ڪنوار کي وهنجارڻ جو سنڌي سهرو:
وراڻي: هري هري هلو، ويرم لايو، آءٌ هلندڙيءَ آس.
ويهه وينگس سڄري پاڻيءَ!
ڪلي: کول ٻه مينڍڙ، ماءُ جي ڳتڙءِ، آءٌ هلندڙيءَ آس.
مر لاهي لڱن مٿان، آءٌ هلندڙيءَ آس.
گهوٽ کي ڪپڙن پهرائڻ جو سنڌي سهرو:
وراڻي: عطر چندن هلي لاڏل کي لايو، بسم الله ڪري آيو.
ڪلي: آيو ونڙيءَ جو مالڪ - بسم الله ڪري آيو.
آيو هندوري جو مالڪ - بسم الله ڪري آيو.
آيو ديري جو مالڪ - بسم الله ڪري آيو.
گهوٽ کي ڪپڙن پهرائڻ جو سنڌي ڳيچ:
وراڻي: لاڏي جو جوڙو، ڍڪي ڏي رومال سان،
رومال سان، پر ريشمي رومال سان.
ڪلي: بئنسر لاڏل جي ساري اٿم سون جي - لاڏي جو جوڙو
(۽ ٻين ڳهڻن جا نالا ورتا ويندا.)
گهوٽ کي ڪپڙن پهرائڻ جو سرائيڪي سهرو:
وراڻي: ميڏي در تي درزي ڪو منگا ڏيوين،
مئن صدقا ٿيسان تيڏي ويس تؤن.
ڪلي: ميڪون چولا سوا ڏيوين بوسڪي دا.
مئن صدقي ويسان تيڏي ويس تؤن
ميڪون گج سوا ڏيوين پٽ دا.
مئن پسند ڪريسان آپڻي مرضي سؤن.
پڳ ٻڌائڻ جو سنڌي ڳيچ:
وراڻي: ڇٽُ جهلي آيو لاڏي بني تي،
ڇٽ جهلي آيو منهنجي جوڙيل تي.
ڪلي: اکيون ادل جون ٻرن مشعالا - ڪجل جوڙ بنايو - منهنجي بني تي
(۽ ٻين عضون جا نالا ورتا ويندا.)
پڳ جو پيراڻو سرائيڪي ڳيچ:
وراڻي: چٽي پڳ پيردي ڀلين زري لايو ڙي
هي پکي پرديسي، ٻولي سمجهه الاوڻ ڏي.
ڪلي: ٻولي سمجهه الاوڻ ڏي، رٺڙا وير مناوڻ ڏي. پکي ملڪ ملير دا.
چٽا چولا مرشد دا پلوي زري دي ٻڌاوڻ ڏي. پکي ملڪ ملير دا.
پڳ ٻڌڻ جو سنڌي سهرو:
وراڻي: لاڏي کي جا لکڙي، لاڏل! ٻڌ کهنبڙي پڳ
ڪر ولائتي ويس توکي ساري سنڌ انعام، سهڻل نظر نوازئين!
ڪلي: توکي ڀائر ڪن سلام - ٻڌ کهنبڙي پڳ.
لاڏو هليم ساهرين - ٻڌ کهنبڙي پڳ.
گهوڙي لانگ وراءِ - ٻڌ کهنبڙي پڳ.
ڌري پير رڪيب ۾ - ٻڌ کهنبڙي پڳ.
پڳ ٻڌڻ جو پيراڻو سنڌي ڳيچ:
وراڻي: لاڏو انهيءَ ويل ڪوڏيو!
ڪلي: ٺريس ٺاهيو ٻڌي پڳ، جڙيس جوڙيو ٻڌي پڳ، لاڏو!
ٿيس پنجتنان جي پاکر، ٿيس علي نبيءَ جي آڌر. لاڏو!
ٿيس حامي حضرت پي، ٿيس واهر وهلو پير. لاڏو!
موڙن ٻڌڻ جو پيراڻو سنڌي ڳيچ:
وراڻي: سهڻل ساٽ ڪجانءِ ڙي! شاهه ڀلي آيو،
ٻڌو موڙ محبوب کي - شاهه ڀلي آيو.
ڪلي: ڇني ڇٽيهه ٿوڻيون - شاهه ڀلي آيو.
گهورون گهوريو گهوٽ تان - نور ڀلي آيو.
موڙ ٻڌڻ جو سنڌي ڳيچ:
وراڻي: موڙ ته ٻڌندم وچ ۾، سونهندم سٿ ۾، جيڏل ٻائيءَ ڀاءُ،
هيءُ اميد پنڙيم، هيءَ ويل گهـُـرڙيم، سچي صاحب ڪنان.
ڪلي: بئنسر گهڙايم نهري - جيڏل ٻائيءَ ڀاءَ.
(۽ ٻين زيورن جا نالا ورتا ويندا.)
موڙن ٻڌڻ جو سنڌي سهرو:
وراڻي: جاءِ جا گلڙا ٽڙن، لاڏي کي موڙ ٻڌن، لاڏو سونهيم الا!
ڀائرن سٿ ۾، هڪ سرتن ڄڃ ۾!
ڪلي: لاڏو هليم ساهرين وٺي ڀائرن ڄڃ - لاڏي کي موڙ ٻڌن.
تو لئي مس سنڀاهيو سونگو سون ڀري - لاڏي کي موڙ ٻڌن.
اسان آسون پنيون ماڻس پنڙا ڪاڄ - لاڏي کي موڙ ٻڌن.
موڙن ٻڌڻ جو سرائيڪي ڳيچ:
وراڻي: تيڏي سهري لائي بهار ميڏا هريالا بنا!
شل جيوين ميڏا شهزادا بنا!
ڪلي: سـِـر لاڏل دي سوني سهري - موتين لائي بهار - ميڏا هريالا بنا!
اکيان لاڏل ديان ٻرن مشعالي - ڪجل لائي بهار - ميڏا هريالا
بنا!
(۽ ٻين عضون جا نالا ورتا ويندا.)
هار پائڻ جو سنڌي ڳيچ:
وراڻي: سهڻل! توکي هار مان پايان گلن جو،
هار گلن جو سينگار گلن جو.
ڪلي: بئنسر سهڻل جي مان لاڙئون آڻائيان - هار گلن جو.
(۽ ٻين ڳهڻن جا نالا ورتا ويندا.)
هار پائڻ جو پيراڻو سنڌي ڳيچ:
وراڻي: حضرت پاتو گلن جو هار.
گل گلابي، رنگ رسولي، سهرو سندن سينگار.
ڪلي: اکيون لاڏل جون ٻرن مشعالا - ڪجل جوڙ بنايو - گلن جو هار.
(۽ ٻين عضون جا نالا ورتا ويندا.)
ڪنوار جي سينگار جو پيراڻو سنڌي ڳيچ:
وراڻي: اُٿي بيبي ڪر سينگار، سردار تنهنجيءَ جهوليءَ جهـُـلندو،
پرڻي رات رسول جي حورن پاتا هار.
ڪلي: اکيون ابل جون ٻرن مشعالا، ڪجل جوڙ جنسار - ڪر سينگار.
(۽ ٻين عضون جا نالا ورتا ويندا.)
ڪنوار جي سينگار جو سنڌي ڳيچ:
وراڻي: سونَ جو ٻيڙو ڙي لاڏي! تنهنجو وات،
ڦـُـلڙن ڇانيو ڙي جيڏل! تنهنجو ڳاٽ.
توکي لکيو ڄام جرار - ڌيءَ ٻائي ڪنديم هار سينگار!
