سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سنڌ جو لوڪ ثقافتي ورثو

باب: --

صفحو :1

سنڌ جو لوڪ ثقافتي ورثو

ولي محمد طاهرزادو

 

انتساب

منهنجو هيءُ پورهيو انهن سڀني سهڻن، سڄڻن، سرويچن ۽ سرفروشن جي نالي، جن جانبن جند جان جوکي ۾، جيءُ جنجل ۾ وجهي، سڳوري سنڌ ۽ سٻاجهڙن سنڌين جي سلامتيءَ ڪاڻ جاکوڙيو ۽ جفاڪشي ڪئي آهي، جو هن ساهه پساهه کان سرس پياري لطيف سائين جي سونهاري سنڌ کي وري سهاڳ سريو آهي.

سائين! سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سڪار،
دوسَ! مٺا دلدار! عالم سڀ آباد ڪرين.

 

 

- ولي محمد طاهرزادو

 

ڇپائيندڙ پاران

ڪتاب ”سنڌ جو لوڪ ثقافتي ورثو“ سنڌي ادبي بورڊ جي هڪ سگهڙ ۽ سياڻي ڪارڪن محترم ولي محمد طاهرزادي جو پورهئي جي سهيڙ آهي. هن ڪتاب جي شروعات، تاريخ ۽ ثقافت جي لاڳاپن ۽ هڪ ٻئي تي اثر انداز ٿيڻ واري ڳالهه کان شروع ٿي سنڌي ٻوليءَ جي اکٽ لفظي خزاني جي ذڪر تي وڃي پوري ٿئي ٿي.

محترم ولي محمد طاهرزادو ٽنڊوالهيار جو رهواسي هو، ۽ سنڌ جي اڳوڻي ڳوٺاڻي ٽهيءَ جي ”داستان گو“ ۽ ڏاهپ واري سهڻي گفتگو ڪرڻ واري ڏاهن ماڻهن مان هڪ هو. هن پنهنجو هيءُ پورهيو 1970ع ڌاري بورڊ جي حوالي ڪيو.

(ولي محمدطاهرزادو بورڊ جي انهن چند ورڪرن مان هئو، جنهن پنهنجي نوڪريءَ سان گڏوگڏ لوڪ ادب ۽ ورثي کي محفوظ ڪري هڪ وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي. هن جا ٻارن جي وندرورونهن تي لکيل ڪهاڻين، راندين ۽ سنڌ جي هڪ ڏاهي لوڪ ڪردار ”وتايو فقير“ وارا ڪتاب سندس حياتيءَ ۾ ئي بورڊ پاران ڇپجي پڌرا ٿيا.

هن ڪتاب جي منڍ، تاريخ واري ڀاڱي کان وٺي سنڌي ٻوليءَ جي لفظن واري خزاني ”بڻ بڻياد“ تائين سوڌ سنوار وارو ڪم بورڊ جي انچارج ايڊيٽنگ سيل عبدالحفيظ قريشي وڏي عرق ريزيءَ سان مڪمل ڪيو آهي.

سنڌ جي لوڪ ثقافتي ورثي جي رکوال ۽ هڪ لوڪ سڄاڻ ماڻهوءَ جو هيءُ پورهيو منهنجي ايام ڪاريءَ ۾ ڇپجي نروار ٿيڻ تي مون سان گڏ سڄي سنڌ کي ضرور سرهائي ٿيندي ۽ اميد آهي ته سنڌ جي لوڪ ادب جي اِتهاس ۾ هيءُ ڪتاب هڪ عاليشان واڌارو ليکيو ويندو.

 

      ڄام شورو، سنڌ                  اعجاز احمد منگي اربع   9 صفر 1428هجري                           سيڪريٽري

بمطابق 28 فيبروري 2007ع        سنڌي ادبي بورڊ

 

دلي اظهار

گهڻن ڏهاڙن کان اهو خيال هانءُ ۾ هري رهيو هئم ته آخر سنڌي ساهت ۽ ٻوليءَ جو ڇا ٿيندو؟ هڪ پاسي پرڏيهي ٻولين جي والار ۽ ٻئي طرف مشيني دؤر اچي سهڙيو آهي. کيتي لاءِ مشنيون استعمال ٿي رهيون آهن ۽ ٿينديون رهنديون. اسان جو نار ۽ ڏاند پوک جو طريقو ۽ اوزار سڀ جا سڀ ڪٽجي غائب ٿي ويندا، نه رڳو پوکون، پر اسان جي ڪرت: جن ۾ هزارين نج سنڌي ٻوليءَ جا اکر ڪتب پيا اچن سي پڻ بدلجي ويندا! ڪيڏانهن ويا گاڏير ۽ گاڏيون، گهاڻا ۽ چيچڙا، مانڌاڻيون ۽ ماٽيون، نجا کير ته نبار گيهه! ڏسان پيو ته انهن جي جاءِ تي مشينون ۽ موٽر ڪارون، اليڪٽرانڪ اوزار وغيره والاريندا پيا اچن. تڏهن ڇا، سنڌي ٻوليءَ جو اُتوپتو گم ٿي ويندو؟ ڪيترائي لفظ متروڪ ٿي ويا آهن ۽ ٿيندا پيا وڃن. ڪن جي اصليت گم ٿيندي وڃي، ڪي ته گڏجي مسجي پنهنجو وقار ۽ اصليت وڃائي ويٺا آهن. ڪن جو پورو مطلب نڪي سمجهه ۾ ٿو اچي، نڪي ادا ڪري ٿو سگهجي. ٻوليءَ جي ڄاڻوئن هوندي، ٻولي هن طرح پائمال ٿيندي رهي، ته ڏاڍي ڏک جي ڳالهه آهي!

اسان جي ٻولي برجستي برمحمل ۽ مڪمل آهي، منجهس ڪابه کوٽ يا گهٽتائي ڪانهي، پر نئين ٽهيءَ وارا اهو پسند نٿا ڪن، ته تز اکر، جملن ۾ پنهنجي مطلب کي واضح ڪرڻ جي لاءِ سانڍي رکن ۽ انهن جي مالها ڦيرائيندا رهن. هاڻي ته مرڳو خاص شين، خاص عضون جي جاين تي آڱر رکي اشارا ڪيا ٿا وڃن. ڄڻ ته ٻولي گهٽجي ۽ تنگ ٿي رهي آهي. اسان جا محاورا، پهاڪا، چوڻيون ۽ تجنيسون سڀ وئڙٿ وڃي چڪيون آهن، جي سنڌي ٻوليءَ جي چند عالمن کان سواءِ ٻيا رڳو پڙهيل ڪڙهيل به ڪم ٽپائو ٿي پيا آهن.

جنهن ٻوليءَ جا قومي ۽ عوامي شاعر موجود هجن ۽ پنهنجي ٻوليءَ کي ترقي وٺائڻ بجاءِ ٻين ٻولين جي انڌي تقليد ڪندا رهن ۽ پنهنجن اکرن، حرفن، لفظن، جملن کي ميساري وساري ڌاريون ترڪيبون، ۽ ترتيبون استعمال ڪرڻ کي فخر ڄاڻن ۽ دل ۾ اهو ڌيان ڌارين، ته اباڻي ٻوليءَ کي مالامال ڪري رهيا آهن، ته اهو ڪو چڱو مثال ناهي، جنهن به سماج ۾ اُن جي ٻوليءَ جو واهپو جيترو وڌندو ان جي ترقي ۽ بقا اوتري ئي ممڪن هوندي ۽ رهندي.

هن وقت سنڌي ٻوليءَ ۾ نه ڪو سائنس جا ايترا ڪتاب نقل ٿي آيا آهن، نڪي ڊاڪٽري يا سرجريءَ بابت ۽ نه وري ڪي قانوني ڪتاب ترجمو ٿيل آهن. اڃا ڪالهوڻي ڪالهه جي ڳالهه آهي، ته سنڌي ٻولي ڪورٽن جي ٻولي هئي. قاعدن قانونن جا ڪتاب، آفيسن جا فارم، سڀڪجهه سنڌي ٻوليءَ ۾ بي انداز ملي سگهندا هئا. جنهن ڪتاب جي گهر ڪبي هئي، اهو سنڌيءَ ۾ ملندو هو. انگريزن جي زماني ۾ سنڌي ٽائيپ رائيٽر به تيار ڪرايا ويا هئا. سمجهيو هوسين ته ٻولي پنهنجي منزل ڏانهن تڪڙا قدم کڻي رهي هئي، ته ڀلو ٿئي ڪن جعفرن ۽ صادقن جو، جن اُسرندڙ عروج مند ٻوليءَ کي نپوڙي گهوگهاٽي مرڪز جي حوالي ڪيائون. ون يونٽ ڪونه ٺهيو، پر نڙيءَ تي ننهن آيو. ڪيڏانهن ويون اهي خوشحاليون ته ڪيڏانهن ويون قيل مقالون! جو جت سو تت سڪي بيهي رهيو. پوءِ ته نادرشاهه جي ڪوس وانگر دهليءَ جو ٻار ٻچو، زال زنب، وهٽ وانو، ڪٺو ۽ ٻڌو ٿي ويو. ڪي ساڙ سڙيل بهانو ۽ وجهه ڄاڻي سڄي ملڪ ملير مٿان ڇانئجي ويا. ساڳي مدد خان واري ڦرمار، لٽ لوهه لڳي ويئي. ڪير ڪڇي ته يڪدم ٿا الزام لڳن، ويٺا ڏسون عجب رنگ خدا جا، هتي اچي جن پگهر ٺاري وسرام وٺي ملڪيتون ٺاهيون ٻچا پاريا. عزت جي زندگي گذاري، سي خود ڦري ڦاڏا ٿي پيا. جن جون سوين مهمانيون ڪيون سين، کين ٿڌي ڇانوَ ۾ ويهاريو، جڏهن ملڪ ملير مرڪز جي حوالي ٿيو ته اهي هوڙ دنگا ٿي بيٺا. ڪوڙن ڪليمن، ڪوڙن ڊوميسائلن ۽ سرٽيفڪيٽن جو ڪاروبار اوج تي وڃي پهتو، ڌرتي ڌڻين جي سموري ڪاروهنوار تي قلف لڳي ويو. فريادي به پاڻ ته جوابدار به پاڻ، حاڪم به پاڻ ته محڪوم به پاڻ. هاري به پاڻ ته زميندار به پاڻ ٿي ويا.

