سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سنڌ جو لوڪ ثقافتي ورثو

باب: 4

صفحو :6

باب چوٿون

ڳيچ

        ڳيچ اصل ۾ اندر جا اُڌما آهن، جيڪي ٻولن جو روپ ڌاري، ماڻهو (عورت/مرد) جي من جي جذبن جي ترجماني ڪن ٿا. انهن ۾ ميڙائي جا ڳيچ، وڇوڙي جا ڳيچ، خوشيءَ جا ڳيچ سڀ اچي وڃن ٿا. سنڌي ڳيچ سنڌ جي عوام جو لوڪ ورثو آهي. جنهن جو سرجڻهار، سنڌ جو عوام آهي، جيڪا سنڌ جي هر ساڃهه وند سيني ۾ سانڍي آهي.

هنن ۾ عوامي خواهشون، امنگ شامل آهن. ”ڀائرن پگهار منجهان پائلي مـُـڪي  آهي“ وغيره. ”سنڌ جا سمورا لوڪ ڳيچ سنڌ جي پورهيت طبقي جي تخليق آهن. جن ڪمهاج ڪندي اهي ٻول چيا، جيڪي امر بڻجي ڳيچ ٺهي ويا ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ ڳاتا ٿا وڃن.(1) “

زالون گهر جو ڪم ڪار ڪندي، آهستي آهستي ڪجهه جهونگارينديون پيون آهن. انهيءَ جهونگارڻ ڪري سندن ڪمن ۾ گهڻو اُڪلاءُ ٿيندو آهي. انهيءَ جهونگارڻ کي ”ڳاءُ“ به چون، ڳاءَ مان ڳيو، ڳيت ۽ ڳيچ لفظ جڙيو آهي، ڳيچ جو جمع ڳاچ آهي. انهن ڳيچن کي سنڌ ۾ لاڏا ڳائڻ به ڪوٺين. هنن جا خاص قسم هي آهن: ڳيچ، سهرو، ساٺ ڳيو، ڪامڻ، هيرو يا ڦوٽاڻو ۽ لوڪ گيت.

ڳيچن جي قدامت تمام جهوني آهي. منهنجي خيال ۾ جڏهن حضرت آدم عليـہ السلام ۽ بيبي حوا ۾ وڇوڙو پيو ۽ هو پهريون ڀيرو وڇڙڻ کان پوءِ پاڻ ۾ مليا هوندا ته ورلاپ ڪري رُنا هوندا، جڏهن روئي رڄ ڪيو هوندائون ته پوءِ هڪٻئي کي ساري، سڀ حال احوال ڏنا هوندائون، حال احوال ختم ٿيڻ کان پوءِ منجهن خوشي پيدا ٿي هوندي. انهيءَ خوشيءَ کي ظاهر ڪرڻ لاءِ، خوشي جا ٻول ٻوليا هوندائون، جي پڪ پڪاڻي ڳيچ ئي هوندا ۽ نه ڪو ٻيو نظم.

ان کان پوءِ جڏهن آدم جو اولاد پيدا ٿيو هوندو، وڌيو ۽ ويجهيو هوندو، انهن جون شاديون مراديون ٿيون هونديون، تڏهن به بيبي حوا خوشيءَ جا ٻول يعني ڳيت ڳايا هوندا. ان ڏينهن کان وٺي عورت جي فطرت ٿي ويئي هوندي، ته هوءَ پاڻ کي ڳائڻ ۾ رڌل يا مشغول رکي ۽ مختصر شعر، جنهن کي ڳاءُ ٿو چئجي، سو ڳائيندي رهي. ڳيچن ۾ هڪڙا پيراڻا، مجرو، لولي، ٻيا سماٽڪا (سنڌي) ۽ ٽيان ٻروچڪا ڳيچ سراڪي نه ٿيندا آهن ٻروچڪا يعني سرائڪي ٻوليءَ ۾ ڳايا ويندا آهن ۽ سنڌ جي هرهڪ ڀاڱي ۾ مٿيان سڀئي قسم ڦيرڦار سان زالون دهل تي يا بنا دهل جي ڳائينديون رهنديون آهن.

ڳيچ: ڳيچ جي سٽاءَ تمام سادي ۽ سلوڻي آهي. هن جو مطلب ۽ مضمون رڳو ٿلهه (مطلع) ۾ ئي نروار ڪيل هوندو آهي. باقي مصرعن ۾ دل خوش ڪرڻ جون شيون ۽ ڳالهيون رٿيل هونديون آهن. هن ۾ خاص طرح بنري يا گهوٽ جي عضون جهڙوڪ: اکيون، ڏند ۽ هٿ بعضي پير ۽ ٻيا سرُ وغيره پڻ ڳائڻ ۾ استعمال ڪن ٿيون. اکين کي انهيءَ ڪري پهرين ڳيچن جي مصرعن ۾ آندو اٿن جو نور کان سواءِ سڀ ڪوڙ آهي، ڏند، گفتگو ڪرڻ ۾ ۽ ڄمار جي اندازي لڳائڻ ۾ پرکجن ٿا. ڏاهن جو چوڻ آهي ته جنهن جا ڏند سفيد موتيءَ جي داڻي جهڙا هوندا سو ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهائيندو، جيڪو ڪوڙ نه ڳالهائيندو اهو بهترين اخلاق جو مالڪ ڪوٺيو ويندو. ان کان پوءِ هٿن جو ذڪر ايندو آهي، چئني بازن جو مدار هٿن تي آهي. چوندا آهن ته فلاڻو هٿ جو سڄو آهي يعني هنرمند پورهيت آهي يا هٿ جو ميرو آهي، يعني چور، ٽوٽي ۽ بيڪار ماڻهو آهي. اهي ٽي عضوا جنهن ماڻهوءَ جا سلامت نه آهن،. اهو اپاهج ۽ بيڪار انسان آهي. ان جي سڀ ڄمار دک ۽ درد جو ڀنڊار آهي. ڳيتن ۾ انهن عضون جي نه رڳو ساراهه ڪيل آهي، پر دلي دعا پڻ ڪيل آهي ته اهي شال سلامت هجن!

ٻئي نمبر ڳيچ جي ڪلين ۾ گهڻو ڪري ڳهڻن ۽ زيورن جا نالا ڪتب آندا ٿا وڃن، جن ۾ پهرين نٿ، جنهن کي وينڊو، بئنسر وغيره نالن سان سڏيو ويندو آهي، ٻي نمبر ۾ دهري، جنهن ۾ گهڻو سون ڪتب ايندو آهي ۽ رڳو سون مان ئي ٺهندي آهي، ٽين نمبر ۾ ٻيا ڪل زيور جن ۾ هس، ڪٺمال، تائٿ، ٻارکيون، ڪنگڻ، چوڙا وغيره ايندا آهن.