ڪلي: اسان جي وينڊي وارڙي جهمي، ڙي جهمي اسان جي لال ڪنوار.
سون جو ٻيڙو ڙي لاڏيّ! تنهنجو وات.....
(۽ ٻين ڳهڻن جا نالا ورتا ويندا.)
ڪنوار جي سينگار جو سرائيڪي ڳيچ:
وراڻي: ڪنوار ساڏي ٻيڙي زري دي چولي والي،
تيڏي موتيان لائي هي بهار.
ڪلي: نڪ ڪنوار دي بئنسر سونهندي - ڏاڍي ناز والي - لائي هي بهار.
ڪن ڪنواردي سنبڙيان سونهنديان - ڏاڍي مان والي - لائي هي
بهار.
هٿين ڪنوار دي مـُـندڙيان سونهنديان - ڏاڍي شان والي -
لائي هي بهار
پيرين ڪنوار دي جتڙي سونهندي - ڏاڍي ناز والي - لائي هي
بهار.
سرگس جو سنڌي سهرو:
وراڻي: هنجهه مور گهوڙي پلاڻ - سرخيءَ پاءِ اَلياڻ.
ڪلي: منهنجي دلدار لاڏي لاءِ - گهوڙي پلاڻ.
منهنجي ديندار لاڏي لاءِ - گهوڙي پلاڻ.
منهنجي زميندار لاڏي لاءِ - گهوڙي پلاڻ.
سرگس جو سنڌي ڳيچ:
وراڻي: چڙهه گهوٽ گهوڙي، ٻڌ موڙ جوڙي
آهي رب جيڪو جوڙون ٿو جوڙي.
ڪلي: خاصي بئنسر جوڙائي - ڪنهن جي خوشي ٿي ڳايان
اهي خوشيون خالق ٿو جوڙي. چڙهه گهوٽ گهوڙي.
(۽ ٻين ڳهڻن جا نالا ورتا ويندا.)
سرگس جو سرائيڪي سهرو:
وراڻي: چڙهيا گهوٽ گهوڙي نعرا ماريندا،
شڪر خدا دا پيا هي ڳويندا.
ڪلي: الله هـِـس شادي ڪيتي نبي دا ڇٽ هي جهليندا.
الله تيڪون گهوٽ ڪيتا، مبارڪ هووئي ڄل کليندا.
سيد ساڻي ٿيا هئي، هووي خير ڪـُـلين دا.
سرگس جو پيراڻو سرائيڪي ڳيچ:
وراڻي: پير سلامت هووي، مرشد! سلامت هووي.
ڪلي: لاڏل چڙهندا گهوڙي - مرشد سلامت هووي.
لاڏل چڙهندا مهري - پير سلامت هووي.
لاڏل چڙهسين محافي - پير سلامت هووي.
نفل پڙهڻ جو پيراڻو سنڌي ڳيچ:
وراڻي: مسيت منهنجي پير جي سڄي آهي سونَ جي،
مٿس گل گلاب جا، حورن رانيو گهوٽ کي!
ڪلي: سيد آيو سيج تي، ڦل چونڊيندو جوٽ تي - مٿس گل گلاب جا.
احمد آيو اُٺ تي لانئون ڏيو گهوٽ کي - مٿس گل گلاب جا.
نفل پڙهڻ جو سرائيڪي سهرو:
وراڻي: ميڏا ابل مسيتين ويندا پئي،
جڏهن پڙهندا قرآن سڻندان پئي.
ڪلي: ميڏي پير دا در هي علي حيدر شاهه،
جنهن دا فيض جڳ ڪون ونڊيندان پئي.
ميڏي الهه دا شان وَڌيندان پئي،
اُهندي نازين نال موهيندان پئي.
نفل پڙهڻ جو سنڌي ڳيچ:
وراڻي: منهنجا پڙهيا! پڙهيل ويهه مسيت ۾،
منهنجا جڙيا! جڙيل ويهه مسيت ۾.
ڪلي: لانئون لهندو - آءٌ قربان وڃان - منهنجا پڙهيا!
چڱي دهري گهڙائي - آءٌ قربان وڃان - منهنجا پڙهيا!
(۽ ٻين زيورن جا نالا ورتا ويندا.)
ساهرن ۾ پهچڻ جو سنڌي ڳيچ:
وراڻي: اڱڻ ادل جي شمعون جلايان، ساري سنڀاري ڀينرون گهرايان.
ڪلي: اکيون ادل جون ٻرن مشعالا - ڪجل جوڙ بنايان - اڱڻ ادل جي.
(۽ ٻين عضون جا نالا ورتا ويندا.)
ساهرن پهچڻ جو سنڌي سهرو:
وراڻي: منهنجي ادل مٿان مهر وسندي اچي،
مهر وسندي اچي، ماءُ ٺرندي اچي.
ڪلي: هيٺئون ادل جي هرڻا مهري - ڪوڏ منجهئون ڪڏندو اچي.
چڙهيءَ ابل جي ابلق گهوڙو - ناز منجهئون نچندو اچي.
ساهرين پهچڻ جو پيراڻو سنڌي ڳيچ:
وراڻي: پير جا مريد توکي الله کڻي آندو.
ڪلي: هتي لام ليلان، هتي ميم مجنون - توکي الله کڻي آندو.
گهوٽ گهوڙي چڙهه تون - هري هري هل تون - توکي الله کڻي
آندو.
لاڏا! وني وٺ تون، پنهنجي گهر ور تون - توکي الله کڻي آندو.
سيج جو سنڌي ڳيچ:
وراڻي: سعيو ٿيو تنهنجيءَ سيج جو،
ماءُ ٺريئي، بخت وريئي، سيج ماڻ. لاڏلا!
ڪلي: بئنسر جوڙائج نهري، ادل تو، لئي ماءُ سنڀاهيو - لاڏلا.
(۽ ٻين ڳهڻن جا نالا ورتا ويندا.)
سيج جو سرائيڪي ڳيچ:
وراڻي: اندر نه وڃ ڏکڻ هير پکا مئن جهليسان،
پکا مئن جهليسان، سرهي سيج وڇيسان.
ڪلي: ڏند ادل دي ماڻڪ موتي - سرخي جوڙ بڻيسان - پکا مئن جهليسان.
(۽ ٻين عضون جا نالا ورتا ويندا.)
سيج جو سرائيڪي سهرو:
وراڻي: مئن ڦلاندي سيج وڇائي هي، ميڏا دلبر وي،
تون نازين نالا آوين، ميڏا رانجها وي.
ڪلي: ڦلاندي واڙي وچ بلبل پئي ٻوليندي هي،
تاڙي مار اُڏارين - ميڏا رانجها وي.
ڦلاندي بازار وچ، بوڇڻ ميڏا اٽڪيا،
نازان نال ڇڙاوين - ميڏا رانجها وي.
ڦلاندي باغ وچ، چولا ميڏا اڙڳيا،
نخري نال ڪڍاوين - ميڏا رانجها وي.
ڦل چونڊڻ جو سنڌي ڳيچ:
وراڻي: ڦل چونڊيندي ٻچڙي! گل پائي ٻچڙي
ڪلي: بئنسر پائي سهاڳ جي، ميندي لائي سهاڳ جي - ڦول چونڊيندي.
(ٻين زيورن ۽ مساڳ، ڪجل ۽ هار جا نالا ورتا ويندا.)