”مڙيا مڇَ هزار، ڀاڱا ٿيندي سهڻي“

جي مثال وانگر ملڪ ملير ٿي ويو، ڪنهنجي مجال جو ان بغداد بابت ٻڙڪ به ٻاهر ڪڍي سگهي، ڪو ڪڇي ته وات تي هٿ رکي پيا چونس ته ميان ماٺ ٿئي ڀلي.

”نڪي ڪڇ نڪي پڇُ اندر ۾ پيو لڇ“

خدا جي ڪمهري ٿي آهي. پنهنجا ڏوهه آڏو آيا آهن. اوپرن کي گهر جو سڀ سامان ڏيکاريو اٿئون. هنن جي خدا ٻڌي، هنن پنهنجا گندا مندا ڪامورا ڪرڙا الائجي ڇاڇا ڏياري موڪليا ته: جهٽ ڪري ملير کي ڏُهو ۽ کائو. اهڙو سڻڀوگراهه وري هٿ نه ايندو. اصل بيداد ننگري بنائي رکيائون. جيڪو مئو سو ماريو، جيڪو چٻيو سو ڦٻيو!

سچ آهي ته الله سائين وٽ دير آهي، پر انڌير ناهي. قدرت نيٺ پنهنجي جوش ۾ آئي بدقسمتيءَ جا ڏينهن پورا ٿيا، موسم آهر واهوندا وريا. ملڪ ملير بحال ٿيو، ”حق حقداران بر سيد!“ اهو به شڪر ٿيو. ڪنهن جي نيڪ نيت ۾ گمان آڻڻ ڪفر آهي. جزاڪ الله. الله تعاليٰ دلين تي درجا ۽ پنڌ تي ڀاڙا مقرر ڪري ڇڏيا آهن.

خير، آءٌ پنهنجي مقصد کان هٽي البت ٻاهر پري نڪري ويس، تنهن ڪاڻ معافيءَ جو طلبگار آهيان.

سو ڳالهه ٿي ڪيم ٻوليءَ جي، ٻيهار اوج تي آڻڻ جي، متروڪ ٿيل ورثو ته وري انهن پيرن تي ڪين اچي سگهندو، البته جيڪو ذخيرو موجود آهي، ان کي ساهه سان سانڍڻ جو پڪو پهه ڪري. هن ڪتاب لکڻ کي لڳي ويس ورهين جي پورهئي تي، ٻارهن مهينن جي مٿا ڪٽ ڪري ۽ ٽڪرن ٽاڪرن کي ٺاهي جوڙي اڄ هن کي مڪمل ڪري سنڌي ادبي بورڊ جي حوالي ٿو ڪريان جنهن لاءِ لطيف گهوٽ فرمايو آهي ته

”توتي لڄ لطيف آهي سندي عام!“.

منهنجا لايا سجايا ٿيندا، جي سنڌي ادبي بورڊ هن محنت جي قدرداني ڪري مون کي سرفرازي جو موقعو بخشيندو.

والسلام

ولي محمد طاهرزادو

اڱارو 10- مارچ 1970ع

بمطابق 2- محرم 1390هه

 

مهاڳ

دنيا جي سمورن قومي سماجن جي ڪلاسيڪل ادب جو بنياد سندن لوڪ ادب ۾ آهي، انهيءَ لوڪ ادب جو سرجڻهار عوام آهي. اِهو لوڪ ادب پيار ۽ محبت جي داستانن وانگر سينو به سينو سفر ڪندي هرِ پراڻي پيڙهيءَ کان نئين پيڙهيءَ تائين پهچي ٿو. سنڌ جو لوڪ ادب ۽ لوڪ ثقافت جو تاڃي پيٽو سنڌ جي قديم تاريخ ۾ نظر ايندو. قاضي قاضن جو ڪلام هجي يا شاهه عنايت جو ڪلام يا شاهه  عبداللطيفرح جو رسالو. هنن ۾ سمورا چرندڙ پرُندڙ ڪردار سنڌ جي لوڪ ادب مان ئي کنيل آهن. رڳو انهن ڪردارن ۾ انڊلٺي رنگ ڀرڻ وارو پورهيو لطيفي فڪر جو ڪارنامو آهي.

دنيا جا سمورا انساني سماج پنهنجي عوامي اتهاس جي تاريخ مان ڦٽندا ، وڌندا، ويجهندا ۽ فنا ٿيندا آهن. جيئن  وڻ پنهنجي پاڙن مان ريج وٺي اُسري نسري وڏو ڇانورو بڻجي ٿو ۽ زماني جي گردش، مناسب آبياري نه هئڻ ۽ ٻين ڪيترن مادي سببن ڪري پنهنجي ئي پاڙن ۾ ختم ٿيندا آهن.

سنڌ جي لوڪ ادب ۽ لوڪ ثقافت جو سرجڻهار سنڌ جو پورهيت عوام رهيو آهي. سنڌ جي انهيءَ لوڪ ادب ۽ لوڪ ثقافت جو سفر سنڌي ٻوليءَ ذريعي ئي ممڪن ٿيو آهي. ٻولي جا عوامي امنگن، خواهشن، اميدن کي ظاهر ڪري ٿي، جنهن قومي سماج ۾ ٻولي جيتري سگهاري هوندي، اتي جو لوڪ ادب ۽ لوڪ ثقافت به اوتري طاقتور ۽  اثرائتا هوندا آهن. لوڪ ادب  ۽ لوڪ ثقافت جو تعلق ڌرتي ۽ ڌرتي واسين سان هوندو آهي. ڪوبه لوڪ ادب ۽ ثقافت هوا ۾ ڪونه ڦٽندو آهي. هن جون جڙون پاتار ۾ هونديون آهن. پاتار سان هتي مقصد انهيءَ ڌرتيءَ جي معلوم ۽ نامعلوم تاريخ سان آهي، جنهن جو تعلق لوڪ ادب ۽ ثقافت سان هوندو آهي.

دنيا جو هر هڪ قومي سماج هڪ زنده ايڪو (Organic Unit)  هوندو آهي، جنهن جو جياپو  پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي ٻوليءَ کان سواءِ ممڪن نه هوندو آهي. ان ئي ڪري ڪنهن قومي سماج لاءِ اُن جي ڌرتي (وطن) کان پوءِ اُن جي ٻولي ئي سندس خاص اڪيلي قومي سڃاڻپ، هن جو حقيقي روح ۽ گڏيل قومي سوچ هوندي آهي.

اِها ٻولي ئي آهي جا ڪنهن سماج منجهه ايڪو ۽ ٻڌي پيدا ڪرڻ وارو واحد، مستقل ثقافتي جز، مک عنصر، اوزار ۽ وسيلو هوندي آهي. جيڪا سماج جي هر سطح تي وسندڙ سمورن ماڻهن جو پاڻ ۾ رابطي، ڳانڍاپي، گڏيل جياپي جو هيڪلو حيلو ۽ وسيلو پڻ هوندي آهي.

دنيا جي هر هڪ قومي سماج کي يڪ جان ۽ هڪ مٺ بڻائيندڙ انهيءَ ٻوليءَ وسيلي، اهو سماج نه رڳو پنهنجي ثقافت جو ڀرپور اظهار ڪندو آهي، پر اِها ٻولي ئي آهي، جنهن جي ذريعي ڪنهن قومي سماج جي، سموري ثقافتي تاريخ، سرويچي، سورهيائيءَ ۽ اڏول پڻي وارا جنگي داستان، روايتون، ريتون، رسمون، رواج، رهڻي ڪهڻي هنر، سنگيت، ڪلا ۽ جياپي جو ٻيو سمورو ثمر اچي گڏ ٿيندو آهي. اِهو (سمورو ثمر) ئي هوندو آهي، جيڪو گهگهه اوندهه رات ۾ سهائي ۽ سوجهرو پيدا ڪري پنهنجي وجود جي سڃاڻپ ۽ ساڃاهه ڏيڻ سان گڏ پاڻ وسارڻ، لساني ۽ ثقافتي طرح سان پاڻ وڃائڻ ۽ گم ٿيڻ کان بچائيندي، ترقي ۽ بقا کي هٿي ڏيندو آهي.

