي جهڙي ڪپڙي ۾ ماهو ڇيڻو وجهي، نپوڙي، اهو پاڻي ٻاجهريءَ جي داڻن سان ملائي کارائبو آهي.

آبگير:

        گهڻي ان کائڻ کان پيٽ ٻڦجي [آڦرجي] پوندو آهي، جنهن کي آڦري به چون، گيهه اوتيندا يا نائيندا آهن يا تيل ۽ ڏڌ به پيارين.

پيٽ جو سور:

        بکيي گهوڙي کي گهڻو ڊوڙائبو ۽ پوءِ گهڻو گاهه کائيندو يا گهڻو پاڻي پياربو، يا سڪل بهه چرندو، ته سور پوندس، هن لاءِ دُن کان چار آڱر اڳيان پيٽ تي ڏنڀ ڏيندا آهن.

چيلهه جهلجڻ/واءُ ٿيڻ:

پگهريل گهوڙو، يڪدم پاڻيءَ ۾ وهنجارڻ سان جهلي پوي ٿو.

چٽو پوڻ:

سنج برابر ۽ ڇڪي رکيل نه هوندا، ته پٺيءَ ۾ چٽو پئجي وڃي ٿو.

جهڙ لڳڻ:

اڳين پيرن جو سنب ٻئي نسب سان هلندي ٽڪربو آهي.

مٺيا هڻڻ:

اڳئين پير جو سنب ٻئي پير جي ڳاهيءَ يا مريي تي لڳندو آهي.

ڇاڻو ٿيڻ:

گهوڙين کي ٿيندو آهي، ڦرجڻ جي لاءِ وَههُ چڙهندي اٿن. هن لاءِ گهوڙو ميڙائين، نه ته پاڻهي ڇڏي ويندو.

ٿاٻو: وهٽ جي ڪمزوريءَ کان اوچتو هلندي پير مڙي يا اٽڪي پوندو آهي.

خاص طرح خفتين ۽ ڄاڻُن وٽ وهٽن جا ڪيترائي علاج آهن.

ريج: پڻ هڪڙي بيماري آهي جنهن ۾ وهٽ ”ڏچر“ يعني گهٽ کائيندو ۽ چرندو آهي، ”سچر“ نه هوندو آهي يعني جيڪي کائي سو جيوري وڃيس.

برساتي/بدڪنار:

هن ۾ رت ۽ چمڙي جي خرابي ٿي ويندي آهي.

بدنام: هن ۾ گهوڙين کي سنبن، گوڏن، ٿڻن ۽ سار ۾ ڦٽ ٿي پوندا آهن.

باد خور: هن مرض ۾ گهوڙن جا وار ڇڻي پوندا آهن.

خچر ۽ گڏهه:

هنن ٻنهي جانورن کي هڪڙي دفعي ۾ شمار ڪيو ويندوآهي. خچر تڏهن پيدا ٿيندو آهي. جڏهين گهوڙيءَ مٿان گڏهه ٽپي لڳ ڪندو آهي ۽ جڏهن اها گهوڙي ويامندي آهي، ته هڪڙي اڌوگابري گاڏڙ جنس جانور پيدا ٿئي ٿو، جنهن کي خچر ڪوٺين.

خچر:

نر جو نالو خچر، ماديءَ جو خچري آهي. جڏهن خچري خچر مان ڦر جهلندي آهي، ته ويامي ڪين سگهندي آهي. پوري ٻارهين مهيني ان جو پيٽ چيري ڦر ڪڍندا آهن ۽ ان کي استر چون. اهو استر بار کڻڻ جو مضبوط جانور ليکيو ويندو آهي. چون ٿا ته ان جي چئني کرن جي هيٺان چار پڪيون سرون رکي پوءِ مٿانئس بار پيو لڏبو آهي ۽ جڏهن چارئي سرون ڀڄي ڀور ٿي پونديون ته بار رکڻ بند ڪندا اٿس. ڪن جو ڪاٿو آهي ته سرن جي ڀڄڻ جي لاءِ به اٽڪل سؤ مڻن جو انداز هئڻ ضروري آهي. هتان جا پير سيد ۽ وڏا ماڻهو پنهنجي سفر لاءِ محافن ۾ سواري ڪندا هئا ۽ انهن کي خچر ڪاهيندا هئا.

انگريزن جي ڏينهن ۾ سرڪاري توبخانو خچرن کان ڇڪايو ويندو هو. اهو توبوخانو اهڙو ڳرو هوندو هو، جو فقط هاٿي ڇڪي سگهندا هئا. ڏس آهي ته خچر جي پڇ جو وار ماڻهوءَ جي ٿيل هسي جي ڳوڙهيءَ جي پاڙ ۾ ڇڪي ٻڌي ڇڏبو آهي، ته پنجن ڇهن ڏينهن کان پوءِ هسو ڇڻي ويندو آهي.

