سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سنڌ جو لوڪ ثقافتي ورثو

باب: 6

صفحو :10

چـُـڪ پوڻ جا سـَـنوڻ:

چون ته بار کڻڻ ڪري، ٿاٻي کائڻ يا پير ترڪي وڃڻ ڪري يا مهري اورانگهڻ ڪري لچڪ يا چـُـڪ پئجي ويندي آهي. هن کي چيلهه جي سٽ پوڻ به چون. مهري چيلهه هيٺان رکائين. جاڙي ڄاول ماڻهوءَ يا پيرڙئي ڄاول ماڻهوءَ کان ٽامي جو ٽڪو دُڏ تي رکائي لتَ ڏيارين. ٽن مڙسن واري زال (ٽه مڙسي) يا ٽن زالن واري مڙس (ٽه - جويي) کان به چيلهه تي لت ڏيارين. ڪي اڀين پيرين ڄاول ماڻهوءَ هٿان ست ٺڪريون، ست پن کٻڙ جا گهرائي شام جو بيمار کي پٽ تي اونڌو سمهاري، سندس چيلهه جي پوري وچ تي ڍاڪن مٿان، کٻڙ جا پن، تن مٿان ٺڪري رکي، هڪڙي هٿ ۾ مهري جو مٿيون منهن جهلي ۽ هيٺيون ڇيڙو زمين تي کوڙي، بيمار جو کاٻو پير مٿي اُڀو ڪرائي، ان جي آڱوٺي کي هٿ ۾ پڪڙي، ٺڪريءَ تي پنهنجي پير جي کـُـڙي رکي، مهريءَ جي ٽيڪ سان زور ڏئي اُٿلي ٻئي پاسي ٿيندو ۽ چوندو ”لچڪ ڀڃان؟“ مريض چوندو ”ڀلي ڀڃ“. پوءِ اهي پن ۽ ٺڪري اڇلائي ٻيا پن ۽ ٺڪري رکندو ۽ مٿئين وانگر ست ڀيرا زور ڏئي ٻئي پاسي ڏي اُٿلندو. جي شام جو فائدو نه ٿيو ته وري صبح جو ائين ڪندو.

هڪ پيءَ جون ڌيئرون جي ٻن سڳن ڀائرن جو زالون هجن. سي چـُـڪ واري جي آمهون سامهون بيهي چيلهه تي کٻڙ جا پن انهن تي ٺڪري رکي کڙيءَ جو زور ڏئي، هڪڙي هڪڙي طرف ٽپي ويندي ته ٻي ٻئي طرف ٽپي ايندي ۽ چونديون پيون ته ”لچڪ ڀڃان؟“ مريض چوندو ته ”ڀڃو“. اهو ٽوڻو به ست دفعاڪن.

ڪا زال ست ننڍڙا ڀتر کڻي، چـُـڪ واري کان لڪي بيهي چوندي ته ”ڀلو پٽ ڀاڳل جا، ڪو آهين؟“ مريض چوندو ته هائو اها زال پڇندي تون ڪير آهين؟ چُڪ ڀڇائيندڙ چوندو ته ”آءٌ چـُـڪ آهيان“. پوءِ اها زال هڪڙو ڀتر ڏانهنس اڇلي چوندي ته ”ڀڄ ڙي چـُـڪ، ڀڳياٿمانئين چـُـڪ!“ ائين ست دفعا پڇندي ۽ ڀتر اڇليندي ويندي.

هئو يا ڦڻ جي ڪوئلي جا سـَـنوڻ:

پٺيءَ ۾ ڦڻ جي وچ ۾ نس چڙهي پوندي آهي. اها گهڻو ڪري آڏ پاسيرو يا جهول کٽولي تي سمهڻ ڪري تڪليف ٿيندي آهي. زالن کي جنڊ پيهڻ، دلا کڻڻ سان پڻ پئجي ويندي آهي. هن کي ڦر پوڻ يا ڦڻ جو سور چون. ڦڻ جي نبض کي ست دفعا چپٽي ۾ جهلي زور ڏين. آڍي آڍي زناني جتيءَ جا ست ڌڪ هڻن. ڪي ست مڪون هڻن. ٺڪر جي لوٽي ۾ ڪوسي ڪر وجهي ٽاڪوڙين. اڪ جي پيلي پن تي ڳڙ رکي گرم ڪري ڦڻ تي چنبڙائين. مخالف هٿن جي آڱرين جا ڪرنڊ زور سان مهٽين.

”هئو ڀڃڻ لاءِ ٽوال رسيءَ وانگر وٽي، انهيءَ کنڀراٽي مٿان هنيو ويندو آهي ۽ بيٺل مايون چونديون ته هئو ڀڃان! هئو ورتل همراهه چوندو ڀڃ! پوءِ اهو ٽوال ڪلهي تي زور سان هڻنديون.(1)

ڪنڌ ۾ وَر پوڻ جا سـَـنوڻ:

هي بار کڻڻ ۽ ڏکيي سمهڻ سببان هڪ پاسي ڪنڌ جي نس وٽ کائي وڃڻ ڪري سور پيدا ٿيندو آهي. سپ يا ڇڄ تي مٿو رکي بيمار کي سڌو سمهاربو، پوءِ اَن تارڻ وانگي ڇڄ هلائي جهٽڪو ڏبو. يا اُن جي کاڏي، کٻي گوڏي کي اُڀو جهلائي ان تي رکبي آهي. مريض جي ڪنڌ جي رڳن کي مناڙي مناڙي اوچتو ڪنڌ کي مخالف پاسي وٺي سٽ ڏبي آهي، ۽ پوءِ ان جي ٻئي پاسي ڪنڌ لوڏي لوڏي وٺي سٽ ڏبي، ڪنڌ مان ٺڪاءُ نڪرڻ سان 5 - 10 منٽن کان پوءِ سور گهٽجڻ شروع ٿيندو آهي ۽ ڪوسي ڪر جي ٽاڪور به ڪبي آهي.

ڏنديون اچڻ جا سـَـنوڻ:

ڏندين اچڻ سان ٻارن کي اڇا بدبو وارا دست ٿي پوندا آهن، يا اکيون اوبر جي پونديون آهن. تنهنڪري ڏندين اچڻ کان اڳواٽ ٻار جي پڦي سهائي آچر تي، ساڄي هٿ جي ڏسڻي آڱر ٻار جي وات ۾ ڦيري ڇڏيندي ته ڏند آسانيءَ سان ڄمندس. مٿينءَ ڄاڙي ۾ جي پهريائين ڏند ڄاوا ته ناناڻن لاءِ چڱا ڪين آهن. تنهنڪري مامو ڪنجهي يا ٽامي جي وٽي ٺهرائي، ان ۾ ڪٽي مهٽي پري پري پنڌ تي وڃي پوري اچي، يا مامو اها وٽي ترن سان ڀري مٿان ٽامي جو ٽڪو رکي سهائي آچر تي ٻار کي ڏيئي وڃي.

ڏندن ڪرٽڻ جا سـَـنوڻ:

پٽ ڏند ڪرٽي ته سڀاڳ، چي، دشمن جو سر ٿو ڪرٽي. پر جي ڌيءَ ڏند ڪرٽي ته نڀاڳ ليکين. ڏند ڪرٽيندڙ ٻارن کان ستي ڪي پڇن ته ڇا کائيندين؟ ۽ سـُـجاڳ ٿي ڪنهن شيءِ جو نالو ورتائين ته اها کيس يڪدم ڏني ويندي ته چڱو، پر جي بابا يا اما چيائين ته جنهن جو نالو وٺندو سو پهريائين مرندو. هن لاءِ ستل ٻار جي وات ۾ واري يا لوڻ يا چانور وجهن. ڪي ستل جاءِ جي چوکٽ جي مٽي کڻي، ڏندن کي مکينس، ڪي اهو کوهه، جو ٻار جو ڏٺل نه هجي، ان جي سارڻ جو ڀتر (يعني پڳ جو) بنان ڳالهائڻ جي کڻي اچي ست دفعا ڏندن کي لڳائين.

هـِـڏڪي ٿيڻ جا سـَـنوڻ:

ڪي چون ته آنڊو وڌي ٿو. ڪي چون ته ڪو ياد ٿو ڪري ته هڏڪي ٿي ٿئي. ان لاءِ واقفن جا نالا وٺڻ شروع ڪن، چيچ ۾ سڳو ٻڌن. ست ڍڪ پاڻي پيئن. اوچتو ڊپ ڏيارين، ڍڳي جو رت نڙيءَ کي مکين، خيال مٽ ڪرائين. اک مٿان ڪک رکن. ٻارن کي هڏڪي ٿئي، ته اُن کي ”وڌڻي“ ڪوٺين ۽ چون ته ”وڌڻي وڌي کير ڀت لاءِ، فلاڻو ٻار وڌي ماءُ پيءُ لاءِ“.

منهن تي چـِـٽي يا اڇاڻ جا داغ تن جا سـَـنوڻ:

ڪنهن ڀنگي يا ڀنگياڻي کي اوچتو پٺيان وڃي ڀاڪر پائبو ته چٽي ڇڏي ويندي. نيراني مٿس ڦيڻي مکبي ته ختم ٿي ويندي.

مرگهي ٿيڻ جا سـَـنوڻ:

ڇڄ يا سپ مٿان نڇ يا ڇڪ ڏبي ته مرگهي ٿيندي. مرگهيءَ واري کي پراڻو سڪل پادر سنگهائين.

ڪرائيءَ ۾ سور يا ٻانهن ۾ ڳانو پوڻ:

ڪو مرد يا زال، اڌورو ڪم ڪري ڇڏي ويندو، مثلا: جنڊ اُڍاڻن کان اڳي ڪنهن ڪم سان پيهندڙ زال وڃي هلي، باقي اَن ٻي زال اچي پيهي پورو ڪري ته ان کي ڳانو پوندو، دانگي، تئو يا ٿوٻي چلهه تي چاڙهي، ڪا زال ماني پچائڻ ويهي، وچ ۾ ڪنهن ڪم سببان اُٿي وڃي، ٻي زال اچي مانيون گهڙي پچائي ته ان کي ڪارائي ۾ سور پوندو.


 

ڳاني جي سور ڇڏائڻ جي لاءِ سـَـنوڻ:

اها ڇوڪري يا ڇوڪرو جنهن جو ماءُ - پيءُ ۽ سس - سهرو جيئرو هوندو ان کان سرمائي سڳي کي يڪساهي ست ڳنڍيون ڏيارائي ڪرائيءَ ۾ ٻڌن. ڳوٺ جي جنڊن جي ڳاريءَ مان ٽي - ٽي داڻا، جدا جدا اناجن جا کڻي سرمائي اڳڙيءَ جي ڳوٿري ٺاهي ان ۾ اهو اَن وجهي ڳوٿري سبي ڪرائي ۾ ٻڌن. ٽه - واٽي تي ويهي سڀڪنهن واٽ ويندڙ (واٽهڙيءَ) کان ڦيڻي مکائين. کـِـپ، ٻوهه، ڪرڙ جا گل پٽي ٻانهن ۾ ٻڌن. ٻهاري جو ڪک ڇني آلو ڪري ٻانهن ۾ ٻڌن.

ويلڻ چڙهڻ جا سـَـنوڻ:

ڪنهن به ٽنگ جي ڦٽ ڦرڙي جي آڪيڙ کان چڏن وٽ ڳوڙهي ٿيندي آهي، جا سـُـور ڪندي آهي. ان لاءِ پهريائين ڦٽ جو علاج ڪبو ته ڇٽي ويندي. ان جا هيٺيان سـُـڳڻ ڪن:

پيرڙئي ڄاول ٻار کان ويلڻ جي ڳوڙهيءَ تي ٽڪو رکائي، مٿان کڙيءَ جو زور ڏيارين، ايئن ٽي ڀيرا ڪن. اسر جو مريض جي ننڊ ۾ هئڻ مهل زنانو زيور (هسيءَ) ست دفعا ويلڻ تان ڦيرائجي، جيئن بيمار کي سجاڳي نه ٿئي. مانين پڇائڻ جو ويلڻ ستي يا سجاڳ ٿئي، ٽي ڀيرا ويلڻ مٿان گهمائجي.

ٻرهال يا هيانچي جا سـَـنوڻ:

تلي وڌي ويندي آهي، ته سـُـور ڪندي آهي. ان لاءِ مٽي جي ماني پچائي، هيانچي مٿان رکي، پوءِ ان کي ڪاتيءَ سان وڍين، چون ته ”هيانچو وڍيان؟“ مريض چوندو ته ”وڍ، وڍ“. ڪي ڪچي ايريال جي ڳر کارائين.

پيٽ جي سور جا سـَـنوڻ:

هن سور لاءِ چون ته ڪا شيءِ کائيندي ڪنهن جي بدنظر لڳي هوندي. ماني گڏجي کائڻ ۾ سڀني کان اڳ اُٿڻ واري ۽ سڀني کان پوءِ اُٿڻ واري کي پيٽ ۾ سور پوندو، تنهنڪري ڪـُـتي کي مانيءَ جو ٽڪر ڀڃي ڏبو ته خير ٿيندو. چيچ ۽ شاهد آڱر جنهن جي هٿ جي پٺ کان مڙي اچي گڏجي، اها ٻٽائي آڱر پيٽ تان ابتي سبتي ست ڀيرا گهمائجي ست لولا پچائي مٿان ڪچي سٽ جا ڌاڳا ويڙهي جي پيٽ مٿان ست ابتا سبتا ڦيرا ڏئي، باهه ۾ وجهن. جي ڌاڳا سڙي ويا ته چئبو بد نظر ڪانهي، جي نه سڙيا ته پوءِ پڪ نظر آهي.

ننڍڙن ٻارن جي پيٽ جي سور جا سـَـنوڻ:

ٻار جو پيٽ لوڻ سان چٽين. ڪنهن ٽه واٽي تي تيل رکي ڇڏين. جڏهن انهي ٽه واٽي تان ٽنهي پاس کان واٽهڙو لنگهي وڃن، تڏهن اهو تيل کڻي وڃي ٻار جو پيٽ آڍائين.

موهيڙن جا سنوڻ:

نيرانو پيشاب ڪري ان ۾ ٿڪ وجهجي ته ڇڏي ويندا. ماني کائي هٿ ڌوئڻ کان سواءِ، منهن تي هٿ ڦيريو ته موهيڙا ڇڏي ويندا.

ڀنواٽي يا مغز جي ڦيري جا سـَـنوڻ:

هيءَ بيماري مغز جي ڪمزوريءَ ڪري ٿيندي آهي. چون ته: مئل ٻار جي مٿان جيڪو ٻيو جيئرو ٻار ڄمندو، تنهن کي ضرور ٿيندي. ان لاءِ تيل گهوري سائي ٻوٽي تي هارين. ڪڪڙ گهوري جيئرو ئي کڏ کوٽي پوري ڇڏين. ماني گهڙي، ڪچي ئي ڪچي بيمار هٿان ٽه واٽي تي رکائين ۽ چون ته ”بيماري واٽ وٺي ويندي رهندي“.