ڏورڙي ڇوڙڻ جو سنڌي سهرو:
ورڻي: ڏورڙو وينجهارين جو وٽيل، ڏورڙو ڪيئن ڇٽي؟
ڪلي: تنهنجيون ماسيون ٿيون ڇينڀين لاڏا! ڏورڙو ڪيئن ڇٽي؟
(۽ ٻيا ڀيڻيون، پڦيون ۽ چاچيون نالا ورتا ويندا.)
کير پيارڻ جو سنڌي ڳيچ:
وراڻي: ابل! کير پيئڻ وارا، جڙي تنهنجي جواني!
جڙي تنهنجي جواني، شال وني ماڻين!
ڪلي: بئنسر ادل جي مان لاڙئون گهرايان، شال وني ماڻين!
(۽ ٻين زيورن جا نالا ورتا ويندا.)
لانئن جو سنڌي ڳيچ:
وراڻي: انبن توتن جون ٿڌيون ڇانوان، سهڻل لهندم لانوان
ڪلي: بئنسر سهڻل جي لاڙئون گهڙيان، تنهن تي مينا رکايان - لهندم لانوان
(۽ ٻين ڳهڻن جا نالا ورتا ويندا.)
لانئن جو سنڌي سهرو:
وراڻي: تنهنجي بنگلي اڳيان بيٺي ڳايان، سهڻا لال!
لانئون لهندو سيج تي اچ، موڙ ٻڌندو سيج تي اچ!
ڪلي: تنهنجي پرڻي جي ويلي، ماءُ ٺري منهنجا لال! لانئون لهندو سيج تي اچ
(۽ ٻين مائٽياڻين جا نالا ورتا ويندا.)
لانئن جو سرائيڪي ڳيچ:
وراڻي: لاڏل لانوان لڌيان، مئن ڏاڍي خوش ٿي هان،
جڙيل لانوان لڌيان.
ڪلي: سر لاڏل دي سوني سهري، موتين جوڙ بنايا - مئن ڏاڍي خوش ٿي هان.
اکيان لاڏل ديان ٻرن مشعالي، ڪجل جوڙ بنايا - مئن ڏاڍي خوش
ٿي هان.
(۽ ٻين عضون جا نالا ورتا ويندا.)
ڪنوار جي منهن ڏسڻ جو سنڌي ڳيچ:
وراڻي: منهنجي گلابيءَ جي گل کي ايڏي دير مَ لايو، مومل ساڻ ملايو،
منهنجي صرافيءَ جي شمع کي ايڏي دير مَ لايو.
ڪلي: اکيون ادل جون ٻرن مشعالا، ڪجل جوڙ بنايو - دير مَ لايو.
(۽ ٻين عضون جا نالا ورتا ويندا.)
ڪنوار جي منهن ڏسڻ جو سنڌي سهرو:
وراڻي: چتونئڙو درياءَ پار جو، ڄاڃين آڻايو،
ڪلي: ٻولي ٿو ونل سان، لاڏل ويهاريو.
کڻي اکڙيون نيڙي نهاري - ڄاڃين آڻايو.
سونن سنجن نيري گهمائي - ڄاڃين آڻايو.
مارڪي (معرڪي) جو سنڌي ڳيچ:
وراڻي: گڏ گوڏي ويهي، ادل مون پرڻايو،
اتان پرڻايو، جتي سندس رايو.
ڪلي: بئنسر ادل جي مون سوني ٺهرائي - ادل مون پرڻايو.
دهري راڻل جي مون سوني ٺهرائي - ادل مون پرڻايو.
جهومر مومل جي مون سوني ٺهرائي - ادل مون پرڻايو.
ٻانهين سهڻل جي مون سوني ٺهرائي - ادل مون پرڻايو.
جهانجهر ڀورل جي مون سوني ٺهرائي - ادل مون پرڻايو.
مبارڪن جو سنڌي ڳيچ:
وراڻي: آيل توکي نوَ لک مبارڪون، تنهنجو رب وارو ورايو.
سوڍل ماءَ کي مبارڪون، تنهنجو واليءَ بخت ڀڙايو.
ڪلي: چڱي بئسنر جوڙائي، لاڏل لاڙئون جو آيو - بخت ڀڙايو.
(۽ ٻين ڳهڻن جا نالا ورتا ويندا.)
مبارڪن جو سرائيڪي سهرو:
وراڻي: سهيليان اربيليان ڙي! ميڪون ڏيوو مبارڪان،
مئن جڙيل پرڻائي، گهر آئي هان.
ڪلي: چڻ چڻ چنبيلي ديان ڪليان، جوڙيل ماڻ سهري دي ڳليان. ڏيوو مبارڪ
چڻ چڻ گلاب ديان ڪليان، لاڏل ماڻ سنهري دي ڳليان ڏيوو مبارڪ
چڻ چڻ رابيل ديان ڪليان، سهڻل ماڻ سهري دي ڳليان ڏيوو مبارڪ
مبارڪن جو سرائيڪي ڳيچ:
وراڻي: ڏيوو ڏيوو نوَ لک مبارڪان، ڏيوو سؤ سٺ مبارڪان.
ڪلي: اکيان لاڏل ديان ٻرن مشعالي - ڪجل جوڙ بنايا. ڏيوو ڏيوو.....
(۽ ٻين عضون جا نالا ورتا ويندا.)
مبارڪن جو سنڌي سهرو:
وراڻي: نوَ لک مبارڪون ڏيو ڙي! بابس کي ڏيو ڙي،
ماڻس کي ڏيو ڙي! ڀلي ڀلي ڏيو.
ڪلي: سونهن ۾ ادل منهنجو سرس سوايو، مائٽن کي ادل آهي ڏاڍو پيارو.
نوَ لک مبارڪون
ڏيو ڙي!
الله وڌايو پيرن جوڙيو، مون تي الله جو آهي ٿورو
نوَ لک مبارڪون
ڏيو ڙي!
مبارڪن جو پيراڻو سنڌي ڳيچ:
وراڻي: دران مرشد جي ملي ٿئي مبارڪ، دران دلبر جي ملي ٿئي مبارڪ،
توسان حامي حضرت پير، توسان مدد محي الدين.
ڪلي: لاڏل ماءُ الله وڌائي، سيڻن سدا رنگ لايو - توسان حامي.....
اکيون لاڏل جون ٻرن مشعالا، ڪجل جوڙ بنايو - توسان حامي....
(۽ ٻين عضون جا نالا ورتا ويندا.)
گهور جو سنڌي ڳيچ:
وراڻي: سون ُ، پڙهيل توتان صدقي،
گهوري گهمائي ماءُ.
ڪلي: اکيون ادل جون ٻرن مشعالا، ڪجل جوڙ بنائي - گهوري گهمائي ماءُ.
(۽ ٻين عضون جا نالا ورتا ويندا.)
گهور جو سرائيڪي ڳيچ:
وراڻي: سون ُ ادل تؤن صدقا ڏيسان،
مولا ڪرايم شاديان.
ڪلي: اکيان ادل ديان ٻرن مشعالي، ڪجل جوڙ بناوان. مولا ڪرايم شاديان
(۽ ٻين عضون جا نالا ورتا ويندا.)
گهور جو سنڌي سهرو:
وراڻي: گهوري ڏي گهوٽ جا ابا! گهوٽ مٿان ئي سون ُ،
ڏي ڏاند، ڳئون، مينهن، گهٽ وٺنداسون ڪونه.
ڪلي: گهوري ڏي گهوٽ جي ماءُ گهوٽ مٿان ئي سونُ.
ڏي وڳو ڪپڙن جو، گهٽ وٺنداسون ڪونه.