ٻولي ۽ ثقافت واري انهيءَ گڏيل قومي ثمر ۽ اباڻي موڙيءَ کي قوم جي هر لائق پيڙهي وڃائڻ بدران سانڍيندي، سنڀاليندي ۽ ان جي ڇنڊڇاڻ ڪري، ان کي وڌائيندي، ويجهائيندي سموري سونهن ۽ سوڀيا ساڻ پنهنجي ايندڙ پيڙهيءَ تائين رسائيندي آهي. اِها پيڙهي وري ساڳيءَ ريت اُن کي وڌيڪ اُجاري ۽ سنواري ٻي ايندڙ پيڙهيءَ تائين پهچائيندي آهي، دنيا جا تمام زنده سماج ۽ زنده قومون ان ئي ريت جيئنديون ۽ پنهنجي وجود کي امرتا ڏينديون رهنديون آهن. ڌرتيءَ جي سمورن انساني سماجن جي اوسر ۽ ترقيءَ جو اهو سلسلو ان ريت تاريخ جي شعور واري اک پٽجڻ کان به اڳ جاري هو، جاري آهي ۽ جاري رهندو.

دنيا جي سڀني قومي سماجن لاءِ، وطن، ٻولي،ثقافتي، اقتصادي ۽ حق حاڪميت وارا مفاد، هڪ ٻئي جا مستقل، لازمي ۽ اڻٽٽ انگ هوندا آهن. انهن منجهان ٻوليءَ جي ترقي وطن، قوم، ثقافت، اقتصاديات ۽ ملڪ جي ترقي هوندي آهي، ان ريت انهيءَ خاص سماج جي هر سطح تان ٻوليءَ جو تڙجڻ، اصل ۾ ڌرتي واسين جو ڏتڙجڻ هوندو آهي.

سنڌي ثقافت جو هڪ وڏو تاريخي اتهاس موجود آهي، انهيءَ ثقافتي اتهاس جو تاڃي پيٽو سنڌ جي موجود حدن کان گهڻو ٻاهر تائين به موجود رهيو آهي. سنڌ جي لساني ۽ ثقافتي اثر پذيري هڪ عالمگير حقيقت رهي آهي. ٿورن لفظن ۾ سنڌو سڀيتا پنهنجي مرڪز مان نڪري، سڄي ننڍي کنڊ سان گڏ ايشيا، آفريڪا، وچ اوڀر، ويندي يورپ تائين ڪيترن ئي انساني سماجن تي پنهنجو اثر وڌو. انهيءَ جو ثبوت سنڌي ٻوليءَ جا لفظ آهن، جيڪي دنيا جي ٻين ٻولين ۾ نئين شڪلين ۾ اڄ به زنده آهن ۽ پڻ ٻين سماجن سان انهن واپاري ۽ ثقافتي لاڳاپن جو اثر، سنڌي سڀيتا تي پوڻ، ٻين ٻولين ۽ آرڪيالاجي جي اڀياس مان ثابت ٿئي ٿو.

هزارين ورهين اڳ (1800 ق.م) تائين، سنڌو سڀيتا جي سمورن ماڳن، ڪالي بئنگن ]وڀر پنجاب- هريانه[ هڙاپا ]پنجاب[ موهن جو دڙو ]لاڙڪاڻو[، چانهوءَ جو دڙو ]نواب شاهه[، ڍول ويرا ]ڪڇ[، لوٿل ]گجرات[ مان لڌل ٺڪر جي ٿانوَن تي ٿيل چٽساليءَ وارو فن، ڪلا ۽ ڪلاونت ۾ جا هڪجهڙائپ رکي ٿو، سا انهيءَ قديم سنڌو سڀيتائي مرڪز جي مضبوطي کي ظاهر ڪرڻ سان گڏ اهو به ثابت ڪري ٿي ته قديم سنڌوسڀيتا، پنهنجي فن ۽ ڪلا جي وڏي محافظ ۽ رکوال هئي، انهيءَ مثال مان اِها پڪ ٿئي ٿي ته جنهن سڀيتا پنهنجي ٺڪر جي ٿانوَن جي ڪلا جي ايڏي حفاظت ڪئي، تنهن پنهنجي ٻولي، ريتن ۽ رسمن جي به سارسنڀال به ڪئي هوندي. اڄ سنڌي ٻوليءَ جا لساني رابطا ۽ لاڳاپا دنيا جي تمام قديم ٻولين، قديم ايراني ٻولي، آڳاٽي دراوڙي ٻوليءَ سان ثابت آهن. ڪتاب ”سنڌ جو لوڪ ثقافتي ورثو“ نه رڳو سنڌ جي تاريخ جو مختصر اڀياس آهي، پر هن ڪتاب ۾ سنڌي ٻوليءَ جي انهيءَ قديم لهجي کي پڻ محفوظ ڪيو آهي، جا سنڌ جي سامونڊي ڪناري ۽ ڏاکڻي علائقي ۾ رهندڙ ڪڙمين ۽ ڪاسبين جي عوامي ٻولي آهي. اها ٻولي جا سنڌ جي ڪلاسيڪل ۽ بنيادي شاعريءَ جي پيڙهه آهي، جتان پير صدرالدين شاهه جا گنان، قاضي قاضن جو ڪلام، ميون شاهه عنايت جو ڪلام، شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه ڪلام سرجيو. اها ٻولي انهن سامونڊي ڪنارن کان نڪري دنيا جي انيڪ سماجن تائين پهتي ۽ سڄي دنيا سان نئون تعلق قائم ڪندي اڄ به امر آهي. سنڌ جي انهيءَ لوڪ ادب جو تاڃي پيٽو ”رگ ويد“ جي سوترن منجهه به آهي. ڪنهن سنڌي (رشي) سنڌوءَ کي لفظن ۾ جيڪي ڀيٽا ڏني آهي ، تنهن جو تفصيل ڪاڪي ڀيرومل آڏواڻيءَ ”ڪتاب قديم سنڌ“ ۾ ڏنو آهي.

اي سنڌو:

جڏهن تون ميدانن مان وهين ٿي،

تڏهن بيشمار کاڌو پاڻ سان آڻين ٿي،

تنهنجو پاڻي اُتم آهي.

اي سنڌو!

جيڪڏهن تنهنجي خوبصورتيءَ جي ڀيٽ ڪجي ته

تون نوورني ڪنوار وانگر آهين،

تون سدائين جوان ۽ سدائين سهڻي آهين،

سنڌوءَ جا گڙگاٽ ڌرتيءَ تان اُٿن ٿا،

اُها آسمان ڀريو ڇڏين،

سنڌو نهايت زور سان وَهي ٿي ۽ منهن مڻيادار اٿس،

سندس پاڻيءَ جو آواز اهڙو ٿو ٿئي جو ائين پيو ڀانئجي ڄڻ ته،

مينهن جون اوڙڪون گجگوڙ ڪري پئيون وسن،

اِجها، سنڌو ڍڳيءَ وانگر رنڀندي پيئي اچي.

اي سنڌو!

جيئن سوئا ڳئون کير سان ڀريل اُوهن سان،

پنهنجن ڦرن ڏي ڊوڙن ٿيون،

تيئن ٻيون نديون جدا جدا هنڌان پاڻي کڻي،

تو ڏي رنڀنديون اچن ٿيون“

”رگ ويد“ ۾ جنهن سنڌي رشيءَ هي لفظ چيا آهن، تنهن، جنهن مهل سنڌوءَ جي ڀرتي ڪندڙ ندين کي، سنڌوءَ طرف وهندو ڏٺو آهي، تنهن مهل تشبيهه ئي اور ڪم اندي اٿس. هو چوي ٿو:

۽ اي سنڌو! جيئن ڪو راجا يڌ ڪرڻ لاءِ

نڪرندو آهي ۽ پٺيان لشڪر هوندو اٿس،

تيئن تون به ندين جي اڳيان،

مهندار ٿي هلين ٿي،

۽ ٻيون نديون به پلٽڻيون ڪري،

تنهنجي پٺيان ائين هلن ٿيون، جو ڄڻ ته

ساڳئي رٿ ۾ سوار آهيو.“

* * *

ڪاڪو ڀيرومل اڃا به اڳتي، رگ ويد مان وڌيڪ حوالو ڏيندي لکي ٿو ته:

۽ سنڌو، جا اجيت آهي سا، سڌي وَهي ٿي

سندس ورڻ يا رنگ اڇو ۽ روشن آهي،

۽ هوءَ وڏي ندي آهي. سندس پاڻيءَ ۾،

تک گهڻي آهي، ۽ چئن ئي طرف

ٻوڙ ٻوڙان ڪري ٿي،

جيڪي به چرندڙ شيون آهن سي اهڙيون تيز رفتار نه آهن،

جهڙي هيءَ سنڌو ندي

سڀاڳيءَ سنڌو، جا،

ماکي ڏيندڙ گلن سان سينگاريل آهي.“

* * *

ڪتاب ”سنڌ صدين کان“ ۾ علي اي.جعفري هڪ وڌيڪ حوالو ڏنو آهي، جنهن ۾ ڪنهن سنڌي (رشي / ڪوي) سنڌو ۽ سنڌ جي واکاڻ هنن لفظن ۾ ڪئي آهي.

