باب چوڏهون
سگهڙ جويُن
جو پورهيو ڪارهيو
(الڪاسب حبيب الله)
]پورهيت
الله جو دوست آهي[
لطيف سائين جو آخري بيت آهي ته:
پورهيو سندو پورهيتن، والي ڪيم وڃاءِ.
ٻهراڙين ۾ ڦُٽي ڦوٽي، لائي لاباري جي اون پلڻ کان پوءِ، شهرن ۾ گهريتيون،
گهر جي سانجهڻ ورتڻ کان پوءِ، ٻُهاري سهاريءَ ۽
ڏڌي ولوڙيءَ کانپوءِ، ڪونه ڪو پورهيو ضرور کڻي
ويهي ڪنديون هيون. انهن ۾ ڪي ته اهڙيون حاذق
حڪيماڻيون يا ماهر ويڄاڻيون هونديون هيون، جو
ٻارڙن جو ساٺ ڦوڪارو، ستي ڦڪي، آڌ مک، ڇن ڇڪيءَ جو
هٿ هڻڻ، پني لپڙي ٺاهي ٻڌڻ جا ڪم پارڻئون سدائين
پيون ڪنديون هيون، ڇو ته انهن ڏينهين، وسينءَ،
واهڻ، ڳوٺن شهرن ۾ هروڀرو ايترا دس دفترن جا ڪين
هوندا هئا، نڪي ڪي هيون ايتريون اڪيچار اسپتالون.
بس، هيءُ ئي هُذن واريون هاتڪون هيون.
ٻيون وري هيون پورهيتيون مائيون، جي ٿورڙي ئي اجوري ملڻ تي ڪنهن به ڪار کي
لڳي وڃڻ عيب ڪين سمجهنديون هيون. انهن ۾ چرخو ڪتڻ،
ڇنڊڇڙ، ڏري پيسائي، ڇر ڀرت، سرمو ستارو، زري مقيش،
ڪپڙو سبڻ، ڪڇ ڪورڻ، اوبرا اوبڻ، رليون ڳنڍڻ، اڳٺ
اُڻڻ، سيون جوڙڻ، ٻيڙيون ٻڌڻ ۽ ٻيا عام پورهيي جا
ڪم ڪرڻ سندن شيوو هو. لطيف سائين چيو آهي ته:
ڪاپائتي قرار، منجهان پورهيئي آيو(1)
چرخو چورڻ
آتڻ ۽ چرخو:
هو آتڻ، هو چرخو، هو اورڻ اولاڪو،
صبح سڀاڪو، سرتيون ڪيم وسارجو!
چرخي کي، ارٽ، ائيٽ ۽ ڀيرم به چيو ويندو آهي، ۽ چرخي ڦيرائڻ کي ڀيرم ڀيرڻ پڻ
سڏين. ڪپاهه ڪتيندڙ جوءِ کي ”ڪاپائتي“ ۽ ڪتڻ جي
عيوضي يا اُجوري کي ”ڪاپو“ ڪوٺين. جنهن هنڌ ويهي
ڪپهه ڪتجي، ان کي سڏين آتڻ [آسڻ] بنان منڍيءَ واري
ائٽ کي پرٽ چون. زالون گهرو ڪم ڪار کان وانديون ۽
آجيون ٿي آتڻ ۾ اينديون. اتي ڪنهن وٽ چرخو هوندو
ته ڪنهن وٽ ارٽي ته ڪنهن وٽ اوبرا هوندا، پوءِ
چرخي واري ڪپهه ويٺي ڪتيندي، ڪا لوليها [ڪپهه جون
نوڙ وانگر وٽون] جوڙيندي ته ڪا ڪپهه جون پوڻيون
يعني ٿاڦيل پها ته ڪا پانديون [ڪپهه جا ٻُڙا] پئي
ٺاهيندي.
ارٽي: ڪاٺ جي داٻڙيءَ تي ٻه هڪجيڏيون ٿنڀيون جن کي مُونا به چون، جي سل چوڙ
وسيلي کُتل هوندا آهن. اهي ڏيڍ فوٽ کن ڊگها ٿين،
ٻنهي جي چوٽيءَ کان ٿورو هيٺڀرو ٻه ٻه ٻٽا سوراخ
جي آڱرين پائڻ واري ٻيلهڙي وانگر پيا ڏسڻ ۾ ايندا.
انهن مان هيٺئين ٽنگ ۾ هڪڙي ويلڻ جهڙي ڊگهي ڪاٺي ۽
مٿئين ۾ لوهه جي گول دُريءَ جهڙي سيخ پيل هوندي
آهي. اهي ٻئي لابت ٺهڪي بيٺل هونديون آهن، پر سخت
ڳنڍيل نه، البت لچڪيدار رهنديون آهن. انهن ٻنهي جي
وچ ۾ زال ڦٽيءَ جو ٻُڙو ڏيندي ۽ مُوني جي ٻاهرين
پاسي (چئن درن کي پيراٽي بند ڪرڻ لاءِ رکبي آهي)
ساڳي انهيءَ نموني مڪڙي يا هٿي هوندي اٿس. ان کي
جهلي اوٽ ڪوري يعني ارٽيءَ کي پيئي ڦيرائيندي ته
ڪپهه ڪاٺ واري ويلڻ کي ڦيري ۾ چهٽي بيهندي ۽ ڪڪڙو
کُسي کُسي هيٺ ڪري پوندو. پوءِ ڪپهه روڙي لاهي جدا
رکندي ويندي.
چرخي جي بناوت:
آيو ڪونه چرخو چريءَ کي ڪتڻ ۾،
ويو وقت گذري سڙيءَ جو سمهڻ ۾،
چرخو، هڪ آڏي رکيل داٻڙي تي ٻه مُونا سل چوڙ وسيلي ڦهڪايل هوندا آهن. انهن
مُونن جي چوٽيءَ کان هيٺڀرو هڪڙو هڪڙو ٽونگ نڪتل
هوندو اٿن، جنهن ۾ هڪ ويلڻ وانگر اوڀارو ٿلهي ڊُڍر
ڪاٺي، جنهن جي وچ مان لوهه جي سيخ نڪتل هوندي آهي،
انهن ۾ اٽڪائي رکندا آهن. لوهه جي سيخ بدران جي
ڪاٺي پيل هوندي، ته ان کي اوراڪ چون. جيئن کوهه جي
ڀؤنڻ اوراڪ تي ڦرندي آهي. انهيءَ کي ڳجهه ڪوٺين.