گهوري ڏي گهوٽ جا ڀائو، گهوٽ مٿان ئي سونُ،
روپيا هجن روڪڙا، گهٽ وٺنداسون ڪونه.
ڪنواريتن ۾ رات ٽڪڻ جو سنڌي سهرو:
وراڻي: هير توسين هلندي، کلي سيج ويهندي،
منهنجا الله جوڙيا لاڏا: لاڏي توسين هلندي.
ڪلي: اُٺ ٻيلهه چڙهندي، کلي کٽ ويهندي - منهنجا الله جوڙيا لاڏا!
ڀاڳ سهاڳ ماڻيندي، کلي جوٽ ويهندي - منهنجا الله جوڙيا
لاڏا!
ڪنواريتن ۾ رات ٽڪڻ جو سنڌي ڳيچ:
وراڻي: ريل جا راڻا! توکي محل ۾ مومل ملندي،
توکي ساهرين رات پوندي.
ڪلي: اکيون ادل جون ٻرن مشعالا، ڪجل هي رنگ لايو - محل ۾ مومل...
(۽ ٻين عضون جا نالا ورتا ويندا.)
نيکيٽيءَ يا موڪلاڻيءَ جو سنڌي ڳيچ:
وراڻي: جيڏل! ڏاج سنڀاءِ پنهنجيءَ ڌيءَ جو، اسان راڻل آهي آندو،
هاڻ لاهي ڪڙو هن ڪوٽ جو، اسين ساعت نه سهنداسين،
اسين ساعت نه سهنداسين، اسين مومل نينداسين.
ڪلي: دهري گهڙائج نهري - اسين مومل نينداسين.
(۽ ٻين ڳهڻن جا نالا ورتا ويندا.)
نيکيٽي يا موڪلاڻيءَ جو سنڌي سهرو:
وراڻي: اُٿ سنڀر ڌيءَ ٻائي! آيا ٿئي اُٺ ڪجاوا،
ڪلي: ڪا گهڙي ترسو ڌيءَ ملي پنهنجي ماءُ کي - آيا ٿئي اُٺ ڪجاوا.
(۽ ٻين عزيزاڻين جا نالا ورتا ويندا.)
گهر ڏانهن موٽڻ جو سنڌي ڳيچ:
وراڻي: اڄ ڏينهن سدورو ٿيندو، سهڻل گهوٽ گهر ايندو.
ڪلي: بئنسر بار ڀريو، جوڙيل وني چاڙهي وريو - گهوٽ گهر ايندو.
(۽ ٻين زيورن جا نالا ورتا ويندا.)
گهر ڏانهن موٽڻ جو سنڌي سهرو:
وراڻي: سڄڻ سونهارا! تنهنجي ڏسڻ لئي واٽون نهاريان.
ڪلي: اکيون پرينءَ جون ڪاريون ڪجليون، سرمي اکين کي ڏاڍو عجب بنايئي
سـِـرَ تان سڄڻ جو سون ۾ سهڻو، لونگيءَ جي جوڙ ڏاڍو عجب
بنايئي
هٿ سڄڻ جا مينديءَ ڳاڙها، ڇلڙن جي جوڙ ڏاڍو عجب بنايئي.
گهر پهچڻ جو سنڌي ڳيچ:
وراڻي: آءُ ڙي بنا! مور بنا! بنا! تنهنجو وارو الهه ورايو،
تنهنجو لايو ٿيم سجايو.
ڪلي: دهري گهرائج نهري - لايو ٿيم سجايو.
(۽ ٻين زيورن جا نالا ورتا ويندا.)
گهر پهچڻ جو سرائيڪي ڳيچ:
وراڻي: ميڏا رانجهن ڀلي آيا، ميڏا ڍولڻ ڀلي آيا.
ڪلي: اکيان لاڏل ديان ٻرن مشعالي، ڪجل جوڙ بنايا، ڍولڻ ڀلي آيا.
(۽ ٻين عضون جا نالا ورتا ويندا.)
گهر اچڻ جو پيراڻو سنڌي ڳيچ:
وراڻي: پير محي الدين اڱڻ اسان جي آيو،
ناز وارو نينگر اسان جو آيو.
ڪلي: چمڪدار وينڊو جو جوڙايم - ناز وارو نينگر اسان جو آيو.
(۽ ٻين زيورن جا نالا ورتا ويندا.)
گهر اچڻ جو سنڌي سهرو:
وراڻي: اڄ مون وٽ آيو، جند جان ڪريان قربان،
پنم روح جو رايو.
ڪلي: ڏاڙهن لام لڙي - پنم روح جو رايو.
(۽ ٻين وڻن: ليمن، انبن، لونگن، ڦوٽن جا نالا ورتا ويندا.)
ڪنوار جي ساراهه جو سنڌي ڳيچ:
وراڻي: رب جو مٿس راز ڀلي ٻانهن لوڏي.
ڳاڙهي مليس ڪنوار ڀلي ٻانهن لوڏي.
ڪلي: چڱي بئنسر جوڙائي، ادل ٻانهن لوڏي.
(۽ ٻين زيورن جا نالا ورتا ويندا.)
ڪنواريتن جي ساراهه جو سرائيڪي ڳيچ:
وراڻي: شمع شهزادا ميڏا بڻيا وي،
الله چا ڪيتا تيڏا چڱيا وي.
ڪلي: اکيان لاڏل ديان ٻرن مشعالي، ڪجل لاتس شمعان وي.
(۽ ٻين عضون جا نالا ورتا ويندا.)
مرادن پڄي اچڻ جو سنڌي پيراڻو ڳيچ:
وراڻي: شاديون مـُـراديون اسان جون پير پڄايون،
عيوض انهيءَ جو ڏينديس سـُـکائون.
ڪلي: نالي ڌڻيءَ جي خوش ٿي کارايون - ڏينديس سـُـکائون.
ڀائر ڀينر گڏجي گذاريون - ڏينديس سـُـکائون
مون کي مولا مرادون ڏيکاريون - ڏينديس سـُـکائون.
مرادن پڄي اچڻ جو سرائيڪي ڳيچ:
وراڻي: صدقي صدقي وڃان، گهوري گهوري وڃان،
من مرادان هن ميڏيان پنيان.
ڪلي: نڪ لاڏيءَ دي نٿڙي سونهندي، نٿ لائي هي شمعان.
(۽ ٻين عضون ۽ زيورن جا نالا ورتا ويندا.)
مرادن پڄي اچڻ جو پيراڻو سرائيڪي ڳيچ:
وراڻي: من ديان مرادان ميڏيان. الهه پڄائيان،
دل ديان مرادان ميڏيان.
ڪلي: الله دي در تي مئن منڙيان سـُـکاوان - الله پُڄائيان.
محمد دي در تي مئن منڙيان سـُـکاوان - الله پـُـڄائيان.
مرشد دي در تي مئن منڙيان سـُـکاوان - الله پڄائيان.
ڪنوار جو پيڪن لاءِ سڪ جو سماٽڪو سهرو:
وراڻي: منهنجي اورڻ ماءُ! منهنجو لکيو آهي ڏور.
ڪلي: پار درياءَ جي تتر تنواري - منهنجي اورڻ ماءُ.
هينئڙو حيران پونم پـُـور - منهنجي اورڻ ماءُ.
ڪنوار جو پيڪن ڪاڻ سڪ جو سنڌي ڳيچ:
وراڻي: قابو آهيان ڪوٽن ۾، جيئن منهنجي قسمت!
قدرت ڪيو ڏکن ۾، ايئن منهنجي قسمت!