”اي اَجهل، اَڻموٽ سنڌو،

ٻل واري، سگهاري ”سنڌو“ ڏيهن ۽ ميدانن مان،

اَپار پاڻيءَ جا ڦهلاءَ کڻي،

جرڪندي، ڪڙڪاٽ ڪندي وهندي رهي ٿي،

جهڙي ابلق گهوڙي، سونهاري ۽ سوڀياوان.

(سنڌو) ڀلن گهوڙن ۾ شاهوڪار آهي،

۽ اُهي شاهوڪار رٿن ۽ ويسن وڳن ۾،

سهڻي گهڙيل سون ۾ شاهوڪار، اَڻ مئي مايا جي مالڪ،

هتان جا گاهه نيڻ ٺار

۽ لذت وارو اُنَ، اهڙي جو ويٺو ڏس،

شربت جو ميٺاج نه پڇ.

*  *  *

هيءُ سمورو ويدن جو ڪلاسڪ سنڌ جي لوڪ ادب جي پيڙهه مان ئي سرجيو هوندو. اِهو لوڪ ادب سنڌي عوام کان سرجيو ۽ پوءِ اهو ننڍي کنڊ جي مذهبي اتهاس جو حصو بڻجي ويو، هنن لفظن کي غور سان پڙهجي ته صاف لفظن ۾ درياءَ ۽ ڌرتي جي حب جي پلر واري پالوٽ نظر ايندي، ساڳيو لطيفي فڪر، تمنا ۽ دُعا نظر ايندي.

سائين! سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سڪار،

دُوسَ! مٺا دلدار! عالم سڀ آباد ڪرين.

سنڌو سڀيتا، پنهنجي اوج ۾ هڪ ٻلوان ۽ ڪرشماتي سماج جي حيثيت ۾ زنده رهي آهي. هن جو اهو ڳڻ گهڻ رخو رهيو آهي، هڪ پاسي سنڌ جي پڻي لوڪن جو واپاري وهنوار، وچ اوڀر، آفريڪا ۽ يورپ سان رهيو. ٻئي پاسي انهيءَ سماج جي اُن وقت جي مهندارن جو رابطو ۽ ڳانڍاپو سنڌ جي زرعي سماج ۽ ڀرپاسي جي ڏوٿي ۽ شڪاري سماجن سان به تهائين پختو ۽ مضبوط رهيو. اهي سمورا تعلقات پنهنجي بنياد ۾ واپاري هئڻ سان گڏ ثقافتي به هئا. ڏيتي ليتي واري انهيءَ وهنواري ۽ ڪاروباري لاڳاپن سنڌي ٻولي ۽ ثقافت کي گهڻ رنگو بڻائي ڇڏيو. اڄ جي سنڌي ٻوليءَ جا لاڳاپا دنيا جي مڙني ٻولين سان ثابت آهن. ان ريت سنڌ جو ثقافتي تعلق آريائي ۽ دراوڙي سماجن کان متاثر ۽ کين به متاثر ڪندڙ رهيو آهي.

محترم ولي محمد طاهرزادي پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جو لوڪ ثقافتي ورثو“ جي منڍ ۽ آخر ۾ اهڙي ڪٿا بيان ڪئي آهي. هن جو هيءُ ڪتاب سنڌي لوڪ ادب ۽ ثقافت جي هڪ وڏي سهيڙ آهي.

سنڌي سماج پنهنجي بنياد ۾ زرعي ۽ پڻي سماج هئڻ وارا گڏيل ڳڻ رکي ٿو. آڳاٽي سنڌي سماج ۾ گهوٽ کي تيار ٿيڻ مهل ”هر“ تي ويهاري وهنجاريندا هئا، اهو ساٺ ان ڪري ڪندا هئا، جيئن هو ٻني وارو ۽ پنهنجي جوڳ وارو ٿئي.

شادي جي رسمن ۾ تر مئڻ مهل ڳائل ڳيچ آهي ته:

جيترا تر مئيندي، اوترا پٽ ڄڻيندي

   *  *  *

ڪنوار جي گهر ۾ اچن مهل ڳائل ڳيچ آهي ته:

ڪونج ڪاڏئون آتي ڙي!

ڪونج ولر واري!

ڀيڻن ڀائرن واري.

*  *  *

ٿري لوڪ گيت:

مانرا لال وڻجارا جي، ماني لئي هالو گجرات،

تانتڻ هوئي تو توڙ لون، پريت توڙي ڪم جاءِ

ڪٿڪ وارتا پريم ري، مک سون ڪهي ڪم جاءِ.

*  *  *

لطيف سائين جي هيءَ وائي به وڻجارن جو گيت آهي.

آيل ڪريان ڪيئن، منهنجو نينهن اَپليو رهي،

ويو وڻجارو نڪري، مون کي چاڙهي چيئن،

سامونڊين جي سڱ کي، رُئان راتو ڏينهن.

*  *  *

اهي وڻجارا جيڪي سري لنڪا، جاوا، سماترا، مسقط، بحرين ۽ عراق تائين ويندا هئا.

هڪ ساحلي سنڌي ڳيچ آهي ته:

چيڻا هنب ڇڙيسان

مسقط مان ٻيڙي آئي، جنهن ۾ آيا انب،

آءٌ کايان کلي کلي، توکي ڌيان ڏنڀ

چيڻا هنب ڇڙيسان

ڪراچيءَ جي ساحلي علائقي جي ميربحرن جو گيت آهي ته:

لئي لئي خشان خشان،

ٻڌ لئي خشان خشان.

شادي ٿئي ميلي ۾
ڀت رڌان چيلي ۾

 

لئي لئي خشان خشان،
ٻڌ لئي........

 

زيبل کي ڪڪو کپي،
مومل کي ڇڪو کپي.

 

لئي لئي خشان خشان،
ٻڌ لئي.........

مـيرايو! ميرايو!
گهوٽ گهمي گهر آيو...

 

لئي لئي خشان خشان،

 

ٻڌ لئي.........
سمورن سنڌي لوڪ گيتن ۾ عوامي امنگ آهن پوءِ اهي سنڌ جي ساحل جا هجن يا ٿر جا هجن. سنڌ جي لوڪ ثقافت جا انيڪ رنگ آهي. جنهن جون حدون تمام وسيع آهن. هن ۾ سنڌيءَ جا سمورا لهجا، ٻوليءَ جا رنگ ۽ دؤر شامل آهن.

- هڪ سنڌي پهاڪو آهي ته:

”ڪهڙا ڦاڙها ماريا اٿس.“

هيءَ شڪاري دؤر جي نمائندگي ڪندڙ پهاڪو آهي.

* هڪ ٻيو سنڌي پهاڪو آهي ته:

”ڀاڳ ڏي ڀيڙو ته دال مان سيرو.“

اهو لفظ ”ڀاڳ“ اصل ۾ ڀاڱ/ڀاڱو ”حصو“ آهي، هيءُ لفظ شڪاري دؤر سان تعلق رکي ٿو. انهيءَ زماني ۾ انساني قبيلن جو گذران جو مک ذريعو رڳو شڪار هو، شڪاري قبيلن جي ”نيات“ جي اصولن مطابق سڀ شڪاري پنهنجو پنهنجو ڪيل شڪار، پنهنجي چڱي مڙس وٽ جمع ڪرائيندا هئا، اِهو ”مکي“ سموري گڏ ڪيل شڪار جا ڀاڱا ڪري، سڄي برادري ۾ ورهائيندو هو، جيئن ڪو بکيو نه رهجي وڃي. شڪاري دؤر جي انهيءَ چڱي مڙس کي ”ڀاڱوان“ ڪري ڪوٺيندا هئا، شڪاري دؤر جو اِهو برادريءَ جو پريو مڙس زرعي دؤر ۾ ”ڀڳوان“ ”خدا“  سڏجڻ ۾ آيو.

ان ريت اهو لفظ ڀاڱ، ”ڀاڳ“، ”ڀاگ“ ۾ بدلجي اڄ سڄي ننڍي کنڊ ۾ نصيب جي مفهوم ۾ استعمال ٿئي ٿو.