ڳجهه جي ٻنهي پاسن کان چار چار يا ڇهه ڇهه
ڦرها/پريا جي مستطيل لڪ واريون پٽيون آهن ۽ ڪنارا
نپيل اٿن ۽ وچ ۾ ٽونگ ٿيل اٿن، سي سيخ ۾ پوندا
آهن. پوءِ انهن کي هڪٻئي جي آڏو، تاڏو بيهاري نپيل
ڪنارن کي هڪڙي پڪي ڏور يا ٻائڙ ڦيرائي قابو ڪندا
آهن ۽ ٻاهرين پاسي هڪڙي مُوني جي، مڪڙي هٿي ارٽيءَ
جي هٿيءَ وانگر يا گولائي واري بيضوي برش جي ڪاٺ
جي تري وانگر هوندي آهي، سا سل چوڙ وسيلي ڳنڍيل
هوندي آهي. ان ارٽ جي حصي کي ”چڪر“ چون ۽ ٻئي
داٻڙي تي مونا لڳل هوندا آهن. اهو داٻڙو چڪر واري
داٻڙي سان ٻن يا هڪ ايسوٽي يا ٻانهين وسيلي ڳنڍيل
۽ جڪڙيل هوندو آهي. ٻي داٻڙي جي ٽن مُونن مان ٻه
ٻاهريان هڪجيڏا ۽ ٽيون وچون وڏو، وچ ۾ خال ٿيل
هوندو آهي. جنهن خال کي ”ونگ“ سڏين. پاسن وارن
مونن ۾ لوهه جي ٽڪ چموٽين [ڪوڪڙين] ۾ اٽڪي بيهندي
آهي ۽ پئي ڦرندي آهي، ٽڪ، لوهه جي چهنبدار ڊگهڙي
سنهڙي سيخ آهي، جنهن جو وچ ٿلهيرو آهي، جنهن تي
ريڙون يا ڌاڳا ويڙهيل هوندا اٿس ۽ چڪر مان هڪ ڏور
جنهن کي ”مالهه“ ڪوٺين، هار وانگر ڦرندي، ونگ مان
نڪري ٽڪ جي ٿلهير ڀاڱي تي وراڪو کائي پئي
ڦيرائيندي اٿس. ٽڪ جو هڪڙو پاسو ڊگهو جنهن پاسي
ڪپهه ڪتجي سڳو ٻانهن جيڏو ڊگهو سٽ جو ٿيندو آهي،
تنهن کي ”لاٽ“ چون.
ڪتڻ:
چرخو چوري ڪت ڪا تار!
ڪاپائتي هڪڙي هٿ سان چرخو پئي هلائيندي ۽ ٻئي هٿ سان ڪپاهه جو
لوليهو يا پاندي کڻي ٽڪ جي منهن ۾ ڏيندي ته ڪپهه
وٽ کائي سڳو بنجي ويندي، سڳو گهڻو ٿيو ته ارٽ جهلي
ابتو ڦيرو ڏيندي ۽ ٽڪ ۾ پيل ناڙي/نڙانڊيءَ تي [جا
ناڙيءَ جي ڪانيءَ مان ڀُڪا ڀُڪا ڪيل هوندي يا ناڙي
جي ول جا ڪيل ٽڪرا سڪائي ٺاهبي آهي، هنن جو پيٽ
پورو هوندو آهي ۽ ٽڪ منجهانئن لنگهندي آهي] ويڙهي،
وري سُبتو ڦيرو ڏيئي ڪپهه جي پوڻي هلائيندي. ٿورو
ذرو ڪپهه جو بچيو ته ساڻس يڪدم ٻي پوڻي ڳنڍيندي
ويندي ۽ ڌاڳو يا لاٽ ٻانهن ڊگهي ڪري اڌ پرهه ڊيگهه
۾ ڪڍندي يا ان کي هٿ تي وراڪو ڏيئي ڦورو ڪري پوءِ
نڙانڊيءَ تي چاڙهيندي ۽ ناڙي ڀري، ته اها لاهي ٻي
اٽڪائيندي، ڌاڳي نڪرندي ڪٿي لسي تند بجاءِ تمام
سنهڙي ٿي ويئي، ته ان کي ”لينجهه“ ڪوٺيندي ۽
لينجهه ڇني ڇڏيندي، پر جي ڪٿي ٿلهيري تند ٿي ته ان
کي ”ڀڙو“ سڏيندي، ڀِڙي کي ڀڃي وري هلڪو ۽ هڪساريڪو
ڪري هلائيندي، پر ڪٿي تَند وٽ تي وَٽ کائي ويندي
آهي، ته انهيءَ کي وري ”رونڍو“ چون. رونڍو روڙي يا
کولي پوءِ تند هلائيندي ۽ جي مونجهه تند ۾ ٿيندي،
ته اها ڇني اُميٽ ڏيئي ڪتڻ جي ڪار ڪندي. جڏهن ڦورا
ٺهندا ته واپاريءَ کي ڏيئي پنهنجو محنتاڻو وٺي
ايندي. سٽ سڦرو اهو جيڪو هڪساريڪو هجي ۽ لڙاٽيل نه
هجي.
ڇو اوڳي ڇڏيئه ارٽ الاڻي،
جيءُ جُسو ويهه تنهن سين واڻي،
توبهه توبهه ڪيو تند پئي تاڻي،
لينجهه ڀڙي ڪڍ ڇني ڇاڻي،
هر دم حق جي تند تنوار،
چرخو چوري ڪت ڪا تار.
چرخي جي مالهه لاهي ڇڏين ته چون چرخو اولاڻي ڇڏيو اٿم. جي اُليڙيو ته محاورو
يا پهاڪو ڏين ته مونا ڦرها ڌار ڪري ڇڏيائين ٽڪ ۾
وَر پيو ته تند وٽجي، ٺهي نه سگهندي آهي، جيستائين
ورُ نڪري.
پيسائي:
اَن ڏرڻ: ڪي پورهيتون وري اناج جي ڏرڻ، ڇڙڻ ڇنڊڻ ۽ پيهڻ جو ڪم چڱو موچارو
ڪنديون هيون.(1)
سارين جي ڏرائي خاص طرح ٿيندي هئي. سارين جي لُبي اچڻ تي اهي کرين ۾
گڏ ڪندا هئا. پوءِ پورهيتون کرين تي وڃي سارين کي
ڏري تهه ۽ توتڙ ڪڍي ڌار ڪنديون هيون ۽ انهن مان
نڪتل چانورن کي ڪورا چانور ڪوٺيو ويندو هو. اهي
جنڊيءَ تي ڏربا هئا.
جنڊي:
جنڊي، ٺڪر جا ٻه پڙ جنڊ وانگر پر ان کان وڏا هوندا آهن ۽ ڪنڀار
آويءَ ۾ وجهي پچائيندو آهي. هن جي ٻنهي پڙن جي پيٽ
تي چُگهه چُگهه ٿيل هوندا آهن. زالون هڪ مٽيءَ جو
ڍير بنائي ان کي ماٽ يا ڍيٻو سڏين ۽ ان جي مٿان
جنڊيءَ جو هيٺيون پڙ ڦهڪائي ڄمائي ڇڏين، جو آلي
مٽيءَ ۾ کپي بيهندو. پوءِ ان جي ”ڪمر“ [وچ واري
ٽونگ ۾] گهڙيل ڪاٺي ڪلو يا ڪير ٺوڪي ويهارين ۽
مٿان ٻيو پڙ جنهن جي وچ وارو خال يا ڳاڙک موڪرو
يعني ويڪرو هوندو آهي، ان کي ڳاري سڏين. ان ڳاريءَ
جي وچ ۾ مٺ جيتري مڪعب گهڙيل ڇليل لڪ ٿيل ڪاٺي
جنهن جي وچ ۾ سوراخ سکيل هوندو آهي، سا ٺوڪي
ڳاريءَ ۾ ويهاريندا ۽ وچون سوراخ هيٺئين پڙ جي ڪير
۾ وڌو ويندو. مٿئين پڙ جي ڪناري لڳ پڻ هڪ ٽونگ
هوندو، جنهن ۾ هڪ گهڙيل ۽ رنديل ڏڪر جنهن کي هٿيو
چون، سو کپائي، ان کي جهلي پورهيت جنڊي ڦيرائڻ
شروع ڪندي ۽ هڪ هٿ سان ڦيرائڻ ۽ ٻئي سان اَن جي لپ
ڀري ڳاريءَ ۾ پئي وجهندي ساريون ڏرجي هيٺ پيون
ڊهنديون.