گڏهه:

سؤنٽي هجي ساڻ ته گڏهه گوهي نه ڪري!

گڏهن تي نبين سواريون ڪيون آهن. اڄ به حضرت عيسيٰ عليه السلام جي گڏهه تي مقبرو ٺهيل آهي، هن جي پوڄا ڪئي ويندي آهي.

هيءُ تمام سستو، ٿورکائو پالتو جانور آهي. هن جي نر کي گڏهه، خرُ يا کرُ ۽ ماديءَ کي گڏهي ڪوٺيو ٿو وڃي. هن جي مادي، ڦرُ جهلڻ مهل چاٻا ڏيڻ لڳندي آهي، ان مان سمجهه ۾ اچي ٿو، ته هن کي ڦرجڻ جي خواهش گهڻي ٿي رهي آهي. گڏهي ٻارهين مهيني ويامندي آهي. نر ڦر کي کودو يا کودڙو مادي ڦر کي کودي يا کودڙي سڏين. جڏهن کودي لڳڻ جي ايامڪاري ۾ ايندي آهي ته ان کي ٻيهاڻ ڪوٺين. وچ عمر ۾ کيري ٻه ڏندي، دوڪ، چئو سالي وغيره ڏندن موجب شمار ڪن.

کر کودڙيون کر کودڙا، تن جا ٻٽيءَ چوٽ ٻهاڻ،
تني جي رهاڻ، گلو سڄوئي گار ڪيو!

 

گڏهن جا رنگ:

ٻاجهريو، ڪڻڪ رنگو، بالهڙو، نيرو [عام رنگ]، ٽامڙيو، ڳاڙهو، ڪارو نڀور، اڇو بگو، ۽ ڪار چوٽيو، جنهن جي ڪنن جون چوٽيون ڪاريون ۽ پاڻ اڇو هوندو آهي ۽ دٻڪن وارو پڻ ٿئي.

نسبتي نالا:

خراساني: ڊگهو، قداور بدن جو مضبوط خراسان ملڪ جي نسل وارن مان آهي. هتي گهڻو ڪري پٺاڻ خرڪار مٽيءَ جي ڪم ۾ واهيندا آهن.

لاسي:

قد ۾ خراسانيءَ کان لاٺيرو پنڌ جو تکو، گهڻو ڪري سواري جي لاءِ ڪم اچي.

سنڌي:

هن جا گهڻئي قسم آهن، بدن جو هلڪو ۽ قد جو ننڍو ان کي ”ٽڪرُ“، ڪوٺين. سنڌي مضبوط ۽ وڏن گڏهن ۾ خاص طرح ٻاگهل، ويسر ذاتيون جي حيدرآباد لڳ ٿا رهن ۽ ڪنڀار ۽ چوهاڻن جون گڏهيون مضبوط تکيون ۽ قداور هونديون آهن. سندن پانچ پنج، ساڍا پنج فوٽ هوندي آهي.

گڏهه:

داين، بٺارن، جنڊاهوڙن، شاهه جي شڪارين ۽ ٻيون جيڪي سنڌ ۾ لاڏاڻو [خانه بدوش] قبيلا آهن، تن وٽ اوس آهن ئي آهن. اهي اهڙا مشهور ناهن رڳو بار برداريءَ ۽ لڏڻ ڍوئڻ جو ڪم ڏين ٿا.

گڏهن جا ڪم:

ڪنڀار، گڏهن تي کڙيو کاهي ڇاٽي يا ٻوجهو رکي ان تي ٿانون جوڙڻ جي لاءِ سڪي مٽي آڻين، ”آونگ“ يعني رڌ پچاءَ جا ٺڪر جا ٿانوَ ٽنگڙ ۾ وجهي لڏين ۽ کڻي وڃي وڪڻن، اوڏ، گڏهن تي ڪاٺ جا ٻنڊا، جندرا يا ڪجاوا رکي، انهن تي آلي مٽي ڍوهي ڀتيون بنائين. دايا ۽ بٺارا توڙي خرڪار، گڏهن تي سرون، واري ۽ ڀنجو ڍوئيندا آهن. هاڻي گڏهه گاڏيون به نڪتيون آهن. جن ۾ گڏهه ٻڌجن. ٿر ۾ گڏهن سان هرَ ڏين ۽ جندرا رکي پري پري کان پاڻي ڀري اچن. پورهيت ماڻهو جهنگ مان ڪاٺيون وڍي گڏهن تي لڏ رکي اچي شهرن ۾ وڪڻن. عام طرح ٻهراڙين ۾ گاهه پٺي، ان پيهائڻ وغيره جي لاءِ هر هڪ ماڻهو وٽ گڏهي هوندي آهي.