سائي يا يرقان جا سـَـنوڻ:

هي بيماري گهڻي بخار يا هيڻائي سببان ٿيندي آهي بيمار ڳرندو ويندو، اکيون پپ ٿي ويندس ۽ پيشاب جو رنگ به ڪچيءَ هيڊ جهڙو ٿيندوآهي. اڪ جون ڦلڙيون يا چوٽيون ڌاڳي ۾ پوئي هار ڪري ڳچيءَ ۾ پائين. ڪن مٿان ٽڪو ڏياري رت ڪڍائين. واهي جون پاڙون ڳريون ڳريون ڪري، پڙهائي ڪنڍلي بنائي ڳچيءَ ۾ وجهن. جوئر جي اٽي جو سيو يا ماني پچارائي صبح ۽ شام کارائين. ڪي وري جوئر جي اٽي جو روٽلو ڪر ۾ وجهي، هيٺان مٿان ٽانڊا رکي پچارائي ڇنڊي ڦوڪي کائين. صبح ۽ شام جهاڙ وجهارائين. ڀڳڙا پڙهائي کارائين. زنانا اوڍڻ وارا ڪپڙا پڙهائي مريض کي پارائين. هن جو پيشاب ٺڪر جي لوٽي ۾ وجهي، ٻڪرين جي ڦولهڙين جي دونهيءَ تي گرم ڪرڻ لاءِ رکي ڇڏين. جيستائين بيماري ڇڏي، تيستائين دونهيءَ ۾ ڦولهڙيون وجهندا رهن. سائي واري ماڻهوءَ کي ٽه - واٽي تي اوڪڙو گهنڊالو ڪري ويهاري، اُڀن گوڏن تي تيل جو ٿانءُ رکي، کپ يا سائي نم جا ٽارا تيل مان گهمائين. ٽي آچر ائين ڪن.

ويلڙو پوڻ جا سـَـنوڻ:

هن کي سد ڪاڪ، سد پاڪ يا سڏڪار چون. سڻڀي ٿانءَ ۾ پاڻي پيئڻ، سڻڀي شيءِ کائي مٿان پاڻي پئبو ته ٿيندو، يا گوشت مٿان کير کائبو، کير مٿان پاڻي پـِـئبو، اُس مان ڊوڙي ڊوڙي اچي پاڻي  پـئبو، ته به ٿي پوندو. هن کان پيٽ ۾ سور، پيچش، وٽ ۽ اوت ٿي پوندي، خالي پيٽ مان آت ۽ اوڪارا ۽ اُٻڙڪا پيا ايندا آهن.

ويلڙي جا سـَـنوڻ:

هن جو سـَـنوڻ هن نموني ڪن: ڪي بيمار کي ويهاري ڦلهير مان ٻنهي هٿن جا آڱوٺا ڏسڻيون ۽ وچيون آڱريون ڀري، پهرين نراڙ جي ٻنهي پاسي لوڻن وٽ زور ڏين، پوءِ نڪ جي ٻنهي پاسن، ۽ ٻنهي ڳلن، ڪن جي پاپڙين، ڪلهن، گوڏن تي هٿ رکي زور ڏيئي چون سڏڪار ڀڃان! اڳلو چوندو ته ”ڀڃ.“ ائين پنج ڀيرا ڪري، مريض کي اٿاري پٺيرو بيهاري پاڻيءَ جو ڇنڊو هڻن يا ڦلهيار تي سبتو هٿ رکي مريض جي پيٽ تي گهمائين ۽ دُن وٽ چپٽيءَ سان مهٽ ڏين. ڪي زالون زناني پادر جي پٺ تي آڱر سان گول چڪرو يا منڌيئڙو يا آرپار ليڪا ڪڍي، اهو نشان وارو پاسو نرڙ، ڪلهن، ٻانهن، پيٽ، پٺيءَ، ٽنگن جي پنين، پيرن ۽ هٿن جي ترين تي زور ڏيئي گهٽي چون ته ”ايلڙو ويلڙو ڀڃان؟“ اڳلو چوندو ته ”ڀلي ڀڃ.“ ائين ٽي ڀيرا پادر عضون تي گهنديون آهن. پڇاڙيءَ جو منهن تي پاڻيءَ جو ڇنڊو هڻي، ڪملو پڙهائي چوندس هاڻ ٻاهر نڪري وڃي ڪنهن ڪـُـتي جو منهن ڏس.

باهه ۾ ٽڦڻي يا چمٽو ڪوسو ڪري، پاڻيءَ جي ٿانءَ ۾ اهو وجهي ٺاري ان کي ”پاڻي ڏنڀي پيارڻ“ چون پيارين. ڪي ٻريل ڪاٺي اُماڙي پاڻي ۾ ٺاري، اهو پاڻي پيارين. تئي يا دانگيءَ تان آڱريون ڀري سڀني سنڌن تي زور ڏين، ڪي وري لوڻ ۽ ڇار سان اهو زور سنڌن کي ڏين.

مٿي جي سـُـور يا سج آوتي جي سـُـور جا سـَـنوڻ:

هن کي ”سج اوڀارو“ سور پڻ چـَـون. هي گهڻو ڪري سڄي مٿي ۾ سور هوندو آهي. هن جي لاءِ ڪنجهي جي ٻنگاري يا ٿالهي ۾ پاڻي وجهي، اُن ۾ جوئر جا داڻا وجهي، سـُـور واري کي ان پاڻيءَ ۾ سج ڏيکارين ۽ هيءَ ڪوَت ڪن:

سج سورج تون، مٿي جو سور لاهه تون،

ٻنيون گهرن ٻج، هاري کيڙين هر، مون سين رضا توسين قضا!

بيمار کي سج جي سامهون بيهاري، منهن کي پرڻ آڏو ڏيئي ڇنڊا هڻندا آهن ۽ چوندا:

سج اوڀارا! هڻ سـُـور کي ٻهارا.

سج اُڀرڻ کان اڳ ان جا داڻا کڻي کوهه ۾ نهاري، مريض پنهنجي اولڙي کي اهي داڻا چتائي هڻي ۽ چوي: ”سورَ اچئي ٿو.“

اڌ رات کان پوءِ ڪنهن کان سجاتي جو سڳو وٽائي ٻڌن، پاڻي جو ٿالهه ڀري ان ۾ سج جو عڪس يا اولڙو ڏسي، ان کي چٻارا ڏين. سج اڀرڻ کان اڳ اڀرندي مهڙ ڪري ماٺ ڪري بيهجي، جيستائين سج اُڀري.

مٿي وڌي پوڻ جا سـَـنوڻ:

جڏهن مٿي ۾ سور گهڻو وقت هلندو آهي، ته چون مٿو وڌي پيو آهي. پوءِ پير اُڀو جهلي ان جي چوڌاري سڳو ڦيرائي، ان سڳي سان بيمار جو مٿو ماپين، ڪي ڪاري ڏاس جي رسيءَ سان پير ڪڇي، اوتري رسي ٻيڻو ڪري پوءِ ان سان مٿو ڪڇين، جي ڌاڳو يا رسو مٿي جي چوڌاري پورو ٿي آيو ته خير ۽ جي کٽو ته چون مٿو وڌي پيو آهي. ان جو سـَـنوڻ ڪرايو. پوءِ اهو هن طرح ڪن. بيمار کي ٽه - واٽي تي ويهاري، ڏاس جو ڪارو رسو مٿي کي چوڌاري ڊرٿر ڦيرائي، پوءِ ان کي ڏوئيءَ سان آڪيڙو چاڙهي چون: ”سور ڀڃان؟ يا مٿو کـُـٽائي پورو ڪريان؟“ اڳلو چوندو ته ”ڀڃ يا پورو ڪر“. هن کي ڪي ماڻهولوطي سـُـور به چون، کٻيءَ اک کان ڪياڙيءَ تائين اڌ مٿي ۾ اهو سـُـور هوندو آهي.

 

ڇاپا ڪي يا شفقي جا سـَـنوڻ:

هن بيماريءَ ڪري سڄو بت ڊٻڙ ڊٻڙ يعني شام جي آسماني شفق وانگي ٿي پوندوآهي. جنهن ۾ خارش هوندي آهي. ان لاءِ ڇاپاڪو پکي ماري، ان جو رت بدن کي مکين(1) يا جنهن اهو پکي ماريو هوندو، ان جا هٿ ڌئارائي مريض جي بدن کي اهو پاڻي مکين يا پيارين. يا اُن جا هٿ تيل ۾ مهٽرائي، اهو تيل بدن تي مالش ڪن، ۽ کٿي ۾ ويڙهي ويهارين. ڪي وري ڇاپاڪي پکيءَ جو رت پاڻيءَ سان ملائي، ان سان بيمار کي وهنجارين.

سرڻي ٿيڻ جا سنوڻ:

هي بيماري رت جي خرابي ڪري ٿيندي آهي. اوچتو منهن يا چپ سـُـڄي ٿوٿرجي پوندا آهن. هن جي لاءِ، سرهي سر يا ڪنڍي ڳچي ۾ پائين. تيل ۽ لوڻ گڏي بدن کي مالش ڪن، نارنگين جي کلن جو پاڻي جسم تي گهي مکين. ڪابه سرهاڻ گهوٽي، سفوف تيار ڪري، منهن تي ليپ ڪن. ڪپور(ڪافور) ڪچرين جو هار ڳچيءَ ۾ ٻڌن. نازبوءِ جا پن مهٽي منهن تي ملين. عطر يا ٻي خوشبوءِ پڻ مکين.

ڏاٺ جي سـُـور جا سنوڻ:

ڏاٺ مان ڪينئان ڪڍائين. مـُـلن کان تائيٿ (تعويز) لکائي ان کي ٿنڀ ۾ ڪوڪي سان ٺوڪي چون ”سور ڀڃان؟“ اڳلو چوي ”ڀڃ“. اهڙيءَ طرح ست ڌڪ يا مترڪا هڻي ڪوڪو ٿنڀ ۾ قابو ڪن.

کونگهرن يا گوگهرن هڻڻ جا سنوڻ:

        انهي ماڻهوءَ جي جتيءَ جو هڪڙو پادر، سندس ننڊ ۾ هئڻ تي کڻي، وهاڻي هيٺان اونڌو ڪري رکن. ٽه واٽي جي مٽي کڻي ستي ئي سندس مٿي ۾ وجهن.

سيئو تپ يا مليريا جي بخار جا سنوڻ:

هن لاءِ کنڊُ ٽانڊن ۾ وجهي، ان جو واس ڏين. هاٿي جي لڏ، ٽانڊن تي رکي ان جو واس ڏين، اهو واس اهڙيءَ طرح ڏين، جيئن تپ واري کي خبر نه پوي، مليريا وارو جي هنڌ ڇڏي پيشاب يا ڪاڪوس لاءِ ٻاهر نڪري ته ان جي هنڌ تي ڏاس جي کرڙي وجهي، مٿان ٻهارو رکي ڇڏين. ڪڙي تيل کي ٽاندن تي هاري، ان جو واس ڏين. تپ واري جي سيرانديءَ سندس جتيءَ جو پادر اونڌو ڪري رکن ۽ پيرانديءَ کان ٻهارو.

روز شام جو ايندڙ تپ جا سنوڻ:

تپ واري جو پاڇولو ڏنڀين، ڇا ڪن جو موئڙو ٺاهي، ان کي دُکائي تپيل کي سج ڏي منهن ڪري بيهارين ۽ ان جي ٽنگن وچان سڄي پاڇولي تي اهو ٻرندڙ موئڙو گهمائين.

رات جي ايندڙ تپ جا سنوڻ:

هن کي چور تپ چون. ان جي لاءِ چور کان ڌاڳو وٽائي ٻڌن. گگهه پکي رات جو آواز ڪري ته ڌاڳو کڻي انکي ڳنڍيون ڏيڻ شروع ڪن، جيستائين ٻولي ٻولي ماٺ ڪري تيستائين ڳنڍيون ڏين، جڏهن ست ڳنڍيون ٿين، ته اهو سڳو سندس ڳچي ۾ پائين.

منجهند کان وٺي ٻي ڏينهن تائين هلندڙ تپ جا سنوڻ:

هي تپ روزانو شام جو پاڻمرادو گهٽجي ويندو آهي، پوءِ سانجهيءَ کان صبح تائين ڏاڍو زور رکندو آهي. مٽيءَ جو اُٺ ٺاهي، ان تي ٻن ماڻهن جا مٽيءَ جا ٻه پتلا ويهاري، ڳوٺ کان ٻاهر سڏ پنڌ تي ڇڏي اچن، موٽڻ مهل چون ته ”فلاڻي جي تپ کي جهلجانءِ“.

ڪنهن واهه تي ٻنپهرن جو وڃي گهٽ ۾ گهٽ پنج ڀيرا، وڌ ۾ وڌ نوَ ڀيرا، ٽپ ڏيئي ٽٻيون ڏيارين. تپ واري کي ڊوڙون پارائين. ٻارن کي چون ته هن جي پاڇي کي لڪڻن سان سٽيو. تپ واري کي اوچتو ڇرڪ ڏيارين. تائيٿ (تعويز) لکرائي نرڙ تي چمبڙائي ڇڏين.

