سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سنڌ جو لوڪ ثقافتي ورثو

باب: 1

صفحو :3

 

باب پهريون

سنڌي ٻوليءَ ۽ ساهت جي اپٽار

 

الا! ڏاهي مَ ٿيان! ڏاهيون ڏک ڏسن،
مون سان مون پرين، ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا.

(لطيف رحه)

 

سنڌ ملڪ جي ساهتيه کي سوچ ۽ ويچار سان جاچبو ته: پهريائين دراوڙي (سنڌي) ٻولي ساريءَ سنڌ ۾ سر کڻي هلندڙ هئي. انهيءَ ٻوليءَ جا گهڻا تڻا ڪيترا سارا لفظ اڄ به رواج ۽ وهنوار ۾ ڪتب ايندڙ آهن، اُهي ائين ئي ڳالهايا ٿا وڃن، جيئن اڳ ۾ ڳالهايا ويندا هئا.

مثال: گهوٽڪ معنيٰ گهوڙو ۽ گهوٽ معنيٰ سوار. گهوٽ لفظ قائم آهي، ٺالهو معنيٰ گونچڪرو. هن اسان کان ٺالهي ٻڌا رپيا ورتا آهن.

نجاپجا: پڊ، ڪوٽ، ڳڙهه، پنجڙ، ڏوڪڙ، واهه، ٽنڊو، واهڻ، ڪوڏي، ڪونڌر، ڍينگو، ڍينگر، ڍانڍو وغيره، ٻيا اهي به لفظ آهن، جن کي حرف تابع، يا حرف جملو ۽ يا ڀرائپ جا لفظ ٿو ڪوٺجي. ماڻهو ڇيڻو، جيوُ جنتر، ڪيٽ ڪنڌر، نئون نڪور، پئسو پنجڙ، گاهه پٺو، نيرن، ڇاندو، انهن کان سواءِ سماٽ قوم جون ذاتيون: اوٺا، سومرا، سما، شورا، ڀنڀرا، گهڙا، داسڙا، ڏاهري، ڇڄڙا وغيره ۽ انهن جا خاص نالا: پاکڙيو، تورپيو، ماڪرپيو، پارپيو، نڀندو ۽ اوڀايو وغيره.

مٽي مائٽيءَ وارا لقب به گهڻو ڪري دراوڙي هلندا اچن ٿا. مثال: ماءُ - پيءُ، ڀاءُ ڀيڻ، جوءِ ڪانڌ، ور وني، هنن مان گهاٽي مائٽي وارن کي جڏهن عام صورت ۾ ڳالهايو ويندو آهي، ته سندن هوبهو شڪل ۽ آواز ساڳيو بيهندو آهي، جو اصلي رنگ ۾ هوندو آهي:

ماڻهين = ما + اڻهه + هوءِ(1)، پڻهين = پ + اڻهه + هوءِ،

ڀاڻهين = ڀا + اڻهه + هوءِ، ڀيڻهين = ڀي + اڻهه + هوءِ، جوڻهين(2) = جو + اڻهه + هوءِ، سسڻهين = سس + اڻهه + هوءِ ۽ ڌيڻهين هنن کي دعائيه يا آسيسا وارا لفظ چون. هنن کان پوءِ ٻيا مائٽي وارا لفظ چاچهين = چاچ + هين، مامهين = مام + هين، ڏاڏهين =، نانهين + نان + هين. اهڙيءَ طرح باقي ٻيا عزيزن قريبن جا لقب گهٽ دعائيه ٿوري آسيسا وارا آهن. ڪورين جا ڪيترا لفظ(3)، زراعت جا به ڪئين لفظ اوزارن سميت، وکر ۽ پسار جا گهڻا لفظ، وڻن ٽڻن جا نالا گهڻو ڪري ساڳيائي آهن.

سميرين جي ڇهين حاڪم حمورابيءَ، حڪومت جا قاعدا قانون ديسي ٻوليءَ ۾ تختن تي اُڪرائي، ملڪ جي چؤسولن تي کوڙائي ڇڏيا هئا.

پهريون پنڊت پاڻني هو، جنهن ٽي صديون ق.م، آريائي ٻولين لاءِ صرف و نحو لکيو. ان وقت سنڌي ٻوليءَ کي به آريائي ٻولي سمجهيو ويندو هو.

پنڊت وروچي ٻيو ماڻهو هو، جنهن پهرين صدي عيسويءَ ۾ ”پراڪرت پرڪاش” نالي گرامر لکيو. هن جي زماني ۾ سڄي ڀارت ۾ چار مکيه ٻوليون شمار ٿيل هيون: مرهٽي، مگڌي ۽ پئشاچي ۽ سورشيني ساڳي سنڌي ٻولي پراڻي هئي.

جڏهن ايرانين سنڌ ديس تي قبضو ڪيو، ته کروشتي (گڏهن جي چپن جهڙا) اکر لکيا ويندا هئا. اهي ٻي صدي عيسوي ۾ راجا لسديو جي دؤر تائين موجود هئا.

·پنجين عيسوي صديءَ ۾، جڏهن راءُ گهراڻي جي سنڌ ملڪ تي راڄڌاني هئي، تڏهن دفتر جي لکپڙهه سنڌي ٻوليءَ ۾ ٿيڻ لڳي.

·ستين - اٺين عيسوي صديءَ ۾، هن ملڪ ۾ گپتي رسم الخط رائج رهيو.

·اٺين صديءَ کان پوءِ سرڪاري دفتر عربي ٻوليءَ ۾ لکيو ويندو هو.

·يارهين - ٻارهين عيسوي صديءَ ۾، ڌنپال آچاريه ”پايلڇي“ ۽ هيمچندر آچاريه ”ديس نام مالا“ ٻئي ڪتاب ٻوليءَ جي سڌاري ۽ واڌاري تي لکيا.

·چوڏهين صديءَ ۾، دودي چنيسر جو قصو مشهور ٿيو. سيوهڻ، ٺٽي ۽ بکر ۾ مدرسا کليا.

·پندرهين صديءَ ۾ ادب انشاءُ پارسي ٻوليءَ ۾ لکجڻ لڳو. شيخ پرئي، اسحاق آهنگر، راڄي درويش ۽ شيخ حماد جو ڪلام عام ماڻهن جي زبانن تي رائج هو.

·سورهينءَ صديءَ ۾، عمر - مارئيءَ جو قصو لکيو ۽ پڙهيو ويندو هو. اگهم ڪوٽ(2) ۽ ولهار ۾ ديني مدرسا کليا. قاضي قادن ۽ ماموئيءَ (معمائي) جا بيت، سنڌ جا ماڻهو ذوق سان چوندا هئا.

·سترهين صديءَ ۾، مڻڪنڊيه، پراڪرت ٻولين تي صرف و نحو لکيو ويو. ان ۾ سنڌي ٻولي به شامل ڪيائين. ان زماني ۾ شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جو ڪلام ۽ مخدوم سرور نوح رحه جا بيت به عوام ۾ مقبول هئا. جمن چارڻ جي مداح ان ٽاڻي برک ليکي ويندي هئي. ان کان سواءِ صدر دين، فتح فقير ۽ حافظ پنيو به مشهور شاعر ليکيا ويا.

·ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دؤر حڪومت ۾ يعني سترهين - ارڙهين صديءَ ۾ ديني مدرسن ۾ ميان ابوالحسن جي سنڌي پڙهائي ويندي هئي. جنهن جي سنڌي لپي يا پٽي عربي ٻوليءَ جي اٺاويهن اکرن تان اتارو ڪري ٺاهيل هئي.

·ارڙهين صديءَ ۾، شاهه عنات رضويءَ جو ڪلام، شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح جو ڪلام، ميان سرفراز جي مدح، اهي نظم عوام جي سينن جي سونهن ٿيا.

·اڻويهين صديءَ ۾، سچل سرمست جو ڪلام ۽ ساميءَ جا سلوڪ پڻ ظاهر ٿيا.

·هندو ماڻهو، اٺين صديءَ کان ديوناگري اکر لکندا آيا، پر ارڙهين صديءَ ۾، هنن وڻج واپار لاءِ هندو - سنڌي يا ٻٽا اکر استعمال ڪرڻ شروع ڪيا.

·سن 1856ع ۾، جڏهن سربارٽل فريئر سنڌ ملڪ جو ڪمشنر ٿي آيو، ته هن موجوده سنڌي الفا بيٽ يعني سنڌي لپيءَ کي ترتيب ڏياري، ملڪ ۾ مروج ڪرائي.

·سن 1853ع ۾ ڪئپٽن ايسٽوڪ سنڌي گرامر لکيو.

·سن 1854ع ۾ منشي اُڌارام سنڌي وياڪرڻ لکيو.

·سن 1860ع ۾، ميان محمد حيدرآبادي سنڌي ٻوليءَ تي صرف - نحو لکيو.

·سن 1866ع ۾، والٽن صاحب سنڌي ٻوليءَ تي گرامر لکيو.

·سن 1872ع ۾، ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ سنڌيءَ تي گرامر لکيو ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح جو رسالو ڇپائي پڌرو ڪيو.

·سن 1892ع ۾، جهمٽمل وسناڻيءَ نئون سنڌي وياڪرڻ ۽ ٻوليءَ جا بنيادي ڌاتو يا اشتقاق ”وئتپتي ڪوش“ نالي ڪتاب ۾ گڏ ڪري ڇپايا.

·سن 1919ع ۾ گئريسن صاحب ”لئنگسٽڪ سروي آف انڊيا“ نالي ڪتاب ڇپايو، جنهن جي اٺين جلد جي پهرئين باب ۾ سنڌي ٻوليءَ جي اپٽار ڪئي اٿس.

·سن 1920ع ۾، مرزا قليچ بيگ سنڌي گرامر لکيو، جنهن ۾ صرف - نحو به اچي ٿي ويو.

·سن 1935ع ۾ ڀيرومل مهرچند ”سنڌي وڏو وياڪرڻ“ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ لکي.

·سن 1960ع کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ تي غلام علي الانا، سراج ميمڻ ۽ علينواز جتوئي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڌار ڌار تاريخون لکيون آهن.

نئين تحقيقات ڪندڙن ۾، مسٽر علينواز جتوئي ۽ مسٽر غلام علي الانا ٻوليءَ متعلق نوان نوان ذخيرا هٿ ڪري، ڪتابي صورت ۾ عوام جي اڳيان رکيا آهن، ٻوليءَ ۽ ادب تي اڃا ريسرچ هلندڙ آهي. تند کي بند ڪانهي!

اڃا ڪي آهين، سزا وار سڱين جا،
ويٺا وڃائين، جي تون سنياسي سڻئين.
                                (لطيفرح)

نئين پراڻي پوشاڪ:

ڏور اڇي لڙ پيئي، يا هٿان پئي، جو هيڻي کي نه هڻي!

اڳئين سمي، ماڻهو تسين تي به تسيا ٿي، منجهن نت نت نهاليون، وڌوڌو لهاريون هيون، ڏڪار جو نانءُ نشان به ڪونه هو. سدائين وَسئن ۾ ويروتار ٿي وَهسيا. ڪنهن اڙيات جو ارٿ ڪرڻ مرڪ ٿي ڄاتائون.

اڄڪلهه ناڻي جي کوٽ به ڪانهي. چؤپار ٿوٻ ٿهريل آهن. وَٿون پڻ اپر اڳريون آهن. پوءِ ڏيهه ۾ ڏهڙو پئجي ويو آهي، ماڻهو گوندريا گهمن. ڀتو آهي ته لٽو ڪونهي ۽ لٽو آهي ته اجهو ڪونهي. ڪنهن کي به ويلن وارکائي ڪانهي؟ ان جو ڪوته ڪارڻ آهي!

ويڃائجي ٿو ته اڳين، جي اونڌر، ويس ۽ وڳا ڪانڌ ڪندا هئا، تن ۾ مڙئي ڪو پرتوو پيو پروڙبو هو. هو سدائين ڪپڙو ڍڪيندا هئا: مٿي تي ڦيڙهو، جو ڪؤڙي کن هٿ ڊگهو هوندو هو، موڪرو وڏو پهراڻ، گوڊوار جهولدار سٿڻ يا هلڪي ڦلڪي ڪانچ، صدري ۽ چادر ته اوس وڳي سان واڳيل هيون. اهو ڦينٽو يا پٽڪو ۽ ٻيا لٽا اهڙا اَڇا جهڙا کير هئا! هٿ جي ڪتيل سٽ جا هوندا هئا، جو سٽ پنهنجي هٿن سان ڪتيندا ۽ وٽيندا هئا. جي ڪنهن رس رهاڻ ۾ چڻ ڀڻ پيا ڪندا هئا، ته هٿ مڙوئي حاج ۾ هوندو هئن. اها وَرَ وَڙَ ويڙهيل ڀاڳ، مانُ مهت جو سيڙهو سنڌو ليکبي هئي. جنهنڪري ساڱاهي هلڻ سندن شيوو هو. گهڻن سرن واري سلوار، لمبو چولو اوڍڻ جي مکيه پر هئي، جيئن انگڙا مڙئي ڍڪيل هئڻ گهرجن.

ساڳيءَ ريت، جوئن جو اولو سوَلو اوڇڻ پڻ اڻسهائيندو لڳندو هئن. انهن ڪاڻ، گهيراوان گهگها، پڙا، پيشگير، پيرڇنڊَ، بوڇڻيون ٻڪل (ٻوڪر) هڻڻ لاءِ ڀرم پيون ڀائينديون هيون. اهي لڳڙ جي بت تان چؤڙجي لٿا ته آرڙهه سياري واسطي، هنڌ بسترا هيڪاندا ڪري رکندا هئا، پوءِ آيو ويو، اوي سوي، اوپرو سوپرو، پر - پنهنجو اهي هنڌ وڇائي سمهي وهسي پيو اُٿندو هو. خاص طرح انهن جون: ڪٽاهه تي ڪتريل ۽ ڪور واريون ٽڪرين تي ٽوپيل رليون اُٺ جي اگهه ناڻي تي وڪامنديون هيون. جن جي دستڪاري ۽ سيبي جي سٺائي صفائي انهن کي گل ڪريو کڻيو بيٺي هوندي هئي.

انهن ڏينهن ۾ گهرَ جي سونهن سوڀيا، گهرَ جون اڻورچ سگهڙ ۽ پورهيت گهرڌڃاڻيون ليکيون وينديون هيون. ٻارهوئي هيج سان حاجون پيون ڪنديون هيون. چڱيون چوکيون هاتڪ ويڄاڻيون پاڻ هيون، ستي ڦڪي ٻار ٻچي جي پاڻان پيون پرگهور لهنديون هيون. اهي ڏسَ ٽوٽڪا، ڀتون ڀت، ستن پيڙهين کان پيڙهيءَ به پيڙهيءَ وڏڙين کان کين ورثي ۾ نيبهه ٿيندا پئي آيا.

ٽوپي ٽنگڙ، لائي لاباري، ڇنڊ ڇڙ، جنڊ چڪيءَ، آتڻ چرخي سان چوڄ چاهه هوندو هئن. پنهنجي کڙهه اندران ڪا ٽڪ يا مال جي پڇي به اوس هوندي هين، جنهن جي آکر کٽي تي سڀئي گذر ڪندڙ هوندا هئا. اُهي جويون ڪڏهن به اَساريون يا وانديون ٿي نه ويٺيون.

مرد پڻ ٻني ٻاري، ڀري مزوريءَ کي چهٽيا پيا هوندا هئا: کيتي کٽي ته کاٽي کرڙي، لاڏو لڏڻ، وڻج واپار بلڪ هر قسم جي پورهيي ڪارهيي ۾ رڌل رهندا هئا. ڪم ڪرڻ عيب نه هو، نر ناريءَ ۾ ڪم بنسبت ڪو ڀيد ڀاءُ نه هو. هر ڪو بوتي سارو پنهنجيءَ ۾ پورو هو، نه هئا اڄ جهڙا اوراڄا ۽ ٽڪساٽ، نه هو اولاڪو. ڀانتين ڀانتين وسترَن، سترَن ۽ سترَڇين سان.

ڪو ساڱيون واڱيون، سينڌو سنگتي تڏي هلي آين ته ٻلهار پيا ٿيندا هئا. گوندر جي ته گم ئي ڪانه هوندي هيئن. حقيو تڪيو جيڪي حاضر هوندو هو سو آڻي اڳيان آڇيندا هئس. ڇا جا چورما ۽ چشڪا! جائيءَ جواريءَ تي خوش. اهڙا ٻاجهارا ۽ سنگت جا سچا سرويچ، جو رُڪَ رئيءَ ۾ به ساهه تان آهو کڻي اچي اوکيءَ ۾ ساڻي ٿيندا هئا. پر هاءِ! سج ٻه پاڇا. اڄ اهو جوڙ جوڳيڙن جو ناهي. رڳو ڏسڻ جا سهڻا ٽوهه وڃي بچيا آهن. سو ڳالهه ٿي ڪيم ڪپڙن جي:

اسان جون قراقليون، فيض ڪئپون، انورڪئپون، هئٽ فيلٽ، جناح ڪئپون، ترڪي ۽ بنگلور ڪئپون (ٽوپيون) ملهه مهانگي هوندي به ٿورئي وقت ۾ تيل ۾ چڪڙ ٿي اڇلائڻ لائق بنجيو وڃن، جن جي قيمت پنجن روپين کان وٺي ٽي سؤ روپين تائين ٿئي ٿي.

اهڙي ريت زريدار ڪلاهه، يزدي، مشهدي، پشاوري، ٺٽوي توڙي نصرپوري لونگيون جي پڻ اَتاههُ ملهائتيون آهن، پر رَليءَ جي پچن ڌاران ٻي ڪنهن ڪم ڪونه ٿيون اچن. وٺو ڪوٽن جو ڪپڙو: الپاڪو، اطلش، صوف، ٽاسا، سرج، ڪشميرو، شڪاري ڪلاٿ، ٽيوڊ، گئبرڊين، هناوا، ڪرنڊي، ڊَڪ، زرين، ڪمخاب، بلئزر، شارڪ پين، سلڪ ۽ ٻيا سوين نمونا. ڪوٽن جي ڦاٽڻ کان پوءِ اُهي ڪپڙا ٻارن جي جهاڙي اُگهڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه ڪم ڪونه ٿا ڏين. انهن جي هڪ وال جي بها ۽ ٺهراڻي، سباڻي ۽ سلائي بازار ۾ وڃي ڪنهن بزازي يا درزيءَ کان پڇي ڏسو ته بيٺي بيٺي بيهوشي يا ڏندين آڱريون مڙي ويندوَ يا ته مرڳو ڄٻا ڄمي ويندوَ! وري اچو قميض جي ڪپڙي تي. پڻئي يا هرک يا بافتي جي ڪپڙي کان سواءِ، ٻيو ڪهڙو به ڪپڙو، ڪهڙي به رنگ جو بدن تان ڦاٽي لٿي کان پوءِ هرگز ڪارگر نٿو ٿئي. پوءِ ڀل ته بوسڪي، سئڪس، چيڪ، چڪنو، سمر، ڪيرولين، پاپلين، ٽرڪولين، ٽئٽرون ۽ نئلون هجي. البت اها چوتي چڙهيل ٻچانگي سفيد سٿڻ (پتلون ته بنهه بس) وري به ڪنهن رَليءَ ڌڙڪيءَ جي پڙ ڳنڍڻ ۾ ۽ ٻيا رنگ ليههَ ۾ ڪم اچي سگهن ٿا.