انهيءَ نموني ڌنارڪي دؤر ۾ جڏهن ماڻهن جهنگلي جانور: اُٺ، ڳئون، مينهن، رڍ ۽ ٻڪري ڌارڻ شروع ڪيا ته وڌيڪ نوان پهاڪا ٻوليءَ منجهه آيا، جهڙوڪ:

”ڌڻ ته ڌڻي نه ته وڪڻ کڻي.“

ڌن دولت، اهو لفظ ”ڌن“ اصل ۾ ڌڻ ئي آهي، انهيءَ زماني ۾ ۽ اڄ به جتي جتي سانگي لوڪ رهن ٿا. اُتي ملڪيت جو ڪاٿو ”ڌڻ“ جي ڳاڻيٽي تي لڳايو وڃي ٿو.

لطيف سائين جي هڪ بيت جي سٽ آهي:

”ٿوري قوت قراريا، رهن سٻر ست.“

اهو لفظ قوت يا ”پيٽ قوت“ ڏوٿي دؤر جي نمائندگي ڪري ٿو، جنهن جي معنيٰ پيٽ گذران ڪرڻ آهي. ان ريت سنڌي سماج پنهنجي جوڙجڪ ۾ گذران جي لحاظ سان گهڻين سطحن تي ورچيل رهيو آهي، هتي ڏوٿي ۽ آهيڙي، زرعي ۽ جديد سماج جا نه رڳو لفظ پر ڪيترن جاين تي اهي سماج اڄ به پنهنجي ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ موجود ۽ چرپر ۾ به آهن.

- سنڌيءَ جون ڪيتريون چوڻيون مڇي مارڻ واري انهيءَ شڪاري سماج جي نمائندگي ڪن ٿيون. جهڙوڪ:

”ٻيڙيءَ تريا“

يا ڪنهن کي پٽ ۽ پاراتو ڏيڻ ته:

”ٻيڙي ٻڏئي!“

سنڌي سماج جون ڪيتريون رسمون ۽ ريتون پنهنجي قدامت ۾ تمام جهونيون آهن:

ننڍن ٻارن کي ننڍ ۾ ڇرڪ پوڻ تي سندن ويهاڻي هيٺان بگهڙ جي کل رکڻ، مڇي مارڻ واري ڄاري، سيرانديءَ کان رکي ”منهن رکيءَ“ جي مٿان وجهڻ وغيره. انهيءَ قديم شڪاري دؤر جو سونسائي ڳالهيون آهن، جيڪي اڄ به سنڌي سماج ۾ موجود آهن ۽ موجود رهنديون.

سنڌي سماج پنهنجي اصل جوهر ۾ پنهنجي سڄي قدامت کي سانڍيندڙ ۽ سنڀاريندڙ رهيو آهي. هن جي قدامت ۽ ڪلاسڪ ۾ گهرو رابطو ۽ رشتو رهيو آهي.

لطيف چيو آهي ته:

گهوڙن هنيون گهڻيون، اٺن هنئي آنءُ،
جا نينهن ڳنهندي نانءُ، سا مون جيئن پوندي مامري.

 

مطلب: ”گهوڙن (وارن)  ته گهڻن )سڄي قوم(  سان هاڃا ڪيا آهن پر مون سان اُٺن )وارن(  ظلم ڪيو آهي.“

هن بيت ۾ سڄي سنڌ جي ويجهڙ واري تاريخ اچي وڃي ٿي، ته گهوڙن تي چڙهي سنڌ تي ڪيتريون ڪاهون ڪيون ويون.

لطيف چيو آهي ته:

سي ڪوهيارا ڪنَ نيا، ماريا جن ٿي مڇ،
گهوڙا! تن گهوٽن جا، پيا رُلن رَڇَ،
پاڻهي مرو مڇ! ويو ماٺُ مرڻ جو.
*
    *        *

جاڳي جان ڏٺائين ته، گهوڙا! گهر نه سپرين.

*    *        *

اِهو لفظ ”گهوڙاڙي گهوڙا!“ اڄ سنڌ ۾ ظلم ۽ هاڃي ٿيڻ تي استعمال ٿئي ٿو.

سنڌ ۾ شاديءَ جي رسم ۾ ڪنوار جي گهر جي چانئٺ تي ڍڪڻي ٽوڙڻ جي رسم ٿيندي آهي. لطيف سائين انهيءَ رسم تي چنيسر جي ڦڏن پيرن بابت چيو آهي ته:

پوچا ڏٺم پير، ڍڪڻ مٿي ڍول جا،
پروڙيم تنهين وير، ته ڪوجهي ڪندو پريتڙي.

 

مطلب: ”گهوٽ (چنيسر) جا پير ڊولائتا نه هئا، ڪنوار (ليلا) ڍڪڻي ٽوڙڻ مهل اهي پير ڏسي سمجهي ورتو ته هن جي محبت به اهڙي ئي )عيب واري)  هوندي.“

ان ريت هن ڪتاب ۾ لکيل ريتون رسمون زماني جي بدلجڻ سان ڀلي بدلجي وڃن، پر هيءَ ڪتاب ”سنڌ جو لوڪ ثقافتي ورثو“ هڪ اهم ثقافتي اڀياس جي ڪتاب طور صدين تائين ياد رکيو ويندو.

هن ڪتاب ۾ ولي محمد طاهر زادي پنهنجي وت ۽ پورهئي آهر اهي سمورا رنگ اُوتڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر اهو ممڪن ئي ڪونهي ته ڪنهن هڪ ڪتاب ۾ هيڏي وسيع سنڌ جا سڀ رنگ اوتجي سگهجن، چاچي محمد خان مجيدي جي چوڻ مطابق:

جوئي آهيان، سوئي سنڌ،
توکي ڳايان، رنگ رچايان،
منهنجو رنگ اهو ئي سنڌ،

هيءُ ڪتاب سنڌ ۽ سنڌي سڀيتا سان سندس پيار جي املهه پورهئي جو ثبوت آهي.

هن ڪتاب جي ٻولي اِهائي آهي جا قاضي قاضن کان شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح جي ڪلام ۾ ڪتب آيل آهي. هيءُ ڪتاب سنڌ جي اُتم شعر واري ٻوليءَ جو لهجو رکڻ جي ڪري به خاص اهميت ۽ جوڳو ڌيان لهڻي ٿو. هن ڪتاب کي لکڻ ۽ سهيڙڻ ۾ محترم ولي محمد طاهرزادي جيڪو پورهيو ڪيو، جو پنهنجي مشاهدي ۽ مطالعي ۾ آيل تمام ضروري ڳالهين، جهڙوڪ: سنڌ جي تاريخ، خاص تاريخي واقعن جا سنڌي ٻولي ۽ ثقافت تي پوندڙ اثر، قدرتي حادثا، جهڙوڪ: ٻوڏون، زلزلا ۽ ان جا سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ ثقافت تي ٿيل اثر، سمورين ثقافتي وٿن، شين جو تاڃي پيٽو ويهي جوڙيو آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي تاريخ، رهڻي ڪهڻي، هنر، ڪلا، سنگت، زيور، ريتون، رسمون، ڪرتون، وندرون ۽ لاڙ جي شاهڪار ٻوليءَ کي استعمال ۾ آندو ويو آهي.

هن ڪتاب جي سوڌ سنوار ۾ مون کي پنهنجي استاد ڊاڪٽر غلام محمد لاکي سان گڏ محترم اعجاز احمد منگي، سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ کان به گاهي ماهي رهنمائي حاصل رهي آهي، ان ريت نئين ترتيب سان هيءُ ڪتاب درست ڪري راس ڪيو ويو آهي.

جوڳيئڙا جهان ۾، نوري ۽ ناري،
ٻري جن ٻاري، آءٌ نه جيئندي اُن ري.

 

               

ڄام شورو، سنڌ                        عبدالحفيظ قريشي

سومر 16- ذوالحج 1427هجري

سومر 8- جنوري 2007ع

 

 

واحد جي واکاڻ:

اول الله عليم، اعليٰ عالم جو ڌڻي،
قادر پنهنجي قدرت سين، قائم آهي قديم،
والي، واحد، وحده، رازق، رب، رحيم،
سو ساراهه سچو ڌڻي، چئي حمد حڪيم،
ڪري پاڻ ڪريم، جوڙون جوڙ جهان جون.

 

منڍ

مها ملڪ سنڌ

(سموترا)

سورهين صدي ق.م، سنڌ جو ملڪ تمام وسيع هو، يعني موجوده حدن کان ٽيڻو - چؤڻو: ويڪرائي ۾، ايران جي هميل نديءَ (جا خراسان جي لڳ آهي) کان راجپوتانا جي قنوج رياست تائين (جنهن ۾ ڪڇ، گجرات، جيسلمير، راجسٿان، پنجاب، افغانستان ۽ بلوچستان اچي ٿي ويا) ۽ ڊگهائيءَ ۾، ڪشمير کان گجرات تائين (جنهن ۾ جوڌپور، جيسلمير، بيڪانير، مارواڙ، جوناڳڙهه، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ شامل هئا.) اهو سارو پرڳڻو سنڌ سڏبو هو.