ڇڙ ۽ ڇنڊ:
ساريون ڏرجي ويون ته ڪونڊن يا ڇڄن ۾ وجهي [جي سرَ جي تيلين مان ٺهيل
هوندا آهن] انهن کي ڇنڊڪا ڏيئي تاربو، ته تهه ۽
توتڙ اڏامي ويندا ۽ چانورن کي هڪ هنڌ ڍير ڪري پيون
رکنديون. پوءِ انهن کي ڇينديون ۽ ڇڙڻ لاءِ اکري يا
ننگهه ڪم آڻين.
اُکري / ننگهه:
اُکري ٺڪر جي ٺهيل هوندي آهي، ڪنڀار نهائينءَ ۾ پچائيندا آهن. هن جو
منهن ويڪرو خلاصو فوني جي بونب وانگر ۽ هيٺيون حصو
سوڙهي تر وارو جاڏو هوندو اٿس. ننگهه، پڻ اکريءَ
جي هيٺئين حصي وانگر جمني يا پيالي واري گولائي
مڪعب پٿر جي گهڙيل ٽڪيل هوندي آهي. هن کي زمين ۾
مضبوط ڪري پوري، مٿان لنبي ڇڏين. جڏهن سڪندي آهي،
ته زالون اَن جي ٻڪي يا واڌائي وجهي ويهي اناج
ڇڙين. ڇڙڻ ۾ ڪڏهن ٻه ٻه ڄڻيون ٿي ويهن. سندن هٿن ۾
ڪاٺ جي گول اڍائي فوٽ کن گهڙيل گهريتڙي جيت وانگي
وچ سنهون کپيل جنهن ۾ مٺ وجهي سوگهي جهلين ۽ پاسا
ٿلها ۽ گول هوندا اٿس. تنهن ۾ مٺ ڦاسائي مٿان کان
ڪري ڀري ننگهه يا اُکريءَ جي پيالي واري مرڪز يا
ٽڻ تي هڻن ۽ هڪ هٿ سان چانورن کي اٿلائين پٿلائين،
تان، چانورن تان چنو لهي ويندو ۽ چانور اڇا جهڙا
ٻنگ ٿي بيهندا. جڏهن سڀئي ڇڙجي ويا ته وري سُپ يا
ڇڄ ۾ وجهي تاري ڇنڊڪا ڏيئي چنو ڪڍي وٺنديون.
چانورن کان سواءِ ڪڻڪ، ٻاجهر ۽ جوئر کي به زالون
اُکريءَ ۾ وجهي ٻه ٽي ڌڪ ڌڪ هڻي، پوءِ ڇنڊينديون
آهن ته انهن مان مٽي ڀتر ۽ ڪک ڪاڳر ڇنڊڻ سان يڪدم
نڪري ويندا آهن. ماني پچائڻ خاطر اناجن کي جنڊ ۾
وجهي پيهنديون ۽ اٽو ڪنديون آهن.
جنڊ:
هن جا ٻه پڙ پٿر جا ٿيندا آهن. هيٺيون پڙ ڌڙَ کي آليءَ مٽيءَ جو
ڍيٻو يا ماٽ ٺاهي، اها مٽي ٺڪر جي تار يا تانئر جي
وچ تي رکي ان جي مٿان پڙ سوگهو ڪري ڄمائبو آهي.
هيٺئين پڙ جي وچ ۾ هڪ ننڍڙو سوراخ هوندو آهي. ان
سوراخ ۾ ڪاٺيون اڳڙين سان ويڙهي وجهي جن کي چپرون،
چون پوءِ لوهه جو ڪير يا ڪِلو ٺوڪي لڳائبو آهي، ان
کي ”ڪمر“ ڪوٺين. مٿئين پڙ جي وچ ۾ هڪڙو وڏو ڳارک
(سوراخ) ٿئي، جنهن کي ڳاري چون. ان ڳاريءَ ۾ مڪعب
مٺ ڪاٺيءَ جي گهڙيل لچڪدار جنهن کي وچ ۾ ٽونگ سليل
هوندو آهي، سا وچ ڳاري ۾ جڪڙي ويهارين ۽ ان جو
ٽونگ ڪير ۾ وجهن. ان مٺ کي ”مڪڙي“ ڪوٺين. ڪير جي
مٿان ٻيو هڪڙو گهڙيل ٽڪرو هوندو آهي، [جنهن جي وچ
۾ پيالي وارو ٽونگ ٿئي ۽ پاسا نپيل هوندا اٿس]
جنهن کي مڪڙو/مڪڙ جهڙو ڪري ڪوٺين. آڻ يعني لوهي
ڇلي سان مڪڙيءَ جي ڪک مان هار وانگر ڏورا، هڪڙو
هڪڙي پاسي ۽ ٻيو ٻي پاسي کان وجهن، جن کي جوٽا به
چون. اهي جوٽا، مڪڙي وارن نپيل پاسن کي ڦيرائي،
پوءِ ڏورن جي پوري وچ تي ڏاڍيريون اڻکون باجر
ڇانڀيون [جن کي آڪيڙا يا آريڪا ڪوٺين] ڏيئي وٽ
چاڙهين. ان وٽ ڏيڻ جي جنڊ جي مٿي کڻڻ ڪوٺين. هن
ڪري جنڊ هلڪو يا ڳرو ٿيندو آهي. مٿئين پڙ جي پاسي
جي ڪناري ۾ ٻيو به ننڍڙو تونگ ٿيندو آهي، جنهن ۾
هڪڙو ڏيڍ فوٽ کن جو گهڙيل ۽ رنديل ڏڪر کي هٿيو
سڏين، وجهي زال ماڻهو جنڊکي ڦيرندي آهي ۽ ٻئي هٿ
سان ان جي لپ ڳاريءَ ۾ پئي وجهندي آهي.
اَنُ - پيهڻ:
زالون گهڻو ڪري جنڊ اَسر کان پوءِ اٿي پيهنديون آهن. ان مهل جنڊ جوگرڙاٽ
اهڙو سريلو ۽ وڻندڙ هوندو آهي، جو ننڊ جا گهيرٽ
چڙهي ويندا آهن. جنڊ هاري، سُپُ اَن جو ڀري پاسي ۾
رکي هڪڙي جوٽ سڌي ۽ هڪڙي ٽنگ پکيڙي پيهڻ ويهندي.