جٺ يا ڦڪڙي ته اها آهي جو اسان کي پنهنجن گهرن ۾ پنهنجن هٿن سان ڪپڙن ڌئڻ ڌئارڻ جي هير ڪانهي! ”ڌوٻي ڌوئي، ڌڻي روئي“ پهاڪي مشهور هوندي به خيال ڪونهي. ڌوٻي، وڳا تيزاب، ڪاسٽڪ، ائش يعني سوڍا سان کنڀ چاڙهيو، ساڙيو خاڪ ڪريو ڏي. اُچي ۾ اُچو وڳو به ٽي ڌوپ لاچار ٿو هلي. اهي نقصان ڏسي به اسان سنجمي سوس ڪونه ٿا رکون! پوءِ ڪپڙي جي مهانگائي، اُن جو اڻسهائيندو اوڍڻ ۽ ڌئارڻ اسان کي پنڻ پريڪو نه ڪندو ته ٻيو ڇا ڪندو؟

ساڳيءَ پر، زالاڻي ڪپڙي جون، ٻانڌڻيون، ٻٽون، چنبيون، بوڇڻيون، پڙا پيشگير، گهگها، گجَ، لاوڻيون، لاکير، گلبندن، موٺڙا، گربيون، گيگم، ڌماچ، تسر سوسيون، اڄڪلهه جي ڪريف، قناوين، اسپان، سٽين، ڇيٽ، پاپلين، ڪرومڪ، بخمل، نف، پئنٽ، ليڊي هئملٽن، بروڪيڊ، چڪوري، ليلم ۽ نائلان، بجلي، فجوٽي، شئفون، زربفتن ۽ پٽن کان سؤ رتيون ڪثر هيون. اُهي ته سوين سوَڙين پٿراڻين ۽ رلين ۾ پيون رهائينديون هيون.

گهر ۾ ڪپڙي جي ڪفايت نه ڪرڻ ڪري گهڻا ڏسڻا وائسڻا مرد خرچ جي بوجي کان اتاولا، ڪند فهم، ڳڻتين ۾ ڳوڙهيل، بزدل، بيڪار، دولابي، دوکيباز، گشائي، ڏٽائي، موالي، منکٽوُ، چنڊولي، شرابي، شرارتي، بيغيرت، مڄو، بيمار، بي ساڃاهه، بي ادب ٿي پيا آهن. ڪي وري ننڍ وڏائي کان نڪتل، ڪوڙا ڪپتيا، هٺَ وڏائيءَ ورتل، پدم سلطان بود جي ڦنڌي ۾ ڦاٿل، اجاين اڍنگن خرچن جا عادي، پر خير خيرات، دان پڃ ۽ قومي ڪمن ۾ قاصر، اسلام کان عاري، اندر کاڌل ۽ رڌل اٿن. اهي ماڻهو، ڌوٻيءَ جي ڪتي وانگيان نه گهر جا ته نه گهاٽ جا ٿا شمار ٿين.

هنن جون زالون به فئشن ۽ سنيمائن جي پٺيان انڌيون اونڌيون، ٽيڊي پتليون، بيشرمائي جو ماڊل، اولاد نپائڻ ۾ عاجز، ڪوڙن قصن ڪٽڻ ۾ هوشيار، مرد نما ساهيڙين تي نثار، گهر جون ڦيٽاڙو، سس صهري تي شوڪيل، هئرآئل، لپ سٽڪ، لونڊر پائونڊر، مسچن، لڪس لڳائڻ تي عاشق، ڀرڻي سبڻي کان بري، هنن مان به جيڪي وڏ گهراڻيون ٿيون ڪوٺائين، سي ته برهما جي مک مان پيدا ٿيل آهن. ڪکُ ڀڃي ٻيڻو ڪونه ڪن، نڪي پير پٽ تي رکن: نوڪرياڻين، داين ۽ دَداين تي ڇڙو دٻاءُ ويٺيون ڪن. هوُ به کين خوش ڪرڻ لاءِ: جيءُ سرڪار! حاضر حضور! اِجها آيس مائي! چئي پيون پاڻ وڻائينديون. بس چري ڦٺ ۾ خوش! انهن تي سائڻ سڳوري فاطمه ۽ عزت ماب عائشه سڳورين جو اِڻيءَ جيترو به اولڙو ڪونهي.

وڏو تعجب ته اهو آهي، جو اهي مرد، جن وٽ بيڊوليون متاريون جهڙيون مينهون يا اُڏوهيءَ لڳل لچڪڻيون لڪڙيون، جي لٺ للهانگڙي تي پيون تڳن، تن کي حق جو ڪلمو نٿا ساڻائين ته: پاڻ کي دين اسلام ڇا ٿو سيکاري؟ اسلام سيکاري ٿو: پرهيزگاري، پيار، همدردي، هدايت، صرفو سنجم. سچ: رنون رمز رُلايون، ڏاڙهين ڪهڙا ڏوهه!

عورت بازار ۾ خود خريدار، پر بل بالم تي! جو آهي اڻکٽيءَ جو موت سمان! يا ته آهي ٺڙ ٺپ ٺينگن ڏيڻ جو ٺام ٺڪاڻو وکڇرن ڪاڻ!

شاهه ڪريم رحه فرمايو آهي ته:

پاڻيهاري سڀڪا، جا سرگهڙو ڌري،
ڪا لئي سندي سڄڻن، ڪا پورهيي ڪاڻ ڀري!
سنڌ جي سکر ماڻهن جي رهڻي ڪرڻي:

سنڌ جي سکر ماڻهن جي رهڻي ۽ عام پورهيت لوڪ جي رهڻي ۾ ٿورو تفاوت رهيو آهي. پر هڪ ڳالهه انهن ۾ ساڳي رهي آهي سا آهي سادگي، ڀلي پڪي حويلي هجي يا جهوپڙي ٻنهي ۾ اڏاوت جي نموني ۾ سادگيءَ واري سونهن صاف نظر ايندي.

اڍائي - ٽي صديون اڳ جي ڳالهه آهي ته: ساڱري واهه جي ڪپ تي هالا ذات جا ڪي ماڻهو هالا حويليءَ ڳوٺ ۾ رهندڙ هئا. ان ڳوٺ کان پنجويهن - ٽيهن جريبن پنڌ تي هڪڙو وڏو ڪشادو ميدان هو، اُتي جي هڪ پرئي مڙس جي حويلي مشهور هئي.

حويليءَ يا جاءِ جي بيهڪ:(1)

 چوڌاري گنب ڀتين سان اٽڪل ٽيهه هزار پرهه ڊيگهه ۽ ويڪر ۾ هڪ ڪشادو مڪان سرزمين تي موجود هو. ان ميدان کي لتاڙي اندر حويليءَ وٽ پهچبو هو ته ڏکڻ طرف هڪ ڪاٺ جو ويهه - پنجويهه فوٽ ڊيگهه - ويڪر وارو ٿلهو دروازو، هڪڙي طاق ۾ چار چار فوٽ دريءَ سان ڏسڻ ۾ ٿي آيو، جنهن جي اڳيان ڏيڍيءَ جي ڀت اوٽ ڏنل هئي. دروازي اندر اوسار دالان هو، جنهن تي اڏيل ڇت هئي. اوسار يا دلان جي ڇيڙي سان سڌي لام ۾ چاليهه - پنجاهه فوٽ رڌڻو هو، جتي بٺي پچندي هئي. ان سان لاڳو توشا خانو (اناج وغيره جي رکڻ جو گدام پڻ اڏيل پنجاهه - فوٽ ماپ جو هو. ان جي ڀر ۾ پر پٺئين پاسي پئي) ويڙهو (ڪاڪوس) ٺهيل هو جو بنا اڏاوت جي هو. ڪاٺين رکڻ لاءِ پڻ هڪ ڪنڊ خالي رهندي هئي.

ڏکڻ سامهون انگاسي يا ڇڄهرين جي مدنين سان ٽي صفا اَڏيل دُئارن (بنا طاقن چڙهيل در) سان جي ڏهه - ويهه فٽ ماپ جا ٿيندا، جن جي مٿان مينهن جي پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ ٺڪر جا نيارا ٻه - ٻه هڪٻئي مٿان جٽ ٿيل پوري وچ تي لتل هئا، جن مان پاڻي آڳنڌ تي ٿي ڪريو. انهن ٽنهي صفن جي وچ ۾ ٻه گهٽيون ڇڏيل هيون، جن مان لنگهي، اتر طرف هڪ خاص اڱڻ ۾ جو مهاڙي واري اڱڻ جو پنجو - ڇهون حصو اٽڪل ٿيندو، اتي ڪن جاين ڏانهن ضروري ڪمن سانگي وڃڻو پوندو هو، نه ته گهڻي اچ وڃ ان طرف ڪانه ٿيندي هئي. صفن جي الهندي ۽ اڀرندي پاسن ڏي ونگن وارن درن سان ٻه - ٻه ڪوٺيون هيون. ڪوٺين ۽ صفن جون ڇتون، ڪامن داسن، ڪاين، نکن، ٽوئن ۽ ڪرراٺيءَ جهڪ سان بند ٿيل هيون، ڪن تي وري مٿان ڪهڄر ۽ ڀاڻ وجهي گاري سان لتو ويو هو. داسن ۽ ڪامن جا ڇيڙا بنهين بند ڪرڻ جي بجاءِ هوادار جارين ۽ ڳڙکين وارا ڇڏيل هئا يعني ڇت ۽ بنيادي ڀتين کي اڏاوت وٽ کليو ڇڏيو ويو هو. آڳنڌ وڏو ويڪرو ٿلهو هو، جنهن کي ”اوٽو“ چيو ٿي ويو. اوٽي چوڌاري ڪٽهڙو ڏنل هو ٻاهرئين پاسي حويليءَ سان لاڳيتو اوتارو (مسافر خانو) هو. اهو به چڱو خاصو موڪرو هو. اڳيان آڳنڌ کليل هئس، بغل ۾ سامان سڙي جي رکڻ لاءِ هڪ ڪوٺي هيس، جنهن ۾ مسافرن لاءِ نکون، تڏا، تونريون، رليون، ٿانءَ جن ۾ طباق، پاٽيون، سڻڪون، ڳنرون، ٽڀيون، لوٽا، دکيون، دلا، مٽ، ناديون وغيره ۽ ٻيو به ڪيترو فالتو سامان رکيل هوندو هو. اوتاري اڳيان ميدان تي جهنڊو به کتل هو.

حڪمت يا شفاخانو:

مسافرخاني جي ڀت سان شامل ٿورو ڏکڻ ڏي پر اولهائين لام ۾ شفاخاني جي جاءِ اوسريءَ سان هئي. جنهن جي ڀتين ۾ جارا ۽ کڏا (ڪٻٽ) هئا، جن ۾ (جڙي ٻوٽين مان سٽيل ڪٽيل) ستيون ڦڪيون، ڪکَ، ڪشتا، معجونون، ڊڀ دارون، ٻڪيون ٻوٽيون ٽڀن، لوٽن، طسن، پاٽين، داٻلن داٻلين، سونگن سونگين ۽ ٻهڳڻن ۾ بند ۽ کليل پيون نظر اينديون هيون. شيشن ۾ عرق گلقند ۽ ماکيون هيون.

شفاخاني ۾ به اوتاري وانگيان نکون پٿريل هيون ۽ اُلهدائين ڀت سان لاڳيتو هڪ ٽپڙيءَ مٿان ٺاهوڪي رلي وڇايل هوندي هئي، جنهن تي سائين پريو مڙس پاڻ ويهندو هو. ان ڪري ان جاءِ کي سائين جي گادي سڏيندا هئا. شفاخاني جي ڪنڊن ۾ هاوَن دستا، ڏنڊا ڪونڊا، اُکرلا مهلڙا، عرق چڪائڻ لاءِ ٽامي جا ڪرنڦل ۽ حقني جو سامان ۽ ٻيون به ڪيتريون ئي شيون پيون ڏسبيون هيون. ڪنهن ڪنڊ ۾ سڪل توڙي آلين جڙي ٻوٽين جا انبار لڳا پيا هوندا هئا، جن جي ڏِسڻ سان ماڻهو وِسهي ويندا هئا ته وڏين وڏين بيمارين ۽ مرضن جي مجرب نسخن جي پوري پوري ڄاڻ سائينءَ کي آهي. حويليءَ جي حدن کان ٻاهر ڪيترائي مريد، معتقد، هاري ناري، ڪمي ڪاسبي مڙسان تار لوڙها ڏيو گهر اڏيو ويٺا هوندا هئا، ان ڪري حويلي پري کان هڪ ڳوٺڙو نظر پئي ايندي هئي. سڄي حويليءَ ۾ ٺڪر جي ڏيئن سان روشنيءَ جو انتظام ڪيل هو.

پريو مڙس، نه فقط شاعر ۽ حڪيم هو، پر دوا سان گڏ سندس دعا به هڪ ٽڪ هئي. انهيءَ ڪري حبيب شاهه جي فيض جي هاڪ پري پري تائين پکڙيل هئي. گهڻو ڪري هيءُ گهر نماز جو متقي هو، روزي جو صائم هو ۽ غريب ساداتن جو گهر هو. ماڻهن جا انبوهه زالين مڙسين ڌاڳي ڦيڻي، دوا درمل، دعا شفا، زيارت ڪچهري لاءِ اچي ڪٺا ٿيندا هئا. پاڻ به پريت سان مريضن کي دوائون ۽ دعائون، قرضين کي دلداريون، سيڪڙيا تن کي تسليون، اسيرن يعني قيدين جي ڇوٽڪاري لاءِ هٿ (ٻڪ) کڻي دعا پنڻ ۽ گمراهن کي هدايت ڪرڻ جو بار سرانجام ٿيندو رهندو هو.

گهرو انتظام:

مسافرن ۽ ايندڙن ويندڙ لاءِ سدائين لنگر جاري هو. اهو رڌ پچاءُ يعني بٺيءَ جو ڪم اندر حويليءَ ۾ ٿيندو هو.

گوليون، ٻانهيون، مريدياڻيون ۽ بيبيون حويليءَ جا سڀ ڪم ڪار پاڻ ڪنديون آهن. مريد ۽ خادمن جي آڪهه جون ڪي زالون، حويليءَ جو اندريون ڪم: رڌ پچاءُ، ٻهاري سوهاري، هنڌ بسترو، ڇنڊ ڦوڪ، ڇڙڻ ڇنڊڻ، ڏرڻ پيهڻ جي ڪمن تي مقرر هونديون آهن، ٻاهريان ڪم: کيتي ٻاڙي، پاڻي پرڀُ، مسافرن جي ٽهل ٽڪور، ستيون ڦڪيون ڪٽڻ، گڏڻ جا ڪم مريدن پاڻ ۾ ورهائي کڻندا آهن. ڪي خاص ماڻهو. ڌراڙ: ڌنار پهنوار، ميهار ڳنوار، وڇار گابار، وهٽ وانن جي سارسنڀال ڪندڙ، گهوڙن جا سئس ۽ اُٺن جا اونار وغيره پڻ وٽن هئا. ڏهائي جو ڪم پاڻ هٿن سان به ڪندا هئا ته ڪڏهن ويهي نظر مان به ڪڍندا هئا. پاڻ مارُو ماڻهو هئا. مال ڌارڻ وڌائڻ تي گهڻو شوق هئن.

سندن انتظام اهڙي طرح هلندو رهندو هو، جو ڪيڏيءَ مهل به آيل مسافر کي ٽڪر ٽانبو، جهڻ لسي، کير کنڊ، ڏڌ مکڻ  حيثيت سارو پيو ملندو هو. ڪيترا معتقد ماڻهو پاروٿا ٽڪر، تبرڪ طور ڳنڍ ۾ ٻڌي ڳوٺ کڻي ويندا هئا ۽ لنگر جي کٽي جهڻ، ٻاجهر جي مانيءَ جا سڪل ڳڀا وڏي صدق سان کائي خوش ٿيندا هئا.

عبادت:

ڪجهه ميداني مفاصلي ڇڏڻ کان پوءِ اولهائين - ڏاکڻي ڪنڊ ڌاري هڪ مسجد سڳوري گنب ڀتين سان ٺهيل جنهن ۾ ٻه - اڍائي سؤ ماڻهو صفون ٺاهي بيهن موجود هئي. مٿس ڪاشيءَ جون نيلون چڙهيل ۽ مهاڙي ۾ ڪانسن سان لڳ ڪاشيءَ جا مصلا جڙيل هئا، اندران سڄي چن سان ٺهيل گچ سان لتل هئي.

پريو مڙس، رات جي پوئين حصي ۾ نند نه ڪندو هو، فجر ٻانگ ٻڌڻ سان مسجد ۾ اچي باجماعت نماز ادا ڪندو هو. نماز به گهڻو ڪري پاڻ امام ٿي پڙهائيندو هو. نماز کان پوءِ قرآن شريف تلاوت يا ڪو ورد وظيفو ختم ڪري، پوءِ ڪن حڪمت جي ڪتابن مان نسخا ڪڍي واچيندو هو. وٽس شعر، طب ۽ حڪمت بابت قلمي توڙي ليٿو ڇاپ وارا ڪتاب موجود هئا. مطالع کان واندو ٿي بيمارن لاءِ شفاخاني ۾ اچي نسخا منتخب ڪندو هو ۽ ڪن ماڻهن کي ڪاڳرن جون چٽڪيون لکي ڏيئي اُن سامان آڻڻ لاءِ تاڪيد پيو ڪندو هو.

اٽڪل پهر کن سج مٿي چڙهيي کان پوءِ سڌو اوتاري (مسافرخاني) ۾ اچي نون آيل ماڻهن سان حالي حوالي ٿيندو هو. پوءِ پنهنجي شفاخاني ۾ اچي گاديءَ تي ويهي، آيل بيمارن جي نبض شناسي، علاج ڪرڻ، دوا ڏيڻ، ڪري يا پرهيز ٻڌائڻ، ڦيڻو وجهڻ، پاڻي پڙهي ڏيڻ، نئين دوائن جي تيار ڪرڻ يعني سٽڻ ڪٽڻ، ڇاڻڻ، ڪاڙهڻ، ملائڻ ۽ ٿانءَ ۽ شيشا ڀري رکڻ جا حڪم ڏئي ڪم پيو وٺندو هو.