ٻيئڙ تپ جا سـَـنوڻ:

جيڪو تپ هڪ ڏينهن ڇڏي، ٻي ڏينهن تي اچي، تنهن کي ٻيئڙ تپ، ٻه - ڌڙو يا واري جو تپ چون. انهيءَ جي لاءِ مڃ جي نوڙي پاڻيءَ ۾ پـُـسائي، ڪنهن سائي وڻ سان ٻڌي چون ته فلاڻي جي بخار کي جهلجانءِ. مڃ جي نوڙي ڪرڙ جي ڪاٺيءَ تي پڙهي پڙهي تپ کي ٻڌي ڇڏين. ٻن نڪاحن واري زال يا مرد کان سڳو وٽائي ٻڌن. تپ وارو پنهنجي پاڇي کي ڀونڊا ڏي. جيڪو وڻ پيل هجي يعني کپ ٿيل هجيس، ان جو ڇوڏو لاهي ڳچيءَ ۾ ٻڌن. جتي ٻه جدا جدا قسم جا وڻ، مثال کٻڙ ڪنڊو يا ڪرڙ ۽ کٻڙ هڪٻئي سان وَڪڙ هڻي جڪڙجي پيدا ٿيا هجن، انهن ٻنهي جا ڇوڏا سڳي سان ٻڌي ڳچيءَ ۾ پائين. مسجد جي ڀت جي ڦوڙ يعني درز، گاري سان لنبارائين. پپر جي وڻ کي ڀاڪر پارائين، ۽ چون ته هن جي مهمان کي جهلجان”. دانگي يا تئي تان بجو ڀري تپ واري کي ننڊ ۾ منهن تي مکين، ننڍ مان اُٿڻ تي آهري يا آرسي سامهون جهلي ڏيکارينس. ٻڪريءَ جا ٻه جاڙا ڦرَ هٿ ڪري انهن جا ٿورا وار ڪتري، انهن جو سڳو بنائي ڳچيءَ ۾ وجهن. تپ وارو ننڊ مان اٿي ته ڀونڊو ڏينس. بخار واري جو مائٽ، پـُـٺيءَ پويان ڍڪڻ جهلي پاڙي ۾ گهر گهر چوندو ڦرندو ته ”آءٌ ڪونه ٿو، پنان پر فلاڻي جو بخار ٿو پني، ڪجهه ڏيوس“. پوءِ ڪي انهيءَ ڍڪڻ ۾ ٽانڊا، اُماڙيون يا اڱر وجهندس. جنهن کٽ تي بيمار ستل هجي، ان جي واڏڻ يا تانگهه ۾ ڪلف بند ڪري هڻي ڇڏين. تپ واري جي بستري ۾ مـُـهري ليٽائي چون ته اسين وڃون ٿا ٻاهر شاديءَ تي، تون مهمان کي جهلجئين. ڪي وري ٻن گڏيل وڻن جون ڪاٺيون نڪ جي ڊيگهه جيتريون ڀڃي، ڪڇي سٽ سان وراڪي ڪنڌ ۾ پائين. رات جو ٻه ڀتر آڻي سيرانديءَکان رکي سمهي پون. اَسر جو ماٺ ميٺ ۾ ٻاهر نڪري پرڀرو وڃي ٻه ڍڳيون مٽي جون ٺاهي، انهن جي وچ مان لنگهي ۽ ڀتر ٻئي جهنگ ۾ اڇلي، وري انهن ڍڳڙين جي وچ مان لنگهي اچي سمهي پون. بخار وارو پاڻ، چپ چاپ سج لٿي مهل ڪجهه اَن جا داڻا ۽ پاڻيءَ جي دلي کڻي، جتي کپ جو ٻوڙو بيٺل هجي، ان جي ڀرسان داڻا رکي، مٿان پاڻي نائي، ان کپ جون ٽي لامون يا تڳيون هٿ ۾ جهلي، جيئن زالون چوٽي ڳـُـتينديون آهن، تيئن ڳـُـنڌي، موٽي اچي. شام جو مٽيءَ جي ماني پچائي، ان ۾ ٻٻر جا ست ڪنڊا ٽنبي، لوٽو پاڻيءَ جو ڀري، ماٺ ميٺ ۾ ڪنهن اڪ جي پاڙ ۾ رکي، پاڻي مٿان وجهي هليو اچي. ڪي ٻه ماڻهو اُٺ تي ٻيلهه چڙهيل هجن، ته انهن کان بخار واري جي لاءِ، کائڻ جو ڏَس پڇجي. انهن مان هڪڙو جيڪي چوي اها شيءِ کارائجي.

ڪي ٽوٽڪائي ٻئيڙ تپ جي رات جو ڪهاڻي ڪندا آهن، تپ وارو رات جو انڌاريءَ ۾ هڪ خالي سانداري ۽ ٻي مـُـهري کڻي اُن ڀوپي وٽ پهچندو. پوءِ اهو ڪهاوت وارو هڪ هٿ ۾ سانداري ۽ ٻئي هٿ سان اَن جي مٺ ڀريندو، ڀر ۾ مهري رکندو. تپ واري کي پرڀرو پٺيرو ڪري ويهاري آکاڻي شروع ڪندو. بيمار ويٺو ٻڌندو. آکاڻي پوري ٿيڻ تي، اهي داڻا سانداري ۾ وجهي، ڀوپو سانداريءَ جو منهن سڳي سان ٻڌي ڇڏيندو. تپيل گهر هليو ايندو، پٺيان نه نهاريندو. سامان ٿيو ڀوپي جو. ٻه - جويي مرد جي پٽڪي جي ريڙ ڦاڙائي، بيمار کي ڳچي ۾ وجهن. وڻ جنهن جي ٽاريءَ تي گگهه (چٻرو) ويٺل هجي، ان جي ٻنهي پيرن جي وچ واروڪاٺيءَ جو ٽڪر ڪپي، ڌاڳي ۾ ٻڌي، ڪنڌ ۾ پارائين.

ٽيئڙ تپ جا سـَـنوڻ:

اهو تپ، جو ٻه ڏينهن ڇڏي، ٽئين ڏينهن اچي. تنهن کي ٽه - ڌَڙو تپ به چون. هن لاءِ ٽي ٻڪري جا ڦرَ ٽيڙوان ڄاول هٿ ڪري انهن جا وار ڪتري انهن جو سڳو وٽائي ڳچيءَ ۾ وجهن، ٽه - نڪاحي مرد يا عورت کان سڳو وٽائي ٻڌن. صبح جو ٽه - واٽي تي ٽي مانيون پچائي وڃي رکن. تپ وارو پاڻ پنهنجي پاڇي کي ٽي لڪڻ هڻي. تپ واري کي دانگيءَ جي ڪاراٺ جا ٽي ليڪا ساڄي ڳل تي ۽ ٽي کاٻي ڳل تي ڪڍن ۽ آرسي ڏيکارين. ٽي ڍڳڙيون مٽيءَ جون ٺاهي، انهن کي ٽي - ٽي پادر هڻن. ڪي به ٽي ماڻهو ڪنهن وهٽ تي ٽيل چڙهيل ڏسن، ته انهن کان بخار واري لاءِ کاڌي کائڻ جو ڏَس پڇن. پوءِ جيڪو اهو ڏسي سو تيار ڪرائي کارائين، جي ڪو اڻ سهندو ڏس هجي، ته اَٽي مان اها شيءِ ٺاهي استعمال ڪرائين. تپ واري کي هدايت ڪن ته ڪٿي به ٻه ڄڻا ماني کائيندا ڏسين، ته بنان صلاح جي انهن سان جنبي وڃج ۽ انهن جي کائي اُٿڻ کان اڳ هٿ ڪڍي هليو وڃج. ڪي به ٽي وڻ وڪوڙيل گڏ بيٺل هجن، ته جنهن ڏينهن تپ جو وارو هجي، ان رات جو اَسر مهل چپ چاپ ڪچي سٽ جو ڌاڳو کڻي وڃي انهن ٽنهي وڻن جون سنهڙيون ڦانگون ڀڃي ڌاڳي ۾ ويڙهي ڳچي ۾ وجهي، موٽي اچي سمهي پوي. ٽن گهرن ۾ ساڳئي وقت ٽي دانگيون چڙهيل هجن ته ماٺ ميٺ ۾ اٽو ڳوهي ماني گهڙي، هڪڙو پاسو هڪڙي گهر ۾ پچائي، اٿلائي ٻيو پاسو ٻئي گهر ۾ پچائي، باقي ماني ٽي گهر ۾ پچائي، پوءِ پنهنجي گهر ۾ اچي جام گيهه وجهي چوري مهٽي کائي. سهي جي ٽن سالن جي ستن پراڻين ڦولهڙين کي ٺڪر ۾ ساڙي انهيءَ جي ڇار جا ست وزن ڪري ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا ڦڪي. ڳئون جو ٽن سالن جو پراڻو ڇيڻو پڻ ڪنهن ٿانءَ ۾ رکي ساڙي، ان جي رک سان ڳڙ ملائي گوريون ٺاهي صبح، ٻپهر ۽ شام جو وزن وٺي.

اولڙي جا سنوڻ:

هن لاءِ چون ته جي آرسي سج کي ڏيکاربي ۽ اهو آرسيءَ وارو سج جو دَئو ڪنهن ننڍڙي ٻار تي پيو يا پاڻيءَ جي پاٽ يا ٿالهه واري پاڻي جو اولڙو ڪنهن ٻار تي پيو ته ان کير پياڪ ٻار کي الٽيون، بخار ۽ دست ٿي پوندا. پوءِ ان کي اولڙي جو هٿ هڻائين. ڇاڪن جو هڪ مائي جنهن کي ڏاهي يا ڦوڪاري واري به ڪوٺين. اها ست اَڱر کڻي، اَن ڀرڻ جي چوٿائي جي پٺ يا زناني جتي جي پادر جي پٺ تي هڪ اَڱر سان منڌيئڙي جو نشان ڪري، اهو نشان ٻار جي ڳل ۽ نراڙ تي زور ڏيئي چٽيندي ۽ چوندي ته ”اولڙو ويلڙو ڀڃان؟“ ٻار جو مائٽ پيو چوندو ته ”ڀڃ“. وري ٻيو اڱار کڻي نشان ڪري. ٻانهن، ٺونٺن، ڪراين ۽ آڱرين تي هڻندي، ٽي اڱار جو نشان ڪنڌ جا ٻئي پاسا، چيلهه ۽ پٺن تي ڇهندي. چوٿين اڱر سان، سينو، هنيو ۽ پيٽ ٿڦيندي. پنجين سان ساڄي سٿر، پني ۽ پير جي تري، ڇهين اڱار جي نشان ۾ کاٻي سٿر پني ۽ پير جي تري سڃيندي ۽ ستون سـَـنوڻ ڪـُـکن ۽ بغلن سان ڪندي. هيءُ سـَـنوڻ صبح، منجهند ۽ شام تائين ٻه - ٻه ڀيرا ڪيو ويندو آهي. سـَـنوڻ ختم ٿيڻ تي چوندس ته ڪـُـتي جو منهن وڃي ڏس ته اولڙو ويلڙو وڃي ڪـُـتي تي ڪرندو.

سـَـٽَ پوڻ جا سـَـنوڻ:

هيءَ بيماري ننڍڙن ٻارن کي يڪدم ٿي پوندي آهي. ٻار کٽ يا منجي تان اُٿلي ڪري پيو يا کڻندڙ کان ٻالڪ ڇڏائي وڃي هيٺ ڪرنگهي يا تارونءَ ڀر ڪريو، ته پٺيءَ جو ڪنڊو جهڪ هڻي ويندس. هن کي سڪ سٽ چون. ان درد کان ٻار نجهرندو ۽ ضعيف ٿيندو ويندو. پاڻيءَ وارا دست تمام گهڻا ۽ بدبودار ٿي پوندس ۽ ساڻو ٿيو پيو هوندو. هن جي لاءِ ٻار کي تيل سان آڍين. اونڌو سمهاري ريڙهه جي هڏيءَ کي آڱوٺي جي تل سان مٿي کڻن ۽ پٺيءَ جو ڪنڊوآڍي مٿي کڻن. ٻانهن جي بـُـڪن ۽ ٽنگن جي پنين کي هلڪڙو زور ڏيئي ٻڌي ڇڏين. وڏيرڙي ٻار کي اُٺ جو ليڏوڻو ٻڌن. جي ٻار جي ڌڪ ۾ ڪاڪڙو لهي پوي ته ڦودنو، ڦوٽا لڙهي ان جو ڦوڪارو ڏين ۽ نڪ ۽ ڪنن ۽ وات ۾ اهو ڦوڪ سان کڻائين. ڪي آڱر وات ۾ وجهي ڪاڪڙي کي مٿي کڻي وٺن.

ڏندڻ پوڻ جا سنوڻ:

گهڻي ڏک يا درد کان ماڻهوءَ جون ڄاڙيون هڪٻئي سان چنبڙي وينديون آهن. انهن کي “ڏندڻ پوڻ” چون. ان لاءِ سرميداڻيءَ واري سرائي ڏندن جي وچ ۾ وجهي، ٻئي ڄاڙيون هڪٻئي کان جدا ڪن. نيري اڳڙي دکائي مريض جي نراڙ تي ڏنڀ ڏين، ڪي ڪياڙيءَ وٽ ڏنڀ ڏين. هٿن پيرن جي ترين کي سڪي هٿن سان يا تيل سان مالش ڪن.

بخار لوءَ يا جهولو لڳڻ جا سنوڻ:

اونهاري ۾ ڪاڙهي تتي پنڌ ڪرڻ ڪري يا گرمي مان اچي يڪدم ٿڌو پاڻي پيئڻ ڪري، ننڊ مان اُٿي ٿڌو پاڻي پيئڻ ڪري جهولي جي جهڙپ لڳي ويندي آهي. جنهن ۾ بخار، مٿي جو سور ۽ تاس ٿي پوندي، پيٽ ۾ جاءِ نه هوندي به پاڻي پي پي ماڻهوءَ جو پيٽ پيو ڦاٽندو آهي. ته اُڃ نه لهندي آهي يا آلو ڪپڙو مٿان وجهي اُس ۾ ملبوآهي ته ”اوسو“ ٿي پوندو آهي يعني بدن ڏاڍو گرم ٿي ويندوآهي، خشڪي وڌندي ويندي آهي. ان لاءِ ميٽ ۾ بصر ملائي وهنجارين يا بصر وارو ميٽ بدن کي مکي ڪلاڪ اڌ ترسڻ کان پوءِ بدن ڌوئي ڇڏين. ڪي بصر سان انبڙيون به ذرا ذرا ڪري ملائين.

ڪڇوراڙي نڪرڻ بابت سـَـنوڻ:

چون ته جيڪو ڏيڏري ماريندو، تنهن کي ڪڇوراڙي يعني ڪڇ/بغل ۾ ڳوڙهي ٿي پوندي ۽ سخت سور پئي ڪندي. ان لاءِ ڪنڙو ۽ سنڌي تماڪ گهوٽي لپڙي ڪري ٻڌن. ڪڇ کي ٿـُـڪ مکي ڪوريئڙي جو ڄارو ٿڦي ڇڏين. ڏيڏري جهلي ڳوڙهي تي ٻڌن. جڏهن اها اتي مٽي ته پوءِ ڇوڙي ڇڏين. ڪاريهر نانگ جي کل، ٿـُـڪ مکي چنبڙائين. گـُـگر گهوٽي صابڻ جي گجيءَ سان ملائي ڪپهه جو ٻڙو ڀري ڪڇ تي ٻڌن.

بتَ، ڊوههَ يا جادو ڪڍائڻ جا سنوڻ:

ڪي ٺوڳي ماڻهو چالاڪي ڪري، ڪنهن سودائيءَ کان رقم ڦرڻ جي لاءِ، اڳواٽ مانهه جي اٽي جو بوتو بنائي، ان کي سيون هڻي، ڳاڙهي اڳڙيءَ ۾ ويڙهي ڪنهن قبرستان ۾ پوري ڇڏيندا آهن. پورڻ کان اڳ ان ماڻهوءَ جو نالو ڳاڙهي ڪپڙي تي لکي، جنازي نماز پڙهي، پوءِ بوتو پوريندا. پوءِ اهي جادوگر يا ڀوپا، انهيءَ ماڻهو کي ڏاڍي حرفت سان خبر ڏيندا ته ”اسان کي آشارن مان معلوم ٿيو آهي ته فلاڻي ماڻهوءَ تنهنجو بتُ وجهارايو آهي، ان جو ڪو بلو ڪراءِ نه ته مفت ڳري مري ويندين!“

ڳالهه ونئون سئون - پر ٿورن گهڻن ڏينهن کان پوءِ سودائي يا سڃيل ماڻهوءَ جو سک ڦٽي پوندو، پاڻئون واڻئون پيو ٻاڦيندو ته ”مونکي بدن ۾ سيون پيون چڀن ۽ هٿن پيرن ۾ باهه پئي ٻري!” نيٺ انهن ڀوپن کي پئسا ڏيئي ڊُوهه ڪڍرائيندو، پوءِ اهي ٺوڳي جتي بوتو پوريو هوندائون اتي وٺي ويندس. اُن جي روبرو ساوا ليمان اڇلي ٻه - ٽي جايون کوٽي نيٺ نشامبر جاءِ کوٽائي بوتو ڪڍندا، اُن مان سيون ڪڍي کير ۾ وجهندا، پوءِ اهو سڀ ڪچرو ڪنهن تلاءَ يا وهندڙ پاڻي ۾ اڇلي ڇڏيندا. اهو ڏسي اڳلي جي هورا کورا يا وهم لهي ويندو. چون ته مڇي جا ڇلر اورانگهبا ته به ڪامڻ پوندا.