نٿ، سهاڳ يعني ڀاڳ جي نشاني آهي. اها ڪنوارئي ڪهڙي جنهن کي نڪ ۾ وينڊو نه واڳيل هجي! ڪهڙو به غريب کان غريب گهوٽ هوندو، سو به نٿ اوس ٺهرائي آڻيندو. اڻپڙهيلن وٽ نڪاح کان وڌيڪ مانُ نٿ جو آهي! جنهن نٿ گهرائي، زال کي وڌي، زال اُن جي ٿي، نه نڪاح واري جي! عام چوڻي آهي. ڪي قومون نٿ ڪونه پائين، جهڙوڪ: سومرا، حجام ۽ سنڌ ۾ اوڏ قوم چانديءَ جي نٿ گهڙائي پاين، ٻيون قومون سڀ سون جي بئنسر جوڙائي پارائين. نٿ جي تور وڌ ۾ وڌ سوا تولو ٿئي ٿي، وڌيڪ وزن واري نڪ ڇني رکندي، ان کان پوءِ دهري يا دُريءَ جو بيان اچي ٿو. دهري هڪ ٻن سرين کان وٺي ستن سـُـرين تائين ٿيندي آهي. هرهڪ سـُـريءَ ۾ سونا موتي هوندا آهن جي پٽ يا ريشم جي سڳي ۾ پوتل هوندا آهن. سرين جي پڇاڙيءَ ۾ سونو پتلو جڙت جڙيل هوندو آهي، موتين جي وچ ۾ مهرون يا گينيون يا سونيون کارڪون هونديون آهن ۽ ڌاڳن جي جوڙ وٽ سونيون ٻه دڳنيون هونديون آهن، جن مان سڳو نڪري وڃي ڳچيءَ جي چوڌاري ڦيرائي ٻڌبو آهي. هن کي دهري هن ڪري ڪوٺيندا هئا، جو پهريائين فقط هڪ سري يعني ايڪلاڻي هئي پوءِ ٻه سريون منجهس ٿيون ۽ پوءِ وڌي ست سريون ٿيون. جن گهرن جو زالون دهريون ٻڌي راڄن ڪاڄن ۾ وينديون آهن ته انهن کي سرند ۽ مڇي مانيءَ وارا يا هوند وارا سمجهي ڪاڄيتيون وڌيڪ مان ڏينديون آهن ۽ انهن گهرن سان مائٽي ڳنڍڻ لاءِ زالون آتايون ٿينديون آهن. ٻيا زيور به قيمتي ۽ سهڻا هٿن پيرن ۽ ڳچيءَ ۾ پائڻ جا هوندا آهن، پر هنن ٻن زيورن کان مٿي ۽ گهڻو کين ڪونه ساراهين ۽ انهن کي غير ضروري سمجهن. زيور، جيڪي ڳچي ۽ ٻانهن ۾ پائين، انهن کي زالون ٻيلهڙ چون ۽ جيڪي پيرن تائين پائين انهن کي ٽيلهڙ وچون ۽ جي سڀئي سون جا گهڙايل هجن ته پوءِ انهن کي سوني سائي سڏين. (تيلهڙ، چئبو آهي ڪنوار جي زيورن کي) تيلهڙ، معنيٰ تازي تيل ٿيل.

سـَـهرو: سهرو پڻ سٽاءَ ۾ سادو سودو ٺهيل آهي. پر هن جي مصرعن ۾ ڳيچ وارا زيور ۽ عضوا ڪونه اچن. هن ۾ مائٽ مٽ، پيءُ چاچا ۽ ڀائر چڙهيءَ لاءِ سواريءَ جا قسم: هرڻو مهاري، اُٺ، محافو، ڪجائو وغيره، ڪپڙا، وڻ، پکي ۽ ٻيا نالا ريتائتا  چئي ڳايا وڃن ٿا.

سهرو، ڳائڻ جو ۽ سهرو گهوٽ جي منهن تي ٻڌڻ جو، جنهن کي موڙ به کڻي چئجي. ٻئي هڪڙي معنيٰ ٿا رکن. (اصل سَ+ معنيٰ چڱو+ هرو هريه. معنيٰ سائو يا تازو). تازو توانو، آباد، سدا باغ بهار. اهي معنائون سهري جون آهن. ڇو ته جڏهن گلن جو منگهٽ يا موڙ گهوٽ کي ٻڌن، تڏهن ان کي سهرو چون ۽ جڏهن موتين ۽ ڪچ ڪوڏين جو ٺهيل ڪپڙو پاپنيءَ جو ٺهيل منگهٽ ٻڌن ته اُن کي موڙ چون. جنهن مهل اهو سهرو ٻڌبو آهي ان وقت خوشيءَ جا جيڪي ٻول چيا ويندا آهن، تن کي به سهرو سڏيندا آهن. زالن کي اهڙي موقعي لاءِ جيڪي خاص ڳيت ڳايا جن ۾ آيلن ڄاڃين، گهوٽ جي مائٽن وغيره جي مرحبا، شان ۽ وڏائي بيان ڪئي آهي. ان کي سهرو ٿيون سڏين.

ساٺ ڳيو: هيءُ هر پرڀ ۽ موقعي تي ڳايو ويندو آهي، جيڏي مهل گهوٽ کي زالون ساٺ ڪنديون آهن ساٺ ڳيو ايستائين پيون چونديون، جيستائين اهو سنوڻ ساٺ هلي ختم ٿئي. ساٺ ڳيئي جي ساخت ڏکيري ۽ اصلي لفظن ۾ آهي. جي لفظ هاڻ متروڪ ٿيندا ٿا وڃن. ساٺ ڳئي ۾ به دعائون، اميدون ۽ خوشيءَ جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو.

ڪامڻ: ڪامڻ لفظ جي معنيٰ دل ڦرڻ آهي. هن لفظ جي ڪري سهڻين زالن کي به ڪامڻي ڪوٺيندا هئا، جنهن جي ڏسڻ سان دل مٿس مست ٿي پوندي هئي. هاڻ زالون جيتوڻيڪ گهڻو ئي هار سينگار ڪن ٿيون، پر تـُـرت ڪنهن جي دل تي ڌاڙو نٿيون هڻي سگهن، سبب اهو آهي ته اڳي اپاڪي يا ڪنهن منهه مارڪي تي زالون سينگار ڪري، مکي چکي نڪرنديون هيون ۽ گهڻو ڪري گهرَ جي ۽ ٻني ٻاري جي ۽ ڌرار پهنوار جي رڌ پچاءُ ۾ وقت گذرندو هون، فرصت ئي ڪانه هوندي هين، جو ڪو ليئو پائن ۽ پاڻ وڻائن، پر جو اوچتو ٺهي ٺڪي ڏِکجي نڪرنديون هيون ته گهڻا واڍوڙيل ڪيرائي رکنديون هيون. هاڻ نڪي آهي زالن کي ڪم نڪي ڪار، سدائين پاڻ تنجيو پيون هلن ۽ عاشق به ڏسي ڏسي دل مضبوط ڪري ويا آهن، تنهنڪري ڪنهن جي لوري ڪانه ٿي لڳين.

        ڪامڻ، ڪنواريتيون ڪنوار کي سينگار ڪرائڻ مهل ڳائينديون آهن. هن ۾ اها گهر ڪيل هوندي آهي، ته مڙس جي دل ڇڪجي زال سان ڳنڍجي، اهو اثر جهٽ پٽ ٿئي، پر دير نه ٿئي!

هيرو ڦوٽاڻو: هيءَ هڪ خوشطبعي، مذاق يا چرچي جي لاءِ خاص قسم ساٺ ڳيو آهي. گهوٽ جي ڪاڻ ٻه ماڻهو مقرر هوندا آهن. هڪ اهنيار يا آنهر ۽ ٻيو ڪوٺاري. ڪوٺاري، ڪوٺو جوڙيندو آهي، ڪٿي وري پڙو يا ڪوٺو مٿي تي کڻي هلندو آهي. ڪن هنڌن تي ڀائرن کي ڪوٺ يا سڏ ڏيندو آهي، زالون گهوٽ جا ڪپڙا ڳائي کڻي اينديون آهن ته ڪوٺاري انهن کان وٺي ڇني ۾ آڻي ڏيندو آهي. ان ڪوٺاري سان پڇاڙيءَ جو زالون عقوبت ڪنديون آهن، کانئس ٻه - ٽي روپيا يا کارڪن جا پنج سير ڇڏائينديون آهن. اهو ڪوٺاري گهوٽ جو ويجهو عزيز يا مائٽ هوندو آهي. جيئن گهوٽ جي حفاظت ۽ نظرداري لاءِ جيڪو ماڻهو رکيل هوندو آهي، ان کي انهيار ٿو چئجي، تئن گهوٽ جي وري سامان سڙي جي نظرداري ڪوٺاري ئي ڪندو آهي. هيرو، ان ڪوٺاري لاءِ چيو وڃي ٿو. ڦوٽاڻو به هيري جو هڪ قسم آهي جيڪو گهوٽ جي عزيزن ۽ ڄاڃين سان جٺ ڪرڻ ڪاڻ چيو ويندو آهي. ڳاهن جي ڳائڻ جو رواج گهڻو ٿر واري ڀاڱي ۾ آهي. هيرا ۽ ڦوٽاڻا ٻڌي ڄاڃي ماڃي خوش ٿيندا آهن ۽ ڪنهن کي به چڙ يا ڪاوڙ ڪانه لڳندي آهي، پوءِ ڀل مرد هجي توڙي زال.