لپ ڀريندي ڳاريءَ ۾ پئي وجهندي، اَن پيسندو تار ۾
پيو گڏ ٿيندو. جڏهن جنڊ اُڍاڻيندي ته هڪڙو اڳڙيءَ
ٽڪر جنهن کي ”نائو“ سڏين، سو ڳاريءَ ۾ وجهي تڪڙا
تڪڙا ڦيرا ڏيندي ته سمورو رهيل اَن وڃي پڙن ۾
پوندو ۽ پيسجي ويندو. جنڊ جهلي انهيءَ نائي سان
پيٺل اٽو ميڙي ڪڍي طس ڀري رکندي.
زالن کان جيڪي جنڊ ٿيون ڪڍن جي ڪنهن دير مدار بابت کڻي پڇبو آهي، ته ڪيترو
وقت لڳو ته امالڪ چونديون ٻن پاٽين يا ٽويي پيهڻ
جيتري دير لڳي هوندي. گويا جنڊ پيهڻ به گهڙيال جو
ڪم ڏيندو هو.
محاورو: (جنڊ اباڻو ته به وار ورائتي)
سئيءَ جو پورهيو:
”سگهڙ زالون ۽ نياڻيون گهر جي ڪم حاج مان وانديون ٿي ڪري، ڀرت
ڀرينديون، هٿ سان ڪپڙا سبنديون، ڪي سنڌي ٽوپيون
ٺاهينديون، ڪي گج ۽ گهگها ڀرينديون، ڀرت به نت
نوان هر مچ، دوسوتي، ستارا، مڪيش، سلميٰ ستاري
وارا نت نوان نمونا نور نچوئي جوڙينديون. سنڌ ۾
اهڙو هنر به آهي جيڪو دنيا جي آڏو هن جا نمونا
آڻجن ته هڪ عالم دنگ رهجي وڃي.“(1)
ڪپڙو سبڻ:
گوڊواڙ سلوارون، جن جا ڏر وهيٽي، پوءِ هٿ جي بخيي تي ويهي سبنديون
هيون. ڊگها پهراڻ، جن جي ڳچي کاٻي پاسي تي ڪئون يا
ڪَهِي ٻيڙي تي، پاسن ۾ بالا، ڪڇن ۾ ڪڇورايون
ڀانهوڙيون خلاصيون رکنديون هيون. چولا جن تي قيطون
ڪارو لڳايو ويندو هو ۽ قميصون جن جي ڳلي پٽي
(گلفي) قناويز ريشمي ڪپڙي جي رکنديون هيون يا لسو
ڳلو هرک جي پٽيءَ سان ڪاڄ ٻيڙا ٽانڪي ڪنديون هيون:
قميص يا چولي کي هيٺان ڳچيءَ جي گول ٽڪرو اَستر
وانگر به رکنديون هيون، جنهن کي ”مَلو“ ڪوٺين. ڪن
چولن کي مغزي يا طُوئي رکنديون هيون.
اجرڪن، کيسن ۽ کٿن جي ٻن ٽڪن کي ڳنڍڻ جي لاءِ ڪنڊڙو، کيل يا کير
ريشمي يا سوٽي ڌاڳو هڻي ملائينديون هيون.
ڀرت ڀرڻ:
سٿڻ جا پير، چولن جون ڳچيون، گج، لاوڻيون پيٽيون، قصابا [ڪسابا]،
ٽوپيون، بوڇڻيون، ڪمربند، آڳا، ٻانهون، پيس جتين
جون مٿيون کلون، رومال، سبوٽ چولا وغيره هرمچ جي
پورن سان ڇري، ويهي ڀرينديون هيون.
پورَ:
ڪاٺ جي ننڍين ننڍين دوڳين تي ڪاريگر هنن قسمن جا پور ويهي اُڪيريندا
آهن. هرمچي جا: ڀڳڙو، پيٽ ڦاٿو، ڦلي، ڦول، ڦلڪاري،
گل، گلڪاري، ول، ٽه مکي، چؤمکي، پتاشو، ٻُڙي،
پنکڙي، لام، جنجيرو، ڪان پيرو، پوپٽ، مسڪرو، نانگ
ڦڻ، مورکنڀ، ٽڪنڊي، ڪوٽ، اڌڪوٽ، منوڪوٽ، ڀرڻو،
دڳني، تائيٿ، دلپاڪ وغيره. ان کان سواءِ ڀرت ۾
ڪنگري ۽ وَٽ به ڀرينديون هيون، جن جو پور نه ٿيندو
هو. ٻيا هيءُ قسم ٽوپي ۽ ڀرت جا هئا: آنڪڻ،
بادامچو، بادلو، اُرمو، اوٽي، ٻُهي، اُرمڙو،
اڌڇني، اڌڙي، ٻيڙو، هيج، سينابند، ٻائوريا، کُڻ،
ٻوٽا، پوٽيون، ٻوٽيڙيون، ٻٽو کڻ، ٻهرال، ٻلانگڙي،
ٻيجوڙو ۽ بغدادي. انهيءَ ڀرت کي اهڙو سهڻو سوڌائي
۾ ڀريو ويندو هو، جو ڪنهن منهه مارڪي ۾ اهڙا ڀرت
ڏسيو اکيون پيون ٺرنديون هيون. زالن جا وات ڦاٽي
ويندا هئا. هاسيڪار [حاصل ڪار] هلي وڃي انهن
ڪاريگرياڻين جو ڏس پنڌ پڇي پاڻ ڀرت ڀرائينديون
هيون.
”سنڌي ڀرت ۾ ”هرمچ“ خاص ڀرت ليکيو وڃي ٿو. هن ڀرت سکڻ مهل سگهڙ
زالون سيکڙاٽ نياڻين کي پهرئين ڀُڳڙو، پوءِ ليڪ
[ڀڳڙي جي لائين] پوءِ پيٽ ڦاٽي ان کان پوءِ ڦُلي.
ان ريت هوريان هوريان هرمچ ڀرڻ ۾ ڀڙ ٿيڻ تي، ڪٻي ۽
ڪٻي ول ۽ اهڙا ٻيا انيڪ نمونا سيکاريا ويندا آهن.
”هرمچ“ سان گڏ ٽِڪُ ڀرڻ به سيکاريو ويندو آهي.