گڏهه جو کاڌو:

خاص ڌاريل گڏهن کي ماڻهو هٿ جو ڪيل گاهه کارائين، ڪن کي داڻو به ڏين نه ته گڏهه جهنگ چري گند ڪچرو کائي پيٽ ڀري ٿو. گڏهه وري اهڙو نٺر ٿيندو آهي، جو هوڏ ٻڌي بيٺو ته هڻي ماري ڳڀا ڪري ڇڏينس حرام جو هڪڙي وک به وڌيڪ هلي! اتي بيٺو اِٽ هڻندو. اِٽ چون پوين ڄنگهن جي ٻڌيون ٻڌيون لتون هڻڻ چوندا آهن. ان کي پست اڇلڻ به چون، ڀلين گڏهين کي پوئينءَ ڄنگهه ۾ پنجوڙي ۽ اڳيان ڳراهو وجهي ٻڌن. هڪلڻ مهل تکن گڏهن کي لغام ۽ ڍرن کي ٻوٿاڙو يعني رسيءَ جو وڪڙ ٻوٿ کي ڏيئي چڙهي ويهي هڪلين. بٺارا دوا يا اوڏ جن وَٽ گهڻا گڏهه هجن، سي هڪڙي ڊگهي رسي ٻن ڪلن ۾ ٻڌي انهيءَ ۾ ٽوڙهو ٽوڙهي اٽڪائي گڏهن جي پوئين ڄنگهه ۾ ٻڌن. ان رسيءَ کي ”تندو“ چون.

        اسان جي ملڪ سنڌ ۾ وڏا ماڻهو گڏهه تي سواري ڪرڻ عيب سمجهن، پاڻ جي ڪنهن کي شرعي تعذير ڏيڻو هوندو اٿن ته ڏوهاريءَ جو منهن ڪارو ڪري، موچڙن جي ڪنڍي ڳچيءَ ۾ وجهي، گڏهه جي پولهه ڏانهن منهن ۽ ٻوٿ ڏانهن پٺ ڪري ان ماڻهوءَ کي چاڙهي سڄو شهر پنائيندا آهن. هوڏانهن عرب ولايت ۾ گڏهه جي سواري فخر ڄاتي ويندي هئي.

ڏهه پلاڻڻ:

        سواريءَ واري گڏهه کي وات ۾ لغام ۽ ان ۾ واڳون مٿان سرواڳ، ڳچيءَ ۾ ڳانيون ۽ ڳانڍيا يعني ڳنڍين وارا وٽيل ڪارا ڏورا. ڳلخور، ٻوٿ تي مکراڻو ۽ ڳچيءَ ۾ مڻڪن جون سرون، وجهندا آهن، پوءِ پٺيءَ تي ٽپڙي رکي ان جي مٿان آٿر، جي پڻ ڳوڻين ۽ ٽپڙن مان ٺهيل آهن، انهن تي اينڊي، ٻنهي يا ملهو رکي تنهن جي مٿان رلي پکيڙي، ڍاڪن تي ڪنر، جي سينهوڙن جهڙا ٿيندا آهن، جن کي ڪشي سان ڇڪي ٻڌبو آهي، آٿرن کي سوگهي رکڻ جي لاءِ پٺيان پولهه کان رسو ڪشڻ کي نوارو پڻ ڇڪي ٻڌبو آهي ۽ پيٽ وٽان تنگ.

پنڌ: گڏهه کي گهوڙي وارا سڀئي پنڌ ٿيندا آهن، ڪن حالتن ۾ ڀلن کان ڀلن گهوڙن کي پنڌ ۾ به گڏهيون ميدان ماري وينديون آهن.

گاڏيءَ ۾ جوٽڻ:

”گڏهه گاڏي“ جو ٺانٺو، بيل گاڏيءَ جي ٺانٺي کان جان تان ننڍو ٿيندو آهي. اڳيان ٽانگي وانگر ٻه پول هوندا اٿس، جن جي وچ ۾ گڏهه کي جوٽيندا آهن. گڏهه کي انڌاريءَ وارو لغام ٻوٿ تي چاڙهيو ويندو آهي. پٺيءَ تي پنڊي ۽ ان تي کڙائو يا ڪاٺي يا هنو رکبو آهي. اهو هنو لوهه جو چؤپيري منجڻ وانگر ٿئي ٿي ان جي بارڪشن ۾ پول ۽ ڇاتي واري طوق سان جوٽا، جي هڪن ۾ ڦاسندا آهن، لڳل ٿين. بعضي هڪڙو ته بعضي ٻه ٻه گڏهه به ان گاڏيءَ کي ڇڪين. وچ وارو آندرو ان کي ”جوٽو“ ۽ پولن کان ٻاهر واري کي ”جُٽ“ سڏين. پٺاڻ ماڻهو وري ان کي ”پُخ“ ڪوٺين.