لوڪ گيت: لوڪ گيتن ۾ ماحول جو ڊگهو وستار ڪيل هوندو آهي. لوڪ گيتن جا گهڻيئي قسم آهن، جن ۾ هيءُ لوڪ گيت تمام مشهور آهن: سروَر، مورو، جمالو، ٻيلهڻ، گهڙولي، لولي، ڇلڙو، ڪانگلڙو، ڪارڙو ۽ ٿر ڀاڱي جا خاص موقعن جا لوڪ گيت جيڪي مختلف وقتن تي ڳايا ويندا آهن..

ڳيچن جا قسم:

پٽ ڄمڻ جي اميد جو سنڌي ڳيچ(1)

وراڻي:  هن اڱڻ تي موليٰ لـُـڏائيندم پٽن جا پينگها!

                پٽن جا پينگها، ڀائرن جا جوڙا!

ڪلي:  اکيون ادل جون ٻرن مشعالا - ڪجل جوڙ بنايو. پٽن جا پينگها...

                ڏند ابل جا ماڻڪ موتي - سرخيءَ جوڙ بنايو. پٽن جا پينگها...

                هٿ پڙهيل جا ميندي رتڙا - ڳاني جوڙ بنايو. پٽن جا پينگها...

اميد پوري ٿيڻ جو سنڌي ڳيچ:

وراڻي:  منهنجي ڀائرن کي الله ڏيندو پٽَ، پٽُ پينگهن ۾، جهولي جهولن ۾

                او مرشد سائينءَ جا لک ٿورا!

ڪلي:  پير اسان جو حضرت ميران، روضي جوڙ بنايو. پـُـٽ پينگهن ۾...

                روضي مرشد جا منارا مهڻا، نيلن جوڙ بنايو. پٽ پينگهن ۾...

                رتول، قبي مرشد سونهندو، ڪنگرن جوڙ بنايو. پٽ پينگهن ۾...

اميد پڄڻ لاءِ مجرو (سلام) ڀرڻ وارو سنڌي ڳيچ:

وراڻي:  قلندر! ستڙو اُٿي جاڳ، توکي مومل مجرو مڃي!

                الله ڪارڻ او ميان راڻا! مجرو مڃي!

ڪلي:  دادلا! درگاهه جا ڀڙائيم اٿي ڀاڳ. مجرو مڃي....

اميد پڄڻ لاءِ مجرو (سلام) ڀرڻ وارو سرائيڪي ڳيچ:

وراڻي:  دولهه لال! مئن تيڏي در آئي هان، ميڏي من دي مرادان پڄاوين!

ڪلي:  اکيان ابل ديان ٻرن مشعالي - ڪل دي آس پڄاوين. مئن تيڏي در..

                مئن رانجهن دي رانجهن ميڏا - کيڙا گهول گهماوين. مئن تيڏي در..

                پنجان تنان دي پاکر تئينو - علي ڇٽُ جهلاوين. مئن تيڏي در..

اميد جو سرائيڪي ڳيچ:

وراڻي:  مئن لال دي زيارت تي ويندي هان، تيل ڦليل ڦلان دي سـَـهري

ڪلي:  اکيان ادل ديان ٻرن مشعالي - ڪجل جوڙ بڻيندي هان. تيل ڦليل....

                ڏند ابل دي ماڻڪ موتي - سـُـرخي جوڙ بڻيندي هان. تيل ڦليل...

                هٿ لاڏل دي مينديءَ رتڙي - ڳاني جوڙ بڻيندي هان. تيل ڦليل...

پٽ پيدا ٿيڻ جو سنڌي ڳيچ:

وراڻي:  آيو گل خواب ۾، سانڍيو هئم ساهه سان، عطر گلاب ۾، چندن چوغان ۾

ڪلي:  بئنسر لاڏل جي لاڙئون آڻائي - سانڍي هيم ساهه سان.......

                (۽ ٻين زيورن ۽ ڳهڻن جا نالا ورتا ويندا.)

پٽ پيدا ٿيڻ واري خوشيءَ جو سنڌي ڳيچ:

وراڻي:  الله آهن پٽ ڏنا، صدقو رسول تان!

                جوان ٿيندا جواني ماڻيندا.

ڪلي:  اکيون ادل جون ٻرن مشعالا - ڪجل جوڙ بنايو،

                ڏاڍو رنگ لايو. صدقو رسول تان.

                (۽ ٻين عضون جا نالا)

پٽ پيدا ٿيڻ جو سرائيڪي ڳيچ:

وراڻي:  اسان ڪون لال ڏوايا، لالڏلا آيا، الله اسان ڏي اڄ وي، خاوند رکي لـَـڄَ وي

ڪلي:  باغين دا سائين، پٽ دادلا آيا، رب ساڏي ......

                نوڪر چاڪران دا سائين، بنرا آيا، الله ساڏي...

پٽ ڄمڻ جي مبارڪن جو سنڌي ڳيچ:

وراڻي:  دادلو، جهنڊولو، جهوليءَ پائين، ڏنڙئي پاڻ خدا، سهاڳڻ پٽ ڄائو اٿئي!

        بئنسر گهڙائج نهري - سهاڳڻ! پٽ ڄائو اٿئي

                (۽ ٻين زيورن جا نالا ورتا ويندا.)

پٽ ڄمڻ جي مبارڪن جو سرائيڪي ڳيچ:

وراڻي:  پٽَ جيوَنئي، پوٽا ڄاپنئي، نوهر هيرا موتي پرونئي ڙي!

                نوَ لک مبارڪان هوونئي ڙي!

ڪلي:  در مائي دي مٿي اوچڙي ماڙي، سيڪڙيات جهاتيان پاونئي ڙي. نوَ لک..

--

                الله ڪرسي اولادي، اسان سوالي تيڏي در دي!

                پٽان دي هووي شادي، اسان سوالي تيڏي در دي!

ڇٺيءَ جو سنڌي ڳيچ:

وراڻي:  راڄ گهرايان ڇٺيءَ تي، سون ورهايان ڇٺيءَ تي

ڪلي:  چڱو ڪيو آهي ڀاڳ ننڍڙي جو موليٰ!

پٽ جي پينگهي لوڏڻ جو سرائيڪي سهرو:

وراڻي:  پٽ الله ڏنا، پٽ مالڪ ڏنا، پٽن جا لوڏيان پينگها ٿڌڙي ڇانوَ ۾!

ڪلي:  سر لاڏل دي سونا سهرا - پٽين دا لوڏيان پينگها....

                چڙهي لاڏل دي هرڻا مهري - پٽين دا لوڏيان پينگها...

لوليءَ جو سنڌي گيت:

وراڻي:  ٻارڙو، نينگرڙو، اوئان اوئان ڪري، لولي اَلا ڀلا!

                لولي ٻارڙي کي ڏيان!