ٻنپهرن جو ماڻهن کي ماني کارائي ۽ پاڻ ماني کائي، پوءِ اندر حويليءَ ۾ وڃي آرامي ٿيندو هو، يا اهل عيال سان ضروري ڳالهين ۾ مشغول رهندو هو. اڳينءَ ٻانگ ٻڌڻ کان اڳ اک جو زهر ڪڍي وڃي نماز پاڙهي، پوءِ اچي ڪچهري شروع ڪندا هئا. جا سانجهيءَ نماز تائين هلندي رهندي هئي، وچ ۾ رڳو وچينءَ جي نماز ڪاڻ اُٿندا هئا.

جمعي جي نماز:

جمعي جي ڏينهن خطبي کان اڳ وعظ نصيحت ماڻهن کي ڪئي ويندي هئي، جمعي نماز تي آسپاس جي نواحي ڳوٺن جا ماڻهو به ايندا هئا. اتي ڪي آيل عالم ماڻهن کي تفسير، حديث، حڪايتون ۽ ٻيا عمدا مقولا پڻ ٻڌائيندا هئا. اتي ويهي ٻڌڻ وارن توڙي ٻڌائيندڙن جو انداز فرحت ڏيندڙ دلڪش نظارو پيش ڪندو هو. ماڻهو حيرت جي ڪن ۾ منهن مونن ۾ پايو پيا ٻڌندا هئا. دنيا جي بيوفائي ۽ زندگيءَ جي بي اثباتيءَ تي ٿڌا شوڪارا پيا ڀريندا هئا. جمعي نماز بعد آرام ڪري ڪچهري ڪونه ڪندا هئا، پر ٻني ٻاري ۽ چؤپائي مال وغيره جي نظرداري ڪندا هئا.

سانجهي ٻانگ مهل هڪدم اچي مسجد ۾ حاضر ٿيندا هئا. نماز کان پوءِ ڪجهه ورد وظيفو پڙهي اتيئي ويٺا هوندا هئا. تان جو سهماڻيءَ جي ٻانگ ايندي هئي. سهماڻي جي نماز پڙهائي پڙهي، ڪلاڪ اڌ جماعت سان ذڪر ڪري، ماڻهن کي ماني کارائي هنڌ اوڇڻ ڏيئي وڃي ننڊ ڪندا هئا. سندن اهو روزمره جو دستور هوندو هو، پر ڪڏهن بيمار نه ٿيا!

ڪچهري:

ڪچهريءَ ۾ ديني مسئلا به ڇڙندا هئا، بيت بازي به ٿيندي هئي. شاعرن کي داد به دل کولي ڏنو ويندو هو. ڳائڻا ۽ راڳي به پنهنجي پنهنجي فن کان اچي واقف ڪري انعام وٺندا هئا. عالمن سان علمي گفتگو ٿيندي هئي. ماڻهن جي سڱن بندن، ڏيتي ليتي، جهيڙن جهٽن، وڻج وهنوار جا به فيصلا ڪچهري ۾ ٿيندا هئا.

ڪکائان گهر:

گهر مڙئي گهر، پر ڪکن سان ڪونه لڳي!

پڪن گهرن ۽ جاين کي ڪٿي محل، محلات، ماڙي، ٻه - ماڙ، ٽي - ماڙ، بنگلو وغيره ڪوٺين، پر ڪچن گهرن کي ڇنو، ڇپرو، ڇانولو، لانڍي، چؤنرو، جهوپڙي، جهوپڙو، ڀونگي، ڀونگو، چؤنڪي ٻيڙٻٺي، چؤنڪي ٻيڙيءَ پٺي، چؤنڪي مڇيءَ ڪنڊي، چؤنڪي ڍاروين (سلاميءَ تي) سڏين. هن لاءِ پنهنجي سنڌ پٽن ۾ جيڪي گاهه ٻوٽا وغيره ٿين، سي ڪتب آندا ويندا آهن. هنن ڪاڻ ٿوڻيون، منيون، منگها، مل، ڇڙون کوڙي کپائي، مٿان يا پاسن کان ڪانا، ڪڙٻ، پلال، ناڙي، سڻ، ڪانهه، سرَ، ڊڀ وؤڻاٺيون، ليون، ڪرڙن جو جهڪ، اڪارو، ڏِير، بانٺ، ڄار، پن، کجيءَ ڦرها، کپ، جهلَ، ٻاٽي ُڪمند جا پاندر ”ڪيوڙي جاپن“ ۽ ٻيا ڪک ڪاڄر به استعمال ڪيا ويندا آهن، چوڻي آهي:

رهڻ ڪاڻ هجي ڀل جهوپڙي ڪکن جي،
ڏيکارجي دشمن کي، هلي لوڏ لکن جي.

        انهن ۾ جيڪي ڇڊا پاڍا ڪکاوان گهر اَڏيل هوندا آهن، تن کي، ڀونگو، ڀونگي، جهوپو، جهوپڙي، اَجهو، منهه، مڏ، ڇپر، ڇانولو، پکو ۽ پيهو چون.

        مال ٻڌڻ ڪاڻ: ٿاڻ، وٿاڻ، وَلهه جهل، منهه، گبرو، اولو، ڪڙهه، ڪوٺين.

گهر وچ ٺڪر ٺلهي، ٻاهر شير بهادر بلي!

        ڪکائون گهر جوڙڻ بابت هڪ نظم هن ريت آهي:

ڪکائون گهر

بسم الله ڪري بانڪا بيهندا ڪري هاديءَ کي هڪل
نريون هڻي نوڙيءَ کي اچي ماپيندا به ملَ
ڪاڇو ڪري ڪوڏر کڻي هڻندا چريون چلَ
ڏرا ڏاڍي ڏاهپ سان هوندا خانن جا کوٽيل
ٻه جنڊايون ٿوڻيون تن کي جهمڻ کان ڏبي جهل
وڏو وَرو وَري تن تي رکبو اهڙي سان اٽڪل
جيئن کپا تنهن جا کپ ٿين ڏيئي تورليءَ تي تل
هيٺيون منهن منڙي جو ٿيندو اَڏيءَ ۾ اٽڪيل
اها لاٽ بيهندي هڪ ٿوڻيءَ، ٻي ٻنديءَ سندي ٻل
چار ٿوڻيون چؤنڪ برابر ٿلهي ڪبيون ٿل
چار وَرا تنهن چؤنڪ مٿان رکي ڪبا رَل
ڏهه اڏورا آڏا رکبا ڏيئي وَرن مٿان وَل
انهن تي اَٺ پٽيون آڏيون رکي هڻبا قابو ڪلِ
ڪايا تن تي قرب مان مڙهبا منڊي مل
هاڻ ڇڏيو رڳو ڇنو ٿن سو ٻڌبو ٻيءَ مهل.
ڀتين جي بنائڻ لئه، ٿا سوهڻ ڪڍن سل
نوڙيون ان جون ناز مان، آهن ور ڏيئي وَٽيل
ڊپ ڊڀن جو ناهڪو، آهن پاڻيءَ ۾ پسيل
هاڻي ڀاڪر ڀري بانٺ، جا آڻين ڏيئي اُڇل
چريءَ مٿي چاهه مان، ٿا رکن ڪري رِلمل
تن کي کوڙين ٿا، خوشيءَ مان ڏيئي منين مل
جن ۾ ڄار لئي ڄميو وڃي، پر باهڻ ڏي ٿو بل
لڙهين سندي لئون ٻڌي ٿا همراهه ڪن هڪل
ادا، آڻج ڪي ٻيو، تون واري تي ”وريل“
انهن اهڃاڻن سان ٻڌن، ڪنڌيءَ کي ڪامل
جنڊا تنهن جا جهونجهارن، آهن بنايا بلڪل
هاڻ وري چڙهي ويا، چوٽ مٿي، ڪاين تي ڪامل
ڇاڄي سندي ڇيڄ جي، آهي رانجهن رمز رٿيل
پکا پهرين ٿا پکيڙين، ڪاين مٿا ڪل
رکن ڏير ڏاهپ سان ٿا پکيڙيو پلپل
ڇاڄو ڇمڪيو ڇوهه مان، جڏ لڌئون ڪانهه جي ڪل
چؤنڪڙيون چٽساليءَ جون، ڏس نوڙين سان نرمل
نيوا تنهن جا ناز منجهان، ٿا وڍيو ڪرن ڪل
اهڙي سان اٽڪل، هنن ڇاڄو ٻڌي ڇيهه ڪيو.

 

جاين جو اِسلح:

وٽ سوريندي وَلها ويو تيل ٻري!

روشنائيءَ جو انتظام:

ڏيئو:

ٺڪر جو ڏيئو، هن ۾ ڪؤڙو تيل يعني پيڙيل ڄانڀي جو تيل، ڪپاهه جي ڦوڦيندي وَٽ وٽي، ڏيئي جي تيل ۾ ٻوڙي، پوءِ ڪنهن جاري، طاقي، مدنيءَ يا ڏيئي جي لاءِ ڀت ۾ خاص جوڙيل کڏيءَ ۾ رکندا هئا. پر مسجدن، مقبرن ۽ مندرن ۾ ڏيال ٻاريو ويندو هو، جنهن ۾ گهڻو تيل پوندو هو ۽ ڏيئي کان وڏو ويڪرو هو. هن جي هيٺان ٺڪر جي پاٽ يا ڪونڊي رکبي هئي ان ڪونڊيءَ جي وچ تي مٽيءَ جو پنوڙو اُڀسرو ٺاهي، تنهن جي مٿان رکبو هو ته جي تيل هارجي ويرجي پوي ته ڪونڊيءَ ۾ ڪري.

ڏياٽي:

لوهه جي ٺهيل ڏياٽي، هڪ لوهي ڏيئو هو جنهن جي تري جي وچ وٽان هڪ ڊگهي لوهي سيخ ڳنڍيل رهندي هئي جا ٽن پيرن تي بيهندي هئي. مسجدن دڪانن ۽ هٽن ۾ ٻاري ويندي هئي.

ٽلاٽي:

ٽلاٽي، ساڳي ڏياٽيءَ وانگر جڙيل هئي، مگر هن ۾ هڪ وٽ بجاءِ ٽي خانا وٽ جا ٺهيل هئا، تنهنڪري منجهس ٽي وَٽون پيون ٻرنديون هيون. هٽ-واڻيا رات جو هن جي سوجهري تي بنديون اُٿلائي ليکو چوکو ٺيڪ ٺاڪ ڪندا هئا. شم يا متو، ٽين جي پتري مان ٺهيل دهلڙيءَ جي شڪل وانگي هو. مٿان انچ کن ڄنڊي انچ قطر واري ويڪري نلڪيءَ ٽڪر جهڙي تنهن ۾ وٽيل سٽ جا سڳا وَٽ ڪري وجهندا هئا. ڍڍر ۾ گاسليٽ وجهي ٻاربو هو. هيٺيان ٽينَ جو پورو نلڪي جهڙو اڌ فوٽ مٺيو، ڪنهن چهنبدار ڪاٺي ۾ کپائي، ڪاٺيءَ کي زمين ۾ کوڙي ڇڏبو هو. هيءُ ميلن ۾ پرچالن ۽ آسڻن اڳيان گهڻي سوجهري لاءِ ٻاريندا هئا، ڪي ڪي شادين مرادين ۾ ڇنن ۾ متا ٻاري رکندا هئا. ان سان گڏ ڏياٽ يا مشعل به ٻاري سنواري سوجهرو ڪندا هئا.

چمني:

چمني، ٽينَ جي پتري مان ٺهيل، گول ڍڍر ٻه - اڍائي انچ قطردار، مٿان پوري ڄنڊي جنهن ۾ اُڻيل سٽ جي گول وٽ ڀتل پاسي کان جهلڻ لاءِ ڇلو يا ڪنڍو، هن ۾ گاسليٽ وجهي پوءِ ٻاري رکندا هئا. هن کي گاسليٽي ڏيئو به چيو ويندو هو. پوءِ جلد ئي اهڙيون چمنيون نڪتيون جن کي ڀت ۾ ٽنگي بيهارڻ لاءِ ڍڍر جي پٺيان، ٽين جي پٽي ٽنگ سان ريهيل هئي ۽ مٿان لئمپ يا لاپ شيشي جو رکي سگهبو هو ۽ پٽيءَ جو سوراخ ڀت ۾ ٺوڪيل ڪوڪي يا ڪليءَ ۾ وجهي اٽڪائي بيهاريو ويندو هو.

فانوس:

فانوس، سڄو ٽينَ جي پترن مان ٺهيل شڪل مستطيل ڪعب اُڀي پٽيءَ وانگر مٿان دونهين جي نيڪال لاءِ گول برج لڳل پاسن کان ڪائي يا شيشي جون تاڪيون، ٽينَ جي ڪنڊن وارين چيپاٽن ۾ ڀچايل - وچ تي گاسليٽ سان ڀريل ڍڍر واري بتي يا چمني جنهن جي مٿان منڍو پتل جو، ان جي ڏندن ۾ لئمپ يا لاپ ڪائي جو کپايل - منڍي ۾ چپٿري اُڻيل وٽ پيل جنهن کي ٻارڻ سان چٽو ۽ شفاف سوجهرو پکڙجي ويندو هو. فانوس جاين، گهرن، دڪانن، هٽن، بلڪ جهوپڙين کان سواءِ جتي ڪٿي ٻاريا ويندا هئا ۽ ٻاريا وڃن ٿا.

شمعدان:

شمعدان هيءُ به ٽينَ مان جوڙيل هوندا هئا، پر شيشي جي چئن تاڪين بجاءِ اَٺ تاڪيون هونديون اٿن. هيٺيون تاڪيون مستطيل يا چورس ته مٿيون تاڪيون وري ”ٽراپيزم“ نموني تي هونديون اٿن. هن ۾ به گاسليٽ جي چمني لئمپ سان وچ تي رکبي آهي. ڪيترا شمعدان ڳوٺن جي گهٽين، مقامن، مقبرن، مسجدن جي ايوانن ۾ ڪنهن ٿوڻيءَ يا پول ۾ سندن هيٺين گرڻ سان قابو ٿيل ڏسڻ ۾ ايندا آهن.

قنديل:

قنديل، هيءُ پڻ شمعدان وانگر اٺ پاسو چار هيٺ چار مٿي پاسن سان ٺهيل ۽ شيشن پيل تاڪين وارو ٿيندو آهي. وڏن وڏن گهرن ۾ ٻاريو ويندو آهي. روشنيءَ کي اڃا به تيز ڪرڻ لاءِ فانوسن شمعدانن توڙي قنديلن کي ڀت واري پاسي لڳ، گول آرسي نما چنڊ پڻ لڳايو ويندو هو.

لالٽين:

لالٽين يا لئمپ بتي، هن بتي جو اصلي نالو ”هريڪين“ انگريزيءَ ۾ هو پوءِ بدلجي مٿيون نالو پيو آهي.

هيءَ بتي اهڙي نموني جي ٺهيل آهي، جو هٿ ۾ کڻي هلڻ ۾ سولي. جهڙي ڦڙي ۾ نه وسامندڙ آهي. هن جي چمني لئمپ سڀ گولائي واري نموني تي آهن. هن جي منڍي ۾ چپٿري سٽ جي وٽ ٻرندي آهي. هر جڳهه هر جاءِ تي، هر ميدان ۾ هر رات، هر هنڌ ٻاريو ويندو آهي (هن جي جاءِ هاڻ ٽارچ) لائيٽ وٺي رهي آهي) بجلي بتي، هن جا ٻه ڀاڱا هئا: هڪڙو مٿيون ڀاڱو جنهن جو نمونو اُبتي هيٽ وانگر هو هيٺان پيالي وانگر لوهه جي تار سان مڙهيل شيشو ٺهڪيل هوس ۽ ”نوزل“ ناليءَ رستي منجهس گاسليٽ اچي منٽر يا وَٽ کي ٻاريندو هو. اهو ڀاڱو مٿي ڪنهن ڇت ۾ ڪنڍي يا ٿوڻيءَ کي مدني هڻي تنهن ۾ لڙڪائي ڇڏبو هو، ۽ ٻيو هو گاسليٽ جو سلينڊر يا ڪولو جنهن ۾ ميٽر گئج (ماپ) پڻ لڳل هئي ۽ پاسي ۾ پمپ، هوا ڀرڻ ڪاڻ هوس - ڪولوءَ ۾ هوا ڀرڻ سان گاسليٽ ٽاميءَ جي نڪليءَ مان مٿي چڙهي ٻرندڙ ڀاڱي جي منٽر وٽ پهچندو هو ۽ پوءِ تيلي ڏيڻ سان هن کي ٻاربو هو. تمام تيز سفيد روشني چوڌاري پکڙجي ويندي هئي. شادين، وهانئن، وڌاڻن، دڪانن، هوٽلن، ميڙن ملاکڙن ۾ ٻاري ويندي هئي. هن ۾ هڪڙو نقص هو، جو کڻي هلڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي هئي بلڪ هڪ هنڌ رکي ٻارڻ ۾ سولائي هئي.

گولو:

گولو، جڏهن بجلي بتي کڻي هلڻ ۾ بيڪار ٿي ته گولو ڪڍيائون. هن جي تيل جي ٽانڪي ٻرندڙ ڀاڱي مٿان رکيل هوندي هئي، جنهن ۾ هوا ڀرڻ جو پمپ ۽ ميٽر گيج پڻ هئا. گولي جي ٽانڪي گولائيءَ ۾ ۽ مٿان مٿي لڙڪائڻ لاءِ ڪنڍو، هيٺان ٻرڻ لاءِ منٽر، منٽر کي ڍڪڻ ۽ حفاظت لاءِ لوهه جي تار سان مڙهيل شيشو ڪنگريءَ جي تري وانگر هو. اتيئي هوا ڀرڻ سان گاسليٽ منٽر وٽ پهچندو هو. تيل گرم ڪرڻ ۽ نوزل ۾ هلڻ لاءِ اسپرٽ به ٻارڻو پوندو هو. هن مان هي خوف هميشه رهندو هو ته اوچتو ڀڙڪو ڪري باهه ٽانڪي تي پهتي ته ٻاريندڙ کي جلائي رکندي هئي. سهولت اها هئي جو ٽن لانگن واري ٺهيل ڇڪي ۾ مٿان ڦاسائي مٿي تي کڻي هلي سگهبو هو، تنهنڪري شادين، غمين، هوٽلن، رستن وغيره تي آسانيءَ سان ٻرندو رهندو هو.