ٽِڪُ پهرين ڪچي ڪئي ويندي آهي، انهيءَ ڪچي ڪرڻ ۾
ٽِڪُ مٿان، ڇهه ڪنڊون ستارو سُئي ڌاڳي سان ٺاهيو
ويندو آهي، انهيءَ ستاري کي پوءِ ساڳئي ڌاڳي ڪنڊڙي
هڻڻ ۽ اُرمو ورائڻ واري نموني سان پڪو ڪيو ويندو
آهي.“(1)
رليون سبڻ:
سنڌ ديس جي رلي چئي کڻي بس ڪر! اڄ به هتان جون مايون صحابتون اهو
پورهيو ڪنديون اچن. رليءَ سبڻ جي لاءِ ڪنهن وقت
اوڙي پاڙي جون جويون هڪ هنڌ اچي ڪٺيون ٿينديون. ڪو
تڏو تؤنري وڇائي رلي پٿارينديون. رليءَ جا ٽي حصا
ٿيندا آهن: هڪڙو هيٺيون پڙ جنهن کي ٿرُ به چون،
جيڪو لسوئي لسو ڳنڍيل هوندو آهي، يا ڪنهن چادر يا
اجرڪ اڌوراڻيءَ کي ڌوئي بنائينديون، ٻيو ليهه، ڇنل
ڦاٽل ريڙون اڳڙيون جن کي پُچَ چون، سي هيٺئين پڙ
مٿان وڇائي ڀرتي ڪن. اها ڀرتي سڄي رليءَ ۾ هڪ
ساريڪي هوندي آهي. ٽيون ٿئي مٿيون پُڙ جو رنگارنگي
ٽڪرين تي ڳنڍيل يا سبيل ٿئي، ان جي پاسن کان بازار
۽ گڏيون رکيل هونديون آهن. اهو مٿيون پر پچن مٿان
رکي پوءِ ٽوپو ڏيڻ شروع ڪنديون. هر هڪ ٽوپو سڌائي
پور وڇوٽ پيو لڳندو. رلين جا نالا: مٿئين پڙ جي
بناوت موجب رکيل هوندا آهن، مثلاً فرش گل، چنڊ
تارو، چوپڻ ڍارا، اُٺ ڪجائو، نٿ بولو، گدري ڦار،
لوڙهي ٽپ، ڀت ٽپ، کجي، لهر، هندورو، انڊلٺ،
چانڊوڪي، رات ڏينهن، ڪانگ پيرو وغيره. انهن سڀني
کي ٽڪرين تي ڳنڍيل رليون، چئبو آهي، سنڌ ۾ ننڍن ۽
سنهن رنگين ڪپڙن جي ٽڪرن سان ٺهيل جوڳين جون رليون
مشهور آهن. جوڳياڻيون ننڍا ننڍا رنگين چنڊ ٺاهي،
وچان جوڙينديون وينديون، انهن ۾ چوڪور ۽ ٽڪنڊن
ٽڪرن جو لهرون سنڌ جو عجيب فن آهي. جو فن جو دنيا
۾ مثال ناهي(1)
. ٻيون ٿين ڪٽاهه تي رليون، جن جون وچون چؤنڪڙيون
ڪتريل ۽ قَرت ڀريل ٿين ۽ ٽيون اُڪر يا ڪتر تي
رليون، جن لاءِ وري چورس ڪپڙي جي مٿان ڦلڪاري
ڪتريل يا جاميٽريءَ واريون شڪليون ڪتري، اهو
چنبي جو چنبو ٽڪرُ پڙ مٿان رکي ٿڦي ڪناريون ورائي
زالون سبي سوگهو ڪنديون آهن، انهن رلين کي ٽُڪ
واريون رليون چيو ويندو آهي. رلين ۾ ٿر پاسي جي
رلين جو سيبو يا ٽوپو اهڙو ته پيو وڻندو آهي، جهڙا
سيلاني موتي پوئي کڻي رکيا اٿن. انهيءَ لاءِ اتان
جي رلين جي لاءِ چون ته اُٺ ناڻي جو ٿيون لهن!
سرمو ستارو /سلما ستارا ۽ ٻيا ڀرت ڀرڻ:
ڪپڙن، اونڌرن، وڳن، وسين، جورن تي وڏا وڏا ماڻهو ۽ شاهوڪار، سيٺيون،
وڏيرا ۽ ٽيسنگ گڙنگ شادين مرادين لاءِ زري يا زر
دوزيءَ جي ڪم ۾ ڏورن، سُرمي ستاري جو ڪم يا مڪيش،
مُڪو، ستارا، دبڪو، هرمڇ جو ڪم ڪرائيندا آهن. اهو
ڪم ڪاٺ جي قالب [فريم] جنهن کي ڪارچوب چون. ان تي
ڪپڙي کي ڇڪي ٽانڪي پوءِ سئيءَ سان ويهي مٿيون
زردوزيءَ جو سامان ونڊي ورڇي گلن پکين ۽ ولن
ڪنارين جي ڀرپ ڪبي آهي. اهي ڪپڙا هزارين روپيا
کائيندا آهن، ڇو ته اهي شيون سچيون هونديون آهن.
پراڻي ٿيڻ کان پوءِ به وڪامي وينديون آهن.
پر ڪي غريب قومون اوڏ، سامي وغيره سرمي ستاري بدران ڪچ ڪوڏيون،
ٽڪون، ٽوئنر، جهاٻا ۽ جهوڙا رکائين.
موتين جي پُوچ:
اسان وٽ موتين جو ڪم گهڻو تڻو هار سينگار جي وَٿن تي ٿئي ٿو. مثلاً
زالن جي چوٽيءَ ۾ ٻڌڻ جون سڳيون. سرون، هار،
ڪنڍليون، سرميداڻيون، وڃڻين جا تر ۽ ڳن، اڳٺن جون
نريون ۽ گر وغيره ۾ هوشيار زالون موتين جي پوڄ
مڙهه به ڪنديون آهن، پر ننگرپارڪر تعلقي ۾ لونگن،
سوپارين، ڦوٽن، بادامين، آرسين، دٻلين وغيره تي
رنگارنگي موتين جي پوچ ڪئي ويندي آهي. بعضي ڪن
پردن تي موتين جي پوچ جا پکي، جيت، پوپٽ، گل،
ٻوٽا، ولون به ٺاهيون وينديون آهن. اهو ڪم انهن
گُجرن جو ڏسڻ وٽان آهي!
اَڳٺ اُڻڻ:
اڳٽن جي گهرج تمام گهڻي قدر آهي. اها سٿڻ ڪهڙي جنهن ۾ اڳٺ نه هجي! سٿڻ پائي
ته اڳٺ اوس ڌاري! اڳٺ کي ڪي وري اٺاڳ به چون. نه
رڳو سٿڻ ۾ پر اڳٺ ٻين شين ٻڌڻ جي ڪمن ۾ به اچي ٿو.
پٽهڙ/ اڳٺ:
هنن اڳٺن جي ڪوري، تاڃي ڪڍي، ان ۾ جهڙو گل رکائڻ چاهيندا، اهڙي
نموني جي چونڊ ڪري چپڙيون يعني تاس جون چورس ڪٽيل
طاقيون يا پتيون، جن کي ڪنڊن وٽ لوهي ڪلف جي
چاٻيءَ وجهڻ واري خاني جهڙا سوراخ ٿيل هوندا آهن ۽
ان جي پوئتان ڌاڳن کي ڌار ڪرڻ جي لاءِ ڪاٺ جي ڦڻي
پيل هوندي آهي ۽ ڪل سؤ اڳٺن جو آڏو، ٺاهڻ يا اُڻڻُ
جي لاءِ اوڄي وارين کي موڪليندا آهن.