فال وجهڻ:

ڪوبه بيمار يا سودائي طبيعت وارو وهمي ماڻهو، جو پاڻ کي سدائين بيمار پيو چوائيندو. تنهن کي ملن وٽ وٺي ويندا. اهو فال وجهي چوندو ته هن جي سر تي ڳري هئي، پر الله مٿس مهرباني ڪئي جو سويل ئي مون وٽ پهچي ويئو. تائيٿ (تعويز) لکي ٿو ڏيان، سو چانديءَ ۾ مڙهائي ڳچيءَ ۾ ٻڌوس، ڇيلو يا ڪڪڙ مٿانئس گهوري ڏکڻ طرف جهنگ ۾ (جتي اڳ ئي ڪو ماڻهو لڪو ويٺو هوندو) سائي وڻ هيٺان ڇڏجو، پٺيان نه نهارجو، اصل ڇڏي مٺيون ڀيڙي وٺي ڀڄجو! وڌيڪ چوندن ته ٽي پاٽيون يڪ رنگو اناج ڪنهن غريب کي ڏجو.

لڳت ۽ حساب جي بيماريءَ جا سنوڻ:

ڪن بيمارين لاءِ چون ته ”هن کي جن يا جنڙي ٿي پئي آهي. انهيءَ جي لاءِ ميانوال فقير، جن کي ڍيرائي فقير يا سرندائي فقير به چون، تن کي گهرايو. ڇو ته انهن کي جنن ڪڍڻ جو هذن، هدو يا اُذن مليل آهي.“

فقيرن جو ڍونگ:

اهڙو لڳت جو حساب گهڻو ڪري زالن کي ٿيندو آهي. اتفاقي ڪو مرد هوندو آهي، جنهن کي وري جنڙي جو جهٻٽيل چوندا آهن. فقير اچڻ سان پاڻ جهولڻ شروع ڪندو معلوم ڪندو ته هن کي ڪهڙو جن جو قسم آهي؟ پوءِ حڪم ڪندو ته هن کي جن جو واسو آهي، شادمانو ڪريو، شاهه گودڙئي تي، غازي شاهه تي، لطيف تي، قلندر شهباز تي، لڪيءَ جي شاهه صدر تي وٺي وڃوس، اتان ڇوٽڪارو ٿيندو. جن چوي ٿو ڪاڙهي تتي جو اسان جي آستان تي اچي، اسانجو سک ڦٽايو هئائين، يا اسان جن ٻچن کي لتاڙيو اٿس وغيره. پوءِ ماڻهو منٿائو ٿيندا ته فقير توهان کي خدا هٿ جس ڏنوآهي توهان ئي هن غريب جي انهيءَ بلا مان جند ڇڏايو.

جنن ڪڍڻ جو کريب:

عورت کي ويڙهي ويهاريندا. سرندن تي لهرو پيو وڄندو. فقير ان جي چوڌاري گول ليڪوڪڍندو ۽ پڙهڻ شروع ڪندو، عورت تي کٿي جو پلاند پيو ڇنڊيندو، اوچتو اوچتو رکي رکي چوندو ”هيءُ بادشاهه پير جو ليڪو آهي. ان جي مهابي هن کي ڇڏي ڏي.“ وري پڙهي پڙهي چوندو ”جن هجين ڀوت هجين يا ڪو ٻيو مرض هجين، الله جو سونهن اٿئي، پنجتنن جي ڊوهي اٿئي، چئن جو اسم اٿئي، هن کي ڇڏي وڃ“. (لهرو تکي لئي سان زور سان وڄڻ لڳندو) تون رحم جو گهر آهين، هن اسان جي چيليءَ يا ٻالڪيءَ تي رحم ڪـَـرَ، هن کي ڇڏي ڏي ۽ جي چيائين ته نه ڇڏيندس، ته ميانوال فقير ان عورت کي چوٽيءَ کان جهليندو [جيڪا لهري جي آواز تي ڀنڀا پکيڙي پئي جهولندي] ۽ ليڪي ڪڍڻ واري لٺ سان پٺن، ڇاتي، دُڏن، ٻنڊڻن تي ڪشي ڌڪ واهيندس، پوءِ هن جو جن روئڻ ۽ زاريون ڪرڻ لڳندو. ڏاڍي مار ڏيڻ کان پوءِ وري ميانوال پڇندس: ٻڌاءِ ڪٿان جو فقير (جن) آهين؟ جواب: قلندر جي دونهيءَ جو. هن کي ڇو ورتو اٿئي؟ جواب هن منهنجا ٻچا لتاڙيا هئا. يا هن جو مڙس هن کي ماريندو هو، هوءَ مون کي ننڍي هوندي کان وڻندي هئي، تڏهن مون منجهس واسو ڪيو، هاڻ هن کي ڇڏين ٿو يا نه؟ “بس هاڻ هليو ويندس، فقط چوڏهينءَ چنڊ تي ڀيرو ڪريو ويندس. ۽ ميانوال: نه نه، توکي هميشه لاءِ ڇڏي وڃڻو پوندو. ڇا خيال آهي؟ نه ته آءٌ وري ٿو لٺ کڻان؟ جن: دستگير وچان ضامن آهي يا شاهه پنجو وچان ضامن ڏيان ٿو، قلندر جو قسم کڻان ٿو، وڃان ٿو، هاڻ مون کي مار نه ڏي. چڱو ڏي بادشاهه پير جو هٿ. هائو اجهو وٺ! پر مونکي پيالو پياريو ته هليو وڃان، ميانوال: ڪهڙو پيالو پيئندين؟ ڪڙو پيالو پيئندين يا خاڪي پيالو؟ آءٌ ڪڙو پيالو پيئندس (خاڪي پيالي ۾ ڇار وجهي پاڻي جو ڀري ڏين). ڪڙي پيالي ۾ مرچ ڳاڙها گهوٽي، وٽو ڀري ڏيندس جو ڏوگهي ويندو. ميانوال چوندس چڱو هاڻ پيالو پيتئه اُسر! هوَ ساعت کان پوءِ ”ڪڪڙوتو ڪڪڙوتو“، ڪڪڙ جي ٻانگ جهڙو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو. جن ٿيندو راهي.

ڇتي ڪـُـتي جي چڪ کاڌل جا سنوڻ:

ڇتي ڪتي جي کاڌل کي، پير گاديءَ واري، پير راضي خاناڻي ۽ شيخ ريحاڻ تي وٺي وڃن ۽ پاڻي شيخن کان پڙهائي پيارين. يا نيرَهه ڳوٺ (تعلقي ميهڙ) ۾ وٺي وڃي کيس ڪاٺ ۾ وجهائين.

ڪتي جي ڇتي ٿيڻ لاءِ چون ته “جي جهنگ ۾ ڪو تتر تمام، گهڻي اُڏوهي کائي مري پوندو ۽ اُن جو گوشت جيڪو گدڙ کائيندو ته اهو گدڙ ڇتو ٿي پوندو، جي ان کي ڪنهن ڪتي چڪ وڌو ته اهو ڪتو به ڇتو ٿي پوندو آهي، اهڙو ڪتو ڪنهن به جانور يا ماڻهوءَ کي چڪ هڻندو ته اهو به ڇتو ٿي پوندو. ڇتو ماڻهو، جڏهن چاق نه ٿيندو ته مٿانئس نير ٻڏل ڪپڙو وجهبو ته يڪدم مري ويندو!

رواجي ڪتي جي چڪ جو اثر گهٽائڻ جا سنوڻ:

چڪ جي جاءِ تي ست پادر هڻن، تماڪ جي کاڻ جا حقي يا چلم جي ڦل (ٽوپي) جي خاني ۾ سڙيل هوندي آهي، اها ڦٽ مٿان رکي ڦٽ ٻڌجي يا ڳاڙهو مرچ رکي ان جي مٿان ٽامي جو ٽڪو يا پئسو رکي ڇڪي ٻڌي ڇڏين.

بلا يا نانگ جو چڪ جو اثر هٽائڻ وارا سنوڻ:

حقي يا چلم جي ڪٺ چڪ واري جاءِ تي ٻڌن. آريٺا ڪٽي ڦڪائين، نم جا پن زهر معلوم ڪرڻ لاءِ کارائين.، جهاڙ وارو يا مانڊو مريض مٿان ويهارين. مريض جي جاءِ ۾ گهڻو دونهون ڪن. وڌيڪ چون ”ڏينهن واري يعني پيٽ سان ڍڪي زال جي نگاهه جي نانگ يا بلا تي پوندي ته يڪدم انڌا ٿي پوندا“ مريض مٿان نم جو ٽار گهمائين. ڪي ڪاريهر نانگ کي جن فقير ڄاڻن.

وڇونءَ يا ڀٽونءَ جي ڏنگ جو سور مٽائڻ جا سنوڻ:

وڇون ساڙي ان جي رک ڏنگ واري جاءِ تي ٻڌن. ڪيترائي وڇون جهلي، ڪڙي تيل سان گڏ شيشي ۾ وجهي ڇڏيندا آهن، جي پيا اُت سنڌبا آهن. اهو تيل ڏنگ واري جاءِ تي لڳائين. مور پکيءَ جو کنڀ، چلم يا حقي ۾ وجهي، تماڪ وانگي مٿان ٽانڊو رکي ڦوڪ ڀرائين. گدامڙيءَ جو چيچو گهي ڏنگ مٿان رکن ۽ جهاڙ وجهائين.

جهاڙ پڙهڻ وارا سنوڻ:

جهاڙ پڙهي ڏنگ واري جاءِ تي هٿڙا گهمائين. ڪپڙي تي جهاڙ پڙهي ان کي هر هر نپوڙين. پاڻيءَ تي جهاڙ پڙهي ان ماڻهوءَ کي پيارين، جهاڙ پڙهي بيٺل ماڻهوءَ کي ٺڪاءُ ڪرائين چماٽ، ته سور ڇڏيو وڃي.

ڏنگڻي جيت جي چڪ جو اثر ميسارڻ جا سنوڻ:

ٻيءَ ذات جي ماڻهوءَ کان ڏنگ تي پڪ مکائين، ڏنگ واري جاءِ تي اڳٺ گهمائين. اها جاءِ گرم ڪن ٽاڪوڙ سان.

بيمار لاءِ سـَـنوڻ:

بيمار جي اڳيان ڪنهن مري ويل جو نالو ڪونه وٺن. بيمار جي در تي رَلي ڪونه ٽنگين، ۽ چون بيمار کي پڇڻ وڃجي ته ”نه مٿو اگهاڙو ڪجي ۽ نه پٽ تي ويهجي“.

بد نظر:

        جيڪو ٻار ننڍي هوندي ڪرفتي کائيندو، تنهن جي بد نظر لڳندي آهي ۽ جنهن جي ڪاري زبان هوندي ان جي پـَـڪَ سان نظر لڳندي آهي.

نظر بد لاهڻ جا سنوڻ:

ڪنهن چڱي ڀلي ماڻهوءَ کي هلندي هلندي ڌڪ لڳو، طاقت جو ڪم ڏيکاريندي ڌڪ لڳي. سٺا يا نوان ڪپڙا پائڻ سان داغدار ٿي پيا يا ڦاٽي سڙي پيا، ڀلو اُٺ يا ڏاند هلندي يا وهندي ڪري پيو يا تکائي ڇڏي ڏنائين. ڀلي مينهن يا ڳئون کير ڏهندي لت هڻي بيهي رهي يا کير سڪائي يا گهٽائي ويئي. يا مکڻ ڏيڻ ڇڏي ڏنائين. کلندڙ ٻار اوچتو روئڻ لڳو. سٺو ڳائڻو ڳائيندي ڳائيندي گـُـهٽجي پيو يا اِذن ڀڄي پيو. ڪنهن سٺيءَ شيءِ کائيندي پيٽ ۾ سور ٿي پيو، ته اهڙين حالتن ۾ چون ته مٿس هوس(1) (حسد) يا بد نظر جو اثر آهي. ان جا سـَـنوڻ هن نموني جا ڪن. ٻارن کي سينگارڻ يا تنجڻ مهل ڪارنهن جو ليڪو يا تلوڪڙيون ڳل ۽ نراڙ تي ڪڍن. ٻارن کي ڪارا ڌاڳا يا ڪارا چوڙا ٻانهن ۾ پائين. وهٽ کي بد نظر کان بچائڻ خاطر ڪارو ڌاڳو يا ڏورو يا پراڻو پادر سوراخ ڪري ڳچيءَ ۾ ٻڌن. ان لاءِ ڪنهن ناظروءَ کان ڌاڳو وٽائين يا ڦيڻي مکائين. ڌاڳي کي ست ڳنڍيون ڏيارين. ناظروءَ جو اکيون ڌئاري ان پاڻيءَ جو ڍُڪ جهڙ پيل کي پيارين يا ڇنڊا هڻن. چؤواٽي تان مٽي آڻي ست اڱار، ست لوڻ جون ڪڻيون وجهي مريض مٿان گهوري چلهه ۾ وجهن. وڻن کي نظر کان بچائڻ لاءِ جيئن ميوي ڏيڻ ۾ گهٽتائي نه ڪن، انهن جي ڀر سان دانگي ابتي ڪري رکي ڇڏين يا ڪاٺي کوڙي ان ۾ پراڻو ڪنو اونڌو ڪري ٽنگي ڇڏين. جنهن ماڻهوءَ کي نظر لڳي هوندي، ان جي مٿان کير جو ڀريل ٿانءُ رکي، سڳا پڙهي کير جي ٿانءَ جي چوڌاري ويڙهيندا، پوءِ اهو ٿانءُ ٽانڊن تي رکندا. جي ڌاڳا نه سڙيا ته بد نظرآهي، جي سڙي ويا ته نظر ڪانهي. بدنظر جو سڳو وٽيندي يا بد نظر کڻندي جي نظر کڻندڙ يا جهڙپيل اوٻاسيون ڏنيون ته پڪ نظر لڳل آهي. نظر واري تان ڳاڙها مرچ گهوري باهه ۾ وجهن، جي مرچن سڙندي ڌپ نه ڪئي، ته پڪ نظر لڳل آهي ۽ ڌپ ڪيائون ته نظر ڪانهي. ناظروءَ جي پير جي مٽي يا رڳو ڦٽڪي  جهڙپيل تان گهوري باهه ۾ وجهن، جي ڦٽڪي ڦلجي ماڻهوءَ جي بوتي وانگر ٿي ته پڪ ئي پڪ نظر اٿس! ڪچي سٽ جو ڌاڳو ٻار يا جهڙپيل جي قد جيڏو ڪڇي، اٽو ڳوهي ان مان ماڻهو جو بوتو ٺاهي، ان تي اهو ڌاڳو ويڙهي چلهه جي ڪـِـر ۾ پوري ڇڏين، جي ڌاڳو نه سڙيو ته نظر جو اثر آهي، جي سڙي ويو ته مڙئي خير آهي. چون ته جيڪو ماڻهو ڪنهن شيءِ يا وهٽ کي چتائي ڏسي، سو پڪ ناظرو آهي. ناظروءَ کي پٺيان ڀونڊو ڏجي، ناظروءَ جي پيرن جي مٽي چلهه ۾ وجهحّي، ناظرو ستل هجي ته مٿانس جنازي نماز پڙهجي، ناظرو جي پيرن ۾ اوچتو ٽانڊا اڇلجن.