ڪلي: بئنسر ادل جي مان لاڙئون آڻائيان - ائين منهنجي قسمت!
(۽ ٻين زيورن جا نالا ورتا ويندا.)
ڪنوار جو پيڪن لاءِ سڪ جو سرائيڪي ڳيچ:
وراڻي: ميڏي سر دا سالور ڀنان ڀنان، مئن گهڙي نه ڏيسان مانگوان.
ڪلي: لونگي لاڏل دي، بوڇڻ ميڏا، مئن ملهه هزاري گهـِـنان گهـِـنان
وني ابل دي سهاڳ ماڻي بنا، مئن ملهه هزاري گهـِـنان
گهـِـنان
ساٺ ڳيا: هيءُ ساٺ ڳيا وري وري پيا چئبا آهن، جيستائين پرڀ جا سـَـنوڻ ساٺ
ختم ٿي ويندا آهن.
ٻڪيءَ جو ساٺ ڳيو:
چانور ڇڙيو، هوءِ هوءِ جهمڙي، چوکا ڇڙيو، هوءِ هوءِ جهمڙي.
لاڏو ڦلڙن هوءِ هوءِ جهمڙي.
مهري ۽ مانڌاڻيءَ جو ساٺ ڳيو/ڳيچ:
ڳاڙهي ڦرهي، مهري چومي،
ڳاڙهي ڦرهي، مانڌاڻي چومي.
جنڊ جو ساٺ ڳيو:
جنڊ ٻڪي، جنڊ ٻـُـڪي، سا پائي جنڊ جتا، ڪـَـيئن ڀـَـتا!
گهوٽ ڪنوار سهسين سکيا!
ڇني اڏڻ جا ساٺ ڳيا:
ڇني ڇٽيهه ٿوڻيون، ٻٽيهه ڏيا ٻرن،
گلڻ گهوٽ! ساليون هنڌ وهاڻا گهـُـرن.
* * *
پکڙو پيرن اڏڙيو، پکڙي ٻيلي الله، پکڙي مينهن وسي،
نئين سيج لاڏل، گلڻ گهوٽ چڙهي گهوڙي.
ونواهه ٻڌڻ جو ساٺ ڳيو/ڳيچ:
اِندر ڪٽورن ۾ ٻار ونا! وٽيءَ ۾ سرکنڊ، موچارا ونا!
* * *
اکيو اکيو نه ڪريو، اکيي ۾ لال ڪنوار،
سؤ ڏيئي روڪڙو، اچي ڏسو ڳاڙهي ڪنوار.
* * *
نيرڙي، ٻڌ ٻاٻلي، چنڊ جهلندو پيو اچي،
عقلدار لاڏلو، سڀن ملوڪ سانولو.
مون ته لڏڻ ۾ سڃاتو، مون سڄڻ سيج تي سڃاتو.
سانجهڙيءَ جو ساٺ ڳيو/ڳيچ:
”سانجهڙ سانجهڙي“ ساجهر ڏجي، ڌيءَ وناهين ويٺي جتي.
جنهن گهر سانجهڙي ڏجي، سوگهر وسي، آءُ سلڇڻي تون ٻهه تتي.
سونَ دبلڙو جوٽ ڌرجي، ماءُ پيءَ سندڙو چيو مڃجي.
سس صهري جي شيوا ڪجي، ڀيڻ ڀاڻيجيءَ جورو ڏجي.
ٻهاري سوهاري ڪنڊ ڌرجي، اُکلڙو مـُـهلڙو نا اورانگهجي.
ورت وهندڙي نا اُڪرجي تتڙو گيهڙونا تورجي.
پپر سين پينگهڙو نالو ڏجي، ستڙو ڪتڙو نا جاڳائجي.
سانگ صرفي سان هلجي.
سونهي جو ساٺ ڳيو/ڳيچ:
پريننِّڙو جوڀن هيلون ڏي.
سونهي کـُـهنبن ساڻ ڪنوار، سونهي ٻانڌڻن سان ڪنوار.
سونهي تارن ۾ جيئن چنڊ، سونهي تارن ڀرڙي رات.
سونهن ڄڃ ويندڙ ڄاڃي، سونهي ڪنوار ڪلهي ٻانهين.
سونهي واهڻ ڪنڌيءَ ڪانهه، سونهي پار وهندڙ پاڻي.
سونهي مينهن ۾ جيئن سانهه، سونهي ڳؤين ۾ جيئن ڳوڌو.
سونهي هاري هرَ سين جتڙو.
گهوٽ کي ميندي لائڻ جا ساٺ ڳيا/ڳيچ:
ميندڙي مامن آندي، سهرو ڪاڪن آندو،
رکي ادل گهوٽ کي، ٻاروچو ٻانڌڻو ڏي.
* * *
مينديءَ رتڙا گل، ميندي لائڻ ڏي،
پٽ ڳٽڪو ابا! ميندي لائڻ ڏي.
ڪنوار جي مينديءَ جو ساٺ ڳيو/ڳيچ:
ميندي ڏيوڻ آيان، ست ئي سهاڳڻيان، ميندي ساوي ڍوليي دي،
خوب کهنبڙا لڳا، لاڳ ميندي دا لڳا، هٿين پيرين رنگ جهليا.
* * *
سڄڻي گهرايو ساٺ تي، لال ميندي جو رنگ جهلي،
لال ميندي پيرڙا رڱي، هٿڙا چِٽي.
گهوٽ کي ڏِکَ ويهارڻ جو ساٺ ڳيو/ڳيچ:
ڏِک چڙهه ونا! تنهنجو سينگار موتين هار،
اديون منهنجو لاڏو، ڏِکَ چڙهي گهر آيو.
گهوٽ جي تيلاڙي جو ساٺ ڳيو/ڳيچ:
چوٽ مٿي ڦلڙا، مر چڪيو لڳي،
اسان سندي ونڙي، مر چڪيو لڳي.
ڪنوار جي تيلاڙي جا ساٺ ڳيو /ڳيچ:
چوٽو ڦلن ڇانيو، مر چڪيو لڳي،
اسان سنديءَ ونڙيءَ، مر چڪيو لڳي.
* * *
سوني تورڻ توريو تيلاڙو.
اما! ڀوري ننڍڙو، جيجان ڀوري ڇتڙو،
جاءِ جا ڦل، سرهو تيلائو! جاءِ جا گل.
ڏانوڻ ڏانئڻ جا ساٺ /ڳيڇ:
ڏانوڻ ڏانيو، اُڀو سائين، ونيءَ تائين.
* * *
سون جو ڏانوڻ ڏانيو، سـُـرهي سيج وڇايو، ڀائم ڀلي ڪري آيو.
* * *
ڏانوڻ ڏانئي، سيج وڇائي، تنهن تي ريڌو راڄ،
ادل! سهنج مڙئي سونَ جو.
رانءِ جهانءِ جو ساٺ /ڳيچ:
رانءِ جهانءِ هنجهڙا، تو پڻ ستَ سمنڊ لنگهڙا،
مون پڻ پنڙي آس!
ٿنڀ چٽڻ ٺنڀ ٺرڻ/ جا ساٺ /ڳيچ:
هي پهريون ٿنڀ جو اَڏڙيو، منُ هريو، دولت ڀريو، ونڙي ڏاڏاڻن،
آءُ مٺا! ونڙيءَ وڻ هريو، سرهيءَ سيج ڙي الا! اسان جو لاڏو چڙهيو.
* * *
پهريون ٿنڀ جو اَڏڙيس، اَڏڙيس موڙهي، ساري سو ته ونڙي باباڻن،
وَرَ ونيءَ جي سهاڳ کي، سي تان سهاڳڙو.