ڪلي:  ڇڄ ڀري جوئر جو مان جانڊهه تي ٿي وڃان،

                جانڊهه لڌي ڪانه ڪا مان ڪڻو ڪڻي تي هڻان.

                لولي ٻارڙي کي ڏيان!

                سينهو رکي مٿي تي، مان گهڙو ڀرڻ ٿي وڃان،

                لولي ٻارڙي کي ڏيان!

                کوهر لڀي ڪونه ڪو مان گهڙو گهڙي تي ڀڃان. لولي ٻالڙي کي ڏيان.

لوليءَ جو سنڌي ڳيچ:

وراڻي:  لک ٿيندن لک ڄمندن، لک لک ڏيان لوليون، الله ڀريون جهوليون!

ڪلي:  بئنسر بني جي پارئون آڻائيان - لک لک ڏيان لوليون.....

                (۽ ٻيا ڳهڻن جا نالا ورتا ويندا.)

مڪتب يا کٿاب ۾ ويهڻ جو سنڌي ڳيچ:

وراڻي:  منهنجو جيئي راڻو، ابل ايمي پڙهندو، ٽيئي پارا پڙهندو.

ڪلي:  کلي کٿاب ويهندو ڦرهي ڪڇ ۾ کڻندو. منهنجو جيئي راڻو.

                استاد جو ادب رکندو پڙهي پورو ڪندو. منهنجو جيئي راڻو.

مڪتب ۾ ويهڻ جو سرائيڪي ڳيچ:

وراڻي:  آوي، هڻ ٻولي، ماءُ اولي گهولي

                ماءُ ٺري تيڏي، وهه ٻـَـهـُـه شان نال بنرا!

ڪلي:  اکيان لاڏل ديان ٻرن مشعالي - جل جوڙ بناوان. ٻـَـهـُـه شان نال بنرا!

                (۽ ٻين عضون جا نالا ورتا ويندا.)

طهر جي رسم تي سنڌي ڳيچ:

وراڻي:  پٽڙو ٿيو سوڀائن وارو، بابي ملهي طهرايو، جيڏيون! ارڏو لاڏو آيو.

ڪلي:  اکيون سهڻل جون ٻرن مشعالا - ڪجل سدا رنگ لايو. ارڏو لاڏو آيو.

                هٿ سوڍل جا تجلا تجلا - ڳانيءَ رنگ لايو، ارڏو لاڏو آيو.

                پير ڀورل جا سجلا سجلا - ميندي رنگ لايو، ارڏو لاڏو آيو.

                وار سيڻل جا ڪجلا ڪجلا - سـُـرمي رنگ لايو - ارڏو لاڏو آيو.

وڌاڻي (سامائجڻ) جو سنڌي ڳيچ:

وراڻي:  مون باس باسي هئي، اڄ منهنجا الله وڏا ڪيا!

ڪلي:  بئنسر جوڙائج نهري - منهنجا مطلب موليٰ پورا ڪيا!

                (۽ ٻين ڳهڻن جا نالا ورتا ويندا.)

شاديءَ جي تياريءَ جو سنڌي ڳيچ:

وراڻي:  سردار سچو غم لاهيندو، تنهنجي شادي ۾ الهه راضي ٿيندو.

ڪلي:  تنهنجي بئنسر جو ملهه باري هو. الهه راضي ٿيندو.

                (۽ ٻين ڳهڻن جا نالا ورتا ويندا.)

شاديءَ جي تياريءَ جو پيراڻو سنڌي ڳيچ:

وراڻي:  باسيم باسون ڏينديس سکائون، اي گهوٽ! باسون باسيم پير تي.

ڪلي:  منهن سهڻل تنهنجي موڙ جي سهڻا، موتين جوڙ بنايو. اي گهوٽ!...

                (۽ ٻين عضون جا نالا ورتا ويندا.)

شاديءَ جي تياريءَ جو سرائيڪي  ڳيچ:

وراڻي:  رسيلڙا! واه واه! مرادان ماڻين بنا! سيج ماڻين!

ڪلي:  هٿ بني دي مينديءَ رتڙي، ڳاني سدا رنگ لايا - سيج ماڻين!....

                (۽ ٻين عضون جا نالا ورتا ويندا.)

گهوٽ کي دعا ڪرڻ جو سنڌي ڳيچ:

وراڻي:  منهنجا جڙيا جاني! شال ماڻين جواني! توتي راز رحماني!

ڪلي:  اکيون لاڏل جون ٻرن مشعالا - ڪجل جوڙ بنايو. توتي راز رحماني!

                (۽ ٻين عضون جا نالا ورتا ويندا.)

گهوٽ کي دعا ڪرڻ جو پيراڻو سنڌي ڳيچ:

وراڻي:  لاڏل توسان حامي حضرت پير، ساڻي ٿيو ميران مير!

ڪلي:  بئنسر جوڙائج نهري - توسان حامي حضرت پير!

                (۽ ٻين ڳهڻن جا نالا ورتا ويندا.)

گهوٽ کي دعا ڪرڻ جو سرائيڪي سهرو:

وراڻي:  بنا! تيڏا الله نگهبان - بنين بنا ميڏا، جڳ جڳ جيوين بنا!

ڪلي:  بنا! تيڏا الله لايا ڀاڳ - بنين بنا ميڏا.

                بنا! تيڏي سهري لائي بهار - بنين بنا ميڏا.

                بني دي بابي ڪون ڏيوان مبارڪ - بنين بنا ميڏا.

گهوٽ کي دعا ڪرڻ جو پيراڻو سرائيڪي ڳيچ:

وراڻي:  هووئي عمر دراز شل ماڻين ڳليان - هووئي پير پناهه!

ڪلي:  تيڏي مولهي لاوان مئن رابيل ڪليان - هووئي پير پناهه!

                تيڏي جا جامي لاوان مئن گلابي ڪليان - هووئي پير پناهه!

گهوٽ کي دعا ڪرڻ جو سنڌي سهرو:

وراڻي:  منهنجي پٽَ جهڙي لاڏي کي شل ڪوسو واءُ نه لڳي!

                آءُ راڻا! وسين سوڍا!

ڪلي:  ويهه ويڙي وچ ۾ منجڻ موچاري - لڳئي گل گلاب جا چوڦير چوڌاري

                ڄاڃي ادل جا مان سهجئون گهرايان - جن جي اچڻ سان لڳي ته

                بهاري آءُ راڻا

                ويس لاڏل جو مان سهجئون گهرايان - جنهن جي اچڻ سان ٿئي

                جنساري آءُ راڻا

                سهرو ابل جو مان سهجئون گهرايان - جنهن جي ٻڌڻ سان ٿئي

                گلزاري آءُ راڻا

مڱڻي جو سنڌي ڳيچ:

وراڻي:  ٻانڌڻ ٻڌائيندو، سـِـر تان ٽلائيندو، ٻانڌارو گهر آيو.

                اسين توهان جا مزمان، هرڙي ڊاک چٻايو، ماهيڙو کير پياريو.

ڪلي:  بئنسر گهڙائيندو - ٻانڌارو گهر آيو.

                (۽ ٻين زيورن جا نالا ورتا ويندا.)

مڱڻي جو سنڌي سهرو:

وراڻي:  لاڏي جي مليرڙي لائي بهار - لاڏو پاڻ للهنگ،

                ڪيسر ڀنڙس پاند، انهي ويل ڪوڏيو.

ڪلي:  سڄڻ سونهن سٿ ۾ - لاڏو پاڻ للهنگ.....

                اسان آسون پنيون -  لاڏو پاڻ للهنگ.....

                واهر ٿيندس واٽ تي -  لاڏو پاڻ للهنگ.....