گڏهه جو بيان:

اسان سان بڪيرا تعلقي ٽنڊي الهيار واري ڪنڀار نالي پانڌي جيڪو وڏي ڄمار جو هو ڳالهه ڪئي ته: قاسم ڪنڀار ويٺل قيصر ڳوٺ لڳ ٽنڊوآدم واري وٽ ۽ مون وٽ گڏهيون ڀليون اٽڪل ساڍا پنج فوٽ پانچ ۾ هيون ۽ پنج پنج مڻ بار خوشي سان کڻي رلي ۾ هلنديون هيون. ان وقت جيتوڻيڪ گهڻي سهانگائي هئي، تڏهن به منهنجي گڏهه ساڍن چئن سون روپين ۾ ڄام ملوڪ، ڄام ڪانڀوءَ جي مائٽ ورتي، جا اڄڪلهه جي ملهن موجب چاليهه هزار روپيا لهندي.

گڏهن تي بار کڻڻ کان سواءِ ٻه ٻه ماڻهو ٻيلهه چڙهي سواري ڪندا آهن، ميرن جي صاحبيءَ ۾ هندن جا سيٺيون ۽ واڻيا وڪال گڏهن تي سواري به ڪندا هئا، ته وڻج واپار، وکرُ وڙو به آڻنيدا نيندا هئا، ۽ ميرن جي ادب ۽ احترام کان ڪڏهن به گهوڙي تي نه چڙهندا هئا. انگريزن جي حڪومت جي اڌ صديءَ تائين منجهن اهو رواج هلندو آيو، تنهنڪري وڇائتن وٽ به ڀلوڙ گڏهه هوندا هئا. ڪي ماڻهو گڏهن کي رڳو ٻوٿاڙو ڏين، پر بٺارا ته رڳو سؤنٽيءَ سان هڪلين ۽ ورائن. هن جي ڇيڻن کي لڏ، هن جي آواز کي هينگ، هن جي پيرن کي کرَ، پوين ڄنگهن کي ٽؤنٽيون چوندا آهن.

گڏهه، اهو جانور آهي، جنهن کي پگهر گهڻو ڪونه ٿئي، ڀلي سڄو ڏينهن ڪاڙهي ۾ بيٺو هجي. تکي گڏهه کي سؤ ڪوهن جي منزل تي پهچڻو هوندو آهي، ته ڊوڙندي هر پنجويهن ڪوهن کان پوءِ هڪڙو ڊگهو ڦونگهارو هڻي، وري به رئيءَ ۾ پئجي ويندو. گڏهن وارن کي گاڏهي ڪوٺين.

گڏهن کي گهڻو ڪري چٽي جو مرض ٿيندو آهي، جو آٿرن جي گسڪڻ يا گهٽ هئڻ سببان بار گهڻي هئڻ سبب پٺيءَ جي کل رُڙي ويندي اٿن ۽ پوءِ اها چُڪي چُڪي وڌندي ويندي آهي. تان جو پٺي جو ڪنڊو پيو ڏسبو اٿن. اهڙي حالت ۾ بار کڻڻ کان نر رهندو آهي، مالڪ پڻ منجهانئس آسرو پلي هن کي ڇيڪ ڇڏي ڏيندو آهي. بٺي يا چٽي واري هنڌ تي لڏ يا مٽي ٻرڪي ڪانگ جو کنڀ ٻڌي ڇڏيندا اٿس ته ڪانگ نه پٽينس. چِٽِر گڏهه ڪانگن کي ڏسڻ ۾ آيو ته پاڻيءَ جون چهنبون ڀري ڀري چٽي تي نئيندس ته ڀلي چڪي ۽ پوءِ منجهانئس چهنبون جهوڪي جهوڪي پٽي پيا گوشت ڳڙڪائيندا آهن. جي ڌڻي نه ٿيس، ته اهڙيءَ طرح ڪانءَ ماس پٽي پٽي کائي ماريندس.

گڏهن بابت ڪيتريون ڪهاڻيون ڪتابن ۾ گڏ ڪيون ويون آهن. اڳوڻا بادشاهه جي ڪنهن امير تي ڏمربا هئا، ته ان کي جيئرو ئي جيئرو گڏهه جو پيٽ چيرائي ان ۾ اندر سبائي پوءِ درياهه ۾ لوڙهائي ڇڏيندا هئا.