پيٽرومڪس:

پيٽرومڪس يا هٿ بتي، هن جي تيل جي ٽانڪي لالٽين وانگر تري ۾ هوندي آهي ۽ ميٽر گيج ۽ لڳل هوندو آهي. هوا ڀرڻ سان گاسليٽ هڪدم منٽر تي پهچندو آهي. منٽر گرم ڪرڻ لاءِ منجهس اسپرٽ ٻاريو ويندو آهي. هن جو سهائو (شعاع) هر طرح گولي ۽ بجليءَ جو مقابلو ڪندو آهي. شادين غمين ۾ ۽ ٻهراڙين جي هوٽلن منجهه مارڪن ۾ هي گهڻو استعمال ٿئي ٿو. (هاڻ ته چوڌاري اليڪٽرڪ سٽي جو بندوبست ٿيندو وڃي. ٻهراڙين ۽ ٻنين تي به ٽيوب ويلن لاءِ اليڪٽرڪ ڪتب اچي ٿي. جلد ئي سارو ملڪ منور ٿي ويندو).

پاڻيءَ سان ڀري رکيل ٿانءَ:

مٽ، ماٽوڙا، دلا، گهڙا، دليون، گهڙيون، گگهيون، گهاگهرون ۽ ناديون، اهي سڀ ٺڪر جون ٺهيل آهن. هنن ۾ پاڻي ڏاڍو ٺرندو آهي. پر ٿر ملڪ ۽ ڪوهستان واري ڀاڱي ۾ ماڻهو پاڻيءَ جون کليون ڀري پاڻ سان گڏ کڻي گهمندا وتن.

ٽامي يا ڌاتن جا برتن پاڻي لاءِ:

ٽامي جا گهڙا، موريا، ۽ چروُن، انهن سڀني کي ڍڪڻين، ڍڪڻن ۽ بونبن سان ڍڪي رکبو آهي. (خالي گهاگهرون راڳ روپ جي ڪچهرين ۾ ڪاريگر وڄائيندا به آهن).

پاڻيءَ ڀرڻ جو طريقو:

کوهه، واهه، تلاءُ يا درياءَ تان، شهرن ۾ نلن تان پاڻي ڀريو ويندو هو. ڪو ماڻهو دلو يا مٽ ڪلهي تي رکي ڀري ايندو هو. ڪو ڪنواٺي کڻي ان ۾ ٻه گهڙا ٻڌي ڀريندو هو. ڪنواٺي، هڪ ڪاٺ جو پڃر آهي جنهن جا ٻيئي پاسا مڇيل آهن، جن جي پڇاڙيءَ ۾ هر هڪ پاسي هڪ رسي ٽڪر ٻه - اڍائي فوٽ ڊگهو ٻڌبو ۽ ان ٽوڙهي جي هيٺين پاسي سرڪڻ جوڙبي آهي جا گهڙي جي ڳچيءَ ۾ سوگهي ڪبي آهي. ڪنواٽيءَ ۾ ٻه گهڙا آساني سان کڄي سگهندا آهن. ٽين جا دٻا، ڏول ۽ بارديون (بالٽيون) جي به ڪنواٺيءَ ۾ وجهي ڀربا آهن، پر انهن ڪنواٺين جي پڃرن ۾ ٽوڙهن بدران لوهه جون سيخون هونديون آهن، جن جو آنڪڙو ڏول جي مٺيي جي ڪنڍي ۾ وجهبو آهي.

(الف). پاڻي ڀرڻ ڪن ماڻهن جو پورهيو آهي. اهي کوهه تي چم جو ٻوڪو واري چرخو ڦيرين ته ورت چرخي تي ويڙهجي ويندي ۽ ٻوڪو ٻاهر نڪري ايندو. پوءِ اهو پاڻي هڪڙي چمڙي جي پخال جنهن جي منهن ۾ ٽينَ مان ٺهيل ڪيف يا ڪمُ پيو هوندو، تنهن ۾ نائيندا ويندا تان جو ٻن - ٽن ٻوڪن جي پاڻيءَ سان پخال ڀرجي ويندي - پوءِ ٿيتين کي گهر گهر ڏيندا وتندا (ان ڪم يا ڪيف جا ننڍڙا نمونا به ٿين جن سان دڪاندار وري شيشن ۾ تيل اوتيندا آهن. ۽ وڏن ڪمن سان، سوڙهن ٿانئن ۾ اٽو به لاهي ڏيندا آهن.

(ب). پاڻي ڀرڻ جا ٻيا هوندا آهن، چمڙي جا ساندارا، جيڪي پورهيت ماڻهو درياءُ يا تلاءَ تان ڀري وهٽن تي رکي ڳوٺن ۾ انهن مان پخالون ڀري رسائين. ٿر ڀاڱي ۾ ماڻهو ڪاٺ جي ٺهيل جنڊن تي دلا رکي ڀري اچن. ٿر جا کوهه ڳوٺن کان پري ٿين ۽ ٿين به تمام اونهان. ڪي سٺ هٿ اونهان ته ڪي اڃا به وڌيڪ اونهان ٿين. پاڻي به ٻاڙو يا کارو (جرڪو) ٿئي. پاڻي ڪوئسن سان ڪڍڻ انهن ۾ سان به جوٽين ته اُٺ به هلائن.(1)

پاڻيءَ جي ڪم آڻڻ جا برتن:

ڪؤنرو، هن سان هٿ منهن ڌئاريا وڃن، گروڙيون ڪرايون وڃن ۽ ڪاڪوسن يا پوين ۾ طهارت لاءِ پڻ رکيو ويندو آهي. چلمچي، هن ۾ هٿ منهن ڌوئڻ ۽ گرڙين جو پاڻي ڪٺو ڪري ٻاهر هاريو ويندو آهي. ڳنوڙ يا ڪاڍو، هن سان ديڳن ۾ پاڻي ڀري ڀري وجهبو آهي. ڪونجي يا ڪري هن ۾ پيئڻ جو پاڻي مسافريءَ ۾ کڻبو آهي. ڪنگر يا لوٽو، هن ۾ پيئڻ لاءِ پاڻي ڀري رکن ۽ نار ۽ هرلن ۾ پاڻي ڪڍڻ لاءِ مالهه ۾ ٻڌن، ٽڀو ٽڀي - پاڻي ڀري پيڻ لاءِ ڪم آڻين. هيءُ ٿانءُ ٺڪر توڙي ٻين ڌاتن مان به ٺهيل موجود آهن. جهڙوڪ: ٽامو، آليومينم (جست) پتل وغيره مان. ٽينَ مان ٺهيل پيئڻ لاءِ ڪم ايندڙ ٿانءَ کي ڇل ۽ ٻين ڌاتن مان ٺهيل کي گلاس چون ۽ بدنو به ڪم اچي. (هن وقت سڀ ڪنهن قسم جا ٿانءَ پلاسٽڪ جا نڪري پيا آهن ۽ جڳَ به پاڻيءَ جي استعمال لاءِ ڪم پيا اچن جي هر ڌاتوءَ مان توڙي پلاسٽڪ ۽ شيشي مان جوڙيا ويا آهن.

کائڻ پيئڻ جي ڪم ايندڙ باسڻ:

لوٽو، ڪرسيو، گڏون، ڪرمنڊل، چروڙي، چؤنري، هنن ۾ کير، گيهه ۽ پاڻي ڪم آڻي سگهجي ٿو. هي باسڻ ڌاتن جا ٺهيل هوندا آهن.

رڌڻ لاءِ:

ديگڙي، ديگڙو، ديگ، هنڊي، هنڊو، تاپيلي، تاپيلو، ڪٽلي، ڪٽلو. ديگڙن ۾ پاٽيڪ، ٽويڪ، ڪاسڪ وغيره ٿين، پر رڌڻ لاءِ ٺڪر جو ڪنو ۽ ڪنڙي به ٿين. ڪٽليءَ ۾ چانهه ڪاڙهي ويندي آهي، جنهن جو هاڻ رواج پيو آهي ۽ وڏن ماڻهن وٽ ٽي سيٽ آهن جي چينيءَ ۽ ڌاتن وغيره مان ٺهيل عمدا ڏسڻ ۾ ايندا آهن. ديڳڙن ۾ ڀت، پلاءُ، کيرڻيون، کارڪون، سييون، پيهون، چنگاليون، چاشنيون ۽ ٻوڙ وغيره رڌين يا کير ڪاڙهين. ٽامي جا سڀني قسمن جا برتن قلعي ڪرائي پوءِ ڪم آڻبا آهن.

ونڊ ورڇ جي لاءِ:

وٽا، وٽيون، ڪٽورا، ڪٽوريون، تاسريون، جنگا، مخبا، ٻهڳڻ، ٻهڳڻيون، ٿالهه، ٿالهيون، ٻنگاريون، ڍاڪون، ڍاڪمان آهن جيڪي ٽامي، ڪنجهي، جست، پسي، پتل ۽ ٻين ڌاتن مان جوڙيا ويندا آهن، پر ٺڪر جا آهن: پاٽ، پاٽوڙو، تسڙو، تس (هنن ۾ اٽو رکندا آهن) ڪنڙو، جمني، جمن، پيالو، پيالي، سڻڪ، طباخ، پارڙو (هن ۾ دڪاندار وکر وجهي رکندا هئا) انهن ٺڪر جي ٿانئن مان ڪي ڪاشيءَ چڙهيل به هوندا آهن. (رقابيون، پليٽون، ساسرون ۽ ڊيش، ٽام چيني، لوهه چيني ۽ شيشي جا برتن هاڻ نڪتا آهن ۽ هنن جو هاڻ گهر گهر رواج پئجي ويو آهي).

رڌڻي جو اسباب:

رڌڻي ۾ مٽيءَ جي چلهه، گول چلها، آڳيٽي ۽ بخارو هوندا هئا، سياري ۾ آڳيٽي ٺاهي ان ۾ مٽيءَ جا مارنگ رکي رڌ پچاءَ ڪبي هئي. بخارو، جاءِ جي ڀت سان شامل ٺهيل هوندو هو، جنهن جو دونهن مٿان منگهوٽيءَ مان نڪرندو هو. جلد ئي لوهه جي ٽه ٽنگي چلهه، ڪل، سگري وغيره نڪتا جي هاڻ ڪم اچي رهيا آهن.

ٺڪر جا ٿانءَ جن ۾ پاٽ ۾ اٽو ڳٺو (ڳوهيو) ويندو آهي، پر هاڻ ٿالهه ٿا ڪم اچن. تسڙن ۽ ڪنگرن ۾ اٽو ۽ چانور رکيا ويندا هئا، پر هاڻ ڏٻن ۽ ٽينن ۾ رکيا ٿا وڃن، ٺڪر جي پٽالي جنهن ۾ تماڪ ۽ لوڻ وجهي رکبو هو، سو پڻ دٻن ۾ رکيو وڃي ٿو. گيهه، ٺڪر جي دکين ۾ وجهي رکبو هو ۽ ڪپڙو ڀري پوءِ ڪم آڻبو هو، سو هاڻ چؤنرين ۽ دٻن ۾ ٿا رکن، ٿر ملڪ ۾ گيهه جي رکڻ لاءِ چمڙي جون دٻيون پاءَ کان وٺي اڍائن مڻن تائين جدا جدا ماپن جون جوڙيون وينديون هيون. انهن ۾ ٿر جو کستوريءَ جهڙو گيهه وجهي اُٺن تي لڏي پري پري ڏيساورن تي موڪليو ويندو هو. رڌڻي ۾ ٺڪر جي دانگي يا پٿر جي ٿوٻي هوندي هئي، جنهن تي جوئر، ٻاجهر، مڪائي ۽ چانورن جي  ماني پچائي ويندي آهي، پر هاڻ لوهه جو تئو ڪم ٿو اچي جنهن تي ٻين مانين کان سواءِ ڪڻڪ جا ڊڳڙ، ڦلڪا، اڦراٽا، بسريون يا ڳڙهاريون، ستپڙيون پڻ پچايون ٿيون وڃن.

ڪيري، رک، ڦلهيار يا ڇار کڻڻ لاءِ لوهه جو ڪفگير، مانيءَ اٿلائڻ لاءِ لوهه جي ٽڦڻي، وراڻي يا کرپي ڪم ٿي اچي. ٽانڊي يا جاڳتي کڻڻ ڪاڻ لوهه جو چمٽو استعمال ٿئي ٿو. اڳي کير ڪپڙي مان ڇاڻبو هو، پر هاڻ لوهه جي ڄاريءَ واريون کير ڇاڻيون ڪم اچن  ٿيون ۽ جست ۽ ٻين ڌاتن مان به ڇاڻيون ٺاهيون ويون آهن. اٽي ڇاڻڻ ڪاڻ، پرڻي يا پرڻ لوهه جي ڄاريءَ جو هو، هاڻ جست مان جڙيل پرڻ ڪم اچڻ لڳا آهن. لوهه جون تيئون، ڪڻڇيون، لڳلام انهن ۾ شيون تريون وينديون آهن. لوهه جي منجڻ تي پلو پچايو وڃي ٿو، ۽ ڪڻاهي ۾ کير ڪاڙهبو ۽ مائو ۽ سيرو وغيره ٺاهيو ويندو آهي.

وڍڻ ڪاڻ، رُڪ جون ڇريون، ڪاتيون، ۽ چاڪو هوندا آهن، جن سان بصر، سائي ٿوم، ساوا مرچ، ڪوتمير، ڌاڻا ۽ ڀاڄيون وغيره ڪاتر ڪن، گوشت وڍي ڪپي سڌيون ڪن ۽ تکي ڪرڻ لاءِ روهي به رکن ۽ ڪات سان گوشت کي ڪاٺ جي ڏيڍ فوٽ قطر واري گول اُڀي اڏيءَ تي رکي چٿي چلهي قيمو بنائين. انهيءَ قيمي کي بصرن جي رڌل بريان سان ملائي ڪباب ۽ ڪوفتا جوڙين (هاڻي قيمي ڪرڻ ۽ سيين بنائڻ جون مشنيون ٿيون ڪم آڻجن). ڪاٺ جي ٻه اڍائي فوٽ ڏوئي سان ڀت ۽ ٻوڙ رڌيو ويندو آهي. پر هاڻ چمچا ۽ قاسقا نڪتا آهن، جي ڌاتن مان ٺهيل آهن. انهن سان ڌؤنرو، گيهه، ساڌاڻو به ڪڍبو آهي. ننڍا چمچا وري کائڻ واسطي استعمال ڪيا ويندا آهن. کرپي هلائڻ سان ڪڙهيل کير مان مائو ٺهندو آهي.  کير جي پائڪ ماپ کي مبري به چون ۽ تيل، گيهه ڪڍڻ واري ماپي کي ٽپري يا ڪرنڊي ڪوٺين. جا لوهه جي ٺهيل ٿئي ٿي. ويڳر مسالي ڪٽڻ لاءِ ڪاٺ جو اُکرلو ۽ مهلڙو به هوندو آهي، ڪي وري اکرلي جي عيوض پٿر جي ننگهه ۾ به ويڳر ڪٽيندا آهن. تئي تي ماني پچائڻ لاءِ ڪي زالون هٿ تي ماني ٿڦين ته ڪي ويلڻ چڪري کي ڪم آڻين، ويلڻ ڪاٺ جو، چڪرو ٺڪر جو به ٿيندو آهي.

رڌ پچاءَ واسطي رڌڻي ۾ ڪاٺين ٻارڻ جو انبار، ڇيڻن جي ڳوڻ يا ڀريل ڇڄ يا ڪوئلن يا اڱرن جو ڍير به هوندو آهي. باهه ٻارڻ ڪاڻ ماچيس (اڳي چقمق پهڻ)، ۽ وڃڻو دکائڻ خاطر رکيل هوندا آهن. گاسليٽ جو دٻو، گاسليٽ جي ٻاٽلي يا شيشو ڪن سرند گهرن ۾ اوس هوندو آهي. (هاڻ ته صاف گئس ۽ سئي گئس استعمال ٿيڻ لڳيون آهن).

گهر جا ٿانءُ ٿپا:

هيءُ گهڻو ڪري کٻڙن ۽ لين جي لامن ۽ ٽامن مان ٺهيل کارا ۽ کاريون تن ۾ رکيا ويندا آهن (هاڻ لوهه جي پٽن وارا به کارا نڪتا آهن)، کاريون جيڪي وڏيون هونديون آهن، سي ڪانهه جي تيلين مان ٺهن ٿيون جن جي تيلين مان سپ ۽ ڇڄ شاهه جا شڪاري جوڙين ٿا. انهن کارين ۾ پورهيت زالون لابارو ڪري لائيءَ جا سنگ وڍي وجهي گهر کڻي اينديون آهن ۽ ڪنهن وهانءَ وڌاڻي تي ٻهراڙيءَ جون زالون اهي کاريون کڻي شهرن ۾ وڃي انهن ۾ ونواهه جو سامان ڀڃائي وٺي، ڀري کڻي ڳوٺ ڏانهن ورنديون آهن. مانيءَ رکڻ خاطر، پيش، ڪکن ۽ ڪڻڪ جي ناڙيءَ جي تيلين مان ٺهيل دٻڪيون، پنڊيون، ڇٻريون ۽ ڇاٻون هونديون آهن. انهن مان ٺهيل ڇٻين ۽ ڇٻن ۾ ڳنڌڻ جهڙوڪ: مڇي، پلو، گوشت، ڀاڄي، ترڪاري وغيره آندي ويندي آهي ۽ ڪي ماڻهو ميوات به ڇٻي ۾ وجهي کڻي ويندا آهن.

اناج رکڻ جو بندوبست:

گهرن ۾ مٽيءَ جون ٺهيل گنديون، گندلا، پليون رکيل هونديون هيون، جن جي تري لڳ هڪ ڪپڙي جو لڳل ليڙو لاهي اَن ڪڍبو هو. اَن ڇلين سان ڀري گندي ۾ وجهبو هو. اناج جي ماپ ڪاٺ جي چوٿاين، پاٽين، ٽوين ۽ ڪاسن سان ٿيندي هئي، جي گهروارا موجود رکندا هئا. ڪن گهرن ۾ ساهميون يا ترازيون به هونديون هيون جن جي ترارن يا وٽن سان اناج توريو ويندو هو. اهي دڪانن تي به موجود رکيل هيون ۽ اڄ به آهن پر اڳي ڪاٺ جي ڪاني واريون ۽ هاڻ لوهه جا ڪانٽا ڪم اچن ٿا.