لانئن جا ساٺ /ڳيچ:
هيءَ پهرين لانءَ چنڊ ٻائولي، ٻاٻل ڌيءَ ڪنوار گهمندي نوري،
گهمندي نوري، اڇڙي چوڙي، هيءَ ننڍڙي پرڻجي.
ماڻڪ پيڙا ماڻ ماڻس پيڙس مانَ):
جيءَ توڄائو! ونو پرڻي رات موڙن سين ڳتو،
سرهي سيج ڙي الا! اسان جو لاڏو چڙهيو.
* * *
هيءَ پهرين لانءَ چنڊ ٻائولي، ٻاٻل ڌيءَ ڪنوار گهمندي نوري،
گهمندي نوري اڇڙي چوڙي،
اسان هير ڏٺو سڄڻ سيج چڙهيو - اسان هي ٻه ڏٺا سڄڻ سيج چڙهيا.
سيجڙي ماڻ ڳاڙهي وني، ونيءَ پرڻي رات هيءَ ويل چڱي.
ڪوڏ جهڙي ڪنوار، سـُڌ جهڙو ونو، الا هاڻ ماڻس آسون پنيون.
* * *
سيجڙي پنهنجي پاڻ ماڻيندو، هيءَ هڪڙي لانءَ سنگ بسوڙو،
ٻاٻل ڌيءَ ڪنوار لمندو جهوڙو، اسان لاڏو ڏٺو سيج چڙهندو.
سيجڙي سڀ چڱي ڳاڙهي وني.
* * *
ليلڙي لانوان سنگ بسوڙو، ٻاٻل ڌيءَ ڪنوار ٽڙهه ڪپهه وار،
هيءُ وڻ ڪيئن رُتو، رُتس ٻيلهڙي، پرڻي رات موڙن سين جتو.
* * *
سانگ مسوڙي، ٻاٻل ڌيءَ ڪنوار لمندي جهوڙي،
اسان هاڻي ڏٺو بيبيءَ سين بنو سيج چڙهندو،
واڙ ڪا هي واڙ هي ڪنهن رُتو، مانَ پهرين ساڻ،
جي تون ڀانئين، ٻاٻل پرڻيم رات موڙ سجدو.
* * *
هڪڙي لانءَ کنڊ ٻجهوڙي، ڌيءَ ڪنوار گهمندي نوري،
نوري نوري ڳاڙهي جوڙي، سڄڻ ماروءَ سيج وِهائي آهي.
* * *
هيءَ پهرين لانءَ چنڊ باهولي، ٻاٻل ڌيءَ ڪنوار گهمندي نوري،
اسان چنڊ ڏٺو نوڙندو، اسان ونو ڏٺو سيج چڙهندو.
سيجڙي نور رڱي، چوکائي چڱي، گهوٽ پرڻي رات سڀ سوَلي.
* * *
هيءَ پهريڙي لام سنگ بجوڙي، ڀلڙي بابي ڌيءَ گهمندي نوري،
ٻه ڪپڙا ڏجانس ٻهڳڻ سندا، اسان هير ڏٺا، مٺا ٻئي سيج چڙهندا.
سيجڙي ماڻ کلي، ڳاڙهي وني شڀ سرکن رات ههڙي بني.
ترمئڻ جا ساٺ /ڳيچ:
جيترا تر مئيندي اوترا پٽ ڄڻيندي، سهرو چوندو ڪانه ڪڇندي،
سس کي نمي پيرين پوندي، لوڻا شڀ سلوڻا، لوڻا هٿ سلوڻا.
* * *
لوڻا سڀ سلوڻا، جيڪي ونڙ وڏي سا پڻ ونڙي جهلي،
رتا ٻنڌڻا ٻاڻ، هيءَ ننڍڙي ڪنوار - ڪوٺي ۾ ويهندي، ست پٽ ڄڻيندي.
* * *
جيترا تر مئيندي، اوترا سک پسندي، سس سهري سان نوڙت ڪندي،
وڏي ڏير جا پير مليندي، ننڍي ڏير جو چيو مڃيندي.
* * *
جيترا تر مئيندي، تيترا پٽ ڄڻيندي، سڀن سان کير کلندي،
سس چوندس ڪين ڪڇندي، چيو چايو ڪين ليکيندي.
لوڻا سرب سلوڻا، جيڪي ونڙو ڏي، سو پڻ ونڙي جهلي،
رتا ٻڌڙا ماڻ، آهين ننڍڙي ڪنوار، ڪوٺي ۾ ويهندي سهاڳ ڀاڳ ماڻيندي.
ڊامڻ لٺڙين، وڃڻي ۽ اٽين جا ساٺ /ڳيچ:
ڊامڻ لٺڙين ڇايا، سڄڻ مون گهر آيا،
هرڙي ڊاک چٻايا، سڄڻ ڌيري ڌيري آيا.
* * *
ڊامڻ لٺڙين رانيا، مون گهر سڄڻ آيا، جهيڻي جهيڻي گهر آيا،
ڊامڻ لهه لٺڙيون، جنهن منڌ مرڪن، ڍوليي ڏنيون ٻه سون جون لـِـکڙون،
سونهن جيڏل هار ۾، لئي! سـُـرها ونا!
* * *
ڊامڻ لٺڙيون، جي منڌ ڏنڙيون، جيتڻ لو!
* * *
ڊامڻ لٺڙيون ڊامڻ لٺڙيون، ڍوليي ڪـُـٽي ڙي، ڍوليي ڪٽي ڙي.
ڪين ڪڇي سا ونا! ونڙي.
* * *
ڊامڻ لٺڙين ڊاما، ڪين ڪڇي ڙي ڄامان، پاڻ سر ڍڪي ٿي جامان.
وڃڻيءَ جا ساٺ /ڳيچ:
وڃڻيءَ واءَ ڪجي، ڀوري ٻائي! وڃڻيءَ واءُ ڪجي.
هٿين جهلي وڃڻي، وڃڻيءَ واءُ ڪيو، ونڙي واءُ ڪيو،
ونڙيءَ واءُ ڪيو اُرهه لڳو، سو ته سيباڻو.
هرڙ هارڙو، ڏُڄڻ ڏارڙو، سڄڻ جيءُ جيءُ آيو.
* * *
وڃڻيءَ واءُ لڳو، سو تنَ سيباڻو، هٿ جهلي وڃڻي،
ونيءَ واءُ ڪيو، ونيءَ کي سيباڻو، وڃڻيءَ واءُ لڳو.
اِٽين جو ساٺ ڳيو:
اِٽيون اِٽيون سڀئي پنيون، پيڙيون به پـُـڄن.
کـُـهنبو کـُـهنبو ڀيڻن ساريو، ڏيج ڏيج گاجرو،
ٽوهالو هريو هريو، سڄڻ سيجڙيءَ چڙهيو، لـُـڏڻ موتين مڙهيو.
مانڌاڻيءَ جو ساٺ /ڳيچ:
منڌيءَ ولوڙيو هوءِ هوءِ جهمڙي، مکڻ ميڙيو هوءِ هوءِ جهمڙي،
لاڏو ڦلڙن ويڙهيو.
سونگي جا ساٺ /ڳيچ:
سونگڙي ساٺ ڪجن، ڀوري ٻائي سهجان سيڻ ڪجن.
* * *
ڪوڏ ڪمانگر چٽيو، سرها ونا!
سونگڙي ساٺ ڪجن، سهجا سيڻ ڪجن.