سواريءَ جو ٻيو ڪو جانور منزل تي پهتو ته اولاڻي ٿيڻ يعني سنجن لهڻ کان پوءِ ڪنهن اچي پوٺي تي ليٿاڙيون پائي ٿڪ ڀڃندو پر گڏهه اتي جو اتي لڏ ۾ ليٽي پوندو. انهيءَ ڪري ته چوندا آهن: گڏهه لڏ ۾ ليٽي پنهنجي پسوري پڌري ڪندو آهي. هن وقت پاڪستان ۾ يارهن لک گڏهه موجود آهن.

ڳائو مال:

ڳائي مال ۾ ڍڳيون، ڍڳا گابيون گابا اچي ٿا وڃن. هن مال جي ڌاريندڙن توڙي چارنيدڙن کي ڳنوار، آهير، گانئچو، ڌنار يا ڌراڙ ڪوٺين ٿا. گابن ۽ گابين جي چاريندڙ کي گابار سڏيو ويندو آهي.

هيءُ مال بُهي يا اُجوري تي به چاريو ويندو آهي ۽ اَڌياري تي به جنهن جو مطلب آهي ته جيڪي ڦر - لار ٿيندا سي مالڪ ۽ چارنيدڙ پاڻ ۾ اڌواڌ ڪري ورهائي کڻندا، يا چوٿ تي، يعني چئن ڦرن کان پوءِ هڪ بُهيءَ ۾ ڏنو ويندو يا رڳو ڏوڀ تي ڏنو ويندو آهي. ڪٿي ته چاريندڙن جا پگهار به مقرر ٿيل هوندا آهن.

ڏوڀ تي ڏنل مال جو کير چاريندڙ ڪتب آڻيندا ۽ ڦر - ڦلا ٿين مالڪن يعني ڀاڳين جا، ڪي ته ڌنارن کي وري (ورهيو) به ڏيندا آهن. هڪ سال جي توڻ ڳائي ۽ ماهي مال کي گڏي وانڍيون چون، ٻنهي مالن جي گڏيل ڌڻ کي گوهر ڪوٺبو آهي.

ڳئون، ڏهين مهيني ويامندي آهي. هن جي نرڦرن کي گابو، وهڙو، ڳوڌو، ٻڙڌو، بلد، بيل، ڏاند، ڍڳو نالا ڏين ۽ مادين کي گابي، وهڙي، اوسر، گانءِ، ڳئون ۽ ڍڳي سڏين.

ڄمار بابت:

اَلياوڙو، [تازو ڄاول ڦر] ۽ کيرو، [کير ڌائڪ ڦر] پوءِ ڇٽ، تنهن کان پوءِ اوٽاڪ [جنهن کير ڌائڻ ڇڏيو هجي] پوءِ ٿيندو ڪنڊرايل، يعني نوان ڏند ڪڍڻ لڳندو، ٻن سالن جو ٿيو ته ٻه ڏند نڪرندس ۽ هن کي ٻِگو، دوڳ، ٻڙندو يا ٻڏندو سڏين. چار ڏند نڪتس ته چوڳو، ڇهه ڏند نڪتا ته ڇڳو، اٺن ڏندن وارو آڌي، ان کان پوءِ مڙيل يا موٽيل، اٺن سالن کان پوءِ گوندريو ان کان پوءِ سڀ ڏند ڇڻي پيس ته پوءِ ڀُڏيا ڀوڏ.

ناري پاسي ڳئون جو ڦر/گابو/گابي) وڌي ڳئون/ٿيڻ تائين هيءَ مرحلا طي ڪندو آهي:

1. ڌاوچ [کير پيئندڙ]

2. کڙهي [کير ۽ پن چرندڙ]

3. چرهي [گاهه کائيندڙ]

4. گابي [ڏيڍ- ٻن سالن جي]

5. وهڙي [ٻه ڏندي]

6. ٽيهاڻ [ڍُڪي ٿيڻ جوڳي]

7. پهريات [پهريون ڦر ڄڻيندڙ]

8. ڳئون [سوا/آلوڙي]

ساڳيءَ ريت نرڦر، ڌاوچ، کڙهو، چرهو، گابو، وهڙو ۽ پوءِ سانُ ٿيندو آهي.(1)