ٻڪيءَ جو سنڌي ڳيچ:

وراڻي:  راڄ سڏايان ٻڪيءَ تي، ادل جي ڪاڄ تي،

                ادل باغ بهار مدد مولا جي مون تي.

ڪلي:  بئنسر لاڏل جي لاڙئون گهڙايان - ادل باغ بهار.....

                (۽ ٻين ڳهڻن جا نالا ورتا ويندا.)

ٻڪيءَ جو سنڌي سهرو:

وراڻي:  چانور ٿو آڻائي اي الله! تنهنجي آسري، ڪر واهر جو ويلو!

ڪلي:  ڀائر ٿو گهرائي - اي الله!......

                ڄاڃي ٿو گهرائي - اي الله!....

                ڪاڄ ٿو ڪرائي - اي الله!......

رنگ هڻڻ جو سنڌي سهرو:

وراڻي:  اربيلا بنا! رنگ لايان بنا! تنهنجيءَ شاديءَ ۾ سيج وڇايان.

ڪلي:  توکي سنهڙي ڪنوار ملايان - تنهنجي شاديءَ ۾.

                تنهنجا ڀائر گهرايان - تنهنجي شاديءَ ۾.

رنگ هڻڻ جو سرائيڪي سهرو:

وراڻي:  چٽي ڳوري دا بنا! صاحبزاديءَ بنا!

                تيڪون سدا ملهاري رنگ لڳا.

ڪلي:  تيڏي پاڳ ڪون لاوان مئن بدلي - سدا ملهاري رنگ لڳا.

                تيڏي سهري ڪون لاوان مئن بدلي - سدا ملهاري رنگ لڳا.

ڇني يا منهه جو سنڌي ڳيچ:

وراڻي:  تنهنجي ڇني ۾ ڇمڪار لاڏا! پنيون اٿئي مرادون.

                (۽ ٻين زيورن جا نالا ورتا ويندا.)

ڇني يا مٽهه جو سنڌي سهرو:

وراڻي:  لاڏو چئي ٿو پيءَ کي منهنجي ڄاڃين دير نه لايو،

ڪلي:  جنهن جو منهه موتين ڇانيو، لاڏو مـَـرڪي منهه ۾ آيو.

                (۽ ٻين مٽن مائٽن جا نالا ورتا ويندا.)

ڇني يا مٽهه جو پيراڻو  سنڌي ڳيچ:

وراڻي:  اوهين ننگڙو سڃاڻو، عربي وسيلو، مدني وسيلو!

                شافع امت جا توهين حق سين هلايو - ڀلي پير آيو.

ڪلي:  دهل ادل جا ڇنڙي ۾ آيا، مايون نياڻيون ننگڙو سڃاڻو.

                ڄاڃي ابل جا ڇنڙي ۾ آيا، مايون نياڻيون ننگڙو سڃاڻو.

                ڀائر لاڏل جا ڇنڙي ۾ آيا، مايون نياڻيون ننگڙو سڃاڻو.

ڇني يا مٽهه جو سرائيڪي ڳيچ:

وراڻي:  منهه مئن جو جهليسان، خطڙا لکيسان،

                لهه وڃ سهڻا! منهه مئن جهليسان.

ڪلي:  بئنسر مئن جو گهڙائي - چٽ ڇو نه چڙهيسان - لهه وڃ سهڻا!

                (۽ ٻين زيورن جا نالا ورتا ويندا.)

گهوٽ جي ساراهه جو سنڌي ڳيچ:

وراڻي:  ابل منهنجو سدا سهڻو سونَ جا سؤدا ڪري، هيري موتيءَ جا ٻيڙا ڀري

ڪلي:  اکيون ادل جون ٻرن مشعالا - ڪجل جوڙ بنايو - سون جا سؤدا ڪري..

                (۽ ٻين عضون جا نالا ورتا ويندا.)

گهوٽ جي ساراهه جو سرائيڪي سهرو:

وراڻي:  ڳـُـڻان ڳاوَن آتي پيسن، ڳاوَن تيڏيان اديان،

                مئن صدقي پئي وينديان، مئن قربان ٿيوان، لاڏي دي امان!

ڪلي:  اُٺ ڪجاوي هرڪوئي آوي - آوي لاڏي امان - ڳاون تيڏيان اديان.

                ڄاڃي آون نکون وڇاون - واڳن لاڏي ديان اديان - ڳاون لاڏي ديا ماوان

                سرتيان آون سهري ڳاوَن - ڳاوَن لاڏي ديان بووان - واڳن لاڏي ديان مٽيان

گهوٽ جي ساراهه جو سرائيڪي ڳيچ:

وراڻي:  هزاري لاڏا! گلزاري لاڏا! گل ڏي ميڪون.

ڪلي:  بئنسر لاڏل دي - هزاري لاڏا!

                (۽ ٻين ڳهڻن جا نالا ورتا ويندا.)

ونواهه جو سنڌي ڳيچ:

وراڻي:  رانيڙو جوڀن هيلون ڏي، مائي سوداگر ڍوليو آئيو.

ڪلي:  سونهي لاڏيءَ جي منهن تي بئنسر - رانيڙو........

                (۽ ٻين زيورن جا نالا ورتا ويندا.)

ونواهه جو سنڌي سهرو:

وراڻي:  جهجهڙو لکيس پنهنجي ور جو سهاڳ، منهنجي جيڏل کي ججهڙو لکيو.

ڪلي:  جهڙو تون لاڏو تهڙي سيج سنداءِ - ججهڙو لکيو.

                لاڏيءَ ٻانهون ڳوريون، لاڏيءَ ڀنڀا وار - ججهڙو لکيو.

                لاڏي مائٽن دادلي، لاڏي لال ڪنوار - ججهڙو لکيو.

تيلاڙيءَ جو سنڌي سهرو:

وراڻي:  ڳاڙها ونا، سـُـرها ڇنا، آءٌ گهوري وڃان!

                آءُ ته چندن لويئين موچارا ونا!

ڪلي:  توکي سڀڪي سريو، سيڻن منجهان، ٺري لاڏل تنهنجي امان - موچارا اونا

                لاڏيءَ ڏندڻ چٽيو، ٻائي ڀلاونا! لاڏو پيءَ پيارو جيئم الا! آءُ ته چندن..

                تولئي سس سنڀايو، ٻائي ڀلاونا! لاڏو پيءَ پيارو جيئم الا! آءُ ته چندن..

                لاڏو وناهيم ساهرين، ٻائي ڀلاونا! لاڏو پيءَ پيارو جيئم الا! آءُ ته چندن.

                لاڏي کي جا لکڙي، ٻائي ڀلا ونا! لاڏو پيءَ پيارو جيئم الا! آءُ ته چندن .

شاديءَ جي زيورن يا ڳهڻن جي ساراهه جو سنڌي ڳيچ:

وراڻي:  واه ڙي واه سونارا! هيءَ تو جا گهڙي آهه.

ڪلي:  بئنسر منهنجي نڪ جي مون ڏي وَرَ مـُـڪي آهه.

                هيري سان جڙي آهه، جوهر سان ڪڙي آهه - واه ڙي واه سونارا!

                (۽ ٻين ڳهڻن ۽ عضون جا نالا ورتا ويندا.)

شاديءَ جي ڪپڙن جي ساراهه جو سرائيڪي ڳيچ:

وراڻي:  ڦـُـلڪاري حسن واري لاڏا! اڄ گهن ڏيوين ميڪون!

ڪلي:  چڱي بئنسر جوڙائي آءُ مورلاڏا - اڄ گهن ڏيوين ميڪون!

                (۽ ٻيا زيورن جا نالا ورتا ويندا.)

گهوٽ جي سواريءَ جي ساراهه جو سرائيڪي ڳيچ:

وراڻي:  سهڻي دا مهري جنهن ڪون پٽَ ديان هن واڳان.