سنساري سونسا

چنڊ گرهڻ يا سج گرهڻ جا سنوڻ:

ڪن ماڻهن ۾ وِڏ يا عيب ڄائي ڄم کان ٿيندا آهن. مثلاً: لسڻ، عضون جو وڌڻ، جهڙوڪ، ڇهه آڱريون ٿيڻ، عضوا ڦڏا سڏا ٿيڻ، چپ جو چيرجي بيهڻ، هٿ رونٽڙا ٿيڻ، پير ٽنڊا، ٽنگون لولهيون، بدن پنگلو، ڪن ڪولهو يا ڪرو، اک لتل، پٺن ۾ ڪٻ ياگڪ ٿيڻ. اهي سڀ نشانيون جڏهن ٻار ماءُ جي پيٽ ۾ سر جي رهيو هوندو آهي يعني ڪچن مهينن جو هوندوآهي، تڏهن ٿينديون آهن، تنهنڪري اهڙي ڳڀوراڙي زال کي هار سينگار ڪرائي گرهڻ واري مهل گذرڻ تائين، سنئون سڌو ڪري کٽ تي سمهاري ڇڏين ۽ سندس سٿڻ جي ورَ ۾ ڪنجهي يا ڪٽ جي ڪاني يا سرائي پڻ وجهي ڇڏين، جيستائين اهو ٽاڻو ٽري وڃي ۽ ٻار جي پيءُ کي به انهي عرصي ۾ ڪو ڪم ڪار ڪرڻ ڪونه ڏين. جي هو ڪا شيءِ وڍيندو يا چيريندو ته اهڙو نشان ٻار کي بدن تي ظاهر ٿي بيهندو(1) .

گرهڻ جا نقصان:

گرهڻ جي وقت اندر، جي ٻار جي ماءُ اکيون ٻوٽيون ته ٻار انڌو ڄمندو، ڪپڙي کي ٽوپو ڏيندي ته ٻار گونگو ٿيندو، اک ٻٽيندي ته ٻار ٽيڏو يا ٻاڏو ٿيندو، جي پٽ کي ليپو ڏيندي يا گـُـنديءَ جو آڻ يا ليڙو لنبدي ته ٻالڪ جي وهڪ جي جاءِ لتل بيهندي.

ايڙها پيڙها لهڻ جا سـَـنوڻ:

چون چنڊ جهلجي (گرهڻ مان)، ڇٽندڙ هجي، ته وهنجي، تيل وٽي ۾ وجهي، ان ۾ پنهنجو منهن ڏسجي، پوءِ ڪنهن ڀنگيءَ کي اهو تيل ڏيئي ڇڏجي ته ايڙها پيڙها (ريب کريب ۽ ايندڙ ڏک ڏوجهرا) لٿي. جي تيل اپاڪي هارجي پيو ته به. ڇنڇر جي ڏينهن شام جو تيل کڻي وڃي ٽه واٽي تي گولائي ۾ هاربو.

کاڌي يا رزق جي تنگي ٿيڻ:

سج سوا پهر مٿي چڙهي اچي ۽ پوءِ به ڪو ستو رهي ته اها کاڌي جي تنگي جي نشاني آهي.

هوائن جي لڳڻ لاءِ سونسائي چوڻيون:

ايڪيهه (21) ”پور“ جن جي نالي پويان اچي، اهي شهر، يڪساهي ست دفعا ڳڻجن مثلاً خيرپور، نصرپور، ميرپور، دولتپور، سعيدپور وغيره ته هوا ڇٽڪي پوندي.

چون: ”حاجي گاگڙا! کول واءَ جا ڌاڳڙا.“

چون: ”آءُ ڏکڻ ڏيهي، ڀڃ مڇرن جي پيهي!“

چون: ”گهوڙو ٻڌم ٻير سان، ڏکڻ آيو ڇير سان.“

واچوڙي جا سنوڻ:

چون ٿا ته جڏهن جنن جي شادي ٿيندي آهي، تڏهن واچوڙو اُٿندوآهي ۽ ان ۾ جنن جا ڪٽڪ پيا ويندا آهن. جي واچوڙي جي غبار ۾ پادر اڇلبو ته کارڪن سان ڀرجي اچي هيٺ ڪرندو ته، سمجهبو ته جن شاديءَ تي پيا وڃن، پر جي گند سان ڀرجي هيٺ ڪرندو ته سمجهبو ته ڪنهن موت تان موٽيا آهن. جي پادر سبتو مٿي هليو ويو ته سونَ سان ڀرجي ايندو ۽ ابتو ويو ته گند سان ڀرجي ايندو. واچوڙ جي لاءِ چون:

واچوڙو واڻيون، پٽينس نياڻيون،
اڳيان کڏ، پٺيان کوهه، اسين شاهه جا مريد.

اهو انهي لاءِ چون ته متان واچوڙو کڻي نه وڃي!

مينهن نه وسي جا سنوڻ:

ڪنڀار جي آوي يا نهائين دکندڙ هوندي ته انهيءَ ڏس ۾ مينهن نه پوندو، انڊلٺ نڪتي يا ڏکڻ واءُ لڳو ته مينهن نه پوندو. پر جي اتفاقاً ڏکڻ جي لڳندي مينهن وٺو ته ٻوڙ ٻوڙان ڪري ڇڏيندو. مشهور آهي ته:

ڏاکڻو نه وسڻو، وسي ته ٻوڙي،
ڪانئري نه وسهڻو، هڻي ته جهوري.

وسندڙ مينهن کي بند ڪرڻ جا سـَـنوڻ:

 ست ننڍڙيون ڏيڏريون ٽڀي ۾ وجهي، ان ۾ مينهن جو پاڻي وجهي، مٿان ڳڻي ست اڱر ان ۾ وجهي. پوري ڇڏبا ته مينهن پوڻ بند ٿي ويندو. مـُـهريءَ کي ست ڌڪ هڻي پوري ڇڏين. پيٽ اُگهيو يا پيٽ چٽو ٻار (اهو ٻار جنهن جي ڄمڻ کان پوءِ وري ان جي ماءُ کي ڪو ٻار نه ڄمي) جي ڏوئي ڀت تي ٽنگيندو ته به بند ٿي ويندو، ٻهارو ڀت جي ڀر ۾ اُڀو ڪري رکبو ته به نه پوندو. پيٽ چٽو ٻار چوٿائي ۾ پاڻي وجهي آسمان ڀت جي ڀر ۾ اُڀو ڪري رکبو ته به نه پوندو. پيٽ چٽو ٻار چوٿائي ۾ پاڻي وجهي آسمان ڏانهن ست ڀيرا اڇليندو ته به نه وسندو. ست ڪاڻا ٻڌبا يعني ڌاڳو کڻي ڳوٺ جي هڪ - هڪ ڪاڻي ماڻهوءَ جو نالو وٺبو ۽ ڌاڳي کي ڳنڍ ڏبي وڃبي، ته بارش نه وسندي. مينهن وساڙا (هنڊوڻا) جيت جهلي جيئرا ڪنهن ٺڪر جي ڪپي ۾ وجهي پوربا ته به برسات ڪانه وسندي. مينهن جو پاڻي ٻهارن سان ڌڪي ڪڍبو ته به نه پوندو. ڪـُـنو ٺڪر جو اونڌو ڪري رکبو يا ڪنو چاڙهي ان ۾ ڪپڙا ٽهڪائي وڃي ڌوپ ڪبو، تڏهن به مينهن بند ٿي ويندو. ڪـُـڪـَـڙ جي اکين ۾ سرمي يا سوئڙي جون ڪانيون ڀري وجهبيون، تڏهن به مينهن وسڻ بند ٿي ويندو.

مينهن وسائڻ لاءِ سـَـنوڻ:

جنهن به ڇوڪر جي ڀيڻ نه هوندي، ان کي وٺي مسجد وٽ بيهاري، سندس منهن تي ڪاراڻ مکي سڄو ڳوٺ هينءَ چوندا پنائيندا وتندا.

ڪڪر ڪارڙو، ڪمارڙو، الله جو پيارڙو،

اَن پاڻي ڏيوَ ته مينهن وسي!

ٻار مينهن لاءِ چون ته:

جنڊ ۾ مڪڙو، مينهن آيو تڪڙو.
ڀت تي نوڙي، مينهن آيو ڊوڙي.
ڀت تي جهرڪي، مينهن آيو ترڪي.
ڀت تي واڍو، مينهن آيو ڏاڍو
ڪرڙ جو گهوٻاٽو، مينهن آيو گهاٽو.

پوءِ قـنَ مان جيڪو اَن ملندن اُن جا ڪوهر ان وقت سڀني جي اڳيان رڌي، پوءِ ڇوڪر کي تيستائين منهن ڌوئڻ ڪونه ڏيندا، جيستائين ڪ مينهن وسي. ٽي ڏينهن ٽنڊڻيون جهلي مسجد جي اڱڻ ۾ پورين ته مينهن وسي.

مينهن وسڻ جا کرمٽ:

اڳڙين جو گڏو ٺاهي، ان کي سائي وڻ ۾ ٽنگي مٿانئس ڀترن جو وسڪارو ڪن، جيستائين اچي پٽ تي ڪري. اهو سانگ پنج لڱا (ڀيرا) ڪن. ڪنهن انڌي، ڪاڻي، لولهي، يا لنگڙي کي ستن ذاتين جا ست سڳا هٿ ۾ ڏين ته عيبدارن جا نالا وٺندو ۽ ڌاڳن کي ڳنڍيون ڏيندو وڃ. پوءِ انهن سڳن کي اُس ۾ پوري ڇڏين ۽ چون ته ”انڌا، منڊا، لولها، لنگڙا سڀئي پيا اُس ۾ سڙن، جيستائين مينهن وسي.“(1)

کنوڻ ڪرڻ جا سـونسا:

چون ته مينهن پوندي مٿو اگهاڙو ڪري هلبو ته مٿان وڄ ڪرندي. ڪنجهو يا ڪنجهي جو ڪوبه ٿانءُ مينهن وسندي ۾ رکبو ته ان تي وڄ ڪرندي ۽ ڪنو جي مينهن وسندي ۾ اونڌو ڪري رکبو ته به کنوڻ اچي مٿان ڪڙڪندي.

چوپائي مال جا سـَـنوڻ:

ڍڳي يا ڍڳيءَ، جي خريد ڪرڻ مهل بوسو (ڇيڻو) لاٿو ته چڱو، جي پيشاب ڪيائين ته خراب. نئين خريد ڪيل مال کي سون ڌوئي ان جا ڇنڊا هڻن ۽ چون:

”سونَ جي رتي کان مال جي رتي ڪثر“.

چوپائي مال کي سمهاڙي (بيماريءَ) ٿيڻ جا سـَـنوڻ:

مال جي لنگهه مٿان قرآن شريف ٻڌي ڇڏين. مٽر يا چنگ پڙهائي ڳچيءَ ۾ ٻڌي ڇڏين. ڪنهن اولياءَ جي مقبري جي چوڌاري مال کي ڦيرائين. ٻارن کي چون ته چينگهه ٺاهي ان تي چڙهي ڦرو ته ان جي چيچاٽ تي بيماري ڀجي ويندي.

چوپائي مال کي ڪيڙن پوڻ جا سـَـنوڻ:

چئن وياج خورن جا نالا لکي ڍورن جي ڳچيءَ ۾ ٻڌن. انهن نالن جي هيٺان هينءَ لکن: جي توهان هن ڍور کي نه ڇڏيندا ته ڏينهن قيامت جي وياج خورن مان ٿي اُٿندا. چون ته ڪنهن ساهه ڀري شي. جانور يا پکي جيڪو به ڌاريل هجي ۽ ان جو اگهه چڙهي اچي ته وڪڻي ڇڏجي، نه ته مري ويندو. چون ته ڌرتي سموري ”ڏٻي ڏاند جي سڱ تي بيٺل آهي.“ ٻڪري، ڪنهن ڪنجهي جي ٿانءَ ۾ ڏهبي ته ٿڻن ۾ فترو (ڦٽڙو) ٿيندس.

مکڻ سيٽڻ يعني غائبانه چورائڻ جا سـَـنوڻ:

جي ڪنهن جي ڀلي ڳئون يا مينهن مکڻ گهڻو ڏيندي هوندي، ته زالون مکڻ سيٽينديون آهن. يعني رات جو لوڪ ستي ان ڍور جو ڇيڻو کڻي اچي ان سان پنهنجي ماٽيءَ جي رکڻ واري جاءِ وارو پٽ راڳين. منڌي يا مانڌاڻي کڻي وڃي انهيءَ مال ۾ ڦيرائين، جتي ڪو مکڻائتو ڍور بيٺل هوندو. اڳيڇڻي ابتي مٿي تي رکي ويهي کير ولوڙين، ڪي وري هڪڙيءَ بوڇڻي يا چنيءَ ۾ ويڙهجي يا ماڳهين الف اگهاڙيون ٿي اهڙي وٿاڻ مان مال جو ڇيڻو آڻين، جتي پڪ ٿئين ته ڀلو ڍور ٻڌل آهي ۽ پوءِ اُن سان پٽ راڳين. ڪي ابتي سٿڻ، ابتو چولو ٻه طرفو (هڪ ته ڍڪڻ وارو پاسو بدلائين ٻيو رخ جو پاسو يعني اڳ ڪپڙي جو پٺ ڏانهن، ۽ کهرو پاسو بدن ڏانهن) ڍڪي، پوءِ ڇيڻو کڻي اچن. ماٽيءَ ۾ مانڌاڻي وجهڻ کان اڳ ٽي ڦيرا اُبتا ۽ ٽي ڦيرا سبتا ڏئي، پوءِ ولوڙو ڪن. ۽ چون ”هن جو به هن ۾، هن جو به هن ۾، مطلب ته ڪـُـل پاڙي جو مکڻ منهنجي ماٽي ۾ اچي وڃي. وهمي ماڻهو، کير جي ولوڙو ڪندڙ کي سانجهيءَ جو ”سنڀاڻ“ يعني کير سانبڻ لاءِ انٻيڙڻ لاءِ ڏڌ جو ڦڙو يا لپڙي جهڻ ڪانه ڏين.

سيٽڻ کان بچاءُ جو سنوڻ:

موچڙو اونڌو ڪري ماٽيءَ جي ڀر ۾ رکي ولوڙو ڪن. ڇيڻي جو ڀونڊو ٺاهي نهيري جي پٺيان هڻي ڇڏين.