شادي يا وهانءَ جو رڌ پچاءُ:

گهر کان ٻاهر ڇنو اڏبو هو، ۽ چلها کوٽبا هئا. ڇني جي لڳ هڪ چري کوٽي ويندي هئي. اتي ڳوڻين مان چانور ڪڍي نکن تي ڍڳ ڪري پوءِ ماپ ڪري ٺڪر جي ڪونڊين ۾ وجهي ڌوئيندا هئا. ڀر ۾ ڀريل چرُون يا ناديون تن مان ڪاڍن سان پاڻي ڪڍي ديڳن ۾ پلاءُ رڌڻ لاءِ وجهندا هئا، ٻه ڪاٺ مان ٺهيل هر هڪ ٽي - ساڍا ٽي فوٽ ڊگهي اٿلائڻي ڪاٺي ڏوئيلو ۽ ٻيءَ کي انبيو سڏين ڪم آڻيندا هئا. ديڳيون رڌجي چڪيون ته انهن جي ڪنن ۾ رسو وجهي لاهي ۽ ڪپڙي جو هڪ ٽڪر جنهن کي صافي سڏين، مٿان وجهي ڍڪ ڏيئي ديڳون دميندا هئا، جن ۾ پلاءُ يا تانهري، چاشني وغيره هوندي هئي، پوءِ اها ماني انبيي سان اُٿيڙي، ڀت لوهه جي ڇاڻڻيءَ سان، ڦيلهين، ٺولهين، طباخن، پاٽين ۽ سڻڪن ۾ وجهي آيل ڄاڃين ماڃين ۽ نيڊُئن کي ڇني ۾ کارائيندا هئا. ماني جي کوٽ يا کاپي ٿي ته چوندا هئا ته وڃي چر تان وٺي آءُ.

گهرن ۾ پٽ تي وڇاڻو:

تڏو، تڏي، پڻڇ يا پڙڇ، نک، تؤنري، ڇتري، اهي پيش يا ڪکن مان ٺهيل هوندا آهن. ڪي ماڻهو مئي جي عذر خواهي لاءِ جنسي ڪک وڇائي پکيڙي ڇڏيندا هئا انهن کي پٿر سڏيندا هئا. ٻيو ڏاس يا ملس جون کرڙيون، سٽ جا جاجم، گلم، غاليچا، قالين (ايراني غاليچا) فراش، ٽپڙ، ٽپڙيون، گودڙيون، ڌڙڪيون، رِليون ۽ طول وغيره وڇايا ويندا آهن، پر مٿي ويهڻ ۽ سمهڻ ڪاڻ کٽون، کٽولا، منجيون، منجولا، ڇپر کٽ (ڇاپرکٽ) پلنگ، صندل، پٺيايون منجيون، صندليون ۽ پيڙها هوندا آهن.(1)

ويٺل ماڻهوءَ جي واءَ ۽ آرام لاءِ:

ڪن گهرن ۾ ڪپڙي جون ٺهيل جهليون، وڃڻو، پکو، مورڇل (جيڪو مور پليءَ جي پڇ جي کنڀن مان جڙيل هوندو آهي)، جهلي ٻه - چار فوٽ ڊگهي تختي جي لار ۾ هيٺان ٻيڻو ڪپڙو ڪري وچ ڪوڪن سان بند ڪري، رسين يا سيخن سان مٿي ڇت ۾ داسي، ڪام يا دامن، ڪايي ۾ اهي اٽڪائي ڇڏيندا هئا ۽ وچ مان رسي ٻڌي ڇڪيندا هئس. ستل ماڻهوءَ جي واءُ لاءِ هندورا ۽ پينگها گهرن ۾ عام جام هئا ۽ ٻارن لاءِ جهولڻا يا لوڏون هونديون هيون.

گهر جي صفائي:

گهرن ۽ جاين کي ٻئي - ٽئي مهيني چيڪي مٽي ڪٽي ڇيڻو يا لڏ ملائي ليپو يا پوچو ڏنو ويندو هو. جنهنڪري ڀتيون اڇيون لڳنديون هيون. پٽ ٻهارڻ لاءِ پيش جا ٻهارا ڪم ايندا هئا ۽ ڪٿي وڏا ميدان هوندا ته وڻن جا ٽارا ڀڃي انهن سان صفائي ڪبي آهي. گند ڪچرو کڻڻ لاءِ ڇڄ يا ٽپڙ يا ڪو ٺانگر يعني ڀڳل ٺڪر جو ٿانءُ ڪم آڻبو آهي. اهو ڪچرو ٻاهر هڪ ڍڳ، جنهن کي اروڙي چوَن وڃي ان تي ڦٽو ڪن. جنهن کي سڙڻ کان پوءِ ڀاڻ، ڄم چوَن ۽ کڻائي ٻنين ۾ وجهن. ڪي وري ڪاٺ جي ڳنيءَ ۾ اڳڙيون ٻڌي ڇنڊڻي جوڙين. ان سان ڀتيون، هنڌ، کٽون، ڪرسيون، ميزون ڇنڊي ڇڏيندا آهن (هاڻ ته برشن سان صفائي ڪرڻ جو رواج نڪتو آهي). گهرن ۾ صفائي خاطر ٺڪر جا ٿڪا به رکيا ويندا هئا، جو پوءِ رڳو مسجدن ۾ وڃي رهيا.

ٺڪر جي لوٽي ۾ ڀتر وجهي بيمار ماڻهو اڳيان رکندا هئا، انکي ٿڪو چئبو هو. جلد ئي پوءِ لوهه چينيءَ جا ٿڪا نڪتا جن ۾ ڀترن عيوض پاڻي اڌورو ڀري رکبو آهي. گهرن مان جهرڪين کي ڀڄائڻ لاءِ جيئن ويهي وٺيون نه ڪن، هڪ اڳڙين جو ٺهيل ڏڙهو نوڙيءَ سان گهرجي وچ تي ڇت ۾ ٻڌل ڏسبو جنهن سان جهرڪين کي ڀڄايو ويندو آهي.

ڀتين جو سينگار:

اسان جي ملڪ ۾ ڪي جايون گنب مٽيءَ جون، ڪي ڪچين سرن جون ۽ ڪي پڪين سرن جون ته ڪي پٿر جون به جڙيل آهن. لاڙ جتي ڪلر گهڻو آهي ۽ ٿر جتي واري گهڻي آهي اتي ماڻهو ڪکايون جهوپڙيون ۽ چؤنرا جوڙي انهن کي اندران راڳائي ڇڏين. ڪي سرند ماڻهو اتي لاڙ ۾ڪاٺ  تختن تي (تيڪيي تي)، گهرَ ڪاٺ مان جوڙائين يعني ڪاٺين جي جڙَ جڙي مٿان ليپو ڏيارين. سونهن خاطر ڀتين ۾ جارا، کڏڙا ٺاهين ۽ مٿان وري ڪوڪن ۽ ڪلين سان تختا، طاق، گلاس دانيون، ڪپڙن ٽنگڻ لاءِ ٽنگڻيون يا ڪاٺ يا گهوڙا وغيره هڻي ڇڏين. ڪن گهرن جي ڀتين تي ڪليءَ ۾ پيش جو مصلو ٻيڻو ٽنگيل هوندو آهي، جنهن تي نيڪبخت زالون نماز پڙهنديون آهن ۽ ان جي ٻينج ۾ ڪي ڪپڙا، ڏندڻ، تسبيح، سوئڙو، اڳٺ وجهڻي رکنديون آهن، ڪن گهرن ۾ پڇنڊيون (دوڇتيون) به هونديون آهن، انهن تي ڪاٺ جون پيتيون، صندوقون ۽ لوهه جون ٽرينڪون رکنديون آهن. تختن ۽ طاقن تي قلعي ٿيل ديڳڙا جن جي تري تي مٽي جو ليههُ چڙهيل هوندو آهي قطارون ڪري رکن.(1) کڏڙن ۽ جارن ۾ به گهڻيون ڏکڻيون شيون حفاظت سان رکيون وينديون هيون. گلاس دانن تي گدانيون، مخبا، فنجان به رکبا هئا.(2) زيور ۽ ڳهه ڳٺا ٽينَ جي دٻلن دٻلين، ٻهڳڻن، ڪاٺ جي ڪمانگري سونگن ۽ سونگين ۾ وجهي پوءِ کڏڙن ۾ اندر رکندا هئا يا ڀتين ۾ لنبائي رکيا هئا. کاڌي جي شين کي ڪيولين ۽ ماڪوڙين کان بچائڻ لاءِ پيش ۽ واڻ مان ٺهيل ڇڪا يا چئن ڪاٺين جي تري وارا واڻيل ڇڪا ٺاهي انهن کي گهرجي ڇت ۾ ٽنگي انهن مٿان اهي شيون ڍڪي رکبيون آهن، جو رواج اڃا هلندڙ آهي. ڪن هنري گهرن ۾ ڪارچوب تاڃي ڪڍڻ جا قالب به ٽنگيل هوندا آهن. ڪٿي ڪٿي ڪنهن گهر جي ڪنڊ ۾ پئسن گڏ ڪرڻ لاءِ ڀنڊاري به ٺهيل هوندي آهي. ٻارن جي پئسن گڏ ڪرڻ لاءِ ٺڪر جو ٻوگهو يا بگرو يا ڪپڙو پڻ ڪم اچي ٿو.

ڪپڙا ڌوئڻ ۽ رڱڻ واسطي پرهو:

ڪاٺ جو مستطيل ڪعب ٻه اڍائي فوٽ ويڪرو ٿلهو داٻڙو يا ننڍي داٻڙي ۽ جي اهو پٿر جو هجي ته ان کي چون ڦرهو. (لاش کي جنهن تختي تي غسل ڏيندا آهن تنهن کي به ڦرهو چئبو آهي) پوءِ ڏيڍ - ٻه فوٽ ڪاٺ جي مٺيي سان گهڙيل ڏونڱري جنهن کي ڌُڪي يا سؤنٽي به سڏين. ڪپڙا کار سوڍا ڦليءَ يا صابڻ جي پاڻيءَ اوگهار ۾ ملي پوءِ داٻڙي تي رکي ويهي سٽين. ڀر ۾ پاڻيءَ جي ڪونڊي يا ڪونر ڀري رکن، جي ٺڪر جا ٿيندا آهن. انهن ڪونڊين ۾ اڳي گارو کڻي لنبائي به ڪندا هئا.(1) ڪپڙا ڌوئي ڌمالي پوءِ اڱڻ ۾ ٻڌل رسيءَ تي يا گهرن جي ٻاهرئين لوڙهي تي سڪڻ لاءِ وجهندا هئا. اڳين زماني ۾ گهڻو ڪري ٿلها ڪپڙا جا ڪپڙا پاڻ سٽ ڪتي جوڙائيندا هئا. ڪپڙا سگها سگها ميرا نه ٿين تنهن لاءِ خاص طرح موڱي ساوا، هلواڻ يا ماهوت جا ڳاڙها، ساوا نيرا رنگ نيروٽيءَ کان رڱائي انهن ۾ چلڪ پيدا ڪرڻ خاطر مڱريءَ سان کوڙائي پوءِ پهريندا هئا.(2)

ڪپڙن رکڻ لاءِ:

ڪي زالون مصلي جي ٻينج ۾ يا هڙ ۾ ڳوٿري ۾، چمڙي جي بڊَ يا بڊوڪي ۾ ڪپڙي جي بجڪي يا بخچي ۾، صندوق پيتيءَ ۽ ٽرينئڪ ۾ پيش جي ٺهيل ڇلي يا ڇٻي ۾ ڪورا يا ڌوتل ڪپڙا رکنديون هيون.

ڪکائين ٽٻڻي جا ڍَڪ سان هوندي هئي (پٽاري يا ننڍي ڇليءَ)، رِلين ڪاڻ ڌوتل ٽڪريون، پٽ سٽ جا سڳا، ريل، پتو ۽ ڍيري، سين جي پڙي، ڏوڏي (انگشتا)، قئنچي يا ڪترُ، ڀرت ڀرڻ جو سامان سگهڙ زالون وجهي رکنديون هيون.

رِليون، رلڪا، گاديلا، سوڙون، پٿراڻيون، وهاڻا، تڪيا سڀ اُٽ ڪري ڪنهن صندل تي يا منجيءَ تي يا گهر جي ڪنڊ ۾ ٻڌل لٺ تي جا ڪنواٺي جي ابتڙ هڪ ڪاٺي جنهن جا رَسا مٿي ڇت ۾ ٻڌل ۽ ڪاٺي هيٺ لڙڪيل هوندي هئي، ان تي يا لوڏ تي جيڪو رسو ٻيڻو ٿي ڇت جي جدا جدا ڪاين ۾ ٻڌل هوندو آهي، تنهن تي سٿا ڪري رکنديون هيون.

سمهڻ لاءِ اوڇڻ:

هنڌ بسترو تنهن ۾ هيءُ ٽپڙ موسم يا مند سارو پيل هوندا هئا. رليون جيڪي سنو پريون زالون پاڻ سبنديون هيون، رڱ رتيون سوڙون، سيءَ رکون، پٿراڻيون، ڇوون، وياڻا، لويون، ڪمرون، کٿيون، کٿا، اجرڪون، چادرون، چانديون، ٽوال، فراسيون، کرڙيون، ٽٻڙيون، غاليچا وغيره جي هنن ۾ ويڙهي رکبا هئا.

زالن جي سينگار جو سامان:

آرسي يا آهري، سرائي، سرميداڻي يا آنڙو، ڦڻي زالاڻي (مرداڻي الڳ) ڏندڻ کٻڙ جي پاڙ، جهل، ٻاٽي، نم يا ٻٻر جو مٺ جيڏا ٽڪر ڪري ڪم آڻيندا هئا.(1) تيل ڪؤڙو ۽ مٺو يا سرهو تيل جو پيالين ۽ شيشن ۾ ڀريل هوندو هو. عطر جو ٻڙو ڪن ۾، ڪجل جي ڇانديءَ جي ڪاني يا تيلو باڪس ۾ رکيل، ميندي، مساڳ، اُٻٽڻ يا پٺي دٻلين ۾ پيل (هاڻ پائوڊر ڪم ٿو اچي) هن کي منهن صفائي به سڏيندا هئا. مڃٺ(1) جا پيرن جي کڙين کي هڻي کڙيون ڳاڙهيون ڪنديون هيون يا هنگلو ڪم ايندو هو. هن سان سياري ۾ پيرن تي ڇلر چڙهندا هئا يا پير ڦٽي ڦاٽي پوندا هئا ته ٺڪر جي جنڊي (پير – کرچڻي) تي پير گسائي لسا ڪنديون هيون.

ٻارڙن لاءِ سامان:

هن اسان جي سنڌ ۾ وڏي ڪوشش ڪئي ويندي هئي، خاص ڪري ٻارَ جي مٿي ويهارڻ تي زالون ٻار کي ٿڃ، دوا يا ستي، ڪنهن سپيءَ يا ستيئڙي ۾ وجهي پوءِ صحت جان چئي پيارينديون هيون. ٻار کي دُڪو يا مکڻ چٽائي، تيل سان آڍي مکي پوءِ وهنجاري تنجڻن سان تنجي (سندس ٻانهون ٽنگون  خاص نموني سان ڪپڙي ۾ ٻڌي) پوءِ منجيءَ يا پينگهي ۾ سمهارينديون آهن. ان جي سيرانديءَ کان دڪي يا منهن رکي رکنديون آهن (جنهن کي مول متارو يا مٽيارو يعني مٽيءَ جو پاسيرو ڪمان وانگر ٺهيل مارنگ پڻ چوندا آهن). جنهن جي مٿان ٻه فوٽ کن ڊگهيون ڪاٺيون اُڀيون کتل هونديون، هيون سو مٿي ۽ نراڙ سان لڳائي رکنديون آهن. ٻار کي مٿي رلڪن جي اُٽ تي سمهارينديون، جيئن سندس ڳچي ۽ مٿو هيٺ لڙڪيل هجي ۽ ڪيڏانهن چري پري نه سگهي، پوءِ ان تي سنهڙو رئو يا پوتي مٿان وجهي ڇڏين ته ٻار کي هوا لڳي ۽ مکيون نه پٽين. اهو مول متارو يا مٽيارو پينگهي توڙي منجيءَ تي رکيو ويندو آهي. (منهن رکيون يا موريون يا دُمدار هاڻ ٿا ڪم اچن) ٻار ڪجهه وڏيرو ٿيو ته انکي ٺڪر جي گهوڙيءَ ۾ ٽيڪون ڏئي ويهارينديون آهن، ۽ بانبڙن پائڻ جيڏو ٿيو يا کٽ کي جهلي هلڻ جهڙو ٿيو ته ڪاٺ جي ٺهيل ٽڦيٿي گهلڻي گاڏي ڏيندس ته پنڌ ڪرڻ سکي. ڪن ٻارن کي وري ڪاٺ جي جوڙيل چؤڦيٿي گاڏي ۾ ويهاري انکي اڳيان رسو ٻڌي ٻيا وڏيرڙا ٻار گاڏو ڇڪي گهمائيندا آهن. ٻارن جي ستيءَ ڦڪي ڪٽڻ گهوٽڻ واسطي گهرن ۾ لوهه يا پتل جو هاون دستو (همام دستو) به هوندو آهي. ڪي زالون ڪاٺ جي ڏنڊي سان ٺڪر جي ڪونڊي ۾ ڦوٽا وغيره لڙهي، ٻارن کي وجهن، ڪي ماڻهو انهيءَ ڏنڊي ڪونڊي سان ٿاڌل ۽ ڀنگ وغيره گهوٽين.

ڇڙ ڇنڊ ۽ پيهڻ جا ٿانءَ:

ڪانهه جي تيلين مان ٺهيل سپ يا ڇڄ هوندو آهي، جنهن ۾ اناج وجهي ڇنڊبو ۽ وائربو آهي. پوءِ ٺڪر جي اُکريءَ ۾ ڪاٺ جي وچ کپيل مٺيي واري ٻه منهين مهري سان اَن ڇڙين، ڪي پٿر جي ننگهه ۾ اَن ڇڙين. اها ننگهه پيالي وانگر هوندي آهي. ڪي وري ان ۾ مسالو ويڳر وغيره ڪٽين ۽ چٽڻي ڪٽي کائين.

اَن پيهڻ لاءِ گهر جي ڪنڊ ۾ پٿر جو جنڊ ٻن پڙن سان، ٺڪر يا مٽيءَ جي جوڙيل تار سان رکيل هوندو آهي. ڪن گهرن ۾ سارين ڏرڻ ڪاڻ ٺڪر جون جنڊيون به هونديون هيون (هاڻ ته ڇڙڻ، ڏرڻ، ڇنڊڻ ۽ پيهڻ لاءِ مشينون موجود آهن.

ولوڙو ڪرڻ:

ڪنهن سمي غريب غربي وٽ ٻچن جي پالڻ لاءِ هڪ ٽڪَ ضرور هوندي هئي. چؤ پايو مال هوند ۽ سرند هئڻ ۽ سڀاڳ جو سڳڻ سمجهيو ويندو هو. هر هڪ ڀاڳڀري گهر ۾ ولوڙو ڪندي هئي. ان لاءِ گهر ۾ ٿوڻي، منگهو يا نهيرو کتل هوندو هو. مانڌاڻي، منڌي سان يا جهرڻي يا منڌيئڙي سان ٺڪر جي چاڏي يا ماٽي ۾ ڄاول کير وجهي ولوڙي مکڻ ڪڍي وٺنديون هيون. جو وري هڪڙي ٺڪر جي دکيءَ ۾ گڏ ڪنديون هيون.