                ريٽي ابل دي ڪون زري دا رومال هي، ميندي ابل دي ڪون ڪل            پيران دي پناهه هي.

ڪلي:  بئسر جوڙائج نهري - ڪل پيران دي پناهه هي.

                (۽ ٻين ڳهڻن جا نالا ورتا ويندا.)

ڄاڃين جي مرحبا جو سنڌي سهرو:

وراڻي:  هت ٿا اچن خانَ، منهنجا مور لاڏا!

ڪلي:  سرهي سيج بني جي مان ٻاهر وڇايان - هت ٿا اچن......

                ڳاڙهي کٽ ادل جي مان ٻاهر وڇايان - هت ٿا اچن......

                سهڻو پلنگ پنهل جو مان ٻاهر وڇايان - هت ٿا اچن......

ڄاڃين جي آڌرڀاءَ جو سنڌي ڳيچ:

وراڻي:  مهر ڀريا مهمان اديون! الله آندا، رب آهن ملايا.

ڪلي:  کير کنڊ کارايان تن کي، جيڪي آڌيءَ هلي آيا.

                بئنسر ادل جي لاڙئون گهرايان - رب آهن ملاياس.......

                (۽ ٻين زيون جا نالا ورتا ويندا.)


 

آڌرڀاءَ جو پيراڻو سنڌي ڳيچ:

وراڻي:  ڄاڃي سلامي سروَر پير جا، اوهين ڀلي ڪري آيا.

                ڀلي ڪري آيا، سـُـرهي سيج وڇايان.

ڪلي:  بئنسر گهڙائج نهري - اوهين ڀلي ڪري آيا........

                (۽ ٻين زيورن جا نالا ورتا ويندا.)

مينديءَ جو سنڌي ڳيچ:

وراڻي:  سوني ٿالهي آڻايو، تنهن ۾ ميندي پسايو، ڏاڏي پوٽيون سڏايو پاڙيواريون آڻايو.

                اول هلي گهوٽل کي لايو، پوءِ وڃي ونل کي لايو.

ڪلي:  بئنسر ادل جي لاڙئون آڻايو، بولو لاڏيءَ جو روهڙي مان گهرايو - اول هلي

                (۽ ٻين ٻن - ٻن زيورن ۽ شهرن جا نالا ورتا ويندا.)

مينديءَ جو سرائيڪي ڳيچ:

وراڻي:  ميندڙي ملڪ ملير دي جنهن وچ ججهڙو سهاڳ،

                آءُ ونهيان لاڏلا! ميندڙي لاوڻ ڏي.

ڪلي:  بئنسر گهڙائج نهري - جنهن وچ ججهڙو سهاڳ...

                (۽ ٻين ڳهڻن جا نالا ورتا ويندا.)

مينديءَ جو سنڌي سهرو:

وراڻي:  آءُ، لائي ميندي گهوٽ پيارا! وقت اَسر جو آيو آهه،

                وقت فجر جو آيو آهه، وقت لانئن جو آيو آهه.

ڪلي:  پڳ پٽڙي سر سهڻي جا ٺهندي - طـُـري جوڙ بنايو - وقت لانئن جو آيو آهه.

                لونگي لاڏل کي سهڻي لڳندي - وَر وَرَ جوڙ بنايو - وقت فجر جو آيو آهه.

                پهراڻ پنهل کي سهڻو بيهندو - ٻيڙن جوڙ بنايو - وقت اَسر جو آيو آهه.

ميندي کڻن جو سرائيڪي ڳيچ:

وراڻي:  سهڻا! ٿالهه ميندي دا مئن چائي کڙي هان،

                چائي کڙي هان، ويس مٽائي کڙي هان.

ڪلي:  اکيان ادل ديان ٻرن مشعالي - ڪجل جوڙ بنائي کڙي هان.

                (۽ ٻين عضون جا نالا ورتا ويندا.)

مينديءَ جو سرائيڪي سهرو:

وراڻي:  مئن کڙي هان ابا! تيڏي ويس تؤن ٺري هان.

ڪلي:  ميندي دي ويلي - مئن کڙي هان.

                ٻانهين موڙ ٻڌاونئي، مئن کڙي هان.

                ڀينر ميندي ڳاوَنئي، مئن کڙي هان.

مينديءَ جو پيراڻو سرائيڪي ڳيچ:

وراڻي:  ادل بنري ڪون، پڇي بنري ڪون، حضرت پير دي داون لئيندي هان

                حضرت دي مئن لال ميندي پئي لئيندي هان.

ڪلي:  اکيان ادل ديان ٻرن مشعالي - ڪجل جوڙ بڻيندي هان.

                (۽ ٻين عضون جا نالا ورتا ويندا.)

مينديءَ جو سنڌي سهرو:

وراڻي:  ميندي لاڏل جي، هلي ليلان کي لايو،

                اوهين عطر گلابي، هلي ليلان کي لايو.

ڪلي:  رب وارو ورايو، مرشد پاڻ سوڀارو - ميندي جوڙيل جي هلي

                ليلان کي لايو.

                چڱا ڀائر گهرائي لئي! راڻل جو آيو- ميندي جوڙيل جي هلي ليلان کي لايو.

                چڱا ڄاڃي گهرائي لئي! سهڻل جو آيو - ميندي جوڙيل جي هلي ليلان کي لايو.

                - ميندي جوڙيل جي هلي ليلان کي لايو.

ڳاني ٻڌڻ جو سرائيڪي سهرو:

وراڻي:  ٻڌ ڳانا، هزار ڳانا، الله راضي هووئي سهڻل! ٻڌ ڳانا.

ڪلي:  تيڏي ڳاني دا رنگ لڳا ماهي - ٻڌ ڳانا.

                تيڏي ميندي دا رنگ لڳا سهڻا - ٻڌ ڳانا.

                تيڏي بوڇڻ دا رنگ لڳا سوڍل - ٻڌ ڳانا.

ڳاني جو سنڌي سهرو:

وراڻي:  ڳانو ٻڌي وڃ بنا! لانئون لهي وڃ بنا! آءُ ڙي بنا!

ڪلي:  ٿڌڙيون ڇانئون انبن جون ڙي بنا! لانئون لهي وڃ.

                خاصيون ڇانئون ليمن جون ڙي بنا! لانئون لهي وڃ.

                (۽ ٻين ڇانءَ دار روڻن جا نالا ورتا ويندا.)

ڳاني جو سنڌي ڳيچ:

وراڻي:  ڳانو ٻڌي نه ڪر دير اسين وڃڻ وارا،

                اسين وڃڻ وارا، تنهنجي قرب وارا.

ڪلي:  اکيون ادل جون ٻرن مشعالا - ڪجل جوڙ بنايو - تنهنجي قرب وارا.

                (۽ ٻين عضون جا نالا ورتا ويندا.)

ڳاني جو سرائيڪي ڳيچ:

وراڻي:  مولا راضي هووئي ٻڌانءِ ڳانو،

                ٻڌانءِ ڳانو الا! هزار ڳانو.

ڪلي:  تيڏي بئنسر ڪون رنگ لاوان ماهي! هزار ڳانو

                (۽ ٻين زيورن جا نالا ورتا ويندا.)

ڄڃ جو سنڌي ڳيچ:

وراڻي:  مائڙيءَ ڳانا ٻڌايئي، ڀيڻن ميندڙي لايئي، منهنجا حاڪم زادا!

                ڄڃ لاهج اوري، ڄڃ لاهج اوري، سيج وڇايم جوڙي.

ڪلي:  اکيون لاڏل جون ٻرن مشعالا - ڪجل جوڙ بناءِ - منهنجا حاڪمزادا!

                (۽ ٻن عضون جا نالا ورتا ويندا.)