اُڻندڙ عورت، هرهڪ اڳٺ جي ڊيگهه واري پڇاڙي سرڪڻ ڳنڍ سان ڪليءَ ۾
اٽڪائي، هڪڙو ٺڪر جو لوٽو، طس يا دکي اونڌي ڪري ان
جي مٿان اَڏو رکي، اڏي جي منڍ وارو اڳٺ پنهنجيءَ
سئينءَ جوٽ تي ڪپڙو، ڦڙڪو يا چمڙي ٽڪر رکي، ان تان
ڦيرائي سوگهو جهلي، هڪڙي هٿ ۾ ڪاٺيءَ جي هٿي جا
ڪاتي وانگر ٿيندي آهي، جنهن سان ٺوڪ ڏيئي اوڄي کي
ڳُتيندي ۽ ٻئي هٿ ۾ سٽ جي ڳوٽي جهلي تاڃيءَ جي پيٽ
مان اُڪاريندي ۽ چپڙين کي ڦيرو ڏيئي مٿان هٿيءَ جي
ٺوڪ ڏيندي، ته سڳا هيٺ وارا مٿي ۽ مٿي وارا هيٺ
لهي تاڃي جو پيٽ پيا ٺاهيندا. جڏهن سڄو اڳٺ اُڻجي
پورو ٿيندو ته سرڪڻ وجهي بند ڏيئي ڪجهه پوڇڙ لاءِ
ٽڪر ڇڏي وري ٻيو اڻڻ لڳندي، تان جو ٻن ٽن ڏينهن ۾
اَڏو اُڻي ختم ڪندي. گلن وارن اڳٺن جو محنتاڻو
سنوالو (جهجهو) ملندس ۽ لسن جو ڪجهه گهٽ ملندو.
پٽهڙ اڳٺن تي گلن رکڻ جو هنر نصرپور ۾ تمام هوشيار
۽ ڪاريگر زالون ڪنديون آهن.
ڄارياوان اڳٽ:
هنن اڳٺن جي لاءِ پهريائين چار ڪليون ڌرتيءَ تي کوڙبيون. جن جي شڪل
هن ريت ٽڪنڊي بيهندي. ٻه ڪليون آمهون سامهون، پر
پري ڇڊيون ۽ ٻه هڪٻئي جي ڀر ۾ هونديون، پوءِ
تاڃيءَ جو سُٽ ڪِلين تي ويڙهبو وڃبو. جتي ٻه
ڪِليون ويجهيون آهن، اتي ڌاڳو لاماٽ ٿيندو يعني
هڪٻئي مٿان آڏو ٿي اُڪرندو. انهيءَ جاءِ کي ”دم“
نالو ڏين ۽ اهو دم ئي پهريون اوڄي جو خانو ٿي
بيهندو. سڄي اڳٺ جي تاڃي هار وانگر نڪتل هوندي
آهي. اها تاڃي ڪي زالون وري ڪاٺ جي مٿئينءَ شڪل
وانگر نڪتل ڪارچُوب تي به ڪڍنديون آهن. اهي ڪاٺ جي
ٻانهين يا ايسن ۾ ڪاٺ جون ڪليون بلائيتون کتل
هونديون آهن. تاڃي سُٽ، ڪشميري توڙي ريشمي پٽ جي
ڪڍي ڪم آڻي سگهبي آهي. ڪا صاف سفيد ته ڪا وري رنگ
برنگي ٿيندي آهي. ان جا ويڙهيل ڍيرا هوندا آهن.
نڪتل تاڃي وري اڳٺن واري قالب يا ٻي ڪارچوب تي
چاڙهبي آهي. ان جي شڪل هن نموني هوندي آهي. ٻارن
جي کوڙن جي منجڻ وانگي جيڪا اسڪولن ۾ ارٿ مٽيڪان
نالي سان مشهور آهي. ان منجڻ جون مٿيون پٽيون
چپٿريون چيپاٽون هونديون آهن. جن ۾ هڪڙي چورس دامن
يا چورسو گهرگهلو هيٺ مٿي پيو ٿيندو آهي، اڳٺ کي
ڍرو ڪرڻ واسطي هيٺ لاهبو اٿس ۽ ڇڪي رکڻ لاءِ مٿي
ڪبو اٿس، پوءِ چيپاٽن ۾ ٿيل ٽنگن مان ٻن ۾ ڪوڪا
وجهي، چورسو بلائتو بيهاربو آهي. دامن کان هيٺ رڳو
فريم يا قالب آهي. اڳٺ اُڻڻ مهل اها دامن ڍري ڪبي،
ته اڳٺ جهول هڻي بيهندو ۽ اڻندڙ عورت تاڃي هڪڙي هٿ
تي پکيڙي جهلي، ٻئي هٿ سان تندن کي لاماٽ ڪرڻ شروع
ڪندي يعني هڪڙيون هيٺ ڇڏيندي ته ٻيون مٿي کڻندي،
پر اها چونڊ نمبروار واري پئي ڪندي. برَ جو اوڄو
پورو ٿيو ته ڪانهه جي ڪاني اوڄي کي آڏي ڏيئي مٿي
ڇڪي بيهاريندي ويندي. سارو قالب ڪانين سان ڀريو ته
اوڄو ڳُتيندي، ڪانيون ڪڍندي ويندي، تان جو سڄو اڳٺ
اُڻي وڃي پار پوندي. ڪجهه پوڇڙ ڇڏي، اڳٺ ڪارچوب
تان لاهيندي. پوءِ پوڇڙن وٽان وچوچ ڪتري پوءِ
پلاندن کي ڳنڍيون ٻڌندي، جن کي هريرون به سڏين.
انهن کان پوءِ گر ۽ نريون ٻڌي ڪاٽنڊ رکڻي هوندي يا
قلا باط جا ڏورا وهائي، چمڪائيندس يا جهاٻا جهوڙا،
ڦنڌڻ ٽؤنر رکي جنسار ڪندس. هنن اڳٺن جي اڻت اندر،
ڏاهيون ۽ ڀڙ زالون ڦلڪاري به رکنديون آهن. ڪي ٻٽي
تاڃي يعني ٻه ڌار ڌار رنگن جون تندون هڪڙي ابتي
پاسي ڦيرائين ته ٻي سبتي پاسي ڦيرائي تاڃي ڪڍن،
پوءِ انهن اڳٺن کي کيساوان، ڳُڀين تي اڳٺ ڪوٺين.
اهي اڳٺ مهانگا وڪامندا آهن.