سٽ ڪتڻ ڪپاهه ٽاڻڻ:

گهرن ۾ ڪاٺ جا چرخا، ايٽ يا ارٽ موجود هئا. زالون ڪپهه جا لوليها ٺاهي انهن مان پوڻيون يا پانديون هٿ ۾ جهلي چرخي جي ٽڪ جي منهن ۾ ڏيئي ڌاڳو ڪڍنديون وينديون ۽ نڙا ڀري اهو ڌاڳو ڪپڙي جوڙڻ لاءِ ڪم آڻينديون هيون. مرد ماڻهو ٻه گليون هڪٻئي مٿان آرپار رکي ان کي چرخي بنائي اُن تي ڏاس، ملس، سٽ ڪتي رسا جوڙيندا هئا. ڪن گهرن ۾ ارٽيون به هيون، جن تي ڪپهه ٽاڻي ويندي هئي يعني ڪپهه ڌار ته ڪڪڙا ڌار ڪيا ويندا هئا.

گڏ وچڙ سامان:

1. گهڻن گهرن جي زينت چلم هئي. جنهن ۾ نڙ، گوءِ، ٽوپي يا ڦل ۽ ڊول موجود هوندا هئا. زالن جي ڪچهري چلم جي ڦوڪ تي مچندي هئي. مرد ماڻهو حقو ٽيڪي ويهندا هئا.(1)

2. آچار يا سانڌاڻي سنڌڻ لاءِ ماٽيون يا ڪولا به گهرن ۾ رکيل هئا.

3. سياري جي موسم ۾ گهرن جي مهاڙين دُئارن کي ٽپڙ، پکو، چک، پراڻين رلين ۽ پتر سان اوٽ ڪندا هئا. شادين ۾ جي آڳنڌ تي اُس ٿيندي هئي ته ڇانوَ ڪرڻ واسطي پال مٿان پکيڙي ٽنگي ڇڏبو آهي.

4. جي ڪنهن گهر ۾ ڪتو ڌاريل هجي ته انکي ٺڪر جي ڇٺ ۾ پاڻي وغيره ڏيندا آهن. اها چٺ، ٺڪر جي ڪني يا چلم جي گهانگهي لهڻ کان پوءِ هيٺيون حصو هوندي آهي.

5. ڪن جاين ۽ دڪانن ۽ هٽن تي ڪاٺ جي يا لوهه جي پڃري واري ڪئامار به رکيل هئي. ڪي زالون طوطو يا مٺو يا چتون ڌارينديون هيون ته ان جو ڄاريدار لوهي پڃرو پڻ گهر جي زينت هو، پر جي مرد تتر ڌاريندا هئا ته انهن ڪاڻ بانس جي ڇانڀين مان پڃرو ڇڙو يا ٻٽو ٺهيل هوندو هو جيڪو پنهنجي ٻاهر نڪرڻ تي پاڻ سان گڏ کڻي نڪرندا هئا.

6. گهرن ۾ ڪوٺين، پيتين، صندوقن ۽ هٽن جي وڏن دروازن کي ماڻهو ڪلف (قفل) هڻندا هئا. اهي ڪلف به ڪنهن جاري يا مدنيءَ تي گوشائتا رکيا هوندا آهن. جن گهرن کي لوڙها آهن ته رات جو يا ٻاهر نڪري وڃڻ تي انهن جي لنگهه مٿان ڪنهن ڪنڊن واري وڻ جا ڏار وڍي کڙهه ڪري ڏيئي ڇڏين.

سهائيندا سخن چوندڙ ماڻهو:

اُهي، جيڪي ننڊ مان اُٿڻ شرط ڪلمو پڙهندا هئا ۽ چوندا هئا: ته ”رب منهنجا! تنهنجا لک لک شڪرانا، جو وري ماڻهو ڪري اُٿاريو اٿئي. صبح جا سائين! دُک درد، قرض مرض کان پناهه ڏجان“، صبح جا سائين! ٻيڙا ٻنين لائين، ٻئي جهان موچارا ڪريين! پورهيو پلئي پائين، ڪنهن جو ڪين وڃانئين. روزيءَ ۾ برڪت وجهج. سج کي اڀرندو ڏسي چوندا هئا، ”اُڀريو آهي لکن جو ڏاتار“! ۽ ڪم تي چڙهڻ مهل يا اُستاد پير لقمان حڪيم حڪمت جا سائين.

ڳڻڻ شروع ڪندا هئا: ”بسم الله جي برڪت“ يا ”او هيءُ بابرڪت“. وچ ۾ ترسڻ تي ”ڪل جو ڀلو“ پڻ چوندا هئا(1).

ڪو ڪم رهجي ويو ته ”اول خير، سڀاڻي باقي رهيل ڪم اچي پورو ڪنداسون“. هر ڳالهه ۾: انشاءَالله، ماشاءَ الله پيا چوندا هئا. سندن تڪيو ڪلام هو: ”الله توکي نيڪي ڏئي؟“ ڪنهن حادثي جو ٻڌائون يا ڪنهن ڌڪ کاڌو يا ڪو وڏو ڇيهو پاتو ته يڪدم وات مان نڪري ويندو هون الله اڪبر! ماني کائي اوگرائي ڏيندا هئا ته: شڪرانا رب ڪريم جا! اڳتي به ننگيءَ تي ننگ آهي يا مٿس ننگ آهي، شل حق حلال جي روزي کارائي!

ڪنهن سان وهنوار يا واپار ڪيائون ته: ”حقئون به رکي ته ناحقئون به رکي وٺي“. چوندا هئا، اڳلو وري چوندو ته ”دين ايمان توتي“ مٿان ورندي ملنديس: عاقبت خير ڪندو يا ادا، خير جي گذرندي.

سمهڻ مهل ڪلما پڙهي سمهندا هئا: ڇو ته ننڊ موت جي ڀيڻ آهي. سائين! سڪرات سولي ڪجان، ”مهند موچارو ڪجان“، ڀتين جي ڀيڙَ، محشر جي عذاب ۽ قبر جي سختيءَ کان پناهه ۾ رکجان“!

جي ڪو ماڻهو غلط سلط ڪم لاءِ چوندو هون ته ٺهه پهه چئي ڏيندا هئا: ”هن ڪوڙي دنيا ڪاڻ آءٌ پنهنجي آخرت ڪين ٻوڙيندس. الله الائجي ڪهڙين ڳالهين ۾ راضي آهي“!

جي پٽ ڏوهاري هوندو هو ته پيءُ هٿن سان وٺي وڃي حاڪمن جي حوالي ڪندو هوس ۽ چوندو هو ته ”هن ساماڻي، اسان جي ستن ئي پُرين کي ٽڪو آيو آهي. پٽ هوندو ته ڇا ڪندو، مونکي به مري رب سائينءَ سان جواب ڪرڻو آهي“!.

جي ڪنهن حرام کائڻ جي ترغيب ڏنن، ته اتي ئي چئي ڏيندا هئا: ”مري، هڪٺپيءَ (قبر) ۾ پوندس، کائيندس گهڻن سان گڏ، پر جواب ڏيندس هيڪلو! آئيءَ پائي ڳالهه تي، هن دنيا جي مڪر تي لڳي پنهنجو ايمان ڪونه وڪڻندس“! نڇ يا ڇڪ آئي، ته وڏي سر ”شڪر الحمدالله“ چوندا هئا.

مهمان آيو ته ”بسم الله“ چئي، وٺي ويهاريندا هئس. کيس هٿ ڌئاري ماني اڳيان رکي چوندا هئا ته: ”ادا، ڪر بسم الله“.

جي مرڻ جيئڻ جو ڪٿي ذڪر ڇڙيو ته: ”ڪي گذريو آهي، ڪي گذري ويندو يا دنيا گذر جو مڪان آهي. اَمن ايمان سان اُڪاري پار ڪندو. پاڻ ئي مدايون معاف ڪندو!“.

خوشخبري ملندي هين يا ڪو سڪارج ٿيندو هئن ته: ”لک لک ٿورا ڌڻي پاڪ جا، انهيءَ جي هڪڙي ٿوري به نه پڄئون!“ چوندا هئا:

ڪنهن سندن واکاڻ ڪئي ته ”آءٌ ٽڪو به نه لهان“ يا ”هڪ ڪوڙي ڪوڏيءَ جي ملهه برابر به ناهيان، اهي احسان آهن الله تبارڪ و تعاليٰ جا مون ڪني ڪوجهي کي نوازيو اٿس! آءٌ ته پاءُ بصرن جو به ڪين لهان!“

بيمار جي شفايابيءَ واسطي چوندا هئا: جيڏو الله، تيڏو منجهس رکو آسرو، سچي سائين کي ستايو، راحمين پنهنجو رحم ڪري شال! اِنسان ويچاري جو حال ڪونهي!“.

اوٻاسيءَ اچڻ تي به ”جل جلاله و جل شانه“ چوندا هئا. ڪنهن ڪا ساکي پتي شاهدي نه ڏني وَٽ سٽ تي ڳالهايو، تڏهن به چوندا هئا: ”جهڙي نيت تهڙي مراد“، جيڪو ڪندو سو اوس ڀوڳيندو! الله کان اولاد گهرندا هئا ته: ”هڪڙوئي ڏج پر صالح ڏج!“. جي چيائون ته ”مون کي حرام آهي“. ته وري ان کي نه کاڌائون ۽ نه وري هٿ لاتائون.

ڪنهن پڇين ته ”هي نينگر توهان جو آهي؟“ ته ورندي ڏيندا: ”الله جو آهي، جنهن مون بيوَڙي تي کڻي پنهنجو وڙ ڪيو آهي!“

مائرون، ٻارن کي ست ست ڀيرا ”بسم الله چئي، رئندڙ ٻار کي هنج ۾ کڻنديون هيون ۽ بسم الله چئي ببو وات ۾ وجهنديون هيون.

مرد ڪنهن طرف اُسهيو ته چوندو هو ”خير جا والي! خير ڪجان“، شل خير سان موٽي ماڳن تي اچان يا ”ڪکن ڀيڙو ٿيان“.

ڪنهن ڪم جي پوري ڪرڻ جي پڪ ڏيارڻ ڪاڻ ”الله تي رک، اُهو سڀوئي سولي ڪندو“ چوندا هئا.

پٽ کي اوڳرائي آئي ته ماءُ چوندي هئي: ”ڍاوا پٽَ!“

ڪنهن بادي ڇنڊي ته چوندو هو ته ”هانءُ ئي ٺري پيو.“ پرڪو وڏو ماڻهو بادي ڪڍندو هو ته اهل مجلس چوندا هئا ته ”صحت جان، صحت جان!“

ماءُ ٻارن کي ستي پياريندي هئي ته زبانان چوندي ويندي هئي ته ”ٻچڙن کي صحت جون ستيون ٻچن کي!“

غلطي، ائين چئي معاف ڪندا هئا ته ”اِنسان خطا جو گهر آهي، اهو وڻ ناهي جو واءَ نه لوڏيو آهي. اهو ئي بخشيندو پاڻ مرهيندو!“.

ڌنڌي ڪندي چوندا ته ”ٿوريي کٽيي گهڻي برڪت“ الله گنج ڪري ڏيندو. پر ڏيهه ۾ ڌنڌو ڪندڙ هوندا ته سگهوئي وطن واري پيا ڪندا. هينءَ چئي ته ”پئسو وڌ يا گهٽ، پر هل پرين وٽ، روزي رزاق تي آهي. ڪيئليءَ کي ڪڻ، هاٿي کي مڻ اهو پيو موڪلي.

وَهٽ جي هلڻ ۽ هڪلڻ مهل تي چوندا هئا، ”هاڻ آسرو الله جو، شابس بابا!“ ڪنهن کي اجائي وڏائي ڪندو يا ٻٽاڪون هڻندو ٻڌائون ته چئي ڏيندا هئس، ”ڪت ۽ ڪنب، الله جي سرڪار ڏاڍي آهي، شل سولي من پويس جو اِنسان جا عيب نه اُگهاڙي! پوتيءَ پاڪ ڪير به ڪونهي. هرڪو گناهن ۾ گڏيو پيو آهي! چنيسر ساڻ چاڳ، متان ڪا منڌ ڪري!“

جي ڪنهن کي دلڌير ڏيڻي هوندي هين ته، ”متان دل موڙي ڪئي اٿئي. هڪڙي پوري ته سؤ پٽي، ڏيهن جو ڏاتار آهي. اتي شاهه جا بيت به پڙهي ٻڌائيندس: تون ڏاتار، ٻيا مڙئي منگتا يا ماندي ٿي نه مارئي الله ڀي آهي!“.

پنڙيات کان هٿ جوڙي معافي گهرندا، ائين چوندا ته، ”جي ڏجي نه، ته ڏکوئجي به نه!“.

توڪل جو اهو حال هوندو هئن جو چوندا هئا ته، ”ڪيليءَ کي ڪڻ، هاٿيءَ کي مڻ، ڌڻي ڏيڻ وارو آهي، روزي رزاق تي آهي. گهڻو ڏسي سرهو نه ٿجي ۽ ٿورو ڏسي ارهو نه ٿجي. الله تعاليٰ ٿوريءَ تي پرچي ۽ گهڻي تي رُسي، سڀڪا وڏائي سائينءَ کي جڳائي. توڪل جا ٻيڙا پار آهن!“.

مينهن وسڻ ڪاڻ هن نموني دعا گهرندا هئا: ”الله سائين! مهر دا مينهن وسائين“!.

ناڻي گڏ ڪرڻ جي خلاف هئا: ”ناڻو هٿ جي مر ُ آهي. خرچ کاءُ، ڏيندو شاهه! اسان سائينءَ کان دين ايمان گهريو آهي. نيٺ مربو، هت رهي آخرت جا تڏا ڪين ويڙهينداسون“ چوندا هئا ”الا مان من آفات الزمان،.

سي اُهي ماڻهو هئا، جي ڀائرن کي ٻانهن جو ٻر سمجهندا هئا. نياڻين جي ساڃاهه هوندي هين، سهائيندو لباس اوڍيندا هئا. منهه مارڪي، ادين کي اوڍڻيون ڀائرن کي پاکرون پهرائيندا هئا. وڏي گرُدي ۽ گجيءَ وارا مرد هئا. ڪنهن جي ڪچي ڦڪي ٻڌائون ته ڪنن ۾ آڱريون ڏئي ڇڏيندا هئا، ڪنهن اشراف جو وياءُ کرندو سئائون ته ڏندين آڱريون اچي وينديون هين، ڪڏهن به ڪوڙ، مکان نه ٻوليائون، ڪنهن سونهاري سٿ ۾ ويٺا ته سچ چئي اُٿيا، ڪو چار چئي ويندو هئن ته کلي کڻي ماٺ ڪندا هئا. ڪنهن جو رياءُ ۽ ڊپ ڊاءُ ڪرڻ نه ايندو هئن. ڪو هلي اچي سام پيو ته خون به بخشي ڇڏيندا هئا، ڪڏهن لائي ڪانڊي تي ڳهنُ نه ڪيائون، چڱائي مٺائي مڙين جي منهن تي چئي ڏيندا هئا.

        اُهي الائجي ڪيڏانهن ويا؟ ڌرتي ڳهي وين يا آسمان اُٺائي وين؟ اُهي صداقت تي ساهه سهسائيندڙ پيو ڳوليان!

ڪا ڊپ جهڙي خبر سڻندا هئا ته ”الله خير ڪندو“ چئي سوچيندا هئا. موڪلائڻ وقت ”الله توهار“ کن ساعت ڌار ٿيڻ کان پوءِ سلام واري ٻک وَجهي هڪٻئي سان خوش خوش ڪندا هئا.

ڪو، ڪنهن ڪم جي پارت ڪري ويندو هئن ته، ”الله کي پارت آهي، جو ساري سنسار کي ٿو سنڀاري، سوئي چڱي ۽ موچاري ڪندو!“

ماني کائيندي، ايندڙ ويندڙ کي صلاح ڪندا هئا، ڀائو! ماني حاضر آهي، اچي کائو. حجاب نه ڪجو!“ مانيءَ جي گرانهه تي به بسم الله بسم الله پيا ڪندا، ٽڪر ڪريو ته چمي نور تي رکندا هئا.

مهمان تي ته ساهه پساهه قربان ڪندڙ هئا. مهمان ماني کائي هٿ ڪڍي ورتو ته اُمالڪ چئي ڏيندا هئس ”ماني مولا جي آهي، لڄ نه ڪر، کائي ڍؤ ڪر، رڳو نالو نه ڪر، تو ڪاڻ ته آندي اٿئون!“

ٻارن کان نالا پڇندا هئا ته مٿي تان هٿڙو ڦيرائي پوءِ ٻاٻيس سان چوندس ته ”ابا، تون ڪنهن جو پٽڙو آهين؟“.

ڪنهن کي پٽ پاراتو ڪندو سڻائون ته ڪنن جي پاپڙين کي جهلي، ونگڙي آڱر سان جانو ڀري توبهون ڀريندا هئا ۽ چوندا هئا ته ”هندو مسلمان جو خير، جيڪو پٽي ٿو پرَ کي، ته لڳيس ٿي گهر کي!“

سانجهيءَ جو ڏيئو ٻاريندي ڪلمو پڙهندي ڏسبو هئن، پڇبو هئن ته وَٽ چڙهي ڪلما ڇوٿا ڀريو، ته چوندا هئا، ”قبر ۾ جڏهن ملائڪ پڇاڻي لاءِ ايندا ته سندن اکيون مشعل وانگر ٻرندڙ هونديون. هير هوندي ته انهن کي ڏسي ڪلمو ياد پوي شل! اتي اسان ڪنن ڪچن جي ماڙ مصطفيٰ مدني ٿيندو ٻيو ليکي لل ڪونهي. اتي الائجي ڪهڙي پر ٿيندي پهنوارن ساڻ! جتي ارڙهن ڪروڙ عالم اچي مڙندا. هاءِ هاءِ ڪي ڪين ڪمايوسون!“

مائرون به پنهنجن ٻچن ڪاڻ ايئن چونديون هيون ته ”الله سائين! ٻين جي ٻچن سنئون، منهنجن ٻچن کي به ساڃاهه ڏي ۽ نگهبان ٿج! ٻار کي ڪو ڪمڙو چونديون هيون ته ”ابا! جواني ماڻيين ڪم ڪري آڻي ڏينم“.

جي صرافن لڏيو، تون پڻ لڏج سونَ!
قدر لهندءِ ڪون، نيئي گڏيندءِ گڏونءَ سين.
                                     (ڀٽائيرح)

ننگائتا وڙائتا ماڻهو:

آدمين اخلاص مٽائي ماٺو ڪيو،
دلبر هن دنيا ۾، وڃي رهندو واس،
ٻيو سڀ لوڪ لباس، دلير دل هوندو ڪو هڪڙو!
                                  (ڀٽائي رحه)

ڪهڙو نه اهو سهج سڀاءَ ۽ سک سڪار جو سمو هو، جڏهن هن ديس ۾ نيڪيءَ جون نهرون، قرب جون ڪورون، گفتن جون گٺون وهڪرا ڪري پيون وهنديون هيون. انهن ايامن ۾ مرد گڻائتا ۽ لڇڻائتا ليکيا ويندا هئا. ڪنهن ڪچهريءَ ۾ ويٺا ته راتيون گذري وينديون هئن. کل ڀوڳ ۽ رس رهاڻ ۾ ڪچهري گل ڪيائون، پر تنوار ڏيئي تپي ۽ ويڻ ڏيئي وڙهي نه اُٿيا!