ڄمار وڏي ٿيڻ جا سـَـنوڻ:

کوهه جي چڪ جي وچ مان يڪساهي ست ڀيرا اچجي وڃجي پر هٿ ڪنن ۾ پيل هجن. ستل اُٺ جي ڳچيءَ هيٺان گسري لنگهجي. ڪنهن ياد ڪيو يا ڳالهه ڪئي، اهو ماڻهو مٿان اچي نڪتو. جيئري کي مئل هلايو ويو. جيئري کي خواب ۾ مئل ڏٺو ويو ۽ جنهن ڪانگ جي اوبر کاڌي. انهن سڀني حالتن ۾ عمر وڏي ٿيندي.

ڄمار ننڍي ٿيڻ جون سونسائي ڳالهيون:

ستل ماڻهوءَ کي اورانگهبو يا ستل ماڻهوءَ مٿان کاڌي پيتي جون شيون ٽپائبيون ۽ اُهي شيون جيڪي به ماڻهو کائيندا انهن جي عمر ننڍي ٿيندي.

اڏاوتن جا سـَـنوڻ:

اربع جي ڏينهن اڏاوت جو ڪم شروع ڪجي، چپ چپ سان نه لڳي، ان ڏينهن تي اڏاوت لاءِ ڪاٺ وڍائجي ۽ چيرائي ڪم آڻجي. جيڪو ڪاٺ اڱاري، ڇنڇر ۽ آچر جي ڏينهن تي وڍائبو ان کي اڏوهي نه لڳندي، نڪي سرو کائيندو. جاءِ ٺهرائڻ جي بنيادن کي ڪڏهن به پوئتي هٽائي نه کڻائجي. نه ته گهر جا ماڻهو کٽڻ لڳندا.

کوهه جي چڪ جا سـَـنوڻ:

چڪ کي کوهه جي تري ۾ لاهڻ کان اڳ جـُـجُ ڀت ڪن. چڪ کي ڳانا موڙ ٻڌي ماڻهن کي ڀت کارائي رڄ ڪن. اها خوشي پوري ڪري پوءِ چڪ کي ڪپڙي جي چولي چاڙهي (ڪفن) ويڙهي، پوءِ کوهه ۾ هيٺ لاهين. ان لاءِ چون ته اها واري ٻاهر ڪانه نڪرندي هميشه لاءِ مري ويئي.

دانگيءَ يا تئي جا سـَـنوڻ:

انهن کي خالي چلهه تان لاهي هيٺ رکبو ته پٽيندا، تنهنڪري پڇاڙيءَ واري ماني جي پچڻ تي اُن سميت لاهي هيٺ رکن. پوءِ ماني ڪڍي وٺن.

ڪپڙن ڌوئڻ جا سـَـنوڻ:

ڪني ۾ ٽهڪندڙ ڪپڙن کي لوهه جي سيخ يا چمٽي سان اُٿلائبو ته ڪپڙا ڌوپي اڇا ڪين ٿيندا. ٽهڪندڙ ڪپڙن ۾ ٿڪ وجهبي ته اڇا ٿيندا.

آچار يا سانڌاڻي جا سنوڻ:

رات جو بتي جي سوجهري تي سانڌاڻو ٿانءَ مان ڪڍبو نه ته روشني پوڻ سان ڪـِـنو ٿي ويندو. ميري مٿي واري ماڻهوءَ جي سانڌاڻي واري ٿانءَ تي نگاهه پوندي ته به خراب ٿي ويندو.

ويسارو ٿيڻ جون سونسائي ڳالهيون:

جي وهنجندي پيشاب ڪبو ته ويسر ٿيندي. اُٺن جي قطار جي مهارن هيٺان لنگهي وڃبو ته به، تربتن تي رکيل سرون (مصليٰ يا ڪتبا) پڙهبا ته به؟

نقصان يا نڀاڳ واريون سونسائي ڳالهيون:

گوڏا يا جوٽون اونڌيون ڪري ويهڻ، ٽنگ ٽنگ تي چاڙهي سمهڻ، جتي پير ۾ پائي سمهڻ، جوان مڙس جو ڪانڀ ڪڍي ويهڻ، رات جو سائو وڻ وڍڻ، هيڪلي وڻ هيٺان ويهي کائڻ. سـُـهائي سومار ڏينهن سهاڳڻ زال جو تيل ميٽ پائي وهنجڻ. ٽي مانيون يا ڪي به ٽي شيون گڏي ڪنهن کي ڏيڻ، پير سان پينگهو لوڏڻ. جتي سان کٽ تي چڙهڻ يا تڏي تي ويهڻ. آڱرين مان ويهي ٺڪاءَ ڪڍڻ. ڀوڪر ڪرڻ. پير پير تي، پير گوڏي تي رکي ويهڻ، ڏند  ڇڊا نڪرڻ. (ننڍڙي ٻار جي مٿي کي ڦڻي ڏبي ته ڏند ڇڊا نڪرندس) مٿي جي سينڌ ۾ اُبتي ڀؤنري (وارن جو چڪر) هجڻ. چانئٺ تي چڙهي ويهڻ (ان لاءِ چون ته قرض ٿو لهڻي ڇا) رات جو ڀڳڙا کائڻ. ڪتي جو رات جو اوناڙون ڪرڻ. چون ته رات جو آسمان مان آفتون لهنديون ڏسي اوناڙو ٿو ڪري. رات جو ڪپڙا ڌوئي سڪڻا وجهڻ. پنڌ ويندڙ ماڻهوءَ جي پيرن جي ٺپي تي پير رکي هلڻ. ڪتي جو گيسيون ڏيڻ (ان جاءِ تي پاڻي هاري ڇڏين) مانيءَ جو گهڙيندي ٽٽي پوڻ. ان لاءِ چون ته بڇڙي خبر ملندي. جنهن کي وهانءُ نه ملي يا ڌنڌو نه لڳي، ان کي به نڀاڳو سمجهن. ابتي هٿ جي ننهن سان مٿو کنهڻ. ماديءَ ڪڪڙ جو ٻانگ ڏيڻ، ان کي ڪهي ڇڏين. اربع ڏينهن اتر طرف وڃڻ، خميس ڏينهن ڏکڻ پاسي لاڙ يا ڪاڇيل ڏي وڃڻ. رات جو کٽ اُڀي ڪرڻ. جمعي ڏينهن واڍڪو، رازڪو ۽ موچي ڪو ڪم ڪرڻ. رات جو ٽوپو ڏيڻ. جـَـهل پوندي به اهو ڪم ڪرڻ. منهن تي باني (چٽ) وارو وهٽ وٺڻ. اڻٽيهين تاريخ نحس تارو زمين ڏي ٿو لڙي، ان ڏينهن جو نيڪ ڪم جو سعيو ڪرڻ. رات جو ڪانگن جو لنوڻ، جتي لاهڻ سان پادر جو اونڌو ٿي پوڻ. خالي ٿانءَ يا دلي جو سامهون گڏجڻ. دڪاندار جو بنان مـُـهڻيءَ جي صبح پهر اوڌر ڏيڻ.

جيڪا زال ٽين تاريخ رات جو اُڀ ۾ تارا ڏسندي، ان تان اُهو سڄو مهينو بدنامي، خواري، گلا ڪانه لهندي. نڀاڳي ماڻهوءَ جي لاءِ چون ته اُن جي کڙي ڏنڀي ڇڏجي.

ڪم نه ٿيڻ جون سونسائي ڳالهيون:

ملهاري يعني ملهاري پکيءَ جو آواز صبح جو جيئن کي ساڄي طرف کان ٻڌڻ ۾ آيو ته ڪم ڪونه ٿيندو. تتر، ساڄي پاسي تنواريو ته. نيراڻي، ڪاڻي ماڻهوءَ تي نظر پئي ته، صبح سان شيرو ماڻهو سامهون مليو ته. (اهڙي حالت ۾ انهن کي پٺيان بجو ڏين) ويندڙ ماڻهوءَ کي ڪنهن پٺيان سڏ ڪيو ته ان لاءِ چون ته کيس ٿورو ترسي پوءِ وڃڻ گهرجي. گڏهه اوچتو هينگ ڪئي ته. ڇڪ يا نڇ آئي ته، اڳيان ڪاري ٻلي، سهو يا گدڙ لنگهيو ته، گدڙ جي نالي وٺندي، ڪو گدڙ اچي مٽيو ته به ڪم ڪونه ٿيندو.

جي ڪنهن جو ڪم نه ٿيندو ٻڌندا آهن ته چون ته ”گرهه آڏا آيا اٿس“.

ڪم ٿيڻ جو سونسائي ڳالهيون:

ڏائي ٻولايو ته يعني ميڻي (کاٻي) پاسي کان ملهاري ٿي ته ۽ کٻي پاسي کان تتر تنواريو ته.

ڪم ٿيڻ لاءِ چون:

ڇنڇر ڏينهن ڇيهه نه ڪجي، اُڀرندي آچار،

ٻه پهر جمعي جا تون ويهي گهر گذار،

ته قادر تنهنجي ڪار، حاصل ڪندو حاج پئي.

ٻه ڇڪون يا نڇون گڏ آيون ته، گهوڙي ڦونگهارو هنيو ته، ڳالهه وسريل ياد آئي ته، اُهي ڪم جلد ٿيندا.

سڀاڳ جا سـَـنوڻ:

ڏينهن ڏٺي جو گدڙ اونائي يا کيکراٽي ڪئي، سبتي ڀؤنر مٿي جي سينڌ ۾ هوندي ته. گنج کٿل به، جمعي جي ڏينهن يا رات جو ڀڳڙا خاص طرح کائڻ ڪري به، آچر، جمعي، سومر ۽ اڱاري تي نوان ڪپڙا پائڻ به. دروازي اڳيان گپ جو ٿيڻ. ٻار کي اربع يا خميس ڏينهن پڙهڻ ويهارڻ. پوليس کي جاچ ۾ نڪرندي اڳيان جنازي جو ملڻ، سڀاڳ جون نشانيون آهن.

مهمان اچڻ جون سونسائي ڳالهيون:

ٻلي پيرَ چٽي پنهنجي منهن تي گهمائيندي ته مهمان ايندو.ڪتو گهر اڳيان ليٿڙيون پائيندو ته به. کيانتو يا ڪانگ لوَندو ته به. گراهه مانيءَ جو هٿ مان ڪري وڃي مانيءَ مٿان پوندو ته پڻ. مانيءَ گهڙيندي مانيءَ جو ڪو پاسو وڌي چٻو ٿيو ته پڻ. گراهه کائيندي اپاڪي (اوچتو) آڱر ۾ چڪ کپي ويو. ڪڪڙ کنڀ ٽيڙي وڃي اُس ۾ ٻرجي ليٽي پئي ته به مهمان گهر ۾ ايندو.

چون ته ڪي به ٽي ڄڻا گڏجي ڪٿي مهمان ٿي نه وڃن، نه ته ان گهر تي مصيبت نازل ٿيندي. چوٿون ماڻهو پاڻ سان ڳوٺ جو وٺي پوءِ ڪنهن جي گهر ۾ وڃجي.

مهانگ ٿيڻ جون سونسائي ڳالهيون:

گهوٽ سيج تي کلندو. تئو يا دانگي کلندي يعني ان کي هيٺ لاهڻ کان پوءِ به هيٺيون پاسو چڻگون ڇڏيندو. ڪپڙي جي تند ساڙبي ته ڪپڙو مهانگو ٿيندو.

گلا جا سـَـنوڻ:

مـَـک منهن مٿو ويٺي پٽيندي يا ڪٽيندي ته گلا ٿيندي. زبان ۾ اوچتو چڪ لڳي ويو ته به، پير جي پٻ ۾ کئي (خارش) ٿي ته پڻ. باهه ڀڙڪو ڪري ٻرندي تان پڻ گلا پئي ٿيندي.

مسافري ڪرڻ جا سـَـنوڻ:

جتي لاهيندي پادر پادر تي چڙهي پيو ته مسافري ڪرڻي پوندي. پير جي تريءَ ۾ خارش ٿي ته به. پير جي تريءَ ۾ تر هوندو ته اهو ماڻهو سدائين مسافري ۾ هوندو.

ڳالهه جي سچائي جي ثابتيءَ جا سنوڻ:

ڳالهه ڪندي نڇ آئي ته ڳالهه برابر سچي آهي، ۽ جي مٿان ٻانگ آئي ته به ڳالهه سچي آهي.

بکايل هئڻ جون سونسائي ڳالهيون:

سونارو، سون توريندي ذرو ذرو وڌائيندو رهندو ۽ مٿان چئي ڏيندو ته اڙي نيرانو آيو آهين ڇا؟ ماني، دانگي يا تئي تي آڀماڻ لڳندي ته آيل مهمان گهڻي بک هئڻ ڪري ڀائنبو آهي.

عجيب غريب سونسائي ڳالهيون:

هٿ جي تريءَ ۾ خارش ٿيندي ته ڪٿان پئسا ملندا يا ڪنهن کي کينڪاربو. جي اوچتو ڪنهن ڪنهن جي نالي تي ڪنهن کي سڏ ڪندو ٻڌو ۽ ٻاهر نڪرڻ تي ڪا پهر ڏسڻ ۾ نه آئي، ته چون ڪنَ ٿا وڄنس، قبر پئي ڪوٺيس. گهڻن ڏينهن کان پوءِ ڪو دل گهريو ماڻهو اچي ته چون ته دلو يا مٽ ڀڃو. صبح مرداني ڪنهن جي به ڪنهن ڪوڙي ٺهيل زيور تي نگاهه پئي ته ڄڻ سوا سير ڪرفتيءَ جو کاڌائين. سڄي ڄمار ۾ جي ڪنهن سوا مڻ سوئڙي جو اکين ۾ وڌو ته ڏينهن قيام جي پُڇاڻو ٿيندس. چـِـٻ، چٻري يعني گگهر پکي جو جتي به پاڇولو پيو ته اُت سڃ ٿيندي ۽ جتي ويٺو ته ست پاڙا ڦٽائيندو. همان پکيءَ جو جنهن تي پاڇولو پوندو، سو بادشاهه ٿيندو. گدڙ ڏينهن جو اونائي ۽ ڪانءُ رات جو ڪانگيرو ڪري ته ڏڪار پوندو يا ملڪ جو بادشاهه بدلبو.

سنجهي يعني اوائلي رات ۾ ڪڪڙ جي ٻانگ ٻڌڻ ۾ اچي، ته پڪ ڪٿي ڪو قضيو (ماڻهو مئو) ٿيو آهي يا ڪا چوري ٿي آهي. ڪو ڪوڙو افواهه اُٿي چون ”ڪنهن جي گهوڙي ويا ئي آهي يا ڪنهن جي ڪنکـُـري آهي (نيروٽي ماڻهو اڳي ڪن مان ڪپڙا ٻوڙي نيرا يا ماوا ڪندا هئا).