انهيءَ زماني ۾، سنڌ ملڪ ۾ ڳوٺ، واهڻ، وستيون گهڻيون هيون، پر وڏا شهر ڇڊا پاڊا ۽ بلڪل ٿورڙا هئا، مثلاً: ڪوٽ ڏيجي(1)، هڙپا(2)، واهه(3)، مهن(4)، آمري (5)، ٽئڪسيلا(6) وغيره.

انهيءَ جڳ جي رهاڪن کي، دراوڙ يا ڊرويڊ يا دسيوَ يا پئشاچ چوندا هئا. انهن اصلي رهاڪن جو تاريخن ۾ هڪ بيان هن ريت آيل آهي ته اها سميري يا سامري(1) قوم هئي، جن 257 ق.م، بابل ۽ نينوا تي هزارين ورهيه حڪومت ڪئي هئي. هنن لکپڙهه ڪرڻ لاءِ اکر ٺاهيا هئا، چمڙي رڱڻ، ڪپڙي اُڻڻ، سونا ۽ روپا ڳهڻا (زيور) ٺاهڻ، پوک ۽ کيتي ٻاڙي ڪرڻ ۾ ماهر هئا، هو واهه کوٽائي، کوهه کڻائي آباديون ڪندا هئا. حڪومت هلائڻ لاءِ ڪيترائي قاعدا ۽ قانون ٺاهيا هئائون.

جڏهن سامين ۽ عڪادين بابل ۽ نينوا تي فتح حاصل ڪئي، ته هيءَ قوم مغلوب ٿي عراق جي ڏکڻ ۾ دجله ۽ فرات ندين جي ڪنارن تي پکڙجڻ لڳي، انهن مان ڪي هيٺڀرو وڌي اچي سنڌو نديءَ جي ڪنارن تي ۽ ميدانن تي شهر ٻڌي رهڻ لڳا.

هيءُ ماڻهو سج، چنڊ، تارن، دريائن، مينهن، وڻن ٽڻن جي پوڄا ڪندا هئا. وڏا ويڙهاڪ، نجومي ۽ سائنسدان هئا. سندن سڀيتا، ”سميري سڀيتا“ سڏي ويندي هئي.

هنن وٽ درٻاريون، مارڪا (معرڪا) ڪچهريون، رس رهاڻيون، ڀڳتون، پوڄائون ۽ رنگ روپ هئا، وٽن گائڪ، نائڪ، سگهڙ، ڪلاونت، سچيت ۽ سڄاڻ پڻ هئا. وٽن وندر لاءِ رانديون رونديون پڻ هيون. جيئن ته ڪندروءَ (پاڻيءَ اندر ٽٻي هڻي جهلڻ) يا ڏاهي، ڏاڪ چميءَ (ڊوڙي وڻن تي چڙهي کانچائڻ) ونجهه وٽي، ٽاپونءَ، سيڙهه کينهوڙي وغيره جهڙيون ڊوڙڻ ڊڪڻ جون رانديون هيون ۽ ويٺي جون چنر، چوپڙ، نوٽڻي ۽ شطرنج جهڙيون رانديون سندن ئي ايجاد ڪيل هيون.

سنڌ جي ثقافت تي اثر وجهندڙ واقعات:

سر جي تان سور، ساماڻي، تان سک ويا،
اهي ٻيئي پور، نماڻيءَ نصيب ٿيا.

 (لطيف رحه)

سنڌ جي سڀيتا تي انهن واقعن جو اثر هلندو پئي آيو آهي: (1) زلزلا، (2) ڌارين جون ڪاهون، ۽ جنگيون، (3) ڏڪار ۽ بيماريون، (4) علم و ادب ساهتيه، (5) آزاديءَ جا علمبردار، (6) درياءَ سنڌ جون ڦيريون گهيريون، (7) درياءَ جون اٿلون ۽ ٻوڏون، (8) ملڪ جو طبعي ڏيک ۽ (9) متفرقات.

زلزلا:

سورن سانڍياس، پورن پالي آهيان.

سکن جي سيد چئي، پکي نه پياس،
جيڪس آءٌ  هياس، گري گوندر ول جي.

 

(لطيف رحه)

جڏهن جڏهن ڌرتيءَ جا ڌوڏا، ڀونڪئنپ ۽ زلزلا پي ٿيا آهن، تڏهن کان سنڌ ديس جي طبعي بيهڪ بدلجندي پي رهي آهي. انهن زلزلن جي ڪري درياءَ توڙي سمنڊ پنهنجيون جايون ڦيرائيندا ۽ اڳيون حدون ڇڏيندا پي رهيا آهن. مثال طور: چوٿين صدي عيسويءَ ۾، ڪڇ ملڪ ۾ ڌوڏو آيو ته سمنڊ ڏکڻ - اڀرندي طرف چار سؤ ميل هٽي ويو. ڪڇ وارو علائقو ان دور ۾ سنڌ ديس سان شامل هو.

سن 1200ع ۾ ٻيو زلزلو آيو، ته سمنڊ ٽي سؤ ميل ٻيا به، ريتي ۽ رائو ڇڏي اڳڀرو هليو ويو ۽ ڪل ست سؤ ميل پهرينءَ جاءِ کان پري هٽي بيٺو. انهيءَ ڇڏيل رڻ پٽ کي اڄ اسان، ڪڇ جي رڻ واري نالي سان ياد ڪريون ٿا.

سن 787ع ۾، گهارو درياءَ، زلزلي سبب سڪي ويو جنهن جي ڀر  تي ڀنڀور جو شهر اڏيل هو، جنهن کي باربرائبڪ يا بن بهار چوندا هئا ۽ سندس اوج جي ساراهه ٻڌي، سڪندر اعظم جهڙو ماڻهو به منجهس اچي سهڙيو هو. ٻه صديون ق .م، دنيا جي عظيم شهرن سان بر ميچي رهيو هو، سو برباد ٿي ويو. تباهه به اهڙو ٿيو جو سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ڀنڀر ڀينگ ڪيئين، يعني ڀنڀور واري ڀينگ يا سڃ ٿي ويئي.

سن 846ع ۾، الور يا اروڙ(1)  جو شهر به ڀڙڀانگ ٿي ويو. هيءُ شهر دَلوراءُ سومري جي گاديءَ جو هنڌ هو. پوءِ واري مخالف تاريخ دانن دلوراءُ کي هڪ عياش، ظالم ۽ نفس پرست حاڪم ڪري لکيو هو، ته هو هڪڙي سوداگر نالي سيف الملوڪ جي زال بديع الجمال جي سونهن جي ساراهه ٻڌي موهت ٿي پيو ۽ ان کي زوري پنهنجي قبضي ۾ آڻڻ لاءِ سوداگر کي مجبور ڪرڻ لڳو. هن کان سوداگر ٽن ڏينهن جي مهلت گهري. دلوراءُ مٿس زبردست پهرو بيهاريو. سوداگر، ٽي راتيون ۽ ٽي ڏينهن الله تعاليٰ کي ٻاڏايو. ٻي ڏينهن طوفان لڳڻ شروع ٿيو ۽ رات جو ڌرتيءَ ڌوڏو کاڌو، درياءُ پنهنجو رخ مٽائي الور کي الوداع ڪري ٻي پاسي وهڻ لڳو، سوداگر جا ٻيڙا وهڪري ۾ اتان نڪري ويا ۽ الور کنڊرَ بنجي ويو.(1)

سن 950ع ۾، ٻانڀڻاهه / برهمڻ آباد(2)  جو شهر، ڌرتي ڌٻڻ شرط دٻجي ويو. هيءُ شهر همير سومري جي گاديءَ  جو هنڌ هو. هن بابت مختلف تاريخ لکندڙ لکيو ته هيءُ هڪ وڏو زاني ۽ ظالم حاڪم هو. هن جي ئي ڏينهن ۾ مومل ۽ مينڌرو وارو عشقيه داستان مشهور ٿيو هو.

سن 712ع مطابق سن 93هه کان پوءِ، ديبل بندر،(3) جنهن ۾ صبح شام راجا ڏاهر جي حڪومت جي نوبت پئي وڄندي هئي ۽ سنڌ جو جهونو بندرگاهه هو. (سرنديپ /سري لنڪا جي راجا جون موڪليل سوغاتون /سوکڙيون، جي راجا، دوستي ڳنڍڻ لاءِ خليفي وليد بن عبدالمالڪ ڏانهن غورابن ۾ روانيون ڪيون هيون، سي درياهي چورن /قزاقن ڦري لٽي آڻي هت لڪايون هيون، تنهن به عربن جي حملي جي سٽ نه سهي ۽ هميشه لاءِ پنهنجي شڪل مٽائي ڇڏي.

سن 1025ع مطابق سن 283هه ۾ منصوره جو شهر، جيڪو محمد بن قاسم جي پٽ، برهمڻ آباد جي سامهون جيڪو درياءَ جي ٻيءَ ڀر ِ تي نئون شهر ٺهرايو هو، سو به زلزلن جي سٽ سهي نه سگهيو ۽ زمين دوز ٿي ويو.

سن 1552ع ۾ ٺٽي جو، لاهري بندر به ڌوڏن جي نذر ٿي ويو.