ڄڃ جو سنڌي سهرو:

وراڻي:  اٿي ڪر سعيو ساهرين هلڻ جو

                چڱي جتي وارو منهنجو ڀاءُ - ساهرين گهر آيو - اٿي ڪر سعيو...

                الله جو ٿيس راز منهنجو ڀاءُ - ساهرين گهر آيو - اُٿي ڪر سعيو.

ڄڃ جو سرائيڪي سهرو:

وراڻي:  ڄڃ ڪوٽ برابر آئي هي ڙي! تيڏي ميندي ڀيڻ ڀڄائي هي.

ڪلي:  تيڏي گگهي جهرمر لائي هي - ڄڃ ڪوٽ برابر آئي هي.

                تيڏي وڳي ڌڄ مڄ لائي هي - ڄڃ ڪوٽ برابر آئي هي.

ڄڃ جو سرائيڪي ڳيچ:

وراڻي:  آ لٿي هي، آ لٿي هي، لاڏي دي ڄڃ آ لٿي هي.

ڪلي:  اکيان لاڏل ديان ٻرن مشعالي - ڪجل جوڙ بنايا - لاڏي دي ڄڃ...

                (۽ ٻين عضون جا نالا ورتا ويندا.)

ڄڃ جو پيراڻو سنڌي ڳيچ:

وراڻي:  ڄڃ ته لاڏي گهوٽ جي، جنهن ۾ ڇيرن جو ڇمڪار.

                الا! هڪل ڪيم پنهنجي پير کي، سائين هڪل سان حاضر.

ڪلي:  دهري گهڙايم سون جي - جنهن ۾ ڇيرن جو ڇمڪار.

                (۽ ٻين ڳهڻن جا نالا ورتا ويندا.)

ڪنواريتن ۾ پهچڻ جو سنڌي ڳيچ:

وراڻي:  ادل! ساهراڻو گهر سامهڻين تون ته ناز ڪندو آءُ.

                ناز ڪندو آءُ، راڻل ويس ڪندو آءُ.

ڪلي:  سوني دهري گهڙائي - تون ته ناز ڪندو آءُ.

                (۽ ٻين زيورن جا نالا ورتا ويندا.)

ڪنواريتن ۾ پهچڻ جو سنڌي سهرو:

وراڻي:  مـَـهريءَ وارا لاڏا! مـَـهري ٻڌج انب سان.

ڪلي:  ادل خاطر مان سيج وڇايان، لاڏل لاءِ مان هنڌ وڇايان - مهري ٻڌج..

                اندر ڪونج ڪنوار لئي کاريءَ چڙهي آيو، لانئون لهڻ آيو - مهري ٻڌج..

                سونهي سڄڻن سٿ ۾ ڀاڳ سوايو، فجر ويلي آيو - مهري ٻڌج..

ڪنواريتن ۾ پهچڻ جو پيراڻو سنڌي ڳيچ:

وراڻي:  اڱڻ تي اَوَلَي، پير ڪندو سوَلي، ڀائڙو اُٺن تي آيو، ادل اڱڻ تي آيو.

ڪلي:  لال سوناري، سا وينڊي واري، تنهنجو وينڊو اٿئي لک جو،

                ڀائرل هيرائو کٽ جو، ڳانو اٿس پٽ جو - ادل اڱڻ تي آيو.

(ٻين زيورن ۽ ڳاني سان جامو ۽ سهرو، وينڊو آهي لک جو بجاءِ، سورهيه آهي سٿ جو)

ڪنواريتن ۾ پهچڻ جو سرائيڪي سهرو:

وراڻي:  بنرا اِٿئون هولڙي هولڙي آيا، الهه ملايا، ميڏا وڏي جند والا.

                ميڏا اصل دُخالي بنرا جيوين!

ڪلي:  بنرا! تيڏي اما نون ڏيندي هان مبارڪ، پلا ميڪون شربت - وڏي جند والا.

                بنرا! جـُـڳ جـُـڳ جيوين، کنڊ کير وچ گهول پيوين - وڏي جند والا.

                بنرا! ڀريا ٻـُـڍا شال ٿيوين خوش خوش ڏيکئي امان - وڏي جند والا.

شاديءَ جي خوشيءَ جو سنڌي ڳيچ:

وراڻي:  پنهنجي مٺوءَ کي آءٌ ٿي پرڻايا، شاديءَ شغل ڳايان.

ڪلي:  اکيون لاڏل جون ٻرن مشعالا - ڪجل جوڙ بنايان - شادي شغل ڳايان.

                (۽ ٻين عضون جا نالا ورتا ويندا آهن.)

شاديءَ جي خوشيءَ جو سنڌي سهرو:

وراڻي:  سيڻن جي ڪوٽ جو هلي ڪڙو لاهيو، هلي ڪڙو لاهيو، حقدار لاڏو آيو.

ڪلي:  تو لئي سس سنڀايو سونگو سون ڀري - حقدار لاڏو آيو.

                لاڏي کي جا اکڙي سنهڙي سينڌ ڪنوار - حقدار لاڏو آيو.

                لاڏو هليم ساهرين کڻي ڪوٺو ڪوڏ منجهان - حقدار لاڏو آيو.

شاديءَ جي خوشيءَ جو پيراڻو سنڌي ڳيچ:

وراڻي:  شاديون ڪندو خدا، الهه راضي بنا!

                تنهنجي شاديءَ ۾ رب راضي بنا!

ڪلي:  چڱا ڀائر گهرائي آ - رب راضي بنا!

                چڱا ڄاڃي گهرائي آ - رب راضي بنا!

                پنهنجو مرشد گهرائي آ - رب راضي بنا!

شاديءَ جي خوشيءَ جو سرائيڪي ڳيچ:

وراڻي:  لاڏل ماءُ، شال ٺري هي، الهه وڌائي هي مولا وڌائي هي.

ڪلي:  سر لاڏل دي سوني سهري، موتين جوڙ بنايا هي - مولا وڌائي هي.

                ڏند لاڏل دي ماڻڪ موتي، سرخي جوڙ بنايا هي - الهه وڌائي هي.

                (۽ ٻين عضون جا نالا ورتا ويندا.)

گهوٽ جي جاڳي جو سنڌي ڳيچ:

وراڻي:  ننڊ جي ڪانهلي کي ڇٽَ جي ڇانوَ ڪريو،

                منهنجي بنري کي جيءَ ۾ جاءِ ڏيو.

ڪلي:  اکيون ادل جون ٻرن مشعالا، ڪجل جوڙ بنايو - ڇٽَ جي ڇانوَ ڪريو.

                (۽ ٻين عضون جا نالا ورتا ويندا.)

گهوٽ جي جاڳي جو سنڌي سهرو:

وراڻي:  اُٿ جاڳ بنا! سائينءَ ڏنا، تو جاڳندڙي جس!

                جاڳ الهه جوڙيا لاڏلا!

ڪلي:  منهنجا مائٽن جا دادلا - تو جاڳندڙي جس!

                نيڻن ننڊ اکوڙ لاڏلا - تو جاڳندڙي جس!

گهوٽ جي جاڳي جو پيراڻو سنڌي ڳيچ:

وراڻي:  جاڳ ته لڳئي ڀاڳ بنرا! الهه جوڙيا لاڏلا جاڳ وي

                منهنجا مور لاڏا توتي الله نبيءَ جو راز وي.

ڪلي:  اکيون لاڏل جون ٻرن مشعالا - ڪجل جوڙ بنائي - جاڳ وي.

                (۽ ٻين عضون جا نالا ورتا ويندا.)

پڙي يا ڪوٺي جو سنڌي سهرو:

وراڻي:  دهلن ساڻ پڙو، ابا! تو لئي ماءُ سنڀاهيو،

                سرهيءَ واٽ مٿان اسان جي لاڏل پير گهمايو.