ڪُچ ٽڪون:
پاڪستان جي پاڻيپٽ شهر ۾ ڪچ جون بٺيون آهن. جن ۾ ڪاريگر سنهي پتلي
ڪائي جا پترا ٺاهي. انهن کي پٺ کان پاري جو ليپو
چاڙهيندا آهن ته اهو شيشو آرسيءَ وانگر ٺهي پوندو
آهي ۽ منجهانئس منهن پيو ڏسبو آهي. ان کي ڪوٺين ڪچ
[ڪانچ]. اهو ڪچُ ٽين جي دٻن يا [کارن يا ڇٻن] ۾
بند ڪري هن ملڪ ۾ موڪليو ويندو آهي ۽ ان مان ئي
ٽڪون ٺهنديون آهن، جي زالون جنسار طور ڪپڙن تي
مڙهينديون آهن.
ڪچ ڀڃڻ:
مالڪ ڪچ جو ڇٻو ڇٻو يا دٻو دَٻو ڪري پورهيت زالن کي موڪليندا آهن.
اَهي ڄئو جي ڳوڙهيءَ ۾ روهيءَ واري پٿر جي ڪڻ يا
ٽُڪراٽو، جنهن جي چهنب ٻاهر نڪري بيهي، ان ۾ دٻي
سڪ ڪنديون، پوءِ ان کي نالو ڏين ”ڪُرنڊ“. اُن
ڪُرنڊ سان شيشي جي پترن تي پوروڇوٽ لينگها ڪڍي،
چپٽين جي زور سان انهن کي ڀڃي مستطيل پٽيون
ڪنديون، وري ان مستطيل پٽين کي اٽڪل پائي جي ماپ
جيترن چورس ٽڪرن ۾ ليڪا ڏيئي ڀڃنديون. انهن مان ڪي
وري ٽڪنڊي شڪل جا ٽڪرا به ٺهندا ۽ جيڪي تمام ننڍڙا
ذرڙا بچندا، تن کي ”ڪُتلي“ ڪوٺين. پوءِ اهي ٿيون
اڻ ڪوريل ٽڪون، جي مالڪن کي پهچائي پورهيو
وٺنديون.
ڪچ ڪورڻ:
اهي چورس ٿي آيل اڻ ڪوريل ٽڪون، وري ٻين پورهيتن ڏانهن موڪليون
وينديون آهن. جن وٽ هڪڙيون خاص قسم جون
قئنچيون/ڪٽرون هونديون آهن. اهي ٽڪ هٿ ۾ کڻي ٻئي
هٿ جي آڱرين ۾ ڪٽرُ جهلي، ٽڪن جون ڪنڊون ڪوري لاهي
وٺنديون ته گول ٽڪ ٿي پوندي. ڪچ جي ڪورڻ جا ٻه
نمونا آهن: هڪڙو چٽو، جنهن جي ٽڪ سُوڌي ۽ پائي
وانگي گول بيهندي آهي ۽ ٻَيو ”گلو“ جنهن جون رڳو
ڪنڊون لٿل هونديون آهن ۽ ٽيون ”ڪانگلو“ جنهن جون
ٽي ڪنڊون گولائي ۾ لاٿيون وينديون آهن، باقي هڪ
ڪنڊ رهندي آهي. لٿل ڪور کي ”رائو“ سڏين. اهي ٽڪون
گجن، اُڳيڇڻين، رومالن، ٽوپين وغيره تي لڳل
هونديون آهن، جن کي سگهڙون ڀرت سان سوگهو ڪنديون
آهن، جي وري اونداهيءَ ۾ يا سج جي روشني ۾ يا رات
جو بتين جي سوجهري تي ڏاڍي چمڪ ڌمڪ ڪنديون آهن ۽
اکيون کيريون ڪري ڇڏينديون آهن.
اوبڻ:
سُٽ يا پَٽ جا ڦورا اوبرن تي ويڙهڻ کي اوبڻ ٿو چئجي. ڇو ته اوبرن تي
اوبڻ سان ان جون ڌار ڌار چڳون ۽ ڇڙيون ٺاهي سگهجن
ٿيون. ارٽن تي نڙا ڀرڻ کي به اوبڻ سڏيو ويندو آهي.
اوبرو:
ڪاٺ جي هڪ گول لسي ڳني جنهن جو وچ ٿُلهو سرو ۽ ٻنهي پاسي چهنبدار
پڇاڙيون ٿين. ان ڳنيءَ جي مٿان ڪاٺ جون چپٿڙيون
ڊگهيون مستطيل پٽيون، جن جو وچ ويڪرو ۽ سوراخدار
هوندو آهي، تن کي ”کُهيون“ ڪوٺين. انهن جون
پڇاڙيون کَٻيل هونديون آهن، سي هيٺيان توڙي مٿان
ٻه - ٻه يا چار - چار ڳنيِ ۾ وجهي، انهن کي پکيڙي
آڏ پاسيريون بيهاري هڪڙي ڏوري سان نمبروار کپيل
پڇاڙيون وراڪي ڇڏبيون ته ٿيو اوبرو.
اوبڻ واريون اوبري جي ڳني ڇلائين لوهي سيخ ڀت ۾ کوڙي تنهن ۾ اٽڪائي
ڍڳ چاڙهي اوبڻ شروع ڪنديون. ڪي ننڍڙا اوبرا هوندا
ته اوبرن جي منجڻ ۾ ٻه اوبرا وجهي، انهن جو پٽ يا
سٽ ٻه - تارو ڪري اوبينديون.
منجڻ:
منجڻ جي هن نموني شڪل هوندي آهي: ٻه دهريون ايسون جن کي وچ ۾ هڪڙي
پسر سل چوڙ وسيلي قابو بيهاريندي، مٿينءَ کي ٻه
آرپار سوراخ ۽ هيٺينءَ کي، پياليءَ وارا نپيل ٻه
سوراخ هوندا آهن.
ريشم جا ڪيترائي قسم ٿين ٿا. پهريائين ڪچو ريشم چين، خيوا يا بخارا
کان ايندو آهي. ڪچي ريشم ۾ هڪڙو ٿئي ”سفيدگل“ جو
چين کان ٿو اچي ۽ ٻيو ٿئي ”ڳاڙهوگل“ جو بخارا کان
گَڏَن جي صورت ۾ جن کي بدڙيون چون ايندو آهي. ڪنهن
بدڙي ۾ ڏهه چڳون ٿين، ته ڪنهن ۾ ٻارهن. اهو اوبي
ان مان رنگ برگي ريشم جون ”ڇڙيون“ بنائين ۽ ٻيو
هلڪو قسم ان کي ”بانٺ“ ڪوٺين، جنهن مان ريشمي ڏورا
وٽون رسون وغيره ٺاهين. ٽين ٿئي ”ڏڪري“ هن مان
ٽؤنر، جهاٻا، جهوڙا ۽ پٽ جا ڦنڌڻ جوڙين. پر سڀئي
قسم اوبرن تي اوبي پوءِ رڱاوت ڪندا آهن.
سَيُون ٺاهڻ:
سَيُن کي ڪي ڪي لاڙ ۾ سيويون به سڏين. هاڻي ته گهر گهر سَيُن جوڙڻ
جون مشينون موجود آهن، پر ڪو سمو هو ته کائڻ جا
شوقين هٿراڌو سيون جوڙائي رڌائي کائي لطف ۽ چشڪا
وٺندا هئا. اهي گهريتيون زالون ٿوري اجوري وٺڻ سان
ٺاهي ڏينديون هيون. ٺاهڻ جو دستور هن طرح هو. هڪڙو
گهڙو يا دلو اونڌو ڪري ان جي تري کي ڌوئي ڌمالي
مٺو سرنهن جو تيل مکي ڪجهه وقت اُس ۾ سڪڻ رکندس.