ڪو وهڙو آماهيو يعني شهوت ٿيس، ته ٿيو آنڪو سانهه. ان کان پوءِ پڪو سانهه ۽ ڍڳين سان ڇڙواڳ هليو ۽ ڦرڻ لڳو ته ٿيو بجار سانهه. گابي شهوت ۾ اچڻ لڳي ته ان کي وهڙي يا وهريل چون، وههُ، چرٻيءَ کي چئبو آهي. قدرت ڍورن جي پٺيءَ اندر سار کان سڌو مٿئين ڀاڱي ۾ چرٻيءَ جي ٻُور يا داڻ داڻ پيدا ڪندي آهي، جڏهن اها گهڻائي ۾ ٿيندي آهي، ته وهڙي ڦرجڻ جي لاءِ آتي ٿيندي آهي، ڇو ته ان ٻُر ٻُر ۾ گهڻي گرمي هوندي اٿس ۽ بدن پيو پوسرندو اٿس. اهڙي گابيءَ کي بوراڪ، لاڳڙ يا اوسر سڏيندا آهن، جيستائين نر سانهه اُن ٻور کي جنهن ۾ ڏاڍي تپش هوندي آهي، پنهنجي بونڊ جي هڪڙيئي جهوڪ سان کرڙي نه لاهيندو آهي، تيستائين اها وهريل ڏاڍي وياڪل ۽ پريشان پئي ڦرندي آهي. جڏهن ٻڙڌ کي ائين يعني ميڙائين تڏهن وڃي سُڪون ٿيندو اٿس.

ميڙائڻ جي لاءِ، بجار سانهه ڌڻ يا گوهر سان گڏيو پيو هلندو آهي، جي ڪا هڪڙي ٽَڪَ هوندي ته ڌڻي پاڻ ڦيرائي ايندو. پر ڌڻ جي حالت ۾ سانهه، هرهڪ ڀوريل وهريل ڍڳيءَ جي سار سونگهي ان جي پولهه تي اُٻري چڙهي ڦرندو، جي ڦرڻ ۾ ڍر ڪندو ته ڌراڙ ڊُڪائيندس ۽ هشڪاريندس ان لاءِ مخرج سان هيءُ آواز ڪندو. ”دوئي.... دوئي.... ٽُر ٽُر... هم دو.... ٽُر ٽُر... همد دو.“.

انهن آوازن ٻڌن شرط بل ڏيئي سار ۾ بونڊ داخل ڪري، هڪڙي يڪي جهوڪ ڏيئي هيٺ لهي پوندو. جنهن ماديءَ تان چڙهي هيٺ لٿو ته اها ٿي ڦريل يعني ڦر جهليل، ڍڪي يا لڳل ۽ جڏهن ويامڻ جي ايامڪاريءَ کي ويجهي ٿيندي ويندي ۽ جي اينوهه هوندي يعني نئي سامائي ۽ ڦري هوندي ته اوهه هيٺ لاهڻ لڳندي، جنهن کي چوندا ته اوهيل آهي ۽ ويامڻ ۾ مهينو ڏيڍ مس ڪڍندي. باقي ٻن - چئن ڏينهن تي بيٺي، ته ويامو چوندس. اڃا به جي ساِر مان سوڄ ٿيل حصو جنهن کي آس چون ٻاهر لڙڪندو ڏٺائون، ته پوءِ ته اِجهاڪي اِجها! جي وهر کڻي ويئي، ته چون ته هاڻ ولهامي ويئي آهي.

پهريات جي پهرين ڀيري ويامڻ تي ان کي ايهو، اينهن، ايهوڙي، اِنوڙي نالن سان سڏين ۽ تازي ويائل کي آلوڙي، گهڻن ڏينهن جي ويائل کي سُئا، سئا کير ڏهائيندڙ کي سڏبو، کير نه ڏهائيندي ته سوڪيل يا وهڪيل سڏيندس. ڏهائي بند ٿيس ته پوءِ ڪوٺبي ڦنڊي، ڦرجڻ کان پوءِ ڦر ڪيرائي ڇڏي، ته ان کي اُٿلائڻ چون. جي ماڳهين نه لڳي، ته پوءِ ڦنڊر چونس، گهڻي گرمي سبب ڍڳيون کير نه ڏينديون آهن يا ٿلهي مواڙ هئڻ ڪري نه لڳنديون آهن. انهن کي کارڪون ۽ بوجري هيڊ کارائيندا آهن، ته جلد وهرجي پونديون آهن. ڦنڊرون، ڪاساين کي وڪڻن يا ڪنهن شادي غميءَ ۾ ڪهي هلائي ڇڏين يا ڪنهن پير فقير جي مڃتا مڃي، ڦنڊر اتي خيرات ڪن. پهرئين پيٽ ويائل کي پهريات، ٻئي پيٽ ويائل کي ٻهار ۽ ٽئين پيٽ ويائل کي ٽهار چون. ڍورن ۾ وانڍين جي پيرن کي کرُ، ۽ کرن جي چيرواري هرهڪ حصي کي کرانڊي. ڳائي مال جي آواز کي رنڀ ۽ فضله کي ڇيڻو يا بوسو چون.