سن 1725ع ۾، ڌرتيءَ تي وڏو ڌماڪو ٿيو، ان ۾ ڪيترا واهڻ ۽ ڳوٺ ميسارجي ويا، ان کان سواءِ شاهه بندر، اورنگابندر، وستي بندرن جا وسلا ئي ويڙهجي ويا.

سن  1729ع ۾ کڙڪ بندر، جو ڪراچي بندر جي وجود ۾ نه اچڻ سبب، حب نديءَ جي ڇوڙ تي واپار لاءِ مکيه بندر هو ۽ هتي مشهور سيٺ نائونمل جا وڏا رهندا هئا، سو به جوتي جوت سمايو.(1)

سن 1751ع ۾ اهڙو زبردست ڌوڏو آيو جو لوهاڻو درياءُ جنهن جي ڪنڌيءَ تي نصرپور(2) جو مشهور شهر هو، درياءُ، سورهن ميل اڀرندو طرف ڇڏي، حيدرآباد کان چار ميل الهندي طرف وهڻ لڳو.

سن 1819ع ۾، رڻ ڪڇ ۾ جيڪي ڌٻڻيون هيو ن، سي به زلزلي جي سٽ نه ساري، سڪي ويون.

سن 1844ع ۾، وڪر ۽ گذاري بندر به غرق ٿي ويا.

ڌارين جون ڪاهون ۽ جنگيون:

اڳي ايئن هياس، جو  پنهونءَ ڌوتم ڪپڙا،
هاڻي ايئن ٿياس، جيئن جتَ نه نيم پاڻ سين!

(لطيف رحه)

چوڻي آهي ته جڏهن ڪڏهن سنڌڙي توکي قنڌارئون جوکو قنڌار لفظ کي گهڻا ماڻهو قلات وارو قنڌار سمجهن ٿا، ڇاڪاڻ ته ان کي بولان لڪ يا بولان دڙو ويجهو هو ۽ ڪاهه ڪندڙ، هندستان تي خيبر لڪ کان ۽ سنڌ تي بولان لڪ کان ايندا هئا. پر ائين ناهي، قنڌار معنيٰ ٿلهي متاري ڪنڌ وارو ماڻهو يعني پهلوان. تنهنڪري چئبو ته سنڌ ديس تي هميشه مغز ڦريل ماڻهن جلهون پئي ڪيون آهن.

هلندي هوتَ پنهونءَ ڏي، کهجن ڪي کوٽيوُن،
پهڻُ تنين پٽُ ٿئي، جي لاءِ لالنَ لُوٺيون،
سڀ سهيليون سڪَ کي، چنجهون ۽ چوٺيئون،
ٻانڀڻ ٿي ٻوٽيون، ته ڪتا کينس ڪيچ جا.
                                   (لطيف
رحه)

ايراني:

سنڌ ديس تي جن ڌارين سڀ کان پهرين ڪاهون ڪيون، تن ۾ ايراني اڳڀرا هئا. ايران جي بادشاهه دارا 518 ق.م پنهنجي اميرالبحر سيلوڪس جي چوڻ تي حملو ڪيو. سيلوڪس ڪابل ندي وسيلي سنڌوءَ جي گس کان واقف ٿيو هو. تي ڪاهه ڪئي، ان کان پوءِ ڪوروش ڪبير 550 سال ق.م سنڌ ملڪ فتح ڪري ان کي ايران سان ملائي ڇڏيو، پر ان جي بادشاهه يزدگرد جي پٽ جي شادي ٿي، ته سنڌ جو ملڪ ان کي ڏيج ۾ ڏنو ويو(1) .

سن 18-519 کان 450 ق.م ۾ ايران جي هخامنشي خاندان جي حڪومت سنڌ تي به قائم رهي.

سڪندر اعظم:

سڪندر 325 ق.م ۾ سنڌ تي حملو ڪيو. انهن ڏينهن ۾، پنجاب ملڪ ۾ راجا پورس، الور ۾ راجا موسڪيناس، سيوهڻ ۾، راجا سامبس ۽ پٽيالا ۾ راجا موريس راڄ ڪندا هئا.

سڪندر جڏهن سيوهڻ ۾ اچي پنج - ڇهه مهينا رهيو، ته انهيءَ وچ ۾ هلي وڃي ڀنڀور جو شهر ڏٺائين. سيوهڻ ۾ يادگار طور هڪ قلعي جا بنياد ڀرايائين پوءِ جلد ئي ملڪ وڃڻ جو ارادو ڪيائين ۽ سمنڊ رستي پنهنجي ملڪ ڏانهن روانو ٿي ويو، پر پنهنجي سپهه سالار نيارڪس کي حڪم ڪيائين، ته انتظام رکڻ کان پوءِ هو باقي لشڪر سميت، ٻيڙين رستي درياءُ اُڪري سمنڊ وٽ پهچي. پوءِ هو وطن ڏانهن روانو ٿيو، پر بابل ۾ مري ويو.

آريائي قومون:

آرين جا ٽي قبيلا ان زماني ۾ پکڙيل هئا. هڪڙا ايراني، ٻيا باختري يا بختي ۽ ٽيان هندي.

چوڏهن سؤ وريهه ق.م ۾، آريائي نسل سنڌونديءَ ۽ گنگا نديءَ جي ڪنارن ۽ دوآبي وارن ميدانن ۾ پکڙجڻ لڳا، جيڪي پويان ٿي آيا، تن اڳين کي جنگيون ڪري ڌڪي اڳڀرو ٿي ڪڍيو. تنهڪري هي ماڻهو هندستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچي ويا ۽ اهڙيءَ طرح سنڌ ديس ۾ به پهتا.

موريا گهراڻو:

سڪندر يونانيءَ جي موت جو ٻڌي، 301 ق.م، بهار جي موريه گهراڻي وارن سنڌ تي چڙهائي ڪئي، سڀني کان پهرين ڪڇ کي فتح ڪيو بعد ۾ سڄي سنڌ مان هڪ هڪ ڪري يونانين کي تڙي ڪڍيو. انهن جي ڏينهن ۾ سنڌ ديس ۾ ٻڌ ڌرم پکڙجڻ لڳو ۽ پالي ٻوليءَ جو اثر وڌڻ لڳو. هنن جو حاڪم سمراٽ چندرگپت موريا هو.

يوناني باختري گهراڻو:

سن 184 ق.م ۾ مورين تي باختري آرين هلان ڪئي ۽ کانئن سنڌ وٺي پنهنجي هٿ ڪيائون. هنن جو راجا جئدرٿ هو، جنهن جي راڻيءَ جو نالو دهسلا هو، جا راجا ڌرت راشٽر جي ڌيءَ ڪورَوَن منجهان هئي. هن جي شاديءَ تي، ٽيهه هزار برهمڻ سنڌ کي ڏاج ۾ مليا. جڏهن ٽي صديون ق.م، هستناپور جي تخت لاءِ، ڪرکيتر ۾ پانڊون ۽ ڪوروَن جي پاڻ ۾ لڙائي لڳي، (جي ٻئي هڪٻئي جا سؤٽ هئا)، تڏهن سنڌ جي راجا هڪ لک لشڪر، ڪوروَن جي مدد ۾ موڪليو ۽ گجرات جي راجا ڪرشنا ڏيڍ لک لشڪر، پانڊون جي همراهيءَ لاءِ روانو ڪيو. ان لڙائي ۾ پانڊون کٽيو ۽ ڪورون هارايو.

سٿين گهراڻو:

سن 70 ورهيه ق.م، سٿين / ساڪ لوڪن سنڌ تي حملو ڪيو ۽ سنڌ کي فتح ڪري، پنهنجو ديرو ڄمايو. هنن پهرين صدي عيسويءَ ۾ سنڌ ديس جو نالو ڦيرائي ”انڊوسٿا“ سڏيو. هنن جو اولاد، جاٽ، جت، گجر ۽ راجپوت آهن، ”جيڪي ڏکڻ سنڌ جي مالوند/ڌنار لوڪن جو گڏيل نسل آهي.(1) جي اڄ تائين سنڌ ۾ موجود آهن ۽ انهن پاڻ کي پرمار راجپوت سڏايو. پاڻ ٻڌ ڌرم جا پوڄاري هئا.

پارٿين گهراڻو:

سن 46ع ۾ سٿين کان پوءِ پارٿين لوڪ سنڌ تي ڪاهي آيا، جن سٿين تي گهڻيون ڪاهون ڪيون، پر ڪڏهن سٿين جي هار ته پارٿين جي جيت، ڪڏهن وري پارٿين جي سوڀ ته سٿين پؤڻائي ٿي پئي. هنن جي وچ ۾ اٽڪل اڌ صدي ويڙهه هلندي رهي.

ڪشن خاندان:

ڪشن خاندان جي حاڪمن سن 65ع ۾ سنڌ کي فتح ڪيو، ٽالميءَ جي لکڻيءَ مان پتو پوي ٿو ته سن 65ع کان 175ع تائين سنڌ تي ڪشن خاندان حڪمران رهيو.