ڪڻڪ جو اٽو پرڻ مان ڇاڻي، وري ململ جهڙي سنهڙي
ڪپڙي مان ٻيو ڀيرو ڇاڻي، ميدي جهڙو نرم ۽ ترڪڻو
بنائينديون هيون، پوءِ انهيءَ ۾ پاڻيءَ جي چرون
چرون وجهي ڳوهي، مٺيون ڏيئي نرم، پر ڪجهه ڏاڍيرو
بنائي. ان مان چاڻا ٺاهي رکنديون ۽ اوماهيل گهڙو
کڻي هڪ منجي اونڌي ڪري ان جي پاڳي ۾ دلي جي گردن
اٽڪائي، منجيءَ تي ويهي، اٽي جو ڳوڙهو يا چاڻو کڻي
دلي جي پٺ تي رکي، ٻنهي هٿن سان ويلڻ لڳنديون ۽
ٻنهي پاسن کان ڌار وانگر سَيوُيون لڙڪي لڙڪي هيٺ
لهي پيون گڏ ٿينديون. جڏهن هٿ جي ڀرپ جيتريون
ٿينديون ته ڏيڍي هٿ تي اهي سيون ڏوريون ڪري رکي
وڃي ٻاهر اس ۾ وڇايل تڏي يا ڪنهن ڪپڙي مٿان سڪڻ
رکنديون ۽ ان کي ”هٿ“ چونديون هيون. اهي هٿ سڪا ته
کڻي ڇٻي يا ڇليءَ ۾ حفاظت سان ڌڻين کي ڏياري
موڪلينديون هيون.
ٻيڙيون ٻڌڻ:
پن جي ٻيڙين ٻڌڻ جو هن ٽڻي گهڻو چالامانو آهي، ڇو ته اڳوڻا پورهيا
گهڻو ڪري سڀ چُڪي ويا آهن.
زالون تنبول جا پن جيڪي ڳٺن ۾ بند ٿي ايندا آهن ۽ پُڙو پُڙو الڳ ٻڌل
هوندو آهي، ان مان گهُرج آهر پُڙا خريد ڪري، رات
جو پاڻيءَ ۾ پسڻا رکن، صبوح جو هڪڙي خاص قسم جي
قئنچيءَ سان انهن پنن کي ڪترڻ شروع ڪن ۽ ٻيڙيءَ جي
خاڪي واري ماپ جيترو پتو ڪٽين. انهن پتن مان ڏانڊي
۽ پن جو ساڙ ڪڍي ڇڏين. پتي جون ڪي ڪورون ننڍيون ته
ڪي وڏيون ٿين. اهي ڪٽيل پتا ڪنهن آليءَ ٽپڙيءَ
(ٻوريءَ) جي ٽڪر ۾ ويڙهي رکن ته جيئن سوڪ کائڻ کان
بچيل رهن. ڇو ته سوڪ جي حالت ۾ وٽ کائي نه سگهندا
۽ ٽڙڪي پوندا، پوءِ هرهڪ ڪور جو پتو کڻي ڇاٻ، جنهن
۾ تماڪ جا نمونا: کهنبو، ڪسونبو ۽ موتيو وغيره پيل
هوندا، تن مان چپٽي ڀري ڪوريل پن تي رکي آڱرين جي
زور سان پتي کي موڙ ڏينديون، ته پن گول پوپي وانگر
ٿي ويندو. ان جو هيٺيون حصو سوڙهو ۽ مٿيون ويڪرو،
ابتي مخروطي شڪل وانگر ٿي بيهندو، پوءِ ان کي
هيٺان ڪچي سٽ جي تند جو وٽ ڏيئي بلائتو ڪنديون ۽
مٿان ٻيو تماڪ خال ۾ وجهي ان کي ڀري، مٿان ڪنارن
جي ٻينج ننهن سان داٻ ڏيئي ٻنجينديون ته ٻيڙي تيار
ٿي پوندي. اهڙيون ٻيڙيون ڏينهن ۾ پنج سؤ کان وٺي
هزار - ٻن تائين ٻڌي سگهنديون آهن.
ٻيا عام پورهيا:
* جن ماڻهن جا پنهنجا گهرو هنر وغيره هوندا آهن، تن کي پنهنجون عورتون
ئي اتي هٿوباري ڪرائينديون رهنديون آهن.
* ڪنڀارن جون زالون پنهنجن ورن سان مٽي ڪٽڻ، ٿانءَ ٺپڻ، داءُ ڏيڻ، کڻي
آويءَ تائين آڻڻ ۽ نهائين ۾ سٿڻ ۾ شامل رهنديون
آهن.
* رڱاوت ڪندڙن جون عورتون ننگا ميل ڪرڻ، ننگ ڇرڻ ۽ ڀينڊين ٻڌڻ ۾ مردن جي
مدد ڪنديون آهن.
* لوهارن، ڪارين جون جويون ڌمڻ ڌئڻ، وڏاڻ هڻڻ ۾ مڙسن سان ٻانهن ٻيلي
آهن.
* ڪورين جون گهرواريون نڙا ڀرڻ، ڏهيون ڪپڻ، پيڄي ٺاهڻ، ڪپڙا تهه ڪرڻ،
تاڃي اٿلائڻ ۾ ٻيلهيپ ڪنديون رهن ٿيون.
* ڪن هنڌن تي ڪي پورهيتون ڦيش يا پيش جي ڦرهن مان (سٽي ڪٽي) رسا ٺاهڻ،
واڻ وٽڻ، ٻهاريون ٺاهڻ، تڏا، نکون ۽ ڇِتريون جوڙڻ،
کٽون واڻڻ جو ڪم ڪنديون آهن. ڪي پيش، تيلين، ڊڀن،
ناڙي، ڪک ڪاڄرن ۽ کٻڙن ۽ لين جي لامن مان کارا،
ڇٻا، ڇاٻون، ڏلها، پنڊيون، دٻڪيون، ڇڪا، ڇليون،
ڇٻريون، چکون، پکا ۽ رانديڪا وغيره ۽ مڃ مان واڻ
وٽي کٽون مڙهڻ، موڙا ٺاهڻ جا ڪم ڪنديون رهنديون
آهن. سنڌ جون سدوريون ڪڏهن به وانجهيون ٿي ڪين
ويهن. جنهن به وقت گهر جي ڌوپ ڌڙي، ڇنڊ ڦوڪ، ليپي
پوچي، ڪاٺي ڦانگي آڻڻ، ڇيڻا ٿڦڻ وغيره کان وانديون
ٿين ۽ ڪارون ڪار ڪو ڪم نه هوندن ته هڪٻئي جي مٿن
کي ويهي سِيرون ڏينديون آهن.
-------
|