* * *
هرڙ هرڙيو، ڊوڙي گهرڙيو، سون ڪمانگر چٽڙيو،
سونگي ساٽ ڪجن، وني ٻائي!
* * *
جس ڪمانگر کي، جنهن سونگڙو چٽيو، انگڙو ونگڙو واڍي گهڙيو.
* * *
سونگي سمانا سونا سڏائي، سونا سڏائي، سيا ڪوٺائي،
بنل اڱڻ واهه کڻائي، اڇڙي کنڊ ڦڪائي، ڪچڙي ڊاک چٻائي.
ڦل چونڊڻ جا ساٺ /ڳيچ:
گل چونڊيندي، ڦل چونڊيندي، ونيءَ وني نيڻ ٺريا.
* * *
سؤ جو لاڏو آئيو، لاڏي جا ڄاڃي سندان ڙي!
آءٌ اُن مهل چونڊينديس ڦلڙا.
* * *
تو لئي ويهي وهائيم راتڙي، آءٌ پرهه چونڊينديس ڦلڙا.
* * *
ڦل چونڊيندي وني دي نال وي، ميڏا اصل دخالي لاڏلا.
* * *
ڦل چونڊي سا وني ونـِـي، ڪين ڪڇي سا وني وني.
ڳنڍ يا ڏوري کولڻ جا ساٺ /ڳيچ:
ڳنڍ کولاڻي، ڏي موکاڻي، ڇوڙ ته ڇوڙڻ ڏيانءِ
* * *
ڏورڙو وينجهارين وٽيل، لاڏا! ڏورڙو ڪين ڇڙي،
ڏورڙو ڏاهين جو وٽيل.
* * *
ڏورڙي ڏهه ڳنڍيون، لاڏا! ڏورڙو ڪئين ڇـُـڙي.
کير پيارڻ جا ساٺ /ڳيچ:
ڏهه ئيءِ آڱريون کير ۾ ڏهيءِ پتنگڙيون، ونيءَ اُرهي لڳڙيون سي پڻ سيباڻيون.
هرڙ هارڙيو، ڏُڄڻ ڏارڙيو، سڄڻ سيج چڙهيو.
* * *
کيرول کير پيتو، وَرنيءَ وَرَ ڀريو،
چوٽيريءَ چاڳ ڪيو، چنڙيءَ سهاڳ ڪيو.
* * *
ابل! کير پيئڻ وارا، جـُـڙي تنهنجي جواني، شال وني ماڻين!
* * *
وَريڙيءَ وَرُ ڪيو، کيروندي کير پيتو،
چوڙيليءَ چاڳ ڪيو، ڪـُـندن ڙيءَ ڪوڏ ڪيو.
* * *
رات ٻڌڙا ماڻ، ڌيءَ ننڍڙي ڪنوار،
ڪوٺڙي ويهندا، کير ڀت کينئندا.
* * *
سا کيران سا کيران، تو جو ننڍڙو گهوٽ،
توکي رتڙو ٻڌو، توکي چڱڙو لکيو.
کارڪ يا مٺ ڇڏائڻ جا ساٺ /ڳيچ:
کارڪ ڇڏاڻي، ڏي موکاڻي، ڇوڙ ته ڇڏڻ ڏيان.
* * *
مٺ کولاڻي، ڏي موکاڻي، ڇوڙ ته کولڻ ڏيان.
ڪامڻ: سنڌ ڪي ڪي برادريون، ڪامڻ جو ڳيو، ڪنوار کي سينگار ڪرائڻ مهل
ڪنواريتيون زالون گڏجي چون. جيستائين سينگار پورو
ٿئي.
ڪامڻ زوران زور لڳي، ڪامڻ ٻولان ٻول لڳي،
تيل ڦليل وانگر لڳي، چوئي چندن وانگر لڳي،
رتي مينديءَ وانگر لڳي، ڪامڻ زوران زور لڳي.
ڍاٽڪي ڪامڻ ڳيو / ڳيچ:
ڪامڻيئارا رَسيا گسيا، انگ لاڏلڙي را لسيا.
ساسو سهي ٿانري ڪامڻ جاڻي، سا سوسهي ٿانري ڪامڻ جاڻي،
هيڪي چونڪي جان جيماڙي، پانتيا ڪري اُٺياڙي.
ساڙات ٿانري ڪامڻ جاڻي، ساڙات ٿانري ڪامڻ جاڻي،
هتاڙي ۾ سرس رووپاڙي، ڀاڄي ڪري ڇمڪاڙي.
ساڙي سهـِـي ٿانري ڪامڻ جاڻي، ساڙي سهـِـي ٿانري ڪامڻ جاڻي،
هتاڙي ۾ نانگ نچاڙي، ڪوتڪ ڪري ڏيکاڙي.
هيرو يا ڦوٽاڻو: هن ڳيي ۾ هلڪي قسم جون گاريون، ٺٺوليون، زالون پاڻ ۾ يا
گهوٽيتن سان ڪنديون آهن:
ڇـُـڙ ڪوٺاري(1)
ڊول بڊولو، ڪوٺاريءَ ڪـُـڙهه ۾ کوڙيو ڪـِـلو،
اُلڙ ڙي ڪلامَ ڪـِـرماڻو، هڪڙي جا جوڻس ٻيو جو ناڻو.
ڏارڙي ڏارڙي، رنگ ڪري ٿي ٻار ڌتار ڙي،
ڪوٺاري ڏيندو زال اُڌاري، فلاڻي نالي وار ڙي.
ڍاٽڪي / ڦوٽاڻو ڳيو /ڳيچ:
پاڏي ڀڳي جائي پاڏي ڀڳي جائي، ڇورو جاڻي ڏاڏي ڀڳي جائي،
نا ڙي ڇورا! ڏاڏي ڪونهي، پاڏي ڀڳي جائي!
گابو ڀڳو جائي، گابو ڀڳو جائي، ڇورو جاڻي بابو ڀڳو جائي،
نا ڙي ڇورا! بابو ڪونهي، گابو ڀڳو جائي!
ڪوئو ڀڳو جائي، ڪوئو ڀڳو جائي، ڇورو جاڻي ڦوئو (پڦڙ) ڀڳو جائي.
نا ڙي ڇورا ٿو ئو ڪونهي، ڪوئو ڀڳو جائي.
(۽ اهڙي طرح ٻيا مائٽن جا نالا ورتا ويندا.)
لوڪ گيت
لوڪ گيت: گهڻو ڪري تـُـڪبندي تي اٿلاڻي وارا ۽ ڊگهي سنگهر جي بيتن وانگر
هوندا آهن. هن ۾ جمالو، ڇلو، مورو، لولي، ٻيلڻ،
ڍولو، گامڻ، موڏي، ڪانگلڙو، سروَر ۽ رمضان شريف جا
جاڳا ان کان سواءِ ڪيترا ڍاٽڪي ٻوليءَ ۾ ٿري لوڪ
گيت اچي وڃن ٿا، سنڌي لوڪ گيت نموني طور هيٺ ڏجن
ٿا:
جمالو: هو جمالو، هو جمالو. منهنجو لڙي ايندو لاڙ کان، هو جمالو!
ڇلڙو: ڀلا ڀلا جانان! ڇلي ڏاڍي لائي هي.
ڪلي:
ڇلا ڇوڪر آهين، ميڏا ساهه سڪائين، ڪيون منهن
لڪاوين. ڀلا ڀلا جانان!
ڇلا ڪر پيا پٽ تي، جاني ٻيٺا کٽ تي، چـُـمي ڏيوان
چپ تي - ڀلا ڀلا جانان!