چون اِنسان جي بدن ۾ هڪ سوئـَـر وار ٿيندو آهي. ان لاءِ جي ستاويهن تاريخ ماهه رمضان، قدر جي يا نائين تاريخ ماه ذوالحج جي اَسر جو يا صبح جو سوير اُٿي وهنجبو ته اهو وار پسندو ۽ پنهنجي نحوست ڇڏي ڏيندو، ٻي صورت ۾ هر چڱي ڪم جي لاءِ اڳ ڦرندو رهندو. جي مٿين تاريخن تي وهنجي وڃي ٻير جي وڻ کي ڌوڻبو ته جيترا پن ڪرندا اوترا گناهه ميسارجي ويندا، ٿر جي پاسي جدا وهمي ڳالهيون آهن(1) .

ٻيون عجيب سونسائي ڳالهيون:

پاروٿو طعام کائبو ته هنيانءُ انڌو ٿيندو. ڀؤنر گهر ۾ اُڏامندو ڏسي اُن کي پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻي ڀڄائين، چون ته مئل مائٽن جو ڀٽڪيل روح آهي. نئين خريد ڪيل ڪڪڙ کي گهر جي چلهه مٿان ست ڀيرا ابتا سبتا گهوري پوءِ ڇڏين، چون ته هاڻ انهيءَ گهر کان سواءِ ٻئي پاسي جي سونهين ڪا نه ٿيندي. ڪنهن پير جي مريد ٿيڻ واسطي وارن جي پيشانيءَ وٽان چڳ ڪترائين، ان کي ”چڳ وڍيو“ مريد چون. پنهنجي پاڇولي کي هر هر ڏسبو ته ماڻهو چريو ٿيندو. تارو اُڀُ ۾ کڙي ته چون، ”شيطان کي اُماڙي پيا لڳن“. سنجهو ٽاري پوءِ ڪيڏانهن پنڌ نڪرجي، نه ته پنڌ وڌي پوندو. چون زال ذات ۾ عقل ڏائيءَ کڙيءَ ۾ آهي، سج لٿي کان پوءِ اهو به چٽ ٿي ويندو اٿس.

جمعي جي ڏينهن ڀڳڙا نه کائبا ته ماڻهو قرضي ٿيندو. چانڊوڪي رات ۾ کير اگهاڙو ڪري ڪين رکن، جي اتفاقي مٿس چنڊ جو سهائو پيو ته کير مان آڱريون ٻوڙي چنڊ ڏانهن ڦڙا اُڇلين، چون ته کير تي ضرور پرين جو پاڇولو پيو هوندو. سامهون ڪو کير کڻي ويندڙ گڏبن ته ان کان تري تي سرڪي وٺي چسڪين. ڀاڳيا ماڻهو ڀلجي کير يا پس ڪونه کائين. چلهه ۾ پاڻي هارڻ سان ماڻهو قرضي ٿيندو. چوڻي:

ٻٽيهه منڊ منڊي ۾، اسيءَ ۾ ڪاڻو،
شيرو شرارتي ٿئي، ٻاڏو، ٽيڏو ٽاڏاڻو،
گنجو گرو ساماڻو، ته مڙني کڻي ماٺ ڪئي.

هٿ جي تريءَ ۾ تر هوندو يا خارش ٿيندي ته پئسا جام پيا ملندا. جنهن کي پير ۾ پدم (پير جي اها ريکا يا ليڪ جا آڱوٺي ۽ شامل آڱر جي وچ کان نڪري سڄو پٻ اُڪري پير جي پيٽ وٽ اچي ختم ٿيندي آهي) هوندو، اهو سگهو ئي شاهوڪار ٿيندو. جنهن ماڻهوءَ مان بيزار ٿجي، ان جي ٻاهر نڪرڻ تي، ڌوڙ جي چپٽي کڻي پٺيان اڇلجيس. گوشت رڌيندي نه ڳري ته ان گوشت جو هڏو ڪڍي چلهه ۾ ساڙجي، ڪتو ڀونڪي ته ڀونڊو ڏجيس ته ماٺ ڪندو وري نه بهندو يا چئجي:

لام تر، چار ڪرف، پنجون پڇ، ڪتا! تون ڪڇ.

خالي مٽ يا دلو رات جو گهر ۾ نه آڻجي. ڪوري دلي يا مٽ جو پاڻي پهريائين چيڙاڪ طبع جي ماڻهوءَ کي پياربو ته پاڻي پيو ٺرندو. کٽ تي نماز پڙهبي ته ماڻهو ڀولڙو  ٿيندو. کاري ۾ ويهندڙ ڀولڙو ٿيندو. سياريءَ جي رات جو ڪپهه جو ٻـُـڙو مٿي کڏ تي رکي ڇڏين، صبح جو اُٿي ڏسن جي گهميل هوندو ته سال سٺو ۽ سڪار وارو ٿيندو، جي سڪل هوندو ته ڏڪار وارو ۽ ڏکيو سال گذرندو. ڪڪڙ مک بدن تي ويهندي ته به سال سٺو ٿيندو. ٻار جي اک جي ٽيڏاڻ ڪڍڻ لاءِ ٻرندڙ ڏيئي ۾ ڪوڏي وجهي ڇڏين. يا نٿڙي ٽوپي ڇڏين. ڳوهيري جي چڪ جي زهر نڪرڻ واسطي چون ته ست ڦيلهيون ڪرفتيءَ جون کائڻيون پونديون. چمڙو جي چڪ هڻندو ته تيستائين وات ڪونه ڪڍندو جيستائين ڪو ڪارو گڏهه هينگ ڏيندو. بصر وڍندي ان جو پاڻي اکين کي تکو لڳي ته چون ”مالهيءَ ڦـُـوس ڏئي پوءِ بصر پوکيو آهي.“

ليمي جي نالي وٺڻ تان داوا قوم چڙيو پوي؟ ماکيءَ تان حجام؟ کنڊ تان ڪنڀار؟ واڱڻ تان واڍا؟ مـُـڱن تان مڱڻهار؟ گهر مان ڪو ڀاتي ٻاهر پري اُسهيو ته تيستائين گهر مان ٻهارو ڪونه ڪڍن، جيستائين وري خير سان موٽي اچي؟ چون ته هٿ يا پير جو ننهن ڪنهن جي گهر ۾ ڪري پيو ته ان جو جهڳو ئي ڌوپي ويندو؟ ٻلو يا ٻلي ماربي ته ست ورهيي پوندي يعني ست سال گهر جي ڏسڻ کان اهو ماڻهو وانجهو رهندو؟ اُٺ جي ٽٽ تان کلبو ته هسا نڪرندا. جنهن ماڻهوءَ جي اکين جون ماڻڪيون پيليون هونديون، سو ڪڏهن به ڪنهن سان وفادار نه رهندو. بندري کي شيطان ۽ ڊگهي کي بيوقوف شمار ڪن. چون ته ٽٽيهر پکي رات جو ماڻهن جا ٻچا ٿو پٽي يا پاراتا ٿو ڪڍي.ان جي ٻولي ٻڌي چون ته:

ٽٽيهر آنا پٽ ۾ پر بچائڻ وارو تون!

جهيڙو ٿيڻ يا نه ٿيڻ جا سـَـنوڻ:

ڪانولي، ڪنهن گهر مٿان ويهي ٻوليندي ته اُن گهر ۾ جهيڙو ٿيندو. ننهن ڪنهن جاءِ ۾ ڇڏبا ته اُتي جهيڙو ٿيندو. جهرڪيون ۽ ڪٻرون جي پاڻ ۾ وڙهن ته ضرور ڪٿي جهيڙو ٿيندو. ڪرهه ڪڪڙي جنهن کي کڙهه ٽنڊڻي به چون، اها ڪٿي اڇلبي ته به. ڪٿي ويهي ڇيڻو ڀوربو ته به. هڪڙي جي ڦڻي ٻيو بنا موڪل جي مٿي کي ڏيندو تڏهن به، ڪنجون کڙڪائبيون، چمٽو وڄائبو ته به . سيڙهه جانور جو ڪنڊو ڪنهن گهر ۾ اڇلابو ته به انهن ۾ جهيڙو لڳندو.

ڪنهن گهر ۾ مڱ اڇلبا ته ماٺ ٿيندي.

مرڻ ۽ مئل ماڻهو جا سـَـنوڻ:

ڏائڻ ماڻهن جا هنيانءَ ڪڍي کائيندي آهي. ڏائڻ وڏ گهراڻي زال يا ڪا سوناري ٿيندي آهي. جنهن گهر ۾ ڏائڻ پيدا ٿي ته اتي هاتار يا چراخ پاڻهي اچي نڪرندو. ڏائڻ جي اکين ۾ ماڻهو جي شڪل ابتي ڏسڻ ۾ ايندي يعني ٽنگون مٿي ته ڳچي هيٺ هوندي. ڏائڻ هاتار تي چڙهي رات جو قبرستان  ۾ وڃي مئلن جا هانءَ ڪڍي ٿي کائي.

ڪلهي تي هٿ رکي بيهڻ سان ان جو ڀاءُ جلد مرندو. ڪنجهي جو وٽو يا ٿالهي وڄندي ٻڌي مئا سڀ اُٿي ويهندا، سمجهندا ته قيامت اچي ويئي، کير پياڪ ٻار مرندو ته قيامت ۾ ماءُ جو اُرهه سونگهي اُن کي بهشت ۾ پاڻ سان گڏ وٺي ويندو. مئي ماڻهوءَ کي ڪنهن وهٽ تي ڪائي ٻڌي کڻن ته ان وهٽ کي گهنگهر ويا ڇيرون گوڏن تي ٻڌن ۽ ڪنن ۾ ڪپاهه ٺوسي وجهن ۽ چون ته “لاشو هلندي تڪليف کان اهڙيون ٿو ريهون ڪري جو ماڻهو ڪونه ٿا ٻڌن وهٽن جا ڪن ڦاٽيو پون ۽ وٺيون ٽهن. لاڙو ڪنهن موٽر، لاري يا مشنريءَ مٿان رکي کڻي هلبو ته ان جون ڪلون خراب ٿي وينديون. ڌڪ لڳڻ سان ڪو ساهوارو يا جانور ساڻو ٿي پوي ته مٺيون ڦوڪين، ڇو جو ساهه ورندس. هڏڪي ٿئي ته چون ته ”ڪهن ياد ڪيو آهي“.

فال وجهڻ جا ڍنگ:

شيءِ گم ٿئي ته فال وجهائين. بيمار جي چڱي ڀلي ٿيڻ جي لاءِ به ماڻهوءَ ۽ چوريءَ جي حقيقت لهڻ لاءِ به فال وجهائين.

1.      فال جي لاءِ ڪتاب پٽائين. ڪتاب ۾ خانا ٺهيل هوندا جن ۾ احوال لکيل هوندو آهي. فال وارو، آيل کي اکيون پورائي دائري وارن نمبرن تي هٿ رکائيندو، پوءِ نمبر وارو احوال پڙهي ٻڌائيندو.

2.      ڌرتي تي ليڪا ڪڍي، اهي ليڪا اِڪي - ٻڌي ڳڻي، پوءِ اٽڪل تي انهيءَ جو مطلب ٻڌائين.

3.      فال وجهندڙ زال، پنهنجي ئي ٻانهن جي نريءَ تي، ٺونٺ کان وچين آڱر جي چوٽيءَ تائين هينءَ چئي ٻاڙيون مئندي ”سچي بيبي فاطمه، سچو علي شير“ پوءِ ڌُڪي تي مطلب سڻائيندي.

4.      ننڍڙي بي سمجهه ٻار کان سوال پڇندا، ويل ماڻهوءَ بابت ته ”فلاڻو اکيئين ڪي ڪنين؟“ يعني ويجهو آهي پري؟

5.      پٽ لنبي ان تي گول ليڪو ڪڍي، پوءِ ان جي مٿان آڱر جي ٽيڪ سان ڏوئي جهلي بيهن، پوءِ ڏوئي جنهن پاسي لاڙو ڪندي ته ٺاهيل مطلب، ماڻهوءَ جي حالتن پٽاندڙ کڻي ٻڌائي خوش ڪندس.

6.      اکيون پوري ٻنهي هٿن جي وچين آڱرين کي پاڻ ۾ ملائين. جي مليون ته چڱي خبر، جي نه مليون ته بد خبر.

7.      تسبيح، تريءَ مٿان اُڀي جهلين جنهن پاسي لوڏو کائي ته اهڙو بيان ڪري ٻڌائين.

8.      ٺڪر جو ڪورو ڪؤنرو پاڻيءَ سان ڀري مٺئي ۽ ٻندي کي ڊڀن سان بندي ڪري. پوءِ مٺئي واري سوراخ ۾ مشڪوڪ ماڻهن جا نالا پني تي لکي وجهي، مٺئي واري گرڻ اشهد آڱريون ڏوڙيون ڪري انهن تي ڪؤنرو مٿي کڻندا ۽ چور جو نالو ايندو ته ڪؤنرو وٺي تڪڙو ڦرڻ لڳندو.

عضون جي ڦڙڪڻ يا ڦرڻ جا سنوڻ:

چون ته مرد جي کٻي ۽ زال جي سڄي اک ڦڙڪندي ته چڱو سـَـنوڻ آهي. ڪلهو ڦڙڪندو ته ڪنهن نئين آيل ماڻهوءَ کي ڀاڪر وجهبو. چپ ڦڙڪيو ته جهيڙو لڳندو. سٿر ڦڙڪي ته ملاقات ٿيندي.

اک جي ڦڙڪي بند ڪرڻ جي لاءِ مسجد جي نـُـک جو ڪک ڇـِـني اک تي رکن. ڪنهن ڪاڻي ماڻهوءَ کان اک تي هٿ گهمارائين.

پارس ۽ سونَ جون ڀرمي ڳالهيون:

ڳـِـجههَ ۽ سرڻَ جي ٻچن جون اکيون سون ڏسڻ کان پوءِ کلنديون آهن. اهي ڪٿان نه ڪٿان سونُ آڻي آکيرن ۾ رکنديون آهن. چانهه ۽ ڦوسي پکيءَ جا آنا تڏهن ڦٽندا آهن، جڏهن اُهي پارس پٿر آڻي آنن سان ڇهنديون آهن.

عربستان ۾ ٻڪرار پنهنجين ٻڪرين جي کرن ۾ لوهه جا نعل هڻي ڇڏيندا آهن. ڪنهن ڏينهن اُهي نعل سونا ڏسڻ ۾ ايندا آهن سبب ته عربستان جي ريتيءَ ۾ ڪٿي ڪٿي پارس جا ڪڻان پکڙيل آهن.