ڪلي:  ڄاڃين ساڻ پڙو - ابا! تو لئي ماءُ سنڀاهيو.

                نياڻين ساڻ پڙو - ابا! تو لئي ماءُ سنڀاهيو.

پڙي يا ڪوٺي جو سنڌي ڳيچ:

وراڻي:  نياڻين ساڻ پڙو، ادل گهوٽ جو راهه ۾ ٿو رَچي.

                سو ته سونهي سندس، سهج مؤن ساهرين گهر ٿو اچي.

ڪلي:  بئنسر گهڙايم نهري - سهج مؤن.....

                (۽ ٻين زيورن جا نالا ورتا ويندا.)

چڪيي يا تيلاڙي جو سنڌي ساٺ ڳيو / ڳيچ:

وراڻي:  جاءِ جاءِ ڦلڙا، سرهو تيلائو، سو ته سرهو.......

ڪلي: سوني ڏاوڻ ڏايو - جاءِ جاءِ ڦلڙا.....

                سوني تورڻ توريو - جاءِ جاءِ ڦلڙا...

                ڳاڙهي ڳانن وارو - جاءِ جاءِ ڦلڙا ...

چڪيي يا تيلاڙي جو سنڌي سهرو:

وراڻي:  جيجان تنهنجو سونهڙو، آيل تنهنجو سونهڙو، گجر سان، جي گڏيو.

ڪلي:  سوني ڏاوڻ، روپي ڏاوڻ دُرس تيلاڙو.

                مڙني نياڻين، گڏجي ڀيڻن، ساٽيو تيلاڙو.

                تيل ڦليل عطر عنبرين، سرهو تيلاڙو.

ٿار جو سنڌي سهرو:

وراڻي:  موتي پايو ٿار ۾، جنهن کي اُڪنڊڙيو. اولاڏا!

ڪلي:  ساٺ سنگهاريون ڪن - موتي پايو ٿار ۾.

                سنگهارين گهر سومرو - موتي پايو ٿار ۾.

                آيا پالر پير ڀري - موتي پايو ٿار ۾.

ٽاري ڪپڻ جو پيراڻو سنڌي ڳيچ:

وراڻي:  ٽلي آءُ ٽاريءَ تي، هلي آءُ مومل وٽ،

                سيڻن ڏنئي ڇپر کٽ.

ڪلي:  وڍ دشمن جو نڪ - ٽلي آءُ ٽاريءَ تي.

                الهه ڏينداءِ همٿ - ٽلي آءُ ٽاري تي.

                رسول رکئي پت - ٽلي آءُ ٽاري تي.

ٽاري ڪپڻ جو سنڌي ڳيچ:

وراڻي:  وڍڻ آيو ڪنڊڙي، وني مليس ننڍڙي،

                سهڻل سوني ترار سان وڍڻ آيو ڪنڊڙي.

ڪلي:  هٿ ادل جا مينديءَ رتڙا. سرخيءَ جوڙ بنايو - وڍڻ آيو ڪنڊڙي.

                (۽ ٻين عضون جا نالا ورتا ويندا.)

ٽاري ڪپڻ جو سنڌي سهرو:

وراڻي:  هن وڻ منجهان ڙي لاڏا! تنهنجو ڇڳڙو رُتو.

                هن وڻ منجهان ڙي لاڏا! تنهنجو مـَـنڙو موهيو.

ڪلي:  لاڏي کي جا لـِـکڙي، سنهيءَ سينڌ ڪنوار - مـَـنڙو موهيو.

                لاڏو لاڏي ننڍڙا کليو پين کير - مـَـنڙو موهيو.

گهڙيءَ ڀرڻ جو پيراڻو سنڌي ڳيچ:

وراڻي:  منهنجي پڄائي آهي پير، گهڙي ڀرڻ ڪا هلندي؟

ڪلي:  منهن لاڏل جي موڙ به سهندا - موتين لاتس شمعان.

                اکيون لاڏل جون ٻرن مشعالا - ڪجل لاتس شمعان.

                (۽ ٻين عضون جا نالا ورتا ويندا.)

گهڙيءَ ڀرڻ جو سنڌي سهرو:

وراڻي:  گهڙيون ڀرڻ هلو، جرَ تي هلو، سمو ڄام جهلو.

                لئي! لويان لـُـڏڻ گهوٽ کي!

ڪلي:  ساهرين گهر هلو - سمو ڄام جـَـهلو.

                جيڪا ماڻس من ۾ - سمو ڄام جـَـهلو.

                (۽ ٻين مائٽن جا نالا ورتا ويندا.)

گهڙيءَ ڀرڻ جو سرائيڪي ڳيچ:

وراڻي:  اها ڀردي هي، ماءُ ٺردي هي

                واه واه گهڙولي ڀردي هي

ڪلي:  اکيان لاڏل ديان ٻرن مشعالي - ڪجل جوڙ بنايا - ماءُ ٺردي هي.

                (۽ ٻين عضون جا نالا ورتا ويندا.)

گهوٽ کي وهنجارڻ جو سنڌي ڳيچ:

وراڻي:  کنوڻون ٿيون تجلا ڪن، پيءَ جو پيارو، جهڙ ۾ جهلايو.

                آءٌ گهوري وڃان، وهنجڻ ويلي آيو.

ڪلي:  دهري گهڙائج سهڻي، گهوٽ لاڏو: جهڙ ۾ جهلايو.

                (۽ ٻين زيورن جا نالا ورتا ويندا.)

وهنجڻ جو سنڌي سهرو:

وراڻي:  ٺاري واري کوهي، جرَ جو پاڻي،

                جتي منهنجو ادل وهنجي وار سڪاءِ.

ڪلي:  عطر آڻائي لڱن کي لائي، چندن آڻائي ونل کي لائي.

                وهنجي وار سڪاءِ

                ادل مشڪ ٿو لڱن کي ملائي، تيل ڦليل رلائي -

                وهنجي وار سڪاءِ

                بوڇڻ سان بدن نچوڙائي، ڦڻيءَ سان وار ٿو ٺاهي -

                وهنجي وار سڪاءِ

مينڍي ڇوڙڻ جو سنڌي ڳيچ:

وراڻي: اڙي مينڍي واري، لال سوناري، مينڍيون ڇوڙڻ ڏي.

                ادل حاڪم پٽَ جو، صاحب آهي سنڌ جو، شل ماڻيندو مومل!

ڪلي:  هٿ ادل جا مينديءَ رتڙا، ڳاني جوڙ بنايو. شل ماڻيندو مومل!

                (۽ ٻين عضون جا نالا ورتا ويندا.)

مينڍي ڦل ڇوڙڻ جو سنڌي سهرو:

وراڻي:  لاڏي! مينڍي ڦل ڇوڙڻ ڏي.

                تنهنجو سرتين ويڙهيو ڪوڏ منجهان.

ڪلي:  جيجل ويڙهيئي سڪ منجهان - سو مينڍي ڦل ڇوڙڻ ڏي.

                ڳتل ڳوڙهو ڪوڏ منجهان - سو مينڍي ڦل ڇوڙڻ ڏي.

                وار گهنڊيدار سنداءِ - سو مينڍي ڦل ڇوڙڻ ڏي.

                مٿان سڳوريءَ ڇانو - سومينڍي ڦل ڇوڙڻ ڏي.


(1)  نظرثاني ڪندڙ پاران اضافو آهي. (ادارو)

(1)  وڌيڪ ڳيچن لاءِ ڏسو سنڌي ادبي بورڊ جو ڇپايل ڳيچ (جلد پهريون ۽ ٻيو) ڪتاب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سال 1963ع.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org