ڇلا ڳاڙها گدرا، ساڏا يار ننڍا، ڇڪ ٻڌونس سندرا -
ڀلا ڀلا جانان!
ڇلا سائي اڳڙي، رن ٻيٺي بگڙي، جيوين ڇـِـتي
گـِـدڙي ڀلا ڀلا جانان!
ڇلا ههڙا تهڙا، تئن لاتا جهيڙا، قادر ڪرسين ميلا -
ڀلا ڀلا جانان!
مورو:
مورو ناهي ٿورو، حاڪم! مورو ويٺي ڳايان.
ڏانٽي ڏندا ٽيهه، منهنجي لاباري جا ڏينهن - حاڪم!
مورو ويٺي ڳايان.
ٽڪر مٿي ٽاندو، سهڻو ٻڌم ڳانو - حاڪم! مورو ويٺي
ڳايان.
لولي:
اوهو مارو لولي، وي لوڪ نينگر لولي!
گهـُـوڪ نه ڳيرا! ٻيٺا هانءُ ڏليندا.
وسريان جو ڳالهيان ٻيٺا ياد ڏويندا - مارو لولي!
گهـُـوڪ نه ڳيرا! چپ اَلـَـههَ دي نانءَ تي،
وسريان جو ڳالهيئين لکيان کڙيان هانءَ تي - مارو
لولي!
ٻيلڻ:
ٻيلڻ وي هـُـڻ تيڏي ٻيلڻ بيٺي ڳاوي.
رمزان دي ماري، ڪهڙي بارڙي چاوي - ٻيلڻ وي.
ڍولو:
جيوين ڍولا!
بزار وڪانديان ريڙهيان، ميڏا ڍول وَهيندا ٻيڙيان،
پتڻ ملهيسان - جيوين ڍولا!
گامڻ:
گلڙا ڀي آيا، ميڏا سانول نه آيا،
ڪنهن ڪنون پڇان، سارا ساٿ پرايا - گامڻ وو ......
موڏي:
موڏي ميڏي سڄڻ دي، موڏي وچ واڻ وي.
مين ته تيڏا نوڪر، تون ڄاڻين نه ڄاڻ وي.
ڪانگلڙو:
آيم رات وريم ڪالهه، وير کان وريو ڪانگلڙو!
لئو سڀان لئو سڀان.
ڪلي:
پـُـويو پـُـويو پائيان هن ڪانگل کي ڪوڏيون،
ڏيکاريندم ڏيهه ڌڻي، هن لالڻ جون لوڏون،
منهنجو لوڏن وهيڻو - ڪانگلڙو!
هيٺينءَ ڍنڍ مڇي مري، مٿانس مياڻي،
اُڃ مرندي نه پيان، هن پرينءَ ري پاڻي،
منهنجو اُڃ وهيڻو - ڪانگلڙو!
مون ۽ جيڏل وچ ۾ سونو ٻهارو،
سوري سوري ڇڏيان، پر هينئڙو ويچارو،
منهنجو ڪوڏ وهيڻو - ڪانگلڙو!
-
ٿلهه: آئون ويٺي وَس گهران، پنهنجي وڳر شال وران،
ڙي ٻڙا ڪانگلڙا اُڏامي وڃ.
ڪلي: ڪوٺي مٿي ڪانگلڙو لنيو لاتيون لوءِ
پڇو پاڙي واريون، مام ڪڄاڙي چوءِ - ڙي ٻڙا
ڪانگلڙا....
اچي ميڙي اوجلي، جنهن ۾ لڳي ٿڌو واءُ،
ڪتيان ويٺي چوئن ۾، آيم موڀي ڀاءُ - ڙي ٻڙا
ڪانگلڙا....
ماکيءَ مٺي مصري، مٺو ماءُ وياءُ،
مٺي پرڏيهه سوکڙي، مٺو موڀي ڀاءُ - ڙي ٻڙا
ڪانگلڙا....
ماءُ ته مون کي موڪليو وٽي ۾ آمون،
آمون کاڌم پيت ۾ وٽو نشانون - ڙي ٻڙا ڪاگلڙا...
اڇو اُٻيڇڻ ڇانپ سين، مڪو منهنجي ماءُ،
مرڪي ڪنديس مٿي تي، اُوچٽئين ڪوڏ منجهان - ڙي ٻڙا
ڪانگلڙا...
ڪارڙو:
اهو ڪارڙو! اکين ڳاڙهڙو،
ننڊ نه ڏي ٿو نماڻيءَ کي.
ڪلي: ڀيلوڙي ڀيلو، مون داءُ ڌتاري ويو،
ڏسي چٽ ڪنڀار جو، منهنجي روح ڏنو ريلو،
محبتي ميلو، ٿيندو يار ميهار سان - اهو ڪارڙو اکين
ڳاڙهڙو.
اڇي چـُـني چـِـٽ گهڻا چـِـٽيل هـُـيم ٻانهين،
هٿ هئم هاج ۾ اکڙيون اوڏانهين،
سهڻل تون سائين، موٽي اچ مينڌرا - اهو ڪارڙو اکين
ڳاڙهڙو.
ڪاڙهي تتي جهڙ ڀنيان لڳيم هينئين لـُـڪ،
چاڙهيو جان جنڊيءَ تي ڏريان ويٺي ڏُک،
ماڻهو چون بـُـک، مونکي سڪ سڄڻ جي - اهو ڪارڙو
اکين ڳاڙهڙو.
سروَر:
الا، اول سوران مئن بڙائي هي خدا،
تنهن تؤن سوران مئن نبي هي رسول،
ڪلمان جنهن دا پيا هيم قبول.
تنهن تؤن سوران مئن سروَر پير،
سـُـڪيان نديان وهندا هي کير.
تنهن تؤن سوران مئن پير جيلاني،
بـُـکيان نون اَنُ ٽـِـهايان نون پاڻي.
تنهن تؤن سوران مئن ميان راڻا،
در الهه دي وچ جو اگهاڻا.
سروَر دي گهر وڄدا هي دُهل،
جيوي مائي بيبي دا جوڙ.
سروَر دي هٿ وچ هي کنا،
جيوي مائي ببيي دا ونا.
سروَر دي گهر وڄدي هي شاهي،
سروَر جملي دي آس پـُـڄائي.
کيڙين ڀيڙين ڪيتا هي ڊوهه
ڪڪري چير نڪتي هي روهه.
سروَر دي هٿ ڏُنڊي لڪڙ،
کوڙ مريندا آپڻي آ پڙ.
سروَر دي منهن وسدا هي نور،
اسي وڻ وٺي پهلا هي ڀور.
اسي ڪوهه ڪريندي نـُوراني،
ڪهه ڪر پيران دي پاڙ ڇني.
جو حج ونديان حج تي ڳييان،
آون آپڻي جهوليان ڀريان.
حج وندان دا حج هي قبول،
ڀرو ڪلمان پوسي قبول.
جاڳا:
چنڊ ڏٺو رمضان جو، ڏيو ٻريو اسلام جو،
مسلمانا مومنا سعيو ڪريو رمضان جو.
* * *
جاڳڻ ويل ٿي آهي رحمت ويل ٿي
اوهين اُٿي الله ياد ڪريو - جاڳو اوهين جاڳو
مومنا.
مسلمانو اٿي جاڳو - هنئين جي هيج سان جاڳو!
اٿي جاڳو الله يارو، وڃي ٿو ماهه رمضان جو!
شهادت ۾ ڀريل سارو، وڃي ٿو ماهه رمضان جو!
|