ڪنهن ڏانهن پاءُ پاڻي يا ڪو پلئو پلاند رهيل هوندو هئن ته هڪٻئي تي ڏک ڏوراپا ڪڍي، بخشي اُٿندا هئا يا ته ڀرائي وٺندا هئا.

ننگائتا به اهڙا هئا جو ڪڏهن ڪنهن جو لوڙهو نه لتاڙيئون، ڪنهن سام ڇڏي ته سر ڏنائون، پر سام نه ڏنائون. ڪنهن پاڙي پتيءَ ۾ بڇڙائي ڪئي ته ان جو هميشه لاءِ حقو پاڻي بند، جيستائين ڌر ڌڻي نه بخشينس.

ڀلجي به ڪڏهن ڪوڙ نه ڪمايائون، پوءِ ڀل ته ڪنڌ تي قهري ڪرٽ وهي وڃين. سچ صداقت جا سدائين ساٿي ۽ ساڻي هئا.

ڪنهن ڪوٺ يا ڪم سان ڪنهن جي ٻچن ۾ وڃي رات رهڻي يا ٽڪڻو ٿي پين ته سنگ سرٽو، ريڀڙ متيرو، ونگو ميهو، گوار ڀينڊي، مرچ بصر، گجر، گوبي، ڇانهون گدرو جيڪو موسم سار ميوو ڦل پتو، ڀاڄي ڀتو هوندو هو، سو پاڻ سان پٺارڪ ٻڌي، انهن ٻچن جي کينئڻ (کائڻ) ڪاڻ کڻي ويندا هئا. ڇو ته ڪل ئي ڪڙمي ڪٽنب جا ڀاتي، ٻنيءَ ٻاري ۽ پوکيءَ لديءَ وارا هوندا هئا.

اهڙا مرجاوا وارا مرد ٻچن جي وچ ۾ ويهاريندي به پيا سونهندا هئا، جن جي وات وائي ئي هوندي هئي: جي امان! جي ادي!

نياڻي سياڻيءَ جي ساڃاهه به اهڙي هوندي هين، جي ڪو چار نياڻيون يا چار ڏاڙهيون وٺي، منٿائو ٿي، درئون اندر مٽي آيو ته ان جا مڙئي خون خطائون ۽ ڏوهه گناهه بخش ڪري ڇڏيندا هئا!

ڌنڌي ڌاڙي، وڻج واپار، حصي ڀائيواري ڪم ڪن ڪنهن ساڻن ٺڳي ٺوڳي دغا ڪپت ڪئي ته: ”ڪني آڱر وڍي ڀلي“ چئي، اُن سان ناتا ٽوڙي ڇڏيندا هئا وري ڀلجي به ان جي چانئٺ نه چڙهندا هئا.

سنگت جا سچار، قرب جا ڪوڏائتا به وري اهڙا جو ڳالهه ئي نه پڇو، ڪنهن سنگتيءَ ساٿيءَ سڏ ڪيو ته سڀ ڪم سميٽي اِجهو اچي سهڙيا! ادا، چئو؟ هيءُ زر، هيءُ گهر ۽ هي سر سڀئي تنهنجي ملڪ آهن. هاڻ حڪم تنهنجو. مال صدقو سرن جو، سر صدقو لڄن تان!

سندن وندرون به عجيب هيون، خاص طرح ميڙن ملاکَّڙن جا شوقين هئا. ڪو سنڀريو ۽ سينڍ هنيائين ته سرمو اکين ۾ پائي، تيل منهن کي مکي، سونهاريءَ کي ڦڻي ڏيئي کنڊيري، مڇن کي تاءُ ڏيئي وٽي، منهن مڻيادار بنائي ڪلهي تي ڪهاڙي يا ڪڇ ۾ ڪڙين واري لٺ ۽ هٿ ۾ تترن جو پڃرو کڻي نڪري ٻاهر ٿيندا هئا.

غيرت ته ڪو انهن کان سکي. ڪنهن لچ لانبڙ کي پنهنجي گهر اڳيان ته ٺهيو پر پاڙي ۾ بيٺو ڪين سهندا هئا. جي پٽ کان ڀل چڪ پئي يا نڪ نرجائي ڪيائين، لوفر ٿيو ته هرگز ڪين ڇڏيندا هئس، پوءِ جيڪا مرضي راڄن جي، سندن به سا، پر جي ڪنهن جي بڇڙي ٻڌائون يا ڪنهن غريب جا ڪک تڪيا يا جاڙَ جٺ لوڙهي لتاڙ ڪئي اتي ئي ڇني ڳڀا ڳڀا ڪري ڇڏيندا هئس. ماريندڙ مرڪندو ڪهاڙي يا لوڙهه سوڌو سرڪار ۾ اچي سجود ڪندو هو ۽ چوندو ته ”منڪر کي ماري آيو آهيان، اڄ هينئون ٺريو اٿم. هاڻ جيڪو حاڪمن جو حڪم، سو برسر چشم! نڪا للي نڪا چپي!“

جي ڪنهن سان وير وروڌ پين ته پرين تائين پيو هلندو هو، جيستان ڪِ پاروڻي نه ڪن يا ڪو سندن اڳيان جهڪي گوڏا نه کوڙي. ڪنهن کي بخشيائون ته پنج به ڇڏيائون ته ڏهه به ڇڏيائون، وري ٻڙڪ ٻاهر نه نڪتي، پر جي اڳلي جي مٿي ۾ واءُ ڀريل هوندو ته جتي به، جنهن مهل به بل ۾ آين ته اتي هڻي سڙهي رکندا هئس، پويان جو ڪو خيال ڪونه ٿيندو هئن ته پٺيان ڇا وهندو ڇا واپرندو، پر جي پاڻ پاڙو جهاڙو وٺي نه سگهيا يا پڄي نه سگهيا يا ڏينهن پورا ٿي آين ته پونيرن کي ورنائيندا ويندا ته مڙس ٿجو پلئو ڪجو، ننگ ناموس نه ٻوڙجو.

لوڙهي اندر ڀونگي هجي، ڀل ته ڪکن جي،

دشمن کي ڏيکارجي تڏهن به لوڏ لکن جي!

قربائتا به اهڙا: وٽن ڪو اوپرو اجنبي، واتهڙو يا مسافر اچي نڪتو ته خوش ٿي کيڪاري حال احوال وٺي، پوءِ مٽڪي جهڙيون دُدُپستيون مانيون تن تي چاڻو مکڻ جو رکي، دُنر وٽو ڌؤنري جو يا جنگو جهڻ جو منهان تار ڪري آڻي اڳيان رکندس. چوندس ته کائي خوش ٿيءُ. ماني مولا جي آهي. پوءِ ڀل ته ڳيتون ڏيو پيو جند ڇڏائي ۽ مردن جي مانيءَ جي مقال ملڪن ۾ ڳڻ ڳوٺن ۾ ڳائيندو وتي، پر ڪو سينڌو سرتو، واقفڪار، سنوپرو سونهو ماڻهو يا ڪو نالو پڇائي پهتو ته مٿانئس ٻلهار پيا ويندا. کلي کيڪاري، ٽڪر ٽانبو کارائي ڏاڍو آڌر ڀاءَ ڪندس ۽ پوءِ ويهي کينئون خبرون وٺندس. جي ساڻس ڪو وهٽ وانو هوندو ته ان جي به پرگهور لهندا، گاهه داڻو هوند سارو آڻي حاضر ڪندا، پوءِ وطن ورڻ ڏيندس. اڃا به جي ڪو پير مرشد عالم يا الله لوڪ وٽن تڏي لنگهي آيو ته گهورجيوَ پيا گهوربا، سندس اچڻ تي پاڻ کي ڀاڳ وارو ڀائيندا. منجهانئن جيڪي مريد خادم هوندا سي ته هٿ جوڙيو پير کوڙيو حقيا تڪيا حاضر بيٺا هوندا. پاڻ ۾ گڏجي مصلحت ڪري، سيڪڙ سنت، فرائضه، چاليهو، ڏَنَ پٽ جيڪو سرين  سو سموهي، ادب سان آڻي مهندان پيش ڪندن، وڏي ڳالهه ته سندن رهڻ ۽ ٽڪڻ تي بهار بهار پيا ٿيندا.

سڏيءَ سڏ ڏيڻ جي عادت به منجهن سڦري هئي. ڪنهن ماڻهوءَ جي مرڻ جو ڪن تي پڙلاءُ پين ته ڪم ڪاريون ڪوتاهه ڪري، اُن جي پٿر تي پير ڀري ايندا، اچڻ سان ڪم کي جنبي ويندا. هر ڪو هٿو باري پيو ڪرائيندو، تان جو مئي جو سانگ سرهو ڪري وٺندا.

ڪنهن بي پهچ يا اڀري ڀاءُ کان ٻني نه کڙي، لاهه نه نڪتا ۽ کاٽي نه کنئي ٿي، ته همراهه پٺن ڌاري ماني ٻڌي اچي ونگار وهندا. اصل هڪٻئي سان ڇيڙ ڇٻير، آبت ونگار، وٺ بيگر ۾ ٻانهن ٻيلي ٿي بيهندا هئا، چوندا هئا ته اهو مڙس ڪهڙو جنهن کان مهل گسي وڃي!

ساڳيءَ طرح شادين مرادين، وهانئن وڌائڻ ۾ پنهنجو توڙي سياءَ ڀاءُ جو سڪارج ڪوڏان ڪوڏ ڪندا هئا.

ڪا پاڙي ساڙي جي نياڻي نينگري، کڙهه اُڪري آئي ته امان، جيجان يا ادي چئي مٿي تي هٿ رکي، ڀرم ٿئي شل! دعا ڪري ڀليڪار ڏيندس. پر جي ڪا پرانهين پنڌ تان يا ڏسائتي مائي آئي هوندي ته پوءِ ڏاڍيون مهمانيون جهلي، اوڍڻيون اوڍائي پوءِ روانو ڪندس. ڪنهن کان لاچاري حالت ۾ ڪو قرض اوڌر کنيائون ۽ ڏيڻ ۾ چرڪائي ٿي ۽ اُن منهن پائي گهرين ته هوڏ هرگز ڪين ڪندا هئا. هٿ جوڙي معافي گهري چوندا هئا ته برابر ڏينهن جا ڪوڙا آهيون پر قول جا ڪوڙا ڪين ٿينداسين. جيءُ جيءُ ڪري امانت ڏينداسين، اسان جيءَ ڳچيءَ توهان جي هٿ ۾. پر جي حياتيءَ تي ڀروسو ڪونهي انسان مئو ويٺو آهي آدم، دم نه دم کنئي جهڙو ته منهنجا پٽ ويٺا آهن. پيءُ مڙهي تان ڪڏهن به خلق نه کلائيندا. حلالي ٻچا آهن ڪوڏي به ڪانه رکندا، رقم رئي جهڙي ڀري ڏيندا. تون ڪنهن قسم جي هوراکورا ۽ چنتا به نه ڪر!

جي ڪنهن سان ٺاهه يا راضينامو ڪيائون ته دليئون جانيئون ڪيائون ان بابت وري حرف به زبان تي نه آندائون. گئي، گذري! مٿان چوندا ته: ”ماريئي کان وري به پڏايو چڱو!“

پاڙي جي پريت جا ته پروانا هئا. پاڙيسريءَ تي ته پڳهه ڏيندا هئا. ڪنهن جي چوري چڪاري ٿي ته اڳيون اڳتي ۽ پويون پوئتي رهيون. پيراڍن سان پير کڻندا وراڙا وٺي، ووڙون ڏيندا وڃي اها وٿ هٿ ڪندا هئا، جي نه ملي ته کائڻ پيئڻ حرام ٿي لڳندو هئا. ڪل ڪم ڪريم جي حوالي ڪري چورن ڪڍ ڪاهي پوندا هئا. پير پڳ ڪڙيندا کر، نونهيون نشان ڪندا وڃي ڪنهن وانڍ يا پاٿاريءَ تي پوندا هئا. سندن چوڻ هوندو هو ته جي اڄ هن سان همراهي نه ڪئيسون ۽ سڀاڻي جي اسان سان به اهڙي ٿي پوي ته ڪير پڇندو به ڪونه.

ڳوٺ پاڙي ۾ اگهي سگهي نه رڳو هڪٻئي کي وڃي پڇندا هئا، پر زالين مڙسين ولر ڪري ويهندا هئا. راتين جون راتيون اوجاڳا ڪري بيمار جي پرگهور پيا لهندا هئا. ڪي ته سکالي سان گڏ گوڏو گوڏي سان ٻيڪڙي ويٺا ونڊ ورونهه ڪندا. هن کي وقت بوقت آٿت ۽ دلبريون پيا ڏيندا: خيال نه ڪر، اگهائي آهي ڇڏي ويندي، هينئون نه هار، ڳڻتي نه ڪر، ڪم ڪار سڀ سولو پيو هلي. الله سائين سگهو ئي اٿاريندءِ پيرين سيرين ٿيندين، پنهنجيون اَڏيون مڏيون ڪندين، هلٽ هلائيندين. اگهي جي به دل وڌندي ته نڌڻڪو ناهيان. جي چوڻو، اوڻو ناهي، ته اُٿي کڙو ٿيندس. تان جو نؤ بنو ٿيندو ويندو. پاڙي وارن جيڪي ساڻس ڀال ڀلايا تن جي هڪڙي ٿوري به نه پيو پڄندو. ائين زبانان پيو چوندو ته بيشڪ پرين اُهي، جني پکا پکن اوڏڙا! پاڙو ابو اما آهي!

هنن جو ڏکاري سان ڏکڀائي ٿيڻ سڦلو شيوو هو.

تن ڏينهين، منهه مارڪي ننڍ وڏائي جو پڻ خيال رکيو ويندو هو. ڪا ڇيڙي نبيري پئي هلندي هئي ته مجال آهي ڪنهن ڪلهڙ ڪپوٽ يا ٽاهڙ ٽوٽ جي، جو وچ ۾ ٽپي پوي! سڀڪو ڳل کي هٿ ڏيو پيو سڻندو، جيستائين نيت نياءُ نبري دنگ ٿئي، پر ڪنهن کي ڪا سهڻي صلاح سجهي آئي ته سرتيو ٿي سليندو هو.

اڳلا به عقل ۽ گفتي جي ملوڪت کي پرکي سهي ڪري وٺندا هئا. سچ ته ننڍڙو ٻار به منهن تي ئي ڦهڪائي ڏيندو هو، جي ڪنهن کي سچ نه آئڙي ته پنج پچائي کائي. سچ ته بيٺو نچ!

جي ڪنهن پاڻئون وڏي يا پريي مڙس لڱائي چڱائي تان چار اکر ڪنهن کي چئي وڌا ته سڀڪو  صبر سان سهي ويندو هو.

ٻني ۽ وني لٽائڻ عيب هئي: تڏهن به ڪو ٻنيءَ تي گاهه پٺي لاءِ حج ڪري هلي آيو ۽ مالڪ کان موڪلائي وڃي پنهنجو ارٿ ڪيائين ته مالڪ ڪين ڪيٻائيندو هو، ٿي سگهيس ته هٿوباري به ڪرائيندس.

وهنوار جا به سدا ملوڪ هئا. ڪس ڪثر کي ڪين ڏسندا هئا. واڻين کي به چئي ڏيندا هئا ته: ڀائي! ساک پت، دين ايمان توتي! پوءِ ڀل ته مهندائن ڀيڏيون هڻيون پيو ڀچي، تڏهن به ائين چوندس ته ڪي ڪين ورندءِ ”هڙ هالا، منهن ڪالا“ بي ايمان جو خدا منهن پاڻهي ڪارو ڪندو. ويٺو ڏس ته جيڪو ڪندو سو ڀريندو.

ويساهه وسوڙل به اهڙا، جو ڪنهن ڪار وهنوار ۾ نياڻيءَ، پٽ، پير مرشد، کير ڀٽاري، اَن رزق جو سونهن قسم کنيو ته دنگ ٿي ويو. مڙيئي مدايون معاف!

قياسي اهڙا، جو وسئون ڪيڙي به ڪين لتاڙيئون. چوندا هئا ته جو پاڻئون ساهه، سو ٻين سنئون. چغلي چائيءَ کان ڪنارو ڪندڙ هئا. سر تي ٻري آين ته مٺي ڪري ڀوڳيندا هئا، ٻه چاپڙائي مان ڪين ڄاڻندا هئا، منافق جو منهن ڏسڻ به پسند ڪونه ڪندا هئا!

ڪنهن جو نيمڪ (نمڪ) کاڌائون ته ان ڪاڻ مري مٽ ٿيندا هئا. زالون به صحابت ڀريون، ستروند، سيلوان هيون، ڪي ڪي ته ٻنهين ڏاڙهين جو مٽ هيون. جو ڪم مڙسن کان پورو نه ٿيندو هو، سو زالون پاڻ ڪري ڏيکارينديون هيون. بيشڪ اُهي مائٽن کير پي ڄايون هيون.

ان ٽاڻي حياءُ هو، حقيقت هئي، لڄ هئي، شرم هو. بلڪ ڇا ڇا نه هو! گهرن ۾ سگهڙ جوين جي ڪڇرائي ۽ ڇيڳرائي سان ته پوندي ڪين هئي گهر لنبي، ٻهاري سوهاري اهڙا کڻي اڇا ڪنديون هيون، جو پٽ تي ماني رکي کڻي کاءُ ته به سونهي!

ٻار تاتڻ تنجڻ، پالڻ سانڍڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هيون. ڇا جا ويڄ ته ڇاجا طبيب، پاڻئون واڻئون پچار پيون ڪنديون هيون، ٻڪي ستي، ڦڪي ڦيڻو پيون ڪنديون هيون. ڪڏهن ڪنهن ڊاڪٽر جي ڪاڻ نه ڪڍيائون!

سچيون، وفادار، هڏ ڏوکي، مڙسن سان هر حال ۾ ٻانهن ٻيلي، بک ڏک ۽ تڪليف جون ڏاڍيون، هٿ جون سڄيون هيون، جيڪي بدچال ۽ ٻاهر پيريون هيون، تن لاءِ چونديون هيون ته ”آهر آڻي او بڻي ته رن وڃائي رنبو!“ اهڙين کي اک ٽيٽ ۾ رکنديون هيون. طاقت نه هين جو هنن لوڙهي اندر لڄ رکندڙين کي تال مڪر ڪري برمائي وڃن. بک ڏک تي اهڙيون شاڪر جو چونديون هيون ته هتي جا ڏولاوا ۽ ڏاکڙا قادر ڪٽي مهندَ جا سوجهرا ڪري ڏيندو!