انهيءَ دوران سنڌ تي هن لوڪن حملو ڪيو. ٻڌمت وارن تي هن گهراڻي وارن جلهه ڪري، انهن جو زور ڀڃي ڇڏيو ۽ پاڻ تخت جا ڌڻي ٿي ويٺا.(1)

ساساني گهراڻو:

ايران جي ساساني خاندان سن 176ع ۾ سنڌ تي قبضو ڪيو. پر ٿورڙي عرصي ۾ سنڌ جي گهڻن ڀاڱن تي هتي جي اصلوڪن ماڻهن جون حڪومتون قائم ٿي ويون. جڏهن ته ساساني حڪمرانن جو اهو نالي ماتر سياسي غلبو سن 365ع، تائين هليو. انهيءَ سڄي دور ۾ سنڌ جي مڪاني حڪومت ساسانين جي ڏن ڀرو رهي.

وهليڪا گهراڻو:

سنڌ، سن 367ع ڌاري پوريءَ ريت خودمختياري حاصل ڪري ورتي. ان دور ۾ چندر گپت ٻئي، ڪڇ، ڪاٺياواڙ، گجرات ۾ ساڪ لوڪن جي حڪومتن کي ختم ڪيو پر سنڌ کي ڪڏهن به فتح نه ڪري سگهيو. وهيلڪا خاندان جو راج اٽڪل 470ع تائين رهيو. اٽڪل 500ع ۾ سنڌ جي راءِ گهراڻي ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ گجرات کي سنڌو سلطنت ۾ شامل ڪري ورتو.(2)


(1)  ڪوٽ ڏيجي، هيءُ شهر ناري درياءَ (جو سنڌونديءَ جي هڪ ڇاڙهه (ڪونه) هو نارو پاڻ هڪ الڳ درياءَ هو، جنهن کي واهندو ساگر يا هاڪڙو چيو ويندو آهي.) تي راءُ ڏيواجي ٻڌايو هو، جو هن يا هؤن گهراڻي جو پهريون راجا ٿي گذريو هو. اهو شهر ان جي نالي ٻڌايل ۽ آباد ٿيل هو، شهر کي چوڌاري عالم پناهه ديوار ٺهيل هئي. ان ڪري شهر کي ڪوٽ ڏيواجي ڪوٺيندا هئا، پوءِ نالو بدلجي ڪوٽ ڏيجي ٿي ويو آهي. (ليکڪ)

(2)  هڙاپا جو اصلي نالو هرديه رُوپيا هو. (ليکڪ)

(3 واهه، لفظ جي معنيٰ وڏو شهر آهي، مثلاً ويرا واهه يعني ويري جو شهر، ٻانڀڻ واهه يعني ٻانڀڻاهه واهڻ، ننڍي ڳوٺ کي چئبو هو، جو واهه جو تصغيرو آهي. (ليکڪ)

(4)   مهن يا مهڻ جي معنيٰ رتائتو ٿيڻ آهي. هيءُ اهو شهر آهي جنهن کي مين (مهاڻن) موهن يا مهن يا موئن جو دڙو ڪوٺيو ٿو وڃي. هن شهر تي رات پيٽ ۾ زلزلو آيو ۽ سنڌو درياءَ اٿل کائي شهر ٻوڙي ڇڏيو ۽ درياءُ به اتان رخ بدلائي ٻئي پاسي وهڻ لڳو. ماڻهو رات وچ ۾ انڌا ڌنڌ ڀڄڻ لڳا. ڪي پاڻيءَ ٻوڙيا ڪي ڀتين هيٺان دٻجي مري ويا ۽ ڪن ڀڄي جان بچائي. انهن باقي بچيلن ڏکڻ طرف ڀڄي اچي هڪڙو نئون شهر ٻڌو جنهن کي نالو ڏنائون سه واهڻ بد واهڻ معنيٰ ڇوٽڪاري جو هنڌ، جنهن کي اڄڪلهه سيوهڻ چيو ٿو وڃي. غرق ٿيل شهر کي انهن ماڻهن خود نالو ڏنو هو واهه مهڻ يعني رت رئاريندڙ شهر. (ليکڪ)

(5)  آمري، هيءُ شهر، سميرين يا سامرين پنهنجي ڏاهي ۽ هوشيار حاڪم حمورابي ڇهين جي نالي تي (جو وڏو قانوندان ۽ هردلعزيز هو) ٻڌي آباد ڪيو هو. هن جو نالو ڪثرت استعمال کان حمورابيءَ مان بدلجي فقط آمري وڃي رهيو آهي. (ليکڪ)

(6)  ٽئڪسيلا، هن جو نالو ٺاڪرشالا هو. (ليکڪ)

(1)  ڪي چون ٿا ته: سميري يا سامري سڀيتا، سامي تهذيب کان گهڻو پراڻي آهي. سامي، حضرت نوح عليه السلام  جي پٽ سام جو اولاد آهن ۽ سميري يا سامري، حضرت موسيٰ عليه السلام جي نون (9) قبيلن مان هڪ قبيلو آهي. سامري لفظ جي معنيٰ آهي اڳرائي يا اڳواڻي ڪندڙ. حضرت موسيٰ عليه السلام جي قوم مان هن قبيلي کي الله تعاليٰ برقي طاقت تي دسترس ڏني. هنن کوجنا (ريسرچ) ڪري برقي وهڪرو ۽ (ڪرنٽ) پنهنجي قبضي ۾ آندو. پوءِ هنن هڪ مشين (جنريٽر) ٺاهي جا چئن ٽنگن تي بيٺل هئي ۽ ان کي گابو ٿي ڪوٺيائون. ان جي ٻن تارن (وائرن) کي جڏهن پاڻ ۾ ٿي ڳنڍيائون ته ان مشين مان هارن جهڙو آواز (هوبهو اڄڪلهه جي ريلوي ڊيزل انجن جي آواز جهڙو) ٿي نڪتو. ان کي گابي جي رنڀ ڪوٺيائون. سامري قوم جي سائنسدان هئڻ جو ذِڪر قرآن مجيد ۾ به ملي ٿو. (ليکڪ)

(1)  الور کي، اروڙ، اَلر، اليدر، لوهڙ، روهڙ نالن سان به سڏيو ويو آهي. (ليکڪ)

(1)  ڪتاب سنڌ جو مهراڻ (از: راورٽي) ۾ لکيل آهي سيف الملوڪ نالي سوداگر درياءَ تي بند ٻڌائي ان جو رخ تبديل ڪرايو. (نظرثاني ڪندڙ)

(2)  ٻانڀڻا = ٻانڀڻ + واهه/ٻانڀڻ جو شهر  برهمڻ آباد جو اصلي نالو ايراني بادشاهه بهمن آباد رکيو.

(3)  ديبل يا ديول، هن بندر کي سڀ کان اول، راجا ڏاهر جي نوبت وڄڻ ڪري ڏاهر - ڀيڙ سڏيندا هئا، پوءِ لفظ بدلجي ڏيڀر ٿيو. عربن کي اهو تلفظ نه آيو، تن هن کي دبيل ۽ ديول لکيو. (ليکڪ).

(1)  هن جي تباه ٿيڻ کان پوءِ ترت ئي ڪراچيءَ کي بندر بنايو ويو. (ليکڪ)

(2)  نصرپور جو شهر، سن 989ع ۾، نصير مهاڻي، لهاڻي درياءَ جي ڪنٺي تي (اڄ به اُتي ئي آهي) ٻڌايو هو، منجهس ست هزار ڪپڙي اُڻڻ جا آڏاڻا ۽ ايڪويهه هزار رڳو ڪوري رهندا هئا، ٻين ڪاسبي ماڻهن جو ته ليکو ئي ناهي. هتي جا کيس، سوسيون، اڳٺ، ململ، بافتو، کاڌي، تسر، قناويز تمام مشهور اُڻت هئي ۽ ڪاشيءَ  جو ڪم به ديسان ديس مشهور هو. سن 1653ع ۾، ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ هن شهر مان لکين رپين جو رڳو بافتو خريد ڪيو هو. هي شهر مرزا شاهه حسن جي حڪومت جي زماني ۾ سنڌ جو ڄڻ ته گاديءَ جو هنڌ هو. ڇو ته شاهه حسن پنهنجو گهڻو وقت اتي گذاريندو هو. (نظرثاني ڪندڙ)

(1)  ايرانين پنهنجن بادشاهن جي يادگيري قائم رکڻ جي لاءِ منڇر ڍنڍ جو نالو منوچهري) ۽ ميرپورخاص لڳ ٻڌايل شهر جو نالو ڪيڪائوس رکيو هو، جنهن کي هاڻي ڪائو جو دڙو) سڏيو وڃي ٿو ۽ رني ڪوٽ جو نالو ايراني ڪوٽ) رکيائون. (ليکڪ)

(1)  نظر ثاني ڪندڙ پاران اضافو آهي. (ادارو)

(1)  نظر ثاني ڪندڙ پاران اضافو آهي. (ادارو)

(2)  ايضاً.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org