ڳائي مال جا رنگن جي ڪري نالا:

اڇڙي، ڪاري، ڪڪڙي، چؤنري، ڌؤنري. ٻولهائي، ڪٻري، تيلي، ڪمري، ٻانڀڻي،سائي، رائي راڻي (هن جو بدن ميٽائون ۽ اکيون سخت ڪاريون انهن جي هيٺان اڇا اڇا لينگها هوندا آهن،) ان ريت ڍڳن کي به انهن نالن جي رنگن سان سڏين ٻانڀڻو، اهو ڍڳو ٿئي جنهن جو رنگ اڇو، اکيون اڇيون، پر ڀرون به اڇا هوندا آهن، چؤنرو اهو ڍڳو جنهن جي پڇ جو هيٺيون مچو هجي. رائي، اها ڍڳي، جنهن جي بدن جو اڳيون حصو ڪارسرو ۽ پويان اڇي ميرانجهڙي هوندي آهي.

سڱن موجب ۽ ٻيا نالا:

سڱري، جنهن جا سڱ سنهڙا ۽ ڊگهڙا ٿين. ٺوٺي، هڪ سڱ ڀڳل يا پاڙؤن چٽ، موڏي، صفا سڱ نه، دُڏر، ٿورڙا سڱن جا تڪا نڪتل، ڏٻي هڪ، سڱ لڙيل، ڪولهي، ڪن کان ڪري، لنڊي، پُڇَ پٽيل. ڏٻو ڏاند هڪ سڱ وارو.

ڳائي مال جا ڪم:

هن مال جا ڏاند، هرلي، نار، هرَ، هلرَ، ڪيڻ، سهاڳي، چيچڙي، گهاڻي ۽ بيل گاڏيءَ ۾ وهن.

بيل گاڏيءَ جي بناوت:

بيل گاڏيءَ کي ٻه چاڪ يا ڦيٿا، هڪ ٺانٺو، دُري، پول ۽ پانڃاري ٿين. سڄي گاڏي هن نموني ٺهيل هوندي آهي.

نانهن:

هڪ ڪاٺ جي گهڙيل [گول فوٽ قطر] ٻائڙ واري دوڳي، سوا فوٽ يا ڍيڍ فوٽ چورس/ڪعب هوندي آهي. ان جي پوري وچ ۾ اڌ انچ نيم قطر وارو سوراخ نپيل ٿئي. ان نپيل دوڳيءَ کي ”نانهن“ ڪوٺين ۽ ان جي ٻنهي ڪنارن تي لوهه جا گول پٽا جن کي آمڻ چون، سي چاڙهي سوگهو ڪن ته ڪٿان ڏري يا ڦاٽي نه پوي. وچ واري سوراخ ۾ ساڳئي ميڪر جي لوهه جي سرلي جانڙي وانگر هوندي آهي، ٺوڪي ويهارين. نانهن جي سرليءَ وارن ٻنهي پاسن کان لوهه جا پترا جن کي توا چون، سي کپائي ويهارين ۽ ناهن جي ٻاهرين پاسي ڊڍر تي چورس کَپ ڪري، انهن ۾ سل چوڙ ڪري ڏيڍ، ٻن فوٽن جون چورس ڪاٺيون گهڙي ٺوڪين. انهن کي اَرا، سڏين: ارن جون مٿيون پوڇڙيون پڻ گهڙي انهن جي مٿان ڪمان وانگر ٿلها چورسا ڪاٺيون نپي سوراخ ڪري سل چوڙ وانگر اهي ڪاٺيون اَرن مٿان ٺوڪي ويهارين. انهن ڪاٺين کي ”ٺيڪيون“ ڪوٺين، اهي ٺيڪيون ٻه اڍائي فوٽ ڊگهيون، اڍائي ٽي انچ موڪر ۽ عمق ۾ ٿين، اٽڪل ڇهه کن ارن سان ڀچي چاڪ بنائينديون آهن. هرهڪ چاڪ ۾ ٻارهن ارا ٿيندا آهن. پوءِ انهن جي مٿان لوهه جو پاٺو تپائي ٺيڪين تي چاڙهي پاڻي نائي ٺاريندا، ته ٺيڪيون ۽ ارا، نانهن ۾ جڪڙجي بيهندا. اهو ٿيو چاڪ يا ڦيٿو.