حيدرآباد ضلعي جي لاڙ واري ڀاڱي ۾ ڌؤنرن هنڱورن جون ماڙيون مشهور هيون جي هاڻ ڊهي پٽ ٿي ويون آهن. انهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هنڱورن جو ڪو زميندار سرڪاري ڍل ڀري نه سگهيو ۽ کيس گرفتار ڪري حاڪمن جي روبرو سپاهي وٺيو ٿي آيا، رستي ۾ گنجي ٽڪر جي پاڙ ۾ ان سپاهين کي روڪي پيشاب ڪرڻ جي اجازت گهري ۽ هڪڙي ٽونگڙي ۾ پيشاب ڪرڻ لڳو. اوچتو ان تونگڙي مان هڪ ڀٽون نڪري آيو، جنهن کي لت هڻي ماريائين ته ان جي پيٽ مان چمڪندڙ ڪڻ نڪتي جا کڻي کيسي ۾ وجهي ڇڏيائين. سندس کيسي ۾ ڪي ٽامي جا سڪا پيل هئا. شهر ۾ پهچڻ تي ٻيڙين وٺڻ لاءِ جهڙا پئسا کيسي مان ڪڍيائين ته سڀ سونا ڏسڻ ۾ آيس. سونارن کي ڏيکاريائين جن صفا سون چئي کيس ان جي رقم ڏني، جا خزاني ۾ پياري اچي ڳوٺان نڪتو. ڳوٺ ۾ ماڙيون محل ٺهرايائين ۽ چڱو وقت گذارڻ لڳو. نيٺ جڏهن پاڻ کي موت جي قريب ڏٺائين ته اهو پارس پٿر ساڻ کڻي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ڳوٺ جي ٻاهران ڍنڍ ۾ اڇلي ڇڏيائين ۽ اها ڳالهه سربستي پنهنجن پونيرن کي ٻڌائي مري ويو. سندس مرڻ کان پوءِ سندس وارثن ڍنڍ جو پاڻي سڪارائي مٽي ولارائي، پرڻ مان ڇاڻائي مگر پارس پٿر وري هٿ نه آيو!

سون ٺاهڻ جو مهوسين جو نسخو:

        دنيا ۾ سون جون کاڻيون آهن، سون انهن مان مٽيءَ گاڏڙ حالت ۾ ملي ٿو ۽ پوءِ ان کي ڪوٺارين ۾ وجهي، آٽي صفا سون ٿو بنائجي. جتي سون لڀي ٿو اتي هڙتال، شنگرف، پارو، هيراڪس، اولاسار يا نوشادر، ٽامو، چاندي، مارشيشا پڻ لڀن ٿا. انهن کي جڏهن گرميءَ جو مقرر درجو رسي ٿو، تڏهن منجهائن ڪي ڳريو وهڪرو ڪريو وڃيو ٻين سان گڏجن ٿيون ۽ سون ٿيو پون. تنهنڪري مهوسي (سون ٺاهيندڙ) مٿين شين کي ڪوٺاري ۾ وجهي چرخ يعني باهيون ڏيندا آهن. جيئن اهي رجي سون ٿين. ٽامي جو اڪسير ايريال يا ڪنوار ٻوٽيءَ جي رس ۾ يا سورج مکيءَ جي رس ۾ ”گـِـل حڪمت“ ڪن، پوءِ اهو اڪسير چاندي يا پاري سان ملائي ڪوٺارين ۾ وجهي چرخ چاڙهين، ۽ ائين چون ته ”رڳو هڪڙي چرخ جي ضرورت اٿس، جوڙو تيار آهي. عمر گذري ويئي اٿن. ملڪيت ڀينگ ٿي ويئي اٿن، پر اهو ڳاڙهو جوڙو اڃا تيار ٿي نه سگهيو آهي“!(1)


(1)  نظرثاني ڪندڙ پاران واڌارو آهي. (ادارو)

(1)  ڇاپاڪو هڪڙو ميرانجهڙي رنگ جو مٽيءَ رنگ تي ننڍڙو پکي آهي، جيڪو گهڻو ڪري رات جو اُڏامندوآهي. (ليکڪ)

(1)  ا هـُـس جي پڙڻمي هـُـس آهي. (ادارو)

(1)  وهمن کي پڪو ڪندڙ ڳالهيون:

            چون ٿا ته جڏهن شهنشاهه جلال الدين اڪبر سندس ماءُ حميده بيگم زال همايون جي پيٽ ۾ هو ۽ ڪچن مهينن جو هو ته سندس ماءُ سج گرهڻ جي خبر ٻڌي، پنهنجي پنيءَ تي سئيءَ سان منڌيئڙي جو نشان ڪڍيو. اهو نشان ڪڍندي کيس همايون بادشاهه ڏسي ورتو ۽ نشان ڪرڻ جوسبب پڇيو. پوءِ حميده بيگم کيس گرهڻ ٿيڻ ۽ ٻالڪن جي نشانن بابت کيس ٻڌايو بادشاهه کلي کڻي ماٺ ڪئي، مگر جڏهن اڪبر ڄائو ته کيس اهو نشان ساڄيءَ ٽنگ جي ساڄي پنيءَ تي هو.

(1)  مينهن وسائڻ جي هڪ وهمي ڳالهه:  بڪيرا شريف، تعلقي ٽنڊي الهيار ۾ هڪ ڳوٺ آهي، جتي نور محمد ميمڻ جو گهر آهي ۽ اُن کي ڪي ماڻهو ماستر ابراهيم ميمڻ جو گهر چون ٿا. ان گهر جي سڀني ڀاتين کي اهڙو اِذن مليل آهي ته جي انهن مان ڪوبه گهر ڀاتي ڪنڀار کان ڪورو گهڙو وٺي، قائم الدين قلندر جي درگاهه جي کوهه تان ڀري، درگاهه جي ٻاهرين در جي چانئٺ تي هڻي ڀڃندو، ته مينهن وسندو! (ليکڪ)

(1)  ٿر ڀاڱي جي ڀرمن جون ڳالهيون:

                هڪڙي زال ڏاڍي وهمي هوندي هئي. ان جي پٽ کي ٽي سال ٽيپ آئي. مائي ڪنهن کي به نه ٻڌائي، ڀلا وهمي جو ٿي! آخر ڳوٺ وارن پاڻ ۾ صلاح ڪري سندس چؤنري جي ڀر ۾ ويهي رهاڻ ڪري انت ورتو. هڪڙي چيو ته هن مائي جي پٽ کي به ڏهه سال سزا لڳي هئي. مائي يڪدم چيو ته ايندي سندس دشمنن کي. وري ٻي چيو ته ڏهه نه باقي ست سال پڪ آئي اٿس تڏهن به مٿيون جواب ڪيائين. آخر جڏهن ٽن سالن تي اچي بيٺا ته چيائين ته مڙس جو پٽ آهي، ڪمائي ايندو. بدسـُـنوڻ سمجهي انگ نٿي ٻڌايائين. هڪڙو چاچو ۽ ڀائٽيو چوريءَ تي رات جو وڃڻا هئا، پر سـُـنوڻ سڦلو ٿيڻ تي وڃڻو هون، سو ڇا ڪيائون جو دلي جو گانگهو کٻڙي ۾ٻڌي ويهي چاچو ڏسڻ لڳو ته جي ميٽو پکي ان مان وچان لنگهي ويو ته وار به ونگو ڪونه ٿيندو. اتفاق سان چاچو ضرورت لاهڻ لاءِ اُٿي ويو ۽ ڀائٽي کي سنڀال ڪرڻ لاءِ چيائين جڏهن موٽي آيوته هن ٻڌايس ته ميٽو برابر اُڪري ويو آهي.

            پوءِ ٻئي چوريءَ تي ويا، هڪڙي شاهوڪار جي چؤنري ۾ گهڙي سامان کنيائون. اوچتو گهر جي ڌڻين کي سجاڳ ٿي چور چور ڪيائون. چور سامان ڇڏي ڀر ۾ ڇاپرو پيو هو ان جي هيٺان لڪي ويٺا. ماڻهو رات جو بتيون کڻي هنن کي ڳولڻ لڳا. چاچي ڀائٽي کان پڇيو ته سچ ٻڌائي ته ميٽو لنگهيو هو يا نه؟ جي توکي شڪ هجي ته ڀڄي جان بچايون. پر ڇوڪرو چوي ته ويهه ويسا لنگهيو آهي. چاچو چوي ته جي لنگهيو آهي ته پوءِ پاڻ کي نڪو لـَـهـَـرَ نڪو لوڏو. تان جو يڪدم هڪڙو ڪڪر وسڻ شروع ٿيو، بتيون وسامي ويون ماڻهو پسي ويهي رهيا چور هليا ويا. (3) بڪيرن وارن غوثيه پيرن جا مريد ٿر واري ڀاڱي ۾ آهن. انهن کان ڏن پـَـٽَ، چاليهو فرائضه وٺڻ لاءِ سيڪڙڪن ۽ سدائين مسافريءَ ۾ هجن. انهن مان هڪ وڏي پير ڳالهه ڪئي ته:                                   آءٌ نوڪرن خادمن سان هڪڙي ڳوٺ ۾ وڃي لٿس. رات جو ڪچهري ٿي. اتي برسات وسڻ جون ڳالهيون نڪتيون. هڪڙي ٿريي ڳالهه ڪئي ته ڳوٺ کان ٻاهر هڪڙو پٿر پيل آهي. اهو جڏهن گهمبو آهي، تڏهن مينهن جا نارا نئي پوندا آهن. اسان جي ماڻهن مان هڪڙو ڄڻو ٿريي کي ڪوڙوڪرڻ ۽ ان جي وهم وڃائڻ لاءِ رات جو اُٿي وڃي ان پٿر مٿان پيشاب ڪري اچي سمهي رهيو ۽ اها ڳالهه رڳو مون کي ٻڌايائين. صبح جو اسان ٻيءَ منزل تي وڃڻ واسطي سنڀرياسين ته اهو ٿريو ڊوڙندو آيو چيائين ته ميان صاحب! ڀڄڻو هجيوَ ته ڀڄو پٿر گهميو بيٺو آهي، مينهن اجهو آيوڪِ آيو! اسان هن کي چيو ادا، تون ٺيڪ ٿو چوين، اسين پيا مينهن ۾ به وينداسين. دل ۾ هن جي ڀورائيءَ تي کلي رهيا هئاسين. هو چوي بچين! گهيرَ نه ڪريو. وهٽن کي تڙيو هن سيم مان نڪري وڃو. پوءِ اسان وهٽن تي چڙهي سڏ پنڌ مس ڪيو ته اوڙاڪون اوهيرا ڪري نيئي پيون، ڀڄي ڀت ٿي پياسون چار ڪوهه پورا اهو مينهن اسان جون متيون منجهائيندو رهيو. مرڳو حرڪت مان برڪت ٿي پئي. (4) مرحوم مولوي قادربخش شيخ اسان جي استاد ڳالهه ڪئي ته: آءٌ گڊڙي ۾ ماستر هوس. بدلي ڪرائڻ لاءِ صبح جو اُٺ تي چڙهي گڊڙي جي اسٽيشن تي گاڏي پڪڙڻي هيم جو ڪراچي وڃي اي - آءِ صاحب کي روبرو عرض ڪري حيدرآباد ضلعي ۾ پاڻ ٽرانسفرڊ ڪرائڻو هئم. جيئن اُٺ تي لانگ ورايم ته کاٻي پاسي کان گڏهه هينگيو. اها هينگ ٻڌي ٿريي جت چيو ته سـَـنوڻ سٺو آهي. سائين، تون وڏي نصيب وارو آهين جنهن ڪم لاءِ نڪتو آهين تنهن ۾ تنهنجا پئون ٻارهن آهن. مون پڇيس سو ڪيئن؟ چيائين سوار ٿيندي، جي ڏائي طرف کان گڏهو ٻولي ته ڦاسيءَ تان به ماڻهو لهي اچي.

            پوءِ ٿيو ائين جو آءٌ درخواست کڻي آفيس ۾ ويس ته ٺهه پهه منهنجي بدليءَ جو آرڊر ڪري ڏنائون. هينگ تي ته منهنجو اعتبار ڪونه هو، ڇو ته سڀ ڪم پاڻ مـُـسـَـسببُ سبب الاسباب ٿو ڪري پر ٿريي جت کي به جس هجي جنهن حال في الحال دلڌير ڏيئي ڇڏي!

            ڀرم نه رڳو ايتري ۾ ختم ٿي ويا پر روزانه نت نوان وهم، سنسا، شرڪ، وسوسا اڀرندا ٿا رهن. ڇو ته اڄوڪي انسان جو ٽوڻن، ڦيڻن، منڊن، منترن جنترن، جهاڙن جهپن ۾ ڀروسو ٻجهندو ٿو رهي. هٿن جون ريکائون ڏيکارڻ، خوابن جي ويڃائڻ (تعبيرن) تي اعتبار ڪرڻ، منڊين جي ٻڙن سان قسمت ٺهڪائڻ ُانهن پٿرن ۾ عقيق، مرجان، نيلم، پکراج، زمرد، لعل، ياقوت، هيرو، فيروزو وغيره اچي ٿا وڃنلله آسمان جا ستارا يا گرهه پڇڻ، پوٿيون پٽائي ڏسا سول پرکڻ، فالون وجهائي نحس، سعد ساعتون ڪڍائڻ. وارن جي ڀؤنرين مان نڀاڳ سڀاڳ سمجهڻ. ترن ۽ هنس مان نيڪ بختي ۽ سياهه بختي معلوم ڪرڻ. طلسمي يا مقناطيسي منڊيون، ڪڙا ۽ پٽا پائي بيماريون روڪڻ ۽ انهن ڪمن جي پوئتان بي انداز رقمون ريلڻ اهي سڀئي سنسن ۾ شامل آهن. اڃا به الائجي ڪهڙيون ڪهڙيون پرکون ۽ حيلا وسيلا هلندا. خدائي بهتر ٿو ڄاڻي! مردن کان وڌيڪ زالن جو حصو گهڻو تڻو ويساهه وسوڙيل آهي. سدائين پير فقير، ملا موسڙا ڀيٽينديون وتن. هن سائنس جي زماني ۾ به وسوسائي ماڻهن جي اونڌي مت چوٽ چڙهيل پئي ڏسجي. الله هڪڙي کي ڇڏي، ماڻهو مڪرن، ٽيڪڙن، ٽڻن ٽڪاڻن، ٺوڳي ٽولن. ٽوڻن ٽوٽڪن جي پوئتان ڦيريون پائيندا وتن! الله سائين شل ايمان بخشي! آمين! (ليکڪ)

(1)  سون: سون هڪ عنصر آهي، جنهن جو هڪ منفرد ايٽمي نمبر هوندو آهي، جڏهن ته هن جا منفرد نيوٽران ۽ پروٽران نمبر آهن. انڪري هو سون آهي. ان ريت، ٻين ڌاتن جا به جدا جدا ايٽمي نمبر آهن. هن ڌرتي تي جيڪي به عناصر (Elements)  آهن، تن کي نه وڌائي سگهجي ٿو، نه ئي گهٽائي سگهجي ٿو. ٿورن لفظن ۾ عنصر يا عناصر کي پيدا نٿو ڪري سگهجي. اهي ڪمپاونڊ ڪونهن، جيڪي ٻن يا چئن شين سان ملائڻ سان جڙندا آهن. عنصر جي اها خوبي آهي ته ان کي جيترو به ونڊبو ۽ ورهائبو هو پنهنجي خاصيت ۾  اِهوئي رهندو جيڪو هوندو. سون جو ذرو به سون هوندو آهي ۽ ان جي رتي، ماسو ۽ تولو ويندي ڪلو تائين سون ئي رهندو. ونڊجڻ يا ورهائجڻ سان اِها شيءِ مٽجي ٻي ڪا شيءِ بڻجي سگهجي، انڪري سون کي پيدا ڪرڻ واري خواهشن ۽ شوق بي وقوفي کان سواءِ ڪجهه به ڪونهي. (نظرثاني ڪندڙ)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org