سي ئي سکر ڏينهن، جي مون گهاريا بند ۾!

ڪچهريون:

روئي ۽ رڙي، ڪڙي پير پنهونءَ جا!

ڪچهري لفظ جي معنيٰ آهي ڪي + چهرا يعني چار صورتون ڪٿي اچي ڪٺيون ٿين.

سنڌ ديس ۾ ڪچهرين جو تمام گهڻو رواج هو ۽ اڃا به آهي. جهرجهنگ ۾ ڌنارن ۽ پهنوارن جون ڪچهريون، هارين نارين جون ڪچهريون. جيڪي نارن ۽ هرلن تي ڪندا هئا، ڳائڻن ۽ ڪافيرن جون ڪچهريون، آيل مهمانن سان ڪچهريون، ڳوٺاڻن جون پاڻ ۾ ڪچهريون. ان کان سواءِ هن ديس جي جدا جدا حصن ۾ ڌار ڌار ڪچهريون ٿينديون هيون. مثلاً ٿر پارڪر جي ڪچهرين جو نمونو هڪڙو هو ته ڪوهستان جي ڪچهرين جو ڍنگ ٻيو، سري يا اتر جي ڪچهرين جو رنگ اور هو ته لاڙاين جي ڪچهرين جو ڊول ئي نرالو هو. مطلب ته ڪو واهڻ وسي ڇڊي هوندي، جتي ڪا ڪچهري نه ٿيندي هوندي.

وڏيون وڏيون ڪچهريون ته ڇڏيو، پر جي ٻه - ڳوٺائي، يا ٻه - ڀائر گهڙي پل ڪاڻ هڪٻئي کان ڇڄي ڌار ٿيا ٿي ۽ وري اچي ٿي گڏيا ته هڪٻئي کي کيڪاري جدائي واري وقت جي لاءِ ويهي پاڻ ۾ ڪچهري ڪري حال احوال اوريندا هئا. حاڪمن جون ڪچهريون انهن کان الڳ هيون.

اهو زمانو سهانگائيءَ جو هو پٺيان جي اون پلي پئي هوندي هئي. نڪي هيون ايتريون. چوريون چڪاريون، نڪي مڪر فريب ۽ نڪا هٿ کس، ههڙو دغابازيءَ جو دور ڪونه هو، جنهن ۾ حرام توڙي حلال جانورن جي ”ملڪ پائوڊرن“ مان کير بنائڻ، نباتات مان بناستي گيهه ٺاهڻ، هر شيءِ ۾ ڪانه ڪا ملاوت ڪرڻ جي هنن کي ته ٻوجهه ئي ڪانه هئي. اصل ”سچ سير ڪاري ٻڪري اڇو کير هو“!

آءٌ توهان کي اڄ هڪ ڳوٺاڻي ڪچهري بابت يادگيري ڏياريان ٿو. ڳوٺاڻي ڪچهري، وڏيري جي اوطاق يا اوتاري ۾ لڳندي هئي. اوتاري کي ٻهاري سهاري ڇڻڪار ڪري نوان تڏا ۽ تؤنريون پکيڙيا ويندا هئا. جي سيارو هوندو هو ته باهه جي مڇ جي چوڌاري جنهن ۾ وڏا دوڳ (بنڊ) پيا دُکندا هئا، ڪچهري لڳندي هئي. هڪڙيءَ ڪنڊ ۾ مٽ ناديون يا دلا ۽ ڪؤنرا هوندا، مٽن تي ڇليون يا ٽڀيون پاڻيءَ ڪڍڻ لاءِ رکيل هونديون هيون، پر جي اوطاق تي ڪچهري لڳڻي هوندي هئي، ته اتي پڻ اهو سامان موجود رهندو هو البت وڏيري يا رئيس لاءِ رليءَ جي گادي يا عزت وارن ماڻهن ڪاڻ پيڙها، منجيون مرڙا ۽ صندليون رکيل هونديون هيون. ڪو سيد پير آيل هوندو هو ته ڪچهريءَ ۾ ان ڪاڻ کٽ به رکائي ويندي هئي.

ڪچهريءَ ۾ ڪي ڳائڻا ضرور هوندا هئا جن ۾ گهڻو ڪري الوميان! وارا يڪتاري تي ڳائيندڙ اچي حاضر ٿيندا هئا. يڪتاري سان ڍولڪ يا دهل ۽ گهڙي جي وڄت ۽ سنگت اوس ٿيندي هئي. ڪلام ڏوهيڙي ساڻ ۽ ڏوهيڙو ڪلام سان شامل هوندو هو. سڀڪو ماٺ ميٺ ۾ پيو سڻندو هو. جتي تال پورو ٿيندو هو يا ڪلام ختم ٿيندو هو ته واه واه ٿي ويندي هئي ۽ وري جوڙي سجوڙي جي فرمائش مٿان پئي نازل ٿيندي هئي. اهڙي طرح ڳچ رات ڪلام ٻڌڻ ۽ اُنهن جي ماٺ ڪرڻ تي، ملڪ جو واءُ سئاءُ، هڪٻئي جي حال احوال، ڏينهن ۾ ٿيل ڪمن ڪارن جو جائزو وغيره سڀئي ڪم پيا ٿيندا هئا. صوفين جو سنگ هوندو هو ته پاڻ گهنگهر يا نورا ٻڌي نچندا به هئا، ته ڳائيندا به هئا. ڪٿي ڪڏهن ناچو به اچي نڪرندا هئا. گهڻو ڪري ڪافير ۽ ڳائڻا آسپاس جا هوندا هئا، پر ڪو ٻاهرتو مشهور ڪافير اچي نڪتو ته ڀلان ڀلي ٿي ويندي هئي. هوند سارو انعامن جي مٿن ورکا ٿيندي هئي. ڪي ڳائڻا ڍول مارو ۽ دودي چنيسر جي ڳالهه ڳائڻ سان کڻندا هئا.

ڪٿي ڪٿي سگهڙن جون ڪچهريون لڳنديون هيون، جن ۾ ڳجهارت، ٻجهارت، ڏٺ، پرولي، دوراهو، ڏور، هنر، سينگار، ڪچهريءَ جو سينگار بنبا هئا.

ڪڏهن ڪنهن آيل مهمان سان ريجهه رهاڻ، رس رنگ لڳندو هو. آيل کي ٻک يا ڀاڪر وجهي ملي، پوءِ هڪ منان ٿي ويهي کيڪار ڪندا هئا:

1.      خوش چاق، چڱو ڀلو، نيو نمرو، نؤبنو، ميو متارو،

        جوڙ جوڀ پاڻ ڀرو - سدا خوش هجين!

2.      ننڍا وڏا، ٻار ٻچا کير پٽ، مال رزق - سڀئي خوش!

3.      اوڙو پاڙو، سنگت ساٿ، ڳوٺ راڄ - مڙئي خوش!

4.      هاري ناري، ڍور ڍڳا، وهٽ وانا - هڙئي خوش!

5.      سيدين پيرين مرشدين، مريدن، خادم خليفا - سڀ خوش ”هي خاص خليفي سان کيڪار آهي“.

6.      نوڪر چاڪر، ٻيلي ٻانها، ٻنيون ٻارا - سڀئي خوش ”هي وڏيري يا رئيس سان کيڪار آهي“.

آيل ماڻهو ورنديءَ ۾ ڪل خير، ڀلائي هجنوَ، سڀ خير، الله جون ڀلايون، ٻاجهون، رب جو ڪرم، دعا آهي، آمين، رحم، مهرباني، شڪرانا وغيره چوندو رهندو.

ان نموني هر هڪ ڪچهريءَ وارو هن آيل سان خوش خيروعافيت ڪندو چشي ڏيندو ويندو ۽ آيل به ورندي ڏيندو ۽ شڪريو بجا آڻيندو رهندو، تان جو سڀ کيڪاري بس ڪندا. هاڻ هلنديون خبرون چارون. يار! ڏي خبر ته ڪيئن اچڻ ٿيو آهي؟ ڪيئن هن پٽ پير ۾ پڌاريا اٿوَ؟ ڪيئن هيڏانهن پير ڊگها ڪيا اٿوَ يا ڪيئن پنڌ پيا آهيو؟ يا اسان تي ٻاجهه ڪئي اٿوَ؟ اڄ اسان کي ياد ڪيو اٿوَ؟ آيل چوندو ته خبرون مڙئي خير. ميزبان چوندو: کپي به خير! جيءُ!

آيل نالي، ذات ۽ ڳوٺ جا واقف آهيو ”جي واقف نه هوندا چئي ٻڌائيندو“ ڀائر آهيون. اڙيءَ اوڌيءَ هڪٻئي وٽ پيا اچؤن وڃؤن. ڳالهه هيءَ آهي ته الله جي ڀلائيءَ سان اٺ جوڙا کن پنهنجا اٿئون. زميندار جي اڻوڻت ۽ کٽ پٽ سان گڏ سندس ڪاروهنوار به اسان سان سٺو ڪونه ٿو هلي، اسان سان پائي کنئي اٿس، گهڻو ئي ستايو سونس، چوڻ چائڻ ڪراياسونس، سونهن ساکون ڏنيون سون، پر پنهنجي نواڙيو بيٺو آهي. چئي ٿو ته ”سهي جون ٽنگون ٽي، چوٿين ٿئي ڪانه!“ آهي ڪمدارن ۽ ڪارندن جي چورت ۽ چائت تي. سو پاڻئون نڪو ٿو ڪري پڇا نڪي ڳاڇا، نڪي ٿو سڻي نڪي ٿو سمجهي. اهو ڳن اهو ڪهاڙو، نڪي ٿو پرجهي نڪي پروڙي. سندس ڪامين جي مرضي آهي ته هنن کي لڏائي ڪي ٻيا راڄ آڻيون. پس پيش پوءِ جو ڪڍي ڇڏين، تنهن کان چيوسين ته اڀريءَ کي سمجهندي پلاڻجي، ڪو اُٿي بلو سلو ڪجي سو هلي آياسين خبر هئي سون ته فلاڻي زميندار وٽ اسان جا مائٽ يا ذات ڀائي (ڀائر يا سنگت وارا يا پير مرشد) ڀائي رهن ٿا. الله عزت وارو ڪيو اٿن. پنهنجي سنهنجيءَ وارا آهن. اسين به غريب ٻچڙيوال پورهيت آهيون، سنهان ٻچا وٺي ڪيڏانهن ٽلڪون، سو اچي توهان جي پناري پئون ٿا. ۽ توهان جي ڪکن ڀيڙا ٿيون ٿا. من پنهنجي زميندار کي چوائي ڪٿي ڪو ٻنيءَ ٽڪر وٺرائي ڏيو ته واٽ وهندي ٿي پوندي، ٻيو ڪک پن گاهه جي سٺي کانسواءِ هاري ۽ مال وندوءَ ماڻهو اُٻهرا ٿي ٻاهر ڪٿي نڪري به نه سگهئون جيستائين ڪو اٺسٺو ٿئي. سو هڪلي آيا آهيون. هاڻ سڀ الله جي وس، توهان ڀائرن جي وس آهي. غريب اَڀرن ڀائرن تي هٿ رکندؤ ته سدا سکي هوندؤ. الله ڪندو ته ڏکيو ڏينهن نه ڏسندؤ اهي آهن حال احوال ٻيو مڙئي خير!

هڪ چوندڙ چوندو، بس بس ڳالهه به ايتري! ڀاءُ آهين، ڀلي آئين- جيءُ نچ آئين! سدا آئين! اسان جون اکيون توهان جا پير، ڏک سک ونڊي ورڇي پيا کائينداسون، توهان جا ٻچا سي اسان جا ٻچا، ڪڙم ڪميڻا ڪين آهيون. زوراور بادشاهه! الله الائجي ڪهڙين ڳالهين ۾ راضي آهي! ڀائرن وار وٿي ڪانهي. اسين ڏاڍا خوش ٿيا آهيون. الله چڱي ڪندو. زميندار سٺو ماڻهو آهي. اسان جي ڪڙم کي پنهنجا ٻچا ڪري ڀائيندو آهي. اسان به ست پيڙهائتا سندس هاري آهيون. ڪڏهن به اسان جي ٻچن ۾ بڇڙي اک يا اسان جي ڪمائي ۾ ڪوڏيءَ جي لالچ به ڪانه رکي اٿس، نڪي ڪو ليکي وهنوار ۾ ڏاڍ زبردستي ڪندو آهي، الله ڏينهن ڏئيس! اسان کي گهڻو مانُ ڏيندو آهي، چوندو آهي ته ابا، اسان پاڻ توهان جي پورهيي تي پيا پلجون، جي مڙس ٿيو حق حلال جي روزي پيا ڪمائيندؤ ته ڪنهن کي مجال ناهي جو توهان کي هڙِ به چئي سگهي. اسان به حلالي پٽ آهيون ابي سمان ٿا سمجهونس. هو پڪ اسان جو چوڻ ڪندو. تون وري به ڏينهن - ٻه رکي اچي حال وٺجان“. اسان سڀئي گڏجي چونداسونس اميد ته اسان سان ناڪار نه ڪندو. اسان جي ڳالهه رکندو. زمين ته يار! گهڻئي پئي اٿس پر ڪو مڙس ٿي ڪمائڻ وارو ڪونهي. پڪ ڄاڻ ته اهو ڪم ڪري وجهنداسون.

اهڙيءَ طرح ڪي وري آيل کي ماني ٽڪي کارائي پوءِ خبرون پڇندا هئا ۽ جي همراهه تڪڙو هوندو هو ته پهرين ڪم جو بلو ڪندا هئا، پر جي ڏينهن پهر ترسڻ جهڙو هوندو هو ته ترسائي خوب روح رهاڻيون ۽ خدمت چاڪري ڪري پوءِ جي کانئن هن جو مطلب پورو ٿيو ته واه نه ته ڪو پتو پار، هانءَ مشڪان، دلڌير ڏيئي همراهه کي روانو ڪندا هئا. رواني ٿيڻ تائين به ڏڍ، تسليون پيا ڏيندا ته خيال نه ڪجو، اهو ڪم اسان جو پنهنجو آهي، الله گهريو آهي ته سڀ ڪم ڪاريون ڇڏي اول توهان جو ڪم ڪنداسين، ڳڻتي بنهه نه ڪجو. ماڻهن جا ماڻهن ۾ ئي ڪم ٿا پون، ست به سڙائي توهان جو ڪم ڪبو رکو الله تي!

هو همراه (اڙيات) به پارتن تي پارتون ڪندو پيو ويندو، جي وهٽ تي هوندو ته ساڻس ٿورو اڳڀرو يا پيادل هلي اُماڻيندا. جي پيادل هوندو ۽ سلام واري هلڻ جي ڪندو ته چوندو ويندو ته چڱو ڀلا هاڻ يارو ياري، خدا حافظ، موڪلاڻي ڪانهي! سدائين گڏ آهيون. هو به سلام جو جواب ڏيئي پوئتي ورندا.

جهڙي آيس جئن، تهڙي ملان تن کي،
ڦران، ڦرَ چاريان، هنئن چئم هئن،
وَڃان ڪئن وطن ڏي، ڪاڻ لهنديم ڪيئن.
مندائتي مينهن، سونهان سرتين وِچ ۾!

 

------


(1)  انهن لفطن جي معنيٰ ماڻهين اڻهي هجي شال اهڙي طرح ٻيا. (ليکڪ)

(2) جوڻهين، سسڻيهن ۽ ڌيڻهين ٽئي مامتا جي ڪري آسيسائي لفظ ۾ آيل آهن. (ليکڪ)

(3) عبرانيءَ ۾ ڪورين جو هڪ لفظ عدلڪ آهي، يعني وزن کي برابر رکندڙ، سنڌي ڪوري ان کي اڌ لک چون، هن ۾ اُچار جي ڦيرگهير ٿيل آهي. (ليکڪ)

(2)  اگهم ڪوٽ، هتي مشهور درويش مخدوم محمد اسماعيل مدرسو برپا ڪيو. هو اصل گجرات جو هو سيلاني هئڻ ڪري، هن وڏا وڏا سفر ڪيا: چين ۽ دهلي مان ڦرندو سنڌ ۾ آيو. چين مان ريشم جي هنر جو واقف ٿيو. وٽس پري پري جا شاگرد علم ۽ هنر سکڻ ايندا هئا. جاڙيجا قوم جي ٻن شاگردن، ماڻڪ ۽ ذويڌي جي اصلي ڪڇ جا هئا، هن کان علم ۽ ريشم جو هنر سکي سڄيءَ سنڌ ۾ پکيڙيو. اڄ به سندن اولاد اهو ڪم سنڀاليندو اچي - مؤلف.

(1)  اهڙو هڪ مضمون، شاهه حبيب جي حويليءَ جي نالي سان ليکڪ جو ڇپيل آهي. (نظرثاني ڪندڙ)

(1)  ٿر ۾ کوهه تي پاڻي ڇڪڻ واري اهڙي اُٺ هلائيندڙ ماڻهوءَ کي کيليو چون. (نظرثاني ڪندڙ)

(1)  ميزون، ڪرسيون، موڙا،آرا، ڪرسيون، ٽپايون، بئنچ، اسٽول هاڻ ٿا ڪم اچن.

(1)  هاڻ ته چيني ۽ شيشي ۽ ڪاشيءَ جا باسڻ قطارن ۾ رکيا ٿا وڃن. (ليکڪ)

(2)  ڪٻٽ هاڻ نڪتا آهن ۽ چمڙي جون بئگون به هاڻ ڪم اچن ٿيون. (ليکڪ)

(1)  لوهه جون تغاريون پوءِ نڪتيون آهن. (ليکڪ)

(2) استريون هاڻ نڪتيون آهن. (ليکڪ)

(1)  هاڻ ڏندڻ جي جاءِ تي ٽٿ پيسٽ استعمال ٿئي ٿي. (ليکڪ)

(1)  مڃٺ: اهو لفظ لطيف سائين ڪتب آندو آهي.

روئان رَت مڃٺَ، هاڻ تن پرين کي. (نظرثاني ڪندڙ)

(1)  ٻيڙيون، سگريٽ ۽ هاڻ ته گٽڪن ۽ ميم پوريءَ جو رواج گهڻو زور ٿي ويو آهي، جنهن سان انيڪ بيماريون پڻ ٿين ٿيون. (نظرثاني ڪندڙ

(1)  محترم ليکڪ جو ساڳئي متن وارو مضمون، انهن کي ٿو ڳوليان واري عنوان سان رسالي نئين زندگي ماهه اپريل 1968ع ۾ شايع ٿيل آهي. (ادارو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org