ٺانٺو:

هيءُ پيتيءَ وانگر ٺهي ٿو، ٽي پاسا بند باقي مٿيون پاسو کليل رکبو آهي. ٺانٺي ٺاهڻ جي لاءِ پهرين ان جو قالب يا فريم ٺاهبو. ڇاڪن جو چؤنوٽا ٻه ايسوٽا سمهاري انهن کي سل چوڙ ڪري وري چار ايسوٽا انهن جي ڇيڙن ۾ سوگها اُڀا ڪري ويهارين، جي اڍائي فوٽ کن اُڀا هوندا. انهن جي مٿان سل چوڙ ڪري، بانڪو يعني سمهاريل پٽيون ٺوڪين، بانڪن هيٺان پسرن جون پٽيون ۽ پانيل تختا پاسن ۾ هڻن، اٽڪل ٻه فوٽ کن چار چار پٽيون اُڀيون ٻنهي پاسي ڀانيل جي هڻن، انهن کي سوگهي رکڻ جي لاءِ هرهڪ پاسي لوهي ڊگهيون ٽي ٽي سيخون لڳائين. هيٺان تري ۾ ٻه يا اڍائي پاڙڇا تختا ٺوڪين، پاڙڇن تختن ۽ پانيلن وارن ايسوٽن کي مضبوط رکڻ لاءِ گوڏي وانگر گهڙيل واڏڪن جهڙا کڻا چئني ڪُنڊن تي ٺوڪي ويهارين. اڳيان هڪ تختو ڪنڊن کان ڇل ورتل ڪنڊن ڪپيل پول مٿان رکي ان کي ٻه دامنون پاسن کان ٽڪنڊي نموني ۾ ٺوڪي هڻي انهن دامنن جون پڇاڙيون هڪڙي ننڍڙي فوٽ ڏيڍ جي چورسي ۾ نپي ويهارين. ان کي مڪڙي چون ۽ سموري اڳئين ٺٺ کي منجڻ نالو ڏين. مڪڙي جي پڇاڙين کان ٿورو پوئتي ٻه وڏا سوراخ ڪڍن جن ۾ اَڏا يا ڏنڊا اُڀا ڪري وجهندا آهن، جو بعضي گاڏي اُٽ تي ڀرڻي هوندي اٿن. انهيءَ ساري سجنٽ کي ٺانٺو ڪوٺين.

دُري ۽ پول، ٺانٺي جي هيٺئين پاسي پوري وچ تي هڪ ٻٻر جي ڪاٺ جو چورسو جيڪو وچ مان جهڙي نيسر وانگر نپيل ٿيندي آهي، ان کي پيتي سڏين پوءِ نپيل ڀاڱي جهڙي ۾ لوهه جي دُري يا سرائي جا مڻ - ٻه ڳوري ۽ پنج فوٽ ڊگهي وچ ۾ چورس ۽ پڇاڙين ۾ گول ۽ انهن پڇاڙين وٽ سوراخ ٿيل هوندا اٿس سان پيل ڀاڱي پيتيءَ ۾ ويهاري، ٺانٺي جي هيٺان پول، ابتڙ طرف ۾ ٺوڪي مٿان اها پيتي ٺانٺي سان کولين يعني لوهه جي ونگڙن پٽن سان ايسوٽن سان ٺوڪي ويهاريندا آهن ۽ ان پيتيءَ جو پول سان کُپيل حصو وچ تي جڪڙجي بيهندو آهي. ان ذريءَ جي پڇاڙين ۾ چاڪ پوندا ۽ ان جي سوراخن ۾ آڻون يا چاٻيون پونديون، ته چاڪ سوگها ٿي ڦرندا. دُريءَ کان ٻاهر نڪري نه سگهندا، پول، چيل جي ڪاٺ جو نوَ فوٽ ڊگهو 4 باءِ 3 فوٽ عمق ٿولهه وارو ٺانٺي جي منجڻ کان چار ساڍا چار فوٽ ٻاهر نڪتل ڊگهيرو هوندو آهي. ان واڌ کي اَوَدُ يا اُود پول چون. اُود جي پڇاڙيءَ ۾ هڪ ڪاٺ جو گهڙيل گوڏي وانگر ونگڙو کُڻ، جنهن کي اوٽڻو، اُوٽڙو يا اونٽڙو سڏيندا آهن، سو ڪلن سان ٺوڪي ويهارين. هيءُ گاڏيءَ جي سطح کي سنئون سڌو ڪري بيهاريندو ۽ پول کي ڀڄڻ کان بچائڻ جي لاءِ رکندا آهن. اونٽڙي مٿان پول جي اَوَدَ واري پڇاڙي تي پانڃاريءَ جو پورو وچ، رسن واجهن يا ڪِلن سان سوگهو ڪندا آهن.


(1)  نظرثاني ڪندڙ طرفان اضافو آهي. (ادارو)

(1)  نظرثاني ڪندڙ پاران واڌارو آهي. (ادارو)

(1)  نظرثاني ڪندڙ پاران اضافو آهي. (ادارو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org